سيڪشن: لوڪ ادب

ڪتاب: واقعاتي بيت

باب:

صفحو:10 

ٽوڙي وارو ڌاڙو

(چيل ڪريم بخش چاچڙ)

]ٻيءَ حُر تحريڪ واري وقت ۾، حُرن کان سواءِ ٻين ڪيترن ئي رواجي چورن کي به وجهه لڳي ويو، جي پنهنجا ٽولا ٺاهي ڌاڙا هڻڻ لڳا. اهڙو هڪ واقعو لڳ ’ٽوڙي‘ تعلقي ڪنڌڪوٽ ۾ ٿي گذريو: ’تيغاڻين‘ (بُڙدين) جا ڪي ماڻهو هٿيار کڻي، سڌا کِيمي واڻيي جي دڪان تي آيا ۽ کيس سڏي چيائون ته ’دڪان جو دَر جلدي لاهه جو مهمان آيا اٿئي‘. کيمي ڊڄندي ڊڄندي دروازو کوليو ته ڌاڙيل اندر گهڙي آيا ۽ سندس سمورو سون رُپو، ڪپڙو لٽو ۽ ٻيو قيمتي سامان کڻي رمندا رهيا. واڻين ڊوڙي وڃي سب ڊويزنل آفيسر کي دانهن ڏني پر هر ڪنهن کي پنهنجو ساهه پيارو هو، تنهنڪري هن سندن ڪابه مدد نه ڪئي. آخر شهر جي ماڻهن ڪليڪٽر وٽ وڃي فرياد ڪيو. ڪليڪٽر پنهنجي سِر جاءِ واردات تي پهتو، ساڻس ٻيا به ڪيترائي اعليٰ عملدار هئا. پوليس به ڪافي تعداد ۾ لٿل هئي. جڏهن جاچ مان پتو پيو ته اهو ڪم ’تيغاڻين‘ جو آهي، تڏهن انهن جي سردار ’تيغي خان‘ جوابدار هٿ ڪري پوليس جي حوالي ڪيا، جن کي سزا ملي. پوءِ ڪليڪٽر هڪ هفتي تائين ڪئمپ هڻيو ويٺو هو ۽ اعلان ڪيائين ته ’جنهن کي ڪا دانهن ڪوڪ ڪرڻي هجي سو بي ڌڙڪ مون وٽ هليو اچي‘. پوءِ ڪيترن ئي ماڻهن جون تڪليفون دور ڪري جَس کٽيائين. ڪليڪٽر جي انهيءَ تعريف جوڳي همدرديءَ ماڻهن ۾ سندس لاءِ گهڻي عزت پيدا ڪئي. شاعر ڪريم بخش چاچڙ، ڌاڙي جي انهيءَ واقعي ۽ ڪليڪٽر جي ساراهه ۾ ڪجھ بيت چيا آهن جي هتي ڏجن ٿا.[

ساراهيان سچو ڌڻي، صاحب ربّ ستار،

مالڪ آهي ملڪ سندو، ڏيهه ڌڻي ڏاتار،

حيّ قيوم سو قادر، خالق خلقڻهار،

اول ۽ آخر آهي سو باري بقادار،

ثنا جڳائي صاحب کي، بيحد باربار،

”لم يلد ولم يولد“ نادان به ڄاڻن نروار،

جيئن گهري تيئن ٿئي، ڪل آگي کي اختيار،

چوڻ ”ڪُن فيڪون“ سان، جوڙيو جهان جبّار،

ڇهن ڏينهن ۾ سالڪ چون سالم ٿيو سنسار،

وڏي وڏائي واحد جي، قدرت وڏي ڪلتار،

روزي سڀن رسائي، والي ڪري نه وسار،

نبي پيدا ڪيائين نُور مان، محمّد مختيار،

مٿان مڙني مرسلين، آهي سڀني جو سردار،

مير محشر ۾ ڇڏائي، گندا گنهگار،

راض تنهين سان ربّ جو، گهڻو گهُري غفار،

پرين سو پڳدار، ڪين ڇڏيندو ”ڪريم بخش“ چئي.

 

ڪين ڇڏيندو ”ڪريم بخش“ چئي، محب کي مڙين،

ڪيان قصو اڳتي جو ڌاڙو هنيو ڌاڙيلن،

دڪان ’ٽوڙي‘ واري تي رخ رکيو چورن،

هلي آيا هٿيارن سان، اچي آواز ڪيو انهن:

دڪاندار در لاهه، منهن ڏي مهمانن.

کڙو ڪري ’کيمي مل‘ کي، راز کولايو رهزنن.

پيسا سڀ پيدا ڪر، پوئتي رک نه ڪپڙن،

ويچارو اڳتي ٿيو، ملڪيت ڏني مدعين،

ڪڇيو ڪين ”ڪريم بخش“ چئي، ماٺ ڪئي مُکين،

ڄڻڪ ڀائيوار آيا هئا، ويٺا ورهاڱو ڪن.

اٿاريئون   وڃي ايس. ڊي.اي(1) کي،    ٿا ڦورو   ڦُر ڪن،

پر هر ڪنهن کي لڳي ساهه جي، ڪير ٿو ڊڪائي ڊڊن،

هٿ رڱي هو هليا، مراد پوري ٿي آيلن،

واٽ تن پوءِ ورتي، مرڪندا پيا وڃن،

ادا! انهن ڌاڙيلن، سامان نيو سنڀالي.

 

سامان نيائون سنڀالي، ساري سربسر،

ٿي فرياد داخل، آيا وڏا آفيسر،

ڪپتان ”ڪريم بخش“ چئي، ڪاردار ڪليڪٽر،

ڳاڻاٽي کان ٻاهر هئي، لٿل پوليس پر،

’ٽوڙي‘ چڱو ٽلي پيو، ٻَڌجي ويو شهر،

ڏيڍ هفتو کن هتي، ميڙ رهيو مگر،

چور ’تيغاڻي‘ نڪتا، ظالم ٿيا ظاهر،

نظربند گهڻا ٿيا، رهيا وڏا نامي نبتر،

سردار ’تيغي خان‘ ڏنا بازو بشر،

وڏو زور سردار تي، آيل هئو اڪثر،

’مير‘ ۽ ’سردار نورمحمد‘ واکاڻيل ويتر،

ٻيا ننڍا وڏا زميندار، سڀ رهيا حاضر،

ماڻهو هئا منتظر، من حاڪم وڃن هليا.

 

حاڪم وڃن هليا، گهڻو تن ٿي گهريو،

ابا! دک سور ٻُڌايو، درد دل جو سليو،

آفرين هجي آفيسر کي، جنهن روبرو سڏايو،

پوءِ مال ڪيترن جا موٽيا، چڱو غريبن لاءِ ٿيو،

جن لاءِ پُوڪار ٿي، تن کي ٿي سرڪار جهليو،

پوءِ ويندي ويو، آفيسر عام وٽان.

 

آفيسر ويو عام وٽان، رحمدل سو انسان،

صاحب شال سڌاري، ڌاڙيلن ڏيئي ڌيان،

سڀني جا سالڪ چئي، عمدا رهن ارڪان،

چور ڪنهين چوگان، شل ’ڏائڻ‘ ڏسجن ڪينڪي.

