(1)
دائود جوکيي
جا بيت
ساراهيان سچو ڌڻي، سونهين واحد کي وڏائي،
قدرت ڏسي قادر جي، اٿم اندر مان ڳالهه آئي،
جوڙي ڏنائين ’جناح‘ کي، بنائي بادشاهي،
جنهن صلاح اچي سموري، پنجابين سان بچائي،
وجهي ڳالهه وزيرن ۾، ڪئي صوبي صفائي،
اندر ۾ اسلام جي، هئي سُهڻي کي سچائي،
’پاڪستان‘ ڪري پنهنجو، جنهن حڪومت هلائي،
ويهاري ڳالهه ووٽن جي، ڪئي ٿي امير اَڇائي،
ميمبر گهرائي ملڪ جا، ڪيائين وزير وڏائي،
رکي زور زميندارن تي ڪوٺايائين ڪيترائي،
ميٽنگ منجهان مِڙن کي، ڪامياب ڪيائين،
پارت سڀن کي پاڪستان جي، ڪراچيءَ ۾ ڪيائين،
لکپڙهه تي ’خان لياقت علي‘ کي واهه جو ويهاريائين،
ماڻهو اُن جو ’مسعود‘ ڪليڪٽر ڪيائين.
عملدار اهڙو نه ٻيو، ڪامورو ڪيائين،
عزّت ’ايوب کهڙي‘ کي، ڏاڍي ڏنائين،
پناگهير پاڪستان ۾، اُمالڪ آندائين،
دير نه ڪيائين ”دائود“ چئي، سڀني کي سڏيائين،
پوءِ تن کان پڇيائين، احوال هت اچڻ جا.
احوال هت اچڻ جا، حاڪم! ٻڌ هينئر،
سڏڪا ڀري سک جا، ڪئي پرديسين پچر،
حقيقت هندستان جي، هاڻ خان! ٻڌ خبر،
ويٺل هئاسون وطن ۾، الله جي آ در،
اَڏيل هئاسون اوڏاهين، گوشائتا گهر،
روز اسان کي رازق ڏنو پئي، ڏهاڙي ڏاتر،
هڪڙي ڏينهنن هندستان جا، مٽجي آيا منڪر،
مڙن اسان جي مارڻ لاءِ، وڏا ڪيا وَرَ،
ملڪ ڇڏي مڙئي آياسون، نياڻيون ڇڏي نڌر،
پهتا آهيون اچي پاڪستان ۾، نعرا هڻي نَر!
آندو هِت اسان کي، ڏولائي ڏُڪر،
راشن ڏنو روز اسان کي، ڪارڊ تي ڪثر،
جيسين پير جهليون پنهنجا، هتي ڪاهي هَر.
هيءُ ٻانهو ٻاجهه گهري، پني ٿو پاکر،
”جوکيي“ کي جنّت ۾، هلي رسجان تون رهبر!
ڌڻي! ڪجان ”دائود“ تي، ننگي تون نظر،
پناهه ڏجان پرور، موليٰ تون مِڙن کي.
(2 )
خان محمد
جا بيت
ساراهيان سچو ڌڻي، صاحب ربّ ستار،
عجب رنگ الله جا، بنائي قدرت قادر،
آخري زمانو اچي ويو، پويون آهي پهر،
توبهه ڪري تائب ٿيو، ڇڏيو تڪبّر،
رکو خوف خدا جو، پئي پڪاري قبر،
ڪيئن هليا ويا ڪيترا، سوين سڪندر،
وير وارو وڄائي ويا، نعرو هڻي نر،
انگريز بادشاهه هو ملڪ ۾، ناصارو نَرڙ،
سو به وڃي ٿيو ’لنڊن‘ ۾، وٺي لاءُ لشڪر،
پيو هو ڪنٽرول ڪپڙي تي، ظلم هو ظاهر،
ڪئين ڦرجن رستن تي، پيا مارجن مسافر،
ڪئين ڪُٺا آهن ڪيترا، گاڏين ۾ گونر(1)،
پئي آهي ڀڄ ڀائين ۾، پيا اڳاڙين اوڌر(2)،
اهڙي ٿي ڪانه ڪا، جهڙي ٿي هينئر،
وس ڪنهن جو ناهي، اهو آهي ڏاتر جو ڏمر
مومن! ٻڌو مون سان، ”خان محمد“ جي خبر،
هندو مڙيئي هيڪر، وڃي جمع ٿيا جوڌپور ۾.
جمع ٿيندا جوڌپور ۾، اهي ڀائِي سڀئي ڀيڙا،
مُلهه ڏنائون مسلمانن کي، گهر ۽ گهوڙا،
زر، زمينون هت رهيون، ٻنيون ۽ ٻُوڙا،
هندو وڃي هندستان ۾، سڀئي ٿيا سوڙها،
ڪن کي پيتيون پٺن تي، ڪن مٿن تي مُوڙا،
روانا ٿيا ريل ۾، ننڍا ۽ پوڙها،
هاڻي ساريو هن سنڌ کي، پيا ڳاڙيندا ڳوڙها،
ڪئين لِکيئُون ٿي لکتُون، ڪاغذ ڪي ڪوڙا،
”خان محمد“ قادر جي قدرت جا، ڪم آهن ڪهڙا!
