باب ٻيو
فن ۽ هنر جو شهر
ڪنهن ملڪ جي فن ۽ هنر جي واڌ ۽ ويجهه لاءِ ملڪ جو سياسي ۽
اقتصادي استحڪام ۽ جاگرافيائي حالتون ضروري عنصر
سمجهيا ويندا آهن. ٺٽي ۾ هن قسم جي هنر ۽ ڪاريگري
جي اوسر واري زماني ۾ سنڌ اندر سياسي ۽ اقتصادي
استحڪام قائم هو. هڪ پاسي ايران جو بلند ۽ هموار
ميداني علائقو هو ۽ ٻئي پاسي رياست گجرات هئي. هنن
ٻنهي ملڪن، ٺٽي جي فني ترقيءَ لاءِ گهڻو اهم ڪردار
ادا ڪيو.
چترڪاريءَ جي ڏس ۾ حيوان يا انسان جي چٽيل تصوير هڪ وڏو فن سمجهي ويندي آهي.
ڏک جي ڳالهه وري اها آهي جو مذهبي ڪٽر پڻو رکندڙ
مسلم سماج، هن قسم جي فن جي خلاف آهن، تنهنڪري ڪن
مسلمان ملڪن، ۾ ساهوارن جي تصوير چٽڻ واري
ڪاريگريءَ جي سخت مخالفت ڪئي ويندي آهي1. پر ايران
۽ اناطوليه اندر بت تراشيءَ جا ڪي اهڙا مثال آهن،
جيڪي مسلمان حڪمرانيءَ واري دور ۾ مذهبي جڳهن اندر
ويهي اُڪيريا ويا هئا. ساڳئي قسم جي ساهوارن سان
لاڳاپيل چترڪاريءَ جو مثال هند - اسلامي حڪومتن
اندر به موجود آهي ۽ اهڙو بيان گوئٽز2
(Goetz)
به پنهنجي تصنيف ۾ ڪيو آهي. هتي دلچسپيءَ ۽ ڌيان
ڏيڻ جوڳي ڳالهه هيءَ آهي، ته ٺٽي جي ڪن مقبرن ۾
ماڻهن، جانورن ۽ پکين جون تصويرون اُڪيريل نظر
اينديون. هن شهر اندر يا ٻاهر اهڙيون ڪي قبرون
آهن، جن تي هلڪي کوکي طرز
(Low relief)
تي هڪ انساني شڪل جي چترڪاري ڪئي وئي آهي، کيس
هٿيارن پنهوارن سان سينگاريل هڪ جنگي جوڌي جي روپ
۾ ڏيکاريو ويو آهي، (پليٽ
I).
ٿي سگهي ٿو، ته اهي چترڪاريون پندرهينءَ يا سورهين
صدي عيسويءَ سان لاڳاپيل هجن. ڄاڻايل مقبرا هڪ ڪري
۽ هموار پٿر
(SandStone)
جا ٺهيل آهن. اوساري پٿر جي داٻڙين سان ڪئي وئي
آهي. ڏسڻ ۾ ائين ايندو، ته اوساري جيئن جيئن مٿي
وڃي ٿي، تيئن، پٿر وارين داٻڙين جي ماپ گهٽجي وڃي
ٿي. مٿي ائين نظر ايندو، ته اڏاوت مصر جي احرامن
جيان هيٺ ويڪري ۽ مٿي سوڙهي آهي. پٿر اهي داٻڙا
پهريائين گسائي ڏاڍا لسا ڪيا ويا آهن ۽ پوءِ مٿن
ڏاڍي خوبصورتيءَ سان مـختلف ورن واري، اوڀڙ ۽
اليڪي طرز جي چٽ سالي ڪئي وئي آهي. انهن سڀني کان
وڌيڪ دلچسپ گهوڙي سوار جي تصوير آهي، جنهن کي
تلوار، نيزو ۽ ڪان ساڻ آهي. ڪن قبرن مٿان وري
عورتاڻن زيورن جهڙوڪ: ڪنگڻ، هار، ڪـَـنَ جي والن،
ٻانهوٺن ۽ گـُــجرين جي اُڪير ٿيل نظر ايندي، جنهن
مان چڱيءَ ريت اندازو ڪري سگهجي ٿو، ته اهي عورتن
جون قبرون آهن (پليٽ
II).3
اهي قبرون جن مٿان مرداڻي پڳ يا جنگ سان لاڳاپيل
هٿيارن جي ٽـُـڪ ٿيل آهي، تن لاءِ چئي سگهجي ٿو،
ته مردن جون قبرون آهن. اهڙي قسم جون قبرون ٺٽي
کان ٻاهر جهرڪ، سونڊا، جنگ شاهي ۽ گـُـجي واري
ايراضيءَ ۾ پڻ نظر اينديون. ساڳيءَ شڪل صورت
واريون قبرون ڪراچيءَ جي ملير واري علائقي ۾ موجود
آهن، جن کي چوکنڊيءَ واريون قبرون چيو ويندو آهي.
