باب پنجون
خطاطيءَ جا نمونا ۽ سندن احوال
پليٽ XI
ڪوفي خط ۾ لکيل ڀنڀور ۽ ٺٽي جا ڪتبا (294 هه / 907ع)
هي ڪتبا صاف ۽ لسي ٿيل ڀوري پٿر تي عربي خط ۾ اُڪيريل آهن.
ڄاڻايل پٿر ٽن حصن ۾ ورهايل آهن، جن جي جدا جدا
ماپ هن ريت آهي:
2'-4'' x 2' - 1/4'' ،
14 -1/2'' x 14 1/2'' ۽
14 1''/2 x 2'-5'' هن قسم جي خط ۾ ت، م ۽ و جي اصلي اکرن جي پڇاڙين مان ڄڻ
ته موڙ نڪتل آهن. لام ۽ الف جي وچ واري وٿيءَ ۾
اوڀڙ طرز جي ٽـُـڪ ٿيل ڏسڻ ۾ اچي ٿي. ٻي عام طرز
ڪجهه کجيءَ جي ڦڙڪن جهڙي ڏسجي ٿي. اهي ڦڙڪا يا
پنکڙا ڪٿي ٻه سانگا ڪٿي وري ٽه سانگا نظر اچن ٿا.
پڙهڻي هن ريت آهي:
بسم الله الرحمـٰـن الرحيم لاالـہ الا الہ وحده و ان محمد
رسولـہ وعبده انمايعمر مساجد الله من امن باالله واليوم
الاخر و اقام الصلوٰة
و اٰتي الزڪوٰةِ
ولم يخش الا
الله فعسيٰ
اولئڪ ان يکونوا
من المهتدين. هذا مما امر بنصبـہ الا امير محمد بن
عبدالله العقده سنـہ اربع و تسعين و ماتين
پليٽ XII
ٺٽي ۾ شاهه حسن ارغون جي مقبري واري لکت (938هه
/ 1538ع)
پٿر تي نظر ايندڙ هڪ خاني ۾ بيضوي طرز جا ٽي گول دائرا، جيڪي هڪ
ٻئي کان ماپن ۾ گهٽ وڌ آهن، ڇيڙن وٽ ٻه بيضوي
ڊگهين گول دائرن جا اڌ آهن. آخر ۾ ذڪر ڪيل گول
دائرن جي آڌين ۾، پاڻ ۾ ڳتيل پن ول واري طرز جي چٽ
سالي آهي. هيٺين ۽ مٿين ٻنهي ڪنارن تي پن ول طرز ۽
گل ول واري نقش نگاري ڪئي وئي آهي. ڏسڻ ۾ ائين اچي
ٿو، ڄڻ هيڏي هوڏي پکڙجي هوا ۾ لـُـڏي لمي رهيا هجن
۽ بيضوي دائرن جون اندريون وٿيون گڏ وچڙ گل ڪاري
طرز جي گل ڪاري سان چٽيل آهن. وچون بيضوي دائرو
ڪوفي خط ۾ “الله رسول علي” جا اکر ڏيکاري ٿو ۽ ان
جي پس منظر ۾ گل ول جي نقش نگاري ٿيل آهي. ٻين ٻن
۾ اڇي تـَـرَ تي ڪارن اکرن ۾ فارسي بيت آهن، جن
جي پڙهڻي هن ريت آهي:
”بنائي مسجد جامع شد ازدريا دلي واقع
که دارد عالمي را شاد و خرم فيض انعامش“
پليٽ XIII
دولهه دريا خان جي مقبري جي ڏاکڻي لنگهه جي سردر
(Lintel)
تي اُڪيريل لکت
هن لکت جي اُڪير هلڪيءَ کوکيءَ طرز تي ڪيل آهي. الف ۽ لام جي
ڇيڙن کي ايترو، ته مٿي وڌايو ويو آهي جو معلوم ٿئي
ٿو، ته ڄڻ اهي تير آهن. اکر عام طور تي اهڙيءَ ريت
لکيا ويا آهن، جو سـِـٽَ جي هيٺئين تر مان ڄڻ مٿي
اُڀرن ٿا. هن خط جي شڪل صورت طغرا خط جهڙي آهي، پر
طغرا خط جون جيڪي وصفون آهن، سي هن ۾ ڪونه آهن. خط
نسخ استعمال ٿيل آهي، پر حـُـروف علت سان ڀريو پيو
آهي. لکت، چوڌاري حاشيي سان آهي ۽ هن طرح آهي:
قال النبي صلي الله عليه وسلم اذا تحيرتم في الامور فاستعينوا من
اهل القبور صدق يا رسول الله هذا المقام بامر خان
اعظم مبارڪ خان بن سلطان نظام الدين شاهه بن صلاح
الدين شاهه بن سلطان رڪن الدين شاهه وهو المظفر
علي مغلان الهري و القندهار - کتبـہ قطب الدين بن
محمود.
