سيڪشن: لوڪ ادب

ڪتاب: واقعاتي بيت

باب:

صفحو:4 

جوالا سنگهه جو مارجڻ

(چيل مل محمود پلي)

 

ٿيو سن چوڏهون اچي رونما،

’مکي‘ ملڪ جو ٿيو ’بچو‘ بادشاهه،

اڳيان تنهن جي مختار ’پيرو‘ وزير،

اڪابر وڏي عقل، اعليٰ امير،

سوين ٻيا سپاهي به نوڪر سندن،

ٻَڪر جيئن ٻوساٽيو، عَدو کي ڪُهن.

ڪليڪٽر تي هئي ڪين تن جي نظر،

ڪڍيئون ڪاڻ ڪائي نه ٿي ڪمشنر،

ڪُٽي تن ڪامورا لڏائي ڇڏيا،

سوين تن سپاهي ڀڄائي ڇڏيا،

صوبيدار ’سانگهڙ‘ ۾ سوڙها ٿيا،

جمعدار، مختيار ڳوڙها ٿيا.

’مکي‘ ملڪ کي جو ڍري، سو مري،

گهَٽو ڪَرَ بگهاڙن نظر ٿو چڙهي.

مٿي ميل پنڌ تي هڻن جي بندوق،

گُسن ڪين غازي ڪڏهن تل ملوڪ،

اچي هٿ حُرن کي ڪو ڪٿهين سوار،

ته ڪن خلق ساريءَ ۾ ان کي خوار.

اچي اهڙي ڦر مار بانڪن ٻڌي،

وٺي ڪونه تن کي ڪو ورنهه وڌي.

زبردست هو سِکّ هڪڙو تمام،

چون تنهن مرونءَ جو ’جولاسنگ‘ نام،

مٿو تنهن مجوسيءَ جو هئڙو ڦريل،

هئو چست چالاڪ، پختو پڙهيل،

هنئي ٿي وڏي واڪ تنهن بڪّ شڪّ:

”ڏسان هوند ڪريان ڌڪن ساڻ ڌڪّ،

پوَن وَر سندم اڄ اهي حُر اچي،

پوي هوند ڏاڍو مزو ڪو مچي“.

ٿيو ڏينهن ميڙي جو ’بهرم فقير‘،

مڙيا سهسين ماڻهو اچي مير پير،

سپاهي ۽ سالار سهسين هئا،

هليا ٿي لڳو لڳ صفون ڪيو پُئا.

وچان تن آيا حُر هليا جلد سي،

مُڙيا ڪين ميڙي مٿان مرد سي،

ڪري سڏ شتابي ’جولاسنگ‘ کي،

وڌئون ڄاڻ تنهن مرد اڙٻنگ کي:

”اُٿي مرد مانجهي! ٿي هوشيار هاڻ،

متان پوءِ چوين ائين، ڪيئون ڪونه ڄاڻ“.

مٿان رات ڪاري لڌاري هئي،

مگر خلق کي هوشياري هئي،

هنيائونس هڪڙي دونالي ڀري،

لڳس ڪان قابو سو ڪڙڪو ڪري،

لڳو نانۡ لَکايو ’جولاسنگ‘ تنهن؛

”گُٿو آهين!“ ڪئي بات اڙٻنگ تنهن.

”گُســٖــي ڪين منهنجي هٿان جا ڇُٽل،

سندءِ جسم کي جوان! هوندئي سا ڪل:

اها آهه ’موچي گُلــٖــي‘ جي بندوق،

متان ٻيو جهلايو ڪري ڊوهه چوڪ“.

ڏنائون پڙهو منجهه ميڙي سڄي:

”متان ڪو به ماڻهو پَئِي ڀؤ ڀڄي،

وٺون ڪين نالو ڪنهن ٻئي جوان،

سندي مڊّعي کي ڪيو سون زبان“.

هڻي نعرو سي جوان، هو ڪو ڀري،

ٿيا راهه نروار ٽولو ڪري.

عجب ۾ پئي خلق ڏسندي جوان،

هئا مرد مانجهي، فرشته نشان،

اجل جو هي لشڪر عيان آيو هيئن،

بندو هيئن بندي کي ڪندو قتل ڪيئن؟

ڇڏي ميڙو ماڻهو اچيو ٿا ڀڄن،

جس باز بحري پيو منجهه پکين،

ڀڳا نانوائي ڇڏي ٻوڙ کي،

هٿن منجهه ڏويون ويا ڊور پي.

مهاڻيون اڏاڻيون ٿيو واءُ وڃن،

پڪا گوشت، مڇيون ڇڏيا ماهه تن.

ڪريان ٿو حڪايت ’جتن‘ جو بيان،

سڻو سا هِنيــٖــين سان ڌَرٖي دل ڌيان:

گهڻن پاکڙن کي کنيو سر مٿن،

مهارون مَيَن جون هيون منجهه هٿن،

اٺن تي رکڻ سان ٿئي ٿي اوير،

اچي پرس پهچن متان هو مٿير،

ائين پاکڙن کي کڻيو پئي ويا،

اولاڻن اٺن کي هڻيو ٿي ويا.

هئا سوار جي اتهين گهوڙن سندا،

ڪَشي تن ڪمربند جوڙي ٻڌا،

چڙهيا چوٽ سان ٿي سي جلدي جوان،

پڇاڙيون تڪڙ مان پييون ياد تان نه،

هَنن       منجهه      هاڏيون(1)    پيا     ڏند          پيهن،

ٻَڌا پير وهٽن، اهي ڪيئن هلن!

مُٺا جيئن ته ’مهتا‘ ويچارا اچي،

ڀڄن رات جو ڪيئن؟ مٽي تن ڪچي،

ڀڄڻ کان سي قابو، پيا ڏاڻ تن،

ستي ڌوتين ۾ پيا سي پُسن،

’مٽي جا ڪچي‘ سيڪ سا ڪيئن سَهــٖــي!

ڪيو پيٽ واڪا ويچارن وهــٖــي،

پيا ’رام‘ کي جام ڪارون سي ڪن،

”ونڊيئرا، ڦشيئرا پَرهيان(2) شل مرن!“

حرن جي حڪومت ۾ هيبت ٻَهون،

۽ انگريز جون تن منجهايون ڦيهون،

وٺائين ورنهه نه ڪنهن وجهه سان،

وڙهيا ٿي شتابي اهڙي سجهه سان،

نه هئي جاءِ تن سان ڪا فوجن سندي،

اچي کيڏ اهڙي جوانن ٻڌي.

هئا مرد مانجهي، ارڙ سي اپار،

وٺايا سي ورنهه وڏي ڪنهن لاچار،

مٿي پِير پنهنجي سڻائون ٿي جَهل،

تنهان پوءِ تن جا سُڪا ٻيئي ڳل،

ڀُڻا سي جهنگل منجهه روئندا رهيا،

”جيئڻ جاڙ جٺ آهه“ چوندا هئا،

”هلو تان هلي هاڻ پاڻهي مَرون،

مرڻ کان اڳي ڪيئن پوئتي ورون؟

’پکــٖــي پير‘ مَرڪي ڀلي شاهه پيو،

مريدن جنهين تان فدا ساهه ڪيو“.

مٿي پِير پنهنجي سڻي سخت ڳالهه،

اچي هوءِ حاضر ٿيا ان مَهال،

ڀلي ’حر‘ سڏائن اهي مرد ٿا،

ڪنان موت مانجهي مُڙن جي نه ٿا.

سڏائي ڀلي پرس ’پيرو وساڻ‘،

جنهين گهوٽ گهوريو مٿان پِير پاڻ،

سڏائي ڀلي مڙس ’موچي گلو‘،

ملهايو جنهين جوان ڪوپي ڪلو،

هجن رنگ شابس ’تڳئي چانگ‘ کي،

ڇڏيو جنهن حياتيءَ سندي سانگ کي،

ٽيئي مڙس پڙ ۾ مري ڳاهه ٿيا،

سڄي لوڪ ۾ موڪ وهه واهه ٿيا.

مٿان جنگ پلٽڻ نه مانجهي مُڙيا،

ڏيئي جنگ اڙٻنگ ورنهه وڙهيا.

وڙهي جي مرن سي ’بهادر‘ چون،

ڀڄن جي پٺيرا سي ’ڪانئر‘ ڪهن،

مري نيٺ بلڪل ويا هوند سي،

انهيءَ موت سُرها ٿيا چونڊ سي،

ڀلي ’حُر‘ سڏائن اهي مرد ٿا،

ڪنان موت مانجهي مُڙن جي نٿا.

جهڙو ماهه مرشد مڪمل سندن،

تهڙو پــٖــير ڀريو سچو تن حُرن.