انهيءَ نموني واريون قبرون پراڻي پنجاب جي همالين
واري علائقي ۾ سـَـتي پٿر
(Sati Stone)
جي نانُ واريون ڏٺيون ويون آهن. اهڙيون قبرون
هينري ڪزنس ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ ۾ به ڏٺيون هيون.
آرڪيالاجيڪل سروي آف بلوچستان وارن کي پڻ ساڳئي
قسم جون قبرون لس ٻيلي جي هنديان ماڳن تي نظر
آيون4. سيستان جي علائقي خاران جي اولهه پاسي گائو
سنگ وارن ماڳن تي هڪ قبرستان آهي، جنهن ۾ موجود
قبرن تي به هوب هو اهڙيون تصويرون اُڪيريل نظر
اينديون. پر هڪ فرق ضرور آهي، ته اهي پٿر بدران
سريون آهن. مٿن ڪاشيءَ جي سرن جون اهڙيون ڪيتريون
قطارون نظر اينديون، جن تي اُٺن ۽ گهوڙن تي سوار
ماڻهن کي تير ڪمان سان هٿياربند ڏيکاريو ويو آهي.
اهي سڀ تصويرون هلڪيءَ کوکيءَ طرز ۾ چٽيل نظر
اينديون. ڪاشيءَ جي ڪن سرن تي هڪ ماڻهوءَ کي ڏاندن
جي جوڳ سان هرڪاهيندي ڏيکاريو ويو آهي. ڪن تي وري
مور پکيءَ سان گڏ نانگ جي تصوير نظر اچي ٿي. انهن
تصويرن جي طرزن جو پڌروگڻ اهو آهي، ته انهن قبرن
وارن ماڻهن جو تعلق بنا ڪنهن شڪ شبهي جي جنگي جوڌن
۽ شڪاري قبيلن سان آهي، جڏهن ته ڪتبن مان پتو پوي
ٿو، ته اهي بلوچن جون آهن5.
