سيڪشن: لوڪ ادب

ڪتاب: واقعاتي بيت

باب:

صفحو:6 

(2)

گڏاپ وارو ڌاڙو

(چيل عمر جو)

ساراهيان سچو ڌڻي، اول نانۡءُ الله،

ڪم ڪندو ڪارڻي مير محمّد شاهه،

موليٰ ڏينهن محشر جو، اَڙين جي آڌار،

علي گهوٽ ڀڳا ڪوٽ، ڪفر جا ڪِنار،

منڪر ماري، ڏئوت ڏاري، ڪيائين کنــٖــي سان کناءِ،

ڏور ٻڌي ڏاهه، مرد انهيءَ ميراڻ جي.

 

مرد انهيءَ ’ميراڻ‘ جي، سڻو صفت سا،

کٽ    ڇڏي      کڙو   ٿيو،    بــٖــيرَ    تي    ڇڏي    ڀاء(1)،

اوطاق اتي ڇڏيائين، جت هئا گلم غاليچا،

گهوڙي گهوٽ وساري، تازيءَ کان طعنا(2)،

سوين سُک ڦٽا ڪيائين، ليکي لاڳاپا،

سنڀاري سيّد کي، ڪيائين سوال صدا:

والي! تون وڙ ڪجان، مون سان مدد ڪا مصطفيٰ

 خار مؤن کنيائين، دونالي دستا،

برجلوٽ بلوچ کنئي، گولي گُر مُڇاٽا،

پوءِ ڪري توڪل جا تڪيا، وٺي راهه روانو ٿيو.

 

وٺي راهه روانو ٿيو، ڪري رنج رٿا،

دوڙايائين دل، انگريز سان اٽڪا،

گوڙ ڏنائين ’گڏاپ‘ مؤن، جيئن وڄ ڪري ونۡڪا،

منجهائي تنهن مَهتــٖــي کي، هن هٿيار هٿ ڪيا،

ڪُنجون وٺي ڪِراڙ کؤن، ڏسي مرد مَتا،

ٽجوڙي ٽي ٽڪر ڪيائين، خان خزانا کنيا،

مهل اتي مسلمينن کي، ڪيائين ٿي مَنڪا:

اوڏو اَچجو ڪينڪي، متان لوڪ ٿئيو لقا،

باري ٿي بهادري ڪئي، ڪري هُل هُڳاءِ،

هٿ وڍائي هيڻو ٿيو، آيو ڪو ڪهڪاء(3)،

جس هجي جو کين کي، سَير: اهو ستاء،

مور مري شهيد ٿيا، جوکيا انهيءَ جاء،

اهڙا مرد، مِهريون، ڀل ڄڻي ڪا ماء،

’ميراڻ‘ مرد ماري وڌا، سٽي ڪان سگها(4)،

پوءِ ڪري فعل وڌا، نَر هڻي نعرو ويو.

نَر هڻي نعرو ويو، ’جماليءَ‘ کي جس،

پيءُ ملهايائين پانهنجو، ڪُر لاٿائين ڪَس،

توڪُلاڻي ۾ طريل، سورهيائي ۾ سرس،

وٺيو ڇپون جهُڏن واريون، جِت سرنهه گهمن سرس،

گڊ ماريو ميهر جو، مينهون پچائن مَس،

عرضيءَ سان ”عمر“ چئي، علي اوٽ اٿس،

پوءِ ڏهون ڏيئي ڏس، وٺو ڇِپون جهُڏن واريون.

 

ٿرپارڪر تي ماڪڙ جو حملو

(چيل ڪانهو مينگهواڙ)

 

1926ع ۾ سنڌ ۾ ماڪڙ آئي جنهن پوکن کي سخت نقصان رسايو. ماڪڙ جي حملي جو گهڻو زور ٿر تي هو. جتي ٻنيون ٻارا ماڪڙ کائي ناس ڪري ڇڏيا، جنهنڪري اُتي ڏڪار جهڙي حالت پيدا ٿي ويئي. اها ماڪڙ ڪڇ ڀڄ کان آئي، جنهن ٿر ۾ اچي ديرو دمايو. هن ماڪڙ مڱن، ٻاجهر، ترن، چونرن، جوار ۽ انّ جي فصلن کي ناس ڪرڻ سان گڏ سمورو اوڀڙ کائي چٽ ڪري ڇڏيو. نارو، ننگر، پوٺو پارڪر ۽ ٿر جا ٻيا ڪيترائي حصا ماڪڙ جي مصيبب جو شڪار ٿيا. ڀيل ۽ ٻين ذاتن جي ماڻهن ماڪڙ کي مارڻ جون ڏاڍيون ڪوششون ڪيون پر ماڪڙ ڪٿي ٿي مري. اٽڪل چئن مهينن تائين ماڪڙ جو اهو آزار رهيو. سگهڙ ڪانهي مينگهواڙ پنهنجي بيتن ۾ هن واقعي کي بيان ڪندي ماڪڙ کي شرمايو آهي ته: تو پنهنجا گهر گهاٽ ڇڏي هتي ڇو اچي ديرو دمايو آهي؟ توکي خدا جي مخلوق کي ايڏو آزارڻ نه گهرجي، وغيره. سندس ڪلام هيٺ ڏجي ٿو.

الله! عرض اگهائين تون، ته وسيو پٽ ڀري،

خلق جنهن ۾ تو کيل بنايل، ڏرت پيو ڏري،

وس نڪتي واريءَ مان، چڙهيو پن چڙهي،

باغ بنجي بحال ٿيو، ٿو خلق خوش ڪري،

پرور کڻي پيدا ڪئي، سا گهڙيئا مهند گهڙي،

معاملا ڪري، ماٺ ڪين سان ٿي لوڪ سان به لڙي،

محبت ۾ ”مينگهواڙ“ چئي ته پَت کان ڳالهه پري،

پيئي تار تري، تارين ٿو تون تِڏيءَ کي.

 

تاريندي    ڪيئن    تڏي کي، ڏس ڇوري   سهيتا ڇال(1)،

ٽيهه ورهيا ٽياسيءَ ۾، هيءَ ذات سڏائي زال،

انّ موسم هن ملڪ ۾، جنهن کائي ڪيو خال،

اَن جي يادگيري کان اڳ آئي ٿي ستاون جي سال(2)،

سوال سُڻ تون ”ساڌ“ جو، ڏس هارين جا تون حال،

موٽائين پنهنجو مال، نه ته ٽاڙيو ڪريان ٽوڙها(3).