پوءِ عجب رنگ اهڙا، ڏٺاسون سائينءَ جا سنڌ ۾.
ڪم سائين جا سنڌ ۾، آهن هڪ سؤ هزاري،
’سِک‘ هليا ويا سنڌ مان، وٺي حڪم سرڪاري،
ته لڏيو، ملڪ ڇڏيو، هي بادشاهه اَٿانۡوَ باري!
”خان محمد“ خاوند کي، سڌ آهي ساري،
پوءِ هندو هڪواري، هليا ويندا سنڌ مان.
هليا ويندا سنڌ مان، اهي هندو هندستان،
غريبن کي گوڏون، ته هو سيٺ بنيا سلطان،
وياجخور واڻيا، کڻيو بنديون بيهن بي ايمان،
ڪئين بيلدار بندن تي، پر داروغا ديوان،
ٽڪاڻا هئا ٽنڊي ۾، مڙهيون ماڳ
مڪان،
پوءِ هليا ويا ڪيترا، جايون ڇڏي جوان،
رهندو نانءُ ڌڻيءَ جو، آهي صفائي جو ميدان،
خاوند! ”خان محمد“ تي ڪج، عربي! ڪو احسان،
جنهن بنايو پاڪستان، سو ڀلي آيو بادشاهه.
ڪڍيو مهتن کي ملڪ مان، ڪنهن لکيي انگر اکر!
’ڊاسوڙي‘ مان لڏي ويا، کڻي ٽنڊي مان ٽپر،
ويهو پئنچ پاڻ ۾، ڪن خلاصي خبر:
ڪيئن ڪريون، ڪيڏانهن وڃون؟ آيو الله جو امر،
نيئي پوءِ نيلام ڪيا، گهڻا واڻين گهر،
صندل، صندوقون، ٽرنڪ، ٽجوڙيون، جاين
جا گرڊر(2)،
کٽون، کٽولا، هنڌ، هندورا، هزارين هنر،
ڪي واپاري، ڪي پساري، ڪي وڏا آفيسر،
مستري فونن جا ۽ ڪاشيءَ جا ڪاريگر،
ڪي ويا ڪي وڃن پيا، ڪي ويٺا ڪن وَنۡيَرَ،
زميندار، شاهوڪار ٿا جهلين ڀانڊن ڀر،
ڪن ٽپڙ ٽيشن تي، ڪي ڀاڙي ڪن موٽر،
گڏجيو چڙهن گاڏيءَ تي، واڻا ڪيو ولر،
هي سائل آهي سنڌ ۾ گولو گداگر،
تنهن کي عربي ڄام آڻايو، وير! ڪري واهر،
خطا بخش ”خان محمد“ جي، پاڪ ڌڻي پرور!
پوءِ ڪلمي جي آڌر، ڪجان لاڏاڻو لوڪ مان.
(3)
الهڏني فقير
جا بيت
پناهگير پَٽن ۾، پکڙي آهن پيا،
هندو جي هن هنڌ جا، سي واڻيائي ويا،
وڃي ٿانيڪا ٿيا، ڪنهن راجا جي رياست ۾(1).
راجا جي رياست ۾، خالصا آهن کوڙ،
پاڪستان پري ڪيا، ڪري هڪل هوڙ،
نرين پيهو نهروءَ کي، گبر ڪن ٿا گوڙ،
لڙن ٿا لُچ ٿيو، جُملا ڪيو جوڙ،
اهي تحت ثرائي توڙ، وڙهن ٿا واڻين سان.
وڏيري ڪرڙ درس جو ڪاڄ
(چيل خان محمد ڪوريو)
]ڪرڙ
درس، ذات ٿيٻو ويٺل ڊاسوڙي تعلقي ٽنڊي الهيار جو
ناميارو زميندار هو. کيس وفات ڪئي چار پنج سال
ٿيندا. ڏهاڪو سال کن اڳ سندس پٽ جي شادي ٿي هئي.
انهيءَ موقعي تي زبردست ڪاڄ ڪيو هئائين. ڪيترن
ڏينهن تائين ته شاديءَ جو ڇنو پئي ٺهيو. هن ڪم
لاءِ ڪيترائي ڪاريگر اچي گڏ ٿيا، جن هڪ وڏي ميدان
تي شاديءَ جو ڇنو ٺاهي تيار ڪيو، جو رنگ برنگي
جهنڊين سان سينگاريل هو. وڏن زميندارن ۽ خاص
مهمانن لاءِ ڌار طنبو هئا، جن ۾ آرام لاءِ کٽون ۽
ڪرسيون وڇايل هيون. مهمانن جي پاڻي پيڻ لاءِ
ڪيتريون ئي منجڻون رکيل هيون، جن تي ٿڌي پاڻي جا
مٽ رکيل هئا. بجليءَ جا گرلا پڻ گهڻي تعداد ۾ هئا،
جن جي بروقت مرمت لاءِ خاص مستري موجود هئا.