لکيا مون ارادي بنان بيت هي،

بيان سو ڪيم ڳالهه جا هئي صحي،

ڪري بيت پورا پڄائي ڇڏيم،

حرن کي ته ڳائي وڄائي ڇڏيم.

مون تان ڏوهه ڪيڙا اندازئون اَپر،

محالي چڱن جي مڙئي معاف ڪر!

اٿم آس خاص نبيءَ ڄام ۾،

وِلهن جي وسيلي ۽ وريام ۾،

ڪندو ”ملّ محمود“ تي سو شفا،

جو شافع شفاعت جو روزِ جزا.

پڙهو ڪوڏ ڪلمون نبيءَ ڄام تي،

ڪندو جو شفاعت امت عام تي.

لا اِلـٰہ اِلّا الله ﷴ رسول الله

 

 

مکيءَ جا مرد

(چيل امام بخش شر)

 

ساراهيان سچو ڌڻي، جنهن کي موليٰ ڏنو مان،

قادر جي قدرت جي، ڪمي آهي ڪانه،

مردَ ساماڻا ’مکيءَ‘ ۾، سورهيه جوان سڄاڻ،

اڙي پوندا هئا لشڪر ۾، مست اهي ميدان،

دونالين ڌوڙيا هئا، اُڀ گجي آسمان،

سي ته وارو وڄائي ويا، سوڀارا سلطان،

غازي گڏيا گوندر ۾، لاءِ پِير پاڳاري پهلوان،

اڃا صوبا گهڻا سنڌ ۾، جن جا پِير هئا پهلوان،

لڪا گهمن لوڪ ۾، جوڳي منجهه جهان،

نوڙت سڀ نماز، پڻ ڌرم وڏو ڌيان،

جيڪو پرهيز ڪندو پيرجي، تنهن کي الله ڏيندو ايمان،

پڙهه ڪلمون قلب سان، سڀ مٽي اٿئي مڪان،

سفر جو سامان، هي اٿئي ”امام بخش“ چئي.

 

 

ٽکڙ جي سيّدن جو معاملو

(چيل حافظ حامد ٽکڙائي)

 

[افغانستان ۾ امير ايوب خان ۽ امير عبدالرحمان واري جنگ ۾ عام مسلمانن، امير ايوب خان جو طرف ورتو ۽ انگريزن وري امير عبدالرحمان جي مدد ڪئي. امير ايوب کي شڪست آئي. امير عبدالرحمان تخت تي ويهڻ شرط مخالفن تي وڏا ويل وهايا، جنهن ڪري اهي افغانستان مان هجرت ڪري ٻين ملڪن ڏانهن وڃڻ لڳا. حضرت خواجه عبدالرحمان سرهنديؒ هڪ بزرگ عالم شخص هو، جو سيّد ميران محمد شاهه اول جي عرض تي ٽکڙ (وسي ملوڪ شاهه) تعلقي گوني ضلعي حيدرآباد ۾ اچي رهيو، جتي گهڻا سادات اچي سندس مريد ٿيا جن ۾ سيّد غلام محمد شاهه به هو.

جيئن ته غلام محمد شاهه کي اولاد ڪونه هو تنهن ڪري وفات کان اڳ ۾ ئي پنهنجي سموري جائداد ۽ ملڪيت مرشد خواجه عبدالرحمان سرهندي کي لکي ڏنائين، جنهن تي شاهه صاحب جي ٻين غريب مائٽن احتجاج ڪيو؛ ڇاڪاڻ ته غلام محمد شاهه جي وفات بعد سموري ملڪيت انهن ۾ تقسيم ٿيڻي هئي. انهيءَ معاملي ۾ سيدن جون ٻه ڌريون ٿي پيون، هڪڙي ڌر، سرهندي پيرن جو طرف ورتو ۽ ٻيءَ ڌر سيّدن جو،. سيّدن واريءَ ڌر ۾ حافظ حامد به اچي وڃي ٿو. آخر اهو معاملو وڌي وڃي ڪورٽ تائين پهتو. ڳوٺ جي ڪيترن هندن ۽ مسلمانن سرهندي پيرن جو پاسو وٺي ڪوڙيون شاهديون ڏنيون ۽ غريب ساداتن جي خلاف بيان ڏنا. ڪورٽ فيصلو پيرن جي حق ۾ ڏنو. جنهن ڪري ملڪيت سرهندي پيرن کي ملي.

حافظ حامد بي انصافي جي هن واقعي کان دل شڪستو ٿي پيو ۽ ڳوٺ کي هميشہ لاءِ ڇڏي ويو ۽ وري ٽکڙ ۾ نه آيو. وفات به جوڌپور علائقي جي ”ڄاريلي“ ڳوٺ ۾ ڪيائين ۽ کيس اتي ئي دفن ڪيو ويو. انهيءَ واقعي تي پاڻ هڪ منزل چيائين جو تمام مشهور آهي، اڄ به ڳوٺ جي گهڻڻ ماڻهن کي ياد آهي. هن هزل جا گهڻا شعر پهاڪن طور به استعمال ٿيندا آهن، مثلاً:

ڪين لاوڻ کي لڄايو وقت تي ”وريام خان“،

ڪيئن بلوچاڻو ڀلا بنياد ٿيندو بيوفا؟

يا:

ڪوڙ تي ڪلمون ڀري انصاف ”آگُو شاهه“ ڪيو،

غرق ٿيو غوطو هڻي سادات سُڪيءَ ۾ صفا.

قاسم، ارباب، سامي، مانومل مکي، خميسو، منٺار سمي پوٽو، آگُو شاهه ۽ سليمان، سرهندي پيرن جي طرفان ڪوڙا شاهد هئا؛ جن کي حافظ صاحب پنهنجي هزل ۾ ڪوڙ جا ڪوڏيا ڪوٺي شرمايو آهي. يوسف ڳنڀير، مٺو ميمڻ، حاجي محمد، وريام خان ۽ معروف سيّدن جي پاسي هئا جن کي شاعر سچا سورهيه سڏي ساراهيو آهي.

حافظ حاجي حامد جي وفات کان پوءِ سرهندي پيرن، سيدن غلام محمد شاهه جي سموري جائداد ۽ ملڪيت سندس عزيزن کي موٽائي ڏني].

مومنو! دل سان ٻڌو منهنجي مڙي هيءَ ماجرا،

ڪيئن مسلمانن مڙي آلِ نبيءَ سان ڪيو ايذا.

هن ته پنهنجو حق ڇڪيو، سرڪار ۾ سادات ٿي،

تنهن ڏسي مومن مڙئي شاهد لکايا شهر جا.

زور لائي ظالمن ڪاريو گواهن کي گناهه،

سي ڪڏي هليا قسم، ڪوڙي تي ڪورٽ ۾ ڪُتا.

ٿيا منجهن مومن مگر ڪي دل سچيءَ سان ديندار،

جي نه ڀَو ڪنهن جي کان ڀليا، ربّ جي ڳوليؤن رضا.

نام ان جا ٿو ڪريان نروار آءٌ هن نظم ۾،

جي ٿيا مومن موافق يا مخالف ٿيا مُٺا.

پهرين پيئڙو پاپ ۾ ’قاسم‘ قسم کاڻو کڻي،

سخت ڄاتي ڪين سُنهَن جي تنهن جهڙيل جاهل جزا.

اُو ٻهر آيو ته ٻيو ڪورٽ وري ڪوڪاريو،

لالچي لينڊو لبوسي ڀوڪ اٿيو بيحيا.

ايءُ نه هو ارباب اصلي، هُئي پڻس تي ڪانه پڳ،

ڄم کڻي ڄاموٽ بنيو ڪالهه يارو! سين قضا.

ساڌ ٿي ’سامي‘ هليو ٿي پئنچ پُٽ پڳڙي ٻڌي،

ساک پنهنجيءَ جا ٿي سڀڪنهن وٽ ڪيئين ڪوڙا قصا.

رام سڀ راهون منجهايس، نيو الک اوڙاهه ۾،

نام پئي ويو نرڳ ۾ هندو وهائي سِر هچا.

حيف هونئي ٿئين حلالي ڪين ’مانو مل مُکي‘!

هر طرح حقدار جو کائي نمڪ تو ڪئي خطا.

ڪانه خوبي ڪئي ’خميسي‘ جو اسان ڀانيو امين،

ٻُڌ ڇڏي ٻاتــٖــي جي پٽ، ٿيو حق چوندي تنهن حيا.

تُف هجئي ڙي ’ساندسما‘! ڪاڻ توکي ڪانه هئي،

ڪيئن ڪتا! ڪوڙي قسم جي بي سبب کاڌين بلا؟

ڪيئن مُٺين ’منٺار‘! وڏپڻ ۾ وڃايئي دزد دين،

ساک ڪوڙيءَ جي سمي پوٽا! سِگهو کيندين سزا.