پليٽ XIV
سلطان ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي واري مقبري جي اولهه واري
لنگهه تي اُڪيريل لکت (915هه/ 1509ع)
هيءَ لکت در جي سر در مٿان ۽ ٻن پٽين تي ثـُـلثُ نموني ۾ ڪتابت
ٿيل آهي، جيڪي هڪ ٻئي جي مٿان آهن. مٿئين خاني ۾
قرآن شريف جي سورت
XXXIX
جي آيت نمبر 73 ۽ 75 لکيل آهي. هيٺئين خاني ۾ سورت
LXIV
جون آيتون 7 ۽ 8 لکيل آهن. لکت ثلث جي خط ۾ ۽ ڏاڍي
صاف آهي. اکر، و، ل، ن ۽ ص هڪ جهڙي گولائي ۾ لکيل
آهن. گهڻو ڪري اها خطاطي سما دور جي مشهور ۽ معروف
خطاط حافظ محمد رشيد صديقيءَ جي ڪيل آهي. انهيءَ
لکت جي مٿان ڪنول گل جي آڌين جي قطار آهي. لکت هن
طرح آهي:
وسيق الذين اتقوا ربهم الي الجنـة
زمرا حتي اذا جاءُ
ِواها و فتحت ابوابها وقال لهم خزنتها
سلٰم
عليڪم طبتم فادخلوها خٰلدين
- وقالو الحمد لله الذي صدقنا وعده و اورثنا الارض
نتبواُُ من الجنـة
حيث
نشاءُ فنعم اجر العٰملين
- و تري الملائکـة
حافين من حول العرش يسبحون بحمد ربهم و قضي بينهم
باالحق و قيل الحمد لله رب العٰلمين.
زعم الذين کفروا ان لن يبعثوا قل بليٰ و ربي لتبعثن ثم لتنبؤن
بما عملتم و ذالڪ علي الله يسير - فامنو بالله و
رسولـہ و النور الذي انزلنا والله بما تعملون
خبير.
پليٽ XV
امير حاجيڪا مغل جي مقبري تي قرآن شريف جون اُڪيريل آيتون
(963هه / 1556ع)
اهو نفيس ڪم نسخ جي خط ۾ اُڪيريل آهي. هوبهو باڪمال خطاط ياقوت
المعتصسمي جي خطاطي جهڙو آهي. خوبصورتيءَ جي مقصد
لاءِ اعرابن جو استعمال ڪيو ويو آهي. چوڌاري
ڪناريءَ سان پن ول جي چٽسالي آهي، جيڪا گڏيل وچڙيل
آهي. مٿئين پاسي تي ”الله“ جي نالي سان کجيءَ جي
پنکڙن جي آڌين جهڙي اُڪير ڏسجي ٿي. اها اُڪير هلڪي
کوکيءَ طرز تي ٿيل آهي. لکت هيٺينءَ ريت آهي:
الله
قال الله تعاليٰ کل شيءَ هالڪ الا وجهـہ لـہ الحکم و اليـہ
ترجعون.
ڪتبه الفقير عبدالرحيم صديقي
پليٽ XVI-A
۽ پليٽ
XV-B
مرزا عيسيٰ ترخانII
جي مقبري جي اُڪيريل لکت (973هه / 1565ع)
مقبري جي پٿر واريءَ ڀت تي مٿي قرآن شريف جي آيتن جي هلڪي
کوکيءَ
(Low relief)
طرز تي اُڪير ٿيل آهي. قرآن شريف سورت نمبر
LXVII
۽ آيتون 1-30 ۽ سورت نمبر
XCIII
۽
XCVII پوريون آيتون ڪتابت ٿيل آهن. آخر ۾ حافظ عبدالرحيم پٽ حافظ
رشيد صديقيءَ جي صحيح ٿيل آهي. لکت جي طرز ٻڌائي
ٿي ته مقبري جي اندرئين پاسي کي به ساڳئي خطاط جي
ڪاريگريءَ سان بارونق بنايو ويو آهي. سورت نمبر
LVI
جون آيتون 1 کان 97 ۽ سورت نمبر 111 جون آيتون 18
کان 20 ۽ پڻ آيت نمبر 39 اُڪيريون ويون آهن. قبر
جي پٿر تي تاريخ وارو ڪتبو فارسي زبان ۾ نسخ خط ۾
لکيل آهي سو به ساڳئي خطاط لکيو آهي. تاريخ واري ۽
ٻي لکت هن طرح آهي:
(الف)
تبارڪ الذي ........ بماءِ معين - والضحيٰ .... بنعمة ربڪ فحدث
انا
انزلنٰـہ
...... مطلع الفجر.