 

اَنّ بنا اِيمان ٻُڌي، جن جام ٻڌا جوڙا،

ڪل ته ڪنهن کي ڪانه هئي، هيءَ تڏي آئي توڙا،

ڪانا اُت ڪانگڙ ڪيائين، ٺيلهي ڪيائين ٺوڙا،

رينک اچي ڪيائين ريٽن ۾، ٿيا سيڙهين ۾ سوڙها،

مڪڙ آيا موڙا، جن اچي دنگايا ديرا(4).

 

موٽي نڪتي ملڪ مان، ڏيهه ڇڏيو ڏيرا،

کُونڌي ويئي کٻڙيون، ڏيئي ڦوڳين کي ڦيرا(5)،

دنگ ڪري وري درياءُ جو ملڪ گهمي ميڙا،

مرد توکي مليو ڪونه، هاڻي ڇڪي ڇڏائيندينءَ ڇيڙا،

ڏاڍي ڏِنگي آهين، ڪرين واٽ ويندن سان جهيڙا،

هاڻي وڙهئي ٿي ويرا، سو گهارئين ڪين گهڙي؟

 

چئي: وچان ٿي ’ونگي‘ ڏانهن، جرئت ناهه ذري،

ڪهڙو ڪم آهي، ڪٿ وڃين ٿي؟ خبر سڻاءِ کري،

آس ڪري آئي آهيان آنۡ وٽ، وينديس نيٺ چري.

ماري مڃائيندوسئين، ويندين هتان وري،

تڏي هلي آيس تنهنجي، تڏهن مون سان ڪيئن پئين لڙي!

قد ٻڌو تو ’ڪَلئــٖــي‘ واري تي، هيل وڃين ڪر ٽري.

ڪام کڻي آءٌ ڪاهي آيس، وئــٖــين ڍوري کي ڍري،

نِسڏِي! تنهنجو نڪ هوندو ته ڪين ايندينءَ

ڪڏهن وري(1)،

پوءِ رن مرٽ ۾ مري، جنهن ڀڙوي ٿي ڀار کنيو.

 

ڀڙڀڙ اُڏي ڀُڙٽين مان، ڪرين مُرٽين تي مار،

ساوا پن کائين شاخن جا، جيڏا گڏيئي يار،

مُنهن جهلي ڪري ماٺ نه ويهين، ٿينءَ کاڌي تان خوار،

ضامن ڏي تون’جاني جوڻيجو‘ڪين ڇڏيندس تنهنکان ڌار،

کيٽا ڪيئي ٿي ’کائڙ‘ ۾، لڏايئي ٿي ’لاڙ‘،

ڪارڻ ڪج تون ”ڪانهو“ چوي، درياءُ دين! اُڪار،

اِي به اُنهيءَ جا پار، جيئري ڪڍ جهان مان.

 

ڪاهي پئي ٿي ڪورڙ ۾، ڪيئين ’مڱن‘ سان مارو،

ٻائيتال لاتائين ’ٻاجهر‘ ۾، ’گوار‘ گڏي ڪيئين گارو،

تعدي ڪيائين ٿي ’تِرن‘ سان، ’چونرا‘ اِنهيءَ جو چارو،

جور ته لاتئين ’جوار‘ تي، ڏاڍي ڪري ويئي ڏارو،

ٿُڪ هُجي توکي ٿر جي، ۽ ٿوهر جو ٽارو.

ڪين ڇڏيان آءٌ ڪڏهن، اَڪ ٿي پيو کارو،

ڌڪ ڪڍي ويئي ڌاڙو، ڏوري ڏونگر ڏيهه کان.

 

ناهي کوٽ خدا کي، جوڙ به ٿو جوڙي،

وڏيا    بنايو     واريءَ     ۾،    ڦر     وڌائين     ڦوڙي(1)،

موڪ تي اچي مينهن وٺا، تور ڇڏيائين توري،

قومون سائينءَ ڪيئي بنايون، ڪتر سان ڪوري،

حڪم ڪري هٿين پَئــٖــي، ٽپڙ سڀ ٽوڙي،

ولڙين اَچي ويءَ پڪا، ٻيا لُڙهه ۾ لوڙي،

قسمت وڌائين ٽوڙي، ته بنايئين قوم ’ڪَهِـه‘ جي.

 

ڦڪا اُت ڦِڪا ٿيا، ويئينءَ ليٽي لُڪا(2)،

سٽيائون ٿي سيڙهين ۾، اچي کاڌئي ڌِڪا،

هردو ٻڌين هارين تي، نسڏي! هن نڪا،

ڪَسر ڇڏيائون ڪينڪي، جهولئين ڪن جهڪا(3)،

ماري ماري ماٺ ڪري، ٿوري اَچي ٿَڪا(4)،

چارئي مهنا چيڄ ڪيائين ڪيترا ڏينهن بقا(5)،

ڪجانءِ ڪم پڪا، مهل ته پيئي آهي مڙدن جي.

 

آڊ    وُٺــــــــــــــــا    آڳــــاٽــــــــا،    حـــــــــال    ٻڌائون    هـــــــر(6)،

موتي جيئن موريا، جلڪن جيئن جوهر،

فصل اچي ڦلاريو، اُت چاوري ڪر چر،

ملڪ ڏس ملير هو، ڪهڙي ٿي ويئي بر،

کوڙ   ڪري    کٻڙين   هيٺ    لُنڊن    جا    هو    دڙ(7)،

سٽي چڙهي سيڙهين مان، وهاري ويئي تر،

هيل ته سائين! سير ڪيائين، کاڌئين ’نارو‘ ٻيو ’ننگر‘،

ڪين نڪتي ’ڪنٺي‘ مان،  ڪيئين پوٺو    ’پارڪر(8) ‘،

’وٽ‘    ۽    ’ونگو‘    گهمي،      سارو      سڀ    ٿر(9)،

سُڃ ٻڌائين سنڌ ۾، جنهن ۾ زور آهي زر،

هتي تون هيل آئينءَ، تنهنجا ڪٿي آهن گهر؟

ڀُلجي نڪتينءَ’ڀڄ‘مان، مونکي ڏَس ’نهٽو‘ ’نبي  سر(1)‘،

نوکنڊ ڌرتي ڌر گهمي، جنهن    ۾    ٻُڌيا    ڏسو    ٻَر(2)،

ڪلاڪ ۾ قدرت بنايئي، ڦريو چرين ڦر،

ڇيڙون    ڇڄن    ڪينڪي،     ڇيمڪ    چرين    ڇر(3)،

خدا پنهنجي خيال مان، دلئون پٽيئي در،

روپ بنائي رنگ ٿو، هيءَ ڏوريو ڪري ڏر،

پاليل ته پوکون چرين، هي ڪوريا ته اچني ڪر،

وير اسان جو وهنواري، ور ڏيو ڪڍئين ڪسر،

نَولا    گڏبا    نَر،   سي    ڪندا    مار    مڪڙن    تي(4).