 

دلن جي تڙ واري مسجد جي مرمت

(چيل صابر درس)

 

[اٽڪل سترهن ارڙهن سال اڳ ’دَلَن جي تڙ‘ مڪان سنگراسي تعلقي ڇاڇري جي جامع مسجد شهيد ٿي پيئي پر ڳوٺ جي ماڻهن ان جي مرمت ڏانهن ڪوبه ڌيان ڪونه ڏنو. هڪ دفعي شاعر صابر درس جو انهيءَ ڳوٺ ۾ ڪنهن ڪم سانگي وڃڻ ٿيو، جڏهن نماز پڙهڻ لاءِ مسجد ۾ ويو تڏهن مسجد جي زبون حالت ڏسي کيس ڏاڍو افسوس ٿيو ۽ اتي جي ماڻهن کي مسجد جي اڏاوت لاءِ همٿائي پاڻ موٽي ويو. سندس نصيحت تي عمل ڪندي ڳوٺ جي ماڻهن مسجد کي نئين سر ٺهرايو. مسجد جي ديوارن تي ڏاڍا رنگ روغن ٿيا ۽ سنگمرمر تي چوڌاري چٽڪاري ڪئي ويئي. مسجد جي اڏاوت ۾ آجب پٽ مصري ۽ عبدالله پٽ گلو تمام گهڻي دلچسپي ورتي. مسجد جي جڙي راس ٿيڻ کان پوءِ پنج وقت نماز سان گڏ ٻارن کي ڪلام مجيد جو درس پڻ ڏنو ٿي ويو. شاعر صابر جو جڏهن ٻئي دفعي اتي وڃڻ ٿيو تڏهن مسجد جي اها رونق ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ انهي وقت هڪ بيت چيائين، جنهن ۾ انهن سڀني ماڻهن جو ذڪر ڪيو اٿس جن مسجد کي مرمت ڪرڻ ۽ آباد رکڻ ۾ بهرو ورتو. اهو بيت هتي ڏجي ٿو.[

 

الله جلّ جلالہ، ڏني سيّد کي سرداري،

مديني جو مصطفيٰ، آهي اُمت آڌاري،

چار ئي يار رسول جا، صدقو سرداري،

امام حسن حسين، مِٺا محبتداري،

دَل، دليرن  راڄ ۾ ڏٺم    هڪ    مسجد    موچاري(1)،

لاکا، دَل لکين هئا، پر ’آجباڻيءَ‘ اُجاري(2)،

اُت پڙهيم فرض نماز جو، پِيَم سُڌ ساري،

عبدالله پٽ گُلوءَ جي، ڪئي مدد موچاري(3)،

’جمعي‘ راڳي روبي، ڪئي راڳــٖــي روپاري(4)،

سنگمرمر پهڻ جي، چُڻچ چوڌاري،

سايون نيلون نُورانِي، عجب اَپاري،

جهرمر جهانجهر سون جي، جلوي جوهاري،

شمع شمعدان بجليون، قنديل قنڌاري،

دريون ۽ دروازا، تن جا ڪڙا قيمتداري،

’سومار‘ تنهن سِڪ مان، سهڻي سينگاري(5)،

جنهن ’ايوب‘ پــٖــي اُجاريو، تنهن کي ملي بهشت

جي بهاري(6)،

’عَلو‘ الله اُجاريو، جنهن ٻانگ به ٻَهُڪاري(7)،

لوليون لبّيڪ جون، سنجهي صبحاري،

پيش امام، صفون سُبحان، اُن پڙهي سُنت سڌاري،

علم پڙهن کُٿابي، ڪَرَ چَتُن چينگهاري،

’ياسين‘ سڳوري ذڪر زاري، ڪن طالبن تنواري،

دَل، سميجا، سما، نمازي نيڪداري،

”صابر“ در الله جي، ڪئي منٿ موچاري،

”درس“ دين ايمان جي گهُري گلزاري.

 

سنبت 1999 ۾ ملڪ جي حالت

(چيل حاصل فقير وسائي پوٽو)

 

]سنبت 1999/1943ع ۾ سنڌ مان قدرت طرفان اها ڀلائي ٿي جو هڪ طرف فصل تمام ڀلا ٿيا جنهنڪري اَنن جا اَنبار لڳي ويا، ته ٻئي طرف وري انگريزن ۽ جرمن واري ٻي عظيم جنگ سبب جنسن جا اگهه چوٽ چڙهي ويا، تنهنڪري ملڪ ۾ پئسو تمام گهڻو ٿي ويو. غريبن ۽ هارين نارين جا قرض مرض ميٽجي ويا، ڏکين سکيو ساهه کنيو ۽ آسودا ٿي پيا. سيٺيون گيهه ۽ ٻئي واپار مان شاهوڪار ٿيا، ته سوداگرن وري چوپائي مال جي سؤدي مان جاوا ڪيا. حالت اها بڻي جو اُٺ اٺوڻن اگهن تي پئي وڪاڻا ته ڍڳن جو واپار ڄڻ ڍارا هڻي (ڇَيڪــٖــــي راند جُوا ڪري) ناڻو ميڙڻ جو مثال هو. اهو دؤر هرهڪ ڪڙمي ڪاسبي، غريب غربي لاءِ خوشحاليءَ جو دؤر هو. پر اهي هيون جنگ جون ابتدائي حالتون. سال کن ۾ ئي مُلڪ جو ڦِرڪو ڦري ويو. اهي ڪارخانا جي ملڪي توڙي غيرملڪي صنعتن ۾ رُڌل هئا سي ته بند ٿي ويا، يا ته جنگي ضروريات جو سامان ٺاهڻ لڳا. گهڻو ڪري سموري پيداوار جنگ ۾ ڪم اچڻ لڳي، جنهنڪري عوام جي ضروريات زندگيءَ جون شيون ملڻ کان مهانگيون ٿي ويوون. ڪڻڪ تي ڪنٽرول پئجي ويو، ۽ ڊيپن ذريعي مقرر ڪوٽا ماڻهن کي ملڻ لڳي. گاسليٽ به گُم ٿي ويو، جو پڻ ساڳيءَ ريت ڊيپن تان ملڻ لڳو. ماچيس جهڙي رواجي شيءِ به نٿي ملي سگهي، نتيجي طور ماڻهن باهه پيدا ڪرڻ لاءِ چقمق پهڻ ۽ رُڪ کان ڪم ورتو. اَمل اٺين رپئين تولو وڃي لڳو، چرش ۽ گانجو بلڪل بند ٿي ويو. ڪپڙي جي پٺيان به باهه ٻري ويئي. اول ته مليو ڪونه ٿي، پر جي مليو ٿي ته به ڪين جهڙو سو به ڏهوڻي اگهه تي. ڪپهه جا اگهه وڌي ويا. سوڍا کار صفا ڪانه ٿي ملي. چاندي ۽ سون پڻ مهانگا ٿي ويا. سون ۽ چانديءَ جي سِڪن بدران نوٽ عام جام ٿي ويا. حد ٿي ويئي جو ريزگاري ۾ اڻاٺ پئجي ويئي، سرڪاري ڏي وٺ ۾ ريجي بدران لفافا ۽ ڪارڊ هلڻ لڳا. لکڻ لاءِ ڪاغذ نٿي مليا. اهو سمورو احوال سگهڙ حاصل فقير پنهنجي هڪ بيت ۾ بيان ڪيو آهي. جيئن ته حاصل فقير ضلعي ٿرپارڪر جو رهاڪو آهي، تنهنڪري هن بيت جي مُنڍ ۾ ئي پنهنجي تَر (ٿر) جو احوال ڄاڻايو آهي، پر ان وقت سڄي ملڪ جي حالت اها هئي. شاعر وري اها به اميد ڏيکاري آهي ته، شايد سنبت 2000 ۾ اهي تڪليفون دور ٿي وينديون ۽ وري حالتون اصلوڪو رخ اختيار ڪنديون. شاعر انهن تڪليفن ۽ ملڪي حالتن کان متاثر ٿي دشمن (جرمن يا تڪليف پيدا ڪندڙن) جي دفع ٿيڻ جي آرزو ڏيکاري آهي، سگهڙ جو اهو بيت هتي ڏجي ٿو.[