صدق الله العلي العظيم - ڪتبـہ عبدالرحيم بن حافظ رشيد صديقي
(ب)
مشتاق آفتاب جمال محمديم
مابنده محمد و آل محمديم
پروانه وار سوخته از آتش فراق در
آرزوئي شمع جمال محمديم
وفات يافت حضرت جنت مڪاني مرزا محمد عيسيٰ ابن عبدالعلي ترخان
في سنه 973هه
پليٽ XVII-A
۽ پليٽ
XVII-B
قبر جي پٿرانهين لوڙهٽ تي ڪلمه طيب ۽ قرآني آيتون (سترهين صدي
عيسوي)
ٺٽي اندر نستعليق جي خط ۾ قرآني آيتن جي هيءَ وڌ ۾ وڌ قديم لکت
آهي. زنجير جي ڪڙين جي طرز تي چوڌاري ڪناري
اُڪيريل آهي ۽ وچ ۾ قرآن شريف جون آيتون اُڪيريل
آهن. ان پٿر جي ٻنهي پاسن کان سورت نمبر
II
جي آيت نمبر 255 آهي. ان ساڳي پٿر جي ڏکڻ پاسي کان
پٿر جي گهڙيندڙ، اُڪير ڪندڙ ۽ ڪاتب، ٻنهيءَ جون
صحيحون ٿيل آهن، سي جدا جدا نعمت الله ۽ درويش علي
آهن. لکت هن ريت آهي:
لا الٰہ الا لله محمد رسول الله
الله لا الٰہ الا هو الحي القيوم لاتاخذه سنـة
ولا نوم لـہ مافي السمٰوات
وما في الارض.
عمل استاد نعمـہ الله .... مشقـہ درويش علي
پليٽ XVIII-A
۽ پليٽ
XVIII-B
مرزا باقي بيگ جي مقبري جي راهه داريءَ تي اُڪيريل لکت (992هه /
1584ع)
هيءَ لکت نسخ خط ۾ آهي، پر ڏسجڻ ۾ ڄڻ ته گلزار خط پئي ٿي اچي.
اکرن جي بنيادي بيهڪ نسخ آهي، پس منظر ۾ گل ول
اُڪيريل آهي، جيڪا هن خط جي خاصيت آهي. سڄي لکت
ڏهن خانن ۾ ورڇيل آهي. اکرن جي شڪل صورت ٿورو
کجيءَ جي پنکڙين جهڙي آهي ۽ اکرن جي وٿين کي
اعرابون وغيره ڏئي ڀراءُ ڪيو ويو آهي. خانن جي وچ
تي وٿين کي گلاب جي گل جو اڌ چٽي گول ول اُڪيري
ڀريو آهي. اها هڪ تاريخي لکت آهي، جنهن تي 992هه
/ 1584ع جو سال لڳل ۽ حسن خطاط جي صحيح ٿيل آهي.
لکت هن طرح آهي:
تاريخ اتمام اين روضه ِّ منيعـہ ازان شاهزاده عاليشان رفيع
المکان شاه رخ خان رزقه الله بلطفـہ الحور
و
الولدان و افاض عليه من حضرت رحمة والرضوان
سنه 992هه اثنين و تسعين و تسع
ماتـہ - عمل استاد
حسن
پليٽ XIX
سلطان ابراهيم جي مقبري جي راهداريءَ تي لکت (961هه / 1554ع)
ڪاري تـَـرَ تي سفيد رنگ ۾ خط ثـُـلثُ جي طرز واري لکت ڏاڍي
خوبصورت آهي. حرف علت ۽ اعرابون، وقف ۽ سڪته جا
نشان وغيرهه سڀ سفيد رنگ ۾ آهن. سڄي لکت جي چوڌاري
گل ول واري ڪناري آهي، جنهن جو تر سفيد ۽ گل ٻوٽو
ڪارو چٽيل آهي. لکت ۾ گل ول جي تر جي ضد ڄڻ روشني
۽ پاڇي جو گڏيل منظر پيدا ڪري وڌو آهي. لکت ثلث خط
جو ڪامل نمونو ۽ اکرن جي ڇـِـڪَ ۾ ڄڻ ترنم جهڙي
هڪجهڙائي آهي. ان ۾ سورت نمبر
XXXIX
جي آيت 74 لکيل آهي. لکت هن طرح آهي:
اورثنا الارض نتبواُ
من الجنة
حيث نشاءُ فنعم اجرالعاملين.
