ڌؤنرن هڱورن
جي مسجد جو جڙڻ
(چيل حاصل فقير شر)
[ڏهين صدي هجري ۾، ڳوٺ ڌؤنرن هڱورن (تعلقو
حيدرآباد) ۾ هڪ سيّد هارون شاهه نالي رهندو هو، جو
غريب هو ۽ ڇڪي تاڻي گذر ڪندو هو. چون ٿا ته اتفاق
سان هارون شاهه پارس لڌو جنهن سندس ڏينهن ئي
بدلائي ڇڏيا. ڪڏهن ته پورو کائڻ لاءِ ڪونه هوندو
هوس، پر پوءِ نوڪر چاڪر، توشاخانا، ترارون، گهوڙا
گهوڙيون جام ٿي ويس. لنگرخانا هلي ويا، جن ۾ اوي
سوي پيو کائيندو هو.
هڪڙي ڏينهن هارون شاهه پنهنجي ڳوٺ ۾ مسجد جوڙائڻ
جو ارادو ڪيو. بس رڳو ڳالهه ڪرڻ جي دير هئي. ڪمي
ڪاسبي اچي گڏ ٿيا. سرن ٺاهڻ لاءِ سؤ چاليهه سر بند
آيا. سؤ سٺ اوڏ پنهنجن ڍڳن ۽ گڏهن سان اچي گڏ ٿيا.
انهن کان سواءِ هاري ناري ۽ ٻيا ڪمي ڪاسبي اچي
ويا. انهن سمورن جي رهڻ جو بندوبست هارون شاهه پاڻ
ڪيو. ڪمين ڪاسبين جي وهنجڻ لاءِ پنڌرهن سؤ مڻ ميٽ
۽ تيرهن سؤ مڻ تيل ۽ خوشبوءِ جا آيا. کاڌي پيتي
لاءِ اَنّ اَٽي کان سواءِ ارڙهن سؤ مڻ مُستيءَ جا
۽ اڻ مَيو گيهه آيو. ڳچ ڏينهن کان پوءِ مسجد جُڙي
راس ٿي ۽ سڄي ملڪ ۾ هن عاليشان مسجد جي هاڪ پئجي
ويئي. ان زماني ۾ سنڌ اندر انهيءَ قسم جي ٻي ڪا
مسجد ئي ڪانه هئي. اها مسجد شڪسته حالت ۾ اڃا
تائين ٽنڊي فضل لڳ، ڌؤنرن هڱورن جي ڦٽل ڳوٺ ۾
موجود آهي ۽ عمارت سازيءَ جي لحاظ سان هڪ بهترين
آثار آهي. شاعر هن مسجد جي جُڙڻ بابت ڏهين سن
ڏانهن اشارو ڪري ٿو جو تحقيق طلب آهي.]
سارهه ڪريان ٿو سبحان جي، جنهن جوڙي جوڙ جبار،
’ڌؤنرن هڱورن‘ جا اچي سيل ڏٺم سَئُنۡسار،
جامع! اُنهيءَ جُڳ جي، تون ڏي مون کي خبر چارَ،
اُهي ڪامل ڪير هئا، جيڪي ديهه مٿي دهدار؟
اُٿي ڪر اظهار، ته مسيت مون کي معلوم ٿئي.
ڪير آهين، ڪيڏهون وڃين، ڪهڙا پڇين ٿو پار؟
ڪهڙيون پُڇين ٿو خبرون، ڪهڙا ڪي آچار؟
وڃ مسافر ماٺ ڪري، پرس پنهنجي ڏانهن پار،
ڏس نـــــالــــــــو ناليدار،
ذات زمات
پانهنجي.
آهيان شر شرع جو، جيڪا جوڙيم ذات جبار،
”حاصل“ نالو منهنجو، ڏاهه سندو ڏاتار،
آهيان اُمتي نبيءَ ڪريم جو، سام سچي سردار،
آهيان گڏائتو غوث جو، پر عليءَ جي آڌار،
او! ڏَس ڪارڻ ڏاتار، تو وٽ راجا ڪير رهي ويا؟
راجا سي به رهي ويا، ويهه سڻايائين پارَ:
’ڏهين سن‘ هن ڏيهه تي، هئا ديهي سڀ ديهدار،
جن مون کي جوڙايو، ڏيئي لک هزار،
هئا سيد سڦرا ڪامل ڪلان دار،
کٿوريءَ خوشبوءَ جا هوءَ هئا هٻڪار،
تن وٽ گلم غاليچا، پلنگ پٿرڻيون، طول ويهاڻا،
سيج هندن سينگار،
تن وٽ ناچن نؤچن ناچ ڪئي، ٻڌي ڇيرين جا ڇمڪار،
سونا ڏينڀو سينڌ ڦل، هُئن لڙهين لال ڪنار،
بازو بند برهه جا، چوڙا به چمڪيدار،
اڃا بنگلي پريان ڏس بَٺيون چمن کي چوڌار،
هئا نغن نغاري جا ڌڻي، سخي شاهوڪار،
جن جي اَٺ ويهان اوطاق هئي، جا جُڙ سان جنسار،
عطر اوطاقن ۾، يار ڏين کي يار،
ان کي علي شاه انعام ڏنا، ڏنن پئي ڏاتار،
هئي هڪل شاهه هارون جي، زمين توڙ تنوار،
هن جي اڳيون سَئيس سَنڀيل هئا، خاشا خدمتگار،
هن سان ڪئين چڙهندا هئا ڪيترا لشڪر لک هزار،
طرحين تازي تن جا هوند ڏسين هيڪار،
تن وٽ بور، ڪميتان، ڪاهيون، گرڙيون، روجهون،
مڪڙيون، سمندان، سرخيون، اهڙيون گهوڙيون،
ڏنگيون ڏوڙيون، ڀل ڀلوڙيون، وڳ وڳوڙيون،
ساڍ ستوڙيون، ساوا نيلا، ڪنڍا ڪاڇي، هلڙ،
مهري، سر سونهري، دست بحري، ميناڪاري،
تن تي چڙهي ڪندا هئا شاهه شڪار،
تن وٽ ٻيلي ٻانها، کٽ خزانا، توشاخانا، گولا
گاهيا، چاڪر چوڪيدار،
تن وٽ انّ اٽولا، کٽون کٽولا، پَهَل پٽولا، هنڌ
رتولا اوڇڻ اڪيچار،
تن وٽ تانُ تراڙيون، بان بندوقان، لسا لاريون،
ڪوٺيداريون، ڪمر ڪٽاريون، بڙڇيون سانگون،
ڪئين ڇڇڪانيون اهڙا هٿ هٿيار.
پوءِ جامع جوڙائڻ جو ڪيو سعيو اچي سردار،
ست ويهان سؤ سِربند هئا، خاصا خبردار،
اٺ ويهان اوڏن گڏ ٿي، بيلن سان بسيار،
تنهن وٽ هاري ناري، بٺ بيڪاري، ڪمي ڪاري،
ڪئين ڪوڏاري، هئا اتي ڪيچار،
پوءِ لکڻ واري لکيا، خرچ خزانا ڌار،
پنڌرهن سؤ مڻ ميٽ هو، مرچون چار خزار،
تيرهن سؤ مڻ ٿيل هو، پريو پَنڙيدار،
ارڙهن سؤ مڻ مُستي هئي، گيهه ته گڏيچا ڌار،
پوءِ جامع جُڙي راس ٿي، اچي پيا ڏيهن ۾ ڏهڪار،
ڏيهه تماشو ڏسڻ آيا، جامع جا جنسار،
تنهن کي چاڙهيون چِيلان، سونيون نيلان، پڙهن
نمازون،
ڪيون صفيلان، سي دانهه ديندار،
تنهن ۾ هڪڙا مُلا قاضي، نيڪ نمازي، ٻيا خاصا
کٿابي، چؤڏس هئا چوڌار،
سيّد سڦورند، مور مصر جا، لال ڪبوتر، هئا ڪامل
ڪلادار،
سي وڃي ڪاڪ ڪنڌيءَ ٿيا، ڇڏي دار مدار،
ڪلمي جي آڌار، رسيا ميڙي محمد ڄام جي.
ڇَڇَلي واري مسجد جي نئين سر اڏاوت
(چيل رب رکيو جَت جيئنداڻي)
[سوا سؤ سال کن اڳ ’ڪَڇ ڀُڄ‘ جي ’ٻني‘ علائقي ۾
سخت طوفان لڳا ۽ مينهن به گهڻا وٺا، وري مٿان سمنڊ
جي زوردار وير چڙهي، تنهن سڄي ملڪ کي ٻوڙي ڇڏيو.
ڇَڇَلي نالي ڳوٺ تي پڻ انهيءَ ٻوڏ جو اثر ٿيو، سڄو
ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏي ويو. کوهن جو پاڻي کارو ٿي ويو.
رستا ٻڏي ويا ۽ ٻنيون تباهه ٿي ويون. ماڻهو لاچار
ٿي ڳوٺ ڇڏي، پنهنجو سامان سڙو اٺن تي لڏي، ڀر واري
علائقي ڏانهن هليا ويا. انهيءَ ڳوٺ ۾ جهوني زماني
جي هڪ جامع مسجد بيٺل هئي، جنهن کي به پاڻيءَ ڏاڍو
نقصان رسايو. ڀتيون ۽ منارا سڀ شهيد ٿي ويا، باقي
ڪو وڃي محراب جو ٽڪر بچيو. اها حالت ڏسي ’سڪريي‘
نالي هڪڙو شڪاري، انهيءَ مسجد کي پنهنجو گهر ڪري
ويهي رهيو. مِرون وغيره جيڪي شڪار ڪري آڻيندو هو
سي اچي محراب ۾ ٽنگيندو هو.