بلوچستان ۾ اهڙين قبرن کي مقامي طور شامي سڏيو ويندو آهي. بلوچن
جي هڪ ڏند ڪٿائي روايت مان معلوم ٿئي ٿو، ته اهي
شام ملڪ جي آليپو
(Alleppo)
نالي علائقي مان عرب فاتحن سان گڏ هتي آيا هئا. پر
عالمن هن قسم جي دعويٰ کي غلط ثابت ڪيو آهي. سمجهه
۾ ائين اچي ٿو ته يارهين ۽ ٻارهين صدي ۾ جڏهن
سلجوقين ڪرمان تي حملو ڪيو هو، ته اتان جي ڪن
قبيلن لڏ پلاڻ شروع ڪئي هوندي. تيرهين صدي عيسويءَ
۾ به منگولن جي حملن دوران هنن قبيلن بلوچستان،
مڪران ۽ سنڌ ڏانهن وڏي لڏپلاڻ ڪئي هئي. ڪيترن
عالمن سندن ٻوليءَ بابت ڪي شاهديون گڏ ڪيون آهن،
جن جي آڌار تي چئي سگهجي ٿو، ته سندن، وچ ايشيا جي
ڪبير
(Kabir)
نالي علائقي سان لاڳاپو آهي6. اسلامي ذريعن جي
شاهدين موجب، ته جڏهن عربن ايران فتح ڪيو، تنهن
زماني ۾ بلوچ ايران جي ڪرمان واري علائقي ۾ رهندا
هئا. موجوده دور ۾ سنڌ، بلوچستان، سيستان، ڏکڻ
افغانستان، نيشاپور ۽ هندي وڏي سمنڊ جي جاسڪ واري
علائقي جي اولهه پاسي موجود نظر اچن ٿا، جنهن مان
معلوم ٿئي ٿو، ته هو وڏي لڏپلاڻ ڪري مٿين علائقن ۾
آباد ٿيا آهن. ڄاڻايل قبرون سندن لڏپلاڻ ۽ قافلن
جي صورت ۾ اڳتي وڌڻ جا اهڃاڻ آهن. هن قسم جون
تصويري طرزون ايران جي مشهور ثقافتي مرڪز ليورستان
۾ به ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. هن ماڳ تان ڪنجهي
(Bronze)
جا ٺهيل بت مليا هئا، جن بابت سڄي دنيا جا عالم
چڱيءَ ريت سـُـڌ رکن ٿا. هٿيارن، پنهوارن، جانورن
۽ پکين جي شڪلين اُڪيرڻ جي روايت اسلامي دور تائين
هلندي نظر اچي ٿي.7 موجوده دور جي ڄاڻ پٽاندر،
بلوچن جي بلوچستان ۽ سنڌ وارين قبرن کي ايران جي
ليورستان جي ماڳ سان ڳنڍڻ ڪجهه مشڪل ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
هيءُ هڪ ڏاڍو دلچسپ موضوع آهي جنهن تي الڳ ڪتاب
لکي سگهجي ٿو.
سلطان ڄام نظام الدين جو مقبرو سنه 1508ع ۾ ٺهي راس ٿيو. هيءُ
اڏاوت سنڌ - مسلم دور جي پٿر جي تمام پراڻي اُڪير
جو هڪ نادر نمونو آهي. مقبري جي محراب جي پٺئين
پاسي تي ٺهيل جهروڪي جي سنجٽ ۽ اڏاوت جي چوڌاري
جوڙيل محرابي جهروڪا، پٿر جا اُڪيريل ٺـُـلهه،
ڪنڊن تي لڳل سخارا پنهنجي سونهن جو مٽ پاڻ آهن.
گڏيل نموني، ساري مقبري جو نمونو فني نقطئه نگاهه
کان وڏي اهميت رکي ٿو. خوبصورت محرابي جهروڪن کان
مٿان پکين جي هڪ قطار اُڪيريل آهي، جيڪا نظر ائين
اچي ٿي ڄڻ، ته اهي پکي اڏامي رهيا آهن. ويجهو وڃي
چتائي نهاربو، ته اهي اڏامندڙ پکي هنج آهن (پليٽ
III)
اها سڀني کي خبر آهي، ته هنج پکي، ٻڌ ڌرم جي
نمائندهه علامت آهي، جيڪا پوءِ هندو ڌرم ۾ به
رواج هيٺ آئي، جتي هنج پکيءَ کي برهما ديوتا جو
واهنا
(Vahana)
بيان ڪيو ويو آهي. شلپا شاسترا جي منترن موجب
مندرن جي اڏاوتن ۾ هنج پکيءَ جي قطارن جي سهڻي
چترڪاري ڪرڻ ضروري سمجهيو ويندو آهي. تنهن ڪري
مندرن جي ڇت کان هيٺان ڀت جي چوٽيءَ تي
پـَـراستارا جي چوڌاري هنج پکين جي قطار جي
چترڪاري ضرور ڪئي ويندي هئي. اهڙيءَ ريت مندر جي
ڪوٽا
(Kuta)،
ندا
(Nida)
۽ گريبا
(Griba)
جي مٿئين پاسي هنجن جي چترڪاري ڪئي ويندي هئي8.