 

ڪندا مار مڪڙن تي، ڪڙهندا ڪوڪٽ ڪهه

تان ڪن،

وير اچي پئي وطن تي، جنهن ۾ ڪونه ڇڏي ٿي پن،

کوڙيون هيون خرارن جون، کاڌئين اَڇو اَنّ،

سيڙهين  منجهه   سَلُويون،   ساٿ    انهيءَ وٽ    ڌن(5)،

ٻيلا پڪيون ٻاجهريون، حرصيو وڌي من،

ٽاريندين تون تن، پاسو ڪرائي پوک جو.

 

پاسو ڪرائين پوک جو، توکي ناهي ڪاڻ ڪائي،

دَٻٽي   اچي   ڌوم    پيئي،   سُڄي    حال    هيڪائي(6)،

قسمت ڪَهـه ڪڍي ويئي، خير سان کائي،

هيل ماڻهن تي حق هئي، ويئي لوڪ ٿي لائي،

بي ايمانيت تنهن بندي کي، جنهن جي پيٽ تي پائي،

پڪي پوک پَرُ ڪانه، توڪل تي هئائي،

پلٽڻ اچي پڌري ٿي، سُڄي ٿي سائي،

ٻڌائين وٽ وڻن تي، سُچي ٿي سائي،

ٻڌائين وٽ وڻن تي، جو آڳاٽي آئي،

مِهرِيون ڪري مڪڙ   اُڏيا،   ڪڏهن    پڄون    ڪاهي(1)،

ڪَلجڳ ۾ ”ڪانهو“ چوي، موليٰ مِلائي،

هل ته کڻون کاهي، جو ڪڍون ڪسر ڪهـه جي.

 

ويهه آنا ورهيه کي، ويئي ورهائي،

اَٺ آنا اُن جا، جنهن ۾ زور ٿي لائي،

ٽِگُلـِي ٻاجهر ٿي، ٽئي ورهيا، ويئي ڪَهـه کائي،

هڪڙيون ڪَرهيون ڪُونگريا،  ٻيا ڪهه ڪتب    لائي(2)،

ڪهڙو ڏوهه ڪهه جو، خدا بڇي آهي،

مُلڪ تان ميدان ڪري ويئي وڃائي،

کائي تنهن خوشيءَ مان ماڻهو مڃائي،

ڪنهن جي وس جي ناهي، جو خلقيل قوم خدا جي.

 

اُپائي ته آڻ ڇڏيئين، ڏس قسمت ڪهه ۾ ڪيئن،

هيل ٻڌايئين هُرلو ۽ ميگهه وٺا مينهن،

ڪانه رهي سون ڪهه جي، ترت ئي آئي تيئن،

چوويهينءَ مهيني چَکيسون، جورن نيائين جيئن،

وڏا وس ڪيا ويچارين، ڏاڍا اُو تان شينهن،

قُلبان ٿي  ”ڪانهو“   چوي، حياتيءَ    هوندا    هيئن(3)،

لٽيا ويندا ڏينهن، ته ٻارهين مهيني ٻاجهر ٿيندي.

 

جمن خان حملاڻي جو ڌاڙيلن سان مقابلو

(چيل علي اڪبر جوکيو)

 

[1928ع ۾ دادو ضلعي جي شهر ’مول‘ ۾ رتناڻي هندو سيٺين جي ڏاڍي هاڪ هئي، وٽن پئسي ڏوڪڙ، مال متاع جي ڪمي ڪانه هئي. گبول قوم جي ڪن ماڻهن سيٺين کي ڌاڙي هڻڻ جي صلاح ڪئي، ۽ اها به خبر هين ته هندن وٽ هٿيار پنوهار ڪونه آهن، سو وٺي مول تي چڙهائي ڪيائون. ڌاڙيلن سڀني کان پهرين ’ليکو‘ واڻئي تي چڙهائي ڪئي. واڻئي ويچاري ڏاڍيون رڙيون ڪيون ته ڪو اچي سندس مدد ڪندو، پر بندوقن جي منهن ۾ ڪير ٿو ويجهو اچي؟ ڌاڙيل ڌُڪن سان هٽ جو دروازو ڀڃي اندر گهڙيا ۽ سامان سميٽڻ لڳا. واڻئي جڏهن ڏٺو ته دانهن ڪوڪن مان ڪين وريو، تڏهن همٿ ڪري کين چيائين ته اجهو ٿا ’حملاڻي‘ ۽ ’حسڻاڻي‘ منهنجي مدد لاءِ اچن. ڌاڙيل جيئن ته انهن قبيلن جي بهادريءَ کان واقف هئا، تنهنڪري تڪڙ ۾ سيٺ جي دڪان تان رڳو مٺائي ۽ ڪپڙي جا تاڪيا کڻي ڀڄي ويا. آخرڪار واڻئي جي دانهن تي شهر جا ماڻهو اچي جمع ٿيا. جن ۾ ’حملاڻي‘ قوم جو سردار ’جمن خان‘ به هئو، جو انهيءَ ڏينهن مهمان ٿي اتي آيل هو. جمن خان سمورو احوال ٻڌي مول جي ماڻهن کي چيو ته: ويچارن هندن سان ناحق ٿيو آهي. اسان کي گڏجي ڌاڙيلن جو مقابلو ڪرڻ گهرجي. سڀني جمن خان جي سڏ ۾ سڏ ڏنو، پوءِ صلاح ڪري رستي جو ثمر ۽ سامان کڻي چورن جي پٺيان پيا. منجهن ڪي پيادا هئا ته ڪي سوار. چورن کي ڳوليندي مٿان اچي سج لٿو، هاڻ رات گذارڻ ۽ آرام ڪرڻ جي خيال کان پاڻيءَ جي ڳولا ۾ همراهه پکڙجي ويا ته، جنهن هنڌ ڪو چشمو هجي اتي ڊاٻو ڪجي.

