سر در جي مٿان قرآن شريف جي سورت 67 جي 1 ۽ 11 آيتن جي ڪتابت
ٿيل هڪ پٽي آهي، جنهن تي ڪاريگر جي صحيح به ٽڪ ٿيل
نظر اچي ٿي، پر اها ايترو ته کاڄي ختم ٿي وئي آهي،
جو ڪنهن به ريت ڪاتب جو نالو پڙهڻ ۾ نٿو اچي. قرآن
شريف جي آيتن جي اُڪير نسخ خط ۾ ڪيل آهي، جيڪا به
گهڻو تڻو کاڄي وئي آهي.
ڄاڻايل ڇٽي، قبر مٿان ٿلهي تي ۽ پٿر مان جوڙيل اڏيل آهي. ان قبر
واري پٿر جي ڏاکڻي حصي جي ماپ
1'x1'-3''،
(پليٽ نمبر
V)
۽ جنهن تي ڪا تاريخي لکت اُڪيريل آهي. مٿاڇرو
نـَـون خانن ۾، زنجير جهڙي چٽساليءَ جي پٽي سان
ورڇيو ويو آهي. ڪنڊن تي گلاب جي گلن جي تصوير
اُڪيريل آهي ۽ نسخ جي خط ۾ فارسي زبان استعمال ڪئي
وئي آهي، لکت جو ترجمو هن طرح آهي: ”خدا جو رحمت
ڪيل ۽ بخشيل انسان، جنهن سخي بادشاهه جو تحفظ حاصل
ڪيو. بديع الزمان ولد شاهه رخ خان، وفات سال
1011هه مطابق 03-1602ع“.
تاريخ واري لکت اها ڳالهه ٻڌائي ٿي، ته ڄاڻايل ڇٽي جي تعمير
بديع الزمان ولد شاهه رخ خان جي ياد ۾ ٺهرائي وئي
هئي، جنهن سنه 1011 هه ۾ وفات ڪئي.
اسان کي معلوم آهي، ته پکيءَ ۽ نانگ جي تصوير واري چٽسالي،
اولهه ايشيا جي ملڪن ۾ قديم زماني کان وٺي عام
رواج هيٺ رهي آهي. اهي سنڌوءَ ۽ ايلم جي ماٿرين جي
تهذيبن جي ٺڪر جي ٿانون ۽ پٿرن تي به ملن ٿيون.
هڙاپا مان لڌل نيم سفيد پٿرن تي ڪنهن اناڙي
سنگتراش جي اُڪيريل هڪ تصوير آهي، جنهن ۾ هڪ عقاب
پنهنجي پرن تي، همدردي واري سڀاءَ ۾، ٻن نانگن کي
کنيو اڏامندي، ڏيکاريو ويو آهي. مصر جي تهذيب ۾
هورس جي پرن واري گول ٿالهي ڏيکاري وئي آهي13.
وينسنڪ
(Wensink)
بابل ۽ آشوري تهذيبن جي ذريعن مان اهو يقيني طور
تي ثابت ڪيو آهي، ته پکيءَ ۽ نانگ واري تصويري
اُڪير ۾ جيڪا جدوجهد جي جهلڪ نظر اچي ٿي، سا هن
دنيا اندر “سج جي پکيءَ” جي فتح جي علامت آهي14.
ڪيلر
(Keller)
وري اهو ثابت ڪيو آهي ته اها علامت ايراني مذهب جي
تصور لاءِ بنيادي اهميت رکي ٿي. زرتشت جي مذهب جو
بنياد روشنيءَ ۽ اونداهيءَ جي خدائن جي وچ ۾
ٽڪراءَ تي آهي. آهورا مزدا جي علامت عقاب آهي ۽
اهرمن، جيڪو برائين جو خدا آهي، تنهن جي علامت
اجگر آهي15.