مهمانن جي مانيءَ لاءِ به عاليشان انتظام هو،
ٻڪرين جو ڌڻ هر وقت ذبح ٿيڻ لاءِ حاضر هو. ڪاسائي
به پنهنجا ڪات تيار ڪيو بيٺا هئا، رڳو حڪم جي دير
هئي.
وڏيرو ڪرڙ ڏاڍو خوش هو. سندس ڀائر ۽ دوست احمد
ڦهيڙ، علي ٿيٻو، حسن ۽ تاجن سڀ مهمانن جي خدمت
چاڪري لاءِ موجود هئا. مهمانن کي ڪاشيءَ جي ٿانون
۾ ڏاڍي شان مان سان ماني کارائي پي ويئي، جنهن کان
پوءِ چانهه جو انتظام ڪيو ويو. رات جو وري سنڌ جي
مشهور مولودين علي محمد جسڪاڻي، نوح ٿيٻي، دائم ۽
محمد رحيم مڱڻهار صبوح تائين پئي مولود چيا. فجر
جي نماز کان پوءِ وري دهل دماما شروع ٿيا، مڱڻهارن
کي چڱي گهور ملي. نيرن تي مهمانن کي مزيدار پيهون
کارايا ويا. بهترين انتظام سبب هر هنڌ هن شاديءَ
جي ساراهه ٿيڻ لڳي. سگهڙ خان محمد، جو پڻ انهيءَ
شاديءَ ۾ مهمان هو، تنهن پنهنجو اکين ڏٺو احوال
بيتن ۾ بيان ڪيو آهي، جو هتي ڏجو ٿو.[
ساراهيان سچو ڌڻي، ساراهيان سبحان،
قدرت ڏسو ڪريم جي، ٻيا آگي جا احسان،
’وڏيري ڪرڙ‘ جي ڪاڄ جو، توهين سڻو بات بيان:
ڪي ڏينهن ڇنــٖــي ٺاهڻ لئي، ميڙيائون ميدان،
ڪمي هئا ڪينرا، پوڙها ۽ پهلوان،
ڪيترا ڏينهن ڪاٺيون وڍي ڪيائون گدام،
ڪم سِٽائن تي ڪيائون، نقش ۽ نيشان،
آيا هئا ڪيترا مرد وٽن مهمان،
هزارين هنڌ هئا، ٻيون سوڙون ۽ سامان،
کوڙ لڳي ويا کنڊن جا، ٻيا گولا ۽ گهمسان،
ڪاڄ ڏسي وڏيري ڪرڙ جو، عقل ٿيو حيران،
بيشڪ تو دلير کي، الله ڏنو ايمان،
”خان محمد“ ’ڪرڙ وڏيري‘جي ڪاڄ جو ڪري پيو بيان،
سورهيه ٿي سلطان، ڪم هلايو ڪاڄ جو.
ڪم هلايئين ڪاڄ جو، ۽ بيا لکين سينگار،
ڪري ڇڏيا اُت ڪيترا، اُن جوان جنسار،
ڪاغذ ٽنگيل اڇا ڳارها، ٻيا رنگ رنگيدار،
طنبو کوڙيائين ميدان ۾ ترتئون ٿيا ته تيار،
کٽن تي فراسيون هيون، ٻي ڪرسين جي قطار،
ويٺل جن تي وڏيرا، ٻيا زور زميندار،
هر ڪنهن منجڻ تي مٽ هو، ڀر ۾ ڪُونۡجي ڪلادار،
هوٽلون هٽ نڪري ويا، بنجي ويئي بازار،
’ڪرڙ‘ ڪيو هو اُتي، جاٽ جهڙو
جنسار،
هڪڙا گهوڙا ٻيون گاڏيون، ٽيا مَيا مهري ڌار،
گولا ٻريا پئي گسن تي، چمڪيا ٿي چوڌر،
مستري مقرر هو، جنهن ڦِٽل ڪيا ٿي تيار،
ڪاسائي به هئا ڪيترا، ڪاتين ساڻ قهار،
ٻــٖــيڪُون هيون ٻڪرين جون، ريهون ۽ رانڀاڙ،
”خان محمد“ ڪونه ڏٺم، اهڙو ڪو اسرار،
’ڪرڙ‘ جي ڪاڄ جي هئي، خاصي خبر چار،
خرچي خان هزار، ڪرائي مشهور ڳالهه ملڪن ۾.
