سيڪشن: لوڪ ادب

ڪتاب: واقعاتي بيت

باب:

صفحو:1

واقعاتي بيت

 

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

مهاڳ

سنڌ جي ”لوڪ ادب“ کي سهيڙڻ لاءِ هڪ تفصيلي تجويز، سنه 1955ع ۾ ”سنڌي ادبي بورڊ“ جي سامهون رکي وئي، جا 1956ع جي آخر ڌاري بورڊ بحال ڪئي، ۽ ان جي عملي نگراني ۽ تڪميل بندي جي حوالي هئي.

ان تجويز مطابق، جنوري 1957ع کان لوڪ ادب سهيڙڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو؛ انهيءَ سلسلي ۾ تعلقيوار ڪارڪن مقرر ڪيا ويا ته ڏنل هدايتن موجب، ٻهراڙيءَ مان مواد گڏ ڪري موڪلين. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾، ”سنڌي لغت آفيس“ سان گڏ لوڪ ادب جي مرڪزي آفيس قائم ڪئي وئي، ۽ ڪارڪن مقرر ڪيا ويا، ته مقامي طور گڏ ڪيل، توڙي ٻاهران آيل مواد کي هدايتن موجب ورڇي ورهائي، ڀيٽي صاف ڪري، ڇپائڻ لائق بنائين.

پهريان ٻه سال، 1957ع ۽ 1958ع، لوڪ ادب جي مواد سهيڙڻ ۾ صرف ٿيا. انهيءَ عرصي ۾ تعلقيوار ڪارڪنن، ڳوٺن مان گهربل ڳالهيون هٿ ڪيون؛ مرڪزي آفيس جي عملي ڇپيل ڪتابي ذخيري مان ضروري مواد اُتاريو؛ ۽  بنده ڪوشش ڪري سنڌ جي هر ڀاڱي جو گشت ڪري، سڄاڻ سگهڙن سان ڪچهريون ڪيون، ۽ عام سنڌي ادب جي هر پهلوءَ کي سمجهڻ ۽ ان جي خاص ذخيري کي قلمبند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. انهي سعيي ۽ همت، بلڪ جذبي ۽ محبت سان قدري ايترو مواد گڏ ٿيو، ۽ ٿي رهيو آهي، جو ان جي آڌار تي عام سنڌي ادب جي هر ڀاڱي بابت، نموني طور هڪ ڪتاب مرتب ڪري سگهجي. ڪتابن جي تاليف جو سلسلو ٽئين سال 1959ع کان شروع ڪيو ويو.

هت ٻه ڳالهيون واضح ڪرڻ ضروري آهن:

پهريون ته هن تجويز موجب، سنڌي ٻوليءَ جي عام ادب جون اهي جملي جنسون، جيڪي هن وقت تائين ٻهراڙيءَ جي عوام ۾ مقبول ۽ مروج آهن تن کي ’لوڪ ادب‘ جو ذخيرو تسليم ڪيو ويو آهي. انهيءَ ذخيري ۾ سنڌي ادب جون معياري جنسون پڻ شامل آهن، مثلاً: مداحون، مولود، ٽيهه اکريون، ڪافيون وغيره؛ مگر جيئن ته اهي هن وقت تائين ٻهراڙيءَ ۾ عام مقبول ۽ مشهور آهن، انهيءَ ڪري انهن کي پڻ ’لوڪ ادب‘ جي دائري ۾ شمار ڪيو ويو آهي. انهي لحاظ سان، هن تجويز هيٺ گڏ ڪيل ’لوڪ ادب‘ کي بعينہٖ ’فوڪ لور‘ (Folklore) جي مغربي مفهوم سان تعبير ڪرڻ صحيح نه ٿيندو. اسان جي ملڪ ۾ شهري زندگي اڃا ايتري وسعت يا خاص نوعيت اختيار نه ڪئي آهي، جو اها خواص جي زندگي ۽ تمدن جو، يا ’معياري ادب‘ جو سرچشمو بنجي. سنڌي زندگيءَ جو مرڪزي دائرو اڃا تائين ڳوٺ آهي، ۽ انهيءَ ڪري سنڌي ادب جو وڏو ذخيرو اهوئي آهي جو عوام جي زندگيءَ جو آئينو آهي. انهيءَ ڪري هن مرحلي تي سنڌي ٻوليءَ جي ’لوڪ ادب‘ ۽ ’معياري ادب‘ جي وچ ۾ حد فاصل قائم ڪري نٿي سگهجي.

ٻيو ته هن تجويز ذريعي ’لوڪ ادب‘ جو سمورو مواد گڏ نه ٿي سگهيو آهي، ان کي سهيڙڻ لاءِ وڏي وقت ۽ ڪافي ذريعن جي ضرورت آهي. لوڪ ادب جو سڄو ذخيرو سربستو گڏ ڪرڻ ڄڻ اٿاهه سمنڊ سوجهي مڙني موتين ۽ ماڻڪن کي ميڙڻ جي برابر ٿيندو، جو ناممڪن آهي. البته جو ڪجهه گڏ ٿي سگهيو آهي سو لوڪ ادب جي هر جنس بابت مثالي مواد آهي. انهيءَ لحاظ سان هن تجويز هيٺ تاليف ڪيل ڪتاب اميد ته آئينده ڪوشش لاءِ نمايان نشان ۽ نيڪ فال ثابت ٿيندا.