ادبي ذريعا ٻڌائن ٿا، ته هندستاني ادب ۾، قديم زماني کان وٺي ڪي
حوالا موجود آهن، جيڪي هڪ عقاب جهڙي پکيءَ گارودا
(Garuda)
۽ ناگا
(Naga)
جي وچ ۾ دشمنيءَ تي روشني وجهن ٿا. گارودا، وشنو
ديوتا جي سواري آهي. اسان اهو به ڏٺو آهي، ته
گنڌارا جي فن ۾ گارودا ۽ ناگا ان دور جي ماڻهن جو
هڪ دل گهريو موضوع رهيو آهي. اهڙي قسم جي ڪهاڻين ۾
انسان جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿو. ٻڌ مذهب جي پکڙجڻ
سان گارودا ۽ ناگا وارو تصور به چوطرف پکڙجي ويو ۽
اهو چين ۽ جپان تائين وڃي پهتو. انهيءَ تصويري اثر
کي اسان انڊونيشيا ۽ فلپائين جي ٻيٽن تي به ڏسون
ٿا. اتر ڏانهن چيني ترڪستان ۾ ستينءَ ۽ نائين صدي
عيسويءَ ۾ پاڻيءَ ۽ رنگ واريءَ چترڪاري ۾ پکيءَ ۽
نانگ جي تصوير پڻ نظر اچي ٿي.
هندستان جي اساسي فن
(Classical Art) ۾ گارودا تيز چهنب وارو عقاب جيان هڪ پکي هوندو آهي ۽ اسان
گارودا کي مور پکيءَ جي صورت ۾ ڪٿي شايد مشڪل سان
ئي ڏٺو هجي. مور پکيءَ جي اصليت جو اشلوڪن ۾ ذڪر
آهي ته جڏهن اِندر ديوتا گجگوڙ ڪئي، ته گارودا
پکيءَ جي کنڀن مان هڪ کنڀ ڇڻي پيو، جنهن مان مور
پکي پيدا ٿيو16. پنج تنتر ۾ مور ۽ نانگ جي وچ ۾
دشمني ڏاڍو دلچسپ موضوع آهي.
ٽيراڪوٽا پلاڪ
(Terracotta Plaque) کي پهاڙپور مان ٺڪر جي پڪل آرائشي ڦرهي ملي آهي، جنهن ۾ پڻ
گارودا جي تصوير آهي. ان تصويري چترڪاريءَ ۾ مور
جا کنڀ پوئتي کنڊڙيل آهن. پهاڙ پور مان ملندڙ
تصويري چترڪاري ۾ مور ۽ نانگ جي ويڙهه وارا چتر
عام جام مـِـلن ٿا.17
اسلام کان اڳ واري ترڪستان اندر، ٻڌ چٽسالي طرز جي چترڪاريءَ ۾،
شڪاري پکيءَ جي چترڪاريءَ ۾، پکيءَ پنهنجي چنبن ۾
نانگ کي کڻي ويندي18 ڏيکاريو ويو آهي. اسلام کان
اڳ واري ترڪستان19 ۾ به اها ساڳي روايت برقرار رکي
وئي. عثماني خلافت واري دور جي ڪتابن ۾ آدم ۽ حوا
جي شيطاني جذبن تي ضابطي رکڻ لاءِ مور يا عقاب کي
پهريدار جي شڪل ۾ نانگ مٿان تـَـڪَ ۽ تاڙ واري
صورت ۾ پڌرو ڪيو ويو آهي 19.
