ارپنا
عظيم ڪاتب
محمد عالم ٺٽويءَ
جي
نانءِ
جنهن پنهنجا هٿ ڪراين کان ڪپجڻ کان پوءِ به قلم
ٻانهن سان ٻڌي ”ديوانِ حزين“ ۽ قرآن شريف جا
ڪيترائي نُسخا اُتارين تيار ڪيا.
سنڌيڪار
ليکڪ پاران
1988ع ۾ قديم اسلامي آثارن جي ماهر مئڪس وين برڪم
(Max Van Bercham)
ڪتبن تي لکيل مواد کي سهيڙڻ ۽ مسلمان ڪاتبن جي
حياتين جا احوال جي لکڻ جي ضرورت تي گهڻو زور ڏنو
هو. هن کان علاوه جي. مارڪائس
(G. Marcais)،
اي ڊائيز
(E. Diez)،
اي ڪنهيل
(E.
Kunhnel)
۽ ڪيترن ٻين عالمن اهڙو مواد سهيڙي سموهي ڇپائڻ جي
اهميت کي بار بار پئي ورجايو آهي، پر بدقمستي سان
ان بابت ڪوبه کڙتيل ڪونه نڪتو. فقط ڳالهيون ئي
رهجي ويون پر ڪو عملي ڪم ٿي ڪو نه سگهيو. هتي اها
ڳالهه ٻڌائڻ به ضروري ٿو سمجهان، ته هڪ سڄاڻ ماهر
ٿيم بيڪر
(Theme Baecker)
ڪتابت جي مشهور ماهرن جي هڪ لغت تيار ڪئي هئي،
جنهن ۾ هن ڪجهه جڳهه مسلمان ڪاتبن لاءِ به مخصوص
ڪئي هئي. جيئن، ته اها لغت سڄيءَ دنيا جي ڪاتبن
سان لاڳاپيل هئي، تنهن ڪري مسلمان ڪاتبن لاءِ ان ۾
جڳهه تمام ٿوري هئي. ڏٺو وڃي، ته مسلمانن قديم
آثارن جي پتڪي چترڪاري ۽ خطاطيءَ سان واڳيل مواد ۾
گهڻو پاڻ پتوڙيو ۽ پگهر وهايو آهي. سن 1934ع ۾ آرس
اسلاميڪا
(Ars Islamica)
جي تحقيقي اداري اهڙي ئي قسم جي هڪ رسالي جي اضافي
حصي کي ڪاتبن جي ٺهندڙ لغت ۾ بنيادي مواد طور شامل
ڪيو ۽ فقط مسلمان فنڪارن لاءِ وقف ڪري شايع ڪرڻ جو
اعلان ڪيو هو، پر پهرينءَ قسط جي شايع ڪرڻ کان
پوءِ ان منصوبي کي الائي ڪهڙي سببن ڪري ترڪ ڪيو
ويو. ان پهرينءَ قسط ۾ عربي ۽ ترڪيءَ جي ڪتبن سان
لاڳاپيل نون خطاطن جي زندگيءَ جو مڪمل احوال ڪونه
ڏنو ويو هو.
ان هوندي به چئي سگهجي ٿو، ته اها هڪ همت وڌائندڙ ڳالهه آهي جو
ايل.اي. ميئر(L.A. Mayer)
اسلام جي هن فن جي تاريخ جي وڏي خدمت ڪئي آهي، جو
هن ڪيترن مسلمان ڪاتبن جي زندگيءَ جا احوال قلمبند
ڪري ڇڏيا آهن. پر بدقسمتي جي ڳالهه اها آهي، جو
ننڍي کنڊ جي فنڪارن ۽ ڪاتبن جو احوال کانئس رهجي
ويو. ان جو سبب اهو ٿي سگهي ٿو، ته هن سچيت عالم
دنيا جو هيءُ پاسو اکئين ڏٺو ئي ڪونه هو.