سال کن کان پوءِ، جڏهين ٻوڏ جو پاڻي لٿو ۽
ماڻهو وري پنهنجي ماڳ تي موٽي آيا، تڏهن مسجد جي
اهڙي حالت ڏسي، دل کولي ان جي اڏاوت لاءِ پيسا
ڏنائون. ’ڀڄ‘ مان سيلاوٽ گهرايا ويا جن پٿر جي ٽڪ
جو ڪم ڪيو. جيسلمير مان خاص قسم جو ڪاٺ آيو ۽ مسجد
جي اڏاوت شروع ٿي. انهي کان سواءِ راڌڻپور جي
سردارن به مسجد جي اڏاوت لاءِ ڪافي مدد ڏني. ٿورن
گهڻن ڏينهن کان پوءِ مسجد ٺهي تيار ٿي، جا اڄ
تائين قائم آهي. شاعر رب رکيي مسجد جي نئين سِر
اڏاوت کي هيٺينءَ ريت ڳايو آهي.[
الله جلّ جلالہ، صاحب ربّ ستّار،
مسيت! محبوبن جا، مونکي پڪا ڏئينم پار،
ته ڪيڏانهن ويا قريب، منهنجا ونهيل ۽ وانڍيار،
ڪَرا، تسبيحون ڪين ڏسان، تو وٽ تنهين وار،
مُلان هن ماڳن تي، هئا عامي عملدار،
خٿابي خميسون پنندا هئا فائق فريهن دار،
نوري نيڪ نمازي هئا جوڙ ڀليءَ جنسار،
سدا هئي سبحان جي، وحدت وارو تار،
هئن مُنهن مصحف ۾، ساري سڀ ڄمار،
نه سي قاضي، نه سي مفتي، نه سي شائق شريعتدار،
نڪي خطيب، نڪي خطبا، نڪا پڙهڻ پچار،
مونکي پڪا ڏئينم پار، ته منهنجا ڪيڏنهون
خان کڻي ويا؟
چي فقير! تنهنجا خان کڻي ويا، سانجهه سويرا،
هڪڙيون لٽون لڳيون، ٻيا ٿين کوهه کارا،
ترت موڪليئون تڪڙا، نيهنڊُو نهارا،
وجهي بار بوتن تي، اوڏانهن ويا مانجهي متارا،
چانگن سر چڙهي ويا لائق لڄارا،
جان ڪي ڏيان جيءَ کي آءٌ ٻَنا ۽ ٻارا،
ته ڊهي سڀ ڊها ٿيا مسيت مُنارا،
يا ربّ! ڪنهن سين نه نِبهينۡ ڀليءَ ڄمارا،
هڪيون پاڻي پالوٽين ڪيون، ٻيا گسن ڪيا گهارا،
سُور ’سڪريــٖــي ميءَ‘ جا، مون کي آهن
اندر اَپارا،
جنهن مرون رکيا محراب ۾، قارونيءَ ڪارا،
ڏســــــــــو جا
ڏڦــــــيــــــــــــــر ڪـي، ٻڌي
بيشمارا(2)،
وره وِهايان راتڙي، آءٌ تڪيندي تارا،
آءٌ ٿي گهنگهر گهاريان، دوستن ريءَ ڌارا،
هڻي ويم هٿن ســٖــين، نيهن جا نظارا،
جانب ايندم جوءِ ۾، منهنجا سڄڻ سوڀارا،
اڏي اوتارا، مانَ ويهن مون وٽ اچي!
مانَ ويهن مون وٽ، اچي جَت جوان،
اوتارو عاشق جو، پڇي وڃج پاڻ،
پانهه پير! انهي ”جت“ کي، منهنجا ڏج اهڃاڻ،
ڳالهِينۡ آهن ڳجهه جون، ساجن! توهي ساڻ،
اچڻ سان اسان جو، پڪو ڪج پرياڻ،
ڇيل تنهن ڇڇلي تي، ڪريون روح رهاڻ،
ساڻيهه ۾ سک ٿيو، وري ٿي وراڻ،
لٿو ڏيهه تان ڏاڻ، جڏهن عالم سڀ آباد ٿيو.
عالم سڀ آباد ٿيو، لٿو ڏيهه تان ڏن،
مينهن مانڊاڻا ڪيا، مٿي مڙن ملڪن،
لاٿو ڏڪار ڏيهه تان، وسي وڄڙين،
گسن گل ڦل موريا، رِهۡه ۾ ڪي ريلن،
جت ڏينهن ڏَڻ کانئيا، بادل اُت برسن،
جهجهو ٿيو ”جت“ چئي، پاڻي پاڪ پٽن،
حڪمت ساڻ حڪيم جي، ٿيا ساوا گاهه سيمن،
ايءَ سڻيندي ڳالهڙي، ڪِيو سعيو سنگهارن،
وري ملنداسين وطن ڏي، ڏاڏاڻي ڏيهن،
مڙي ويٺو مارڪو، ڪِي مصلحت ملوڪن،
ڪڍي پاڃوڙون پٿرين تي، چڱيون
چوڙيلين،
مايون مصر پَٽ جئن، ٿيون نهڻي
ساڻ نُهن(2)،
ترت وڌائون تڪڙا، مٿي بار بوتن،
جانب گڏيس جوءِ ۾، ٿيو تازو ئي تن،
مهند ڪنداسين مسيت جي، ٻيون ڏيئي ٻن،
راجا راڌڻپور جا، ٿا سـٖـيلاٽِي سُونهن،
باري ’ڀڄ‘ شهر جا، شل الله! اوڏَ اچن،
اچي ڪيو منڊل مسيت تي، ايندي تن اوڏن،
اٿياري اڀي ڪي، کَڙي تن خانن،
جهڙي وَنڪ وڄ جي، تهڙيون سفيليون سونهن،
لايو رنگ ”رب رکيو“ چئي، ٿنڀن ۽ ٿوڻين،
سهڻي سر کنڊ ڪاٺ جا، وڌا در دوسن،
اڏي مسيت، لٿو اوسيڙو، ٿيون واڌايون وڙڪن،
جمعا اتهين ”جت“ چئي، ٿا پارس منجهه پڙهن،
ڇيل تنهن ڇڇلي تي، ڪيو ميڙائو ماڻهن،
جَتن سنديءَ جات جو، تون پرور رکين پَن،
اُميدون اوٺين، کڻي پرور سڀ پڄائيون.
درياءَ جي
اٿل
(چيل جلال وو گهڙ)
[تيرهين صدي هجريءَ جي آخري ڌاري، ملڪ ۾ ساندهه
ويهارو سال کن برسات نه پيئي. سيد شاهه مردان
شاهه، بڪار جاگير جي جاگيردار، فقير جلال کي طعني
طور چيو ته: فقير! ٺلهي ڪلام چوڻ مان ڪهڙو فائدو؟
ربّ کي ستاءِ ته ڪو سڪار ٿئي. فقير خدا کي سوال
ڪيو. قدرت سان انهي سال بدي جي مهيني ۾ اهڙيون ته
برساتون پيون جو چئني پاسي پاڻي ٿي ويو. مينهن جي
ڪري درياءَ جي پاڻي ۾ به چاڙهه آيو ۽ پاڻي بند ڀڃي
اُٿل ڪئي. مسو واهه ۽ ٻلهاري واهه، اهڙو ته ڦوڪجي
ويا جو انهن ۾ سيڻاهن سان لنگهندي به ڊپ ٿي ٿيو.
گهگهه ۽ نارو واهه به تار وهڻ لڳا. ٻانڌي، لانگهي،
اريڙي، وِڍُرَ، ۽ ويراءُ ڳوٺ ۽ ديهون سڀئي ٻڏي
ويون، تڏهن به درياءَ جي اُٿل جيئن پوءِ تيئن زور
ٿيندي ويئي. ٻوڏ ڪڪورجي، ڀاڳلي، براهيم جو ڳوٺ،
لنجاري، گوگڙو، بوهي، سيراول، ۽ دُبرئي ڳوٺن ۽
ديهن کي به ڪافي نقصان پهچايو. چڻکي ۽ ڏگهڙ، جهڙا
پراڻا ۽ سڪل ڍورا به وري وهڻ لڳا. نيٺ بڪار جو سڄو
علائقو ٻڏي ويو.
جڏهن پاڻي لٿو تڏهن ڪيترن هنڌن ڍنڍون بنجي ويون،
جن ۾ تمام گهڻي مڇي ٿي. چؤطرف ساوڪ ۽ سبزي ٿي
ويئي. سڄي ملڪ ۾ وري سڪار اچي ويو.]
ڀلو نانءُ ڀلي جو، جنهن ڀلي ڀلايو ڀال،
مالڪ آنءِ ملڪن جو، تون سائين! مڃندين سوال،
ٿوڻي ٿاڪ ٿڪن جو، تون آنۡ پارس پرور پال،
اَجهي تنهنجي آسري، هي ماڻهو سڀئي مال،
پرور! پاڻيءَ مان پيدا ڪيئي، تو رند ڀري رهوال،
ويو ڏولائو ڏيهه مان، قادر لاٿو ڪال،
جڏهن بازيون ٿيون برحال، تڏهن آيو اوج عجيب کي.
آيو اوج عجيب کي، اچي ڪيائين سَمَن ۾ سيريون،
چڙهيو سانوڻ سارنگ سيج تي، ڪري ڀن بدل ڀيريون،
آئي موج مهراڻ کي، وجهي ٿو ڪن ڪپر ڪيريون،
بڊي باتيون برسات جون، نازڪ نبيريون،
ڪجل ڪڪوريون ڪامڻيون، سي منهن ڌوئن ميريون،
جنهن جا ڏيهن ڏاج سينگاريا، سي آهن ڇپر ڇڳيريون،
پوءِ مرڪن منگهيريون، جن ماڳــٖــين مٽ ولوڙيا.
جن ماڳين مٽ ولوڙيا، اچي گهر گهر لڳن ڀاڳ،
نڪتا بحر بگي مان، جنهن والي ورائي واڳ،
ٿيون آهن موڪان ملڪن ۾، جهر جهنگ جهوڪان جهاڳ،
پوڻي گل ڪڪوريا، لوڙهه لنگهي ڏس لاڳ،
ڪيئي مور، منگهه، منگتا، ڪيئي رونشا رانديون راڳ،
ڪيئي بکيڙا بازر ۾، سايون، سرها ساڳ،
ڪيون دعائون ديرن ۾، ٿا لکين اڳاڙين لاڳ،
ٿيون آهن مبارڪون ماڻهن ۾، ڏسو ڀڙننگن کي ڀاڳ،
دورنگ ميٽي داڳ، جنهن اچي آتڻ اُجاريا.
جنهن اچي آتڻ اُجاريا، ڪيو تنگ تنگي،
ٻوڙيائين ’ٻانڌيءَ‘ کي ’لانگهي‘ کؤن ته لنگهي،
چورنگ ٻوڙيو چنگ کي، ڪَري پرڙاٽ پنگي،
’مسو‘ ’مهاري واهه‘ کان لنگهن سيڻاهيا ته سنگي،
رهوال هليو ’آريڙيءَ‘ ڏي، ڀري جاري جرڙ جنگي،
’وڍُرَ‘ ۽ ’وَيراءَ‘ ۾، لاتو رنگ رنگي،
ماڻهن جا ماڳن تي، ٿيا آهن خالي کرڪ کنگهي،
تن جي جوڙج جُوءِ ”عبد جلال“ چئي، لاهه تبار تنگي!
هئي به دل درياءَ سان، آڻي عجيب انگي،
ڇر مان چاڙهين ڇپرٖين، ڪڍي آ درياء دنگي،
مان پئي توکان مهر منگي، ته ملڪ وساءِ مصطفيٰ!