قديم آثارن وارن کي عطا بيگ بدر الدين لـُـولـُـو جي مقبري تي
اجگر جون تصويرون مليون آهن. اهو مقبرو هن پنهنجي
لاءِ موصل ۾ تعمير ڪرايو هو. اهڙيءَ ريت ايران جي
صفوي خاندان جي مقبرن تي سونهن ۽ سنجٽ جي نقطئه
نگاهه کان ڪاشيءَ جي سرن تي پکين ۽ اجگرن جون
تصويرون چٽيون ويون آهن20. هاڻي تازو ڪئٿرينا اوٽو
ڊورن
(Catharina otto-Dorn)
کي وچ ايشيا جي ترڪ مقبرن جي پٿرن تي جانورن جون
اُڪيريل تصويرون مليون آهن. نانگ ۽ مور پکيءَ واري
ساڳي چٽيل طرز به اتي کيس قبرن جي پٿرن تي اُڪيريل
ڏسڻ ۾ آئي، جيڪا هن پنهنجي هڪ مقالي ۾ به ڄاڻائي
آهي. سلجوقي گهراڻي جي حڪمرانيءَ واري ڏينهن ۾
مسلمانن جي مقبرن تي پکين جا چتر چٽڻ جو عام رواج
هوندو هو. اها هڪ مشهور لوڪ پڌر ڳالهه آهي، ته
ٻارهين صدي عيسويءَ ۾ سلجوقي دور، ساساني ۽ اسلام
کان اڳ واري دور جون تصويري طرزون ورجايون ويون
هيون، جن ۾ ساهوارن جون تصويرون چٽيون نظر اينديون
هيون.
پکيءَ کي چنبن ۾ نانگ کي کڻي ويندو ڏيکارڻ، ٻڌ فني مڪتب جي
چترڪاري طرز کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه به نه آهي.
چترڪاريءَ جي اها ساڳي طرز، وچ ايشيا، ترڪستان ۽
صفوي دور جي ايران ۾ ڏسجي ٿي، جنهن وچ ايشيا جي
وچئين دور چترڪاريءَ واري فني مڪتب کي تمام گهڻو
متاثر ڪيو آهي. چترڪاريءَ جو اهو نمونو مختلف دورن
۾ مختلف ملڪن ۾ موجود رهيو آهي، تنهن ڪري سندس
اصليت برقرار رهي ڪانه سگهي آهي.
چترڪاري
نفيس چترڪاريءَ
(Miniature Painting) وارو فن هن ننڍي کنڊ ۾ مغل حڪمرانن اڪبر ۽ جهانگير جي آزاد
سرپرستي جي ڪري وڌي ويجهي وڃي پنهنجي اوج تي
پهتو.* مغلن جي زوال کان پوءِ هن فن سان لاڳاپيل
ڪيترن ئي علاقائي مڪتبن ترقي ڪئي، جن ۾ ڪنگارا،
راجپوت ۽ دکني چترڪاري وارا مڪتب وڌيڪ مشهور رهيا
آهن. چترڪاريءَ جي ڏس ۾ اهي سڀئي مڪتب فڪر مغل فني
روايتن جي آڌار تي قائم هئا. پوءِ هوريان هوريان
انهن نمائشي فن جي وڏي دولت هٿ ڪري ورتي هئي. سنڌ
مان اڄ تائين اسان کي شروعاتي دور سان لاڳاپيل
چترڪاريءَ جو فن هٿ ڪونه لڳو هو. پر هاڻي تازو
مرحوم ادريس صديقيءَ کي تصويرن سان سينگاريل ”سيف
الملوڪ ۽ بديع الجمال“ جو قصو برٽش ميوزم ۾ ڏسڻ ۾
آيو آهي.** اها تصويرن سان سينگاريل ڪتاب جي ڪاپي
نستعليق ڪتابت ۾ لکيـل آهـي، جنهن جا ڪل 109 پنا
آهن، جـن جي ماپ
¾
x
¾
9
¾آهي
تصويرن جو ڪل تعداد 65 آهي، جن مان ڪي مٿي، ڪي وچ
تي، ته ڪي وري پني جي هيٺئين پاسي کان آهن. انهن