هن مقبري ۾ هندي اڏاوت واريون وصفون ڏسي هينري ڪزنس اهو شڪ
ڏيکاريو هو، ته مذڪوره مقبرو ڪنهن مندر جي پراڻي
سامان مان تيار ڪيو ويو آهي. اهڙو ساڳيو خيال قديم
آثارن جي ماهر سر مورٽيمرويلر
(Sir Mortimer wheeler) ۽ ٻين جو به آهي. هن اهو نتيجو ان ڪري ڪڍيو آهي، ته
مسلمان ساهه وارن جي تصويرن کان ونئن ويندا آهن.
سندن اهو خيال، هن سبب ڪري به ٿي سگهي ٿو، ته هو
اسلامي يادگارن جي تاريخ کان چڱيءَ ريت واقف نه
آهن. مٿئين اشاري موجب ساهوارن جون تصويرون ڪڍڻ
اسلامي نقطئه نگاهه کان غير معمولي ڳالهه ڪانه
هئي. عام طور تي جيئن اڻوهينءَ صدي عيسويءَ جا
مسلمان سمجهندا آهن. اها حقيقت به وسارڻ نه گهرجي،
ته مسلمانن جي مقبرن کي اڏڻ لاءِ هندي اڏاوتي فن
جا ماهر ڪاريگر ڪم ڪندا هئا. هن حقيقت کان سواءِ
هن ننڍي کنڊ جي قصن ڪهاڻين ۾ هنج جي ذڪر جو قديم
زماني کان رواج رهيو آهي.*
گجرات جي مسلمانن جي مقبرن تي به ساهوارن جي
چترڪاري نظر ايندي، جن سان سنڌ جي سما گهراڻي
حڪمران جا ثقافتي ناتا ۽ مٽي مائٽي وارا لاڳاپا
قائم هوندا هئا. هيءَ ڳالهه به ضرور ڌيان ۾ رکڻ
گهرجي، ته ڄام نظام الدين جي مقبري ۾ هنجن جي
چترڪاريءَ جو نمونو شلپا شاسترا جي بيان موجب نظر
ئي ڪونه ايندو. هتي هيءَ چترڪاري فقط مقبري جي
سونهن ۽ سنجٽ لاءِ ڪئي وئي آهي.
پکين جي چترڪاريءَ جا هتي ٻيا به ڪيترائي نمونا نظر ايندا.
مڪليءَ جي هڪ قبر جي پٿرانهين لوڙهٽ تي اهڙو هڪ
پٿر نظر ايندو، جنهن تي ساهوارن جون تصويرون چٽيل
آهن، جيڪو اسلامي اڏاوتي فن جي شاگرد لاءِ وڏي
دلچسپيءَ جو باعث آهي. ٻيءَ هڪ قبر جو پٿر ماپ
11' 3/3'' x 11' x3'-3'' 1/2 آهي. ڄاڻايل قبر مٿان ڪابه ڇٽي ناهي. ان پٿر جي هڪ پاسي گول
سوراخ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. (پليٽ
IV).
لوڙهٽ جو پٿر مختلف ماپن جي خانن ۾ ورهايل آهن.
