سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: ٺٽي جا ڪاتب

باب: 3

صفحو :7

 

باب ٽيون

ڪاتبن جو شهر

اسلامي تهذيب ۾ عربي لکت وڏو ۽ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. اها اسلام ۽ قرآن جي پيغام کي اڳتي وڌائڻ ويجهائڻ جو هڪ وسيلو پڻ رهي آهي. اسلام جي شروع واري دور کان وٺي ان کي خوبصورت بنائڻ جي شعوري ڪوشش ڪئي وئي هئي. ٻيو خليفو حضرت عمر بن خطابرضه قرآن جي چٽي ۽ ٿلهي لکائي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو هو ۽ هن پوءِ سنهي لکائي ڪرڻ جي منع ڪري ڇڏي هئي1. ڏسڻ ۾ اهو اچي ٿو، ته مسلمان ڪاتبن، هن فن ۾ وڏي دلچسپي ڏيکاري هئي. هن ڏس ۾ خاص قسم جي ادب جي تخليق ڪئي وئي هئي ۽ هر خوشخط فنڪار پنهنجون سموريون صلاحيتون اکرن لکڻ جي فن جي طرز کي تڪميل تي پهچائڻ لاءِ ڪتب آنديون. هن ڳالهه ۾ ڪنهن به شڪ ۽ شبهي جي ڪابه گنجائش ڪانه آهي، ته چترڪاريءَ جي فن پارن کي جيئن مغرب جي بادشاهن گڏ ڪري رکيو، تئين مشرق جي بادشاهن به اعليٰ ۽ معياري ڪاتبن جي خطاطيءَ کي ساهه سان سانڍي رکيو.

هوريان هوريان خوشنويسي اسلامي معاشري جو اهم جز بڻجي وئي. ان جي هنرمنديءَ ۽ فنڪاراڻي ڳڻن واري لکت، ماڻهن ۾ ايتري شهرت حاصل ڪئي جو الف - ب جا اکر شاعراڻي تصور جا مکيه جزا بڻجي ويا.

شاعريءَ ۾ پنهنجي محبوب جي خوبصورتي ۽ چهري جا خدوخال اکرن جي شڪلين سان ڀيٽائجڻ ۾ آيا. ”الف“ جي شڪل محبوب جي جسماني صورت سان تشبيهه ۾ استعمال ٿيڻ لڳي. محبوب جي وارن جي تشبيهه، جيڪي ٻنهي لؤندڙين وٽ گـُـهنڊي هڻي بيهندا آهن، تن کي ”ق“ سان تشبيهه ڏني وئي. سندس چنڊ جهڙي منهن کي نون “ن” اکر سان مشابهه ڪيو ويو. ”لا“ ۽ ”الف“ جي ملائي لکڻ کي محبوب جي وصل جي علامت سمجهيو ويو2.

"مان خواب ۾ توکي ڀاڪر پائيندي ڏٺو،

جيئن ڪاتب جو لام ڀاڪر ڀري ٿو الف کي.*

اسلامي ثقافت ۾ اهڙي قسم جي لکتن ڪهڙي طريقي سان فنڪاراڻي صورت اختيار ڪئي، سو اڄ تائين هڪ کليل سوال آهي. عربي صورتخطيءَ کان اڳ ۾ استعمال ٿيندڙ نبطين (Nabatean) صورت خطيءَ ۾ ڪا به خوبصورتي ڪا نه هئي. اسلام کان اڳ ۾ لکيل عربي دستاويز اهڙي خط ۾ لکيل آهن، جن کي ڪڏهن به خوبصورت چئي ڪو نه ٿو سگهجي. حقيقت اها به آهي، ته سامي نسل جي زمانن جي لکت ۾ مجموعي طور تي فنڪاراڻي ڳڻن ۽ خوبين هجڻ جي شاهدي تمام گهٽ ملي ٿي. يوناني زبان جي لکت ۾، جنهن سان مسلمان، اسلام جي شروعاتي دور ۾ شام واري خطي ۾ واقف ٿيا، تنهن ۾ اهڙي ڪا خوبصورتي نه هئي. مسلمانن جي خطاطيءَ تي، ماني فرقي(Manichaean)  جي ڪتابت جو اثر سمجهڻ حقيقت کان ٻاهر آهي. هن ڳالهه ۾ به ڪي عالم ڌوڪو کائي ويا ۽ خطاطيءَ جي فنڪاراڻي ترقيءَ کي اسلام ۾ ساهوارن جي تصوير چٽڻ جي منع سان منسوب ڪيائون، اها ڳالهه وري به اعتبار جوڳي ڪانه آهي، ڇاڪاڻ، ته يهودين هن فن ۾ ڪو به ڪمال حاصل ڪونه ڪيو. ڇاڪاڻ، ته يهودي مذهب ۾ جاندارن جي تصوير ڪڍڻ تي ساڳي مذهبي پابندي آهي. خير، اسلامي خطاطيءَ جي فن ۾ مذهب ۽ ڪـَـلا جو خوش اسلوب ميلاپ آهي ۽ خطاطيءَ جي آرائشي ڏس ۾ فنڪاراڻي طرز جي استعمال کي آفاقي حيثيت حاصل آهي.