مشقـہ العبد الفقير المحتاج الي الله الباري احمد انصاري.
پليٽ
XX
سلطان ابراهيم جي مقبري جي ونگائين لنگهه تي قرآني لکت
(961هه / 1554ع)
دروازي جي سـَـردَر کان مٿان وٺي ويندي ڀت جي ٻئي ڇيڙي تائين
سـُـمهيل سنوت ۾ قرآن شريف جي آيتن جي لکت ٿيل
آهي. اها لکت ڪاشيءَ جي سرن تي آهي، جنهن جو ترُ
ڪارو ۽ لکائي سفيد رنگ ۾ ڪئي وئي آهي. چوڌاري
ڪناري تي گل ول جي چترڪاري آهي، جيڪا جڳهه جي
اڏاوتي نموني سان ميل کائي ٿي. لکت اها ئي ساڳي
آهي، جيئن پليٽ
XIX
۾ آهي.
پليٽ XXI-A
۽ پليٽ
XXI-B
حاجي رمضان جي مقبري تي لکت (1111هه / 1699ع)
قبر وارو پٿر سـُـمهيل سنوت ۾ ۽ زنجير طرز واري چٽ ساليءَ جي
پٽيءَ سان ورڇيل آهي. صفا مٿيون پاسو ٽن برابر
چورسن ۾ ساڳي زنجير سان ورهايل آهي. وچئين چورس ۾
سواستيڪا جو نشان چٽيل ۽ ڪـُـنڊن وارن چورسن ۾ گلن
جي چٽ سالي ٿيل آهي. پٿر جي باقي رهيل ڀاڱن ۾ سورت
نمبر
LXVII
جون 19 ۽ 20 آيتون ۽ سورت نمبر
LXVII جي آيت 24 ۽ سورت نمبر
LXVII
جون 29 ۽ 30 آيتون لکيل آهن. آخر ۾ سيد محمد علي
جي صحيح ٿيل آهي. لکت ننڍي ثلث جو بهترين نمونو
آهي. لکڻ جي اسلوب مان معلوم اهو ٿئي ٿو، ته هن
لکت ۽ پليٽ نمبر
XI
جو خطاط هڪ ۽ ساڳيو آهي، جيتوڻيڪ انهن ٻنهيءَ تي
صحيحون مختلف ماڻهن جون ٿيل آهن. هڪ تي سيد محمد
عليءَ جي ۽ ٻيءَ تي سيد عليءَ جي صحيح ٿيل آهي.
لکت هن طرح ٿيل آهي:
ما يمسکهن الا الرحمـٰـن انـہ بکل شيءِ بصير - امن هذا الذي هو
جند لکم
ينصرکم
من دون الرحمـٰـن، الذي ذراکم في الارض
واليـہ تحشرون ...... من هو في ضلــٰـل مبين - قل ارءَيتم ان اصبح ماؤکم
غورا فمن ياتيکم بماءِ معين -
کتبـہ سيد محمد علي. بتاريخ بيست و هفتم ماه شوال المڪرم سنه
1111هه حاجي رمضان برحمت پيوست.