جمن خان به گهوڙي تي چڙهي پاڻي جي ڳولا ۾ روانو ٿيو. هڪڙي هنڌ ڏسي ته هڪڙي تلاءُ تي ڌاڙيل ٽولو ڪيو ويٺا آهن. هن چورن کي هڪل ڪري هوشيار ڪيو. جيتوڻيڪ وٽس ڪو هٿيار ڪونه هو، پر سندس آواز ائين هو جيئن ڪو شينهن گجي. چورن سهي ڪيو ته هي ڪو دلير شخص آهي ۽ مئي مارائي کان سواءِ جند ڪونه ڇڏيندو، پر جيئن ته جمن خان اڪيلو هئو ۽ هو پاڻ ۾ گهڻا ڄڻا هئا، ازانسواءِ چوري به معمولي هئي جنهن لاءِ هن کي قتل ڪرڻ مناسب نٿي سمجهيائون، تنهنڪري کيس چيائون ته: ادا! اسان کان چوڪ ٿي، جيڪا مڏي ملڪيت آندي اٿون سا تون ڀلي موٽائي کڻي وڃ، پر اسان جي پچر ڇڏ. آئينده تنهنجي شهر جو منهن به نه ڪنداسين. پر جمن خان چيو ته: مونکي موت جو ڀؤ ڪونهي، مارجي ويس ته گهوريو پر مقابلو ضرور ڪندس. چورن ڏٺو ته هي ڪونه مڙندو، تنهنڪري هڪ گولي کيس گوڏي ۾ هڻي ڪڍيائون ته من ڊڄي ڀڄي وڃي. پر گولي لڳڻ تي جمن خان زخمي شينهن وانگر مڇرجي مٿن حملو ڪيو ۽ هڪ ڌاڙيل کي ڪيرائي وڌائين. پر پوءِ ٻن چئن لاڳيتين گولين لڳڻ سبب ڪري پيو ۽ اتي ئي دم ڏنائين. هڪ واٽهڙو اهو سڄو مقابلو پئي ڏٺو، جنهن اچي جمن خان جي ساٿين کي ٻڌايو. جن وڃي چورن تي حملو ڪيو ۽ کين گرفتار ڪري پوليس جي حوالي ڪيو، جتي کين سزا ملي. چوريءَ جي هن واقعي ۽ جمن خان حملاڻي جي بهادريءَ جو احوال حمل خان ٻُري، شاعر علي اڪبر جوکيي کي ٻڌايو، جنهن وري نظم ۾ بيان ڪيو، جو هيٺ ڏجو ٿو.]

ساراهيان سچو ڌڻي، ساراهيان سبحان،

ڪير ڪري سگهندو، تنهن بادشاهه جو بيان،

جنهن پرور پيدا ڪيو، سڄو جڳ جهان،

مٺو خلقيائين مصطفيٰ، شرف وڏي شان،

پنجتن، چارئي يار، تن مرتبو وڏو مان،

ٻيا اصحابي احمد ڄام جا، مٿانهون تني مان،

ڪريان سر قربان، اُنهن تان ”اڪبر“ چئي.

 

اُنهن کي ”اڪبر“ چئي، منهنجو سڪي ٿو سرير،

صفت ڪريان ٿو صاحب جي، جو باري آهه بصير،

حمايت ٿيندو هيڻن تي، قادر ڌڻي قدير،

مدد ٿيندو مون سين، پاڳارو ٻيو پِير،

آهه مشهور ملڪن ۾، جنهن جا ولي سڀ وزير،

آءٌ عاجز آهيان، هيڻو هڏ حقير،

عربيءَ جي عشق ۾، ٿيس فراقي فقير،

اڳيان سمنڊ سِير، اُڪاريندم احسان سين.

 

اُڪاريندم احسان سين، ٿيندو حامي هيڻن،

قصو ٺاهيم ڪوڏ مان، سُڻو ڪامل! ڏيئي ڪن،

ڌاڙائي هليا ڪنهن ديس مان، رکي مدي من،

ته مهتا ٿا ’مول‘ ۾، سيٺيون زور سُڄن،

هڪڙا   پوڄ    پئسن   ۾،     ٻيون      وٿون      وٽن(1)،

’رتناڻين‘    وٽ    روڪ   ٿيا،    ٽجوڙين       ٽِڻڪن(2)،

سُونگا وٽن سون جا، ٻيا جواهر ٿا جرڪن،

لعلون موتي لکين ٿيون سون کان به سونهن،

’ليکو‘ آهي لکاپتي، جنهن جون پڪارون پون،

ڪئين قسمين ڪپڙا، ريشمي ٿا رکن،

بخمل، بوسڪيون، بافتا، هزار تاڪا هِرکن،

هُنر سان هلي ڪريون، سانجهه تنهين سيٺين،

جبل ۾ ”جوکيو“ چئي، ڪونهي هٿيار وٽ هندن،

واڻيا پنهنجي وڻج ۾، پستول ڪونه پَسن،

لٺيون وٽن لوڙهون، وانجهڻيون ور وجهن،

ڪپ وٽن ڪاتيون، اُن تي مهڻا ٿا مرڪن،

ڪُهاڙيون ڪم نه اچن، بڇڙو منهن بندوق جو.

 

بڇڙو منهن بندوق جو، هليا چٽو ائين چئي:

ته مهتا آهن ’مول‘ ۾، ڪريون سيٺين کي سهي،

منزلون ڪَٽي مڙس آيا، ڪڙڪو ڪري ڪهي،

رات گڏيءَ جو رتناڻي وٽ، مهمان ٿيا مهي،

ڪي چون آڌيءَ جو آيا رکي تيک تئي،

لکيو انگ ’ليکوءَ‘ تي، سو ويو قلم وهي،

واڻئي وڏا وس ڪيا، ته سيٺيون ڪن سهي،

دانهون ڪيائين درد مان، پڪارون پئي،

ته ’ٺاڪو‘، ’هيمن، ٺڪاءَ ٻڌي، ٻُٽ ايندا ٻئي،

بندوق سامهون ”بنديچو“ چئي، ڪي موالي ايندا مهي،

هنيائون ڌڪ در تي، سو ٽڪر ٿيو ٽهي،

وڌائون هٿ هَٽ ۾، پئسن لاءِ پئي،

ڪپڙو، مٺائي، ڪڍيائون، واڻئي جي وهي،

تن خالي خواري کنئي، ڪڍيائون تاڪا ڪپڙا جا.

 

ڪڍيائون تاڪا ڪپڙ جا، زيور نه نيائون زر،

هليا       رکي      هاواڻي،       ڇني       پنڌ       ڇپر(1)،

ڀانيائون ڦُري ڦٻنداسين سيٺ آهي سٻر،

مهتي به مردن کي ڏني، کولي اها خبر:

ته  ’حملاڻي‘،  ’حسڻاڻي‘   جي      پُري     ناهه     پهر(1)،

آيا جي اڙٻنگ، ته ڪندا ڌڱَ ڌمچر،

آسان کي اُنهن جو، آسرو آهي اپر،

اُتي چورن کي چُرپر ٿي، متان ليٽي اچي لشڪر،

’حملاڻي‘ ڪين هٽندا، آهن نالي وارا نر،

تڏهن ڇڏيائون شهر جي، پٽيءَ کڻي پچر،

حمالون ٻڌي هليا، ڇُلي چڙهيا ڇپر،

مُنهن جهُنڊ هڻي مڙس ويا، نه چڙهيا ڪنهن نظر.

