سيڪشن: لوڪ ادب

ڪتاب: واقعاتي بيت

باب:

صفحو:11 

لعلو رائنڪ جو ڌاڙو

(چيل ولڻ ولهاري)

]سنه 1945ع ۾ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ بروهي ڌاڙيل ساماڻا، جن ملڪ ۾ ڏاڍو ڏهڪاءُ مچايو هو. شهر لعلو رائنڪ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ اچي ڌاڙو هنيائون، تنهنڪري اتي جا هندو ۽ ٻيا رهاڪو سخت پريشان ٿيا. شهر جي بازار ۾ سُڃ لڳي ويئي ۽ ماڻهن رڌو پڪو کاڄ ڇڏي ڏنو. اهو حال ڏسي شيخ غلام حسين ۽ قائم خان ماڻهن کي همٿايو ته: توهين ڪوبه خوف خطرو نه ڪريو، اسان گڏجي چورن جو مقالو ڪنداسون. پوءِ پنهنجا همراهه ساڻ ڪري وڃي موريءَ تي بيٺا. انهن مان دائم نالي هڪ شخص بروهين کي ايندو ڏسي وٺي ڀڳو، جنهن تي قائم خان کي ڪاوڙ آئي ۽ هن سزا طور کيس ماڻهن کان جُٺ ڪرائي، پر جڏهن ڌاڙيل اچي پهتا ته کيس به همٿ ڪانه ٿي جو سندن مقابلو ڪري. هڪڙي ڌاڙيل شيخ غلام حسين ڏانهن بندوق ڇوڙي جا گُسي ويئي، پر ڊپ ۾ غلام حسين جي تيڪ وهي ويئي ۽ وٺي ڀڳو. شيخن کي ڦُرڻ کان پوءِ ڌاڙيل چانڊين جي ڳوٺ ڏانهن وڌيا. رستي ۾ کين محمد خان چانڊيو گڏجي ويو جو ان وقت موٽر ۾ شڪار لاءِ نڪتو هو. محمد خان جي ساٿي سوني خان بروهين کي واٽهڙو ڄاڻي کانئن نالو نشان ۽ ذات پڇي، جي پورو جواب نه ڏيئي هلندا رهيا. ان تي محمد خان چانڊئي، راڄ کي ڄاڻ ڪرڻ لاءِ هڪڙي مڪراني کي هڪ تيز رفتار اُٺ تي سندن پٺيان روانو ڪيو، ڌاڙيلن بندوق هڻي ان جو اُٺ کي ماري وڌو، پر پوءِ به چانڊين جي باري لشڪر کان بچي ڪونه سگهيا ۽ آخر پڪڙجي پيا. سگهڙ ولڻ ولهاري پنهنجي ڪلام ۾ هن واقعي کي بيان ڪندي سردار غيبي خان چانڊيي جي ساراهه ڪئي آهي.[

ساراهيان سبحان ڌڻي،

ڦِري ڦُريائون سنڌ گهڻي،

مايا ملڪيت خوب کڻي،

هِندو هيڻا ٿيا هيڪاري،

وئي بروهين ڳالهه وڻي،

’لعلو‘ مان ويا ڌاڙو هڻي،

مَهتن کي پئي موت ڦڻي،

’تونين‘ ڪانه ڪين پوئواري.

بازر لعلوءَ   جي   ٿي   جهُني(1)،

ماءُ سُکي جي رت پئي رني،

ڇو نه تني کي پوليس پُني،

پينچن ڪانه چاڙهي هئي ڪُني،

ويجهو’وارهه‘ جي هن مُني،

سوار چڙهي آيا سرڪاري،

تن به همت ڪانه ڏيکاري.

غلام حسين پنهنجاشيخ سڌاري،

هلو هلي ڪيون ويڙهه وکاري،

آڪڙ عالم کي ٿو ڏيکاري،

مان بيهندس موريءَ ڌاري،

ڌاڙيل ڪُل وجهندس ماري.

اُٺ ڏٺائين بروهين وارو،

ساهه سُڪي ويس بلڪل سارو،

ڀڳو لُچ ڏيئي لامارو،

ٿيو پُٽ’دائم‘ کي دهڪارو،

موت مٿئون ڄڻ بيٺس مارو،

مُکِڻَ وڃايو پنهنجو مانُ،

ڪارو ڪيو اٿس ’قائم خان.

بندوق بروهين ڏنۡهه هڪ ڇُڙي،

تِيڪ به وڃي ورتس کڙي،

غلام حسين ويومنهن کان مُڙي،

ڀڄي مُکڻ ٿيو آ مياري،

ڪيائين قبر ’قائم‘ جي ڪاري.

قائم چيس هيئن بُجو ڏيئي،

اڃا دشمن هو ته پريئي،

غرق ٻچي ڪيئي پانچا ٻيئي،

ٿل لعنت وجهوس سڀيئي،

توکان تِيڪ اڳي ڇو ويئي؟

ململ جو ته وڃايئي ٿانءُ،

ڪارو ڪيو ٿي ’قائم خان‘.

ڏس انصاف بروهين وارو،

سنڌ سڄيءَ مان هڻي نعرو،

ڪياءُ’شيخن‘ جو منهن ڪارو،

نه ڪا نوبت نه ڪو نغارو،

شهر ڦريائون ’لعلو‘ وارو،

هاڻ ڏيو ٿا وڃن چارو،

خوف وڏو اٿن ’چانڊين‘ وارو.

اُتان موٽر’محمدخان‘ جو آيو،

ڌاڙيلن اُت اچي ڌڪايو،

ته ڪير آهيو،پنهنجي لذت ٻڌايو؟

’مڪرانِي‘ کي تن موٽايو،

شوق شڪار جو روح ۾ رايو،

سڏي ’سوني خان‘ پڇايو،

بروهين ڪيو هو ڀڄڻ جو سعيو،

واچوڙي جان اُٺ وهايو،

اولهه طرف اُڏاڻو آيو.

اُٿيو ڪيهر شينهن ڪَرَ ساهي،

وڌائين گوليءَ سان اُٺ ڊاهي،

جنهن جي اوٽ احمد آهي،

ٻيا ڀي صوبا سورهيه جوان،

هت بروهين جي حاجت ڪانه.

ڀڳا جبل جي ڏيئي ڪَنڌي،

”ولڻ“صفت ڪر’چانڊين‘ سندي،

ٻيا ڀي صوبا سورهيه جوان،

ٻه ته وڌائون ٻَنگــٖــــي ٻڌي،

اهڙا چور ٻڌائون چنڊي،

هت بروهين جي حاجت ڪانه.

لشڪر چانڊين جو آ باري،

جن کي پاکر پِيرن واري،

آهي ڪُل ئي ڪلادار،

’گوهي غيبي‘ جي سرداري،

تن کي ڏاتر سوڀ ڏياري،

منهنجي سوڀ ڪئي سردار.

سدا سوڀارا آهن ’مرزاڻي‘،

قائم هوندا قيامت تاڻي،

شعر چيو هي ”ولڻ فقير“،

سيّد آهي تن سان ساڻي،

دشمن جي شل آگ اُجهاڻي،

ماڙ مدت ڪر مرسل مير!

 

جانهري وارو ڌاڙو

(چيل خانو پهنور)

 

]ڳوٺ جانۡهرو تعلقي عمرڪوٽ ۾ ڪُنري کان چار پنج ڪوهه ڏکڻ طرف آهي. پنڌرهن سال کن اڳ حُرن جي ٻي تحريڪ واري زماني ۾، جڏهن سڄيءَ سنڌ سان ”مارشل لا“ لاڳو هو، ان وقت ڌاڙيلن جي هڪ ٽولي هن ڳوٺ تي حملو ڪيو هو. ڌاڙي واري ڏينهن تي انهيءَ ڳوٺ ۾ بادل نالي هڪ شخص جي گهر ۾ ڇٺيءَ جي رسم ملهائجي رهي هئي، ڀتن جون ديڳيون چڙهيل ئي هيون ته ڌاڙيل اچي ڪڙڪيا، جن ايندي سان بندوقن جا هوائي فير ڪيا. انهيءَ ڳوٺ ۾ ساند قوم جا گهڻا ماڻهو رهندا هئا، ازانسواءِ ٻين قومن جا پڻ ماڻهو رهندا هئا. ڊپ وچان سڀني ماڻهن ڀڄي جند ڇڏائي، ۽ ڌاڙيل تمام سولائيءَ سان سڄي ڳوٺ کي ڦري هليا ويا.