ملڪ وسايو مصطفيٰ، کنيو پاڻيءَ پيل پَرو،
’آئِٿيءَ‘ کان اڳرو، ٿي ڇني نانگ ’نرو‘،
’گهِگهَه‘ نيهي ’ناري‘ جو، لهندو تانگهي ڪونه ترو،
ليٽ ته لالڻ پير جي، جنهن جو ٿيو آ اڃا ظاهر هڪ
ذرو،
’ڪڪورجي‘ ڪاهي وڃي ’ڀاڳلي‘ کي ته ڀريو،
بائليون اٿس ’براهيم جي ڳوٺ‘ کان، ڏيئي ٺينگ ٺرو،
لهريون اٿس ’لنجاريءَ‘ کان، جنهن جو هو ڍرو،
ڪيو آ جاڙين جود ”عبد جلال“ چوي، کنيو آ پاڻي پنج
نند پيل پرو،
ابتڙو ٿي اڳي وهي ويو، کوهن کان کرو،
’گوگرو‘ ٿو گسا ڏي، ’بوهيءَ‘ کي ته بُرو،
’سيراوَل‘ سٽي ڪري، لاٿو ’سوڙهيءَ‘ جو سور ٻرو،
’چڻکي‘ وهي ٿي چاهه مان، جنهن ڪيو ’ڏُگهڙ‘ کي ته
ڏرو،
دم دم دعا ڪيو ’دُبر‘ کي، اوهان مومن ٿي ته مرو،
ابليس آيو اٿو اوهان جي اڱڻ، گرفتار ته گرو،
جاءِ جنهن جي جهنم ۾ وڃي وٺندو تحت الثريٰ ترو،
لائي ذوق ذرو، وڃي رکيائين بحر ’بڪار‘ تي.
وڃي رکيائين بحر ’بڪار‘ تي، جتي ڏنيون ٻاڙيءَ پئي
ٻَڙيون،
’ڍنڍي‘، ’آرڪوهر‘ کان، ڪَنِ ٿا ڪُنَ رڙيون،
ڪَڻڪُن ڪين گهٽايو، ڪري ڳاهه ڳڙهيون،
سوين مڻين ’سڱرار‘ ۾ ڏين ٿا ڌَڙ ته ڪيئي ڌَڙيون،
وهڻي هئي جيڪا وهي ويئي، وئي فرحيءَ کي ڦڙهيون،
مارن ميهه مڇيءَ کي، هڻن ڇَڙ ۾ ڇوٻَ ڇڙيون،
ڪڏهه ڪو ڪولابَن ۾، ٿا لائن دنگ دڙيون،
مڪ، مڇي، دُوءِ، دَرا، ڏين ٿا ٻانڌن تي ٻَڙيُون،
ڪاٿي ڪاٿي ڪڪوريون ڪَٻَهُه جون ته ڪڙيون،
موڙا ميهاريون ڏين، جيڪي پيئن ڪاسن ۾ ڪڙيون،
پوياڙيءَ جو پاڻيءَ تي، چُونگارين ته چڙيون،
منهنجون به ’شاهه مرد‘ سان، لڳيون جيءَ جڙيون،
راضي ٿيو ’رنگپور‘ تي، جتي رِجيُون آهن تلهر تونگ
تڙيون،
ٻڌي رب رڙيون، اچي ملڪ رجائيو ’ريل‘ جو.
ملڪ رجائين ريل جو، مٿي ماڳ مڙهيون،
لاتائين ڀاڳ ڀٽن کي، جيڪي پني سُرڪيءَ کي سڙيون،
ڪلمون پاڪ پڙهيون، شل ويندا سي ايمان سان.
بَچي اِڇي جو مارجڻ
(چيل غلام حسين چانڊيو)
[اسي کن سال اڳ، ڳوٺ ”نصير اِڇو“ (لڳۡ دَنگ، تعلقو
سڪرنڊ) ۾ بَچو اِڇو نالي هڪ ڌاڙيل ساماڻو. جعفر ۽
حسن (ٻئي ڀائر)، سالو سِک، شهداد ٻلال، شيخو
حاجاڻو، ڦتن اُنڙ سندس ساٿي هئا ۽ پاڻ انهن جو
اڳواڻ هو. ”جبهندي پڪي“ محراب پُور واري ٻيلي ۾
هئي جتي سندن ٿاڪ هو. سندن دستور هو ته سيٺين
شاهوڪارن کي چوائي موڪليندا هئا ته فلاڻي ڪي فلاڻي
ڏينهن هيترا پئسا اسان کي ”جبهندين“ ۾ ڏيئي وڃو.
جيڪڏهن کين مقرر تاريخ تي گهربل رقم ملي ته
وهواهه، نه ته ڌاڙو هڻي مال هٿ ڪندا هئا.
بچو ڌاڙيل هن ڪري ٿيو جو هڪ ڀيري ٻڪريءَ جي چوري ۾
ڇهه مهنا ٽيپ آيس. آزاد ٿيڻ کان پوءِ جلدئي سڪرنڊ
۾ ڌاڙن ۽ ڦُرين سان باهه ٻاري ڇڏيائين. سرڪار هن
جي گرفتار ڪرائڻ لاءِ جيئندل شاهه (حسن بخش شاهه
جو ڏاڏ) ۽ مراد علي خان چانڊيي تي بار وڌو. جن وري
پار جي گائيچن کي گهرائي چيو ته: بچي کي وٺي وڃي
پنهنجي پاسي ڪنهن جبل ۾ ويهاري ڇڏيو. جڏهن اهو بار
گائيچن تي پيو تڏهن الله بخش گائيچي حرفت سان
بَچـٖـي کي خالي بندوق ڏيئي جبل تي چاڙهي ڇڏيو ۽
پوءِ پوليس کي آڻي بيهاريائين. هڪ بروهي پوليس
واري هڪل ڪري چيس ته: بچا! نڪري ٻاهر ٿي. بچو هڪل
تي ٻاهر نڪري آيو ۽ بندوق هنيائين پر بندوق هئي
خالي سا رڳو ٽڪ ٽڪ ڪندي رهجي ويئي. ايتري ۾ پوليس
واري جي گولي اچي چيلهه ۾ ٺڪاءُ ڪيس. بچي رڙ ڪئي
ته: گٿو آهين. اتي وري ٻي گولي لڳس. هن هڪدم
پنهنجي لونگي ڦاڙي چيلهه کي ٻڌي، بروهيءَ تي جلهه
ڪئي پر ٽين گوليءَ سان وڃي ڪِريو.
بچي جي بهادري ۽ گائيچن جي چغليءَ کي سگهڙ
غلام حسين چانڊيي هيٺينءَ طرح بيان ڪيو آهي.]
ساراهيان سچو ڌڻي، محمّد منهنجي مَن،
هڪل حضرت عليءَ جي سان، قلف ڪوٽ ڪرن،
اَچي پيئي اوچتي ڪلڪتي منجهه ڪن،
دانهون ديوانن جون، عريضيون به اچن،
ته ڪي سورهيه ٻجهن سنڌ ۾ گهليون گهوٽ هڻن،
هيڪاري هڻي ڪيا،
ويتر وڏيرن،
لُوئر داڙائي ٿيا، ڀَؤ نه
جهليو ’ڀوڀن(2)‘،
آڻي وير وٺائيو، هٿ سان حرامين.
گُرواري گُونهه ڪئي، گانڊو ’گائيچن‘،
هن جو نيهن به نوڙين سان، ڦاڙها ڦِڏ ڪُٽن.
اهڙا مور مري ويا، واڻ ڪير وَٽن،
اهڙي ’عبدالله‘ ڪئي، ٻي ’چاڪر
رند‘ چون(3)،
تو به پڙ ۾ پاواڙا ڪيا، دودي جئن ديمن،
تو جا سُرهي ساموهي(4)
ڪئي، سا اول جهلي ابڙن.
توکي سگهڙ ساراهيو پنهنجي، گفتا ”غلام حسين“ چئي
مشهور منجهه ملڪن،
پوءِ تنهنجي وئي وکن، اِهي ’اِڇا‘ سڀ اُجاريا.
مکيءَ جي حُرن جا مقابلا
[1857ع جي آزادي واري جنگ کان اڳ، جڏهن مغليه
حڪومت ختم ٿي، تڏهن مهاراشٽر ۾ مرهٽن ۽ پنجاب ۾
سکن پنهنجون پنهنجون حڪومتون قائم ڪيون. ارڙهين
صديءَ ۾، سکن پنجاب فتح ڪري اُتر اوڀر ڏانهن
ڌوڪندي وڃي پشاور فتح ڪيو. اها صورت حال ڏسي،
مجاهدِ اعظم سيد احمد بريلوي اُٿيو ۽ سکن خلاف
جهاد جو عَلَم کڙو ڪيائين، ۽ پنهنجي رفيقن جي
جماعت سان گڏ، دهلي کان پشاور روانو ٿيو. جيئن ته
اُن وقت پنجاب سکن جي قبضي ۾ هو، تنهن ڪري سيد
احمدؒ راجپوتانه کان ٿيندو سنڌ ۾ پهتو. حيدرآباد
شهر ۾ ٽالپور حڪمرانن، انهي مجاهد مهمان جو شايانِ
شان آڌرڀاءُ ڪيو ۽ سندس مهماني ته جهلي پر سندس
مدد ڪرڻ کان ڪيٻايو ڇاڪاڻ ته متان رنجيت سنگهه سنڌ
تي حملو ڪري.
سيد احمد حيدرآباد مان سڌو اُتر سنڌ ڏانهن ويو.
جتي هن پير پاڳاري سيد صبغت الله (تجر ڌڻي) بن
حضرت محمد راشد (روضي ڌڻي) سان ملاقات ڪئي. پير
پاڳارو به حريت پسند هو، سو هن سيد احمد بريلوي
سان پورو اتفاق ڪيو ته سکن جي خلاف جهاد ڪرڻ جائز
آهي ۽ مسلمانن کي سکن جي غلامي کان آزادي ڏيارڻ
لازمي آهي. انهيءَ خيال هيٺ پير صاحب پاڳاري، سڄي
سنڌ ۾ هڪ تحريڪ هلائي، مسلمانن کي جهاد جي ترغيب
ڏني، ۽ پاڻ هڪ درزين جي جماعت کي سڏائي، مجاهدن جي
جنگي ويس ٺهرائڻ جو حڪم ڏنائون. نيٺ پنهنجن مريدن
۽ محبن جي هڪ جماعت ٺاهي کين سيد احمد بريلوي سان
گڏ روانو ڪيو، انهيءَ جماعت کي ”حُر“ نالو ڏنو
ويو، جنهن جي معنيٰ آهي ”آزاد“.