مشهور ٿي ملڪن، ڪرايا ’درس‘ لکين ديدار،
ڀائر جنهن سان ڀيڙا هئا، مڙئي مددگار،
ڪئين هئا ڪمن ۾ همراهه ڪي هوشيار،
احمد ڦهيڙ، علي ٿيٻو، حسن، تاجن هو تيار،
صابر جهڙا سوين هئا، صالح ڪئي سنڀار،
دس لٿا ٿي ديڳين جا، ليکو نه ڪو شمار،
حجام هو رڌ تي، ڪيائين طعام تيار،
ڀِيل به بيٺا هئا ڀَت لئي، چَرُن ڏانهن چوڌار،
سويلي شروع ڪرائي ماني، ڪرڙ زميندار،
شانءَ سڀئي ڪاشيءَ جا جن تي چٽن جي چٽڪار،
پوءِ ماني هلي مرد جي، ڪري ڇني ۾ ڇمڪار،
هڪڙو قورمون ٻي چاشني، ٻوڙ پلاءُ هو ڌار،
ماني ملي ٿي هڪجهڙي، وٿي نه هئي وار،
کائي هر ڪو خوش ٿيو، ڏنئون پي ڏاڪار،
کائي سڀئي خوش ٿي، ويهي رهيا وينجهار،
چانهه به هلي چاهه سان، کنڊ سان خوشبودار،
حسين ڪٽلي ڪڇ ۾، ڪوپن جي به قطار،
پياريئون پڙها ڏيو، هوش رکي هوشيار،
آيا شغل لاءِ مولودي، جن جو ڏيهن ۾ ڏهڪار،
علي محمد جسڪاڻي، نوح ٿيٻو ۽ دائم هو دلدار،
ٻي ٻاريءَ ۾ ويٺل هو، محمد رحيم مڱڻهار(2)،
سڄي رات ساراهه ٿي، سندي سائين سردار،
مولود به ڳائيندي اچي اَسُر ٿيو اظهار،
وڃي نميا نماز کي، ٿي پرور جي ته پچار،
”خان محمد“ ڪرڙ جي ڪاڄ جي، ڪري پيو خبر چار،
پوءِ مانجهي مڻيادار، پئي ڪئي رسائي راڄن جي.
ڪري رسائي راڄن جي، نالو ڪيئين نروار،
سج اُڀري سنئون ٿيو، ته ٿيا دهلن جا دڌڪار،
شرنايون مُتا شروع ٿيا، بينون بيشمار،
گهور به ملي ٿي گهڻي، پُر ٿيا پينار،
شيدي اچي ويا شيل تي، ڪارا جن ڪَپار،
جيئن ٻيلائي گهمن ٻيلي ۾، چيتن جا چٽڪار،
مهل ٿي ويئي مانيءَ جي، نيرڻ ٿي نروار،
پهرين مليا پيهُون، جن ۾ کنڊ ڪڻ ڪڻدار،
کائي هر ڪو خوش ٿيو، ننڍو وڏو ٻار،
گهوٽ چڙهيا گهوڙن تي، سرگس ٿي وئي تيار،
وري به شرنايون مُتا شروع ٿيا، اُهي دهلن ڌڌڪار،
نچڻ ٽپڻ وارا ڪئين فقير ڦيريدار،
اچي ويا مولودي ميدان تي، ساراهه ڪن سردار،
ڳائيندي وڄائيندي هلي سرگس، سڌي ’ڊاسوڙي‘ پار،
ٻه رڪعتون جامع ۾، پڙهيون پرتدار،
گهوٽ گهمي گهر آيو، ڪامل ماڻي ڪنوار،
وري به ماني هلي مرد جي، ڪري ڇني ۾ ڇٽڪار،
شروعات ۾ شِيرو هو، ٻاڪرو پلاءُ ڌار،
کائي هر ڪو خوش ٿيو، اچي هلي پُوئــٖــي جي پوڪار،
ڪي ڀاڙي ڀڄي ويا، ڪِن نوٽ ڪيا نروار،
اهڙو ڪاڄ ڪنهنکان ڪين ٿيندو، ڪو حيلا ڪري هزار،
ننڍي وڏي نيڪي ڪئي، نه ڪا گلا گفتار،
”خان محمد“ وهواهه وهانۡءَ جي، ڪرائي ’ڪرڙ‘
زميندار،
هاڻ ڪلمون ڀريو يار! ته مَرڪو ميڙي محمد مير جي.
گهوٽڪي اسٽيشن تي گاڏين جو ٽڪرجڻ
]11-
رمضان 1371هه (جولاءِ 1952ع) تي شام جو 5 بجي
گهوٽڪي اسٽيشن تي هڪ پئسينجر گاڏي اچي بيٺي. ان ۾
مسافر تمام گهڻي انداز ۾ چڙهيل هئا، ازانسواءِ
ڪيترائي مسافر انهيءَ گاڏيءَ ۾ اهڙا چڙهيل هئا، جن
۾ روزائتن جو وڏو تعداد هو؛ ۽ جي حج لاءِ سهي
سنڀري نڪتا هئا. گاڏي اڃا پليٽ فارم تي بيٺل ئي
هئي ته هڪڙي مال گاڏي، جنهن جا ’بريڪ‘ خراب ٿي پيا
هئا، اچي ساڻس ٽڪري. پوءِ ته اسٽيشن تي هاءِ گهوڙا
مچي ويئي. زوردار ٽڪر سبب ڪيترا گاڏا ڀڄي پيا، ڪي
پٽي تان لهي ويا ته ڪي وري اونڌا ٿي وڃي ڪريا،
جنهنڪري سوين ماڻهو موت جو شڪار ٿي ويا.