شاعر انهيءَ ڌاڙي جو احوال پنهنجي ڪلام ۾ بيان ڪندي ٻڌايو آهي ته، بادل جي ڀت جو گرانهه به ڪنهن کي نصيب نه ٿيو. ويهڻ ۽ وڙهڻ جي ڀيڻي نه ڏسي، سڀئي ماڻهو گهر تڙ ڇڏي، لوڙها ٽپي وڃي ڀٽُن ۾ لڪا. سج لٿي جي مهل هئڻ سبب هر ڪنهن جي گهر ۾ رڌو پڪو تيار هو، ماڻهو ڪُنا چلهين تي ڇڏي ڀڄي ويا. ڪي ماڻهو ڪُنڊن ۾ ڪونگڙا ٿي لڪي ويا ته ڪي وري لوڙهن مان لانگها ڪري ڀڄي ويا، پر ڀڄڻ ۾ ساند سڀني کان گوءِ کڻي ويا، اصل سيراڙو پئي ويا. اهو وقت اهڙو هو جو مائٽن پنهنجي اولاد کي ئي ڇڏي ڏنو. ڪنڀار، لوهار، واڍا وغيره سڀئي پنهنجا گهر تڙ ڇڏي وڃي لڪا. ٿوري ئي وقت ۾ ڳوٺ جي حالت اهڙي ٿي ويئي جو ماڻهو نالي کي نظر نٿي آيو. گهرن جا در کليا ئي پيا هئا، چوپايو مال وٿاڻن ۾ ٻڌو پيو هو، ڳوٺاڻا سڀڪجهه ڌاڙيلن جي حوالي ڪري ڀڄي ويا. شاعر جي چوڻ موجب ان وقت سرڪاري عملدارن ۽ واڻين جي حالت کِل جهڙي هئي. بندوقن جي آواز سندن حواس خطا ڪري ڇڏيا. بس مٺيون ڀيڙي وٺي ڀڳا ۽ منهن سامهون جيڪو گس آيو سو کڻي ورتائون.[

 

جمال سان جانۡهِري ۾، جهيڙا ٿيا جهڳڙا،

سج لهي سانجهي ٿي، جهليئون مَنَهن مُهڳڙا،

ڪن جا چڙهيا چلهين تي، ڪن جا دميا ديڳڙا،

ڪن وَڌٖي واريا وات ڏي، تيسين پريان اچي پُڳڙا،

اُهي پئي ٿانۡوَ ٿڌا ٿيا، اچي لُوهِن ۾ لَڳڙا،

ڇُٽيون باهه بندوقون، پيا راڄن ۾ رَڳرا،

ويهڻ وڙهڻ هو ڪو نه ڪو، هئا وڃڻ جا وِگهڙا،

ڪري لانگها لوڙهن مان، ٿيا ڪنڊن ۾ ڪُنگڙا،

ستت ويا سِگهڙا، اهڙا هئا سِراڙا سانۡدَن جا.

 

اهڙا سِراڙا ساندن جا، جهليئون پُري پاساڙا،

هنيا بِڙنگ باگراڻين، سي راڄن جا راڙها،

ٻاهران ڪيا ٻُوهن جي، جِهم وارن جهاڙا،

پيو مونجهارو ماڻهن ۾، ڏٺئون دَڙٖي تي ڌاڙا،

ڏوڙي ڏَڙي ڏڪڻي پئي، اُن سهڪي سِراڙا،

 

لوٽي هاري لطيف جي، ڀري سوئا مان ساڙها،

ڪي رهڙجي رت ٿيا، ڪي ڳاڱجي ڳاڙها،

ڌڻين ڌِڪيا ڪينڪي، نه ڪي تاڻيائون تاڙا،

اڱڻ، هَٽ، اوتارا، رهيا ائين اگهاڙا،

پر ساندن جي سوائي کي، پڄن ڪين پاڙا،

عجب اُپڙڻ تن جي، ڏٺئون ڪانن جا ڪاڙها،

اهڙا هجن آدمي، اهڙي جَهنور جِيواڙا،

جو نه مڃي سو ماپي ڏسي، ڏئي اُبتا اُهاڙا،

هئا مُٺا مُهاڙا، اهڙا سِراڙا ساندن جا.

 

اهڙا هئا سِراڙا ساندن جا، بنا راهه رمن،

ڪاڪا ڇڏيو ڪنڌين ۾، پيا ڀائٽيا ڀڄن،

ڪونهي وس ڪمال جو، ڇڏيو سڄڻ کي سڀن،

ويري اچي ويا ويڙهن ۾، ڪنهن کي پوڙها پارتِن،

ڏني ڀاڄ بچائي، اُٿيو تان نه اوٽِن،

ٽوٽين ڪيئن ٽوڙائي مِٽي مائٽن!

عُمر ڀريون اوسيئي، گَنۡديون ساڻ گِگن،

پيو ڪڙڪو ڪنڀارن ۾، ڪٿان سُوٽاڙَ سهن،

لالو لڳي لاچاري ٿيو، ڪيڏانهن ويچارا وڃن،

ڪري خاصوڙا کٻڙن ۾، ڏنا وَراڪا واڍن،

اُبتا ٿيو آوِيَن تان، پيا ڪنڀار ڪِرن،

ڀَت بچي پيو بادل جو، ڳِٽو ڪونه ڳِٿن،

کاڄ رڌائون خوشيءَ مان، ڇٺي جو ڇڏين،

پَسُونۡ ڇڏيو پينگهن ۾، هيون مُنۡهَنۡ رَکيون مٿن،

ڌڙ ڌڙ پيئي هئي ڌاريئي ۾، جنهن کي چيٺيو چور چهٽن،

پريان پهر پلين جي، جي ويٺالا ورهين،

الله واريا، الله واهي، اها محمّد چئي من،

صرف نه سهڪو سارو کي، ٿا کسڪڻا کسڪن،

ڍورن وارو ڍڪ منشي، جنهن پوريا مال مسڪينن،

نــٖــيڻُو گڏيو نُهڙين سان، ڏيئي پَٽيوال پاسن،

پو جو ڪوڪٽ ڪارين ۾، ربيو، رڻيجيتو رڦن،

سوجي کي اڳي ساهه گهڻو، آيو چنو منجهه چوٽن،

ٽِٽ نه بيهي ٽيئونءَ جو، متان واڻئي تي نه ورن،

مُڌاڻي هئا متاراڻي، ڦيريون پاڇي جون پهنورن،

دل ڌڙڪي دودَل جي، پيا عمر، اسحاق آدابن،

پئي ڀنواٽي ڀيلن ۾، مُحب هو منجهن،

رحم الله رائفلون ٻڌيون پري کان پلين،

دَرسن جي ڌَڙن تان، گوڏيون ٿيون گِسڪن،

ڀؤ کنيو هو ڀوڄــٖــي کي، لانگوٽا نه لڳن،

چاڙهيو چنبڙائي چيلهه تي، به ٽُنبيا ڪين ٽڪن،

ڇرڪ پيو ڇَڪيــٖــي کي، ڀِيڙيو هو ڀيلن،

ڊاسَڻ تي ڊهندل هئا، ڇڏيا مَنۡجا مريضن،

راڻــٖــي جهڙا ريٽن تي، اونڌا ٿيو آهوٽن،

ويندي ڪئي ونهياڻن، جهوتون ڏيو جهَرن،

سُمهيو دَميو ساهه کي، ٿا پاسيرا پون،

ماڻهو مڙي موڳاٽيا، هاڻ ٿا مينگهواڙ مچن،

تن گُڏي وڌيون گهر ۾، ڪي مايون مينگهواڙن،

ڀُتل ڏسي ڀونگي کي، من اورانهن نه اچن،

پراڻو گهر پــٖــيٿي جو، جي پناهه پنن،

’پير پٿورا! پت رکجئين‘، ساهه وڃي ٿو ساڌن،

ٻوٿ ٻوساٽيو ٻارن جا، ٿا ريهن کان روڪين،

 