پليٽ
XXII
ٺٽي جي شاهي مسجد جي اوڀر پاسي واري مهاڙيءَ تي نسخ خط ۾ قرآني
آيتن جي لکت (1104هه / 1692ع)
مذڪوره لکت ۾ قرآن شريف جي سورت نمبر
XLVIII
جون آيتون 27 ۽ 29 لکيل آهن. خط نسخ ۽ هلڪي کوکيءَ
(Low relief) طرز ۾ اُڪيريل آهن. ان لکت جي چوڌاري ڪناري گل ول واري آهي ۽
خطاط جو نالو سيد علي آهي. اسان هن لکت مان معلوم
ڪريون ٿا ته سيد علي سيد عبدالقدوس جو پٽ هو. سندس
اُڪير ٿيل خطاطيءَ جي نموني تي 1104هه / 93-1692ع
جي تاريخ آهي. لکت هن ريت آهي:
مغفرهِ اجرا عظيما صدق الله العليٰ 1104 هه کتبـہ سيد علي بن
سيد عبدالقدوس
پليٽ XXIII-A
، پليٽ
XXIII-B
۽ پليٽ
XXIII-C
ٺٽي ۾ هڪ قبر جي پٿرانهين لوڙهٽ تي طغرا خط جي موجودگي (سترهين
صدي عيسوي)
قبر تي اڀي کـُـتل پٿر کي اهڙي نموني سان اُڪيريو ويو آهي، جو
ونگ جون ڪيتريون گولايون بنجي پيون آهن، ونگ وچ تي
ٿالهيءَ وانگي گول ۽ هڪ اڌ گول آهي، جن جي اندر
طغرا خط ۾ عربي لکت آهي. هيءُ لکت ان ڪري ٻين کان
وکري آهي، جو ان جو اسلوب اُڀو آهي ۽ لکت هن ريت
آهي:
(الف)
بسم الله الرحمـٰـن الرحيم الحمد لله الذي زين النبيين بحبيبـہ
المصطفيٰ
(ب)
هيءُ مٿين ڪتابت وانگي اُڪيريل آهي ۽ جنهن تي طغرا خط ۾ لکت هن
ريت آهي:
والحمد لله عليٰ ما بقيٰ والصلوٰة و السلام علي خير الوريٰ محمد
رسول الله
(ت)
قبي جي ان ئي پٿر تي بلڪل هيٺ محمد بن سيد علي جي صحيح هن ريت
آهي:
الصلوٰة و السلام عليڪ يا رسول لله کتبـہ الحروف محمد بن سيد
علي.
پليٽ XXIV
نسخ خط ۾ ڪلمو طيب سيد علي خطاط (1097هه / 1686ع)
لکت جي چوڌاري، ڪناريءَ تي پن ول ۽ گل ول واري اُڪير ٿيل آهي.
هن لکت جي خاصيت اها آهي، ته جيڪي خال آهن، تن کي
کجيءَ جي اڌ پنکڙين جهڙن نشانن سان ڀرڻ جي ڪوشش
ڪئي وئي آهي ۽ خاص طور تي محمد ۽ الله جي وچ واري
خال ۾ ائين ڪيو ويو آهي. لکت جي پڙهڻي هن ريت آه
ي:
لا الٰہ الا الله محمد رسول الله کتبـہ سيد علي 1097هه
پليٽ XXV
پارسي شعر بابت بادشاهي مسجد ٺٽي جي تيار ٿيڻ تي لکيل قطع
تاريخ. (1057هه / 1647ع)
ان تي عبدالغفور خطاط جي صحيح ٿيل آهي. سال 1057هه / 1647ع لکيل
آهي. شاهجهان جي دور سان واسطو رکندڙ هن خوبصورت
نستعليق جي لکت آهي ۽ پڙهڻي هن ريت آهي:
هاتفم گفت سال اتمامش گشت زيبا چو مسجد اقصي، سنـہ 1057هه
کتبـہ عبدالغفور
پليٽ XXVI
شاهجهاني مسجد ٺٽي تي فارسي شعر، بابت مسجد جي تعمير ٿيڻ تي
لکيل قطعه تاريخ (1098هه / 1687ع)
هن لکت تي عبدالله خطاط جي صحيح ٿيل آهي، جيڪا سال 1098هه /
1687ع ڏيکاري ٿي. چٽي نموني نستعليق جو خط آهي،
جيڪو ڏاڍي صفائيءَ سان لکيو ويو آهي. ٻن پاسن کان
ڪناريءَ تي گل ول جي گڏيل طرز تي اُڪيريل چٽ آهن.