ويجهڙائيءَ ۾ رهندڙ عزيزن قريبن کي جڏهن هن حادثي
جي خبر پيئي ته اُهي واويلا ڪندا اسٽيشن تائين
پهتا. ڪيترا ماڻهو چرين وانگر پنهنجي عزيزن جي
لاشن کي ڳولڻ لڳا. مائرون ۽ ڀينرون پنهنجي وارثن
جي لاشن کي چنبڙي پار ڪڍي روئڻ لڳيون. ڪن ويچارن
جا لاشا به وارثن کي نه لڌا. هن حادثي جي خبر پوڻ
شرط ڪيترائي سرڪاري عملدار گهوٽڪي ۾ اچي گڏ ٿيا.
زخمي ٿيل مسافرن کي اسپتال ڏانهن موڪلڻ جا انتظام
ڪيا ويا ۽ لاوارث لاشن کي اُتي ئي دفنايو ويو. هن
واقعي تي سگهڙ فريد خان گڏاڻي ۽ ماڻڪ خان ڪولاچي
بيت چيا آهن، جي هيٺ ڏجن ٿا].
(1)
فريد خان گڏاڻي جو بيت
ساراهيان سچو ڌڻي، جنهن بازي بڻائي،
يارهين ماهه رمضان جي، مون وٽ هيءَ خبر آئي،
ته ’ٽپال‘ بيٺي ٽيشن تي، پوئيون مال گاڏي آئي(1)،
ٺوڪر هنيئين ٺاهي قضا ڪيرائِي،
”ڪل نفس ذائقة الموت“ جئن ڪوس ڪري ڪاسائي،
هڪڙا پورا ٿي ويا پڌر ۾، هڪڙا جاڳيا نه جائي،
هڪڙا داخل ڪيائون درياءَ ۾، ٻيا ويا ڪانۡو،
ڪتا کائي،
ماءُ نه مِلِي پُٽ سان، ڪئي جانبن جُدائي،
پيءُ نه مليو ڌيءَ سان، ڀيڻ نه ملي ڀائِي،
هڪڙا نادان بچيا ننڊ ۾، جيئن ٻليءَ ٻچا بچيا منجهه
آوي،
هڪڙا حاجي ويا پئي حج تي، تن جو حج به ٿيو سَجائي،
هڪڙا روزائتا هن ريل ۾، تن تي امر ٿيو اِلاهي،
اهو چاهه چوڏهين سنه جو، آهي پنهنجي گهٽتائي،
نه نماز نه روزو، آهي بيحد بي روائي،
پڙهو فرض ”فريد“ چئي، ڪيو ڪلمي جي وائِي،
پوءِ سيّد ڪندو سڻائي، سڀني جي قادر ڏينهن قيام
جي.
( 2 )
ماڻڪ خان ڪولاچي
جو بيت
ساراهيان سچو ڌڻي، صاحب ربّ ستار،
موٽي مون مسڪين جي، ڪا پرين! ٻُڌو پچار،
يارهين تاريخ ماهه رمضان جي، هيءُ عجب ٿو اسرار،
پنجين بجي شام تي، مون ٻُڌي هيءَ پچار،
ٽُٽِي پيئِي ٽيشن تي، ڪا گاڏي ٿي ويئي غار،
’مِڪس‘ بيٺي هئي ماڳ تي، آئي ’مال گاڏي‘ مُردار،
ڏائڻ ڇٽي هُئي ’ڏهرڪيءَ‘ کان، پيس ڏمرجي ڏاتار،
منع ڪيائونس ’ميرپور‘ ۾، اڳتي نه ڪر آر،
سُڃِيءَ کي ’سرحد‘ ۾، ڏنائون جهنڊيءَ جي لغار،
پر ڪا لڳس باهه ’بريڪ‘ کي، بيوس ٿي بيڪار،
ڇُٽڪِي آئي ڇوهه مان، ڪَيس گُنۡبٽِي واري گفتار،
ته ريل بيٺي اٿئي رستي ۾، تون سياڻا! سُرت سنڀار،
ڊرائيور ويچاري گهڻا وسل ڏنا، پر قسمت جي اختيار،
ڪَل ڪنهن کي ڪانه پيئي، ڄاڻي ڄاڻڻهار،
ٿيو زلزلو ظاهري، ٿي ڪربلا واري ڪار،
ڪيئي لهي ويا لحظي ۾، ڪي ڳاري ڪيائين ڳار،
بابُو سڀ ڀَڄِي ويا، پُڇن پوٽرن کان پار،
ڪوئيٽا وانگر ڪِيس ٿيو، پئي قهري هلي ڪوڪار،
ڪي ته پيڙجي ويا پاسن هيٺان، ڪن جا ڌڙ سِسين کان
ڌار،
ڪي وڇڙي ويا يارن کان، ڪي ڀائر ٿيا بيزار،
ڪي ملڻ هليا پئي مارن سان، ڪي ماندا هئا منٺار،
ڪي روزائت هئا ريل ۾، ڪي گهايل گنهگار،
ڪي حاجي ويا پئي حج تي، ڪرڻ دلبر جو ديدار،
ڪي پرديسي پرديس جا، ڪن جا سولا هئا سنگهار،
ڪن سُڏڪِي پئي سَڏ ڪيا، اسان جا ٻهڳڻ ڪٿي ٻار!