هِندن جي هل تي ٻُڌي ٻين ٻرڪر،

حملاڻي، حسڻاڻي، اچن ڪيو ڌم ڌچر،

’جمن خان‘ به، ”جوکيو“ چئي، ڪاهي آيو ڪونڌر،

چي: ويچاري واڻئي سين، ڪيڏو ٿيو قهر!

ڦورو ڪري ڦُر، آڌيءَ رات اُٿي ويا.

 

آڌيءَ رات اُٿي ويا، لغور سي لَمِي،

ڇڪي سي ڇپر تان، ويا رات رمي،

ڀڄڻ سان”بنديچو“ چئي، هنن ڪئي ڪانه ڪمي،

نه هُيانِ چال چڱي، ڦورو ڦـٖـير ڪري ويا.

 

ڦورو ڦـٖـير ڪري ويا، ڇڪي پنڌ ڇڏيائون،

’مول‘ جي ماڻهن سين، وڏو وير وڌائون،

مڙي لشڪر مُچ ٿيو، جن ڪيون سنبهي صلاحون(2)،

سکر ۽ ساراهتا، هلي وڃي آندائون،

هِڪا پيادا هليا پيرن تي، ٻي سواري سنڀايائون،

اُٺ گهوڙا ”اڪبر“ چئي، ڪرها ڪڍيائون،

سيڌي    ۽     سامان      مان،        بُغدي       ڀريائون(1)،

ڪوتاهي ڪانه ڪيائون، سيڌي ۽ ثمر جي.

 

سيڌو کڻي ثمر ٿا حملو ڪري هلن،

هٿيارن سين هليا، ڪئي جُلهه جوانن،

توڏا وڃن تڪڙا، مهري ڪين مُڙن،

ڪٿي ترسيا ڪينڪي، گهوٽ ٻڌي گهوڙن،

وڃي سڄ وچينءَ ٿيو، پانڌي پير پڇن،

قضا جي ڪانه پيئي، سُڌ تن سنگهارن،

ته اچي قاصد اوچتو، نه ٻڌائي ٻين،

جو راڻي جي”جوکيو“ چئي، روح ۽ ڪانه رهين(2)،

مصلحت ڪري من، پکڙيا مرد پهرن تي(3).

 

پکڙيا اُٿي پرهن تي، ڪري وچ ۾ اهو ويچار:

ته صبح جو سوير ڪنداسين، ڌاڙيلن ديدار،

رات جو رڻ ۾، ڪنداسين ڪهڙي ڪار؟

نڪو پـــٖـــيرو رند پسجي، نه ڪا منهن مهاڙ.

گهوڙي سوار گڏجي، ترت ٿيا تيار،

اولاڪن کي ”اڪبر“ چئي، ٿي هئي اُڃ اُپار،

سي پهه ڪري پاڻيءَ لاءِ، نڪري ٿيا نروار،

جمن خان ”جوکيو“ چئي، هو مڙني جو مهندار،

تڪڙو آيو تلاءُ تي، هڪڙو ئي هسوار،

ڏورانهن چور ڏسندي، ڏنائين گانڊوئن کي گار،

چئي: مهڻا ناهن ’مول‘ جا، جي واڻيا ڪن واپار،

حيا ڪانه ڪيانوَ حملاڻيءَ جي، ڪي گهُرو پلؤپار؟

اُتي چورن چڪاسي ڪيو ڌاڙيلن ديدار،

ته حملاڻي ڪين هٽندو، سنبهي آيو سوار،

ڀڄڻ لاءِ ”بنديچو“ چئي، تن ويڙهايا ويچار،

منٿون ڪيائون مرد کي، آزيون پڻ اپار،

حمالون ڇڏي هليا، چون: صبر ڪر سردار!

معافي گهريائون مير کان، ته تون گهڙي اُت گهار،

تون هٿين خالي هڪڙو، ڪهڙي ڪندين ڪار؟

ٿيڻي اسان کان ٿي ويئي، ويل ڳالهه وسار،

مڏي   کڻي   موٽي   وڃ،   تون ساهو   ٿي    سنگهار(1)،

ترت ڇڏي تڪرار، ڪر ڀلائي بلوچن سين.

 

چئي: ڪُهه ڪريان بلوچن کي، گبولن ڇڏيو گس،

ڪهڙي آيا اُميد ڪري، ڪنهن نه ڏنو ڏس،

جمن خان کي ”جوکيو“ چئي، جوان آهي جس،

نه ڪي من مُڙيو مڙس جو، نه ڪي قلب آيو ڪس،

چئي: موٽڻ آهي مهڻو، وڏو ڪندس وس،

ڪين ڇٽان قضا کان، ڀڄي پاڻ بيوس،

بندوق ائين ڀانيان، جئن وڄي دهل جو دس،

ڇا ويرين جي وس، مون سان قضا هي ڪم ڪيو.

 

چئي: قضا اهو ڪم ڪيو، تڏهن جُنبي آيو جوان،

پسي حملو ’حملاڻي‘ جو، ٿيو گبولن گمان،

ته ڪُڙهو موٽندو ڪينڪي، جند کپائي جان،

گولي هنيائونس گوڏي ۾، ته موٽي مرد مان،

تڏهن به ترسو ڪينڪي، کسڪيو ڪين خان،

ٿيو گهاءُ گهوڙيءَ کي، ڪڙڪو ڪيو ڪان،

آتي هن کي ”اڪبر“ چئي جوش اُٿيو جولان،

ڪام لڳي ڪميت کي، منڊي بيٺي ميدان،

اُتي دشمن دهليا، ٿيا ڀڙوا بي ايمان،

حيلا سڀ هلائي، ڪيائون نر منجهه نيشان،

ڀلا ڇا بندوق جو، ايذاءُ سهي انسان!

’جمن خان‘ جو ”جوکيو“ چئي، ڇا بيت ڪيان بيان!

رضا مڃي ربّ جي، مڃيائون فائق جو فرمان،

ساراهي سبحان، رکيائين ڪم ڪريم تي.