ڪوڙ تي ڪلمون ڀري انصاف ’آگي شاهه‘ ڪيو،

غرق ٿيو غوطو هڻي سادات سُڪيءَ ۾ صفا.

توکي سربستي ’سليمان‘! هئي حقيقت حال جي،

ڏوهه ۾ پئي ڏيهه ۾ گانڊو! ڪرايئي ڇو گلا؟

هي ته ڪوڏيا ڪوڙ جا باطل ڀلايا بي نصيب،

هاڻ حامي حق جا سارايان ٿو سڀ سورهيه سچا.

پهرئين ان مان پڪاريئون يڪ دليو ’يوسف ڳنڀير‘،

تنهن اٿي ايمان سين آندو بهادر حق بجا.

ڪين لالچ ڪنهن جي لرزايو نه ڀؤ بادين ڪيو،

ڪئي ’مِٺي ميمڻ‘ کي ايءَ مردانگي آگي عطا.

جي ڌُريئون دل ۾ رکي ’حاجي محمد‘ هو هليو،

لفظ سي الله ڪارڻ ڪيئين امانت سين ادا.

ڪين لاوڻ کي لڄايو وقت تي ’وريام خان‘،

ڪيئن بلوچاڻو ڀلا بنياد ٿيندو بيوفا؟

سچ چوڻ جو صاف سچ پچ مرد ٿي ساريو نه مپ،

رمز سين رس ۾ جهلي ’معروف‘ آندا ٻئي مٿا.

شاهديءَ جي شرع موجب حرف ”حامد“ جي چيا،

سي لڳا منهن ۾ مخالف جي تراڙين کان تکا.

 

 

ڏاڏي آدم جي ٻنيءَ ۾ مسجد جو ٺهڻ

(چيل صابر درس)

[ڪڇ ڀڄ جي ڪنهن علائقي ۾ راءِ پراڳمل جاڙيجي جي سرداري هئي. تنهن زماني ۾ ”راجسينۡءَ پوٽا“ پڻ گهڻي تعداد ۾ اتي رهندا هئا. هڪ دفعي کين راءِ پراڳمل طرفان ڪوٺ ٿي. راجسين پوٽن جا جملي چڱا مڙس، سردار جي سڏ تي وڃي حاضر ٿيا. سردار سندن ڏاڍي مرحبا ڪئي ۽ چيائين ته: توهين جاڙيجي پوٽن سان هميشہ وفادار ٿي رهيا آهيو، توهان جا ڪل ٻارهن پاڙا هتي رهن ٿا، ڇو نه اوهين ”ڀنڊياري“ علائقي ۽ ان جي آس پاس ۾ وڃي رهو! سردار جي انهيءَ صلاح موجب راجسين پوٽا لڏي وڃي انهي هنڌ تي ويٺا. ”لڌي“ ۽ ”گل محمد“ نالي ٻن چڱن مڙسن اچي ڏاڏي آدم جي ٻنيءَ وارو ڳوٺ آباد ڪيو. راجسين پوٽا نماز جا سخت پابند هئا ۽ سڀني ڀائرن گڏجي هڪ اهڙي ته عاليشان مسجد ٺهرائي جنهن جي هاڪ پري پري وڃي پهتي. ان بعد اسي سالن جي عرصي کان پوءِ، اُها مسجد نهايت ضعيف ٿي ويئي: ڀتيون ڀڄي پيون ۽ ڇت مان نريا نڪري هيٺ ڪرڻ لڳا ۽ شهيد ٿيڻ تي هئي. مسجد جي هن حالت راجسينءَ پوٽن جي پوين کي ڏاڍو ڏک پهچايو، انهن ويچار ڪيو ته ماٺ ڪري ويهڻ مان ڪي ڪين ورندو، مسجد جي مرمِت ڪرڻ اسان جو فرض آهي، جنهنڪري هن نيڪ ڪم ۾ دير ٿيڻ نه گهرجي. سو الله جي آسري تي همت جو سندرو ٻڌي اُٿي کڙا ٿيا. خدا سندن ڪوشش کي ڪامياب ڪيو، سڄي ضلعي جا رازا ۽ ڪاريگر سندن سڏ تي اچي مڙيا، ٿورن ئي ڏينهن ۾ مسجد سڳوري وري پنهنجي اڳوڻي اوج کي پهچي ويئي. چالهيارو سال کن اڳ جي انهيءَ واقعي کي شاعر ’صابر درس‘ پنهنجي ڪلام ۾ هن طرح بيان ڪيو آهي.[

الله جل جلالہُ، صاحب ربّ ستار،

خدا خلقيو نُور مان، سيّد سچو سردار،

خلقيئين چارئي يار رسول جا، دوست سندا دلدار،

خلقيئين ڏوهٽا نبيءَ ڄام جا، مانجهي مڻيادار،

اهڙيون قدرتون ربّ جون، آءٌ ساريان سڀ ڄمار.

راجسين جي راڄ جي، هئي گُل سندي گلذار،

راجسينۡ راءِ گهرايا، جاڙيجي جونجهار،

راجسينۡ گڏجي پاڻ ۾، هلي ويا هيڪار،

راءِ پراڳمل سين وڃي کلي ڪيئون کينڪار.

راءِ چيو: اوهين آهيو دعاڳو درٻار،

ٻارهو تڙ ٻنيءَ ۾، اوهان جا قائم ڪيا ڪلتار،

وڃي ويهو ’ڀنڊياري تي، چئين ڪنڊين چوڌار،

’لڌي‘ ۽ ’ گل محمد‘ کي ڏني سوڀ ستار،

اچي ويٺا ٻنيءَ ۾، سانگي ســٖــي سنگهار،

ڪي عابد اُن ۾ هئا، نمازي نــٖــيڪو ڪار،

ڪي خٿابي خميسون پنندا هئا، فائق فرحين دار،

نوري نيڪ نمازي هئا، جوڙ ڀليءَ جنسار،

ڪري ڦوڙيون پاڻ ۾، ويا بيت اڏائي ڀارَ،

اهڙي مسجد ٻنيءَ ۾، ٿي نيڪيءَ نامدار،

ملڪان ملڪ مشر آهي، چؤڏسين چؤڌار.

اَسي ورهيه آن کي ٿيا، سا جهوني ٿي جهونجهار،

سا جڳا جُڳ نه جيئندي، ساري سڀ ڄمار،

ڀتين پاهڻ ڪريا، نَريا نڪري ٿيا نِروار،

ڀائرن گڏجي پاڻ ۾، ويهي ڪيو ويچار:

ته پاڻ تي حق مسيت جو، ٻي نه ڪريون ڪار.

ٻڌي ثابت سندرو، ڪيئون اَلاهي تُهار،

پاڻ سين مدد مرسل ڪارڻي، حامي ٿيو هموار.

آيا رازا ضلعي جا، جن هنيان چڱا چٽ چوڌار،

هيري ۽ جواهر جا، گل بنيا گلذار،

تن مسجد اڏي راس ڪِي، سهڻا رکيئون سينگار،

ست رنگيون سون جون، گهڻا پَڙڇ اَپار،

نيون نمازون پڙهن، صفون ڪيو سينگار،

عاجز هن ”صابر“ جي، وائي ڪلمي وار.

لا اِلـٰہ اِلّا الله ﷴ رسول الله

 

کپري واهه جو وهڻ

(چيل شيرمحمد لغاري)

 

[اٽڪل 60 سال اڳ ٿر ۾ کپري واري واهه وهڻ شروع ڪيو. هن واهه جي وهڻ سبب ٿر جي سالن جي سِڪايل زمين خوبصورت گلن ۽ سهڻي ساوڪ جو ويس ڪيو. ڦٽين، ڪمند، ڪڻڪ، مٽرن، مڱن، ٻاجهر ۽ سارين جون پوکون ٿيون. زميندارن جون آسون پوريون ٿيون ۽ انهن خوب ناڻو ڪمايو. غريب ڪڙمين ۽ ڪاسبين، جن پوکن نه ٿيڻ سبب اڳ بيروزگاري ۽ مفلسي ۾ پئي گذاريو، هن واهه انهن جي زندگي ۾ به سرهائي پيدا ڪري ڇڏي. درزين وٽ ڪپڙن جا انبار لڳي ويا. هن خوشحالي ۽ سرهائي جون خبرون ٻڌي ٻين علائقن کان ڪولهي، ڀيل، پنجابي ۽ ڪڇي ذاتين جي ماڻهن اچي ٿر آباد ڪيو. سگهڙ شيرمحمد خان لغاري هن واقعي کي پنهنجي ڪلام ۾ هن طرح بيان ڪيو آهي].