عربي رسم الخط ۾ اهڙي ته ڇڪ ۽ ڪشش آهي، مرشيا (Mercia) جي عيسائي بادشاهه (757ع - 796ع) مسلمانن جي مذهبي رواج مطابق پنهنجن سڪن تي ڪوفي اکر لکرايا هئا3.آراڪان (برما) جي ٻـُـڌ راجا جي سڪن تي به عربي رسم الخط ۾ ڪي لفظ لکرايا هئا. نارمن جي بادشاهه راجر II (King Rajar II) سسليءَ جي صدر مقام پالرمو (Palermo) ۾ پئلا ٽينا (Palatina) نالي هڪ گرجا تعمير ڪرائي هئي، جنهن جي اندرئين پاسي کي سينگارڻ واسطي ڪوفي رسم الخط ۾ ڪي تحريرون لکرايون هيون. 4 تازو هاڻي يورپ مان به ڪي نادر شيون هٿ لڳيون آهن، جن مان معلوم ٿيو آهي، ته جرمنيءَ، فرانس ۽ اٽليءَ جي قرون وسطيٰ جي دور سان لاڳاپيل گهڻيون شيون عربي خطاطيءَ سان لاڳاپو رکن ٿيون. نه رڳو اهو پر روم جي گرجا جو مقدس ڪپڙو، جيڪو رومي حڪمرانن کي تاج پوشيءَ مهل اوڍايو ويندو هو، سو به عربيءَ ۾ لکيل هوندو هو، جنهن جي اڻت واري وقت ڏيکارڻ لاءِ اسلامي تاريخ لکي ويندي هئي. قسطنطنيه جا عيسائي به عربي خطاطيءَ کي تمام گهڻو پسند ڪندا هئا، ايتري قدر جو سندن خانقاهن جي دروازن تي رکيل زيارتي شين کي ڍڪڻ لاءِ جيڪي شيون يا ڪپڙو وغيره ڪتب آندو ويندو هو، تن تي به عربي رسم الخط ۾ ڪي تحريرون نظر اينديون هيون. خليفي مامون عباسيءَ وٽ الاحوال نالي هڪ ڪاتب هوندو هو، سندس ڪتابت ڏاڍي سهڻي هوندي هئي. چيو وڃي ٿو، ته عيسائي خانقاهن ۾ زيارتي شيون ان جي هٿ اکر تحريرن سان ڍڪيون وينديون هيون5. اهو پڻ چيو ويندو آهي ته خليفي المعتمد جي ڏينهن ۾ (256هه - 279هه/ 870ع - 892ع) بازنطيني شهنشاهه ڏانهن هڪ خط لکيو ويو هو، جنهن اهو خط ڏسي چيو هو ته:

”مان عربن وٽ هن کان وڌيڪ سهڻي شيءِ ڪون ڏٺي آهي. مان هن کان وڌيڪ ڪنهن ٻيءَ شيءِ ۾ ساڻن حسد ڪو نه ٿو ڪريان.“ جيتوڻيڪ هو موڪليل خط پڙهي به ڪونه ٿي سگهيو. پر ان لکت جي اکرن ۾ جيڪا مناسبت، شڪل صورت واري خوبصورتي، وٿي، اکرن جي ڊيگهه ٿولهه ۽ يڪسانيت هئي6، تنهن کيس ڏاڍو متاثر ڪيو ۽ اها لکت هن کي ڏاڍي سهڻي لڳي هئي.