پير صاحب پاڳاري، حُرن جي جماعت سيد احمد بريلوي
سان گڏ اُماڻي، پاڻ سنڌ ۾ سندن مدد لاءِ ترسيو.
پير صاحب پاڳاري ۽ سيد احمد بريلوي جن جي سڏ تي
ڪيترائي عالم ۽ فاصل حُر جماعت ۾ شريڪ ٿيا، جن مان
هڪ عالم قاضي عثمان سنڌي پڻ هو، جو شوڪانيؒ جي
شاگردن مان هو.
سيد احمد انهي جهاد ۾ ڪيتريون ڪاميابيون حاصل
ڪيون، پر آخرڪار ذوالقعد 1246 هجري ۾ غدارن جي
هٿان شهيد ٿيو. ان کان اڳ پهرين رمضان 1246 هجري
تي پير صاحب پاڳاري وفات ڪئي هئي گويا سيد احمد
شهيد جو زور بازو ڀڄي چڪو هو.
بهرحال حُرن جي پهرين تحريڪ، آزاديءَ جي جنگ هئي.
سنڌ مان حُرن مجاهدن جي دستن جو جهاد لاءِ وڃڻ
وارو واقعو (29- 1830ع)، ان وقت هندستان ۾ انگريزن
جي اُسرندڙ حڪومت کان ڳجهو ڪونه هو. انهي ڪري جڏهن
تيرهن ورهيه کن پوءِ انگريزن سنڌ تي غاصبانه قبضو
ڪيو، تڏهن پير پاڳاري جي خاندان کي خاص طور اک ۾
رکيائون. انهيءَ ڪري ئي پير صاحب پاڳاري جناب حزب
الله شاه (1847- 1890ع) جي وقت ۾ حُرن توڙي عام
جماعت جو رخ ڦري انگريزن جي خلاف ٿيو ۽ انگريزن
خلاف نفرت جو اهو جذبو آخرڪار 1896ع ۾ ”حُر تحريڪ“
جي صورت ۾ ظاهر ٿيو.
پوليس جي سازش
سانگهڙ جي مکيءَ جون مينهون خيرپور رياست طرف
ڪاهجي ويون. هتان هندن جي زور بار سان رضامحمد
صوبيدار، ڪارو سپاهي کي چاڙهي موڪليو ۽ هو رياست ۾
ڇٽل ڀرڳڙي زميندار وٽ مينهن موٽائڻ لاءِ ويا. ڇٽل
همت وارو هو سو مينهون ته ڪونه ڏنائين پر پوليس
سان به جٺيون ڪيائين ۽ اهي موٽي آيا. هاڻ هندن
توڙي پوليس جي عملي جماعت جي فقيرن کي استعمال ڪرڻ
چاهيو. خود پوليس جي وڏن آفيسرن ۽ ڪامورن جي سازش
هئي ته جماعت جي فقيرن کي اڳتي ڪري پوءِ انهن کي
اڙائجي يا پير صاحب تي بار آڻجي. انهيءَ خيال کان
جيڪي ڪجھ همت وارا فقير هئا تن کي رضامحمد گهرايو،
جن ۾ بچو خاصخيلي ۽ پير بخش وساڻ پڻ هئا. اڳ انهن
جو ڪوبه اهڙو ڦڏو فساد ڪيل ڪونه هو پر همت وارا
هئا. کين چيائون ته ”هٿيار ڪجهه اسين ٿا ڏيون، ٻيا
اوهين گڏ ڪريو ۽ ڇٽل ڀرڳڙي کان وڃي پلاند وٺو“.
خاص طرح سانگهڙ جي صوبيدار سڄو اهو بَن بنائي تيار
ڪيو. فقير حد جي صوبيدار جي خوشنوديءَ خاطر تيار
ٿيا. هتان ٻارهن ڄڻا گهوڙن تي چڙهيا. بچوءَ کي
پِير بنايائون ۽ پير بخش فقير وڏو خليفو ٿيو.
گهڙيال پاڻ سان کنيائون. انهي طرح بهانو ڪري وڃي
ڀرڳڙيءَ جي ڳوٺ ۾ لٿا. رات جو حملو ڪري وڃي
ڀرڳڙيءَ جي ڪوٽ ۾ پيا. کيس ڪونه ماريائون، باقي
پيسا زيور ڦريائون ۽ هڪ ٻانهن به کنيائون. جڏهن
مٿان اچي بار پيو تڏهن صوبيدار کين چيو ته ”مکيءَ
جو ٻيلو اوهان جي حوالي آهي، هاڻي وڃي پنهنجي همت
سان رهو“. انهيءَ طرح هڪ طرف فقيرن کي همٿائيندا
رهيا ته ٻئي طرف سندن خلاف سرڪاري ڪاروايون به
ڪندا رهيا. اتي فقيرن پنهنجي اڳواڻ بچوءَ کي ”پير“
جي بدران ”بادشاهه“ ڪري سڏيو ۽ پير بخش فقير کي
”وزير“ ڪري ڪوٺيائون. ”خميسي“ کي ڪوٽوال ڪري
ڪوٺيائون ۽ باقي ٻيا سڀ هن مجلس جا ميمبر ٿيا. بچو
قد جو پورو پُنو، رنگ جو ڳورو هو، سندس ڏاڙهي
گهاٽي، شهپر وڏا ۽ وار ٻٽوان هئا. پيرو قدآور ۽
همت ڀريو هو، ڏاڙهي ڇڊي ۽ مٺ کن جيڏي رکندو هو.
مهانڊي جو پڪو سانورو پر ملوڪ ڏسڻ ۾ ايندو هو ۽
وار ٻٽوان هوندا هئس.
ٻارهن ڄڻا ٻَهروٽيا
بچو خاصخيلي ۽ پير وساڻ جي همت ۽ جوانمرديءَ جي
هاڪ ٻڌي ساڻس ٻيا حُر فقير به اچي گڏيا، جي ڪل
ٻارهن جي تعداد ۾ ٿيا. هنن کي عام طرح ”ٻارهن
ٻَهروٽَيا“ سڏيو ويندو هو، جن جو تفصيل هن طرح
آهي:
(1)
بچو پٽ وريام ذات خاصخيلي ويٺل مٺڙائو تعلقو
سانگهڙ، جيئن ته هي پهريون حُر فقير هو جنهن حرن
جي اڳواڻي ڪري ’مکيءَ‘ کي پنهنجو مرڪز بنايو هو،
تنهن ڪري کيس ”بادشاهه بنايائون، جو پوءِ ”بچو
بادشاهه“ جي نالي سان مشهور ٿيو. پير صاحب جن جي
نظربنديءَ بعد، سندن اعلان تي سردار محمد يعقوب وٽ
سن 1898ع (؟) ۾ پيش پيو، جتان کيس گرفتار ڪري
”عِيسي ڏاهريءَ“ سان گڏ ميرپورخاص ڏياري
موڪليائون؛ جتي اسپيشل جج ”هارٽ ڊيويز“ مقدمو
هلائي کيس ڦاسيءَ جي سزا ڏني.
(2)
پيرو پٽ صالح فقير وساڻ، ويٺل ڪنڌو تعلقو سنجهورو،
”جهوڙي لئي“ وٽ سن 1898ع ’ليوڪس‘ سان وڙهندي مارجي
ويو.
(3)
تڳيو چانگ پٽ دوسو ويٺل سماٿري تعلقو سانگهڙ،
جهوڙي لئي وٽ 1898ع ليوڪس سان وڙهندي سِر ڏنائين.
(4)
گلو پٽ پريو موچي ويٺل ڳوٺ نظاماڻي تعلقو سانگهڙ،
جهوڙي لئي وٽ 1898ع ۾ ليوڪس سان وڙهندي سِر
ڏنائين.
(5)
ڀَلُو گلو ڳاهو ويٺل موجن تعلقو خيرپور ’مکيءَ‘ وٽ
غلام محمد جي گهٽ جي پريان ٽڪنبي (ٽڪنڊي) وٽ،
پنهنجن ٻن ساٿين مصري ڳاهي ۽ عثمان هڱوري سان گڏ
اچي ويٺو ۽ ’بچو‘ جي صهري دينو کي ليوڪس وٽ
موڪليائون ته هاڻي اچي مقابلو ڪر. ليوڪس آيو ۽
مقابلو ٿيو جنهن ۾ ٽئي ڄڻا ليوڪس سان وڙهندي مارجي
ويا.
(6)
مصري ڳاهو پٽ خانڻ ويٺل بجر واهه تعلقو شهدادپور،
مکيءَ وٽ غلام محمد جي گهٽ جي پريان ٽڪنبيءَ وٽ
ليوڪس سان وڙهندي مارجي ويو.
(7)
عثمان هڱورجو پٽ ملوڪ ويٺل ڇرائو تعلقو
ٽنڊوالهيار، مکيءَ وٽ غلام محمد جي گهٽ جي پريان
ٽڪنبيءَ وٽ ليوڪس سان وڙهندي مارجي ويو.
(8)
عيسو ڏاهري بي همٿ ٿي هالن واري ٿاڻي تي پيش پيو.
جتان ليوڪس ڏانهن موڪليو ويو جنهن کيس بچو سان گڏ
ڦاسي ڏياري.
(9)
خميسو وساڻ پٽ سچل ويٺل باکوڙو تعلقو سانگهڙ گم ٿي
ويو.
(10)
سومار ڳاهو، پير صاحب جي انهي نوڪر کي مارڻ ويو
جنهن پير صاحب طرفان حرن کي انگريزن جي پيش پوڻ جو
اعلان ڪيو هو، پر پاڻ مارجي ويو.
(11)
فتلو قاضي سومار سان گڏ مارجي ويو.
(12)
راڻو وساڻ ويٺل باکوڙو، مرشد جي حڪم موجب پيش پيو،
جنهن تي کيس ست سال ٽيپ ڏيئي کاري پاڻي موڪليو
ويو.
انهن ٻارهن ئي حُرن پنهنجو مرڪز مکيءَ ڍنڍ کي
بڻايو. جنهن جي ڊيگهه سورنهن ڪوهه ۽ ويڪر ٻٽيهه
ڪوهه، اندازاً ايراضي پنج سؤ ٻارهن چورس ڪوهه آهي.
سانوڻيءَ ۾ ڍنڍ پاڻي سان تار ٿئي ته منجهس پٻڻ،
بهه، لوڙهه جام ٿئي ۽ سياري ۾ پاڻي لهي ته منجهس
ڪڻڪ، چڻا، مڱ ۽ چؤنرا پوکجن ۽ مڇي به جام ٿئي.