 

واهه عجائب ’واهه‘ ٿرن مان، حاڪم هاڻ ڪڍايو آ،

’ناري‘ مان ٿي ’نارو‘ وهيو، جنهن تان بَرو وَسايو آ،

ٿر بر ۽ بيبان ڀٽن مان ’جمڙائو‘ کان آيو آ،

شوق منجهان پئي حاڪم ان تي، ’کپرو‘ نام رکايو آ،

ٿرن برن ۾ سبزي ساري، واهه عجب رنگ لايو آ،

مُلڪ سڄي ۾ واهه اُهو اڄ، سڀ کان سرس سوايو آ،

پوکون پوڄ پياري وَهه جو واهه وهايو آ،

ڦٽل ملڪ وَسائي وريو، باريءَ رنگ بنايو آ،

هاري ناري، مال متاع ڪل، واليءَ اڄ وڌايو آ،

آباديءَ جو راتو ڏينهان، سڀ کي شوق سوايو آ،

موڪون موڪ پچائي پوکون، هر ڪنهن کي هي سعيو آ،

واهه! پيدايش کڻن ٿا ڪڙمي، ڪوڏان جن ڪمايو آ،

سڃ منجهان ٿي وسندي ساري، ربّ سندو هي رايو آ،

بنيا باغ بهاري بيحد، سڀڪنهن شهر ٻڌايو آ،

نڪتيون شاخون، وَهيا واٽر، حاڪم ڪم ڪرايو آ،

’کپرو واهه‘ ڪري اڄ موجون، ڀٽن کي جنهن بنايو آ،

زينت زيب زمين اتي ڏس، سائينءَ پاڻ سُنهايو آ،

رعيت ڪاڻ ڪيو هي حاڪم، سالم ڪم سجايو آ،

ونئڻ ڦٽي، ڪن ڪمند، ڪڻڪون، جيئن جنهن کي ڀانيو آ،

ماهه، مٽر، مڱ، موٺ مڙيئي، جنسون ٻج پوکايو آ،

ڀاڻو ڀاڻ، ولائتي وَليون، باغن جيئن برسايو آ،

ڇانهان، رانهان، ونگا، گدرا، ولين فرش وڇايو آ،

جَوئر، مڪايون، ساريون، ٻاجهر، سنگن سر نمايو آ،

باغن پٽ برن ۾ برسي، ڇانون ساڻ ته ڇانيو آ،

آسودو ٿيو ملڪ اهو اڄ، هارين هر سنباهيو آ،

زميندار زمينن وارا، سڀڪنهن خان سڏايو آ،

رکي حڪم هارين اتي، وهه جو ڄم ڄمايو آ،

ڪيئي مرد مزوريءَ وارن، ڏکيو وقت لنگهايو آ،

تن کي ويس وڏاندر اڄ، پرور ڏس پهرايو آ،

وٺن درزي خوب سلايون، ڪپڙو جن سبايو آ،

ڪمي ڪڙمي، ڪسبي ڪاري، مانُ وڏو اُت پايو آ،

پورهيت ڪن پيا اڄ ات پوکون، هيڪل ٻيهر ڪاهيو آ،

ٻني ٻارو ڪري ٿو هرڪو، ديرو درس لڳايو آ،

کليا هٽ بازاريون بر ۽، پاڻي پٽ ٺهايو آ،

جنسون ڪن خريد واپاري، جن ڪن هٽ وجهايو آ،

حرص ڪيا حيران هزارين، سڀڪنهن سک ڦٽايو آ،

زالن لئي ڀي زور ڪمائي، پورهيو پنهنجو پرايو آ،

پري پرانهون عالم آيو، گاڏي ملڪ گڏايو آ،

ڪولهي، ڀيل، پنجابي، ڪڇي، پوکڻ مان ته پرايو آ،

دعائون ڪن سي حاڪم کي، جنهن ’کپرو واهه‘ کڻايو آ،

قدرت هيءَ سڀ قادر جي، جنهن باريءَ بر بنايو آ،

پيٽن خاطر هٿڙا هڻندي، سارو وقت وڃايو آ،

روزيءَ جو سو ضامن آهي، جنهن آگي عرش اَڏايو آ،

حڪمت سان تنهن هر شيء ڪارڻ، هاديءَ روز هلايو آ،

ٿيندو نيٺ فنا هي فاني، هي تان حرص اجايو آ،

سالم سودو آهي هتي، جن رب سان روح رلايو آ،

پاڻ ئي ماري، پاڻ جياري، سڀ کي روز رسايو آ،

شب روز شڪر ڪر ”شيرمحمد“، جنهن ڪلمون پاڪ

پڙهايو آ.

لا اِلـٰہ اِلّا الله ﷴ رسول الله
 

 

سيّد محمد شاهه سنائي جي شهادت

 

[سيّد محمد شاهه (مشهور سياسي اڳواڻ محترم جي- يم سيّد جو والد) شهر سن ضلعي دادو جو وڏيءَ عزت ۽ دٻدٻي وارو شخص هو. سندس سڀاءُ اهڙو هوندو هو، جو ننڍن خواه وڏن سان پيار ۽ محبت سان هلندو هو، ۽ هرڪو کيس عزت ۽ احترام جي نظر سان ڏسندو هو. سندس عدل ۽ انصاف جي هاڪ پري پري پکڙيل هئي. سندس مريد توڙي ڪوهستان جا ماڻهو پنهنجن فيصلن لاءِ وٽس ايندا هئا. شاهه صاحب جي اها نيڪ نامي ۽ شهرت سندس سوٽ ’ستابي شاهه‘ کي نه وڻندي هئي. ازانسواءِ ٻنهي جي وچ ۾ زمين تان تڪرار ٿي پيو، جنهنڪري ستابو شاهه کيس مارائڻ جا گهاٽ گهڙڻ لڳو. آخرڪار هن 3- رمضان 1323هه/ 1- نومبر 1905ع رات جو 3 بجي، جڏهن ’محمد شاهه‘ پنهنجي دستور موجب مسجد ۾ تهجد پڙهڻ وڃي رهيو هو تڏهن خان ٺوڙهي، ساماڻي چانڊئي، عبدالله چانڊئي، حاجي گائچي ۽ ساٽي ڇڇر کي موڪلي کيس مسجد جي ڀت وٽ شهيد ڪرائي ڇڏيو. محمد شاهه جيئن ته هڪ هردلعزيز ۽ نيڪ خصال بزرگ هو، تنهنڪري سن خواه سڄيءَ سنڌ ۾ سندس هن دردناڪ موت تي ڏاڍي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ويو ۽ ڪيترن شاعرن هن واقعي بابت ڪلام پڻ چيا. انهيءَ واقعي تي شاعر سليمان فقير، ۽ عثمان سنگراسي جو چيل ڪلام هتي ڏجي ٿو. عثمان سنگراسي نه فقط سيّد محمد شاهه سنائي جي شهادت جو ذڪر ڪيو آهي پر ان کان پوءِ ستابي شاهه جي مارجڻ جو پڻ بيان ڪيو اٿس ته: محمد شاهه جي عزيزن ستابي شاهه کان وير وٺڻ جو ارادو ڪري هڪڙي رات اوچتو وڃي ستابي شاهه جي ڪوٽ کي گهيرو ڪيو. انهيءَ حملي ۾ ڪوهستان کان آيل مريد به شامل هئا، جن وٽ ڀالا ۽ بندوقون ۽ ٻيا هٿيار هئا. بچو، ڪنڀر، حاجي، گنبو شاهه ۽ عمر هن ٽولي جا مکيه ماڻهو هئا. انهن جي بندوقن جو ڌڌڪو ٻڌي ستابو شاهه لِڪي ويو ۽ سندس نوڪر ساماڻو ڀڄي ويو. گنبي شاهه، ستابي شاهه کي هڪل ڪئي ته: تون لڪي پاڻ کي نه لڄاءِ، موت جو هڪ ڏينهن مقرر آهي تنهنڪري ميدان ۾ اچي مرد ٿي مقابلو ڪر. پر ستابو شاهه، ننڍڙي معصوم پٽ سميت وڃي هڪڙي ڪچي جاءِ ۾ لڪو. تنهن تي ’عمر ۽ ڪنڀر‘ گڏجي انهيءَ جاءِ کي کڻي باهه ڏني. ستابي شاهه کي چيائون ته: تون پنهنجي معصوم پٽ کي ڇو ٿو پاڻ سان گڏ مارين، ان کي ڪڍي ٻاهر ڪر. جنهن تي پٽ ڪڍي ڏنائين، باقي پاڻ اتي ئي سڙي مري ويو.[

(1)

سيّد محمد شاهه جي شهادت*

(چيل سليمان فقير ملاح)

ساراهيان سچو ڌڻي، ساراهيان ستار،

قادر ڌڻي قدرت جو، خالق خلقڻهار،

’محمدشاهه‘ سن ۾، مرد هو مڻيادار،

وارث والي ملڪ جو، سيّد هو سردار،

مير وهي مجلس ۾، جئن کڙي کٽڻهار،

دهشت منجهس اهڙي، ڪو نيڻ نه کڻي نروار،

عقل جو اڪابر هو، ٻارن ساڻ ٻار،

گهوڙي مٿي گهوٽ جي، هو سونو سڀ سينگار،

ڪنڌيءَ ۽ ڪوهستان جو، ڪندو هو عدل ۽ آچار.