سنه  اڻيهه   نوانوي    ۾       ڪيا       سٻاجهي    سڪار(1)،

ٿيا گهڻيئي ٿر ۾، گاهن جا گلزار،

ٻنيون ٻارا ڀلا ٿيا، اَنن جا اَنبار،

قرض مرض ڪاٽجي ويا، ٿي آزادگي اظهار،

ڏُکي، سُکي ٿيا، اها مهر ڪئي مختيار،

سوداگرن کي سٺو ٿيو، ولايت جو واپار،

ڍڳن ڍارا هڻي ڇڏيا، ”حاصل“ چئي هِيار،

گهوڙن ته گهڻيئي نماڻو ڪيو نروار،

اُٺ ته وڃي اَٺوڻا وڪاڻا واپار،

گيهه جو فائدو گهڻو ڪڍيو، سيٺين شاهوڪار.

ڪنٽرول تنهن ڪڻڪ تي، اچي ٿيو اظهار،

کنڊ تي ڀُتو پئجي ويو، لڀي ڪانه لاچار،

گاسليٽ گم ٿي ويو، جنهن جي لِک نه لڀي لار،

دُرجن دُکِي ويا، باڪسن جا بار،

’پَٿرٖي‘ ۽ ’ڪَڙٖي‘ جو، وِهايو واپار،

’اَمل‘ جو اٺين رپئين تولو، مُٺا خريدار،

چرس ۽ گانجي جو، ڀُتو ٿيو بيزار،

ڏني باهه ”بلوچ“ چئي، ڪپڙي کي ڪلتار،

ڪپهه وغيره جا وڌي ويا واپار.

مطلب ته شيء سڀ مهانگي ٿي، رکي رکڻهار،

ملي ڪانه شهر ۾ صفا سوڍا کار.

سٻاجهو سهنج ڪندو، ڏيهن جو ڏاتار،

سوئِڪــٖـــي ۾    سهانگائي       ڪندو    عالم    جو   آڌار(1).

چاندي سون چڙهي ويا، جن کي هٿ نه رسي هار،

هليو ويو ”حاصل فقير“ چوئي، سُهج ۽ سنيگار،

مُهر هلي ٿي ملڪن ۾، نوٽن جي نروار،

’ريجي‘ بدران لفافو ۽ ڪارڊ ڪيائون ڪار(2)،

ڪاغذ ملي ڪونه ڪو، لکڻي کي لاچار.

سچا سڀ ڪوڙا ٿيا، اَڄ ڪوڙن جي آهي ڪار،

ڍرو رسو دشمن کي، ڏنو آهي ڏاتار،

پِٽي پِٽي جاءِ ايندو، پوءِ ٿيندي پُڪار،

موڙي ڪندا مهند ۾، گندي کي گرفتار،

اڃا   جنگ    لڳي    پئي   آ،       ڏاڍي   سان      ڏهڪار(1)،

اڃا نه ڪئي آهي دشمن سان، صفائي سرڪار،

عالم جا آڌار! ڪجئين ٻاجهه ”ٻروچ“ تي.

 

عزيزالله ڪلهوڙي جو پوليس جي پهري مان ڀڄڻ

(چيل عزيزالله ڪلهوڙو)

 

]عزيزالله ڪلهوڙو، پني عاقل شهر کان هڪ ميل جي مفاصلي تي، ”بچو ڳوٺ“ جو رهاڪو هو. جيئن ته سندس پيءُ ملاّ عبدالرحيم هڪ عالم شخص هو، تنهنڪري هن پنهنجي ٻنهي پٽن، عزيزالله ۽ عبدالقادر کي ٺيڙهيءَ جي مشهور مدرسي ۾ فارسي ۽ عربيءَ جي تعليم پرائڻ لاءِ داخل ڪرايو. ان وقت انگريزي حڪومت جي خلاف جملي سياسي جماعتون سرگرم عمل هيون، انهن جو مرڪز اڪثر ديني مدرسا هئا. ٺيڙهيءَ وارو مدرسو پڻ انهيءَ تحريڪ جو هڪ مرڪز هو.

هنن ٻنهي ڀائرن، ’درس نظاميہ‘ جي نصاب موجب فارسيءَ جي تعليم پوري ڪري، عربي پڙهڻ شروع ڪئي. مدرسي اندر سياسي سرگرمين کي ڏسندي ۽ انهن ۾ حصو وٺندي هنن جي دل ۾ پڻ انگريزي حڪومت جي خلاف نفرت پيدا ٿي، جنهنڪري هو تعليم کي اڌ ۾ ڇڏي، مدرسي مان ڀڄي نڪتا ۽ عملي طرح انگريزن خلاف ڪاررواين ۾ حصو وٺڻ لڳا. عبدالقادر پنهنجو مرڪز پنهنجي ئي ڳوٺ کي بنايو، باقي عزيزالله پنهنجي هڪ ٻئي دوست بهار ڪلهوڙي، ويٺل عالماڻي لڳ پنوعاقل، سان گڏجي انگريز حڪومت کي نقصان پهچائيندو رهيو.

حڪومت طرفان هنن کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي، عزيزالله ۽ بهار ته هٿ اچي ڪونه سگهيا باقي عبدالقادر کي پنهنجي ڳوٺ مان ئي پوليس گرفتار ڪري ويئي. ڀاءُ جي گرفتاريءَ کان پوءِ عزيزالله هيڪاري مڇرجي پيو. ريل گاڏين کي ڪيرائڻ ۽ ڦرڻ جا ڪيترائي واقعا سندس هٿان ٿيا. انهيءَ وقت ۾ عزيزالله بدران ’اجني‘ جي نالي سان مشهور ٿيو.

آخرڪار سنه 1944ع ۾ ’اجنو‘ ۽ ’بهار‘ گرفتار ٿي پيا. ميرڪوش تعلقي اوٻاوڙي ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر وٽ سندن حاضري هئي. حاضري ڏيئي جڏهن واپس ٿي موٽيا، تڏهن ٻئي جنگ جوان، پوليس جي حوالات مان، کانئن رائفلون کسي ڀڄي ويا. ان بعد ’اجني‘ جي گرفتاريءَ لاءِ ستاويهه هزار رپيا انعام آڇيو ويو هو. بهار انهيءَ وچ ۾ مري ويو، باقي اجني کي سندس دوست ۽ صوبدار چانڊئي، تعلقي گهوٽڪي جي هڪ ڳوٺ مان گرفتار ڪرايو.