مان ڪابه شڪل سڄو صفحو ڪانه ٿي والاري. اهو ڪتاب
محمد وارث نالي ماڻهوءَ 4 شوال 1190 هه مطابق 1
-آڪٽوبر 1775ع تي لکي، ٺٽي شهر ۾ پورو ڪيو. هر باب
جا عنوان ڳاڙهي مس سان لکيل آهن. هر پني جي چوڌاري
حاشيي تي ٻه ڳاڙهيون ۽ ٽي ڪاريون ليڪون نڪتل آهن ۽
اهي پيلي رنگ جي ٿـُـلهي ليڪ سان بند ڪن ٿيون. خوش
قسمتيءَ جي ڳالهه اها آهي، ته ڪتاب جي قلمي نسخي
جو پهريون صفحو بچي ويو آهي، جنهن تي تاريخ لکيل
آهي ۽ اهو به ٻڌايو ويو آهي، ته ڪلهوڙي شهزادي جي
لاءِ نقل ڪيو ويو هو. اهي نفيس طرز جون تصويرون
(Miniatures Painting) پنهنجي همعصر چترڪاريءَ واري فن کان ڪيترين بي مثال خوبين جي
ڪري نمايان آهن. انهن جو ٺاهه
(Composition)
تمام سادو ۽ رنگن جي ملاوت به ڪا تمام عاليشان
ناهي، جيڪي به اڏاوتن جون تصويرون ڏيکاريون ويون
آهن، سي گهاٽي ڀوري ۽ اڇي رنگ ۾ آهن. ٻيون خاصيتون
هي اٿس: گول ٺلهه ۽ ٻن ملندڙ ونگن جي شڪل صورت
بيڪانير، جئپور ۽ جوڌپور جي چترڪاريءَ سان
هڪجهڙائي رکي ٿي. ان نفيس چترڪاري
(Miniature Painting)
۾، جن ڪاٺ جي جهروڪن کي چٽيو ويو آهي، سي ان دور
جي21 ٺٽي جي رهائشي گهرن سان مشابهت رکن ٿا.
انهن چترن ۾ سنڌ جون خوبيون ۽ خاصيتون هي آهن، ته مردن جون
شڪليون هوب هو سنڌ جي زميندارن جهڙيون آهن، مهانڊا
خوبصورت، مضبوط بدن ۽ کين خاص قسم جا ڪپڙا پاتل
آهن، سندن منهن پاسيرو ۽ چوٿون حصو لڪل واري طرز
تي ڏيکاريو ويو آهي. چترڪاريءَ ۾ جيڪي ڪپڙن جا رنگ
۽ نمونا ڏيکاريا ويا آهن، سي به سنڌ سان ئي لاڳاپو
رکن ٿا. پٽڪو به خاص سنڌي نموني جو آهي، جيڪو اجرڪ
يا لنگي جو آهي. سندن وارن جو نمونو، سنڌي وصفن
وارو آهي. ساڳيءَ ريت عورتن جون صورتون به اهي
ساڳيون آهن، جيئن برٽن بيان ڪيون آهن. گهـُـرو
نوڪرياڻين جو سڄو خاڪو نڪتل آهي، کين جيڪي لٽا
ڪپڙا پاتل آهن، سي به هوب هو سنڌين وارا آهن. پکي
۽ جانور روايتي آهن. سڀني خوبين ۽ خاصيتن کي گڏي
سڏي انهن چترن کي ڏسبو، ته هر هڪ چترڪاريءَ جو
ڄاڻو ۽ عالم هڪدم محسوس ڪندو ۽ هن نتيجي تي
پهچندو، ته سنڌي چترڪاريءَ جو به هڪ قديم مڪتب هو،
جيڪو راجپوت ۽ دکني چترڪاري واري مڪتبن جو همعصر
هو، چترڪاريءَ جي انهيءَ مڪتب جي جـُـدا ۽
”نمائنده سڃاڻپ“ هئي. ڪو ماڻهو هن نتيجي سان اتفاق
ڪري يا اختلاف رکي، پر تصويرن سان قلمي ڪتاب جي
موجودگي هڪ وڏو ثبوت آهي، ته ٺٽو ڪنهن زماني ۾
ڪتابن لکڻ ۽ چترڪاريءَ جو هڪ وڏو مرڪز هو. سڀئي
چتر ڌيان سان جاچي ڏسبا، ته انهن ۾ مختلف هٿ پڻ
ڏسڻ ۾ ايندا.