 

رکيائين ڪم ڪريم تي، نه ڏنائين پوڻ پير،

جهڙي ڪئي جمن خان، ڪندو ٻيو ڪير،

برابر سو بهادر هو، داناءُ ۽ دلير،

’حملاڻي‘ هڪڙوئي، وڙهيو ٿي واگهير،

تيسين’ڪمال‘ ’جهُونجهار‘ ڪهي آيا دم بنا دير،

تن کي ’حملاڻي‘ هٽايو، ته هڪيو نه وڃيو هير،

هٿين خالي هلي اوهين، ڪهڙو وٺندا وير؟

ڀڄي ٻڌايو باريچن کي، اڳتي نه ڪريو اڳير،

سڄ   لهي   سانجهي    ٿي،       مٿان      پيئي   مـٖـير(1)،

طرح اهڙيءَ تدبير، ڊوهي ڊوهه ڪري ويا.

 

ڊوهي ڊوهه ڪري ويا، جابر ڪري جيئن،

هٿين آيا ’حملاڻيءَ‘سين، ته هوند شير وڙهيو شينهن،

مَري ’گبول‘ مٽ ڪيائين، هوند نه ٿيو هيئن،

پڇو تنهن پير مرد کان، ته ڪُڙهووڙ هيو ٿي ڪيئن(2)،

جنهن هوت کنيو هنج ۾، مٿان موڪ وٺا مينهن،

رضا آئي جا ربّ جي، سا ترت مڃيائين تيئن،

موت، ملاقات، وڇوڙو، اوچتا اچن ايئن،

ڪنهن سمجهيو ڪينڪي، ته هوت ٿيندو هيئن،

جمن خان کي”جوکيو“ چئي، ڏسڻو هو اهو ڏينهن،

راءِ ڏياچ جيئن سر ڏيئي، تقدير کنيو تيئن،

منصور جيئن مٿو ڏيئي، شهيد ٿيو هي شينهن،

حملاڻي! توسين هيئن، قضا آهي ڪم ڪيو.

 

قضا آهي ڪم ڪيو، ڏس مانجهي ڪين موٽن،

مهلون جي مردن تي، ٿيون اوچتيون اچن،

سوڀُون هٿ صاحب جي، جبار ڏئي جن،

پر بندوق سامهون”بنديچو“ چئي، گاروڙي گهرجن،

۽ شمع جي شعاع تي، ڪي پتنگ ٿا پچن،

”علي اڪبر“ چئي انهن اُهڃاڻن، شير سو شهيد ٿيو.

 

شير سو شهيد ٿيو، مڃي آگي جو امر،

لکيو جيڪي لوح ۾، سو نه ٿئي زير زبر،

اچي قضا اوچتي، ان جي خاوند کي خبر،

برابر سو بهادر هو، ’ڪريم داداڻي‘ ڪونجهر،

انهن جي اولاد جا ”اڪبر“ چئي، جلن ٿا جگر،

ڏيئي صاحب اڳيان سر، ٿيو حوالي حورن جي.

 

ٿيو حوالي حورن جي، جنّت ملنديس جاءِ،

جس هجيئي! ”جوکيو“ چئي، ڀلي ڄڻيوءِ ماءُ،

موت قبوليوءِ مٿي تي، سانگو نه ڪيوءِ ساهه،

واهه ڙي ’جمن خان‘ واهه! ڄاپندي ڄام ٿئين.

 

تون ڄاپندي ڄام ٿئين، نشانبر نر،

ڀڙڪو ڏسي بندوق جو، تو وري نه ڪيو ور،

هرڪو پيو هئي هئي ڪري، انصاف ڏسي اپر،

تون اَجهو هئين ”اڪبر“ چئي، ڀائرن جو ڀر،

سو مرڪي مر، جو هوءِ هزارن ۾ هيڪڙو.

 

تون هزارن ۾ هيڪڙو، ٻيا به مرد هئا مير،

سي سڀ هليا صبح جو، ترت ڪري تدبير،

ته سوڀ ڏج سچا ڌڻي! خوشيءَ جهڙي کير،

’حملاڻي‘، ’حسڻاڻي‘ هليا، باريچاءَ سنڀاهي بهير،

’دُنبار‘  منجهه  ڌاڙيلن  کي،  پيا     زوراور     زنجير(1)،

لشڪر مٿن وڃي ليٽيو، سنئين وٺي سِير،

توڙئون ڦٽين تقدير،تڏهن جهلجي پيا”جوکيو“ چئي.

 

جهلجي پيا ”جوکيو“ چئي، ملين سرڪاري سزا،

اڳيان به آخرت ۾، ملندين جابر کؤن جزا،

’حملاڻيءَ‘ هيڪڙي مڃي، ربّ سندي رضا،

هنڌ، هندورا، هوت ماڻيا وڃي مزا،

جِت پَٽبا پرزا، اُت شل ڪاڻيارو ڪو مَ ٿئي.

 

ڪاڻيارو ڪو مَ ٿئي، جت ليکا ٿا لهن،

اُتي ذرو ضايع نه ٿئي، ڪيل ڪماين،

ڪيل ويندو ڪينڪي، پورهيو پورهيتن،

جيڪو وکر وهائي ويندين، مهندان ملوڪن،

سو پاڻيهي ڪندا پڌرو، سالڪ ٿا سمجهن،

هيرا لعل هليو ٿا سڀ صراف سُڃاڻن،

سودو اُتي صاف ٿيندو، جو وکر وڻجارن،

پارس پراڻيءَ ڳالهه ۾، ريا ڪونه رکن،

جُتيءَ جنگ منجهان ”جوکيو“ چئي ڪي

واڍوڙياورن،

هٿيار بنا هلي ڪي، ماهُو سر ڏين،

’جمن خان‘ کي جس آهي، سڌوڙيا صندوقن،

جي آڙاهه ۾ اچن، ڀل پتنگ چائين پاڻ کي.

 

پتنگ چائين پاڻ کي، سي وچان ڪين ورن،

ڇڏي سانگو ساهه جو، راهه وٺي رمن،

’جمن خان‘ جي ”جوکيو“ چئي، مُزرائي مڃي

ملوڪن(1)،

ڪنهن کان ٿيندي ڪانه ڪا، مڙسي مردن،

بندوق سامهون”بنديچو“ چئي، ڪي آموٽ اچن،

جي وچان ئي ورن، تعريف نه ڪجي تن جي.

 

تعريف ڪجي تن جي، جي بندوق ڏسي نه بيهن،

کاڌي تي خوشامدڙيا، شاعر ڪين سڏجن،

پير سارجن پورا، اهو وڙ ويڙهيچن،

جُوف تي ”جوکيو“ چئي، ملوڪ ڪين مرن(2)،

جي هٿ سنئون ڪونه هڻن، تعريف نه ڪرتن جي.

 

تعريف ڪجي تن جي، جي اچن آڙاهه تي اُڏامي،

پچائي پاڻ کي، سنياسي ٿين سامي،

ڀڙڪو ڏسي باهه جو، خاڪ ٿين کامي،

بي ريا ٿيڻ ”بنديچو“ چئي، ڀل ٿئي بدنامي،

اُت وڃي ٿيو آرامي، جمن خان ”جوکيو“ چئي.