ماءُ نه مِلِي پُٽ سان، ٿيو ڏاڍي جو ڏهڪار،
رت وَهِي ريلا ڪيا، توبہ استغفار،
گڏ ٿيا اچي ’گهوٽڪيءَ‘ ۾، ڪامورا قربدار،.
سڀ دفنايائون ڌوڙ ۾، الله جي آڌار،
باقي ڪِيۡس تن جي قريبن سان، ويا روئيندا زارو
زار،
ڪي چون ”اسان جا موٽي ايندا“ ڪي چون
”ڪرڻ ويا واپار“،
ڪن جا لاشا لڌا ڪينڪي، ويا رڙندا زارو زار،
ڪــٖــي ڀيڻاۡ پنهنجن ڀائن ڪاڻ، ويون پِٽي ڪڍنديون
پار،
ڪي ماوانۡ ڪُوڪن پُٽن لاءِ، جن جا در ڏيئي ويا
دلدار،
زاري ربّ جي در تي، شل ڏمرجي نه ڏاتار،
ڏوهه ڪنهن جو ڪونه ڪو، هي پنهنجا آهن پرڪار،
قسمت ائين ”ڪولاچي“ چئي، اها قلم وهائـِي ڪلتار،
مديني جا مختيار! اها اُمت تنهنجي آسري.
پير صاحب پاڳاري شاهه مردان شاهه ثاني جي مسند
نشيني
(چيل ناٿن شاهه)
]پير
صاحب پاڳاري سيّد صبغت الله شاهه جي گرفتاري سببان
جيڪا ٻي حر تحريڪ شروع ٿي، تنهن انگريزن کي پير
پاڳاري جي خاندان ۽ سندن حر جماعت خلاف ڪافي
ڀڙڪايو. هنن آزاديءَ جي هن تحريڪ کي ختم ڪرڻ لاءِ،
پير صاحب پاڳاري کي ڦاسي ڏني ويئي، سندن ٻن فرزندن
پير سڪندر شاهه عرف شاهه مردان شاهه ثاني ۽ پير
علي مردان شاهه کي انگلنڊ موڪليو ويو ۽ حرن کي
باعيال لوڙهن ۾ بند ڪيو ويو.
انگلنڊ وڃڻ وقت پير صاحب صغير هئا. انهن کي ولايت
موڪلڻ مان انگريزن جو مقصد اهو هو ته آئينده جي
گادي نشين ننڍڙن پير صاحبن کي هن ملڪ جي ماحول کان
ٻاهر ڪڍي، پنهنجي اثر هيٺ تعليم ڏيارجي، جيئن حر
تحريڪ توڙي آزاديءَ جي جنگ جو سنڌ مان هميشہ لاءِ
خاتمو ٿي وڃي. پير صاحبن جي تعليم ۽ تربيت، پير
پاڳاري جي ڪوٽ مان هٿ ڪيل ملڪيت مان ٿيندي رهي.
آزاديءَ جي جدوجهد ۽ مجاهدن جي قربانين جو نتيجو
جلدئي 1947ع ”پاڪستان“ جي آزاديءَ جي صورت ۾ ظاهر
ٿيو ۽ نئين حڪومت عمل ۾ آئي. جنهنڪري هتي جي
باشندن، حرن جي وفاداري ۽ لوڙهن ۾ سندن ڪسمپرسيءَ
واريءَ مظلوم حالت جي مدنظر پاڪستان سرڪار کان،
حرن جي آزادي ۽ پير صاحب پاڳاري جي گاديءَ جي
بحالي جو مطالبو ڪيو، جو پاڪستان سرڪار قبول ڪري،
پير صاحب پاڳارن جي گادي بحال ڪئي ۽ کين ولايت مان
گهرائڻ جو انتظام ڪيو، ۽ ان کان سواءِ حرن کي به
لوڙهن مان آزاد ڪيو.
آخرڪار 4- فيبروري 1952ع تي پير سڪندر شاهه ثاني،
پير پاڳاري جي گاديءَ تي ويٺو. انهيءَ واقعي تي
سڄيءَ سنڌ خوشيءَ جو اظهار ڪيو. خاص طرح حرن ڏاڍا
شادمانا ڪيا. پير صاحب کي مريدن طرفان دعوتون
ڏنيون ويون. اهڙي هڪ دعوت جهول ضلعي سانگهڙ ۾ ٿي،
جتي هزارن جي تعداد ۾ مريد اچي گڏ ٿيا هئا. شاعر
ناٿن شاهه پنهنجي بيتن ۾ انهيءَ واقعي جو ذڪر
ڪندي، انهن حر فقيرن جي ساراهه ڪئي آهي، جي مرشد
جي حڪم تي سِر ڏيئي سرخرو ٿيا هئا.[
ساراهيان سچو ڌڻي، صاحب ربّ ستار،
وڏائي تنهن واحد جي، آهي بيحد بي اپار،
نرمل پنهنجي نُور منجهان، ڪيائين محمّد مختيار،
پنجتن پاڪ پيارا، اَڙين جي آڌار،
آهي اولاد علي شاهه جو، ’ڪنگريءَ ڌڻي‘ قربدار،
آيو ’سڪندر شاهه‘ سردار، لاٿائين ڏولائو ڏيهه تان.