جيل مان آزاد ٿيڻ بعد عزيزالله ڪلهوڙو، ميان حمادالله هاليجوي جي هدايت ۽ صحبت سان پنهنجي ڳوٺ جي مسجد جو مُلان بنجي ويو ۽ اڄ به پنهنجي مسجد جي پيش امامي ذريعي ديني خدمت انجام ڏيئي رهيو آهي.

عزيزالله خود به هڪ سٺو شاعر آهي، پنهنجي حياتيءَ جي انهيءَ سموري ڪشمڪش کي هڪ بيت ۾ بيان ڪيو اٿس، جو هتي ڏجي ٿو.[

ساراهيانم سچو ڌڻي، ساراهيان سبحان،

ته بادشاهي انگريز جي، جنهن جا تاب وڏا طولان،

هڪڙا قيدي رکي قيد ۾، ٻيا نوڪر وڏا نيشان،

قرب مان ”ڪلهوڙو“ چئي، آگو ڪندو احسان،

ڀاءُ    ته    منهنجو   دادلو،    سورهيه       هو       سلطان(1)،

مڃي امر الله جو، وڃي قيد ٿيو هو جوان،

ظاهر ڪيان ذري ۾، مان پنهنجو بات بيان،

ته برابر ’بچي ڳوٺ‘ ۾، ٿيا گهوڙن جا گهمسان،

چوڌاري چؤرنگ ٿيا، تاب وڏا طولان،

هڻي ڪڙيون قرب جون، آندئون جيل جوان(2)،

اچي ’پني‘ ۾ پڌرو ٿيو، عزيز الله انسان(3)،

لکي بنا پريت جا، ڪيئون ’سکر‘ جا سُرگان(4)،

سنڀري هليا سکر ڏي، ٿيو عشق جو امتحان،

ڇهه مهينا ڇوهه ۾، منهنجو گُوندر هو گذران،

مشهوريءَ سان ’ميرڪوش‘ ۾، ٿيو اسان جو امتحان،

ڊپٽي ڪليڪٽر ڪيو، ٻيهر اچڻ جو امڪان،

آيا سي ’اُٻاوڙي‘ ۾، فائق وڏي فرمان،

من ۾ مونکي مونجهه گهڻي، نيڻن ۾ ننڊ ڪانه،

اُداسي ارواح ٿيو، ڀڄڻ لئي بيران،

سنگتي منهنجو سورهيه هو، وڏو جُنگ جوان،

پرهه ڦٽيءَ پرڀات جو، اچي مانجهي ٿيا مستان،

آيو جوش منهنجي جيءَ کي، تَوۡسين وڏي تان،

کسيم ’رائفلان‘ رمز سان، ڪيم چالاڪي چالان،

سنڀاري تنهن سيّد کي، ڪيم ڌڌڪارا دوفان،

قرب مان ”ڪلهوڙو“ چئي، مونکي ڌڻيءَ ڏنو دان،

جوان ڇٽي ويا جيل کؤن، پتنگ جيئن پروان،

پوءِ راضي ٿيو رحمان، اُداسي عزيز الله تي.

ڪانڀو ۽ راڄي جو جهيڙو

(چيل محمد صديق بنگلاڻي)

 

[تعلقي عمرڪوٽ ضلعي ٿرپارڪر جي تپي صوفي ۾ بنگلاڻي ذات جا ڪي ماڻهو رهندا هئا، جي ’حيدر شاهه‘ جا هاري ۽ مريد هئا. هڪڙي ڏينهن ’راڄي خان‘ ٻروچ جي ٻڪرين جو ڌڻ سندن ٻنيءَ ۾ گهڙي آيو ۽ ٻنيءَ تي ان وقت عمر، ڪانڀو، فتح علي ۽ جِندو، مڱڻهار ڪمدار سميت موجود هئا، جن ٻنيءَ مان ٻڪريون هڪلي پنهنجي قبضي ۾ ڪيون. ان بعد ڪمدار اهي ٻڪريون ڍڪ تي موڪلڻ لاءِ ڪانڀوءَ کي ڏنيون، ۽ کيس في ڪن لاءِ ٽڪو ڪاهراڻي طور ڏيڻو ڪيو. راڄي خان کي جو اها خبر پهتي سو ڪهاڙي کڻي اچي ووڻن ۾ لڪي ويٺو. ڪانڀو ڌڻ ڪاهي جڏهن سندس ڀر مان لنگهيو، ته هن هڪل ڪري مٿس حملو ڪيو، پر ڪانڀو ڪهاڙيءَ جي وار کان پاڻ بچائي ساڻس ڳنڍجي ويو. ٻنهي ۾ جهيڙو شروع ٿي ويو، ڪڏهن ڪانڀو هيٺ ته ڪڏهن راڄو؛ وڙهندا ڪرندا اچي ڪمدار تائين پهتا. اها ماجرا ڏسي ڪمدار پاڻ ٻڪرين جو ڌڻ ڪاهڻ شروع ڪيو. تنهن تي راڄو سندس اڳ جهلي بيهي رهيو، فتح علي ۽ عمر، ڪانڀوءَ تي الرون ڪيائين، جنهن تي جِندو خان کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي، راڄي کي چماٽ وهائي ڪڍيائين ۽ ساڻس ڳنڍجي ويو. اهڙي طرح راڄو اڪيلي هجڻ جي باوجود حيدر شاهه جي پنجنئي هارين سان وڙهندو رهيو. راڄي جي دليري ڏسي هنن پاڻ ۾ گڏجي صلاح ڪئي ته هي ٻروچ مڙندو اصل ڪونه تنهنڪري کيس ٻڪريون موٽائي ڏجن. آخر راڄو ٻڪريون ڪاهي ماڳ موٽيو.

راڄي جو سوٽ ’رضو‘ هڪ ڪرڙو زميندار هو، جڏهن کيس اها خبر پيئي ته ڏاڍي ڪاوڙ آيس ۽ پنهنجي سوٽ جي بدلي وٺڻ لاءِ ٻڪريون ڪاهي حيدر شاهه جي ٻنيءَ ۾ آڻي ڇڏيائين، پر اتي هڪ سوار محمد صديق اچي پهتو ۽ رضوءَ جون ٻڪريون ڪاهي وڃڻ لڳو، جنهن تي رضو کيس هڪل ڪئي ۽ ٻنهي جي وچ ۾ سخت جهيڙو ٿيو. شاعر محمد صديق بنگلاڻي اهو سمورو واقعو پنهنجي بيتن ۾ بيان ڪيو آهي. پڇاڙيءَ واري بيت ۾ انهيءَ واقعي کي بيتن ۾ چوڻ جو سنه 1364هه ڄاڻايو اٿس. اهي بيت هتي ڏجن ٿا].