 

جمن خان کي ”جوکيو“ چئي، شاهي مليو شان،

وڙهڻ ۾ ويرين سين، ڪمي ڪيائين ڪانه،

انصاف سندس ”اڪبر“ چئي، مرد مڃين مان،

خالي هٿين خان، وڙهيو ٿي ويرين سين.

 

وڙهيو ٿي ويرين سين، ’حملاڻي‘ خالي هٿن،

هٿين خالي هڪڙي سين، پنج ڪين پهچن،

اڻ واقف ”اڪبر“ چئي، واقف ناهيان واٽن،

ته ڪهڙيءَواٽ ڪوهيارو ويو، لنگهي مان لڪن،

جبل جو ”جوکيو“ چئي، سونهون ناهيان، سَلن،

پتو پڇان پانڌين کان، جا جُوءِ سندي جتن،

ته ڪيئن ڪوهيارو ويو، هلي منجهان هٿن،

جَتن جا ”جوکيو“ چئي، مونکي پور ٿا پون،

پُڄاڻا پرين، ڏيندين باهه ڀنڀور کي.

 

ڏينديس باهه ڀنڀور کي، جند کپائي جان،

هاڻي ريءَ هوتين جي، ڀانيان بَيبان،

جمن خان ”جوکيو“ چئي، هو ’موٽڻ‘ وٽ مهمان،

آئي قضا اوچتي، جنهن جي ڪَل رهي ڪانه،

’مول‘ جي مهتن تان، ويو کپائي سِر خان،

وير ڪهڙو ورتائون، ڪريو بات بيان،

ته اوهان جي انصاف جي، پوي ماڻهن کي ميزان،

لاهي غير گمان، ڏيو جواب هن ”جوکئي“ کي.

 

جواب هن ”جوکئي“ کي، ڏيو سُرتيا سمجهائي،

ته واڻين ڪهڙو  ويچار  ڪيو،  پاڻ ۾   پهه     پچائي(1)،

ڪي وساري ويهي رهيا، نه تو سالڪ سُڻائي،

’حملاڻي‘ هڪڙوئي ويو، پڻ مائٽ ملهائي،

سڀڪو ڳالهيون پيو ڳائي، جمن خان جون

”جوکيو“ چئي.

جمن خان جون ”جوکيو“ چئي، ٿيون پڪارون پون،

برابر سو بهادر هو، مڙني منجهه مردن،

ڪنهن کان ٿيندي ڪانه ڪا، جهڙي ڪئي جتن،

پسيو هنڌ پلنگ، ٿيون اوڇنگارون اچن،

هاڻي بنا هوتن، رهي رهبو ڪيترو؟

 

رهي رهبو ڪيترو، آهن ڏينهن ٻه ٽي،

ساٿ لڏيو سويرو، ويئي مهل مَٽي،

ڪوهيارو ڪهي ويو، هت ”جوکيو“ ڪيئن جٽي،

اڄ يا سڀان سَٽي، ڪندا حوالي قبر جي.

 

ڪندا حوالي قبر جي، جت هزارين همير،

وڃي سڀڪو اُن واٽ کان، اچي ڪونه اَمير،

هرڪو وڃي هليو، توڻي پير فقير،

جمن خان، ”جوکيو“ چئي، مڃي ربّ جي تقدير،

ڪري جيڪي تقدير، اچي سو اِنسان تي.

 

اچي سو اِنسان تي، جو لکيو منجهه لوح،

توڻي هجي حجري ۾، توڻي منجهه روهه،

هن دنيا جي ڌنڌي ۾، خالي آهي کوهه،

ميزان جت منڊيو، هوندو اِنسانن اَنبوهه،

اُت اُبتي هٿ ۾، ڏسندين پڻ ڏوهه،

اڄ يا صبوح، قاصد پسندين ڪيچ جو.

 

قاصد   جو   ڪيچ   جو،   ٽــٖــــيم   نه    تنهن      ٽاڻو(1)،

اچي سو اوچتو، جابر جوراڻو،

نڪي منٿ هو مڃي، نڪي وٺي ناڻو،

جمن خان، ”جوکيو“ چئي، هو راڄن جو راڻو،

سرهو ساماڻو، ان ڏينهن لاءِ، ”اڪبر“ چئي.

 

اُن ڏينهن جي”اڪبر“ چئي، ڪنهن کي ناهي ڪل،

اوچتي قضا آئي، تاب رکي تفضل،

هن جي بدن ۾ بندوقن جا، سوراخ ۽ سَل،

تِر به ترسيو ڪينڪي، پل نه ڏنائين جهل،

جمن خان، ”جوکيو“ چئي، هو مانجهي ۽ مَل،

جڏهن هتان ٿيس هڪل، تڏهن آيو آڙاهه تي.

 

آيو ٿي آڙاهه تي، پرس هو پتنگ،

وڙهيو ٿي ويرين سين، ڌران رکي دنگ،

بڇڙي آهي بندوق جي، ”جوکيو“ چئي جنگ،

جي هٿين اچن حملاڻيءَ سين، ٻول هڻي ٻنگ،

جن روبرو ڏٺو رنگ، سي مُزراڻي مڃين مردن جي.

 

مزرائي مڃين مڙس جي، چون انصاف سندس آهي،

پسيو ڀڙڪو باهه جو، ويو وک وڌائي،

ورڻ ڪم نه واڍوڙين جو، ڪير چُتو پاڻ چوائي،

سڀان ساعت سالڪن مان، متان ٻولي ٻڌائي،

ته مڏي کڻي موٽي آئين، بدن پنهنجو بچائي،

اهڙو مهڻو مردن کي، ”جوکيا“ ڪين جڳائي،

ويو مائٽ مَلهائي، رکي ڪم ڪريم تي.

 

رکيائين ڪم ڪريم تي، ڪري الله توهار،

جمن خان ”جوکيو“ چئي، ڏني سوڀ ستار،

مايا، مڏي سڀڪو ڏي، پر ڏيندو ڪير ڪپار؟

ڪنهن کان ٿيندي ڪانه ڪا، ههڙي مهل موچار،

ڪري جيڪي ڪلتار، سا رضا مڃبي ربّ جي.

رضا محبي ربّ جي، جا هاديءَ طرفان هوءِ،

ٿيڻي سان ٿيندي، جي کڻي رڙي ۽ روءِ،

ڀڳل سڄي نه ٿئي جا پُرزا ٿي پوءِ،

بڇڙيءَ کي ”بنديچو“ چئي، چڱي ڪونه چوءِ،

جي ڪو راتيون ڏينهن روءِ، ته به ڪين ڇُٽي قضا کان.