سڳي سندس سوٽ کي، اچي ٿيو وهم وڏو ويچار،

اهو هوند آءٌ نبيريان، جيڪو اُن اختيار،

سڀ سڏي ٿو پانهنجا، سنگتي سينڌا يار،

وهاريو جاءِ جڳهه جاسوس، اهو ڪري اظهار،

”جو شهيد ڪري محمدشاهه کي، تنهن ڏيان جوان هزار،

جيڪو ڪري ڏي ڪم تيار، تنهن خان وهاريان کٽ تي“.

 

’محمدشاهه‘ لڏيو ’سن‘ مان، گهوٽ ٿيو گهورو،

سوئي   شهر ’سَن‘   جو،   جتي   شرو    نڪو   تورو(1)،

’محمدشاهه‘مير سان، ٿيو ناحق نِسورو،

’محمدشاهه‘ مورو، مري مير شهيد ٿيو.

 

مري مري شهيد ٿيو، ٿي تقدير ربّاني،

چوٿون پائو سنڌ جو، ٿيو مري مير زياني،

ملڪن ۾ مشهور ٻجهي بيشڪ ٿي ’سَن‘ بيگاني،

چُتون چور ڀڄي ويا، جني مور نه ملي ماني،

مِٺي ’محمدشاهه‘ سان، ڪئي مالڪ مهرباني،

الله ڪئي آساني، مٺي ’محمدشاهه‘ تي.

 

(1)

محمد شاهه جي شهادت ۽ ستابي شاهه تي حملو*

(چيل عثمان سنگراسي)

موتِي ’محمدشاهه‘ تي، راڻــٖــي ۾ رمضان،

شاهه سُتو هو سيج تي، کٽ وڇائي خان،

ويريءَ جي وڙهڻ جي، ڪل پيئي هئي ڪانه،

ڪئين دُنگ دارون جا، صوبي وٽ سامان،

ڪئين گهرايائين ڪيترا، درن تي دربان،

پوءِ دانهه رکي ڌيان، آيس ويري ويجهڙا.

آيس ويري ويجهڙا، ڪري ڪاهه ڪتا،

’حاجِي‘ ٿي هٿ وڌا، سي ڀي تانۡ نه ڀِتا،

ڪئين هئا ڪيترا، ’سَن‘ مٿي سُتا،

ڪير ايندو ڪونڌر تي، جن جي سائن مهتا،

سيّد ستابا شاهه! پُر وڃائي اٿئي پانهنجي.

 

پُر وڃائي اٿئي پانهنجي، تون هوش ڪري هلجان،

’کوسا‘ خان وڏا آهن، غازي گڙدن سان،

سڌ نه پونديئي ”سنگراسي“ چئي، ايندا مرد مٿان،

پوءِ پنهنجي پاڻ هٿان، ٿي سڏ ڪياء سوريءَ کي.

 

سوريءَ کي ٿي سڏ ڪيائين، عليءَ لڳ اچن،

جوان آيا آهن جبل مؤن، ڀالا بڙڇ هٿن،

ڪئين ڪٽاريون ڪيتريون، سونهريون به سڀن،

’بَچــٖــي‘ هنيون بنگلي مؤن، ’ٺوڙهي‘ ٺڪاون،

’ڪنڀر‘ هنيون ڪست مؤن، دو ناليون دهڪن،

پهريدار پچر ڇڏي ويا، ڇڏي چؤڪسي چڱن،

ڀتيون ٿا ڀڃن، تن کي ڪوٽ جهليندا ڪيترا.

 

ڀڳو ’ساماڻو‘ سِر کڻي، وڃي ’چانڊيا‘ چتائي،

’حاجي‘ حلالي آ، سو ٻاهر ٿو ٻولائي،

لڳو ڌڪ، ڌڌڪو ٿيو، ڪان وڌو ڪيرائي،

’گنبو شاهه‘ گهٽين ۾، بيٺو در مٿي دانهي،

سيّد ستابا شاهه! توکي ٿو لِڪڻ لڄائي،

پِڙ ڇڏيو اٿئي پانهنجو، تون ڪنڊن ۾ پيو آهين ڪاهي،

اڄ سڀاڻي آهي، آخر موت مٿي تي.

آخر موت مٿي تي، توکي خلقيو پاڻ خدا،

نالو تنهنجو نديءَ تي، تون وسئون نه وساء،

ڏِسي تاوَ ترارين جا، تون جُنگ جهلين ها جاءِ!

’عمر‘ چيو ’ڪنڀر‘ کي، تون وڃي دَن دُکاءِ،

ڪانا ڪهڄر ڪيترا، تون ڦوڪي ڏين باهه،

ڪانَ گُسن ڪينڪي، پر اندر آ اوندهه،

سيّد ستابا شاهه! وٺ صلاح، پُٽ ڪڍي ڏي پانهنجو.

 

پُٽ ڪڍي ڏي پانهنجو، جوان بيٺا جاري،

وٺي وجهه وڙهڻ جو، گهٽ جهليائون گهاري،

ڏاڍو ڏيهه ڌڻي سو ڏونگر ٿو ڏاري،

نالو جنهن جو واحد قهار، سو ڪنهن جي ڪانه ڪري،

پنهنجي ٿو پاري،

انهيءَ ذات کي ”عثمان“ چئي، منهنجو اندر ٿو ساري،

پوءِ منٽ ۾ ماري، ٻئي ڪوپا ويا ڪنڌيءَ جا.

 
 

سيّد جلال شاهه کيجراڙي واري جي شادي

(چيل مل محمود پلي)

 

[مُهراڻي، تعلقي عمرڪوٽ ضلعي ٿرپارڪر جي ڳوٺ ’کيجراڙي‘ ۾ هڪ وڏو زميندار سيّد هاشم شاهه نالي رهندو هو. کيس ’جلال شاهه‘ نالي پٽ هو، جنهن جي شادي 15- رجب 1323 هجري ۾ ڪرايائين. جيئن ته ان وقت شادي وهانۡو جي موقعن تي وڏن ڪاڄن ڪرڻ جي رسم عام هئي، دولتمند ماڻهو ڪاڄ ۽ کاڄ تي هزارين رپيا خرچ ڪرڻ ۾ فخر سمجهندا هئا، تنهنڪري سيد هاشم شاهه به پنهنجي پٽ جي شاديءَ تي دل کولي دولت خرچ ڪئي ۽ اهڙي ته ڌام ڌوم سان شادي ملهائي جو چؤطرف واهه واهه ٿي ويئي. ساندهه چار مهينا شاديءَ جو ڪاڄ پئي هليو. روزانو هزارين مهمان پيا ايندا هئا ۽ طرحين طرحين طعام پيا تيار ٿيندا هئا. غريب غربي کائي ٿي شاهه جي سربخت کي دعائون ڪيون. طعام جي کائڻ ۽ کڻڻ جي ڪنهن کي به جهل پل ڪانه هئي. غريبن ته اهو ڀت سُڪائي رکيو جو پوءِ به ڪيترن ڏينهن تائين پي کاڌائون. مسلمانن کان سواءِ، هندن، مينگهواڙن ۽ گهٽ ذات جي ماڻهن لاءِ به کاڌي پيتي جو جدا انتظام هو. غريبن کي ڪيترائي انعام اڪرام ٿي ڏنا ويا. عزيزن شريڪن توڙي لاڳ وٺندڙ مڱڻهارن، ڀَٽن وغيره کي هزارن جي تعداد ۾ لنگيون ۽ اجرَڪُون وغيره مليون. هن کان اڳ ٿر ۾ اهڙي شادي ۽ اهڙو زبردست ڪاڄ نه ٿيو نه ٿيندو. اڄ ڏينهن تائين مهراڻي جا ماڻهو انهيءَ شاديءَ کي ياد ڪندا آهن ۽ جيڪي ماڻهو هن ۾ شريڪ نه ٿيا هئا سي پنهنجي ڀاڳ کي پٽيندا آهن. اڄ ڏينهن تائين پهاڪو مشهور آهي ته: ’جلال شاهه جي کچڻي ڪانهي جا اوي سوي پيو کائيندو‘- يا ’جلال شاهه جي شادي ڪانهي‘.