واکاڻ واحد جي ڪريان، جو سٻاجهو ستّار،

جوڙي جوڙ جهان جي، ٿو قدرت سان ڪلتار،

جِنّ، ديو، پريون، پکي، مڇيون، انس اپار،

مُلڪ مالڪ جوڙيا، هادي ڪئين هزار،

عرب، عجم، ايران، ۽ چائنا چوڌار،

هندستان، حبش، ڪابل ۽ قنڌار،

پر سائو ملڪ سنڌ جو، سونهي سان سينگار،

اَٺ ضلعا ان ۾، ڪيا انگريزن اختيار،

ٿرپارڪر انهن ۾ هڪ ضلعو زوردار،

عمرڪوٽ ان ۾، هڪ تعلقو تيار،

تپو ’صوفي‘ تنهن ۾، پڻ صوفي شاخ سنڀار،

رهندڙ اتي راڄ آهي ’بنگلاڻي‘ بسيار،

مرشد پير تن جو ’حيدر شاهه‘ هڪوار،

’معشوق پوٽو‘ مشهور سو، چؤطرف چوڌار،

مقاطعو ’مير‘ کنيو، ان تپي ۾ تڪرار،

هاري ’حيدر شاهه‘ جا، ڏاڍي سان ڏهڪار،

هاڻ خوب خبر چار، سڻجو سندن ڳالهڙي.

 

سڻجو سندن ڳالهڙي، قصو قرارا،

هاري ’حيدر شاهه‘ جا همہ هيجارا،

پوکيئون پريت مان ٻنيون ڪئين ٻارا،

باري بخت ڀلو ڪيو، پوک ڏنن وارا،

هاري ويچارا، پرتئون گهمن پوک تي.

 

پرتئون گهمن پوک تي، کنيو ڪلهي تي ڪوڏر،

گهمرا ڏيو گهيڙن تي، ٿا ساريو ڪڍن سَر،

پوکِي ٻني پريت مان، هئي ’ڪانڀو‘ منجهه ڪلر،

هلي گهمي حرص مان، ڦري ساڻ فخر،

سڻج هاڻ خبر، وڏي جهيڙي جنگ جي.

 

وڏي جهيڙي جنگ جي، سڻج خبر ساري،

هڪ ڏينهن هليا هيج مان، ’حيدر شاهه‘ جا هاري،

عمر، ڪانڀو، فتح علي، جِنۡدو جنساري،

آيو ڪمدار اوچتو، مڱڻهار ماري،

اچي    ويٺو   ادب   سان،    ڪيائين       ڪَچاري(1)،

تاسين آيو مال اوچتو، ڪيائين ووڻن تي واري،

ٻڌي ٻيٻڙاٽ ٻڪرين جا ۽ چڙيون چوڌاري،

هارين حيدر شاهه جي، ڪئي تنهن دم تياري،

سڀئي اٿي سنوان ٿيا، ڪرڻ نظرداري،

ڏسي ٻڪريون ٻنيءَ ۾، ڊوڙيا تنهن واري،

پوءِ هيبت سان هاري، ڪاهي ڪمدار وٽ آئيا.

ڪاهي ڪمدار وٽ آئيا، ساري سڀيئي،

مال ته ’راڄي خان‘ جو آندائون اتيئي،

ڪمدار چيو ’ڪانڀو‘ کي: ڪاهه مال مڙيئي،

ڏيندس ٽَڪو ڪاهراڻي، جي رسائيندين نيئي،

پوءِ اها ڪل پيئي، وڃي راڄي خان کي.

 

وڃي راڄي خان کي، پيئي اها خبر،

ڪاوڙجي ڪهاڙي کڻي، هليو سو هيڪر،

اچي ويٺو واٽ تي، ڏيئي ووڻن اندر ور،

ڪاهي ڪانڀو نڪتو، ٻڪريون ۽ ٻڪر،

هليو آيو هيج مان، واريندو ولر،

اچي ڪيائين اوچتو، اتانهين گذر،

جتي راڄو لڪل هو، پنهنجيءَ پوک اندر،

نڪتو راڄو رُوڙ ڪري، ووڻن مان وسيهر،

اچي واريائين ٻڪريون، منجهان ڏاڍ ڏمر،

ڪانڀوءَ ڏي ڪهاڙي کڻي، ڪئي ڪاهه ڪيهر،

ڪانڀو به گهڻئي ڪُڏيو، پر مهندان هو منڪر،

وڙهندا آيا واٽ وٺيو، ڪندا هل حشر،

هڪڙيون هڪلون هل، ٻيو ڪاڙهو، ٽيون ڪلر،

وڏي جنگ جهيڙو ٿيو، ڏاڍو شور ۽ شر،

انهيءَ ساڻ آڌر، وري ڪاهي آيا ڪمدار ڏي.

 

ڪاهي آيا ڪمدار ڏي، وڙهندا واٽن تان،

هڪٻئي کي هڻندا آيا، کڻيو ڀتر هِتان هُتان،

ڪنهن وقت ڪانڀو خان هو، ڪثر راڄي کان،

ته ڪنهن وقت راڄو هو، ڪانڀو جي مٿان،

انهن اهڃاڻن سان، ڪِري کَل خراب ٿين.

ڪِري کل خراب ٿين، ماندا ٿيا مردار،

اچي پهتا اتهين، جت هاري ۽ ڪمدار،

جن پڇي خبر هنن کان، ته ڪهڙو ٿيو تڪرار؟

تڏهن ڪانڀوءَ قسم کڻي چيو ته: سڻجو خبر چار،

ڪاهيو ويس ٻڪريون، لالچ جيءَ لغار،

ملندو ٽڪو ڪاهراڻي، ٿيندس شاهوڪار،

پهرين وٺندس پريت مان، ڪڪڙ ڪارونڀار،

نفعا ٿيندا ان مان، بنبس نامدار،

ڪاهيو ويس مال کي، انهيءَ سان آڌار،

ڪڏهن ڇڏيان ها ڪينڪي، پر ماريس هن پچار،

جو راڄو آيو رڙ ڪري، هل ڪري هيڪار،

کڻي ڪهاڙي ڪلهي تي، ڪيائين شور شرار،

سنڀريو اچي سهڪندو، ڪريو وڙهڻ جو وهنوار،

ٻولائي ٻروچ چيو ته: ڀڄي ٿيءُ بيزار،

نه ته هڻي ڪهاڙي ڪنڌ تي، ڪندس ڌڙ

سسيءَ کان ڌار،

پوءِ وڙهندا اچون ڌڻ واريو، ڪاهيو وٽ ڪمدار،

اهو سماچار، آهي اسان جي حال جو.

 

پوءِ ڪمدار ڪاهيون ٻڪريون، جوش

منجهان جولان،

ڪاوڙجي ڪارو ٿيو، دانگيءُ جيئن دوران،

ڪاهيائين وڏي ڪست مان، ڌڻ ڪري دهمان،

’دائم‘ سندي دهشت جو، ٿيو هل هُگان،

تڏهن راڄو اٿيو رڙ ڪري، گوڙ ڪري گهمسان،

وڏو شور شرّ ڪيائين، شومي ٿي شيطان،

هڪل ڪيائين هيبت مان ته: ڀڄ پري بي ايمان!