ڪاشيءَ جي سجاوٽ
ٺٽي جي جڳهن ۾ جيڪي سرون استعمال ڪيون ويون آهن، سي ڪمال جي
ڪاريگريءَ جي ورثي جو عڪس آهن. گهاٽي ڪارِي رنگ
جون سرون، جن کي مٿاڇري تي استعمال ڪيو ويو آهي،
سي چيڪي مٽيءَ مان جوڙيون ويون آهن سندن ڪنارا
بلڪل صاف ۽ لسا آهن. “جيڪڏهن انهن کي وڄائبو، ته
ڌاتوءَ وانگي وڄنديون ۽ جيڪڏهن ڀڄنديون، ته شيشي
جيان صاف ڀڄي پونديون”. اهي ڪاريگر جيڪي هن روايتي
فن ۾ هوشيار هوندا هئا، تن کي جڳهن جو مٿاڇرو
سينگارڻ واسطي رکيو ويندو هو. ٺٽي ۾ ڪاشيءَ جي سرن
کي ڪتب آڻڻ جو وڌ ۾ وڌ ۽ آڳاٽو مثال پندرهينءَ صدي
عيسويءَ سان لاڳاپيل آهي.
ميناڪاري ٿيل سرون مقبري جي اندرئين پاسي وارين ڀتين جي مٿاڇري
تي هنيون ويون آهن، تن کي وڏيءَ نفاست سان لهريدار
نموني سان ڪتب آندو ويو آهي، جيڪي مٿان کان وٺي
تري تائين پيون چلڪنديون ۽ تجلا ڏينديون. اهڙو
وڻندڙ ڪم ڄام فتح خان جي ڀيڻ جي مقبري تي، سلطان
ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي جي دور ۾ ڪيو ويو هو.
ان زماني ۾ اهڙي قسم جو هنر، تعميراتي آرائشي ڪم
لاءِ اهم هوندو هو.
ٺٽي جون جايون ان ڳالهه ۾ شهرت رکن ٿيون، ته انهن ۾ ڪاشيءَ جي
سرن جو استعمال تمام گهڻو ٿيل آهي. خاص طور تي
ڀتين جي هيٺين پاسن، خانن، ونگن ۽ انهن جي جوڙن ۾
اهڙيون خوبصورت سرون ڪتب آنديون ويون آهن.
ٺٽي جي ڪاشيءَ جي سرن ۾ عام طور تي ٻه رنگ سفيد ۽ نيرو آهن.
نيري رنگ ۾ گهاٽو واڱڻائي ۽ هلڪو سائو رنگ به آهي.
ٻئي رنگ ڏاڍا چمڪدار آهن. انهن جي ڏسڻ سان
گهرائيءَ ۽ بي انتها خوبصورتيءَ جو احساس ٿئي ٿو.
نيري رنگ کي وڌيڪ چهري رکڻ لاءِ ڦـِـڪي رنگ جي سرن
جو به استعمال ڪيو ويو آهي.
گهڻو ڪري سرون چورس ۽ چوڪنڊيون آهن. اهڙين جاين تي جتي ٻن ونگن
جا جوڙ آهن، اُتي ڪاشيءَ جي سرن جي استعمال جو هڪ
ئي نمونو استعمال ڪيو ويو آهي، جيڪو ڪيترن چورس
والن ۾ ٿيندو. انهن سرن کي ڪيترن ئي اليڪي شڪلين ۽
ماپن ۾ ڪٽي ۽ ڪيترا گڏيل نمونا تيار ڪيا ويا آهن.