پاڻيءَ جي وچ ۾ بي انداز ٻيٽاريون ۽ ٻيلاٽيون آهن،
جن تي اهڙا گهاٽا ٻيلا آهن جو منجهن سُونهــٖــين
کان سواءِ وڃڻ محال آهي. تنهنڪري حُرن به انهي
ايراضي کي محفوظ ڄاڻي، اچي منجهس بيٺڪ ڪئي. ڌاڙن
مان جيڪي مال خزانو هٿ ايندو هئس سو به اتي آڻي گڏ
ڪندا هئا.
بچو بادشاهه ۽ پيرو وزير ۽ اُن جي ساٿين جي ڏهڪاء
سبب پوليس سرڪاري ٿاڻا ڇڏي ڀڄي ويئي. چوٽيارين جي
آسپاس ۾ پوليس ته ٺهيو پر ماڻهو به ڪو نالي کي نه
رهيو. سڀني ڀڄي وڃي پوليس ۽ فوجي سپاهين جي مسڪينن
تي مار، سو ملڪ ۾ هيڪاري هراس پئجي ويو. جوالا
سنگهه نالي سانگهڙ جو دفعدار هو، جنهن حرن کي پڪڙڻ
لاءِ ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر کيس ڪوبه حر هٿ نه آيو.
سانگهڙ ضلعي ۾ هر سال مانگهه مهيني ۾ ”بهرم بري“
جو ميلو لڳندو آهي. حوالا سنگهه به حُرن جي ڳولا
سانگي اچي ميڙي ۾ پهتو. جتي گُلـٖـي موچي هٿان
مارجي ويو.
جوالا سنگهه جو مارجڻ
بجر خان ٻڌايو ته آءٌ بهرم بريءَ واري ميلي ۾ هوس
ته فقيرن جوالا سنگهه کي ماريو. آءٌ جوان مڙس هوس.
ڪهاڙي ساڻ هيم. پوليس ڪهاڙيءَ سببان مون کي جهلي
وڃي ڪئمپ ۾ نظربند ڪري وهاريو. ملاکڙو ڀڳو، سج
لٿو، اونداهي ٿي، ماني ڪن کاڌي ڪن اڃا ڪانه کاڌي،
پوليس جي ڪئمپ ۾ گوشت جا ديڳڙا اڃا چڙهيا پيا هئا
جو جوالا سنگهه مئو.
ڇهن ستن فقيرن جو ٽولو پير بخش فقير جي اڳواڻي هيٺ
ميلي جي اُڀرندي طرف ”ڇَن“ واري جهنگڙي ۾ اچي
ويٺا. ”گلو“ ۽ ”تڳيو“ ٻئي انهيءَ ٽولي ۾ هئا. اڳ ۾
ڪمال خان نظاماڻي سانگهڙ جي زميندار کي موڪليائون
ته تون سونهون ٿي جوالا سنگهه کي هلي مِل ته اسين
کيس سڃاڻون. لانڍيءَ جي اڀرندن جوالا سنگهه منجي
تي چڙهيو ويٺو هو ۽ آڏو مچ پئي ٻريو جو سياري جا
ڏينهن هئا. ڪمال خان اچي جوالا سنگهه سان ملي خوش
خير عافيت ڪئي. اڃا موڪلائي روانو ٿيو ته فقيرن به
ٻولائي پريان حملو ڪيو. ”گُلي“ موچيءَ بندوق هنيس
جا پوري دن ڌاري لڳس ۽ وڃي ڪِريو. ان بعد فقيرن
نعرا هنيا ۽ فائر ڪيا. اعلان ڪيائون ته اسان
پنهنجو دشمن ماريو آهي ٻيو ڪوبه نه ڊڄي ۽ نه ڀڄي.
پوءِ اُلهندي طرف مکيءَ ۾ هليا ويا. پر خوف ۽ هراس
اهڙو ٿيو جو سڀني جون متيون منجهي ويون. پوليس خود
ڀڄي لڪي ويئي ۽ اهي گوشت جا ديڳڙا اسان مٿن تي رکي
کنيا ۽ ڪوهه کن ڏکڻ طرف سرنهه جي ٻنيءَ وٽ اچي
ڀُڳل گوشت کاڌوسين.
جهوڙي لئيءَ هيٺ فقيرن جي شهادت
پير صاحب حيدرآباد ۾ پير بخش فقير کي پيغام ڏيئي
گهرائي چيو ته: ”فقير! هاڻي وڃي سِر ڏي. داڻو پاڻي
حرام اٿئي“. فقير چيو ”هائو قبلا!“ پوءِ اتان فقير
سانگهڙ جي اُلهندي طرف ٽِمهون جي ڳوٺڙي ۾ آيو، جتي
سندس ڀيڻ هئي. انهن کان موڪلائڻ آيو. مائي ماني
کڻي آئي پر نه کاڌائين جو چيائين ته پير سائين
فرمايو آهي ته داڻو پاڻي حرام اٿئي. پوءِ مائي
ڌونري جو وٽو آڻي ڏنس ۽ چيائينس ته: هاڻي هي نه ڪي
اٿئي داڻو ته نه ڪي پاڻي. پوءِ اهو وٺي پيتائين.
اتان ’جهوڙي لئي‘ واري ماڳ تي آيو جتي فقيرن جو
ٿاڪ هو. ٻيا مڙس به ٻُڌي اچي انهيءَ جاءِ تي گڏ
ٿيا. پير بخش فقير پير سائين جو پيغام کين ٻڌايو ۽
ليڪو ڪڍي چيائين ته: ادا! جنهن کي سر ڏيڻو هجي سو
ٽپي هن ڀر ٿئي. پوءِ ’گلو موچي‘ ۽ ’تڳيو چانگ‘ ٽپي
آيا. ٻين خبرون پڇيون. تڏهن هلندي خبر ڪيائون ته:
اسان کي حڪم سر ڏيڻ جو آهي، باقي ’نوازي‘ موچيءَ
کي نه ڇڏجو. اهو ڪم فقير رحمت الله ڳاهي تي
رکيائون ۽ کين ائين به چيائون ته هن کي ماري وري
ڀڄجو نه.
’نوازيو موچي‘ پير صاحب جو ڪامي ۽ خدمتگار هو پر
اندروني طرح بادشاهه ۽ درگاهه جي برخلاف هو. پوءِ
ٽن چئن فقيرن وڃي ’نوازي‘ کي ماريو ۽ بنا
پــٖــيرن لڪائڻ جي ڳچ پنڌ درگاهه کان ٻاهر وڃي هڪ
جاءِ تي ويهي رهيا ۽ گرفتار ٿيا. نوازي موچيءَ،
ڇٽل خان لغاري جهڙي لائق خدمتگار کي مارايو هو
جنهن جو پير صاحب حزب الله شاهه کي سخت صدمو رسيو
هو.
حر تحريڪ انگريزي حڪومت ۾ ٿرٿلو مچائي ڏنو. بمبئي
۽ بڙودي جا ڪمشنر ۽ وڏا فوجي آفيسر بذات خود ’حر
تحريڪ‘ کي ختم ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ آيا ۽ ڏيهي فوجون
طلب ڪيون ويون. ”اسٽيل“ ۽ ”ليوڪس“ جهڙن زيرڪ
آفيسرن ڪيترائي حيلا هلايا پر وريو ڪي به ڪين. نيٺ
ديسي فوجون مَکي جي ٻيلي کي گهيرو ڪري ويهي ويون
پر ٻيلي ۾ اندر گهڙڻ تي ڪنهن کي جرئت نه ٿي. انهي
وچ ۾ انگريز سرڪار پير صاحب علي گوهر شاهه (محفي
ڌڻي) کي حيدرآباد ۾ نظربند رکي مٿس زور آندو ته
حرن جا اڳواڻ فقير بخش پون. پير صاحب جن مجبور ٿي
پنهنجي نوڪر هٿان اهڙو اعلان سڀني حرن ڏي موڪليو
ته ”يا پيش پئو، يا وڙهي سر ڏيو!“ حرن فقيرن وڙهي
سر ڏيڻ قبول ڪيو ۽ ٻارهن ٻهروٽين مان پيرو، گلو ۽
تڳيو ٽئي ڄڻا هٿيار کڻي ٻيلي مان نڪتا. رات وچ ۾
”غلام“ نالي ڪيريي انگريزي فوج کي اطلاع ڏنو،
جنهنڪري انگريزي فوجي گهَٽ جهلي لڪي بيهي رهيا. هي
ٽئي ڄڻا صبح جو ٻيلي مان نڪري ميدان تي ٿيا ته مٿن
”جهوڙي لئي“ وٽ چئني طرفن کان بندوقن جو وسڪارو ٿي
ويو، ۽ ٽئي ڄڻا سورهيائي سان مقابلو ڪندي مارجي
ويا.
ان بعد خميسو وساڻ، قاضي فتلو (جو حرن جو منشي هو)
۽ قاصائي ويهي مصلحت ڪئي ته پيرو جي مارجڻ جي ڪري
اسان کي وڏو نقصان پهتو آهي، تنهنڪري هاڻي اسان کي
به انهن بهادرن وانگر وڙهي سر ڏيڻ گهرجي. ان کان
اڳ نوازي موچي نالي، پير صاحب جي نوڪر کي ماريائون
جو انگريزي لشڪر کي اطلاع ڏيندو هو. ان بعد مکي
مان نڪري ٻاهر ٿيا ۽ مقابلي ۾ مارجي سرخرو ٿيا.
اڃا به مکيءَ جي ٻيلي ۾ ڇهه سورهيه مڙس باقي هئا.
جن مان هڪ ڀلو، ٻيو عثمان، ٽيون مصري پنهنجي منهن
مکيءَ مان نڪري ميدان ۾ آيا. غلام ڪيريي جي اڳواٽ
اطلاع تي پنج هزار سپاهين جو لشڪر کين وڪوڙي ويو.
هي به پنجاهي کن سپاهين کي ماري سر ڏيئي سرها ٿيا.
باقي ٽي ڄڻا بچيا جن ۾ بچو بادشاهه به هو.
انگريزن اعلان ڪيو ته حرن کي جيئرو جهليندڙ توڙي
ماريندڙ کي بي انداز انعام ملندو. جوالا سنگهه
صوبيدار جو پٽ ”مياسنگهه“ پيءُ جي وير وٺڻ ۽ انعام
جي لالچ ۾ سپاهين جي هڪ دستي جي اڳواڻي ڪندي مکي ۾
ڪاهي پيو، پر حرن جي گولين جو کاڄ ٿيو. انهي ويڙهه
۾ ”ڀَلُو“ ڳاهو مارجي ويو. کيس سورهن ڌڪ سيني ۾
لڳا ۽ ٻانهون ٺونٺين وٽان نڪري پيون. تنهن هوندي
به تلوار کڻي، گولين جي مينهن مان ڌوڪيندو ڪماني
تي ڪاهي آيو؛ پر ڍنڍ جي پاڻيءَ ۾ ڪري، زخمن کان
چور ٿي ساهه ڏنائين.