مڱڻهار مردود! مرين ٿو، موذي تون مروان!

نڪر هتان نادان، نه ته لنگها! مرين ٿو لت سان.

 

لنگها! مرين ٿو لت سان، ڇورا! تون ڇالاءِ؟

ائين چئي اٿيو، ’راڄو‘ مٿي راهه،

ڪري هڪل هيبت مان، ڏاڍو ڪيائين ڏهڪاءُ،

ڪري اوکو ’عمر‘ کي، ڪيائين ’ڪانڀوءَ‘

مٿي ڪاهه،

ڦري آيو ’فتح عليءَ‘ کي، واڪو ڪري واهه!

موڳو ڪري مڱڻهار کي، سوڙهو ڪيائينس ساهه،

راڄي ڇڏي راهه، هُنن جي بند ڪري ”بلوچ“ چئي.

 

بند ڪري ”بلوچ“ چئي، ڇڏيون راڄي سڀ راهون،

کنيو ڪهاڙي، گار ڏيو، ڪري ڪست

منجهان ڪاهون،

مهندان راڄي خان جي، ٻڌيون ٻروچن ٻانهون،

تن ڪيون منٿون ميڙيون، عرض ۽ آهون،

ڪري سوال ٿڪي پيا، ڪيائون درد منجهان،

دانهون پر مڙس مُڙي ٿو ڪينڪي، پيو اچي اوراهون،

تڏهن جِندو اٿيو جوش مان، ڪري هيبت هلائون:

ته راڄا! ڇڏ تون ريڙهه پيڙهه، هل پِٽيا! پراهون،

نه ته هاڻ انڌا! آءٌ، ماريندوسئين مُڪَ سان.

 

ماريندوسئين مڪ سان، ڪري جنگ جدل،

ايئن چوندي اٿيو، جِندو منجهان جل،

هنيائين چماٽ راڄي کي، واري مٿي ڳل،

وجهي هٿ وارن ۾، ڏنائينس اڇل،

هڻيو ڌڪ ڌڪو ڏيو، ڪري هيبت منجهان هل،

مردن جي ميدان ۾، هئي هور هڪل،

هاٿي ڳنڍيا پاڻ ۾، هاڻ ڪير ڪري تن جهل!

ڪانه هلي ٿي ٽل، ٻين جي ٻروچن سان.

 

ٻين جي ٻروچن سان، ڪاري ڪانه آهي،

وڙهندي وچڙندي جندي کان، ويو راڄو ڇڏائي،

پوءِ کڻيو ڪهاڙي ڪلهي تي، اُڀو پاڻ پاڻ پڏائي،

گاريون ڏيو، گوڙ ڪريو، پيو ٻروچ ٻولائي،

ڪير اچي هن ڪيهر کي، ويجهو واجهائي،

ناهي مٽ ڪو مرد جو، ڪير اچي ڪاهي،

پوءِ سڀني کي ساهي، وري موٽيو مڱڻهار ڏي.

 

موٽيو مڱڻهار ڏي، ڪري ڪاهه ڪِيهر،

وجهيو هٿ وارن ۾ پيو، گوڙ ڪري گينور،

هنيائين لت لنگهي کي، منجهان ڏاڍ ڏمر:

ته ڪاهيين ڪتا! ڪيئن ٿو، ٻڪريون ۽ ٻڪر؟

مال ته راڄي خان جو، جنهن کي ڇوٽ ڇپر،

ڪاهڻ وارو ڪونه سجهي، مونکي ميربحر!

پوءِ ڏنائين ٿي مار مڱڻهار کي، ڪــٖــيري منجهه ڪار،

پر ڪريو اچي ڪاوڙ مان، ٻروچ بوٿ ڀر،

پوءِ اڙ ڏيئي آڌر، اٿيو پهلوان پٽ تان.

 

اٿيو پهلوان پٽ تان، ڪيائين فتح علي تي ڦيرو،

ڪهاڙي کڻي ڪاهي آيو، ڇٽو ڪر ڇيرو،

جلي ويو جوش مان، جوان سندو جيرو،

چئي: ڪين ڇڏيندس ڪڏهن، کوهي ڪندس ڳيرو،

کڻائيندس کِٿل کي، ڳوٺ منجهان ڏيرو،

وڙهي هن ويريءَ سان، ڪندس نبيرو،

پر لائي زور ٿڪي پيو، خان ٿيو کيرو،

پوءِ ڪِري جيئن ڍيرو، تئين راڄو ڪريو راهه تي.

 

راڄو ڪريو راهه تي، اُٿيو اتاهين،

ڪري ڪاهه ڪانڀوءَ کي، چٽو چيائين،

ڏيئي گار گوڙ ڪري، وڃي ٻک وڌائين،

ڇڏي ڪهاڙي چوٽ ڏيئي، وڃي وار جهليائين،

ڏاڍي ڏک ڏمر مان، ٿي ڌڪ هنيائين،

وجهيو چپ وات ۾، ڇريو ڇڪيائين،

لاهيو زور ذري ذري، ڌميو ڌمڪيائين،

ڪِرندي ٿڙندي ٿاٻڙندي، ٿي گاريون ڏنائين،

ڪانڀو گهڻئي قياس ڪيو، پر ڪين ڇڏيائين،

پوءِ ڪانڀو به ڪهل ڇڏي، وڃي چوٽ کاڌائين،

ماندو ڪري مردار کي، ڏاڍو ڏپيائين،

کڻي اڇليائين، راڄي کي رستي مٿي.

 

راڄو خان رستي تي، ڪا مدت هئو مئل،

تهان پوءِ اٿيو، ڪري حشر هل،

ڪيائين وڏي آواز سان، عمر کي هڪل:

ته کريل کاروڙائي! مرين ٿو، توکي کنيو آهه اجل،

نڪر نادان اوڇ مان، ترس نه هتي تل،

نه ته ماريندوسئين مڪن سان، ڪندس ڪين ڪهل،

راڄي خان بلوچ سان، ڪانه هلندئي ٽل،

پوءِ اهڙيءَ سان اٽڪل، اڀو گينور گوڙيون ڪري.

اُڀو گينور گوڙيون ڪري، ڪريو ڏاڍي ڪاهه،

چڻڪ رڍ ڇڙي پئي، هاڻ ڪڍي ڇڏيندي لاهه،

ڏسي اهو ڏمر ۽ بلوچ سندي باهه،

سڀني گڏجي پاڻ ۾، ڪئي هيءَ صلاح،

ته ڏيو ٻڪريون ٻروچ کي، ته رمي وٺي راهه،

اهڙي هل هڳاءُ، ڏنائون مال مردود کي.

ڏنائون مال مردود کي، ٻڪريون ۽ ٻڪر،

ته به مرد مڙي ٿو ڪينڪي، پيو گاريون ڏي هر هر،

تڏهن جندو اٿيو جوش مان، ڪري چوٽ چڪر،

ته: راڄا! ميرين تون مفت ٿو، هاڻ مون هٿا هيڪر،

ڪهڙي ڪاوڙ ڪتا! تون پيو، گوڙ ڪرين گرگر،

وات وڃائين ٿو پنهنجو، تون ٻِلا! ڇڏيو پر،

جي وريو وٺئين ٿو وارن مان، ته ڪير ڪندئي واهر!