هڪ چورس فوٽ ۾ ٻيگهڙ طريقو اختيار ڪيو ويو آهي.
اهڙيءَ طرح ڪيترن ئي ماپن، نمونن ۽ رنگن واري
ڪاشيءَ جي سرن کي ملائي هڪ جدا طرز تيار ڪئي وئي
آهي، جنهن تي نظر وجهڻ سان ائين معلوم ٿيندو، ڄڻ
اهو گهڻن قسمن جي ننڍڙين سرن جو ٺهيل آهي. اهڙي
قسم جي سرن کي ملائڻ جي ڪم ۾ تحمل، ڏاهپ ۽ محنت جي
ضرورت هوندي آهي ۽ اهڙين سرن جو تعداد به ڳچ سارو
هوندو.
مڪليءَ تي سلطان ابراهيم (شرفا خان) ۽ مرزا جاني بيگ جا مقبرا
ڏاڍا خوبصورت ۽ رنگين چٽساليءَ جو منظر پيش ڪن ٿا.
انهن تي گهاٽي نيري رنگ ۽ عام پڪل ڳاڙهيءَ سر کي
واري واري سان ڪتب آڻي، سنڌي ڪاريگريءَ جو بي مثال
نمونو پيش ڪيو ويو آهي.
ٺٽي ۾ جيڪا تمام مشهور سرن مان جوڙيل جڳهه آهي، سا ”شاهه جهاني
مسجد“ (1644ع - 1647ع) آهي، جنهن کي جامع مسجد به
چيو ويندو آهي. هن جي موڪرين ڀتين جي اڏاوت جي وچ
تي ويڪرو اڱڻ آهي، جنهن جي ماپ
169'x97'
ٿيندي. نماز پڙهڻ لاءِ اولهه ۾ هال آهي، هوب هو
اهڙو هال اوڀر پاسي به آهي ۽ اهي ٻئي وڏن قبن سان
ڍڪيل آهن. هن مسجد جي اڏاوت ۾ ڪاشيءَ جي سرن جو
اهڙو، ته ڀلو ۽ نفيس ڪم ٿيل آهي، جنهن جو مثال هند
- پاڪ ننڍي کنڊ ۾ ملڻ مشڪل آهي ۽ خاص طور تي مکيه
ڪمرا، ته انهن سرن سان پوريءَ ريت ڍڪيا ويا آهن
(پليٽ
VIII)،
ان جا قبا به ننڍڙيون سفيد ۽ نيريون سرون هڻي ڏاڍا
خوبصورت بنايا ويا آهن.
پٿر جي اُڪير
ٺٽي ۾ پٿر جي اُڪير جو وڌ ۾ وڌ آڳاٽو قسم پندرهين صدي عيسويءَ
۾ ملي ٿو. ان ڪم جي شروعات شيخ حماد جماليءَ جي
مقبري ٺهڻ سان ٿي ۽ اها اڏاوت ڄام تغلق ڪرائي هئي.
پٿر جي اُڪير جي اها روايت اوڻهوين صدي عيسويءَ
تائين برقرار رهي. ٺٽي جو وسيع قبرستان ڇهه چورس
ميل جي ايراضي والاري ٿو. ان ۾پنج لک قبرون آهن،
جن تي پٿر استعمال ٿيل آهي. پٿر جي ساري اُڪير
وارو ڪم نرم ڀوري پٿر تي ٿيل آهي، جيڪو جنگ شاهيءَ
جي ٽڪرين مان ملي ٿو. پٿرن کي گسائي ۽ لسو ڪري، ان
کي ڪا خاص شڪل صورت سادن اوزارن جهڙوڪ: هٿوڙي،
سـُـنبي ۽ ٽنڪي
(Tanki)
جي استعمال سان ڏني ويندي هئي. وڌيڪ لسي ڪرڻ لاءِ
ڇيڻيءَ کان ڪم ورتو ويندو هو. بيهڪ شڪل ۽ صورت
لاءِ به ڇيڻيءَ کي ڪتب آندو ويندو هو. ڪو ڪاريگر
ئي ان پٿر کي خاص طرز ۽ نمونو ڏيندو هو. اهي
نمونا ۽ طرزون، هٿوڙو ۽ مختلف قسم جي ماپن جون
ڇيڻيون ڪتب آڻي بڻايون وينديون هيون.