مٿئين خاني ۾ ڪنول گل جي مڪمل تصوير آهي، جنهن ۾
اٺ پنکڙيون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. اُڪير هلڪي کوکي طرز
تي ٿيل آهي. چوڌاري وٽ تي موتين جي قطار جي چٽسالي
ڏسجي ٿي. هيٺئين خاني جي ماپ
1/4 x 3''
.1'-9
آهي جنهن ۾ نوڪدار قسم جي اُڪير ڏسجي ٿي. هيٺئين
پاسي کان ٻه ٻڪريون نظر اينديون، جن جي وات ۾ ڪا
شيءِ جهليل آهي. جهلڪ مان ائين نظر اچي ٿو ڄڻ، ته
ڪنهن خاص جذبي جو اظهار ڪيو ويو آهي. ڄاڻايل ٻئي
ٻڪريون اهڙيءَ ريت ڏيکاريون ويون آهن، جو ڄڻ هڪ
ٻئي تي نـَـرا کڻڻ لاءِ تيار هجن. ان تصوير ۾ ٻه
ٻيا جانور به ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهن، جيڪي ٻڪرين جي
تصويرن سان پور وڇوٽ تي نظر اچي رهيا آهن. انهن
ٻنهي جانورن جي اڳئين پاسي تي ڪجهه اُڪير ٿيل آهي
پر اها ايڏي ته اڻ چٽي آهي جو پتو پئجي ڪونه ٿو
سگهي، ته اهي ڪهڙا جانور ٿي سگهن ٿا. چٽيل وڻ تي
ٻه بدڪون ويٺل ڏيکاريون ويون آهن، جيڪي مٿي ڪر کڻي
پر ساهڻ واري حالت ۾ نظر اچن ٿيون. سندن پير تمام
ننڍڙا آهن، جيڪي نظر ڪونه ٿا اچن. وڻ جي صفا
چوٽيءَ تي ٻه مور هڪ ٻئي ڏانهن منهن ڪيون نچندا
نظر اچن ٿا، سندن پر کنڊريل ۽ نچڻ واريءَ صورت ۾
چٽيل ڏسجن ٿا. مورن جي چهنبن ۾ ڪي شيون جهليل آهن.
جن جي شڪل صورت مانڌاڻيءَ جهڙي آهي. خاني جي مٿئين
پاسي تي گلاب جي گل جي ٽڪ
(Rosettes)
آهي، جنهن ۾ اٺ پنکڙيون ٺهيل آهن. ٻنهي گلن جي
وٿيءَ ۾ آکڙي نموني جي ڪا شيءِ چٽيل آهي. سمجهه ۾
ائين اچي ٿو، ته ڄڻ اهو ڪو ميوو آهي. ان پٿر جي
ڏاکڻي پاسي تي فارسيءَ ۾ هڪ لکت نظر اچي ٿي، جيڪا
ٽن سٽن تي ٻڌل آهي، ۽ ان جي معنيٰ هن ريت آهي:
”بهشت جي باغ جو جهرڪ، نور الدين محمد پٽ شاهه
منصور حڪيم تبريزي، جنهن 25 ذوالحج جي پاڪ مهيني ۾
948 هه/ 1542ع ۾ وفات ڪئي“.
هن لکت مان اها ڄاڻ ملي ٿي، ته ساهه وارن جي اها چترڪاري 1542ع
سان لاڳاپو رکي ٿي ۽ شاهه منصور حڪيم تبريزيءَ
پنهنجي پٽ نور الدين جي وفات جي يادگيريءَ لاءِ
لکرائي لڳرائي هئي. تبريزي نسبت مان اهو معلوم ٿئي
ٿو، ته هو اصل تبريز جو رهاڪو هو، جيڪو اُن وقت
واري ايران جي آذربائيجان صوبي جو صدر مقام هو.
* ايران
جي تاريخ ۾ تبريز کي هن فن جي حوالي سان وڏي
اهميت حاصل آهي. پندرهين صدي عيسويءَ جي آخري اڌ
۾، سياسي لاهن چاڙهن سبب، ايران - ترڪي گهراڻي جي
حڪمران خاندان جو زوال آيو ۽ 906 هه/ 1500ع ۾ شاهه
اسماعيل صفوي سياسي سگهه جي اوج تي پهتو. ان زماني
۾ تبريز جي آدمشماري ٻه ٽي لک هئي، جن مان 3/2 سني
فرقي سان واسطو رکندا هئا. وقت جي نئين حڪمران
شاهه اسماعيل صفوي کين زبردستي شيعي بنائڻ جي ڪوشش
ڪئي، جن سندس اهڙيءَ عمل جي مخالفت ڪئي، تن سان
ڏاڍا هاڃا ڪيا ويا9.