ساندن ۾ صالح چڱو ٿا چون،

ٻيڻ نه ويو هو ٻارن کان، پنهنجو  ڪڙم  پاڻ  سان ڪن(1)،

ٻيا ته اٿندي ويا اولاد کان، نه ٻڌايئون ٻارن،

ماڻهو مڙي مَڙهن ڏي، ڀڳا ڏانهن ڀِٽن،

پييون رِيڪون راڄن ۾، جئن ڇــٖــيڪارا ڇُٽڪن(2)،

اِمونءَ اُٿاريا، صديق سنبيريا، سي بَڇيا ڪيئن نه ڀڄن،

ڪي کِٿا کَنهگهارَ تان، ڪن ڪيو ’عقلو‘ اکين،

ڪي ته ڀڳا ڀنيوٽ تي، ڪي مَڏي ڏي مُڙن،

ڪي ڍريا ڍَٽ ڏي، ڪي ڄارن ۾ ڄُڪن،

ڪي ٽريا ٽَڪئي تان، ڪي ٿا تَرائيءَ ترسن(3)،

ڪن جا ٽاهه ٽَنۡڊي مان، هَنيو ٽيپ ٽُٽن،

ڪي اُٿيا اصحابي تان، ڪي ٿا مورلَڪ مَٽن،

ڪي سمان ساٺِيڪــٖــي تي، ٿا ڏهرين ۾ ڏهڪن،

ڪن جا ٽاٽ ’ٽونڪيءَ‘ تان، وڃيو لــٖــيڙ لهن،

ڪي نڪتا ناکَ تان، ڪي چَنَهر چڙهن،

ڪي پيا پڙ ٿا، ڪي ٿا رائلــٖــي رهن،

ڪي ٻُٽ ٻِلَڪيءَ تي، ڪي ڌونري لَڪ ڌڪن،

ڪن جون مَنَهيُون مُڇيءَ ڏي، ٿا ٻِڌَڙيا ٻَڌن،

ڪي کانوڙي کُهنباڙ ڏانهن، ڪيون جايون جوانن،

ڪن جا ٺــٖــينگ ٺِڪرياٺي ڏي، ڪي ٿا جاڙين کي جاچن،

ڪي ته لاريا لوڙهن جي، جَهڪا ٿيو جهُڪن(4)،

ڪن جهليا هئا جهِم کي، متان ڏاڍيءَ ڏي نه ڏسن،

سيڙي ۽ ساڏوڙي وچ ۾، هو واڪو واقفن،

ڪن کنيون هيون کٽن تان، پڳون پوشيدن،

ساريءَ رات سَٽڪو هو، ڏنيون لُوهون لاکيڻن،

گهڻيون تن مان گهٽ ڪيون، جي سنديون سالڪن،

چوڻ نه ائين چڱو هو، مِٽيون مون رکن،

پر ڇا سڻايان ساندن جي، بس پوريون ڪيون پــٖــيرن،

اهي ڪهڙا بُل ڀڃن، اهڙا هئا سِراڙا سڀن جا.

 

اهڙا سِراڙا سڀن جا، سي ڀڳا من بيهن،

جيڪي جدا ٿيا جانۡهرٖي کان، سي اچي وِڇڙيا ويهن،

والي وارج وطن تي، من مند اُٺي مينهن،

آگو رکي اَمن ۾، ڇيهي کان ڇيهن،

هادي ڏنيون  همتون،   نه   ٻڌاسين    ته   ڪي    ٻيهن(1)،

دعائون گهريون ديسن لاءِ، قلب کان ڪيهن،

منهنجون سي مقبول ٿين، رحم مٿي ريهن،

ستيا صبر سڀي، ”پنهور“ چئي پين،

ته ڏَس ٻُڌو ڪنهن ڏيهن، ته آهن سراڙا سڀن جا.

 

نه آهن سراڙا سڀن جا، اڳينءَ سڀڪو نڪتو نيرانو،

شاعر شاهه لطيف هو، جنهن جو دائم داستانو،

جائز سڀ جهان ۾، هليو حَقانو،

”خانو“ کَري خلق ۾، ٿيو بِنهي بيمانو،

ڏانيون    ڏيندي    ڏسجي     ٿو،    بدين    بُهتانو(2)،

ڪنهن بيوس بندي ڀؤ پوي، چئي: هي ڦِٽو فلانو،

حراميءَ جو هميشہ اِهو گِلا گذرانو،

ڪيائين گنج گناهن جو، کنيائين کوڙ به خزانو،

سنئين بيهندي ساهمي، نه ڪاڻ ڪندو ڪانو،

رک خوف خدا جو، اٿئي راهه ربانو،

قبر ڪري ڪُوڪريا روز روزانو،

اَجل جي اچڻ جو اٿئي هردم هَوانو،

ماري ويندو موت توکي، ڏيئي بند! بهانو،

ويندين هليو هڪ ٺَپيءَ ۾، انهيءَ رستي روانو،

اها تُربت ڏاڍي تَپڻي، جنهن ۾ ٿيڻ مشڪل مردانو،

نه ڪو اٿئي چاڙهو چوڏهين سنه ۾، اٿئي ظالم زمانو،

جن گيسيون ڪيون سي گَس پيا، جن ڀريو جانو،

بخش بديون مون بدڪار کي، آهيان خطادار ”خانو“،

آهيان بندو الله جو، ٻانهُن ٻڌو ٻانهو،

رزق کائي رازق جو، ڪيو شاعر شُڪرانو،

ڪُونئَرو قلب ڪريم جو، ٿيندو محبت مهربانو،

پوءِ ظاهر زبانو، ڪلمون چئون ڪريم تي.

 

 

سکر براج وهڻ کان پوءِ ملڪ جي حالت

(چيل خانو پهنور)

 

]سنه 1932ع ۾ سکر براج جاري ٿيو، جنهن جي آل جال پاڻي سنڌ جي سوين ميلن غيرآباد زمين کي آباد ڪيو. براج کان اڳ سنڌ جي آباديءَ جو مدار کوهن ۽ برساتن تي هو يا وري واهن تي هو؛ جي فقط اونهاري جا چار مهينا، جڏهن درياءَ جي پاڻيءَ ۾ چاڙهه ايندو هو، تڏهن وهندا هئا. تڏهن به موڪ ڪانه لڳندي هئي باقي هرلا ۽ نار چاڙهي ماڻهو ٿوريون گهڻيون آباديون ڪندا هئا؛ جنهن ۾ وقت جي سيڙپ، تڪليف ۽ محنت گهڻي ٿيندي هئي ۽ پيدائش ٿوري. پر براج مان نڪتل واهن ۾ ٻارهن ئي مهينا پاڻي وهڻ لڳو، ۽ اُهو به موڪ. جنهنڪري هڪڙو ته زمين کي سولائيءَ سان پاڻي ملڻ لڳو، ٻيو ته آباديءَ جي سلسلي ۾ تڪليف گهٽجي ويئي. براج جو پاڻي اهڙن دوردراز هنڌن تي رسيو جتي آباديءَ جي ڪڏهن اميدئي ٿي نه هئي. جتي برپٽ بيابان هئا، اتي باغ باغيچا لڳي ويا. زمين گهڻي آباد ٿي، ۽ ٻارهوئي پاڻيءَ جي موجودگي سبب پيداوار ۾ اضافو ٿيو. ملڪ ۾ خوشحاليءَ جو دور آيو. هاري توڙي زميندار سکيا ۽ آسودا ٿي ويا. سکر براج وهڻ کان پوءِ ڏهن ٻارهن سالن ۾ ملڪ جي اقتصادي حالتن تي جيڪو اثر پيو، سو سگهڙ خانو پهنور پنهنجي بيتن ۾ بيان ڪيو آهي. شاعر جي خيال ۾ چوڏهين صدي سنڌ لاءِ برڪت واري آهي، جنهن ۾ سکر براج جهڙي نعمت سنڌ کي عطا ٿي.