پوءِ انهيءَ سان آڌار، راڄو مس روانو ٿيو.

 

رهندڙ انهيءَ ڳوٺ ۾، آهي ’رضو‘ راهدار،

وڏيرو پئنچات جو، ظالم زميندار،

سوٽ ته راڄي خان جو، سڀاڳو سالار،

راڄي سندي ويڙهه جي، پيس خبر چار،

چئي: ڪين ڇڏيندس ڪڏهن، ويرين کي وهنوار،

ڪندس جنگ ’جندي‘ سان، ماريندس ’مڱڻهار‘،

اوکو ڪري ’عمر‘ کي، ڪندس ’فتح عليءَ‘ تي

ڦٽڪار،

ڪري ڪاهه ڪانڀو تي، ڪڍندس ڏاڍي مار،

ڪڏهن ڇڏيندس ڪينڪي، اهي ماريندس مردار،

عمر، ڪانڀو، فتح علي، جندو مڱڻهار،

هاري حيدر شاهه جا، ڀل هجن لک هزار،

ته به مڙڻ، موٽڻ مهڻو، هٿ ڳنڍبا هڪوار،

جو سؤٽ منهنجو سلڇڻو، هنن ماريو آهي موچار،

اهو ارادو اصل کان، هو ڪيو ان قهار،

پوءِ ڪاهي هليو ٻڪريون، دودو ٿي ڌڻار،

آيو ’صوفيءَ شاخ‘ تي ڪاهي مال مڪار،

ڪاهي شاخ اڪاريائين، اٿي اوڀر پار،

پاسي محمد صديق جي، ٿي چاريائين چوڌار،

اصل هئو ان کي، اهو ڀروسو بسيار،

ته ڪير ڪاهيندو منهنجيون ٻڪريون، مان آهيان

مختيار،

ته آيو مٿان اوچتو، سنڀري هڪ سوار،

محمد صديق پٽ ماڻڪ جو، ناليرو ٺروار،

ڪيائين هڪل حشمت مان، هل ڪري هيڪار،

لوڌيائين مال رضو جو، ڪري لوڌڻ جي للڪار،

ڪاهيائين ڪست مان، پيئي ٻڪرين ۾ ٻاڪار،

هلندو وڃي هُل ڪندو، دڙڪن جو ڌڌڪار،

ڪيائين مال اڳ ۾، ڪرائي قطار،

وڃي ڪاهيندو ڪپ ڏيو، ڪندو ترت تنوار،

اچي ٽپايئين شاخ مان، اٿي اولهه پار،

تڏهن پيئي رڙ رضو ۾، ڪيائين ڪوڪار:

محمد صديق! مرين ٿو، نٺر هيڏي نهار،

ڪندس توسان ڪست رکي، آءٌ جٺ جبري يار،

ڪڏهن ڇڏيندس ڪينڪي، توکي وير وهنوار،

پاڻهين پوندين پيش مون، ڪري تون ڪوڪار،

ڪيائين اچي اتي، پلپل اها پچار،

وڌائين ڊپ ڊيڄڙو، اندر ۾ آزار،

اها ڳالهه اوهان کي ”ٻروچ“ چئي ٻهار،

ته قصو ڪانڀوءَ راڄي جو، جڙي ٿيو تيار،

سٺو، سهڻو ۽ سچو، بيتن منجهه بهار،

ڳجهي رهي هئي ڳالهه، ڪيئن اچي ٿي اظهار!