’لوڪ ادب تجويز‘ جي تحريڪ جيتوڻيڪ بنده جي طرفان ٿي، مگر ان جي عملي سربراهي توڙي تڪميل ۾ گهڻن ئي مخلصن جون ڪوششون شامل آهن. اول ته ”سنڌي ادبي بورڊ“ جي ميمبرن کي جس جڳائي جن هن تجويز کي سنه 1956ع ۾ منظور ڪيو. ان بعد گهربل مواد گڏ ڪرڻ، صاف ڪرڻ، ترتيب ڏيڻ، ابتدائي مسوّدا توڙي پريس ڪاپيون تيار ڪرڻ، ۽ آخر ۾ ڪتابن ڇپائڻ ۾ ڪيترائي ساٿي ٻانهن ٻيلي ٿيا آهن. هن تجويز کي ڪامياب بنائڻ ۾ تعلقيوار ڪارڪنن، مرڪزي آفيس جي باهمت فردن، سنڌ جي سڄاڻ سگهڙن، توڙي انهن مڙني دوستن جو حصو آهي، جن بنده لاءِ سگهڙن کي ڳولي هٿ ڪرڻ ۽ ساڻن ڪچهرين ڪرڻ ۾ پنهنجي هڙان وڙان مدد ڪئي. بورڊ جي لائق سيڪريٽري محترم سيّد شاهه محمد شاهه، پنهنجي عهدي سنڀالڻ (آڪٽوبر 1961ع) بعد هن تجويز کي پايه تڪميل تي پهچائڻ لاءِ بنده سان دلي تعاون ڪيو ۽ پڻ ڪتابن کي بنادير ۽ سهڻي نموني ڇپائڻ لاءِ فوري قدم کنيا.

هي ڪتاب ”لوڪ ادب“ سلسلي جو نائون ڪتاب آهي. ان جو بنيادي مواد جولاءِ 1958ع تائين گڏ ٿيو؛ سڄي مواد کي چڪاسي، مختلف روايتن کي ڀيٽي، ترتيب ڏئي، سيپٽمبر 1960ع ۾ ڪتاب جو مسوّده تيار ڪيو ويو؛ ۽ ڊسمبر 1960ع ۾ مسوّده جي آخرين تصحيح ڪري پريس ڪاپي شايع ٿيڻ لاءِ ڏني ويئي.

مرڪزي آفيس جي ٻين ڪارڪنن سان گڏ خاص طرح محترم غلام محمّد ميمڻ ۽ ممتاز مرزا هن ڪتاب جي مواد کي اُتاري، يڪجاءِ ڪرڻ، ڀيٽڻ ۽ دوباره صاف ڪري لکڻ ۾ تحسين جوڳو ڪم ڪيو، ۽ محترم شيخ محمّد اسمٰعيل ان سڄي ڪم جي نگراني ڪئي، ۽ ڪتاب جي مسوّده تيار ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. ڪتاب جي آخري سٽاء، ترتيب ۽ تاليف لاءِ بنده خود ذميوار آهي.

سنڌ يونيورسٽي پريس ۽ سنڌ پرنٽنگ پريس حيدرآباد جي عملي هن ڪتاب کي ڇاپڻ ۾ مدد ڪئي، ۽ ولي محمّد طاهرزادي ان جا پروف پڙهيا.

 

سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد سنڌ                       خادم العلم

15- نومبر 1961ع                                   ڊاڪٽر  نبي بخش خان بلوچ

مقدمه

 

سنڌ جو عوامي شاعر پنهنجي ماحول جو حقيقي مورخ آهي. انهيءَ ماحول ۾ سندس پرورش ٿي آهي، ۽ انهيءَ ماحول کان ئي هو متاثر آهي. هو پنهنجي سرزمين جو نيپاج آهي ۽ انهيءَ ڪري سندس شخصيت خارجي اثرات کان آجي آهي. جيڪي ڪي ڳوٺن ۾ وهي واپري ٿو ۽ جيڪي ڪجھه اڄ ڀاڳ ۾ هلي چلي ٿو، تنهن جو سندس خيالن ۽ ويچارن تي اثر پوي ٿو. چڱن مڙسن جون چڱايون ۽ سخي مردن جون ڀلايون، راڄ جو شاديون مراديون ۽ ملڪ جون آباديون، حاڪمن جون سختيون ۽ مردن جون شهادتون، ڌُرين جا معاملا ۽ بهادرن جا مقابلا، مڪڙن جا حملا ۽ زمين جا زلزلا، اوچتا حادثا ۽ نوان قانون قاعدا- اهي مڙيئي واقعات سندس ويچارن تي وڏو اثر وجهن ٿا ۽ سندس شاعريءَ جا مکيه مضمون بنجن ٿا. هيءُ ڪتاب اسان جي عوامي شاعرن جي چيل اهڙن ’واقعاتي بيتن‘ جو هڪ مثالي مجموعو آهي، جنهن ۾ گذريل اڍائي سؤ سالن جي ستر کن واقعن کي مختلف شاعرن ڳايو آهي. هيءُ عوام جي زبان ۾ بيان ٿيل تاريخي سرمايو آهي، جنهن ۾ گذريل ملڪي حالت توڙي سماجي زندگيءَ جي ڪن بابن جو تفسير سمايل آهي.