عربي ڪتابت جي مختلف نمونن جي ترقيءَ جي ڪهاڻي ۽ استاد ڪاتبن جي ماهراڻي قابليت وارو حصو پتي هڪ تمام دلچسپ ۽ تاريخي ڳالهه آهي.

ڪجهه عالم وري هن خيال جا آهن، ته خوشخطيءَ جا ٻيا سمورا نمونا به ڪوفي خط تان ورتل آهن. هيءَ ڳالهه به ڌيان ۾ رکڻ جوڳي آهي، ته هن کان اڳ اڻويهين صدي عيسويءَ جي شروع ۾ سائل ويسٽري ڊي سئڪي (Sylvestre De Sacy) چڱيءَ ريت واضح ڪري ٻڌايو هو، ته ائين سمجهڻ بلڪل بي بنياد آهي. ڪوفي خط کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي خط هوندا هئا. قديم عربي خط، جنهن کي ڪوفي خط طور سڃاتو ويندو آهي، تنهن کي گهٽ ڪنڊائتو لکيو ويندو هو7. قديم دستاويزن، مقبرن ۽ ٻين جڳهن تي لکيل ڪتبن مان اها ڳالهه ثابت ٿئي ٿي، ته عربي خط پنهنجي ڌار خوبين ۽ وصفن ڪري ڪوفي خط کان نرالو آهي ۽ هن سان ڪوبه لاڳاپو ڪونه ٿو رکي. توڙي جو اهو اٺين صدي عيسويءَ سان لاڳاپيل هجڻ جي ڪري. نظر ائين اچي ٿو، ته اهو نسخ خط جي بلڪل ويجهو هو. هن حقيقت ان روايتي اصول واري خيال کي بلڪل لوڏي ڇڏيو آهي، ته ابن مقله ڇهن قسمن جي خط: ثلث، نسخ، ريحان، محقق، طوقي، ۽ رقاع جو مؤجد هو8.

ان هوندي به اسلام جي شروعاتي صدين ۾ خط ڪوفي طرز جي ڪنڊائين خط ترقي ڪئي. ان خط کي ڪوفي ان ڪري سڏيو ويو، جو هن خط، شهر ڪوفي منجهان ترقي حاصل ڪئي، جيڪو عراق اندر اسلامي ثقافت جو پهريون وڏو شهر هو. 9 ڪوفي خط ۾ مختلف زمانن ۾ ڪيتريون ئي فني تبديليون آيون. ڪوفي خط جي سادي شڪل پهرين ۽ ٻي صديءَ هجريءَ ۾ ترقي ڪئي. ٽين صديءَ هجريءَ ۾، هن خط ۾ گل ٻوٽي جو لاڙو آيو ۽ پوءِ آهستي آهستي ڪيترائي آرائشي فني نمونا وجود ۾ آيا، جنهن جي نتيجي ۾ ست مختلف نمونن جا خط نڪري نروار ٿيا.

1. ڪوفي خوش (Kufic with elaborate apieces)

2. ڪوفي گلزار (Floral Kufic)

3. ڪوفي ريحان (Foliated Kufic)

4. ڪوفي چلييا (Plaited Kufic)

5. ڪوفي حاشيي دار (Bordered or Interlaced Kufic)

6. ڪوفي ديوار (Architectural Kufic)

7. ڪوفي چؤڪـُـنڊي (Rectangle Kufic)