پاڻان ٿي پيئي پڌري، ناول جيئن نروار،

مشهور ٿيو مردن جو، سنڌ ۾ سماچار،

صوفي، صاحب تڙ چوان، پنجوئيءَ ۾ پچار،

ڊيٻو ۽ ڍورو نارو، پيئي ساڍر اها سنڀار،

ساڀو، ڪونجيلي، ٻيرچن، هاڙهه اندر هونگار،

جاگير، مانڌل، ماکيارو، ٿي کاروڙي کينڪار،

ٻانڌو، ڇور، ٽيڀري، ننيهن ۾ نروار،

سينهوئيءَ ۾ سٽڪو ٿيو، اهريءَ جي آڌار،

ٻهڙائيءَ ۾ ٻروچن جي، پيئي وڃي پچار،

ساريٽي ۽ سونپور ۾، ڪائٿ اها ڪوار،

ڀڏيلي، بودرفارم، پيو ڏگوءَ ۾ ڏهڪار،

وهرو، جانهيرو، کيجراڙي، چيلاڙي چوڌار،

چيلهه، نبي سر، ڪنري، ٿي نهٽي ۾ نروار،

سرو، لاڙ، وچولو، نارو ۽ ٿر سنڀار،

ڪَرُو، پٻ، ڪارونجهر، هاڙهو ۽ هالار،

مٺي، ڇاڇرو، ڏيپلو، ٿي ننگر ۾ نروار،

عمرڪوٽ، سامارو، ڊگهڙيءَ پاسي ڪيائين ڍار،

جيمس آباد، کپرو، ميرپورخاص ٿي سانگهڙ

پاس پچار،

دادو، نواب شاهه، خيرپور، ٿي سکر پاس سڌار،

جيڪب آباد، لاڙڪاڻو، منجهه ڪراچيءَ ڪوار،

حيدرآباد سنڌ ۾، هلي اها هونگار،

پنجاب، پاڻيپٽ ۾، پيئي اها پچار،

بڙودي، بنگال ۾، بيڪانير ۽ بهار،

جوڌپور، جيسلمير ۾ اڌيپور آڌار،

دهلي، دکن، مدراس ۾، منجهه آگري اسرار،

آسام ۽ برما ۾، ڀوپال منجهه بسيار،

چين، جپان، جاوا ۾، سائبيريا سنڀار،

سمرقند، بخارا، ڪابل ۽ قنڌار،

اصفهان، عراق ۾، عرب ۾ ان پار،

مڪي مقدس ملڪ ۾، طائف ۾ تڪرار،

ترڪي، استنبول ۾، مصر ۾ ميار،

حلب، حبش، حوران ۾، جدي ۾ جنسار،

ايشيا، يورپ ۾ پيئي اها پچار،

آسٽريليا، آمريڪا، منجهه آفريڪا اسرار،

جنَّن، ماڻهن، ديون ۾، پيئي پَرين منجهه پچار،

حيوانن، مڇين ۾، پکين ۾ پوڪار،

ڳالهه اها ڳائين پيا، پپيها ۽ پرمار،

چِٻون، چيها، چمڙا، چَتُن ۾ چينگهار،

آڙيون، ابابيل ۽ جهرڪن ۾ جهونجهار،

چنڊول، مور، موسڙا، ليلن ۾ للڪار،

بلبل، بدڪون، باز ۽ پيئي پکين ۾ پچار،

هُما، هنجرون، هنج ڪئين، هُد هُد لک هزار،

ڪانگ، ڪبوتر، ڪٻرون، ڪونجن ۾ ڪوڪار،

ڳجهون، ڳيرا، ڍينگ ۽ ڊيلون ڊوڏ سنڀار،

سانهيون، سرڻيون، شيهڻيون، سانباها پڻ سار،

ڳڻي ڳڻيان ڪيترا، ٿيا مرغ بيشمار،

ڳائين ڳالهه اها پيا، جملي جاندار،

ته مرد وڙهيا ٿي پاڻ ۾، جنگ ڪري جهونجهار،

هڪڙو تاءُ تراڙين جو، ٻيو ڪاڙهو ڪارونڀار،

ڪلر تتو، تاءُ ٿيو، ته به مڙيا نه موچار،

شاباس اهڙن مردن کي هجي هزارين بار،

ڀلي ڳائجي ڳوٺن ۾، تن سورهين سماچار،

جوڙيو مون جوش مان، تڏهن ڪري تڪرار،

سچو قصو سيگهه مان، ٿيو ترت تيار،

اسان گهٽايو ڪينڪي، قبوليندو ڪلتار،

جو مالڪ ملڪن جو ڌڻي، ڏينهن جو ڏاتار،

جو ماري جياري سڀ کي، آهه صانع ۽ ستّار،

ويهين تاريخ شعبان جي، مون ويهي ڪيو ويچار،

هئو ڏينهن جمعي جو، ڀلارو بسيار،

تيرهن سؤ چوهٺ جو، سهڻو سنه سنڀار،

جڙي قصو راس ٿيو، اڳينءَ جي آڌار،

هاڻ ڪندو ڪرم ڪل تي، ملڪن جو مختيار،

بخشيندو ”بلوچ“ چئي، سو ڳتل گنهگار،

قبوليندو ڪرم سان، دعائون دلدار،

محابي مرسل مير جي، جو مڙني کان موچار،

سبب سيّد سردار جي، ڇٽندا عاصي عيبدار،

ٿيندا ساڻي سڃ ۾، چوکا چارئي يار،

پاڪ پنجن تنن جو، آءٌ درس ڪندس ديدار،

ٻيو ناهي اجهو آسرو، آءٌ آهيان عيبدار،

ڪلمي جي آڌار، ڇٽندا سڀ ڇيهن کان.
 

* هيءَ روايت اُتر (تعلقي وارهه) مان غلام رسول جتوئيءَ کان ملي.

ڪريم بخش ولد قبول خان چاچڙ، ڳوٺ ڄام سونهارو چاچڙ تعلقي ڪنڌڪوٽ ۾، سنه 1348هه/ فيبروري 1930ع ۾ ڄائو. سنڌي فائينل تائين تعليم وٺڻ کان پوءِ تعليم کاتي ۾ نوڪري ڪيائين ۽ هن وقت پرائمري ماستر آهي.

(1) سب ڊويزن آفيسر.

* هيءَ روايت خود شاعر جي زباني قلمبند ڪئي ويئي.

سوانح عمريءَ لاءِ ڏسو حاشيہ ص 69.

(1) دَلن جو تڙ. (2) ڳوٺ جا چڱا مڙس ۽ ان ۾ رهندڙ ذاتيون؛ آجباڻي = آجب پٽ مصري لاکو دل، ڳوٺ جو چڱو مڙس ۽ زميندار هو. (3) آجب جو پوٽو، جو حال حيات آهي ۽ يونين ڪميٽيءَ جو ميمبر آهي. (4) جمعو پٽ دل لاکو، اڃا حيات آهي. (5) سومار پٽ ايوب دل، حال حيات آهي. (6) ايوب دل، سومار جو پيءُ، جنهن رات ڏينهن مسجد جي خدمت ڪئي، وفات ڪري ويل. (7) عَلو پٽ هارون لاکو دل، گذاري ويو.

حاصل فقير ولد فضل وسائي پوٽو چانڊيو، اسلام ڪوٽ ضلعي ٿرپارڪر کان ڇهه ميل ڏکڻ طرف ’کاکڻهار رحم علي‘ ۾ سنه 1331هه/ 1912ع ۾ ڄائو. سنڌيءَ جا فقط ٽي چار درجا ۽ قرآن شريف جو هڪ سيپارو پڙهي، ٻڪريون چارڻ لڳو. باقي قرآن شريف ٻڪريون چاريندي ئي پڙهي پورو ڪيائين. نهايت ئي خوش طبع ۽ گفتي جو ملوڪ آهي. ڪلام گهڻو ئي چيائين، جن مان سندس پيشنگوئي جا بيت ۽ زماني جي حالت تي چيل بيت مشهور آهن.

(1) سنه 1999 سنبت: هندو دڪاندار عام طرح پنهنجو حساب ڪتاب سنبت سنه ۾ لکندا هئا، سنبت ٻهراڙيءَ ۾ عام مروج هو، تنهنڪري حاصل فقير به اهو سنه ڪم آندو آهي.

(1) سوئڪو: هڪ سؤ (يعني سنبت 2000). (2) ريجو = ريزو، ريزگاري.

(1) انگريز ۽ جرمن واري ٻي عظيم جنگ.

* هيءَ روايت اُتر (تعلقي ميرپورماٿيلي) مان محمد حسن ”مشتاق“ کان ملي.

عزيزالله ڪلهوڙو ولد ملا عبدالرحيم، پني عاقل کان هڪ ميل مفاصلي تي ’بچو ڳوٺ‘ جو رهاڪو آهي. 28- مئي 1917ع ۾ ڄائو. سندس وڏا نهايت ئي برگزيده عالم ٿي گذريا آهن. ننڍي هوندي عزيزالله پنهنجي ڀاءُ عبدالقادر سان گڏ فارسي ۽ عربيءَ جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ’ٺيڙهيءَ‘ جي مدرسي ۾ داخل ٿيو. جتي ٻئي ڀائر تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ انگريزي حڪومت خلاف سرگرم رهيا، جنهنڪري عبدالقادر گرفتار ٿيو. ان بعد عزيزالله به ڌاڙا هڻڻ لڳو ۽ ’اجنو ڌاڙيل‘ جي نالي سان مشهور ٿيو. آخرڪار 1944ع ۾ گرفتار ٿي سزاياب ٿيو. آزاد ٿيڻ بعد ميان حمادالله هاليجوي جي صحبت ۾ درويش صفت بنجي ويو. هن وقت پنهنجي ڳوٺ جي مسجد جو پيش امام آهي ۽ غريبي حالت ۾ زندگي گذاري ديني خدمت انجام ڏيئي رهيو آهي. سندس ڪلام گهڻوئي چيل آهي.

* هيءَ روايت ٿرپارڪر (تعلقي عمرڪوٽ) مان ”معمور“ يوسفاڻي کان ملي.

محمد صديق ولد ماڻڪ خان بنگلاڻي سنه 1904ع ۾ ڳوٺ کاروڙو تعلقي عمرڪوٽ ۾ ڄائو. سندس پيءُ صوبيدار هو جنهنڪري هن کيس تعليم ڏيارڻ جو چڱو بندوبست رکيو، پر معمولي تعليم کان وڌيڪ حاصل ڪري ڪين سگهيو. سندس اڪثر ڪلام هجويه ۽ واقعاتي آهي، جو سنڌي ۽ سرائڪي ۾ چيو اٿس. 23- جون 1959ع تي وفات ڪيائين.

(1) ڪَچاري = ڪچهري، رهاڻ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org