مکيه مضمون

هن مواد جي مطالعي مان ظاهر آهي ته اسان جي ٻهراڙيءَ جي شاعرن هڪڙو ته اهي واقعات ڳايا آهن، جيڪي عام طور ملڪ ۾ پيدا ٿين ٿا ۽ جن جو اثر جيتوڻيڪ ڪافي وڏو پوي ٿو مگر اهو نسبتاً وقتي ٿئي ٿو، ۽ وقت گذرڻ بعد ميٽجي وڃي ٿو: مثلاً درياءَ جون اٿلون ۽ ٻوڏون (51، 191، 386، 394 ۽ 405)، سخت برساتون (170، 383)، مڪڙن جا حملا (158)، ڌرتي تي ڌٻڻ جا زلزلا (229، 439)، گاڏين ٽڪرجڻ جا حادثا (474، 367)، ڏڪار ۽ تنگيون (260)، نوان واهه ۽ آباديون (96)، ڪاڄ ۽ شاديون (104، 262)، ديندارن جون اڏايل مسجدون (43، 47، 93 ۽ 306)، ڌرين جا جهيڙا ۽ معاملا (89، 315، 446)، اليڪشن جا مقابلا (377)، شخصي بهادريءَ جا ڪارناما (154، 207، 468)، چڱن مڙسن جون وفاتون (206، 478، 485) ۽ نالي وارن مردن جي مارجڻ جون وارداتون (99، 461). اهي طبعي واقعا ۽ حادثا، مقابلا ۽ معاملا، ڪم ۽ ڪارناما، وفاتون ۽ وارداتون جيڪر وسري وڃن ها، جيڪڏهن اسان جا عوامي شاعر انهن کي نه ڳائين ها. سندن بيت ۽ نظم انهن واقعن جو داستان ۽ دفتر آهن. حضرت عمر ؓ عربي شعر بابت چوندو هو ته ’ان شعر جي حفاظت ڪريو ڇاڪاڻ ته اهو عربن جو دفتر آهي‘. ساڳيءَ طرح اسان جي عام سنڌي شاعرن پڻ پنهنجي شاعريءَ ۾ اسان لاءِ هڪ تاريخي دفتر ڇڏيو آهي.

تاريخي مواد

اسان جي شاعرن ٻيا اهي واقعا ڳايا آهن، جن جو تعلق ملڪ ۾ عدل ۽ آزادي ۽ ماڻهن جي خوشحالي ۽ آباديءَ سان آهي. اهڙا واقعاتي بيت هڪ طرف قومي تاريخ جو اهم سرمايو آهن ته ٻئي طرف شاعرن جي قومي جذبي ۽ همدردي جو آئينو آهن. اسان جي عوامي شاعرن پنهنجي ملڪي حڪومت جي برخلاف آواز اٿاريو، جڏهن به ان عدل ۽ انصاف کان منهن موڙيو؛ ڌاري حڪومت جي خلاف ته هر حالت ۾ پنهنجن ملڪي ماڻهن جي پٺڀرائي ڪيائون. ٻيو ته هنن عوام جي خوشحالي خاطر آواز اٿاريو، ۽ جڏهن به ملڪ ۾ مالي تنگي ۽ تڪليف پيدا ٿي، ۽ ماڻهن جو گذر سفر ڏکيو ٿي پيو، ته هنن اهڙين حالتن پيدا ڪندڙن جي مذمت ڪئي. ٽيو ته جڏهن به ماڻهن پنهنجون شانائتيون ريتيون رسمون مٽائي ڌاريون رسمون ۽ رواج اختيار ڪيا ته انهن کي پوريءَ طرح ننديائون.

سنڌ ۾ ڪلهوڙن جي حڪومت، پنهنجي ملڪ جي هڪ آزاد حڪومت هئي. سنڌ مان مغلن جي تسلط ۽ دخل ڪڍڻ خاطر عوام سنڌ جي ڪلهوڙن اميرن جي حمايت ڪئي ۽ هنن بالاخر پنهنجي آزاد حڪومت قائم ڪئي. اوائلي ڪلهوڙا رهنما (ميان آدم شاهه، ميان الياس محمّد، ميان شاهل محمد، ميان دين محمّد ۽ ميان نصير محمّد) نه فقط امير هئا پر ساڳئي وقت فقير پڻ هئا. انهيءَ فقيريءَ جي ورثي سببان ڪلهوڙن حاڪمن کي ملڪ جي وڏي حصي پنهنجو روحاني رهنما ڪري ٿي مڃيو. باوجود انهيءَ جي، جڏهن ڪلهوڙن حاڪمن کان عدل ۽ انصاف خلاف واقعا سرزد ٿيا ۽ مٿئين طبقي وارن کڻي ماٺ ڪئي، ته عوامي شاعرن بيباڪيءَ سان پنهنجو آواز بلند ڪيو. ڪلهوڙن جي اوائلي دور ۾ پهريون حادثو 1130هه/ 1716ع ۾ صوفي شاهه عنايت ؒ جهوڪ واري جي شهادت هئي، جنهن لاءِ تر جا ڪي وڏا ماڻهو ۽ ٺٽي جا مغل صوبيدار شروع کان وٺي ذميدار هئا. پر ان وقت اتر سنڌ ۾ ميان يار محمّد ڪلهوڙي جي حڪمراني هئي، جنهن پنهنجي ملڪ جي هڪ وڏي صوفي درويش جي مدد ته ڪانه ڪئي پر وچ وٺي مغليه حڪومت جي ڪارڪنن سان گڏ هن معاملي ۾ اهڙي روش اختيار ڪئي جو بالاخر مغليه حڪومت جي ڪارپردازن شاهه عنايت ؒ کي شهيد ڪيو. درگاهه جھوڪ جي معتقدن ۽ مريدن جي متفق روايت موجب ته ڄڻ ميان يار محمّد هن سازش ۾ شريڪ هو. ڀائي آسورام، جو درگاهه جو مريد ۽ معتقد هو، سو پنهنجن بيتن ۾ شهادت جو ذڪر ڪندي ميان کي هن واقعي لاءِ جوابدار ٺهرائي ٿو ۽ کيس نندي ٿو ته:

”ڪلهوڙي جي ڪار، لعنت لاڳ پرائيو“ (436) ڀائي آسورام انگريزن جي دور جو شاعر هو ۽ شهادت جو واقعو کانئس گهڻو اڳ ٿي گذريو. پر خود واقعي واري وقت ۾ پڻ سنڌ جي عوام هن ظلم کي ننديو.

ڪلهوڙن جي دور ۾ ٻيو دردناڪ واقعو ميان نورمحمّد جي حڪومت ۾ ٿيو، جڏهن ’کهڙن‘ (موجوده ضلعو خيرپور) جي ڀلاري عالم مخدوم عبدالرحمٰن کي حڪومت جي ڪارپردازن شهيد ڪيو. شاعر مخدوم غلام محمّد بُگائيءَ نهايت بيباڪيءَ سان حڪومت جي هن ظلم خلاف آواز بلند ڪيو ۽ وقت جي حاڪم (ميان نورمحمّد) توڙي سندس وزير راڄي ليکي کي ننديو ته:

ڇا راڄو، ڇا رعيتي، ڇا سورهيه سپاها،

ههڙو ڪوپ ڪلور ڪيئون، اڃا سرها سفيها،

هئي هئي ههڙي حاڪمــٖـين، ووءِ ووءِ وزير! (40)

انگريزن جي ڌاري حڪومت جي دور ۾ عوامي شاعرن هر حالت ۾ پنهنجن انهن سورهين جو ساٿ ڏنو جن انگريزن سان مقابلا ڪيا ۽ انگريزي حڪومت جا قاعدا قانون ٽوڙيا. سنه 1896ع ۾ پهرين ’حُر تحريڪ‘ شروع ٿي ۽ مَکيءَ جي مردن جڏهن انگريزي حڪومت جي عملدارن سان مقابلا شروع ڪيا، ته عوام نفسياتي طور هنن سورهين جي سٿ کي ڌارين جي مقابلي ۾ هڪ ’باغي حڪومت‘ تسليم ڪري سندن اڳواڻن کي ’بادشاهه‘ ۽ ’وزير‘ جا لقب ڏيئي ڇڏيا. انگريزي شهنشاهيت جي رعب تاب ۽ دٻاءَ واري دور ۾، ”بچو بادشاهه“ ۽ ”پيرو وزير“ جو تخيل رائج ڪرڻ، ڌاري حڪومت خلاف نفسياتي جنگ کان گهٽ ڪونه هو. انگريزي حڪومت جي دٻدٻي ۽ سختيءَ جي باوجود، عوامي شاعر ’مَل محمود پلي‘ مَکيءَ جي مردن کي وڏي سڏ واکاڻيو ۽ واهه جو واکاڻيو. هنن مردن جي مردانگيءَ کي ساراهيندي چيائين ته:

اک نه هين انگريز تي، ٻيو ڪنهن نه مٿي ڪلٽر،

ماري سؤ سپاهين جا، ٿي لوڙهيائون لشڪر،

ڏسي هيبت حرن جي ٿي گهڻن ڇڏيا گهر،

پوءِ اُٿي ويا افسر، ان جي ٿاڻن پئي ٿڪون جهليون. (67)

سنڌ جي عوامي شاعر هي آواز تڏهن اٿاريو، جڏهن انگريزي حڪومت خلاف ڪنهن کي چون چرا ڪرڻ جي به جرات ڪانه هئي. مَل جا اهي بيت ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مشهور ٿي ويا. سندس انهي تُڪ ته ”اٿي ويا افسر، ان جي ٿاڻن پئي ٿڪون جهليون“ وڏو اثر وڌو، ۽ انگريزي حڪومت جي شان شوڪت جو ڄڻ وقار وڃائي ڇڏيو. شاعر مل کي گرفتار ڪيو ويو ۽ مٿس ڪيس هلائي پنجويهه رپيا ڏنڊ وڌو ويو، جو ان وقت ۾ هن مسڪين لاءِ پنجن سَون جي برابر هو. عملدارن کي هدايتون ڏنيون ويون ته ماڻهن تي دٻاءُ وجهن، جيئن ”مَل“ جا اهي بيت ڪٿي به نه چيا وڃن.