شاعر مل محمود پلي ان شادي ۽ ڪاڄ جو احوال جيئن ٻڌو آهي، تيئن پنهنجي نظم ۾ تفصيل سان بيان ڪري سيّد جلال شاهه جي تمام گهڻي تعريف ڪئي آهي].

چوان حمد تنهن کي جو هادي حڪيم،

ڌڻي پاڪ پرور ۽ قادر ڪريم.

ريٻارو ڌڻيءَ جو محمّد رسول،

ڀلارو، سونهارو، سو ڪامل قبول.

ڀلارا نبيءَ جا چوکا چار يار،

’ابوبڪر‘ تن ۾ هئو يار غار.

ٻيو يار اعليٰ هو عادل ’عمر‘،

ڪُهي ڪيئي ڪافر ڪيائين ڪتر.

ٽيون يار اعليٰ هو ’عثمان شاهه‘،

ڏنا لک جنهين ٿي لٽيو لڳ الله.

چوٿون يار اعليٰ ’علي شاهه‘ هو،

ڀڃي ڪوٽ خيبر جو جنهن فتح ڪيو.

ڀلا نور مغفور ’حسنين‘ ٻئي،

سچا شير، شاڪر شهيدين ٻئي.

ڀَلو پِير پِيرن سَندو پِير جو،

ڪندو مهر ’مهران مهدي‘ مير جو.

ڪريان ڳالهه هڪڙي ٿو ساري سڻو:

ڏيئي اون عاقل! هنئين سان هڻو.

تيرهن سؤ ٽيويهه سن جي آ ڳالهه هيءَ،

ڏٺم روءِ اکين سان هلي چال هيءَ.

’سيّد هاشم‘ سامان سعيو ڪيو،

وڏي ڪاڄ جو راز رايو ڪيو.

ڪڙم تنهن ’بخاري‘ ’هاشم شاهه‘ نام،

رهي ’کيجراڙي‘ مٿي سو مدام.

علائقي ’عمرڪوٽ‘ جي ڳوٺ جو،

ڪنان ’ڪوٽ‘ هڪ چوٽ، جي پنڌ جو.

ٻٽي ميل پنڌ جا، ڏکڻ ڏس تي،

ٿري ۽ ڏاڍيءَ جي وچين گس تي.

ڪيائين ٿي شادي به فرزند جي،

اکين ٺار، دلدار، دلبند جي.

اسم تنهن سڳوري ’سيّد شاهه جلال‘،

وڏي بخت وارو سو ڪرمي ڪمال.

به تاريخ پنڌرهين رجب ماهه جي،

جمعي رات شادي رٿيئون ’شاهه‘ جي.

ٿيو ڪم شروع جام ڇيڙون چليون.

ڪکن ۽ ڪاٺن تي چوڌاري چليون.

اندر ڇيڙ ماڻهو هئا ائين اپار،

پنجين ٽڪ پوري ٿي کاڌ خرار.

ڀريا چار مهنا هليو ڪم پئي،

نه ڪو ڏينهن هڪڙو پيو خم پئي.

هِڪن ماڳ ميدان، پَٽَ پئي گهڙيا،

ٻين هنڌ اوطاقون، ڇَنا پئي جڙيا.

ڇنا ۽ اوطاقون اهڙيءَ طور هئا،

قصي جي ڪرڻ کان گهڻو زور هئا.

ٿوڻيءَ منجهه ٿوڻي لڪائي ڇڏيئون،

ڪا ڄڻ شاهي بازر بنائي ڇڏيئون.

خاصن لاءِ خاصيون اوطاقون گُدام،

عامن لاءِ عامي ڇنا عام جام.

خاصن لاءِ کٽون، گلم، گاديون وڇاڻ،

عامن لاءِ نُکون، پڙڇ، سامان ساڻ.

گهوڙن لاءِ داڻو ايندي ساڻ هو،

سوارن لئي شربت وهندي ساڻ هو.

نه ڪا دانهن ڪوڪار هئي هٿ پوڪار،

گهرڻ کان اڳي هئڙو سڀ ڪجهه تيار.

خاصن جي اڳيان خاص نوڪر هئا،

عامن جي اڳيان ڪيئي چاڪر هئا.

اهڙي خوب خذمت ڪرائي ڇڏيئين،

مدعي مٺگهرا سڀ ٻرائي ڇڏيئين.

آئي گيهه کنڊ جا ڪيائون انبار،

اٽو، ميدو، آندئون خرارين خرار.

اچي نانواين بنائي بٺي،

پڪائون لڏون ٻي مٺائي مٺي.

ڀري صاف شيري جو چاڙهيئون ڪڙاهه،

هلايائون حلوو چڱي ساڻ چاهه.

منجهان صاف شيري ڀريئون پاءُ پل،

۽ آندئون حلوو ٺلن جا به ٺل.

سوين بورچي ٻوڙ مانيءَ سندا،

چڱا کيڻ خاصا انهن پئي رڌا.

پلاهه لاءِ پَهرُو، گهٽا ۽ ٻڪر،

ڪروڙين ڪٺا پئي اندازئون اپر.

سوين مرد مانجهي کَلڻ تي هئا،

ٻيا تن کي ٻيلِي جهلڻ تي هئا.

وڍڻ ۽ ڪٽڻ تي شتابي هئا،

رڌڻ ۽ وڌڻ تي حسابي هئا.

نه ٿي ڪم خطا جو ڪيئون دم دير،

هئا هڪ ٻئي کان اپر شينهن شير.

هيڪو دَس ديڳين لٿو پٽ تي،

ٻيون لس ديڳيون ٿيون چٽ ٿي.

ديڳين ۾ ڏوين جو ته ڪڙڪو هئو،

جوانن سندو ڊوڙ ڊڙڪو هئو.

هيون ديڳيون اُت گهڻيون بيشمار،

ٻُجهي مون ڌڻي سو تنين جو شمار.

رڌي طعام ڪيئي ڪيائون ٿي ڍير،

انهيءَ مهل اٿيا ٿي مانجهي مٿير.

ٻڌي جوان سندرا ٿيا سنڀري تيار،

”آڻيو جلد گاڏيون، ڇڏيو دير يار!“.

اچي گهاٽ گهوگهاٽ گاڏين ٻڌو،

ٿيو گوڙ غوغاءُ، مٿو تن مُنڌو.

ڇَني منجهه ماني ملي موڪ ويئي،

کِئَڻ ۽ کڻڻ جي نه ڪنهن روڪ هئي.

ڪريو شاهه هڪلون اُڀو چوءِ ائين:

”کائڻ ۽ کڻڻ جو اَٿيان اڄ هي ڏينهن،

منهنجي آهي موڪل وٺي سو کڻي،

متان ڳالهه ان کي ڪو هٿڙا هڻي.

ڪيو آهي خيرات مون مال کي،

وڃو سڀيئي وسهي انهيءَ ڳالهه کي.

نه ڪا نينڍ ڪنهن کان ٿو پائي وٺان،

وٺان جي ته سا ڌوڙ ڇائي وٺان“.

سڄي صاف ٻاجهر سنگن سان لُڻي،

ڏنئون گاهه گهوڙن اڳيان او کڻي.

گهوڙا ۽ گڏهه گاهه کائي ٿڪا،

آئي ڪَر تنهين کي اصل ڪانه ڪا.

داڻي لاءِ ٻاجهر نئين ۽ سٺي،

نڪا ڌوڙ ڇائي منجهس ڪا مٽي.

’پٿورو‘ ’اڏيرو‘ ڪر ميڙا ٻيا،

هيڏا ماڻهو گڏ ڪين ڪٿهين ٿيا.

اچي منهن ڪڍيو ڀَت مٿي جڏهن قوم،

لڳي هونگ ويئي رڳي ڌم ۽ ڌوم.

وٺي جا اُڏائيون پيرن سان پڻي،

ڪيو لُڙ ڀِٽُن ۾ تنهن هڪدم هڻي.

اچيو مثل مڪڙن ڏيو وَر ورن،

ڀيرا ڏيو مٿي ڀَت ڍونگر جيئن ڍرن.

کاڌائون ٿي ٿورو کنيائون گهڻو،

ته ڀي ڪَر نه آئي، کنيئون ڪر ڪڻو.

سُڪائي سوالين رکيو گڏ ڪري،

پُلاهن جا پينو ويا اُٺ ڀري.

گهڻو ياد پينو ڪندا ڪاڄ کي،

اهڙي ڪاڄ جي کاڄ ميٺاج کي.

جاسين هن جهان ۾ حياتي هوندا،

تاسين ڀت هن جون پيا ڳالهيون ڪندا.

گهڻا گهرج وارا ڪري پُر ڇڏيئين،

پيٽوڙين سان ٻيڻي ڪري ڦُر ڇڏيئين.