”بچو“ بادشاهه ڪيترائي ڏينهن مکي ۾ لکو ويٺو هو.
پر هڪڙو ته پير صاحب پاڳاري مٿان سختي، ٻيو عام
خلق لاءِ فوج جو آزار، سو دوبدو مقابلي جي خيال
کان بچو به مکيءَ جو محاذ ڇڏي نڪري نروار ٿيو. فوج
جي ڪمانڊر چيس ته هٿيار ڇڏي پيش پئو، ته سرڪار
توکي جيئدان ڏيندي. ڀنڀلجي اچي پيش پيو، پر پوءِ
ميرپورخاص ۾ مٿس ڪيس هلائي ڦاسي جي سزا ڏنائونس.
ان بعد باقي حرن کي پوليس گرفتار ڪري، لوڙهن ۾
باند رکيو. آخرڪار سالن جي عرصي بعد کين پير
پاڳاري شاهه مردان شاهه جي دور ۾ معافي ملي ۽
لوڙها بند ٿيا.
حرن جي مقابلن ۽ جوالا سنگهه جي مارجڻ تي شاعر مل
محمود پلي تفصيلي ڪلام چيو هو جو هيٺ ڏجي ٿو. هن
ڪلام چوڻ ڪري شاعر مل محمود پليءَ تي انگريز سرڪار
طرفان پنجويهه رپيا ڏنڊ پيو هو. ان کان سواءِ سگهڙ
امام بخش شر پڻ حرن جي بهادريءَ جي ساراهه ۾ هڪڙو
بيت چيو آهي جو هتي ڏجي ٿو].
بچو بادشاهه۽ پيرو وزير ۽ سندن ساٿين جا مقابلا
(چيل مل محمود پلي)
وصف ڪجي واحد جي، جنهن جوڙيو جڳ جهان،
ٻيو ساراهجي سيّد کي، جو عربي اُمت ضمان،
ٽالپر وڏي ٽيلي سان، هو مٿي سنڌ سلطان،
ٻڌل تنهن جو ٻارهين سن کان هو ڏيهن مٿي ڏان،
تيرهين ۾ اچي تاب ڀڳو، فرنگيءَ ان فرمان،
انگريز ڏاڍو جوان؛ جو پرڏر سڏائي پاڻ کي.
انگريزن جي صاحبيءَ ۾، چوڏهين صدي سِير،
پرڏر اچي پيدا ٿيا، بانڪا بي نظير،
ٻارهن ڄڻا ٻاهروٽيا، هئا مکيءَ پاسي مير،
’بچو‘ ان جو بادشاهه، ’پيرو‘ اڳيان وزير،
ڪري ڌاڪي سان دلگير، تن ڏيهه ڏڪائي ڇڏيا.
ڏيهه ڏڪائي ڏَيا سان، ڪيائون زير زبر،
اک نه هُين انگريز تي، ٻيو ڪنهن نه مٿي ڪلٽر،
مارٖي سَوَ سپاهين جا، ٿي لوڙهيائون لشڪر،
ڏسي هيبت حُرن جي، ٿي گهڻن ڇڏيا گهر،
پوءِ اُٿي ويا افسر، انهن جي ٿاڻن پئي ٿُڪون
جهليون.
ٿاڻن پئي ٿُڪون جهليون، ويا اُٿي عملدار،
قاضين قضائون ڇڏيون، نڪري ٿيا نروار،
ڀڄي چڙهيا ڀيڙ تي، ڪامورا
ڪوٽار،
هئو رڳو ڦهڪو ڦاڏين جو، چيلهن تي چوڌار،
نه رهيو ڪو نالي کي، چوٽيارن چوڌار(2)،
سنجهيئي ’سانگهڙ‘ لنگهيا، مکيءَ جا مختيار،
ايڏي ڏيا ۽ ڏهڪار، هو ٻَهڪو ٻَهروٽين جو.
سڻي ٻهڪو ٻهروٽين جو، ويا ڇيڪ ڇڳيدار(3)،
پير نه ٽڪيا پوليس جا، ڀَڳا پئِي ڀُلڪار،
آيو هٿ حُرن کي، هڪڙو سرڪاري سوار(4)،
وجهي وارنڍ تنهن کي، ڪيائون قيدين سندي ڪار،
ڪوڙي اڌ ڏاڙهيءَ جو، ڀُڻي نچايائون نروار،
ايڏا جن اختيار، تن کي سورهيه ڇو نه سڏيان!
سورهيه ڇو نه سڏيان، هوءِ جي مُنگهه مٿير(5)،
اکين مهندان ڌونري ڏينهن جو، ٿا ڌاڙا هڻن ڍير(6)،
ڪُڇن پُڇن ڪينڪي، واڻيا تنهين ويــٖــر،
پوءِ اُٿيو پوڪارون ڪيو، خبرا ڪن کولــٖــير،
چي: سائين! اسان جي سڃ ڪري، هتان لنگهيا هــٖــير،
گرو جو سنهن گس تي، پيا آهن ”پلي“ چئي تن جا
پــٖــير،
هو مکيءَ جا مٿير، نِيمي سڀ ناش ڪري ويا(7).
مانجهي مرد مکيءَ جا، غازي ڪين گُسن،
عداوتي اونداهه جو، ٿا ڏِئــٖــي تي ڏسن،
تَڪيائون، تت هنيائون، وري تر نه گُٿو تن،
رڳا چغل چُٽيا، بات مٿي بانڪن،
اِنِي کي انصاف جا مجرا ٿا ملن،
ڳالهيون پيون ڳائجن، تن مردن جون ”مل“ چئــٖــي.
ڏسو مڻيا مردن جي، ايڏا جن ايمان،
ٻارهن سِر سڄي ڏيهه کي، سامهان ٿيا سلطان،
حاڪمن مٿن هلائون ڪيون، ٻيا طرحين طرحين طوفان،
پُرين سوڌا پيڙجي ويا، اچي جند ڳاري جوان،
ته به اکر هڪڙي انگريز جي، ڪاڻ ڪڍيائون ڪانه،
بانڪن پنهنجي بهادريءَ سين، ڇڏيو توري اُڀ آسمان،
آخر خاڪ مڪان، هتان هر ڪو ويندو هليو.
هتان هر ڪو ويندو هليو، پنهنجو وارو وڄائي،
هيڪر دانهن دهليءَ سوڌي، ڇڏيائون نالو ڪڍائي،
ميڙي ’بهرم بري‘ جي تي آيا ڪٽڪ ساڻ ڪاهي،
بندوق جوالا سنگ کي، ٻُٽيائون ٻولائــٖــي،
موڏي گلي موچيءَ جي، اها ڪڻئي
آهي،
ڏهلــٖــي ڇڏيائون ڏَر تي، ڪُتو ڪيرائــٖــي(2)،
ڏيئي پڙهو سي ويا، سڀني سڻاڻــٖــي،
متان ڪو اِن حساب ۾، صبح غريب گهِلائــٖــي،
ڊڄي ان جي ڊائــٖــي، ٿي گهڻن رضائون گهريون(3).
ٿي گهڻن رضائون گهريون، ڏسي مردن مارو مار،
حضور اسان کي حڪم ڏئي، ته وڃي ڏسون ٻچا ۽ ٻار،
جنهين پٺيان جيءَ جوکو، گهوري سا پگهار،
ٿي سِکَ وانگي سنگسار، متان اتي مارجي وڃون.
پُرسن اُتي پڙهو ڏيئي، ائين اَلايو،
ته: مدعي ماري پانهنجو، اٿئون کولُو کَپايو،
اسين نانۡءُ نه وٺون ڪنهن جو، مَ ڪي ميلو ڦٽايو،
ماڻهو وسهيا ڪينڪي، ڀورن ائين ڀانيو،
ته هٿيڪو حملو ڪري، مون مٿئون آيو،
پوءِ سڀني ات سعيو، ڀري ڪيو ڀڄڻ جو.
ڀري ڪيو ڀڄڻ جو، پيئي ڊاڊا ڊوڙ،
نانوائي ٿيا راهي، ڇڏي ٻوٽيون ٻوڙ،
مهاڻيون وڃي اڏاڻيون، کينديون ڳڻتي ڳوڙ،
چڙهيا ڇڏيائون چُلهن تي سندا شيخن کوڙ،
اهڙي سختي سوڙ، اچي خلق ۾ خوف پيو.
اچي خلق ۾ خوف پيو، اهڙو ڊپ ڊاءُ،
ٽِڪي سگهي ڪونه ڪو، رعيت توڙي راءُ،
سڀڪنهن مِٺو ساهه، ڪنهن نه قبوليو موت کي.
جيڪي هئا اُن حملي ۾، آيل اوٺي سوار،
تن پاکڙا ڪيا مٿن تي، ورتئون مَيَن مهار،
تاڻيو وڃن توڏن کي، ڪندا گويا ۽ گفتار،
ته هوند کڻي هلڪا ٿيون، وجهي بودن مٿي بار،
پر تِهانۡ اڳي تڪرار، مرد اچي مارو ڪندا.
مرد اچي مارو ڪندا، پُرس پٺيان اچن،
اجل جيئن اوچتا، ٿا ماڻهوءَ مٿي پون،
پڇاڙيون نه ياد پيون، تڪڙ منجهان تن،
هَنن منجهه هاڏيون، گهڻيئي ڏند پِيهَن،
ٻَڌا پير جن جا، سي ڪيئن وهٽَ هلن،
متيون تن مردن، گڏجي اچي گُم ٿيون.
مُوڙهِي مَت مَهتن جي، جن کي ڪانه اُڄهي ڪائي،
هڪ اڳيئي واڻيا، ٻيو ٺڪا سئائون ٿي رات اونداهي،
پوءِ پاڻهي ٿا پروڙيو، اَٿان معلوم مڙيائي،
ڏِس اُڪلين ڪانه ڪا، جيڏانهن رَمِي ٿين راهي،
سُتي پئي ڌوتين ۾، تنين تير وهائي،
هَڪل ڪيائون گُروءَ کي، جو سندن آگو اِلاهي،
اري رام! تون رکين، پردو پناهي!
ونڊيرا وڙهي پيا، ڦشيرن ڳالهه ڦٽائي،
پوءِ سيٺين سڄائِي، کڻي انگو ڇا آلا ڪيا.