انگريزن جي ڌاري حڪومت هڪ ته پنهنجي دٻدٻي سان ماڻهن کي هيسايو، ۽ ٻيو ته حرفت سان انهن کي هيڻو ڪيو. انگريزن وڏن سيٺين ۽ زميندارن مان گهڻن کي لالچائي پنهنجو ڪيو ۽ انهن جي پوري پٺڀرائي ڪئي، جنهنڪري هو راڄن جي طاقت بدران انگريزن جي زور تي تڳڻ لڳا، بلڪه حڪومت جي ٽيڪ تي پنهنجن ماڻهن سان وڙهڻ لڳا. انهيءَ ڪري عوام ۾ انگريزن خلاف حقارت ۽ وڏن ماڻهن خلاف نفرت جو جذبو آهستي آهستي وڌندو ويو.نه فقط انگريزن خلاف بغاوت ڪندڙن سان بلڪه سرڪش ڌاڙيلن سان پڻ نفسياتي طور عوام جي همدردي رهي، ڇاڪاڻ جو هنن نڪي عوام کي ستايو ۽ نڪي لڄون لٽيائون: هنن هميشہ سيٺين ۽ شاهوڪارن کي ڦريو، ۽ ڌاڙن مان هٿ ڪيل مال مان غريبن کي پڻ ورساريائون ۽ انگريزن جي پوليس ۽ عملدارن سان مقابلا ڪيائون. عوامي شاعر به انهيءَ عام جذبي کان متاثر ٿي اهڙن ڌڱ ڌاڙيوالن توڙي ٻين اڙٻنگ جوانن کي ساراهيو، جن انگريزن جي پوليس جي ڪاڻ نه ڪڍي ۽ انهن سان مقابلا ڪيا، بَچــٖـي اِڇــٖـي (55)، عبدالرحمٰن بروهي (225)، عزيزالله ڪلهوڙي (312)، پتافين (458)، ۽ هيبت شر (478)، جهڙن ارڏن مڙسن کي انهيءَ ڪري ئي عوامي شاعرن ڳايو. انهيءَ ساڳئي جذبي هيٺ ٻين نالي وارن مٿير مڙسن تي پڻ ٻهراڙيءَ جي شاعرن ’مورا‘ چيا ۽ بيت جوڙيا (124، 125، 136، 225، 256، 302، 328، ۽ 331).

جن سڄاڻ مردن ۽ آزاديءَ جي علمبردارن، انگريزن جي ڌاري حڪومت خلاف سياست جي ميدان ۾ مقابلو ڪيو، تن جي البت عوام کي پوري پروڙ ڪانه هئي، ڇاڪاڻ ته ڪن ٿورن سُڄاڻ سياستدانن جو عوام سان گهاٽو تعلق رهيو. مگر ’خلافت تحريڪ‘ واري وقت ۾، قومي ڪارڪنن قدري عوام سان لهه وچڙ ۾ آيا، جنهنڪري ماڻهن ۾ انهن جي قدرداني ٿي. رئيس جان محمد جوڻيجي انگريزن سان قطع تعلقات ڪري ’هجرت تحريڪ‘ ۾ نمايان حصو ورتو، جنهنڪري کيس ڳايو ويو. شاعر شيرل جا رئيس جان محمد جوڻيجي بابت جوڙيل بيت (118- 123) عوام جي انهن آزاديءَ جي علمبردارن سان همدرديءَ جي ساک ڀرين ٿا.

انگريزن جي حڪومت جي پوئين دور ۾، سکر براج جي کلڻ ڪري ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي ۾ ڦيرو اچڻ، ۽ بعد ۾ ٻيءَ عالمگير جنگ واري عرصي ۾ عام مهانگائي ۽ انّ توڙي ڪپڙي تي ڪنٽرول پوڻ، عوام جي زندگيءَ تي وڏو اثر وڌو. شروع ۾ سکر براج جي نئين سرشتي، اڳين دائمي آباد اراضي توڙي اقتصادي نظام کي ڊانواڊول ڪري ڇڏيو، جيستائين نوان پيچ قائم ٿيا ۽ نيون زمينون آباد ٿيون، تيستائين ماڻهن جي مالي حالت خراب ٿي وئي. هارين کي ڪي ٿوريون زمينون مليون ۽ سندن مالي حالت ۾ ڪو خاص سڌارو ڪونه آيو؛ ان جي برعڪس سال ۾ ٻِه- فصليءَ سببان ڪم وڌيو ۽ هاري توڙي مزور ڏينهن رات کيتيءَ جي پٽ کوهَه ۾ هڄي ويا. ٻئي طرف وري ڳرين ڍلن ۽ وڏن خرچن سببان زميندار پڻ قرضي ٿي ويا. براج وهڻ بعد پهريان ڏهاڪو کن سال اِها حالت رهي. نوان پٽ ۽ نيون اراضيون آباد ٿيون ۽ اڳيون ڀليون زمينون پاڻيءَ جي اڻاٺ سببان بُٺ ٿي ويون، انهيءَ ڪري اڳ جيڪي سکيا ساوا هئا سي سقيم ٿي ويا ۽ جن وٽ اڳ هڙ موڙي ڪانه هئي سي منڊل ڪرڻ لڳا، ۽ اجاين خرچن ۾ ڪاهي پيا. اصلي رهڻي ڪهڻي ۾ تبديل آئي ۽ نوان فيشن چالو ٿي ويا: جوانن جي پٽڪن جا ڀير ۽ پانچن جا گهير بدلجي ويا. ٻيڙي باڪس ۽ چاءِ عام رائج ٿي ويا. اصلي ريتين رسمن جي مَٽَ عوامي شاعرن کي گهڻو متاثر ڪيو، ۽ هنن براج سببان ملڪ جي بدليل حالت کي انهيءَ جذبي سان بيان ڪيو (264، 308، 338 ۽ 480). سکر براج جي اثر سببان ملڪ جي مٽيل حالت کي خاص طرح حاجي روشن علي شاهه (444)، خانو پهنور (338) ۽ پانڌي آريسر (584) ڪافي تفصيل سان بيان ڪيو آهي.