جيڪي ڪين آيا انهيءَ ڀت تي،

سڻيو پوءِ ڳالهيون رُنا رت ٿي.

ڪُٽيو پيٽ، پاسا پڪارون ٿا ڪن،

ويا وگهه وري ڪين واپس ورن.

ٻُڌي مون گهڻن کان خبر ايءَ کري:

”ڪري شاهه شادي ويجهي من وري“.

جيڪو شاهه شادي ڪري هاڻ ٿو،

آڳاٽو اسان کي پوي ڄاڻ ٿو.

اينداسون هٿيڪا سڀن کان سوير،

ڪنداسون ڍؤ کائي پيهُن جا ڍير.

اينداسون سمورا ننڍا ۽ وڏا،

اُٺائي اُٺن تي لڏائي لڏا.

ويٺي ورهيه سارو وڃايوسون سال،

لنگهي ويو سرامڻ، بڊو ٿيو بحال.

ويا جي وهانۡوَ تي وٺي سڀ وڳر،

ڪري اوءِ آيا سياري ثمر.

اسان جي ته ڪرمين لکيل هو اڀاڳ،

آرس کان اُٿڻ جي ٿِئي ڪانه جاڳ.

مٿان کيجراڙي، وسي مينهن ويو،

اڳي رات هئئڙي، هاڻي ڏينهن ٿيو.

ويئي رات گذري ڪيو شمس شعاع،

نکٽ ٿيا نمايان انهيءَ جي اُهاء.

ڀڄي آيو ڀَت جو ’مهراڻي‘ تي مينهن،

وُٺو ٿي وڏاندر ٻه راتيون ٻه ڏينهن.

هئي پُر پلاهه مان جيڪا جِت پهر،

ڀريا ساڻ شيري ڏٺاسون ڏهر.

پلاهه ڀَت، شيرو هنڌو هنڌ هئا،

نه ’ٿرپارڪر‘ پر سڄي ’سنڌ‘ سُئا.

اوڀر ۽ اتر ڏي کڻي کاڄ ويا،

ڏکڻ ۽ اولهه جا ڍئي راڄ ويا.

سڪيا شيري خاطر ويچارا ڪنڀار،

کائي خوش ٿيا تن جا ٻچڙا ۽ ٻار.

مئا    ساڌ(1)    ٿي      ڪاڻ      شيري     سِڪيو،

نه هو تن هميشہ چڱو ڀت چکيو.

وريا ساڌ شيري تي مُچا ڪري،

وهيَن جيئن وروڪــٖــي ويٺا پٽَ ڀري.

سوڙها ٿيو شيري تي ٿا ائين گهاٽ ڪن،

’پٿوري‘ جي ماڙيءَ تي جيئن جاٽ ڪن.

ڀڳن ڇڪ ڇو هي کائي خوش ٿيا،

پلاهه ۽ شيري سان ڀري وهٽ ويا.

ڇڏيو شِيڪو ’اوڏن‘ اندازو اڳيون،

ڪِريون مائٽن جون ڀيري تن ڀڳيون.

ڏسي صاف شيري سندي اُت بَٺي،

رڌل مسلمانن جو کاڌئون وٺي.

’مکڻ‘ جا ته پوٽا پُرياتا پنڻ،

سڻي ڀَتَ- ڳالهيون لڳا سي لڏڻ.

اچي ڀِٽَ ڀر ۾ لاٿائون لڏو،

ڇڏيائون نه پٺتي ننڍو ڪو وڏو.

اچڻ ساڻ اهڙي ڪئي دانهن تن،

ٻچن پاس ٻڙڪو جيئن ڪانگ ڪن.

هيڪو کاڄ کايو، کڻيو ٻيو وڃن،

گهڙيءَ جو گهڙيءَ ۾ وريو ڪوڪ ڪن.

اسان کي نه ڀَت جو ملي ٿو گراهه،

اسان جو ته بک سان ڀڄي ٿو پساهه.

اچي کل خواري، ڦيڪاري ٻڌائون،

هڻي خلق ساري آزاري وڌائون.

’لنگهن‘ کان لنگهي ويا نه ڪا جاءِ ’ڀٽن‘،

کٽيو خاص ’کَبۡرَن‘ جو کاڌو اٿن.

نه تان هوند اهڙي ڪري ويا دعا،

مڙئي چيز موجود اتهين هئا،

گهريائون ٿي ڪاسو ملين ٿي خرار،

انهيءَ بات بس ڪيئون ڪڇڻ ٿيو لاچار.

ويا پُر ٿي پاهون دوشالا ڪري،

سڀئي لاڳ لڌئون، جيڪي من گهري.

ڀنگون، چرس، گانجا پيتئون پُر ٿي،

نشي ساڻ سڀڪنهن ڪيائون ڦر ٿي.

لڏيو ڪين شہ جو هنيو ڪي حرام،

ڏسي قوم ڪاري اُتي عام جام.

پاڻان وير وڌندو ڪيو ٿي خيال،

هيس ڪانه دل ۾ مُڙڻ جي مقال،

اچي پاڻ تن جو ٿيو اُو پري،

ڪرايَئين غريبن چڱي چاڪري.

غريبن کي اهڙي ڏنائين ٿي جيءُ،

جهڙي کين محبت نه ڏي ماءُ پيءُ.

هيس اوپرن تي هيڪائي هڪل:

”لٽيوڙي، لٽيو! آئين ڇڏيو بخل“.

خاصن پيش خاص ٿي ماني هلي،

صبح ساڻ نيرن مٺائي ملي.

کائڻ لاءِ ڍاڪون، بلوري گلاس،

هئا لاءِ تن جي جيڪي خاص راس.

چڱا کيڻ، خاصا رنگينا رجهيو،

آيا ٿي اني جا سي خونچا کڄيو.

ڇَنــٖــي منجهه شربت جهجهو جال هو،

مٺو گل گلابي اپر آل هو.

جيڪي مير ماڻهو هئا حاڪمان،

انهن لاءِ آيا اهڙا ڍاڪئان.

مٺائي هئي مڻ نه ڪي پنج چار،

سوار تور، اَڻَ مَئِي، اَلُٽ ۽ اَپار.

مٺائي نه هئي لئي رڳي عام خاص،

هئي لاءِ سڀني جيڪي خاص راس.

ڇڏيو شاهه وهائي هو شيري سمنڊ،

اچي نهر پلٽي سندي گيهه کنڊ.

اوڍاڻيون، انعامون ڏنائين هزار،

پئي ڪونه ڪو تن سندو ڇيهه شمار.

چُنيون بيشمارا اندازئون گهڻيون،

هيون جي اندازاً نه ڪنهن کان ڳڻيون.

لُنگيون، اَجرڪون، بخملون بيشمار،

ٻيا عام ڪپڙا هزارين هزار.

جيڪي خان، ارباب، اعليٰ هئا،

تني لاءِ ڪپڙا سي بالا هئا.

جيڪي خاندانا، مشائخ امير،

اوڍايائين تن کي به کهنبيون کَڻي.

لنگها جيڪي ڍانڍي، اگهاڙا اتيت،

اوڍايائين تن کي چڱي رسم ريت.

ڏني ’شاهه‘ دعوت سڄي خلق کي،

نه هڪڙو، نه ٻاٽي، سڄي ملڪ کي.

ڀٽو لعل ڳاڙهو جو حلواڻ هو،

نه ڪو ڇيهه تنهن جو ڪو پرياڻ هو.

ڇني منجهه ساري وڄي تاڙ ويئي،

لُنگين، اجرڪن جي لڳي ڳاڙهه ويئي.

ٻيا روپ رانديون عجائب اَپار،

هوايون، حرفتا، هزارين هزار.

دمامان، دهل، خوب نقرا هئا،

وڳيون بينون، باجا سي سفرا هئا.

ٻيا هئڙا ڳائڻ ۽ ڪافيون غزل،

لڳي ويو تماشو، شغل ۾ شغل.

بٺي جا ’هندن‘ جي اها ڌار هئي،

اتي ٻوڙ، ماني، پلاهه پي ٺهي.

اتي ڪارخانو به اهڙو هئو،

مگر مسلمانن نه جهڙو هئو.

ٻيا رنگ رنگينا هزارين هئا،

ڏٺا مون نه اکين، ڪنن سان سئا.

ڇڏي ’شاهه‘ ڀت جي ته چوٽي هڻي،

ويو گوءِ غازي ڪُلن کان کڻي.

’هاشم شاهه‘ هڻي ڪيو سخا جو سنڌو،

ههڙو ڀَت ڪٿهين نه ٻيو ڪو ڪندو.

اها ڀير ڀَت جي وڄائي ڇڏيئين،

هڪل منجهه ملڪن ڪڍائي ڇڏيئين.