 پوءِ انهيءَ خط ايتري ترقي ڪئي، جو يادگارن جي ڪتبن ۾ استعمال ٿيڻ لڳو10. ان کان اٽڪل هڪ صديءَ کان پوءِ نسخ خط وجود ۾ آيو، جنهن کي جلد بازيءَ ۾ لکڻ ڪري شڪسته (Cursive) جي نالي سان پڻ سڏيو ويو ۽ جنهن پاڻ ۾ يادگار وصفون پيدا ڪري ورتيون. مسلمان ڪاتبن جي فنڪاراڻي دانشمندي شڪسته نسخ خط کي ترقي وٺرائڻ ۾ ناڪام ڪانه وئي ۽ ان جي نتيجي ۾ ريحان، محقق، طوقي، رقاع، ثلث ۽ طغرا خطاطي جي نمونن ترقي ڪئي. طغرا خط عثماني ترڪن جي شهنشاهيءَ ۾ وڏو عروج حاصل ڪيو، جن کي هن خط جو استعمال سلجوقين وٽان ورثي ۾ مليو هو. ڪي عالم طغرا کي طغريءَ لفظ سان ملائين ٿا، جيڪو اوغذ ترڪ قبيلي يعني عثماني ترڪن جي ابن ڏاڏن جو علامتي  پکي هو. 11 دولتِ عثمانيه جا حڪمران جڏهن ڪو فرمان جاري ڪندا هئا، ته فرمان جي عنوان جي شروعات ۾ هڪ خوبصورت آرائشي دائرو ڪڍندا هئا، جنهن کي ”طغرا“ ڪري سڏيو ويندو هو. ڪاتبن مختلف قسمن جا آرائشي طغرا جوڙيا هئا. چوڏهين ۽ پندرهين صدي عيسويءَ ۾ طغرا خطاطيءَ جو نمونو مسلمانن بنگال ۾ ڏاڍو مقبول ڪيو. ان جي جاءِ تي هڪ نئين طرز جوڙي وئي، جنهن ۾ ”تير ۽ ڪمان“ يا “ٻيڙيءَ ۽ ونجهه” جون وصفون چٽيل هيون.12 مغرب جي مسلمانن ۾ هڪ ٻئي قسم جي خط مقبوليت حاصل ڪئي، جنهن کي ”مغربيه“ سڏيو ويندو هو. اهو نسخ ڪتابت کان بلڪل مختلف ۽ اُڀيريءَ طرز جو هو. اهو فقط اسپين ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن تائين محدود هو. اڄ ان کي طرابلس کان مراقش تائين ڪتب آندو وڃي ٿو.

تيرهين صدي عيسويءَ ڌاران ايران ۾ قلمي ڪتاب لکڻ لاءِ شڪسته خط مان ”تعليق“ ڪتابت جو قسم وجود ۾ آيو. هن ڪتابت جي خوبي اها آهي، ته هيءُ اُڀو گهٽ آهي، ان ڪري هن ۾ دائري ڪڍڻ بدران اُريب (diagonals) ڪڍي روانيءَ سان لکي سگهبو آهي. ڪتابت جي فن جي نقطئه نظر سان ائين سمجهڻ کپي، ته چوڏهين صدي عيسويءَ، هن فن جي تڪميل جي صدي آهي. ان کي خطاطيءَ جو سونهري دور سڏيو ويندو آهي ۽ ماهراڻي خطاطيءَ جو سهرو ايران ڏانهن وڃي ٿو. ان دور ۾ هڪ نئين قسم جي نستعليق خط جي شروعات ٿي، جيڪو نسخ ۽ تعليق کي ملائي بڻايو ويو هو. ان خط جي خوبصورتي اکرن جي گولائيءَ ۾ ٿئي ٿي، جيڪي صورت شڪل ۾ هڪ جهڙا هوندا آهن. اهي گول لـِـکڻ مهل اکرن ۾ جهٽ جهٽ ايندا ويندا آهن، پنهنجي آزاد حيثيت ۽ شان سان پاڻ ۾ ملي به ويندا آهن. اهو ڪيڏو نه سچ چيو ويو آهي، ته ”نسخي خط حقيقي ۽ متوازن هوندو آهي ۽ تعليق غالب، طاقتور، خود مختار ۽ مطلق العنان هوندو آهي. نستعليق سڀاءَ ۾ وري حليم، نفيس، سولو ۽ شريف هوندو آهي ۽ ان ۾ مهذب ماڻهن جي خيالن جو اظهار هوندو آهي“ 13.

تيموري خاندان جي کليل دل سان سرپرستيءَ سبب چوڏهين صدي عيسويءَ دوران، نستعليق طرز جي خطاطي، ايران جو ڄڻ ته قومي خط بڻجي وئي. انهيءَ خط کي صفوي خاندان جي حڪمرانيءَ واري ڏينهن ۾ خاص طور تي ايران ۾ وڏي مقبوليت حاصل ٿي. هند - پاڪ ۾ هن ننڍي کنڊ جي مغل حڪمرانن جي سرپرستيءَ واري آزاد ماحول ۾ بي انتها ترقي ڪئي. شڪسته خط، نستعليق ڪتابت جو هڪ قسم آهي. ان ۾ گولائي واري خاصيت آهي ۽ بندش جي لحاظ کان ٻين کان گهڻو مختلف آهي.