شاعر ڌڻي تعاليٰ، نبي ﷺ ۽ اصحابن سڳورن جي ساراهه ڪرڻ کان پوءِ بيان ڪيو آهي، ته سکر براج جي کوٽائيءَ لاءِ انگريزن ولايت مان عجيب قسم جون مشينون آڻي گڏ ڪيون، جن پري مار ٿي ڪيو. ڪئين مستري، واڍا، رازا ۽ هنرمند اچي گڏ ٿيا، جن ۾ سڀني ذاتين جا ماڻهو شامل هئا. شاعر ٻه اڍائي سؤ ذاتين جا نالا ڳڻايا آهن، جي ڄڻ واهن ۽ شاخن کوٽڻ، توڙي ٻين ڪمن ۾ مشغول هئا. ان کان سواءِ انگريزن واهن جي بندن ٻڌائڻ لاءِ قيدين کي به آڻي گڏ ڪيو هو. سکر براج ٺهڻ سان ڄڻ ته ماڻهن جو روزگار کُلي ويو هو. انهن هنڌن جتي سُڃ پئي واڪا ڪندي هئي، مٺي پاڻيءَ جو نالو به نه هوندو هو، برپٽ ۾ بگهڙن جا مارا هوندا هئا، اتي وسنديون ٿي ويون ۽ گاهن جون گلزاريون لڳي ويون. اڄ اتي ڳوٺ ڳوٺن سان ڳنڍجي هڪ ٿي ويا آهن.

براج مان نڪتل وڏي واهه مان وري سوين ننڍيون وڏيون شاخون ڪڍي پوکن کي پاڻي پهچايو ويو آهي. انهن واهن تي هرهنڌ پُليون ۽ بنگلا ٺاهي ڇڏيا اٿن. پاڻيءَ ۽ واهن جي سنڀال لاءِ ڪئين انجنيئر، داروغا، آبدار ۽ مقدم مقرر ڪيا اٿن، جي رات ڏينهن انهن جي سنڀال ۾ مشغول آهن. ان بعد شاعر انهن ڳوٺن ۽ ديهن جا ٻه اڍائي سؤ نالا ڏنا آهن، جن تي سکر براج جي پاڻي پهچي سڪار ڪري ڇڏيا آهن. جهرجهنگ پاڻي هئڻ سببان پکي پکڻ پڻ خوش آهن، شاعر پکين جا نالا ڳڻيا آهن. چانورن جي نين جنسن ۽ پوکن جي فصلن جو ذڪر ڪيو آهي؛ ۽ آخر ۾ ماڻهن جي خوشحالي جو ذڪر ڪيو آهي ته جيڪي اڳ پيٽ پارڻ ۾ هلاڪ هئا سي سکيا ۽ ساوا ٿي پيا آهن ۽ زميندار ويتر وڌيڪ پئسي وارا ٿيا آهن. انهيءَ ڪري انهن جي پوشاڪ، رهڻي ڪهڻي توڙي خيالن ۾ ڦيرو آيو آهي. ڪي ماڻهو خوشحالي سببان ٽوٽي بنجي پيا آهن ته ڪن ۾ مروت ۽ ماڻهپو گهٽجي ويو آهي.[

 

وصف ڪريان ٿو واحد جي، جو بادشاهه بيشڪ باري آهي،

سڀ ڄڳاءِ صاحب کي، جنهن کي اڳ پوءِ جي اختياري آهي،

جنهن پيغمبر پيدا ڪيو، جنهن کي صورت سونهن آ پاري آهي،

ساراهيان سيّد کي، جنهن کي ملي ڪُل مختياري آهي،

ﷴ مير مديني جو، جنهن جي عاشق اُمّت ساري آهي،

چوکا چارئي يار هئا، جن جي مجلس مِڙ موچاري آهي،

حسن مير حسين جي، ته ڳالهه ئي نت نياري آهي،

فائق بيبي فاطمة، بنت رسولؐ ڀلاري آهي،

پنجتن پاڪ پيارا، جن تي پاکر پوتي ڍاري آهي،

بادشاهه پير ڀلارو، ڪُل پيرن تي قدم قراري آهي،

قرآن ڪتابن ۾، اها صحيح سچ خبر ساري آهي،

پوري پوري ”پهنور“ چئي، اڳ پوءِ جي عام اظهاري آهي،

ٿيندو مدد مڙين جي، جنهن تي سڀني جي سرداري آهي،

چوڏهين سنه ۾ چوان ٿو، ڪئي صاحب ربّ ستّاري آهي،

جنهن بَر ۾ لڳائي بهاري آهي، ٿو ساراهيان سبحان کي.

 