انگوڇا آلا ڪيا، تِيرٖي تنهين وير،
ٺڪا ساڻ ٺاهه ڇڏي، دَهلـٖـي ويا دَلير،
ڪيائون مار مڃتائن تي، باسيائون سکائن ســٖير،
پَڪو مَڻ پر مـٖـيسَر! نيت ڏينداسون، کنڊ مٺائي
خير،
لـٖـيڙيِيَن جي لشڪر کان، جي ٿا بچون هـٖـير،
ته مور نه اينداسون ميڙي تي، ٻيهر ڀري پــٖــير،
پوءِ اچي ڪنڌ گُڏائي ڪير، مکيءَ جي مردن هٿان؟
ٻارهن ڄڻا ٻَهروٽيا، سورهيه هئا به سڌر،
لنڊن سوڌا لکجي ويا، زور ڀريا زبر،
راڻيءَ ڏاڍو روڄ ڪيو، سڻي خوب خبر،
وٺيو سنڌ ساري ٿا، هاڻي وڃن حُر،
ڪري ڪؤنسلون پاڻ ۾، پيا منجهه پچر،
’دِليءَ‘ ديباچا ويا، ’ڪلڪتي‘ ڪاڳر،
’پوني‘ دانهن وڃي پڳي، اُتي ’امبراسَر‘.
’لکنو‘ ۽ ’لاهور‘ کان چڙهيا ’گڊگام‘ کان گورنر،
’سبي‘ بندر، ’بڙودي‘ جا، ڪئين آيا ڪمشنر،
اسپيشلون آئيون، کڻي فوج اَپر،
’اسٽيل‘ بيهي رهيو، پنهنجا ويڙهائي
وَرَ،
’لِيُوڪس‘ اچي لوڪ جا، کاڻــٖــي کانيا گهرَ(2)،
بي قانوني ڪيترا، تنهن هلايا هُنِر،
ته به آيا ڪين ڪَپَر، انگريزن جي اَمر ۾(3).
انگريز لکي روس تي، چٺي منجهان چاهه،
جنهن سان جنگ جُدا هُيس، وڏي ويڙهه وڌاء،
ته ويهه مانجهي ماٺ ڪري، بانڪا تون برجاءِ،
هينئر منهنجي حاڪم سين، لڙائي هتي آهه،
’مَکي‘ نالو مُلڪ جو ۽ ’بچو‘ بادشاهه،
سو فتح ڪري صُباح، پوءِ ايندس تو انجام تي.
’بچو‘ جي بادشاهيءَ جي، هُئي دليءَ سوڌي دانهن،
انگريز اخبارون مُڪيون، پيرن ميرن ڏانهن،
ته ڏاڍو انصاف ان کي، ڏاج انهيءَ ڏانء،
جيڪو وٺي ٻانهن، ٻارهن ٻهروٽين جي.
ٻارهن ڄڻا ٻهروٽيا، سُورهيه هُئا سُجان،
ڏسي هيبت حُرن جي، دڙڪو ۽ دهمان،
ڀُورٖي ڀؤ نه جهليو، پيو هائو هندستان،
مددون مڱيائين رائن کان، ڏيئي تارُن جا طوفان،
چؤڏس چؤڪيون بيهي ويون، دنگن تي دربان،
ڏاڍا مڙس ڏيسِي، آيا جوڌپور کؤن
جوان،
ڪي جنگي جيسلمير کان، ڪي مانجهي کان ملتان،
ڪي ڪوپا ڪراچيءَ کان، آيا پنگجي پهلوان(2)،
ڪاپون اچي ڪٺيون ٿيون، ميڙا منجهه ميدان،
پر جهلي ڪو ايمان، مور نه لڙي مکيءَ کي.
ڪو مور نه لڙي مکيءَ کي، جتي ويڙهيون وڏا وڻ،
ٻاهران ويٺا ٻيڻا ٿيو، کين مانين سندا مڻ،
پوءِ اهڙا جن لَکڻ، تن کي چُتو ڇو نه چئجي کڻي.
ماري منڪر ڪيترا، ڏَهليا تن ڏڦير،
هوند ڪين وٺائن ڪنهن کان ها ڪنهين ڀت ڀير،
پر مڃي اَمر مرشد جو، آيا اُني وير،
’پيرو‘ سندي پادر ۾، ٻيو قدم وجهـٖـي ڪـٖـير!
ڪٿان لڀن ڪوڏيا، ’گُلـٖـي‘ جهڙا شير،
اڙٻنگ ڏيئي اُلـٖـير، آيا مَلهه ميدان تي.
آيا ملهه ميدان تي، سانگو پلــٖــي ساهه،
ماڻهو سُڪائون مير کي، جو ’بچو‘ بادشاهه،
ته: لڙائي اٿئون لوئر سين، تون سگهو اچ صباح،
تنهان اڳي چغلي هئي، ”ڪيريي“ ڪري ڪاهه(3)،
تنهن تي ڪامپ چڙهي ڪيتري، جنهن جي نه سڌ سماء،
ڏسي هيبت حرن جي، دهلي ويا داناهه،
منشين مُٽ موڙها، سُڪي ويڙن ساهه،
ته: آهيون اجل سامهان، ڪهڙو ورندو واءُ؟
اُڀا گوڙيون ۽ گوگاء، ڪن ٽيئي ٽِيلـٖي وچ ۾.
ٽيئي ٽيلي وچ ۾، هلن هاڏيون ڪن،
وِک نه وڌي ڪنهن جي، جو اَچي مَل مَٿن،
پري کان پستولون ٿي سڃيون سولجرن،
تفنگون گهڻيئي توانيون، پر ڇا سين سي ڇٽڪن،
هڪڙو هٿن همٿ ڇڏي، ٻيا ڏونرا پيا ڏڪن،
تاسين تاسِيرو ڏنو سامهون سوڀارن،
رئفلن وٺي رانڀاهه ڪيا، سُڪا ساهه سڀن،
ٽڙڪا ٽاڙهو ٽاڙ ڪري، لڳا ڪان ڪڻن،
گهوري تپاچا گهوٽن، اڇلي کڻي اڳاهان ڪيا.
اڇلي اڳاهان ڇڏيا، آيا اوچي ڳاٽ،
لڳا ڪان ڪونڌن کي، سامهان ڪري سوساٽ،
ڇٽڪيون ڏاڍي ڇوهه مان، ٽؤنٽين ڏنا ٽاٽ،
دارُن ٿي ڌڌڪا ڪيا، جيئن وڄون ڪن ڪرڙاٽ،
ٽيئي پرس پڙ ۾، ڪري پيا ڪنواٽ،
سورهيه انهيءَ ساٽ، غازي گوءِ کڻي ويا.
غازي گوءِ کڻي ويا، ٽيئي منجهان ٽيلي،
”پيرو“ توکي پيدا ڪيو، ڀلي ربّ ڀلي،
وهه واهه! تنهن وساڻ جي، بَلـٖـي! ڙي بَلـٖي،
ٻروچ ڏي ٻهڪي سان، ٿو هاڏيون ڪيو هلي،
ڪوڏئون وڃي ڪُلهو هنيو، غازين سان گُلي،
موڏين هڻي موچيءَ کي، ڪيو ڏار ڏلهي،
ته به ڪوڏيو منجهه قلعي، وڙهيو ٿي ويرين سان.
وڙهيو ٿي ويرين سان، سِينو ڪيو سِپر،
اَڏائڻ گهرجي ان جي، قبو مٿان قبر،
ڏسي فوج فرنگيءَ جي، هو هاريا ڪين حُر،
پوءِ سورهين ڏيئي سِر، مکي سڀ ملهائي.
”خميسو“ وڏي کيڏ سين، ورنهه ساڻ وساڻ،
ٻيو ’فتلو‘ قاضي فلڪ سين، جنگي مرد
جوان،
ٽيو ڪاسائي ڪيهر وانگي، سورهيه هو به سجان،
پوءِ اعليٰ عقل ساڻ، آيو پهه پرسن کي.
پُرسن ويهي پاڻ ۾، ايءَ ويچاريو وَرُ،
ته ”پِيروءَ“ ماريــٖــي پِير کي، ڏاڍو ٿيو ڏمر(2)،
هاڻي ڪنن ڀر ڪپي اچون، نوازيو نوڪر،
جو چُعل وڏي چوڪ سين، مَٺگهُرو مُنڪر،
ته ڪامل تان قهر، لهي اک انگريز جي.
لهي اک انگريز جي، بات انهيءَ بيان:
ته: ماڻهو ماري مرشد جو، ظالم ڪري ويا زيان،
بيشڪ مدعي پير جا، آهن بنا غير گمان،
ملندو مانُ مرشد کي، انهيءَ شرط سان،
پوءِ پنهنجا سر قربان، جي مُئاسون انهين مامري.
پوءِ سانگو پلي ساهه جو، جوکو سندو جند،
هڪل ڪري ماريئون، نوازيو
نند،
پوءِ نڪي ڀڳا، نڪي لِڪا، ويٺا راهه وٺي رند،
پِرهه کِوِيءَ پنڌ، ڪٽڪ ڪاهي آئيو.
ڪٽڪ ڪاهي آئيو، ڪري ميڙ مَٿن،
پيراڻي پوليس ڏي، هٿ نه سَڃيو هُن،
ٽيئي اُت ٽڪرا ٿيا، ڀڳڙا جيئن ڀُڄن،
سيّد پاران سِر ڏيئي، عيوض ڀريو اُن،
گهوريون گهورون مٿان تن، مڃي اَمر جي مُئا.
پر مرد اڃا مَکيءَ ڏي، سورهيه ٿا سُڄن،
ٻاهروٽيا ٻنين ۾، راتو ڏينهن رهن،
هڪ ’ڀلو‘ ٻيو ’عثمان‘ ٽيو ’مصري‘ هو به منجهن،
’جويــٖــي‘ وڃي جُوڻي کنئي، منڪر ڪنهن مٿن(2)،
’غلام‘ نانءُ تنهن گانڊوءَ جو، ڪيريو ذات ڪهن،
پوءِ ويٺي وريامن، فوجون ڦري آئيون.
فوجون ڦري آئيون، گگهٽ ڪري گهمسان،
پنج هزار پلٽڻ جا، سامهون ٽي انسان،
پر هِنۡياڻِي حُرن ڏي، ڪنهن جي ٿئي ڪان(3)،
پري کان ”پَلِي“ چئي، ڪيائون توفن جا طوفان،
لڳي جنگ غوغاء ٿيو، ڪر گجن ٿا آسمان،
بغل وڄي، بانشا بتليا، اچن جلهه ڪيو جوان،
”ڀلو! متان ڀڄين“ ٿي آکيو ائين ”عثمان“،
”او مصري! منجهه ميدان، مَرونتان مان لهون!“
پوءِ بالڪن بهادريءَ جا، جانڪـٖـي
ٻَڌا جَڪَ،
مُڙڻ واري مردن کي، توڙان هئي نه تَڪَ،
ٽيئي اڙٻنگ ارڏا، سورهيه ري ئِي شڪَ(2)،
ڌوڪـٖـي ڪڍيائون ڌڪ، پنجاهه هڪڙي پڙ تي.