سکر براج بعد، ٻي وڏي عالمگير لڙائيءَ جي وقت ۾ مالي مشڪلاتن سببان ماڻهن تي وڏو اثر پيو. ماڻهن جي مالي حالت ويتر ابتر ٿي وئي، ۽ اناج، ڪپڙي توڙي ٻين روزمرهه جي استعمال جي شين جي اڻاٺ ٿي وئي. 1942ع ۾ حڪومت کاڌي پيتي جي شين تي ’ڪنٽرول‘ وڌو. اهو ’ڪنٽرول‘ عوام لاءِ هڪ نئين ڳالهه هئي جا هنن اڳ نڪي سُڻي نه ڪي ٻُڌي هئي: باڪ اها هڪ نئين مصيبت هئي، جا مٿن مڙهي وئي. عوامي شاعرن انهيءَ ماجرا کي پڻ پوري تفصيل سان بيان ڪيو آهي (275 ۽ 265) ۽ پنهنجي تفصيلي بيان ۾ ان وقت ملڪ جي ڪمزور اقتصادي حالت توڙي سماجي ۽ اخلاقي ڪمزوريءَ تان پن کنيو اٿن.

سنه 1947ع ۾ انگريزي حڪومت جو خاتمو ٿيو، قومي آزادي حاصل ٿي ۽ پاڪستان قائم ٿيو. اهو هڪ وڏو انقلاب هو، جنهن ۾ خاص طرح انگريزن جي ملڪ ڇڏڻ ۽ سنڌ مان هندن جي لَڏڻ عوام کي گهڻو متاثر ڪيو. ڳوٺاڻي شاعر جي خيال موجب، انگريزن کاڌي پيتي جي شين تي ڪنٽرول وڌا، ۽ ٻيا ظلم ڪيا انهيءَ ڪري سندن پاڙ پٽجي ويئي. باقي سنڌ جي هندن کي لڏي وڃڻ لاءِ ظاهري طرح ڪوبه ايڏو وڏو سبب ڪونه هو، انهيءَ ڪري انهن جي وڃڻ کي ”ڏاتر جي ڏمر“ ۽ ”لکئي انگ اکر“ سان تعبير ڪيائون:

انگريز بادشاهه هو ملڪ ۾، ناصارو نَرڙ،

سو وڃي ٿيو لنڊن ۾ وٺي لاءُ لشڪر،

پيو هو ڪنٽرول ڪپڙي تي ظلم هو ظاهر…

پئي آهي ڀڄ ڀائِيُنِ ۾، پيا اڳاڙين اوڌر،

اهڙي ٿي ڪانه ڪا جهڙي ٿي هينئر،

وس ڪنهن جو ناهي، اهو اهي ڏاتر جو ڏمر. (359)

پاڪستان جي قائم ٿيڻ بعد ملڪ جي ڀلي لاءِ قائداعظم جناح ۽ لياقت علي خان جي ڪوششن جون ڳالهيون عوام جي ڪنن تائين پهتيون، ۽ انهن کي ساراهيائون. پر پوءِ ملڪ خودغرض سياسي مڪارن جي هٿ چڙهي ويو، جنهنڪري رشوت، چور بازاري ۽ مهانگائي وڌي وئي ۽ هر جاءِ آزار مچي ويو. 1958ع ۾ ”مارشل- لا“ لڳي ۽ ان جو اوائلي اثر اهڙو پيو جو رشوتخور، چور واپاري توڙي ٻيا چور چڪار جي جتي هئا سي چپ ٿي ويا. فيلڊ مارشل محمّد ايوب خان صدر بنيو، ۽ عوام تان جو يڪدم آزار لهي پيو سو محمّد ايوب خان کي دعائون ڪيائون ۽ سندس صدارت کي ساراهيائون (ص ص 418- 419).

مطلب ته هر اهم تاريخي واقعي عوامي شاعر کي متاثر ڪيو آهي، ۽ جنهن نموني هو متاثر ٿيو آهي انهيءَ نموني ئي هن هر واقعي کي ڳايو آهي. هن ڄاڻي ٻجهي ڪنهن خاص مقصد کي سامهون رکي محض پروپئگنڊا خاطر بيت ڪين جوڙيا آهن، سندس بيان سندس ذاتي تاثرات جو آئينو آهي ۽ محض سچائي ۽ صداقت تي ٻڌل آهي.