ساراهيان سبحان کي، جو ڪيا سهنج ستّار،

جو واليءَ وارو ورايو، آگي جي اختيار،

ٿيو سعيو سکر باريج جو، اڇلايئون اخبار،

انگريز آڻايون انجڻيون، ٿي مشن ڪري مار،

گوڙ گاج ڪري ٿو فيس ٻري، ٿيا دونهن جا ڌڌڪار،

ڇا لکون ڳالهه لَپــٖــــي جي، جنهن ۾ بي ميا هئا بار،

مستري،     ماڻهو،      مالڇي،    ڪندا     ڪَل     مٿي    ڪم ڪار(1)،

بتيون، بئٽريون، بجليون، هيون هٿن منجهه هزار،

چِيپ چــٖــــيلاڻي، بِجلاڻي، صاحب، سرويلا، ڪندا هئا دوربينن

تي ديدار(2)،

بُٽريل ڀيڙا بورچي، جن جا پورهيا ٿيا پگهار،

ماڻهو پنهنجي مرضيءَ تي، بيٺا ٺهي ٺيڪيدار،

طرف وٺي تونۡسلا، بيٺا جُڙي جمعدار،

سي کاٽي کڻن کامڙيا، نه هو ڏلهن جو ڏڪار،

ڦِيٽ، ڦُوٽَ، گزن تي، نه غصب ٿئي گار،

پورهيو پُورو پلئي ۾، ٿو ڏياري ڏاتار،

ڪي سِر، ڪي سگهرا، هيون ذاتيون اُت اظهار،

ڪي ديسي ڪي پرديسي، هئا بنهين بيشمار،

پلي، پنجابي، پهوڙ، پاڙها، پتافي، پٺاڻ، پهنوار،

پالاري، پِراڙ هئا، ٻيا پُسيا، پِيسڪ، پليجا، پڙهيار،

ساند، سميجا، سما، ساهڙ، سومرا، سوڍا، ٺڪر، سنگراسي سنڀار،

سِکَ، سَهتا، سيال، سونارا، سينهڙا، سامٽ، سانڌاڻي هئا ٻيا

سولنگي، سيٺار،

ڏهري، ڏيٿا، ڏوهٽا، ٻيا سنجراڻي، سُوٽهاڙ سار،

هوت، هڱورجا، هاليپوٽا، حبشي، هوليا، حاجاڻا هئا، هئي

حجامن جي هونگار،

ڪلر، ڪلوئي، ڪالُرو، ڪاريا، ڪولاچي هئا، ٻيا ڪورائي

ڪاتيار،

ڪَڇِي، ڪَپري، ڪهيري، ڪِراڙ، ڪاڇيلا هئا، ٻيا

ڪلهوڙا، ڪنڀار،

ڪوري، موچي، ڪوچڙا، ڪيريا هئا، هئي ڪولهين جي

ڪنجهڪار،

لُنڊ، لشاري، لغاري، لَنۡجا، لَنۡجواڻي، لورير، لهريچا، لاکا،

لانگها، لوهاڻا، لوهار،

دَل، دانڌل، دونۡڪائي، درس، دَستي، دايا، دميا، دؤر،

دوداڻي، داسڙا، دوراڻ هئا، ٻيا دائيداڻا، دلواڻي، ڌڌپار،

نکرچ، نُهڙيا، نُوحاڻي، نِداماڻي، نوتڪاڻي، نُونڌ، ننڌو، نُون،

نوداڻي نائي، نورنگ، نواب هئا، ٻيا نوناري، نوتيار،

جهُلڻ، جهِنۡجهي، جهانۡجهڻ، جَت، جمالي، جويا، جِسڪاڻي،

جلباڻي، جوکيا، جتوئي، جکرا، جاڳا هئا، ٻيا جوڻيجا جروار،

اُنڙ، آريسر، آرائين، اُڍيجا، اَبڙا، آهيڙي، اَهۡپَن، عمراڻي،

آجڙي، آدماڻي، اَٿلا، اعواڻ هئا، ٻيا اوٺا، اوڏَ اَپار،

راڄڙ، رهما، روُنۡجها، راهُوڪا، راٺوڙ، رستماڻي هئا، ٻيا رند،

رٻاري، راڄپار،

چنڊ، چانڊيا، چانيها، چاچَڙ، چارڻ، چانگ، چاڪراڻي، چنبڙا،

چهواڻ هئا، هئي چوتين جي چڀڪار،

ڀَنۡڊ، ڀئي، ڀاٽ ڄاٽ، ڀُٽا، ڀنڀرا، بروهي، ڀرڳڙي، بنگلاڻي،

بڙدي، بجير، بَجا، بَهراڻي، بِلالاڻي هئا، ٻيا ڀيل،

ڀَيا آهن ڀوڪيچا ڀڻڪار،

ٻَٻَر، ٻُٽا، ٻاڪڙ، ٻانڀڻ، ٻاليشاهي، ٻوڪهڻا، ٻيا ٻگهيا هئا ٻهيار،

شَر، شيدي، شيخ، شَهاڻي، شڪاري، وسنوئن وساڻن جي وارووار،

زونۡر، زنگيجا، زٖيندپُر، زرداري هئا، ٻيا ٽَنگڙ، هئي ٽنگڙين

جي ٽيڏار،

گوپانگ، گُرگيچ، گِشڪوري، گُرڙا، گُرگلا، هئي گُجَن

جي گفتار،

کواجا، کوسا، کَٽِي، خاصخيلي، کاٽ، خاڪي، کِچي، کوجا،

کيبر، کاکڙ، کٽياڻ هئا، ٻيا کوکر ۽ کڏهار،

مري، ماري، مهندا، ماڇي، ميراڻي، منگسي، منگل، مياڻا، مصر،

منکلجا، مينگهواڙ، ميربحر، مُگيريا، ٻيا چاوڙيا هئا چمار،

مَهر، مير، مُلان، ميمڻ، ميکراڻي، مستوئي، منگواڻا، ميرجت،

ملهيا، مَيئر، مزاري هئا، ٻيا مڱريا، مڱڻهار،

ٿهيم، ٿيٻا، ٿهنؤر هئا، ٻيا جوڳي، جوٻا ۽ جيپار،

گواريا، گُونيا، گَلا گُجر هئا، ٻيا تُنيا، تــٖــــيوڻا، تُرڪ تيار،

ٿيا ڳهلڙا، ڳوڙها، شورا، ڇلگري، ڪي ڏٺا ٿي ڏلهيار،

ماڻهو مسلمين هئا، ٻيو هيڪاندو هندڪار،

پر سيّد پير سڀن کان هئي ڪُل کان ذات ڪرار،

سي چئني ڏسن جا چڙهيا، هئي پورهئي جي پچار،

اُنهيانۡ وڌ انگريز ۾، هئي قيدين منجهه قطار،

پر ڌرتيءَ داخل دنگ نه هو، ڪيئي ڪونڌر ويا ڪنڌار،

سي ڳڻي ڳڻيندو ڪيترا، هي نهاري نت نروار،

ڪي ڪاغذ قلم قط تي، ڪن تي ڪهاڙيون ڪوڏار،

پورهيو پرور پيدا ڪيو، غريبن جو غفّار،

پوءِ اهڙي سگهه نه آهي ڪا سرڪار، ٿا ساراهيون سبحان کي.

 

ساراهيون سبحان کي، جو ڪم ڪري قادر،

”خانو“ چئي کاري کان، اهو ڏنائون درياءَ کي در،

سائو وريو سهنج ٿيا، جنهن ۾ جام جهجهو جر،

سُڃو ملڪ سائو ٿيو، هو ڀينگ بنهين بر،

شل رات نه پوي رڻ ۾، هو حيوانن حشر،

ڪنڊا ڪرڙ ڪانڊيرا، ٻيريون ۽ ٻٻر،

کٻڙ     کارا،     اَڪ      اَڪارا،     ليون      ڄاريون    منجهه   لمبر(1)،

گدڙ بگهڙ لکين لُوڪڙ، سور مرون هئا سوئر،

ڍوُ ڪيا آهن ڍورن مان، نه ڦري ڇٽن ڦر،

ماڻهو مال مارجي ويا، سسيون کاڄي سِر،

وِيَرنِ واهين ويل هئا، هئي ايڏي اُڃ اَپر،

مِٺو مُور نه هو، سي هئا کارا کوهر،

پيا واجهائيندا هئا وسڪاري لاءِ، ڪري من ڪڪر،

ماڻهو پکي مشتاق هئا، ٻيا جيت جناور،

انهيءَ پٽ هاڻ هٽ ٿيا، شوق منجهان شهر،

ڳوٺ ڳوٺن ۾ ڳنڍيو، لڳيون لينُون ۽ لشڪر،

پوءِ اهڙي ڌڻيءَ سوا ٻي ناهي ڌر، ٿا ساراهيون سبحان کي.

ساراهيون سبحان کي، جو ڪم ڪري ڪلتار،

وڏو وڏي واهه ۾، هو تکو پاڻي تار،

مُنهن منڍ موڪرو، ڪَر سڏ پنڌ سنڀار،

اُٿل جنهن جي آڪري، ۽ دهشت هئي ڌڌڪار،

سوين شاخون تنهن مان، ٽَري ڪيائون ٽار،

سي موليٰ آنديون ملڪ تي، ٿي سڪيون سڀ ڄمار،

نه ڪي موريون، مٿن ٿوريون، ناهي لنگهڻ جو لاچار،

بنائي بيهاري بنگليون، تنهن تي آندائون تار،

درجي درجي داروڳا، ٻيا آهن آبدار،

مقدم مٿي ڪم تي، ٻيا بيٺا بيلدار،

ديهه ڌرتي ڌڻين جي، جا لٿي لمبروار،

نوان سنوان نڪتا، سي نالا ٿيا نروار؛

ايڪڙ ۽ اَٺاس ٿيا، ٻيون چونڪڙيون چوڌار،

بلاڪ ۽ برانۡچون، وري واٽرن جي وار،

ريلن بيلن رستا ٿيا، اهي ڪلئي ڪم ڪار،

لاريون     موٽر     لهن      ٿا،      ٻي     هوائن(1)      جـي      هونگار،

لٿي بک بَهاريو ملڪ، ٿيا الاهي اسرار،

پوءِ سگهه ڪنهن ۾ ناهي سار، ٿا ساراهيون سبحان کي.

ساراهيون سبحان کي، ٿا عالم ائين چون،

سُئاسين سماچار ساکُن(2) جا، جي وريون ولهارن،

سير ڪري ٿيون سکر کؤن، هوڪاريو هلن،

اُتر کان ٿيون ڏکڻ ڏي، اهي ساکُون سونهن،

سي لهريون لهن لهواريون، ويريون وڌ ورن،

کاڻِي، کاهِي، کـــــــــــــپـــــــــــــرو، ٿيون ٻائرلـــــــــــــــــي ٻُڌجن،

پوٺو پاسو پٿورو، ٿيون پڙ مٿي پسجن،

ڪانگڻي، لنگڻي، اَڪڙي، وهيو وچ وٺن،

کـــــــــــن، کــــــــــاڻــــــــــــي، کـــــــــــــــرڙو، اتيئـــــــــــــــــــي آهـــــــــــن،

ڏگهو، ڏوماڻو، پئي، پوساڻو، ٿيون ناري تي نهن،

ٽِمُون، ٽٻُوهيون، ڪنجهيجي، ٿيون ويراسر وهن،

لولان، ليلهان، لَيّاري ٿيون، بند مٿي برسن،

سونهي، سُوٺي، سامارو، ٿا چر مٿي چون،

موجن مِٺي، مانجهاڳر مٿي، ٿيون پڌري ساڻ پون،

ٻوسٽان ٻنهي ڪنڌين، ٿيون لَسُن تان لنگهن،

جهمڪي، جهمٽي، جئي لال تي، ٿيون ٽوريءَ سين ٽڪرن،

گوهڙ، گدڙچن، گوڙاهو، ٿيون ڇڄڙيءَ تان ڇِڪن،

مارو آهي مورجهنگو، ٿيون ڌاراڄاه تي ڌڌڪن،

ڍورو، ڊڍرو، ڍينگرالو، ٿيون لــٖــــيٽڪي سين لڳن،

ميّت، ملهڻ سر، مهياري، ٿيون ڀيماسر ڀِرن،

 