ٺٽي ۾ مڪلي ٽڪريءَ تي هزارن مقبرن جي مختلف حصن جي پٿرن تي
قرآني آيتن جي نفيس اُڪير ۽ گل ڪاريءَ جي ٽـُـڪ
ڪيل آهي، جيڪي ظاهر ظهور ۽ کليا رکيل آهن، انهن
کان سواءِ اتي اُڪير جي مختلف طرزن جو ڪم ٿيل پٿر
جي داٻڙين ۽ يڪي جانڊالن مان جوڙايل مشهور مقبرا
به آهن. ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي جو مقبرو،
جيڪو سن 1508ع ۾ تعمير ٿيو هو، سو به پٿر جي اُڪير
۽ ٽـُـڪ جو هڪ اهڙو مثال آهي. هيءَ هڪ چورس اڏاوت
آهي. ان ۾ ٻاهرئين پاسي کان جيڪا خاص خوبي نظر اچي
ٿي، سو محراب جو پٺيون ڇڄو آهي، جنهن جي مٿان
محرابي جهروڪا بيٺل آهن ۽ ٺلهن تي به ڏاڍي نفاست
سان اُڪير ۽ چٽسالي ٿيل آهي، سخارن تي به ڏاڍي
خوبصورت ٽڪ ٿيل ڏسڻ ۾ ايندي. ان سان گڏ خانن ۾
آرائشي نفاست، سونهن ۽ سنجٽ موجود آهي. تفصيل سان
اهي چٽساليءَ جا نمونا وڏيءَ اهميت جوڳا آهن، جنهن
۾ گجراتي ۽ سنڌي فن جو اعليٰ ميلاپ ڏسبو. اندرئين
پاسي، آرائشي نقش و نگار هڪ ٻئي سان گڏيل وچڙيل ۽
گل ڪار قسم جي آهي. هن مقبري جي آرائشي طرز ۾ سڄي
۽ اڌ ڪنول گلن جي اُڪير ٿيل آهي، خانا ونگن تي
جڙيل آهن، منجهن سورج مکيءَ جي گل جي ٽـُـڪ به نظر
ايندي. قرآني آيتن جي اُڪيريل پٽيءَ سان گڏوگڏ هنج
پکين جي طرز جي اُڪيريل هڪ پٽي به آهي.
ٺٽي جي مغل گورنر مرزا عيسيٰ خان ترخان
II
جو مقبرو، ٺٽي اندر وڌ ۾ وڌ وسيع ۽ اوچو مقبرو
آهي. جاندار تصويرن جي لحاظ کان هيءَ به پراڻي
اسلامي اڏاوتي طرز واري عمارت آهي. هن جڳهه جي قبي
جو ڪمرو چورس آهي ۽ ان تي اُڪير جو ڪم قبي جي مٿي
تائين ٿيل آهي. ان جي چوڌاري ٻه ماڙ ورانڊو آهي.
مٿيون حصو قبن جي هڪ سلسلي سان ڍڪيل آهي. مکيه
جاءِ جو حصو ۽ وانگاڙي واريون ڀتيون نفيس ۽ نازڪ
گل ول جي نقش نگاريءَ واري ٽـُـڪَ وارن چٽن سان
جنجهيون پيون آهن. آرائش ۽ خوبصورتيءَ لاءِ خاص
طور ماکيءَ جي ماناري جهڙي اُڪير ۽ گڏوچڙ طرز جهڙو
خوبصورت نمونو ڪتب آندو ويو آهي.