لکت ۾ چوڌاري هڪ جهڙائپ نظر ايندي. پڙهڻي هن طرح
آهي:
فرش مطبوع و دلکشا پرداخت سنـہ 1098هه کتبـہ عبدالله
پليٽ
XXVII
ٺٽي جي شاهي مسجد جي محراب تي ٿيل لکت (1057هه / 1647ع)
ڪاشيءَ جي سرن جي ڪاري تر تي سفيد رنگ جي ڪتابت ثـُـلثُ خط ۾
آهي، جيڪا هڪ جيترن خانن ۾ ڪيل آهي. سورت
XVII
جي آيت 78 ۽ 81 لکي وئي آهي. هتي هن ڳالهه تي
ڌيان ڏيڻو پوندو، ته اهڙي قسم جون آيتون عام طور
تي محرابن تي لکيون وينديون آهن. هن ڪتابت تي ڀنڀي
پٽ حسن جي صحيح ٿيل آهي. ڪتابت جي چوڌاري ستارن جي
وٽ واري چترڪاري ڪئي وئي آهي. لکت ۾ ڏاڍي هڪجهڙائي
نظر اچي ٿي، سندس پڙهڻي هن ريت آهي:
اقم الصلوٰة لدلوڪ الشمس الٰي غسق اليل و قرآن الفجر ان قرآن
الفجر کان مشهودا.
ومن الليل فتهجد بـہٖ نافلة لڪ عسيٰ ان يبعثڪ ربک مقاما محمودا
و قل رب ادخلني مدخل صدق و اخرجني مخرج صدق واجعل لي من لدنڪ
سلطانا
نصيرا
وقل جاءَ الحق وزهق الباطل ان الباطل کان زهوقا.
مشقہ العبد الفقير بنبو بن حسن
پليٽ
XXVIII
شاهجهاني مسجد ٺٽي جي نماز پڙهڻ واري مکيه صفحي جي ڇت تي قرآني
آيتن جي لکت (1057هه/ 1647ع)
هيءَ لکت قرآن جي سورت
XVII
۽ نمبر 9 ۽ 10 آيتن تي ٻڌل آهي. نسخ جي خط ۾ طاهر
پٽ حسن جي صحيح ٿيل آهي. لکت هن ريت آهي:
ان لهم اجرا کبيرا وان الذين لايؤمنون بالاخرة اعتدنا لهم
عذاباً اليما -
کتبـہ طاهر بن حسن ڪاتب
پليٽ
XXIX
ٺٽي جي شاهجهاني مسجد جي اوڀارين مهاڙيءَ تي نسخ جي لکت جي
قطار (1104هه / 1692ع)
قرآن شريف جون آيتون نسخ جي خط ۾ ۽ هلڪيءَ کوکيءَ طرز جي اُڪير
۾ ٿيل آهي. ان جي مٿان شيخ محمد فاضل جي صحيح ٿيل
آهي سال 1104 هه / 1692ع ڏيکاريل آهي. خطاطيءَ جي
چوطرف ڪناريءَ تي اليڪي چٽسالي آهي. لکت هن ريت
آهي:
صدق الله العلي العظيم - کتبـہ شيخ محمد فاصل سنـہ 1104هه
پليٽ XXIX
ديوان شرفا خان جي مقبري تي قرآني آيتن جي لکت (1048هه / 1638ع)
ديوان شرفاخان جي قبر جي اولهه ڏسا جي مهاڙيءَ ۾ لڳل چونٺو جنهن
تي قرآني آيتون تمام ڪمال فن سان اُڪيريل آهن. پٿر
جو مٿيون حصو ڪيترين گولاين سان ترتيب ڏئي بنايو
ويو آهي. وچ تي سورج مکي ۽ ڪُـنڊن تي گلاب جا گل
اُڪيريل آهن. پٿر جي وچ واري حصي کي، ٻن سـَـنوت
وارين ۽ هڪ اڀيءَ زنجير جي پٽين سان ونڊي ڇهه هڪ
جيترا ڀاڱا ڪيا ويا آهن. انهن ڇهن ڀاڱن کي وچوليءَ
نسخ جي خط ۾لکي ڀريو ويو آهي. ڪناريءَ کي اليڪي چٽ
ساليءَ سان سينگاريو ويو آهي. هيٺئين پاسي وڏي نسخ
خط ۾ ڪلمو پاڪ اُڪيريل آهي ۽ ان سان گڏ خطاط شيخ
محمد جي صحيح ٿيل آهي. پٿر جو ٻيو پاسو به ساڳيءَ
ريت سينگاريو ويو آهي، پر لکت فارسيءَ ۾، نستعليق
خط نفاست وارو آهي. هن مان اهو معلوم ٿئي ٿو، ته