جتي ٻانهن ٻئي جي رسي هٿ نه پير،

کڻي ’محسناڻين‘ کان ٻيو ڪثر ڪير!

مرڪ ’محسناڻين‘ کي اعليٰ جڙيو،

ڇٽا ڇرڪ ان کان جو تارو کڙيو.

جيڪي ڀت ڀليرا لنگهيا ٿي اجهاڳ،

ڇڏي ’شاهه‘ واري انهن تان ته لانگ.

اڳيان ڀت ڀڃي سڀ ڪيئين ناس ائين،

ڪري اگهه کرن ساڻ هاٿي ٿو جيئن.

مٿان ڪاڄ ڪُل جي ڦري راڄ ويو،

سندو نام نرمل ٿي مقبول ويو.

ڪاڄن جي ڪرڻ جي ڇڏيئين اڌ ڌوئي،

ويا سڀ وڏيرا فڪر منجهه پوئي.

ماڻهن منجهه حيرت، عجب ايءُ پيو،

هيڏو مال اسباب ڪيئن گڏ ٿيو؟

سندو ٻوڙ ماني، پلاهه جو ڪڪر،

وسي ڪَرَ اي ويڙو ڇنن تان ڇمر.

اچي ڍوءَ ’ڍاٽين‘ ٻڌي ڀَت تي،

ته ڀي ڀت ٿورو ٿيو ڪين ٿي.

ڪري ’شاهه‘ هڪلون اڀي ائين چيو:

”کڻو ڙي، کڻو! اڄ اٿان ڏينهن اهو“،

اڳيان سور ساڙا به ساري ڪڍو،

منجهيو درد دل جو ٻهاري ڪڍو.

لکيءَ تان لٽڻ جا ڪري ڇيهه ڇڏيا،

انعامن سان عالم ڏيئي ڏيهه ڇڏيا.

پهرايائين پينو، لنگها، مڱڻهار،

ڍيائين ’ڍاٽين‘ کي اوڍاڻيون اپار.

جنين اڳ سڏايو سخا جو سمنڊ،

اُهي سڀيئي تارا، ’هاشم شاهه‘ چنڊ.

ڀلي ’شاهه‘ مرڪي ’مهراڻي‘ جو مير،

جنهين لک لٽايا، ڪروڙين ڪثير.

ڄڻيو ڄام ههڙو نه ڪنهن ماءُ ڪو،

نه اڳ ڪو ڏٺوسون، نه هاڻي ٿيو.

سما، سومرا هت هئا ڪئين هزار،

هيڏي ڪنهن کي همت نه ٿئڙي ڄمار.

اچي ’شاهه‘ جي نڪتي نيڪي ناموس،

سڙي وئڙا دشمن، ڪڙهي سڀ ڪنجوس.

هئا جي حرامي مدعي، مٺ گهرا،

لڳن موچڙا منهن، طالع تي ترا.

ڌڻي پاڪ! توکي ڪريان ٿو سوال،

سڻي سوال منهنجو ڀلا! ڪر ڪو ڀال.

ڪيئين بخش جنهن کي نيڪي ۽ ناموس،

رکين تنهن کي محفوظ کان هِيس هوس.

ڪنان هوڪ هاويءَ بچائج ڌڻي!

ٿين تنهن جا دشمن به پرزا پڻي.

رکج پوش پردو ’هاشم شاهه‘ جو،

لڄا، پت ۽ ست تنهن عاليجاه جو.

نبيءَ آل جو خير خاوند! ڪريج،

هتي ۽ هُتي ڏک ڏهيلو مَ ڏيج.

سدا دين ۽ امن ايمان سان،

هجي شال هردم شرف شان سان.

هجي ’شاهه‘ هردم سدا خوشروءِ،

وڏي ساڻ اقبال ۽ آبروءِ.

ڪيم ڏوهه ڏاڍا اندازئون اَپر،

محابي چڱن جي مڙئي معاف ڪر.

اٿم آس خاصي نبيءَ ڄام ۾،

ٿيندو شاهه ساڻي اچي قيام ۾.

ڪندو ”مل محمود“ تي سو شفا،

نبي ڪارڻي جو مٺو مصطفيٰ.

پڙهو ڪوڏ ڪلمون نبيءَ ڄام تي،

ڪندو جو شفاعت اُمت عام تي.

 


* هنن بيتن جو مدار، ٿر (تعلقي عمرڪوٽ) مان حاجي برهان راڄڙ ۽ محمد عمر معمور يوسفاڻي کان مليل روايتن تي آهي.

(1) هاڏيون = دانهون. (2) پرهيان = پري.

* هيءَ روايت وچولي (تعلقي سنجهوري) مان علي اڪبر لغاري کان ملي.

امام بخش شر، شهر ٻوٻي تعلقي سنجهوري جي اُڀرندي طرف هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ رهندو هو. سندس ولادت ۽ وفات جي تاريخ وغيره معلوم ٿي نه سگهي آهي. ڏاڍو رحمدل ۽ خوشمزاج شخص هو ۽ ڪچهڙيءَ جو ڪوڏيو هوندو هو. هو پنهنجي وقت جو وڏو سگهڙ ٿي گذريو آهي. ڪيتروئي ڪلام چيو اٿس، جنهن ۾ ڏور، ڳجهارتون، ۽ خصوصاً هنر جا بيت تمام مشهور آهن.

* هيءَ روايت ’ارمغانِ حامد‘ مطبوع هاشمي پريس حيدرآباد سنڌ تان ورتل آهي.

حافظ حاجي حامد ٽکڙ (وسي ملوڪ شاهه) تعلقي گوني ضلعي حيدرآباد جو ويٺل هو. ٽن ورهين جي عمر ۾ ماتا جي بيماريءَ ۾ نابين ٿيو. قرآن شريف جا صرف اٺ سيپارا سنڌ ۾ حفظ ڪري، باقي 22 سيپارا مديني شريف ۾ وڃي فقط اَٺن مهينن ۾ ياد ڪيائين. هو اتي رهي، ٻه حج پڙهي وطن ڏانهن وريو. عربي جي تعليم ملاڪاتيار ۾ ولي محمد درس وٽان حاصل ڪيائين. آخرڪار شادي ڪري پنهنجي ڳوٺ ۾ ڪپڙي جو واپار شروع ڪيائين. سندس ديوان ”ارمغان حامد“ مشهور آهي. سن 1315هه/1896ع ۾ جوڌپور علائقي جي ”ڄاريلي“ مڪان ۾ وفات ڪيائين.

* خود شاعر جي زباني ٻڌي قلمبند ڪيل.

راوي ۽ سگهڙ صابر درس اصل ويٺل ٻني ڪڇ ڀڄ ۾، هاڻي تعلقي مٺي ضلعي ٿرپارڪر جو رهاڪو آهي. سندس عمر هن وقت 85 سال کن آهي.

* وچولي (تعلقي شهدادپور) مان ظفر بلوچ کان پهتل.

شيرمحمد خان ولد غلام شاهه لغاري بلوچ، ڳوٺ غلام شاهه لغاري تعلقي سڪرنڊ ۾ سنه 1298هه/ 1880ع ڌاري ڄائو. سنڌيءَ جا ڇهه درجا ۽ فارسيءَ ۾ ڪريما، پند نامہ، گلستان ۽ بوستان ڪتاب پڙهيائين. عمر جا 35 سال پنهنجي ڳوٺ غلام شاهه ۾ رهيو پر پوءِ ٻوڏ جي ڪري اباڻو ڳوٺ ڇڏي ڳوٺ گل محمد لغاري تعلقي شهدادپور ۾ وڃي رهيو، جتي سنه 1365هه/ 1945ع ۾ وفات ڪيائين. ننڍي هوندي کان شعر شاعريءَ جو شوقين هو. سندس ڪلام قديم طرز جو آهي. وفات کان پوءِ سندس گهڻو ڪلام ضايع ٿي ويو آهي.

* هي روايت خود شاعر کان سندس زباني نقل ڪئي وئي.

(1) شرو = شرع، انصاف

* هي روايت قاسم ٻگهيي ويٺل شاهه حسن کان ملي.

* هيءَ روايت ٿرپارڪر (تعقلي عمرڪوٽ) مان معمور يوسفاڻي کان ملي

مل محمود ولد طالب درس پلي، تيرهين صدي هجريءَ جي آخر (1280/ 1290هه درميان) ۾ ڳوٺ حاجي عبداللطيف پلي تعلقي عمرڪوٽ ۾ ڄائو. راوي حاجي برهان راڄڙ جي روايت موجب 1350هه/ 1931ع ۾ وفات ڪيائين. وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو حاشيہ ص 42.

(1) ساڌ = مينگهواڙ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org