اها به هڪ مڃيل حقيقت آهي، ته هن ننڍي کنڊ جي اسلامي فن ۽ قديم
آثارن ڏانهن عالمن صحيح معنيٰ ۾ ڌيان ئي ڪونه ڏنو
آهي. اهڙي خال کي ڀرڻ واسطي ڪجهه مواد هٿ ڪيو ويو
آهي، جيڪو مسلمان فنڪارن جي سوانح لکڻ جي سلسلي ۾
مددي مواد طور ڪتب آڻي سگهجي ٿو. پر اهڙي اسلامي
خطاطي واري فن کي پوريءَ ريت اجاگر ڪرڻ لاءِ
باضابطا طريقي سان جاچ پڙتال ۽ کوجنا ڪرڻي پوندي.
ڪجهه وقت ٿيو، جو اهڙي قسم جي امنگ ۽ اتساهه
منهنجي دماغ ۾ اچي واسو ڪيو. 1961ع جي سياري ۾
جڏهن مان ٺٽي جي قديم آثارن تي کوجنا ڪري رهيو
هئس، ته ان دوران مون کي ڪي اهڙا خطاطيءَ جا نمونا
مليا، جن تي ڪاتبن جون پنهنجون صحيحون ٿيل هيون.
معلوم ائين ٿئي ٿو، هن شهر جي ڪاتبن، خطاطيءَ جي
فن ۾ پنهنجون ڪيئي پيڙهيون گذاري ڇڏيون هيون.
افسوس جي ڳالهه اِها به آهي، ته سهيوڳي مؤرخن اهڙن
ڪاتبن ڏانهن جوڳو ڌيان ئي ڪونه ڏنو. مان ٽن سالن
جي عرصي ۾ اهڙن ڪاتبن جي خطاطيءَ جا نمونا ڳولي
لهڻ ۾ سوڀارو ٿيو آهيان، جن جي ڪتابت تي انهن جون
صحيحون ۽ تاريخون اُڪيريل آهن، ان ريت انهن فنڪارن
بابت مون کي يادگيرين سان پـُـر سندن حياتي ۽
خطاطيءَ بابت لکڻ لاءِ گهڻو ئي مواد ملي ويو. اهو
اڻ ميو مواد آهي، جيڪو منهنجي آڏو ٽڙيو پکڙيو ڍير
لڳو پيو آهي. ان کي پنهنجي مرضيءَ مطابق ڪتب آڻي
سگهان ٿو. هن ججهي مواد، ٺٽي جي ماهر ڪاتبن تي قلم
کڻڻ لاءِ مون کي اتساهيو ۽ همت افزائي ڪئي آهي. هن
ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ شبهو ڪونه آهي، ته هن ڪتاب ۾ ڏنل
معلومات اسلامي فني ۽ هـُـنري تاريخ ۾ بنيادي
اهميت رکي ٿي ۽ انهن علائقن جي وچئين دور جي خطاطن
جي آتم ڪهاڻين لکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي،
جيڪي هاڻي پاڪستان جي سرحدن اندر واقع آهن.
هاڻي فقط هيءَ ڳالهه رهجي وئي آهي، ته آءٌ سائين ممتاز حسن ۽
سائين حسام الدين راشديءَ جا ٿورا مڃان، جن هن
ڏکئي ۽ مشڪل ڪم ۾ منهنجي همت افزائي ۽ رهبري ڪئي.
هنن ڏاهـَـن عالمن جي زور ڀرڻ تي هيءُ ڪتاب لکڻ
شروع ڪيم. مان ڊاڪٽر ايف. اي. خان جو به نهايت
ٿورائتو آهيان، جنهن صاحب قديم آثارن سان لاڳاپيل
ضروري مواد ميڙي چونڊي ڪٺي ڪرڻ ۾ منهنجي ضروري ۽
گهربل سهائتا ڪئي، بي.اي. ڊار جو به احسان مند
آهيان، جنهن هن ڪتاب لکڻ مهل ملهائتي مشورن سان
نوازيو. مسٽر آر. ڪي شرما به مدد ۾ پنهنجي وسئون
ڪونه گهٽايو. مسٽر حبيب الرحمـٰـن ۽ مسٽر ايم.
ايم. بيگ جا به لک لائق، جن پروف ريڊنگ، ببليو
گرافي ۽ ڏسڻي ترتيب ڏيڻ وقت گهڻو هٿ ونڊايو.
محمد عبدالغفور
ڪراچي - 10 جولاءِ 1968ع |