 

مواد جو سلسلو ۽ ترتيب

هن ڪتاب ۾ شامل مواد جن واقعات سان تعلق رکي ٿو، تن مان سڀ کان اوائلي واقعو صوفي شاهه عنايت ؒ جي شهادت آهي؛ جا سنه 1130هه/ 1716ع ۾ ٿي، ۽ سڀ کان پويون واقعو بالڪل اسان جي وقت جو ۽ هنن هلندڙ سالن جو آهي. اهڙيءَ طرح 1716ع کان وٺي هلندڙ سال 1962ع تائين جملي ستر کن واقعا، جن کي سنڌ جي عوامي شاعرن ڳايو آهي سي هن ڪتاب ۾ شامل آهن. اسان مٿي چئي آيا آهيون ته هيءُ ڪتاب واقعاتي بيتن جو هڪ ’مثالي مجموعو‘ آهي، ڇاڪاڻ ته سنه 1716ع کان وٺي اڄ تائين ڪيترن ئي ٻين واقعن کي پڻ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ عوامي شاعرن ڳايو هوندو پر سندن اهي بيت زماني جي لٽ ۾ لٽجي ويا آهن ۽ جيڪي باقي بچيا آهن سي پڻ ڪٿي ڪٿي ڪن وڏڙن ۽ سگهڙن جي سينن تائين محدود آهن. انهن سڀني کي ٿوري عرصي اندر سهيڙي هڪ جلد ۾ سموهڻ مشڪل آهي. انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته هن قسم جو مواد اڃان سنڌ ۾ باقي آهي؛ خود هن ڪتاب جي ڇپائي هلندي ٻارهَن نون واقعن بابت بيت پوءِ هٿ آيا جي ضميمي ۾ شامل ڪيا ويا آهن. ازانسواءِ سنه 1716ع ۾ صوفي شاهه عنايت ؒ جي شهادت کان اڳ پڻ سنڌ جي عوامي شاعرن ڪن اهم واقعن کي ڳايو هوندو، حالانڪه وقت گذري وڃڻ سبب اهي بيت ضايع ٿي ويا آهن. تصديق خاطر، هڪ آڳاٽي واقعي ڏانهن هت اشارو ڪرڻ ضروري آهي. عام روايت موجب، ٺٽي جي حاڪم مرزا عيسيٰ ترخان جي وليعهد مرزا صالح ترخان، ڪرمتي بلوچن جي هڪ قبيلي کان سڱ گهريو، مگر هنن انڪار ڪيو؛ جنهن تي انهن مان ڪن کي نظربند ڪيائين ۽ ٻين تي سختيون ڪيائين. اِها ڳالهه گجرات ۾ سردار مريد خان (پاڙو ’رَجــٖـيرو‘، ڪرمتي) بلوچ جي ڪن تي پئي، جنهن قصد ڪري اچي ٺٽي ۾ مرزا صالح کي ماريو. اهو واقعو 3- شعبان سنه 970هه/ 1563ع ۾ ٿيو، ۽ ان کي سنڌ جي ڪنهن شاعر ڳايو، جنهن جا ڪي گفتا اڃا تائين ميرپورساڪري طرف وڏن سگهڙن کي ياد آهن. مثلاً (مريد خان چيو):

گهگهيريءَ جي گار تان، ڪريان ڪٽاري گهاء،

مرزا صالح ماريان، ٻِي نه ڪريان ڪا.

ان کان گهڻو اڳ ’ماموين وارا‘ مشهور بيت سمن جي اوائلي دور جي واقعي تي شاهد آهن، ۽ ’دودي چنيسر‘ جي ڳالهه واريون ڳاهون، سومرن جي دور جي حادثي سان تعلق رکن ٿيون. ظاهر آهي ته سنڌيءَ ۾ ’واقعاتي بيتن‘ جو سلسلو، جو اڄ تائين مقبول ۽ مروج آهي، سو ڪافي ڊگهو آهي ۽ اندازاً تيرهين صدي عيسوي کان وٺي ان جون ڪڙيون ملن ٿيون.