ايران جو هيءُ حڪمران شاهه اسماعيل صفوي، مفتوح بادشاهه آگويو
نولو
(Aggoyu Nulu)
کان سخت نفرت ڪندو هو. هن شڪست ڏيڻ کان پوءِ هن جي
گهراڻي تي ڪيس ۽ ڪلور جو ڇيهه ڪري ڇڏيو ۽ طرح طرح
جا عذاب ڏئي کين چچلائي ماريو ويو. شاهه اسماعيل
صفوي جي اهڙي ڏهڪاءَ ۽ ٿرٿلي ڪارڻ اتان جا فنڪار،
عالم فاضل ۽ شريف گهراڻا ايران کان ڀڄي نڪتا ۽
جيڏانهن سک جوگس سـُـمجهيائون، اوڏانهين هليا ويا.
ڪيترا اهلِ علم ۽ ڪتابت واري فن جا ڄاڻو ماڻهو سنڌ پهتا ۽ ڪيترا
هندستان جي ٻين ڀاڱن ڏانهن به هليا ويا. هتي اهو
به سمجهڻ کپي، ته ماڻهن جي لڏ پلاڻ، فن ۽ هنر جي
به لڏ پلاڻ هوندي آهي. ان زماني ۾ سنڌ جي سياسي
صورتحال پرامن هئي. ان ڪري ايران جا عالم، فاضل،
صوفي، هنرمند ۽ ڪاريگر لڏي اچي ٺٽي ۾ رهي پيا هئا.
سنڌ جا سما حڪمران، ايران کان آيل اهڙن ماڻهن جي
دل کولي واهر ڪندا هئا. سمن کان پوءِ ارغونن به
سندن گهڻي سهائتا ڪئي، جن سنڌ تي 1520ع کان 1563ع
تائين راڄ ڪيو هو. هنن به پوئين دور جي تيموري
خاندان جيان آزاد حڪمت عملي اختيار ڪئي هئي. لکت
مان ظاهر آهي، ته شاهه منصور حڪيم تبريزي 1542ع
تائين يعني شاهه حسن ارغون جي دور ۾ به زندهه هو.
هي هڪ اڻڄاتل ماڻهو هو. پر هن پنهنجي پٺيان جيڪو
يادگار فن ڇڏيو آهي، اهو يادگار ايران مان هن
پراڻي فن جي هجرت ۽ هن اسلامي فن جي طريقئه ڪار جي
تبديلي ۽ ان جو مطلب ٻڌائي ٿو.
هن قبر تي ڌيان ڇڪائڻ جوڳي، جيڪا خاص خوبي نظر اچي ٿي سا اها
آهي، ته هتي نبات جهڙو ڪنڊائتو وڻ نظر ايندو، جنهن
جي پاسن تي پکين جي چٽسالي ڏسجي ٿي،سو پڪ سان
حياتيءَ جو وڻ آهي، جيڪو سرسبزي، شادابي ۽ امرتا
جو اهڃاڻ آهي ۽ اولهه ايشيا جي سڀني ملڪن ۾ پکڙيل
هڪ عام علامت آهي. هن علامت جي خاص طرز دنيا جي
گهڻن عالمن کي پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪايو آهي، جن هن
طرز جي مختلف معنائن تي ڪتاب لکيا آهن10.
خير حقيقت ڪيئن به هجي پر اسلام جي شروعاتي دور ۾ مسلمان ملڪن
اندر ريشمي ڪپڙي تي حياتيءَ جي وڻ سان گڏ پکين ۽
جانورن جي تصويرن جو هڪ گڏوچڙ نمونو ڏسڻ ۾ ايندو.