لاٿو ڏولائو ڏيهه تان، سيّد سوڀاري،
مرد هئا مَکيءَ ۾، جن کي هينئڙو ٿو ساري،
’محمد يوسف‘ فقير مرد هو، جنهن جي محبت ٿي ماري،
غازي گهڙي پيو گهمسان ۾، ڪئين منڪر ڇڏيائين ماري،
جن صحيحون ڏنيون سيّد تي، تن جا آکاڙا ڇڏيئين
اٿاري،
پوءِ پنهنجي مرشد کي سنڀاري، مڙسن ملهايو ميدان
کي.
ملهائي ميدان کي، اهي مرد ٿيا منصور،
اتي اچي نڪتا، جتي هو حاڪم سندو حضور،
ڏسي حالت ان وقت جي، انهن کي پلپل پيا ٿي پور،
سخن ڪيائون سر جو، ته ’مرنداسون ضرور‘،
پوءِ دانَهه ڪنهن دستور، ڪاهي پيا ڪٽڪ ۾.
حيدر سندي هٿ جو، مونکي آهي سهارو،
آيو آهي سنڌ ۾، اسان جو پير پاڳارو،
سڻي سُڌ سيّد جي، ڀڄي ويو نصارو،
’لوڙها‘ سڀ لهي ويا، هنيو ’نادر شاهه‘ نعرو،
ٿيو ’سڪندرشاهه‘ سوڀارو، جنهن سک ڪيا ”سيّد“ چئي.
سُک ڪيا آهن ”سيّد“ چئي، پير پاڳاري،
جماعت اُن جوان جي، پئي راتو ڏينهن ساري،
ته ’ڪنگري ڌڻي‘ قرب ڪري، اچي ’جهول‘ سينگاري،
جهول سينگاري ڍول ’سڪندر شاهه‘ سونهاري،
هيءَ ”ناٿن شاهه“ نماڻو پلپل پڪاري،
ته وري شل قرب ڪري ڪار کي، هيڏانهن
هوڪاري،
پوءِ صورت ڏسي سيّد جي، هينئڙو ٺاري،
هاڻي سيّد سوڀاري، ملڪ ڪري ڇڏيو ماٺ ۾.
جهمپير وٽ خيبر ميل جو حادثو
(چيل حاجي احمد ملاح)
]سنه
1373/1954ع ۾ جهمپير وٽ ’خيبر ميل‘ جي ٽڪرجڻ ۽ سڙڻ
جو دردناڪ حادثو ٿي گذريو، جنهن ۾ سوين ماڻهو سڙي
مري ويا. هن حادثي جو تفصيل هن طرح آهي ته:
ڪراچيءَ کان حيدرآباد ڏانهن ويندڙ هڪ مال گاڏيءَ
جو پيٽرول وارو گاڏو، هلندي هلندي اتفاق سان پٽي
تان لهي وڃي ڀر واري ٻئي پٽي تي پيو. اهو واقعو
عصر جو پنجين بجي ٿيو. قضا سان ’خيبر ميل‘ به
انهيءَ مهل حيدرآباد کان ڪراچيءَ ڏانهن ويندي
انهيءَ هنڌ تي اچي پهتو. مال گاڏيءَ جي ڊرائيور ۽
گارڊ کي ايترو وقت ئي ڪونه مليو، جو اُهي خيبر ميل
جي ڊرائيور کي موقعي جي صورتحال کان آگاهه ڪري
سگهن. ازانسواءِ ريلوي لائين ۾ انهيءَ هنڌ ور هئڻ
سبب ايندڙ گاڏي نظر نه اچي سگهي. انهيءَ ڪري ڇا
ٿيو جو عين وقت تي خيبر ميل اچي پيٽرول واري ڪِريل
گاڏي سان ٽڪرجي اُٿلي پيو. پيٽرول واري گاڏي جي
ڦاٽڻ ڪري ماڻهن وارن گاڏن کي اچي باهه وڪوڙيو ۽
سڄا سارا اَٺ گاڏا سڙي خاڪ ٿي ويا.