ٻي اهم ۽ خوبصورت جڳهه مرزا جان بابا جو مقبرو آهي، جيڪو سن
1608ع ۾ ٺهي تيار ٿيو. مرزا عيسيٰ
I
۽ مرزا باقي بيگ جا مقبرا ڄاڻايل مقبري کان اڳ جا
آهن. اها جاءِ هڪ ننڍڙو مستطيل آهي، جنهن جي مٿان
ٽي قبا جوڙيا ويا آهن. مٿاڇرو گل ول واري طرز سان
اُڪيريل آهي ۽ ڏسڻ ۾ ائين ايندو، ته ڄڻ گل ول
وارو پورو ريشمي ڪپڙو کليو پيو آهي، (پليٽ
IX).
سڄو ماحول ائين محسوس پيو ٿيندو، ته ڄڻ ڪاشيءَ جي
سرن جي ڪم کي، پٿر جي چٽساليءَ ۾ بدلايو ويو آهي،
فنڪار جو برش سنگتراش جو هٿوڙو ۽ ڇيڻي بڻجي ويو
آهي. سوا ستيڪا، سورج مکي، ليڪ دار نمونا ۽ گل ول
۽ پن ول جون طرزون، هن سنجٽي نموني جا خاص موضوع
آهن.
ٺٽو ڪنهن زماني ۾ سوٽي ڪپڙي جي صنعت جو مرڪز هو. شالون لنگيون ۽
نفيس سوٽي ڪپڙو ڪليڪو
(Calico)
ٺٽي ۾ جڙندو هو، انهيءَ سامان جي سڄي دنيا ۾ تمام
گهڻي گهرج هوندي هئي. يورپ جي سيلانين ٺٽي جي
ڪورين جي ڪاريگريءَ کي تمام گهڻو ساراهيو آهي، ته
هو مغل دور ۾ ڏاڍا هوشيار ۽ محنتي انسان هئا. هن
شهر ۾ پنج هزار اهڙا آڏاڻا هئا، جن ۾ فقط شالون ۽
لنگيون تيار ٿينديون هيون. ڏيساوري ڪپڙي اچڻ کان
پوءِ به هٿرادو ڪپڙي جي آڏاڻن جا پير ڄميل هئا. اڄ
به سنڌ جو تيار ٿيل خاص ۽ بهترين ڪپڙو رنگ، نفاست
۽ طرز ۾ پنهنجي اصليت ۽ روايت کي برقرار رکيو ٿو
اچي.
ٻڪريءَ جي ليلن جي ڏاس مان ننڍڙن غاليچن سان گڏ هيٺ پٽ تي وڇائڻ
لاءِ فراسيون پڻ ٺٽي ۾ جـُـڙنديون هيون. بهترين
غاليچا، جن ۾ رڍن جي اُن،
* اٺ جي
مـِـلـِـس ۽ ڪپهه ملائي اُڻي تيار ڪندا هئا،
سي به ڏاڍا سهڻا هوندا هئا، اهي اڄ به ڳوٺن ۾ ٺٽي
جي ڀرپاسي بلوچن جون عورتون جوڙينديون آهن. ٻيا
ننڍا هنر، وينجهارڪو، سونارڪو، لوهارڪو ڌنڌو، ڪي
ٻيا اهڙا هنر به هوندا هئا، جن کان اسان هن وقت بي
خبر آهيون، ڇاڪاڻ ته هاڻ انهن جو ڪو نانءُ نشان
نه رهيو آهي. هن ڏس ۾ اهڙي ڄاڻ جيڪر ملي پوي ته هن
علائقي جي وسريل ورثي کي ظاهر ڪرڻ ۾ وڏي مددگار
ثابت ٿيندي.
|