ڪاتب

 حديث ۾ بيان آهي، ته رسول پاڪ صلي الله عليه وسلم جن جي زماني ۾ حضرت علي ڪرم الله وجه هڪ ممتاز حيثيت وارو خطاط هو. رسول پاڪ جن جي وفات کان پوءِ حضرت عليءَ جن تي قرآن شريف کي سهيڙڻ ۽ ترتيب ڏيڻ جو سهرو اچي ٿو. سڪن جي شاهدين مان به اها ثابتي ملي ٿي. 40 هجريءَ ۾ حـضرت عليءَ جن جي خلافت دوران عربي طرز جا حقيقي سڪا پهريون ڀيرو ظاهر ٿيا هئا. هن نموني جي سڪي کي 75هه ۾ بني اميه جي پنجين خليفي عبدالملڪ بن مروان سڌاريو ۽ نئين ڍنگ ۾ ترتيب سان آندو14.

هيءُ پهريون انسان هو، جنهن لکڻ جي ترتيب ۾ اصول قائم ڪيا. ابن نديم مطابق پهريون عربي خط، جيڪو استعمال هيٺ آيو، تـَـنهنجو تعلق مڪي سان هو. ٻئي خط جو مديني سان، ٽئين جو بصري سان ۽ چوٿين جو ڪوفي سان هو15.

بني اميه جي دور ۾ قتبه پهريون خطاط هو، جنهن ڪوشش ڪري مختلف خطن ۾ ڪتابت ڪئي هئي. هن جليل، طومن، نصف ۽ ثـُـلثُ خط کي ترقي ڏياري. قديم مشهور خطاط، جنهن بابت ڪجهه معلومات ملي ٿي سو سعد آهي. هن وليد بن عبدالملڪ لاءِ قرآن، شاعري ۽ ڪي قصا سهڻي خط ۾ لکيا هئا. هن محمد رسول الله صلي الله عليه وسلم، جن جي مديني واري مسجد ۾، قبلي واري ڀت تي سورت 91 کان وٺي آخر تائين قرآن شريف به لکيو هو. عباسي خاندان جي اُڀري اچڻ کان پوءِ ٻيا به ڪيترن ئي قسمن جا عراقي ۽ وَراقي خط ظاهر ٿيا. برمڪي خاندان به ڪيترن ئي ماهر ڪاتبن جي سرپرستي ڪئي هئي. ”الاحوال“ جيڪو اکين کان ٽيڏو هو، سو پنهنجي دور جو بي مثال خطاط هو، جنهن جي خطاطيءَ جي قابليت کي ٻاهرين ملڪن جي سربراهن سان لک پڙهه ۾ استعمال ڪيو ويندو هو. هن لاءِ چيو ويندو آهي، ته مشهور ڪاتب ابن مقله جو استاد  هو16.