سرينۡهه مٿان سانوريءَ، ٿيون ڏَنۡڀَرلي ڏسجن،

رهمور، راڻاواهه مٿي، ٿيون ٺُل سان ٺهڪن،

شينهن ڪُن،شادڻ،شهيليءَ جي واءِ، شاهي جوتڙ ٿيون ماسر ڪو مَٽنَ،

ڪڪر ويڙهو، ڪن کارو ٿيون، اهوريءَ کان اچن،

ديهه دڙيلو، کرچيلو، گابڙلو، ٿيون چَڪ چارتئون چڙهن،

ڏيئي، ڏاڏاهه، ڏهنورو، ٿيون گدام سان گسن،

خيرپور، پُراڻ، پنگريو، ٿيون ٻنگار تي ٻجهن،

راضي شاهه، راڄپار تي، ٿيون سيڙهيءَ تي سُڄن،

ڪلوئي مٿي ڪس وٽان، وڃي کنيئون کاڙڪن،

وچ وليههءَ ولهارن کان، ويون، سي رحمڪي کي رسن،

ملڪ مڙيئي اهو موڪون ٿيو، ٿا پوٺا پَٽ پسن،

پيون نَيون پُراڻ ۾، ڪيو ڇــٖــــيهه ڇنڊڻن،

نئون ڪوٽ، نبي سر، عمرڪوٽ، مٿي ڇور ڇٽن،

ڍورو نارو، ڊيٻوهو، ٿيون ڪونجليون ڪشن،

ٿي ٻاجهه ٻيرڇَن تي، ٿيون پنجن تي پلٽن،

هاڙهه، ڳموريءَ ڳوٺ مٿي، کنيو جاڳير کي جرن،

صابو، لانبو، صاحبن ڪوٽ، لڳيون مومل محليگن،

سون پور، ساريٺي، سِيپلِي، ٿيون ڏهر ڏسن،

ڪرنا، ڪائٿ، ڪلريو، ٿيون ڍيڍ ڍئن،

ڪچولس، ٻوکلي، ٻپائي، ٿيون گورسر گڏن،

ڀڙي، ڀاناڻو، ڀڏيلي، ٿيون چيلاڙيءَ چلڪن،

کيرهڏي، کيجراڙي، ٿيون ڪُونري ڪَرُن ڪن،

صاحب سر، سَٿو سڀڙي، ٿيون اوٺي تي اُٿلن،

ڪراڙو، پڙهيارو، جهم، جهانئيرو، ٿيا سهنج ساڏورن،

ڇوليون ڇرون ڇڇ تان، ٿيون کڏهرو کڻن،

پڇڙيون پراڻ جون، ٿيون هاڪڙي ۾ هڻن،

کُٽيو ڇُٽيو ڇيهه ٿيو، ٿيون کاري ۾ کپن،

اهو سارو پاڻي سکر باريج جو، مٿان مُنهن مِليُن،

پر نارو سارو ٿيو، موهر ملڪ موچارو، جڏهن آئي موڪ مٿن،

ڪَتِي چيٽ ڪُل ٿئي، آڌائون ساڻ انهن،

ساريون، سائون، سڻي، سجاوتو، ٿا وؤڻ وجهن،

جوئر، ٻاجهر، جَوَ جيهين، ٿي ڪار گهڻي ڪڻڪن،

تِر، تُوئر، تماڪ، تُنبي، توريو، تُوريون، ڪيا جي قد ڪَدُن،

چڀڙ، چؤنرا، مڪائي، ميها، مُڱ موچارا، ڇاهانۡ ٿا ڇٽن،

گوار، گدرو، گجر، ٿوم، بصر، پوکيائون پالڪ منجهه پُڙن،

سُئا، سَرنهه آ سيارو، ٻيا ڄانڀا ٿا ڄمن،

ونگا،واڱڻ،مُوريون،مرليون،مريون مٽريون ٿيون درس ڌنڌو ڌاڻن،

ڪورڙ، ڪرنگهه، ڪماند، ڪماندڙي، ٻيو چِيڻو چڱي پوک چڻن،

اين. ٽي، ايل. سي، آهن آمريڪا، ٻيا سنڌي سارجن،

گنجا، موتيا گڏجي، رنگ رکيا رتڙين،

پاڪ، پشوري پچي پيا، ڪيا ڪڪر ڪارڙين،

لُلر، لوڻڪ، مريڙو، ٻيا کاڄا کَٽُونۡبا کُلن،

پَن، پوڙيون، پُواڙي، ٿي ٻُٿ هنيا ٻَرٽن،

ڪانۡهه، ڪَنۡگور، ڪَل گهڻي، ڏنا اوهيڙا اِڪڙن،

پر ناڙٖي نِڌا، نه سمجهن سَنڌا، اهه ٽوپ به ڪين ٽُٽن،

پوک مڙيئي اها پيدا ٿي، پيا ٻج ٻنين،

مڪا سڀ ساوا ٿيا، ڪيا جي ويس وڻن،

دک پٺيان سي سک ٿيا، ڏيهون ڏيهه پچن،

کائي سي خوشحال ٿيا، ڀريا پيٽ پکين،

ڪي پکي پاڻيءَ جا، ڪي سُڪي تي سهڙن،

ڪانگ، ڪبوتر، ڪٻرون، جاوا ڪيا جهرڪن،

چِڙيون، چتون چوڌاري، ڪريو چاهه چُڳن،

هولا، ليلها، هُڙيا، ٻيا وهيا ٿا ورسن،

روڏيون، ٻوڙيون راضي ٿيون، کايو خوش رهن،

ڪُهنگ، ڪانۡهيرا، ڪيڻاٺيون، تکيون تار ترن،

چِيهيون، سانۡهيون، چِيکلا، ٿا ولر ڪيو وهنجن،

ٻگا، ٻولاهيون، ٻڏڻا، ڏيهه ڀريا ڏارين،

مُنڍيون، مُڪر، موراکيون، هئا ميڙا منجهه مڇين،

سهڻيون، سينگاريون، ٿيلهريون، پلا، پوپريون منجهه پاڻين،

بُوهڻ، بلائون، ڳورائُون، هيون لوڙهيون منجهه لهرن،

ڄؤرون، ڄرڪا ڄارين ۾، ٿا گَندڻ گڏجن،

ڪُميون، ڪُرڙا، ڪَڇانۡوا، هيون ڏوڙيون ڏيڏرن،

کڏون کاما کري ٿيا، جهڪيون جڙيون جن،

زميندار، ڪمدار، هارين وري واهن وار، کرن خوشيون ڪن،

ڪَمي، ڪُنهنگائي، ڪانگتڙا، ڪيا پُور پورهيتن،

اڀرو سڀرو آسودو، اڄ ڍائو منجهه ڍَون،

جن کي جُتي جڙي هئي ڪانه ڪا، سي ڀُڻا منجهه بوٽن،

جن کي منگهو، مُني ملي ڪانه ڪا، سي گهوڙن تي گهمن،

جن کي ڪپڙو مليو ڪو نه ڪو، سي پَٽ ٿا پهرن،

جن ڏيو ڏٺو ڪو نه ڪو، اتي بجليون ٿيون ڀڙڪن،

جن کي تري نه ملي تيل جي، سي مَرڪيو مشڪ مکين،

جيڪي پِنيو پئي پُرندا هئا، سي پنهنجي پچائين،

جن کي رٻ ملي هئي رُوڀن سان، سي خشڪا ٿا کائين،

جن کي رکي رسي هئي ڪا نه ڪا، سي پُلاءُ تي پرچن،

جن کي تنگي هئي طباح جي، سي ڍاڪن مؤن ڍُئَن،

جن کي ڪوسو پاڻي ڪونه مليو، اتي چانهيون ٿيون چڙهن،

جن پئي ٿُڏا جهليا ٿوم لاءِ، اتي ڪڪڙ پيا ڪسن،

جن کي ٻَٽڪو ڪونه ٻيڙي ملي، اتي سِيل سگريٽ سڙن،

جن کي ڪُوڙو ڇلو ڪونه مليو، اهي سڀئي منجهه سونن،

جن ڏندڻ ڏنو ڪو نه ڪو، کنيون سوپاريون سڀن،

جن کي ٽپ نه ٽاري ملي، ان تي آ ڇانۡو ڇَٽين،

جن    عمر    نه    عيش    اکئين    ڏٺو،    وٽ     رِيهه   به   رِڪاٽن(1)،

فونا، هارمونا، هئا، سُوسٽ سائيڪلن،

سکر بئريچ آئي سڀ سک ٿيا، ڪريو ٽِنڊ ٽلن،

ماڻهن جا هئا مون حال ٻڌا، ته اهڙا حال هئن،

پاڻيءَ آئي ”پنهور“ چئي، ٿي بهاري برن،

عالم آسودو ٿيو، ڪئي موج ماڻهن،

ربّ جڏهن آ راضي ٿيو، تڏهن مليو مسڪينن،

پوءِ اهڙي طاقت ٻي ناهي ڪن، ٿا ساراهيون سبحان کي.