پنجاهه هڪڙي پڙ تي، هڻي ڪڍيو حرن،
سهسين سٽي سولجر، ڪيرايا ڪونڌرن،
ڇٽڪيون آمهيون سامهيون، بندوقون بالڪن،
هيڪاهين هڳاءُ ٿيو، ڪر گنگا اُٺ گجن،
هڪڙي گوڙ گؤنرن جي، ٻيو دهڪو دُنالين،
پوءِ ٽنهي ٽِسينگن، گهُر هڻي گهايل ڪيو(3).
گهُر هڻي گهايل ڪيا، قهري لڳن ڪانُ،
ڪِري وِير ويچارن تان، اٿليا آسمان،
ماريا مُڙيا ڪينڪِي، اهڙا جوڌ جوان،
سؤ سؤ ڀيرا صدقو، تن ڪونڌن تان قربان،
گِلا تن غازين جي، لائِينۡ ڪَن لعان،
بي قدرا لوڪ ۾، آهن بيشڪ بي ايمان،
جي پاڳون ٻڌي پرس ٿيا، آهن جوين مثل جوان،
ڪانئر ويهو ڪنڊ ۾، شاهي هڻن شوغان:
ته چتن منجهان ڪين ٿيو، ڪيئون ڪائي مڙسي ڪان،
پر هلي منجهه ميدان، مرڻ ڏاڍو مشڪل آ.
پر شاعر! ان شڪايت کي، ڪيم ڪر تون ڪَن،
هي لوڪ منهن موڪ، تنهن ۾ ڪئين ڳالهيون ٿين،
نڪي مُڙيا نبين تان، نڪي مٿان يارن،
گِلا انبيائن جي ڪِي ٿي ڪافرن،
بغض اصحابن ڏي، رکيو رافضين،
جي اهڙن مڙسن تا نه مُڙيا، سي هنن تان ڪيئن ٽرن!
تون وک مَ وڃاءِ ڪنهن جي، چئج سچ سڀن،
هِتي سوڀ کٽي وڃي ستا، ڏيئي ٻانهن سِرن،
هُتي جي قيام هُت رهي، ڄاڻي مالڪ ڌڻي مُلڪن،
تون انصاف ڏي اُن، جن سامهان اچي سِر ڏنا.
مکيءَ جي مردن جي، ڪي گانڊو گِلا ڪن،
ته: گهر پنهنجا گهوٽيا، ڇڏيو ڇو رُلن؟
آءٌ جوڙيو ٿو جواب ڏيان، ترت مهندان تن،
ته هِنئان مَهند مانجهي جي، سورهيه ٿا سُڄن،
جـٖـويون وٺي جنگ ۾ آنديون ڪي انهن؟،
جـٖـي ڀانۡيـٖـين ڀرم رهي، ته ويهه قابو منجهه
ڪکن،
ٻه گدرا مُٺ ۾، اصلي ڪين اچن،
غازي نالو پاڻ تي، راوت جي رکن،
اوءِ لاڳاپو لوڪ جو، لاهيو لڄ وتن،
سر صدقا جن، ڪهڙيون ميارون تن تي.
مکيءَ جي مردن جي، اها ڳالهه اور،
چون پيا ڪي ڪي، گانڊو گِلا خور،
ته: بِڙ ۾ ته پڌرا ٿيا، ڇوٿي لِڪا لغور؟
مڙس وڙهن ميدان ۾، چوريءَ وڙهن چور.
عاقل انهيءَ ڳالهه کي، ڀڃيو ڪن ڀور،
جو مارڻ ڌاران مارجي، ان کي چؤ نه اَتور،
جو مدعي ماري پوءِ مري، گهورون تن تان گهور،
سي ڀلي مرڪن مور، جن مکي سڀ ملهائي.
مشهور ڪيو ملڪ ۾، انگريز ايُ اشتهار:
ته باقي جنهن مان هڪڙو، ڪو وٺي ڏي وينجهار،
ته انهيءَ کي انصاف ڏيان، هِيرا ڪئين هزار.
ايءَ سڻندي ڳالهه، ٿيو سنڀري سِک تيار،
نام وڏي نروار، ’مياسنگ‘ پٽ ’جوالا سنگ‘ جو.
مياسنگ مَٽجي آيو، تابش رکي تمام،
هيس اميد اهائي من اندر مدام،
ته وير وٺان بابي جو ٻيو انگريز ڏيندم انعام،
تيسين ٺڪا ٿيس ٺوڙهه ۾، ڏيئي ڪان اڌام،
کائي بل بدنام، اٿلي وڃي اونڌو ڪريو.
اٿلي وڃي اونڌو ڪريو، ٿيو زير زبر،
آس تنهن آسيءَ جي، پوري نه ڪِي پرور،
ڀڃي ڪڻس ڀُڪو ڪيو، پهرئين ڪان ڪَتر،
چئو انصاف ان جا، جهليئين سورهن تير سڌر،
سورهيه اچن سامهان، ڪُڙها کڻيو ڪر،
وُٺا ڪربل جان ڪڪر، ڀنيءَ رات ”ڀَلُوءَ“ تي.
”ڀلو!“ توکي ڀَلـٖين مَر ته ڄائو ماءُ،
سورهن ڌڪ سيني ۾، هئا گهاتو تنهن کي گهاءُ،
هٿ ڀڄي ڀڪو ٿيو، ٺونٺ به ڇڏيو ٺاهه،
ته به ڏيئي لهريون لاهه، آيو ڪاهيندو ڪٽڪ ۾.
آيو ڪاهيندو ڪٽڪ ۾، تکي کڻيو تلوار،
”ياعلي ياعلي!“ ڪري سو پيو منجهه پاتار،
آڏي نه هجي ها ان کي، پاڻيءَ سندي
پار،
نه اهڙو هوند اگهه ڪري ها، ڪمانيءَ سان ڪار،
سو ٻِلو هوند ٻيهار، مور نه ڍري ها مکيءَ کي.
بارهئين ڄڻا ٻهروٽيا، هوند هڪڙي مُٺ هجن،
ته ڪُٽا ڪامپن منجهه سي، اهڙا وڍ وجهن،
ته جيئرا هن جنگ جون، ڳالهيون ڪيئي ڪن،
پر فوجون ڦري آئيون، ڌارو ڌار سڀن،
اصل انهيءَ ڀت هو، مرڻ مٿيرن،
پوءِ مکيءَ جي مردن، وڻ به وڄائي ڇڏيا.
ڪين ڏسندينءَ ڪڏهين، مکي! اهڙا مور،
ڳُوڙها وڏيءَ ڳالهه سين، اڙٻنگ اگهور،
هڪڙا سهڻا صورت جا، ٻيا چلن چڱي ٽور،
اهڙا ئي اتور، ڇڳير توکي ڇڏيا ويا.
سر سڀيئي سُڃا ڪري، مري ڇڳيرن،
مکيءَ پاسي ’مل‘ چئي، ڪوهه نه ڦاڏڙيا ڦرن،
جڏهين جئرو ناهه جوءِ ۾، ’پيرو‘ ڀَر پـٖيرن،
ٿيون مالهاريون مرڪن، جڏهن باز مري بَس ٿيا.
’بچو‘ وڏو بهادر هو، جهڙا چئنچل ڪي چئجن،
وٺايو تنهن وير کي، قضا جي ڪَرمن،
هڪ مرشد مٿي مامرو، بي روڪ مٿي راڄن،
پوءِ انهين اولانڀن، نڪري اچي نروار ٿيو.
نڪري اچي نروار ٿيو، پر ايءَ ڪچي ڪيائين،
جو هٿيار پنهنجي هٿن سين، ڇوڙي ڇڏيائين،
جيڪي جوڌو جنگ ڏيئي، مري ها مُنۡهائين،
ته سوڀ سوا لک جي، هوند خاصي کٽيائين!
پر هيِس جا حق ۾، سا لاشڪ لڌائين،
تنهن نَر جِي نِلائينۡ، ڪرڻ موچاري ڪينڪي.
بد نيڪي ’بچو‘ جي، ڪرڻ ڪين جڳءِ،
وَرُ ويچاري سڀڪو، هِنۡيون ڪري جاءِ،
اچڻ موت سامهون، ٿوري ڳالهه نه آهِه،
ايءُ انصاف اُن جو آهه، جو سورهيه اچي سلام ڪيو.
سورهيه اچي سلام ڪيو، پير پڌر پائــٖــي،
بي انصافي انگريز جي، ايءَ وڏي آهيــٖــي،
جو پاڻهي پاٿاري آيو، ڦيرٖي ڏنائينس ڦاهي،
جي پرڏر سو پاڻ کي، ٿو سورهيه سڏائي،
ته اچي ’مل‘ مکيءَ تي، ڪٽڪ سان ڪاهي،
هزارن مهندان هڪ جي، ڇاتي وري ڇاهي،
ٻاهران ويٺو ٻان ڪيو، ٿو راڄ
رنجائي،
مڙسي آءٌ مور نه چوان، اٽڪل رڳي آهي،
پوءِ ڏاهپ ساڻ ڏاهــٖــي، ’بچو‘ وٺي باند ڪيو.
’بچو‘ وٺي باند ڪيو، انگريز ڪري اٽڪل،
هوند ڪين وٺائين ڪڏهين، هو مکيءَ سندا مَلَ،
پُرس سڀيئي پهلوان هئا اهڙا جوان جبل،
ڪري مرشد ساڻ مهل، نڪري اچي نروار ٿيا.
نڪري اچي نروار ٿيا، هِينون جهلي حُر،
سيّد پاران پانهنجا، سورهين ڏنا سِر،
صد رحمتون تن شيرن کي، جن لِک نه کاڌي لِرَ،
محابي مرشد جي، جُڙندين جنت قصر،
قادر تون قبول ڪرين، جيڪي آکيو هن احقر،
جهڙي سُيم ڳالهڙي، ڪن ماڻهو معتبر،
تهڙو بيت بنائي بيهاريم پورا اکر،
وڌ گهٽ معافي ڪرين، تون ڏيهه ڌڻي ڏاتر!
مرسل! ”مل محمود“ جو، سڻ سوال تون سرور!
ٿيندو اوکيءَ آڌر، ڪلمون ڏينهن قيام جي.
|