ڀيٽا واري اڀياس مان اهو معلوم ٿيندو، ته اسلام
کان اڳ ساساني دور ۾ ريشمي ڪپڙي تي اهڙيون ساڳيون
تصويرون موجود هونديون هيون ۽ اسلام واري دور ۾ به
ريشمي ڪپڙي تي وڻن، پکين ۽ جانورن جي تصويرن جو
گڏوچڙ نمونو ساڳيءَ ريت چٽڻ جاري رهيو آهي. ڪن
عالمن جو وري اهو به خيال آهي، ته هن قسم جو فن ان
زماني ۾ پنهنجو علامتي قدر ۽ اهميت وڃائي چڪو هو،
۽ مسلمان دور ۾ فن جو اهو طريقو فقط آرائشي طرز
طور رهجي ويو هو11.
تازي تحقيق مان اها سـُـڌ ملي ٿي، ته حياتيءَ جي وڻ جي علامت
ساساني دور کان شروع ٿي آهي. حديثن جي بيان ۽ قرآن
شريف جي ڏنل تصور جي بنيادي طريقئه ڪار جي دائري
اندر رهندي، ان کي نئون مطلب ۽ مفهوم ڏنو ويو آهي.
ان مان سولائي سان اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو، ته
حياتيءَ جي وڻ جو مقبري يا قبر سان تعلق بهشت جي
اشتياق جو مظهر سمجهڻ کپي. شايد اهو ئي ڪارڻ آهي
جو اسلامي اڏاوتي فن ۾ ان خاص طرز جو گهڻو ورجاءُ
ڏسڻ ۾ اچي ٿو12.
مرزا باقي بيگ ترخان جي مقبري جي ڀرسان، ڇٽيءَ جي اڏاوت جي هڪ
پٿر جي چؤڪاٺي تي پکين ۽ نانگن جون تصويرون
اُڪيريل آهن. ان اڏاوت ۾ ڪا تعميراتي ڪاريگري نظر
ڪانه ايندي ۽ بناوٽ ۾ به سادي سودي آهي. جيڪا اٺن
ٺلهن تي ٺهيل اٺ ڪنڊي عمارت آهي. اُن جي هر هڪ
پاسي جي ماپ پنج فوٽ پنج انچ آهي. ان جي قـُـبـِـي
به ٺلهن تي بيٺل ڏسبي. قبيءَ جي شڪل ويٺوڙي ۽ مٿان
نيل اٿس (پليٽ
V).
ان جا تعميراتي حصا اسلام کان اڳ واري هندي - سنڌي
- گجراتي اڏاوتي فن جي روايتن جا اڻ مٽ اهڃاڻ آهن.
ان قبيءَ جو اندريون پاسو گل ڪار ۽ اليڪي نقاشي جي طرز تي چٽيل
نظر ايندو. اهڙيءَ ريت دروازن جي سردر مٿان
مهاڙيءَ تي اوڀڙ ۽ اليڪي طرز چٽيل ڏسبي. اتر -
اولهه ڪنڊ واري ٺلهه جي تاج مٿان پٿر جي
1'-31/2'' x 1'-3'' هڪ داٻڙي آهي، جنهن تي نانگ اُڪيريل نظر ايندو، جنهن مٿان مور
جي تصوير چٽيل آهي. تصوير ۾ نظر ائين ايندو، ڄڻ
نانگ جي منڍي مور جي چهنب اندر پيل آهي (پليٽ
VI).
ڏکڻ - اولهه ڪنڊ واري ٺلهه تي به پٿر جي هڪ داٻڙي
نظر ايندي، جنهن تي ٻن پکين جي تصوير ڏسڻ ۾ ايندي،
جيڪي هڪ ٻئي ڏانهن منهن ڪيون بيٺا آهن (پليٽ
VII).
اوڀر پاسي اهڙا ٻه ٺلهه نظر ايندا، جن جي تاجن
مٿان ساڳي طرز جي اُڪير کي ورجايو ويو آهي، پر اهي
ايترو، ته کاڄي ناس ٿي ويا آهن جو چوڌاري خاڪي کان
سواءِ ڪجهه به نظر ڪونه ٿو اچي.
|