نسخ جي خط کي يادگار خوبيون ابو علي محمد ابن عليءَ ڏنيون، جنهن کي ابن مقله (272هه - 328هه / 886ع - 940ع) چيو ويندو آهي. هيءُ ماڻهو عباسي خليفن جو ڪيترا ڀيرا وزير پڻ بڻيو هو. هڪ دفعو خليفي المقتدر بالله جو وزير، هڪ دفعو القاهر جو ۽ ٻه ڀيرا الراضي بالله جو وزير ٿيو هو. ابن مقله جي هن قسم جي حياتيءَ جو ڏاڍو دک دائڪ انجام ٿيو. پهريون سندس بي انتها توهين ڪئي وئي، پوءِ کيس قيد ۾ رکيو ويو ۽ آخر ۾ کيس قتل ڪرايو ويو. جڏهن هو قيد ۾ هو، ته سندس ساڄو هٿ ڪپيو ويو هو. روايت مطابق، ساڄي هٿ جي ڪپجي وڃڻ کان پوءِ هن کاٻي هٿ سان ايڏي مهارت سان لکيو، جيئن اڳ ۾ ساڄي هٿ سان لکندو هو، کيس ڇهن قسمن جي خطاطي ڪرڻ جو اعزاز حاصل هو. حقيقت اها آهي، ته هن خطاطيءَ جي فن ۾ اصول قائم ڪيا هئا ۽ اکرن جي صورتن جو بنياد ماپن ۽ نقطن تي رکيو. "محقق" جي خط ۾ 11/2 سيڪڙو واري قلم جي ضرب  جا ڀاڱا ۽ 41/2 سڌيون ليڪون، ريحان طرز ۾ محقق وانگي آهن، پر سندس ليڪون ناز بوءِ جي خوشبودار ٻوٽي جيان آهن. ثـُـلثُ جي نسبت (Proportion) 2:4 آهي17. نسخ، ثلث جي نسبت جيان آهي. هن خط جو نالو هن حقيقت جي ڪري آهي، ته هن ٻين قسمن جي خطن کي رد ڪري ڇڏيو ۽ قرآن ۽ ٻيا دنياداريءَ سان واسطو رکندڙ ڪتاب هن خط ۾ لکجڻ ۾ آيا. طوقي خط به خاص لفظن جي لکڻ ۾ ڪتب اچي ٿو. جيڪڏهن قلم جي نب سنهي آهي ته خط جي طرز کي غبار (ڌُنڌ) چوندا آهن.*

ابن مقله جي وفات کان پوءِ سندس ڌيءُ، علي بن هلال کي اهو فن سيکاريو، جنهن کي ابن البوابہ جي نالي سان به سڏيندا هئا. علي بن هلال جو ٻيو نالو ابن البوابہ هن حقيقت جي ڪري مٿس پيو هو، جو سندس پيءُ دربان هو. هن به پنهنجي زندگيءَ جي شروعات گهرن سينگارڻ ۽ ڪتابن جا جلد ٻڌڻ سان ڪئي ۽ آخر ۾ خطاط بڻجي ويو. هيءُ عارضي طور تي، شيراز ۾ بهاول دوله جي ڪتب خاني جو سنڀاليندڙ هو. خطاطيءَ ۾ هن ابن مقله جو اسلوب ۽ نمونو اختيار ڪيو،  پر پنهنجو ڪو به نئون خط ايجاد ڪونه ڪيو. سندس فن ۾ وڏي ۾ وڏي خوبي اها آهي، ته هن ابن مقله جي نسبتي فن کي استقلال ۽ استحڪام بخشيو. چيو ويندو آهي، ته هن چوهٺ ڀيرا قرآن جا قلمي نـُـسخا اُتاري (copied) لکيا هئا.18

اهو چيو ويندو آهي، ته ياقوت المعتصميءَ جي دور تائين، عربي خط کي ابو البوابہ جي قائم ڪيل اصول پٽاندر لکيو ويندو هو. هو خطاطيءَ جي ڇهن ئي طرزن تي ڏاڍيءَ نفاست ۽ خوبصورتيءَ سان طبع آزمائي ڪندو هو. هن فن ۾ مهارت ڪري کيس، ڪاتبن جو قبلو ۽ خطاطيءَ جي نموني (مثال)، جو لقب ڏنو ويو هو. اهو به چيو ويندو آهي ته ياقوت هڪ ڏينهن ۾ ٻه سيپارا قرآن شريف جا نقل ڪري سگهندو هو ۽ اهڙيءَ ريت مهيني ۾ ٻه قرآن شريف لکي ويندو هو. ياقوت پنهنجي لکت جا نمونا 70 ماڻهن کي ڏهاڙي ڏيکاريندو هو. جڏهن چنگيز خان 656 هه / 1258ع ۾ بغداد جو گهيرو ڪيو ۽ منگول فوج شهر کي ڦريو لٽيو، ته ياقوت هڪ مغاري ۾ وڃي لڪو. هن سان گڏ بعلبڪ لينن (Baalbeke Linen) جو هڪ انگوشو هو. هن انگوشي تي اهڙي قسم جا ڪي اکر لکيا، جو انهن کي ڏسڻ شرط ڏسندڙن کي حيرت وٺي ٿي وئي. جڏهن قاضي احمد خطاطيءَ، مصوريءَ تي سن 1015هه / 1606ع ۾ ڪتاب لکيو ته اهو ڪپڙي جو ٽڪرو بهرام مرزا جي ڪتب خاني ۾ محفوظ هو.19