 

ساراهيون ٿا سبحان کي، جو پاڻي ٿيو آهي پوٺن ۾،

وئي هاج هلاکي هُرلن جي، جا لار ايندي هئي لوٽن ۾،

ذرو ظاهر زميندار کي، ڪونه ڪڻو هو ڪوٽن ۾،

ديهه ڌرتي ڌڻين وڃائي، ٽوڙي ڇڏي هئي ٽوٽن ۾،

هاري هونئن هئا هاءِ ۾، سي چوڌاري هئا چوٽن ۾،

بُک بانۡٺا ڀِيڙ گهڻي، سارو ڏينهن هئا سونٽن ۾،

مُجيري ماڳهين مانيءَ جا، ڳپل آڻيندا هئا ڳوٺن ۾،

پورو پنهنجي پيٽ لاءِ، رلندا هئا روٽن ۾،

سي ساڳيا اڄ سُرها ٿيو، ڦِرن ڀُڻا اڄ ڦوٽن ۾،

اڳيون آهي ڪو نه ڪو، خيال وري ڪو کوٽن ۾،

ڪونه ڪمائي ڪنهن وٽ ٿو، اڄ ناڻي ۽ نوٽن ۾،

اُپڙيو اَنّ اوٽن ۾، ٿا ساراهيون سبحان کي.

 

ساراهيون سبحان کي، وريو واهن جو وارو،

دڪيون، در دور ٿيا، جن جو ڌئين ڌئين ڌڌڪارو،

جتان تتان جهٽ پوي، گهميو سو گهارو،

مينهن ملي تڏهن موج ڪري، جڏهن وري وسڪارو،

سو سڪي ٿو ڪو نه ڪو، وڃي سڄو سيارو،

کَپي کَجــٖــي ڪينڪي، توڙي وڃي آرهڙ اونهارو،

ڪو ڪو رهيو ڪٿهين، ٻنهيءَ ري ٻارو،

ٻيڻا ٻيڻ ٻنين ۾ ٿيو واهه جو واڌارو،

اڳئين کان آڪرو، نيٺ اچي ٿيو نارو،

موڪون مندل موهر ۾، ڪيو سائينءَ سُڌارو،

نه ڪا کوٽ خدا کي، نه ڪي ٿو آڻي اُڌارو،

رازق روز رسائي، ناهيس ويس ويسارو،

پر لکيو لڪي ڪينڪي، هو قلم قرارو،

سو پَري، ڪين ٽري، جو اڳيون اشارو،

عقل، انصاف انگريز جا، جنهن تي سائين سيکارو،

تنهن ڪَلُون ڪئين ڪمايون، بيشڪ کڻي بارو،

حڪم هن کي هو مٿان، ساهه بنان سارو،

سکر بئريج سرڪار آندو، لٽي لهوارو،

دليئون دعائون دنيا ڪري، هوندئي جوڙ جنسارو،

پوٺا، پَٽ پچي پيا، نه لُڻي لاهيارو،

آڪڙ اَپر آرس ۾، نه ڪري ڪو لائي لابارو،

ويتر وڌ وڌي پيو، خفو کاپارو،

جن کي جوڙو جڙيو ڪونه ڪو، تنهن ڪيو هر ڪنهن هلٽ هالارو،

قرض مرض ڪل ئي ويا، سڀڪو ٿيو پنهنجيءَ وارو،

ٿيا خوش خيال ”خانو“ چئي، ٿيو ملڪ ئي موچارو،

الله اهڙو احسان ڪيو، نه هو اَڙلين جو آرو،

ٿي مدد مصطفيٰ جي، جو بيشڪ ڀلارو،

آخر اڳتي ڏينهن اُمت ۾ ٿيندو عربي اظهارو،

معاف مديون مرسل محابي، ٿيندو ڇٽڻ ڇوٽڪارو،

هي صحيح سوڀارو، ٿا ڪلمون چئون ڪريم تي.

 

ٿرپارڪر ۾ ماڪڙ جو حملو

(چيل مارو مل)

 

]سال 2007 سنبت ۾ جام برساتين وسڻ سبب ٿرپارڪر ۾ ٻاجهري، گوار ۽ ٻيون اناج جون پوکون ڏاڍيون ڀليون ٿيون، جنهنڪري ڪڙمي ۽ آبادگار ڏاڍا خوش هئا، ته اوچتو اڀرندي کان ماڪڙ اچي حملو ڪيو ۽ سموريون پوکون کائي چٽ ڪري ڇڏيائين. ماڪڙ اچڻ کان اڳ ڪاتر (جيت) پڻ اچي پوکن تي پيو، جنهن هنداڻن ۽ گدرن جون واڙيون کائي چٽ ڪري ڇڏيون هيون، جن تي چوپائي مال جو مدار هو؛ رهي کهي ڪسر وري ماڪڙ پوري ڪري ڇڏي. ماڪڙ پوکن کي بلڪل تباهه ڪري ڇڏيو، ٻنين ۾ هڪ داڻو به اناج جو نه بچيو ۽ ويچارن غريب ماڻهن لاءِ پيٽ پارڻ به مشڪل ٿي پيو. انهيءَ واقعي تي شاعر مارومل پنهنجي بيتن ۾ پاڪستان ٿيڻ کان اڳ جي حالتن جو بيان ڪندي ٻڌائي ٿو ته اڳ ۾ هندو سيٺيا هوندا هئا، جي اهڙن موقعن تي ماڻهن کي اناج ۽ ڏوڪڙ وغيره قرض تي ڏيندا هئا، پر پاڪستان جي قيام کان پوءِ انهن به لڏي وڃي ڀارت ۾ واسو ڪيو. هاڻي ويچارن غريب ماڻهن کي جتان ڪٿان ڌڪا ڏيو لوڌيو ڪڍن ٿا، انهن ويچارن جي حالت ڏاڍي سقيم ٿي ويئي آهي].

 

ساراهيان سچو ڌڻي، ساراهيان ستار،

ســـــال     هـن     ستين    جـــــــا    پڇو     ته     ڏيار     پار(1)،

ماڻهن ڀانيو ملڪ ۾، ٿيندو اَنّ انبار،

پهرين پلٽڻ پيدا ٿي، ڪاترن جي قسمدار(2)،

گاهه، گوار سڀ کي، چٽ ڪري ويئي چوڌار،

فصل جو فيصلو ڪري، لڳي ٻاجهريءَ کي ٻي وار،

نڪي کُٽو خلقت ۾، ٻاجهر جهڙو جهاڙ،

گهڻا مينهن ملڪ ۾ پيا، سائو ٿيو سنسار،

ٻاجهر ته ٻهڪندي آئي، ٽڙي هنيائين ٽار،

کُٽاکُڻ ’ڪاترن‘ جا، لٿو بارانيءَ تان بار،

هڪليائون ٿي هوش مان، جهرڪيءَ جهڙي جهار،

خوشحال هئا خوشيءَ ۾، ماڻهو سڀ موچار،

اوچتي آئي اڀرندي کان، مڪڙن جي مار،

کائي ويئي کيٽن کي، ڪري داڻو داڻو ڌار،

روئن ۽ رڙيون ڪن، پلپل ڪڍن پار،

تِڏن اسان سان تعدي ڪئي، مري ويندا ٻار،

اسان لڳو انتظار، جڏهن مڪڙ آيا ملڪ ۾.