سواءِ ڪن ٿورڙن واقعن جي، هن ڪتاب جو سڄو مواد، بنده راقم پنهنجي ذاتي ذوق ۽ محنت سان سنڌ جي جدا جدا ڀاڱن مان گڏ ڪيو آهي. ڪي بيت خود شاعرن جي پنهنجي زباني قلمبند ڪيا ويا، ۽ ڪي بيت وري اهڙن سگهڙ راوين کان ٻڌي لکيا ويا جن خود شاعرن کان ٻڌي ياد ڪيا هئا يا مقامي طور تر جي ماڻهن وٽ سيني به سيني هلندا پئي آيا. پهرئين ’حر تحريڪ‘ بابت ’مل‘ جي چيل بيتن مان ٿورا گهڻا گهڻن ماڻهن کي ياد هئا ۽ اسان کي جي جتان پئي مليا اسان اتان پئي لکيا. ستن اٺن سالن جي مسلسل ڳولا بعد، اتفاق سان 13- ڊسمبر 1954ع ۾ اسان جي مرحوم حاجي برهان راڄر (ويٺل ڳموري، تعلقو عمرڪوٽ) سان ڪچهري ٿي، جنهن کي حرن وارا اهي سربستا ڇاونجاهه بيت توڙي هڪ مثنوي ياد هئي، جي سڀ هن سورهن ورهين جي ڄمار ۾ خود شاعر مل محمود پلي کان سکي ياد ڪيا هئا. حاجي برهان پوءِ سگهوئي گذاري ويو ۽ اهو محض هڪ اتفاق هو جو کانئس اهي سڀ بيت ملي ويا. ساڳيءَ طرح ”بَچــٖـي اِڇــٖـي“ بابت غلام حسين چانڊيي جا چيل بيت (55) اسان پير مرد شهداد خاصخيليءَ کان ڳوٺ ”دنگ“ تعلقي سڪرنڊ ۾ ٻڌي قلمبند ڪيا. سگهڙ شهداد پوءِ جلدئي گذاري ويو. سگهڙ حاجي روشن علي شاهه سان پڻ اسان جون ٻه ٽي ڪچهريون ٿيون ۽ ’1942ع ڌاري ملڪ جي حالت‘ بابت هن پنهنجو ڊگهو بيت (267- 274) پاڻ ٻڌايو، پر اسان بروقت قلمبند ڪونه ڪيو. ان بعد حاجي روشن علي شاهه ستت ئي گذاري ويو ۽ پوءِ ڳولا بعد سندس اِهو بيت جو محترم اسدالله شاهه حسيني وٽ لکيل هو، اسان کي هٿ آيو. جاڙي خان مري، خانو پهنور، غلام فقير ماڇي، ميهار مانجهند، حاجي حاميد خاصخيلي، الله ڏني فقير ماڇي ۽ ٻين شاعرن سندن بيت خود پنهنجي زباني اسان کي ٻڌايا. ٻيا واقعاتي بيت اسان اهڙن سڄاڻ سگهڙن کان ٻڌا جن کي انهن واقعن جي پوري پروڙ هئي. مثلاً ڪڇ جي شاعرن جا چيل بيت (46 ۽ 93) اسان شاعر خليفي صابر درس کان ٻڌا. خليفو خود ڪڇ ۾ ”ٻني“ جو ويٺل هو ۽ پاڪستان بعد لڏي اچي مٺي تعلقي ۾ ويٺو آهي. کهڙن جي بزرگ مخدوم عبدالرحمٰن جي شهادت بابت مخدوم غلام محمّد بگائي جا بيت اسان جناب مخدوم امير احمد صاحب جن جي وساطت سان خود کهڙن جي مخدومن جي قلمي بياض تان نقل ڪيا. اهڙيءَ طرح هن ڪتاب جو سڄو مواد، جو اڪثر انوکو ۽ ناياب آهي، سو ڪافي ڪشالي سان خود شاعرن، سندن راوين ۽ ٻين سڄاڻ سگهڙن وٽان توڙي مستند قلمي نسخن مان سهيڙي گڏ ڪيو ويو آهي ۽ ان کي ڪافي احتياط سان صحيح نموني ۾ ڇاپيو ويو آهي.

سڄي مواد کي تاريخي لحاظ سان، سلسليوار سالن مطابق ترتيب ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، البت ڪي واقعاتي بيت ڪتاب جي ڇپائي هلندي مليا، انهيءَ ڪري سلسليوار ڇپجي نه سگهيا. سڄن سارن ٻارهن واقعن بابت چيل بيت گهڻو پوءِ هٿ آيا، جنهنڪري انهن کي ڪتاب جي ”ضميمي“ ۾ جاءِ ڏني وئي آهي. ڪن واقعن جي صحيح سال نه ملڻ جي حالت ۾ اندازاً ان جو عرصو معلوم ڪري ان موجب انهن کي جڳهه ڏني وئي آهي، اُميد ته ٻئي ڇاپي ۾ واقعن جي سڄي سلسلي کي درست ڪيو ويندو. هن ڪتاب جو مواد گهڻو ڪري نئون آهي ۽ پهريون ڀيرو شايع ٿي رهيو آهي. ڪوشش ڪري شروع ۾ هر واقعي جو تفصيلي احوال ڏنو ويو آهي، جيئن اڳتي بيتن جو صحيح مقصد معلوم ٿي سگهي. شاعرن ۽ راوين بابت هيٺ حاشين ۾ ضروري احوال ڏنو ويو آهي.

هن مواد جي مکيه مضمونن ۽ ان جي تاريخي اهميت تي هن مقدمي ۾ ذرا تفصيل سان روشني وڌي آهي، مگر سنڌ جي ’سماجي زندگي‘ جي مطالعي لاءِ پڻ هيءُ مواد وڏي اهميت رکي ٿو. ازانسواءِ نِج سنڌي ٻولي ۽ لغت جي لحاظ سان، مشهور نامور شاعرن جهڙوڪ مخدوم غلام محمّد بگائي (25- 42)، مل محمود پلي (66- 87) ۽ ٻين جا چيل بيت برک آهن. ’جزئياتي تفصيل‘ جي لحاظ سان سگهڙ جاڙي خان مريءَ جا برسات بابت چيل بيت (171- 180) پڙهڻ وٽان آهن. فقير قلندر بخش صوفي جي شهادت بابت فقير يارو شر جا بيت (210- 214) شعر جي سهڻي سٽاء جو عمدو مثال آهن.

ن. ب

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org