 


* حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي فرمايو آهي:

ڪاتب لکن جيئن، لايو لام الف سين،

سـان سـڄـڻ تـيـئـن، رهـيـو آهـي روح ۾    (ڀٽائي)                 (سنڌيڪار)

* ڪاتب ابن مقله جي زندگيءَ جو وڌيڪ ڪجهه احوال:

اسلامي دنيا جي هن عظيم ڪاتب جو اصل نالو ابو علي محمد پٽ علي پٽ حسين پٽ مقله بيضاوي هو، پر هو ابن مقله جي نانُ سان ناميارو ٿيو. هـُـن جا وڏا، شيرازي الاصل هئا، پر هن تاريخ 21 شوال 272هه مطابق 31 مارچ 886ع ۾ بغداد شهر ۾جنم ورتو. هن ڪتابت جي فن ۾ “الاحوال” کان سکيا ورتي. هو هڪ ئي وقت شاعر، نثر نگار ۽ خوشنويس ٿي رهيو. هن خطاطيءَ جا ڇهه نوان اسلوب ثـُـلثُ، نسخ، توقيع، رقاع، محقق ۽ ريحان ايجاد ڪيا. چيو وڃي ٿو ته اهي ڇهه ئي خط ڪوفي ۽ عربي خطاطيءَ ۾ واڌارا ۽ سڌارا آڻي ٺاهيا ويا آهن. ان ريت چئي سگهجي ٿو ته هن جا ڇهه خطاطيءَ جا نمونا ٻن نمونن مان اُسريا. ٽن جو انگ سڄي زندگي هن تي حاوي رهيو. هن عربيءَ ٻوليءَ جي حروف تهجي (الفابيٽ) جوڙي ۽ ابو الاسود ۽ نصر بن عاصم واري قرآن جي اعرابن واري ڪم کي مڪمل ڪري، ان کي ڪامليت بخشي. هو اسلامي دنيا جي ٽن عباسي خليفن المقتدر بالله، القاهر بالله ۽ الراضي باالله جي حڪومتي دور ۾ ٽي ڀيرا وزيراعظم مقرر ٿيو ۽ ٽي ڀيرا اقتدار تان لاٿو ويو. هن خطاطيءَ جا شاهڪار ٽي قرآن شريف يادگار ڇڏيا، هو ٽي ڀيرا پنهنجي اباڻي وطن ايران ويو. هن جا ٽي وڏا دشمن ابو الحسن، ترڪ سردار امير مظفر بن باقوت ۽ بغداد شهر جو ناظم ابن رائق هئا. هو ٽي ڀيرا خليفي الراضيءَ باالله جي ظلم ۽ زيادتين جو شڪار ٿيو. پهريون ڀيرو کيس اقتدار تان لاٿو ويو، ٻيو ڀيرو سندس هڪ هٿ ڪپيو ويو، ٽيون ڀيرو کيس قتل ڪيو ويو. هن کي ٽي ڀيرا دفن ڪيو ويو. پهريون ڀيرو قتل کان پوءِ قيد خاني ۾، ٻيو ڀيرو الراضي باالله جي حڪم تي قبرستان ۾، ٽيون ڀيرو سندس زال جي درخواست تي سندس مڙهه قبرستان مان ڪڍي هڪ عمارت ۾ دفن ڪيو ويو. هو هٿ ڪپجڻ کان پوءِ انهيءَ وڍيل هٿ واري ڪرائي تي قلم ٻڌي ساڄي ۽ کاٻي هٿ سان ساڳيءَ ريت ۽ ساڳي رفتار سان خوشخطي ڪندو رهيو. هن جي پونيئرن ۾ هن جي نياڻيءَ سندس فن کي زندهه رکيو ۽ ڪيترائي ناميارا شاگرد پيدا ڪيا. هن جي مرڻ تي بغداد جااهل علم ۽ اهل خرد ٻئي رُنا ۽ هڪ شاعر چيو ته “اڄ ابن مقله نه پر ڏاهپ ۽ علم جو قتل ٿيو آهي.” هن 54 سال ڄمار ماڻي ۽ تاريخ 10 شوال 328هه مطابق 20 جولاءِ 940ع تي شهيد ڪيو ويو. (سنڌيڪار)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org