 

ڪين ڇٽي قضا کان، جو آيو قاصد ڪهي،

دنيا آهي دورنگي، سالڪن چيو صحي،

جٽاءَ هت ”جوکيو“ چئي، ڪنهن ڪانه ڪئي،

سوين    سڪندر    جهڙا    ويا،    راڄن    مان    رئي(1)،

ڪيترا تونگر ڪيئي، هليا ويا هن جهان مان.

 

هليا ويا هن جهان مان، پنڌ اڳيون پڇيائون،

وڃي پوءِ ورڻ جو، ڪونه ست ساريائون،

نه موڪليائون نياپو، نه اُهڃاڻ اُماڻيائون،

ڪُہ ڄاڻان ڪهڙا لڪ وڃي لڌائون!

ڪي سودو صاب پيو، نه هڏ هاريائون،

کَٽئي ڇيهي جي اڳي، روح ۾ ڪانه رکيائون،

جمن خان، ”جوکيو“ چئي، لڌيون وڃي لائون،

عرض ڪريان ٿو آءٌ، ڪاڻيارو ڪو مَ ٿئي.

 

ڪاڻيارو ڪو مَ ٿئي، پير پُرجهي پايو،

رکو نينهن نماز سين، اوهين وقت نه وڃايو،

روزا جي رمضان جا، سي پاري پڄايو،

موت بيٺو آهي مٿي تي، آيو ڪي آيو،

جمن خان ”جوکيو“ چئي، مڃيو ربّ جو رايو،

قصي هن ڪرڻ ۾، مون گفتي ڪين گهٽايو،

محنت هن مرد جي، متان وير! وڃايو،

اَسُور مهل ”اڪبر“ چئي، الستي آواز آيو،

ويهي پوءِ ويچار ڪري، مون شجرو سڻايو،

جيڪي فائق فرمايو، اچي سڀ اِنسان تي.

 

اچي سو اِنسان تي، جيڪي وهي قلم ويو،

موت بيٺو آهي مٿي تي، پڪاري پيو،

شاباس شاعر! توکي، قصو تو ڪيو،

ايڪيتاليهن بيتن ۾ ”اڪبر“ چئي، باب هي بنيو،

جوڙڻ سان ”جوکيو“ چئي، مون وڏو وس ڪيو،

هجي جيڪو حريف سو، مون ٻڌائي ٻيو،

ڪلمون جن پڙهيو، سي ويندا مهاڙ محمّد جي.


(1) بيرت = ڪڙم قبيلو. (2) تازي = سندس خاص چينِي گهوڙي. (3) ڪهڪاءُ = هڪڙي ساٿيءَ جو هٿ وڍجي پيو. (4) ڪانَ = تير.

* هيءَ روايت ٿرپارڪر (تعلقي ساماري) مان رائچند کان ملي.

ڪانجي (ڪانهو) پٽ سروپو مينگهواڙ، ڳوٺ هرپار تعلقي مٺي ۾ سنبت 1967/ 1910ع ڌاري ڄائو. 1926ع ۾ ٿر تي ماڪڙ جي حملي مٿس ڏاڍو اثر ڪيو ۽ سڀ کان پهرين انهيءَ تي بيت ٺاهيائين. ٻيو به ڪيترو ڪلام چيو اٿس جو اتي جي ماڻهن ۾ ڏاڍو مقبول آهي.

(1) سهيتا = سميت. (2) ستاون = 1957 سنبت/ 1900ع. (3) ٽاڙيو ڪرڻ = سٽ سٽان ڪرڻ؛ ٽوڙها = سونٽا، گهوٻاٽا. (4) موڙا = دير سان. (5) کُونڌڻ = کائي چٽ ڪرڻ.

(1) نِسڏِي = بيشرم، بيحيا.

(1) وڏيا = وڏا. (2) لُڪا = ڀٽ کان. (3) جهَڪا = ٿوري انداز ۾، گهٽ. (4) ٿوري = ڀِيل. (5) ڇيڄ ڪرڻ = مزا ماڻڻ، موجون ڪرڻ. (6) آڊ = نکشتر جو نالو، آدر. (7) دڙ = ڍير، ڍڳ. (8) ڪنٺو ۽ پارڪر = ٿر جا ٻه ڀاڱا. (9) وٽ ۽ ونگو = ٿر جا ٻه ڀاڱا.

(1) ڀُڄ = مُلڪ (رياست)؛ نهٽو = ٿر جو ڳوٺ. (2) ٻُڌيا = سُڌ، سمجهه؛ ٻَر = ٻل، زور طاقت. (3) ڇيمڪ = ڇٽل. (4) نَوَلا = نوان. (5) سَلُويون = اَنّ سان ڀريل. (6) دَٻٽي = ڪاهي.

(1) مهريون ڪري = مڪڙن جو گڏجي اُڏامڻ. (2) ڪَرِهِيون = ٻاجهر جي سنگن رکڻ لاءِ ٺاهيل جاءِ؛ ڪُونگريا = ڀريل، تار. (3) قلبان = قربان.

* هيءَ روايت ڪراچي مان شمس الدين جوکيي کان ملي.

سوانح عمري لاءِ ڏسو حاشيہ ص 114.

(1) پوڄ = پڄت وارا. (2) رتناڻي = هندن جي هڪ ذات. ٽِڻڪُونۡ = پيتيون.

(1) هاواڻو = ٻڌل ڳالهه.

(1) حملاڻي، حسڻاڻي = ڪوهستان جون ذاتيون. (2) مُچ = ڪٺو.

(1) بُغدي = اُٺ. (2) چوراڻو = موت. (3) پهرون = راڄ.

(1) ساهو = وڏي صبر ۽ همت وارو.

(1) مير = منهن اونداهي. (2) جمن خان حملاڻي ۽ گبول ڌاڙيلن جي ويڙهه وقت هڪ پيرمرد مسافر اتان اچي لنگهيو هو.

(1) دُنبار = ڪوهستان جو هڪ اڻانگو جابلو حصو.

(1) مزراڻي = مجرائي. (2) جوف = لوڀ، لالچ، طمع.

(1) ”جواب هن جوکئي کي.... الخ“ هن ٻن سٽن ۾ شاعر، حمل خان ٻري کان پڇيو آهي ته ’واڻين، جمن خان حملاڻي جي ڪهڙي قدرداني ڪئي؟‘

(1) ٽيم = ٽائيم، وقت.

(1) رئي وڃڻ = رمي وڃڻ، هليو وڃڻ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org