مڪڙ آيا ملڪ ۾، کائي ويا سڀ کيٽ،

داڻن ڌاران ملڪ ۾، ملڻ ڏکيو آهي ميٽ،

ڏکيو ٿيو هن ڏيهه ۾، پارڻ پنهنجو پيٽ،

مهتا هئا ملڪ ۾، وڏا شاهوڪار سيٺ،

پئسو ڏيندا هئا پت تي، لڳي ويندي هئي ليٽ،

گهرندا هئا گهر اچي، چلي ويندا هئا چيٽ،

اهڙي عادت انهن جي، نيت موچاري نيٺ،

ڀڄي ويا ڀارت ڏي، وڃي ٿاڻا ڪيائون ٺيٺ،

هاڻي  وڃڻ سان   ويچارن  کي،  چون ”گيٽ  آئوٽ  گيٽ(4)“،

ماڻهن جي ملڪ ۾، حالت ٿي ويئي هيٺ،

محبت سندي ميٺ، مري ويئي ”مارو“ چئي.

 

پاڪستان جو قائم ٿيڻ

 

]هندوستان جي وڏي حصي تي انگريزن جي قبضي کان پوءِ هتي جا باشندا انگريزن جي غلاميءَ مان آزادي حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ڪندا رهيا. سنه 1857ع ۾ پهرين آزادي جي جنگ لڙي وئي جنهن ۾ انگريزن، قومي فوجن کي شڪست ڏني. ان بعد ڏينهون ڏينهن آزاديءَ جي تحريڪ اندروني طرح زور وٺندي رهي، ڪئين سياسي جماعتون وجود ۾ آيون. مولانا عبيدالله سنڌي پهريون مجاهد هو، جنهن پنهنجي رفيقن سان گڏ 1916ع ۾ ڪابل پهچي اتان انگريزن خلاف بغاوت جو جهنڊو بلند ڪيو.

هندوستان جي رهاڪن جي سياسي سجاڳي ۽ تحريڪ آزادي کان مجبور ٿي، بالاخر انگريزن هندوستان کي آزادي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو، ۽ انهيءَ سلسلي ۾ هندوستان جي برک سياسي ليڊرن ۽ انگريزن جون لنڊن ۾ ڪانفرنسون منعقد ٿيون، جي ڪنهن به فيصلي کان سواءِ ختم ٿي ويون، ڇاڪاڻ جو اتي هندو ليڊرن طرفان اهو مطالبو پيش ٿيو ته هندوستان ۾ فقط هڪڙي قوم (هندو) رهي ٿي، جنهن جي نمائنده جماعت ڪانگريس آهي، تنهنڪري آزاد حڪومت جون واڳون به انهيءَ جماعت کي ملڻ گهرجن. مسلمان اڳواڻن طرفان انهيءَ مطالبي جي سختيءَ سان مخالفت ڪئي وئي ۽ انهن هندوستان ۾ رهندڙ مسلمانن کي هندن کان علحده قوم ڄاڻائي، هندوستان جي آزاد حڪومت ۾ مساوي نمائندگيءَ جو مطالبو ڪيو ۽ مسلم ليگ کي هندوستان جي مسلمانن جي نمائنده جماعت قرار ڏنو.

متعدد ڪانفرنسن جي ناڪامي، ڪانگريس جو مسلمانن کي علحده قوم ڪري نه مڃڻ ۽ کين حڪومت ۾ مساوي نمائندگي ڏيڻ کان انڪار ڪرڻ، سببان مسلمان اڳواڻن هڪ نئون پروگرام مرتب ڪري انگريزن کان مطالبو ڪيو ته متحده هندوستان ۾ مسلمانن جي ثقافت، تهذيب ۽ مذهبي حقن جي حفاظت ممڪن نه آهي، تنهنڪري مسلمان اڪثريت وارن صوبن کي علحده ڪري مسلم رياست قائم ڪئي وڃي.

انهيءَ تجويز کي قائداعظم محمد علي جناح جي اڳواڻي هيٺ مسلم ليگ جي لاهور 23 مارچ 1940ع واري سالياني اجلاس ۾ آخرين طرح بحال ڪري آزاد مسلم علائقن جو نالو ”پاڪستان“ رکيو. ٻئي طرف هندوستان جي سياسي ڪشمڪش ۽ ٻيءَ عظيم جنگ جي تباهه حاليءَ کان مجبور ٿي انگريزن هندوستان کي آزادي ڏيڻ قبول ڪري 1946ع ۾ ڪانگريس ۽ مسلم ليگ کي چونڊن ڪرڻ لاءِ چيو ته جن صوبن ۾ مسلم ليگ اميدوار اڪثريت ۾ چونڊجي ايندا، اهي صوبا پاڪستان ۾ شمار ڪيا ويندا. چونڊن جي نتيجي ظاهر ٿيڻ کان پوءِ مسلمانن جي گهُر موجب مسلم اڪثريت وارن صوبن کي پاڪستان ۾ شمار ڪري 14- آگسٽ 1947ع تي آزادي ڏني ويئي.

قومي آزادي ملڻ بعد لکين مسلمان هندوستان مان هجرت ڪري پاڪستان ۾ آيا ۽ پاڪستان مان هندو ۽ سِک لڏي هندوستان ڏانهن روانا ٿيا. سنڌ جا هندو گهڻو ڪري جوڌپور ڪڇ، بيڪانير ۽ گواليار رياستن، ۽ بمبئي، اجمير ۽ دهلي جي وڏن شهرن ۾ لڏي وڃي ويٺا.

پاڪستان قائم ٿيڻ، سنڌ ۾ مهاجرن جي اچڻ ۽ هندن جي لڏپلاڻ تي سگهڙ دائود جوکيــٖــي، خان محمد ڪُوريي ۽ الهڏني فقير بيت چيا آهن، جي هتي ڏجن ٿا].


* هيءَ روايت اُتر (تعلقي وارهه) مان غلام رسول جتوئي کان ملي.

فقير ولڻ ولهاري، معارفاڻي چانڊيو ويٺل ڳوٺ ڳاڙهي جاگير تعلقو وارهه، سنه 74-1875ڌاري ڄائو. فقط قرآن شريف پڙهيل هو. سندس ڪلام گهڻو آهي، جنهن مان ڪافيون، بيت، معجزا ۽ مداحون مشهور آهن. سنه 1954ع ڌاري وفات ڪيائين.

(1) جهني = جهوني، پراڻي.

* هيءَ روايت خود شاعر جي زباني قلمبند ڪئي ويئي.

خان محمد پٽ واگهه ذات پهنور، ڳوٺ جانهرو تعلقي عمرڪوٽ جو ويٺل آهي. هينئر سندس عمر اٽڪل 50 ورهيه کن آهي، جنهن موجب سنه 1911ع ڌاري ڄائو. هي قرآن شريف ۽ ابوالحسن جي سنڌي ملا مڪتب ۾ پڙهيو. سندس جوڙيل واقعاتي بيت مشهور آهن.

(1) ٻيڻ = ٻئي پاسي. (2) ڇيڪارا = هرڻ. (3) ٽڪئي = مساڻ. (4) لاريا = پٺيان.

(1) ٻيهن = ڊپ. (2) ڏانيون = ڏنگ.

* هيءَ روايت خود شاعر جي زباني قلمبند ڪئي ويئي.

سوانح عمريءَ لاءِ ڏسو حاشيه، ص 307.

(1) مالڇي = ڪم ڪندڙ ماڻهو. (2) چيپ = چيف انجنيئر؛ چيلاڻي ۽ بجلاڻي ٻه هندو انجنيئر؛ سرويلا = سروير.

(1) لمبر = نمبر زمين جو.

(1) هوائن = هوائي جهازن. (2) ساکن = شاخن.

(1) رڪاٽن = گراموفون جي رڪارڊن.

* هيءَ روايت ٿرپارڪر (تعلقي ساماري) مان رائچند کان ملي.

مارومل هن وقت ضلعي ٿرپارڪر ۾ پرائمري ماستر آهي.

(1) ستين = سنبت 2007.

(2) ڪاتر = جيت جو هڪ قسم، سوٻٽ جهڙو، رنگ ڳاڙهو ۽ هيڊو ٿئي. هنداڻن ۽ گدرن جون وليون کائي ناس ڪري.

(4) يعني ته ويچارن غريبن کي هاڻي ٻيا پئسا وارا چون ته ”گيٽ آئوٽ“ (get out) يعني هليو وڃ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org