شيخ محمد، خطاطيءَ جي علم جي تفصيل ۾ پنهنجو هڪ
مثال رکندو هو ۽ نسخ ۽ نستعليق جي ٻنهي طرزن جي خط
۾ هڪ جهڙو ماهر خطاط هو. لکت هن طرح آهي:
بسم الله الرحمـٰـن الرحيم
کل شيءِ هالڪ الا وجهـہ لـہ الحکم و اليـہ ترجعون
کل من عليها فان ويبقيٰ وجـہ ربک ذوالجلال والاکرام
محمد رسول الله والذين معہ اشداءُ
علي الکفار رحماءِ بينهم تراهم رکعاَ سجداَ يبتغون
فضلا من الله و رضوانا سيماهم في وجوههم من اثرالسجود ذالڪ
مثلهم في التوراة و مثلهم في الانجيل کزرع اخرج
شطاَہ فاٰزره فاستغلظ فاستويٰ علي سوقـہٖ يعجب
الزراع ليغيظ بهم الکفار
لا
الٰہ الا الله محمد رسول الله کتبـہ شيخ محمد
پليٽ XXXI-A
۽ پليٽ
XXXI-B
مرزا متين بيگ جي مقبري تي قرآني آيتن جي لکت (1022هه/ 1710ع)
قبر واري پٿر جا سڀ پاسا، نسخ خط ۾ لکيل قرآني آيتن سان ڀريل
آهن. مقبري جي ڏکڻ واري پڇاڙيءَ تاريخي لکت ڏيکاري
ٿي، ته هي اُڪير وارو ڪم شيخ محمد خطاط ربيع الاول
1022هه/1613ع ۾ لکي پورو ڪيو. ساڳيءَ خطاط، مرزا
عيسيٰ خان ترخان
II
جي مقبري تي قرآني آيتن ۽ تاريخ واري خطاطي به ڪئي
هئي. مقبري جي اولهه پاسي هن خوش نويس پنهنجي صحيح
به ڪئي آهي. تاريخي لکت هن طرح آهي:
(الف)
وفات يافت مرحومي مغفوري متين بيگ بن بايخان شهر ربيع الاول
1022هه
قرآني آيتن جي لکت نسخ خط ۾ آهي. لکائي ڏاڍي نزاڪت ۽ نفاست سان
ڪئي وئي آهي. شيخ محمد بن شيخ حسن جي صحيح ٿيل
آهي. لکت هن ريت آهي:
(ب)
لا
الٰہ الا الله محمد رسول الله
هو الکريم هو الفتاح
کتبہ فقير شيخ محمد بن شيخ حسن
پليٽ
XXXII
لاله خان جي قبر جو پٿر (1111هه/ 1702ع)
ان پٿر کي زنجير جي طرز جي پٽين سان خانن ۾ ورهايو ويو آهي.
قرآني آيتون هلڪي کوکيءَ طرز تي اُڪيريون ويون
آهن. نسخ خط ڪتب آندو ويو آهي پر لکت هيٺاهين سطح
جي آهي. هن خوش
نويسيءَ جي ڪم تي خطاط محمد احسن جي صحيح ٿيل آهي.
تاريخ جي لکت ڏيکاري ٿي، ته هيءُ ڪم 1111هه/1702ع
۾ پورو ٿيو. لکت جي پڙهڻي هن ريت آهي:
والحمد لله رب العالمين
توکلت واليه انيب
کتبہ محمد احسن عفي عنـہ
پليٽ XXXIII
نواب سيف جنگ جي قبر وارو پٿر (1142هه / 1729ع)
جيتوڻيڪ لکت تي ڪنهن به خطاط جي صحيح ڪانه آهي، پر مير علي شير
قانع ٺٽوي جو تحفـة الڪرام ۾ بيان آهي، ته اها
لکت عبدالله خطاط ڪئي هئي. ڪتابت نسخ خط ۾ آهي،
جنهن جي پڙهڻي هن ريت آهي:
ياالله
اللهم صل علي محمد المصطفيٰ و علي المرتضيٰ و فاطمة الزهرا
والحسن و الحسين و صل عليٰ زين العابدين و محمد
الباقر و جعفر الصادق و موسيٰ الکاظم و علي
رضا، محمد التقي و علي نقي و
الحسن العسڪري و محمد المهدي صاحب الزمان و
صلوٰة الله و سلام
عليهم اجمعين.
سيف جنگ خلد منزل ازوي ..... دست وي با دامن ال عبا ست - شهر
ذيقعد سنه 1142هه
پليٽ XXXIV
خدا آباد ضلع دادو ۾ ميان يار محمد ڪلهوڙي جي مقبري ۾ لکت
(1131هه / 1718ع)
قرآن شريف جون آيتون خاص طور تي آيت الڪرسي ڪاشيءَ جي سرن تي
ڪارن اکرن ۾ سفيد تـَـرَ تي لکيون ويون آهن. نسخي
خط هڪ ٻئي سان گڏيل طرز ۾ شفيعه خط نموني لکيل
آهي. حروف علت ڪنهن اصولي طور تي ڏنل ڪونه آهن ۽
گهڻو ڪري آرائشي آهن. کجيءَ جي پنکڙين جهڙا نشان
ڏئي وٿين کي ڀريو ويو آهي. مقبري جي ان پٿر تي ٻه
سفيرون فارسيءَ جي شعرن جون لکيل آهن. آخر ۾ خطاط
پنهنجي صحيح هن طرح ڪئي آهي، ”حبيب الله، ساڪن
ٺٽه.“ هيءَ ڳالهه دلچسپيءَ کان خالي ناهي، ته هيءَ
خطاطي ڪلهوڙا دور سان واسطو رکي ٿي، ٻي ڳالهه اها
آهي، ته ٺٽي جي خطاطن کي ملڪ جي ڏورانهن ڀاڱن ۾ ڪم
لاءِ سڏايو ويندو هو. هن لکت جي پڙهڻي هن ريت آهي:
مابين ايديهم ....... و هو العلي العظيم صدق الله
اي موالي و صيف سلطان خراسانرا شنر همچو مهدي يک سپه سالار در عالم کجا است
کتبـہ حبيب الله ساڪن ٺٽه.
پليٽ
XXXV
عبد الرحيم پٽ حافظ محمد رشيد صديقي خطاط جي لکت (ڏسو پليٽ
XVI)
ثـُـلثُ خط آهي سفيد رنگ ۾ لکت جنهن ۾ تر ڪارو آهي. لکت جي
چوڌاري ڪناري آهي، جنهن جي گل ول جي چٽ سالي ٿيل
آهي. حروف علت ۽ اعرابون روايت کان وڌيڪ خوبصورت
آهن. لکت هن ريت آهي:
(الف)
بسم الله الرحمـٰـن الرحيم اقم الصلوٰة
(ب)
عبدالرحيم پٽ حافظ محمد رشيد صديقي
پليٽ
XXXVI
خطاط شيخ محمد جي ڪلمه طيبه جي لکت
لکت وڏي نسخ خط ۾ آهي. الف ۽ لام جون اڙيون ايتري قدر، ته مٿي
کنيون ويون آهن، جو ڄڻ ته تيرن جون قطارون پيون
ٿيون معلوم ٿين. هيٺئين پاسي واري ڪناري اليڪي ۽
ٻين پاسن واريون ڪناريون گل ول واريءَ طرز تي چٽيل
آهن. پڙهڻي هن ريت آهي:
لا
الٰہ الا الله محمد رسول الله
کتبـہ شيخ محمد
پليٽ XXXVII
ڪاتب رحمت الله پٽ سلام الله فاروقيءَ جي قرآني لکت
(سترهين صدي عيسوي)
لکت ثلث جي خط ۾ آهي. سورت
XVII
جي آيت 79، سورت
XVII
جون آيتون 30 ۽ 32 سورت
XLI
جون آيتون 21 ۽ 22 لکيل آهن. هن جون توصيفي خوبيون
هي آهن، ته لکت جي چوڌاري ڪناري گل ول واري طرز تي
آهي، جيڪا هرات جي تيموري فن جهڙي آهي. محسوس ائين
ٿئي ٿو، ته ڄڻ هن مٿا ’لکڻ‘ جي فن ۾ ڪنهن ڪتاب جو
مطالعي جو اثر آهي. لکت هن ريت آهي:
يا غفار الذنوب
بسم الله الرحمـٰـن الرحيم
ومن الليل فتهجد بہٖ نافلة لڪ عسيٰ ان يبعثڪ ربڪ مقاما محمودا. ان
الذين قالوا ربنا الله ثم استقاموا تتنزل عليهم
الملائکة الا تخافوا ولا تحزنوا وابشروا بالجنة
التي کنتم توعدون نحن اولياؤکم في الحيوٰة الدنيا وفي الاخرة ولکم فيها ما تشتهي انفسکم ولکم فيها ما
تدعون نزلا من غفور رحيم يبشرهم ربهم برحمة منہ
ورضوان وجنات لهم فيها نعيم مقيم خالدين فيها ابدا
صدق الله علي العظيم والحمد لله رب العلمين. کتبـہ رحمت
الله بن سلام الله فاروقي. |