جيئن ته عصر جو وقت هئو ۽ گهڻا مسافر مٺڙي ننڊ ۾
آرامي هئا، تنهنڪري اهي جيستائين سجاڳ ٿين ۽
پنهنجو بچاءُ ڪري سگهن، تيستائين کين باهه وڪوڙي
ويئي، ۽ سَوَن جي تعداد ۾ ويچارا سڙي مري ويا، ۽
حادثي واري جاءِ تي لاشن جا ڍير لڳي ويا. خبر ملڻ
تي ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد مان فوراً امدادي پارٽيون
حادثي واري جاءِ ڏانهن روانيون ٿي ويون، جن باهه
وسائي زخميلن کي اسپيشل ٽرين ذريعي ڪراچيءَ جي
اسپتالن ڏانهن روانو ڪيو.
هن حادثي سبب سوين گهر برباد ٿي ويا ۽ هزارين گهرن
۾ ماتم مچي ويو. ڪيتريون مائرون ٻچن لاءِ
ٻاڪارينديون رهيون ۽ ڪيتريون زالون ور وڃائي
بيواهه ٿيون. شاعر مولوي احمد ملاح هن واقعي تي
جيڪو نظم چيو آهي سو هتي ڏجي ٿو.[
حادثي جا حال ڏسندي، ڏيل ڏڪيو ٿا وڃن،
جَر اکين مان جال ڏسندي، ڏيل ڏڪيو ٿا وڃن.
ڪوهه ڄاڻان قهر ڪهڙو وچ ڪراچي ڪوٽڙي،
’جُنگ‘ ’جهِم‘ جنجال، ڏسندي ڏيل ڏڪيو ٿا وڃن.
ٿي ’سٽيءَ‘ کان اڳ اسٽيشن موت جي سامهون صحيح،
اڳ نه وڌيا وال، ڏسندي ڏيل ڏڪيو ٿا وڃن.
ٿيا ڪراچيءَ جي عوض قابو قبر جي ڪوڀ ۾،
منجهه مٽيءَ متوال، ڏسندي ڏيل ڏڪيو ٿا وڃن.
جن اڃا آسون گهڻيون اڳتي اندر ۾ سانڍيون،
ٿيا فنا في الحال، ڏسندي ڏيل ڏڪيو ٿا وڃن.
ڪنور ڪيڪاٽيون ڪندي ڪئين ٿيا ڪڙمي ڪارا اڱار،
پرڻيل پرسال، ڏسندي ڏيل ڏڪيو ٿا وڃن.
آگ اَٺ گاڏا سڄا ڪوڙٖي ۾ ڪيا قابو کڻي،
پوءِ پڌري ڳال، ڏسندي ڏيل ڏڪيو ٿا وڃن.
باهه ۾ جيئري جلي ڦلهيار ٿيا ڦلهيار سان،
ڪوڪ ڪنڌ ڪٺمال، ڏسندي ڏيل ڏکيو ٿا وڃن.
ڪي سُتي ئي ويا سڙي، ڪن کي ته ساريو پيا سڙون،
ڪن به ڇا ڪنگال! ڏسندي ڏيل ڏڪيو ٿا وڃن.
گس تي گاڏو ’ڳئس‘ جو پيو تنهن تان ’پاڪستان ميل‘،
ميل چاليهه چال، ڏسندي ڏيل ڏڪيو ٿا وڃن.
سؤ سڙي ويا سنڌ ۽ پنجاب، سرحد جا سوار،
ٿيا ڀُڄي پيمال، ڏسندي ڏيل ڏڪيو ٿا وڃن.
وير ۾ ڪنهن ور وڃايو، پڻ ويا ڪن کان وياء،
ڪنهن جي ضايع زال، ڏسندي ڏيل ڏڪيو ٿا وڃن.
ڄِڀ ٻهر ڄِڀين ٻُهاريا مڙهه مٿي ۽ هيٺ ڏين،
ساڻ ڇونۡ ڇونۡ ڇال، ڏسندي ڏيل ڏڪيو ٿا وڃن.
لاش ڳوليندي لڀن ڪي ڪي ڪٿي ڪاريون هڏيون،
ايءُ اکين احوال، ڏسندي ڏيل ڏڪيو ٿا وڃن.
ڪير ڪــٖــــيريءَ کي سڃاڻي، ڪير هيءُ يا ڪيترا؟
مَت مُنجهي متوال، ڏسندي ڏيل ڏڪيو ٿا وڃن.
کم خطائون يا خدا! نه ته خير ڪونهي خلق ۾،
شامتِ اعمال، ڏسندي ڏيل ڏڪيو ٿا وڃن.
هر جماعت ۾ جمعي ڏينهن پکڙيون خبرون خميس،
هي قهر ٿيو ڪال، ڏسندي ڏيل ڏڪيو ٿا وڃن.
پِرهه ۽ پنجون بَجو ننڍڙا وڏا سڀ ننڊ ۾،
لُوڻجي ويا لال، ڏسندي ڏيل ڏڪيو ٿا وڃن.
سال تيرهين سؤ ٽيهتر ۾ سامهان سڙندا رهيا،
مرد، مايون، مال، ڏسندي ڏيل ڏڪيو ٿا وڃن.
اوچتو آين اجل نه ”احمد“ پنيون آسون اندر،
رحم پئي رب شال! ڏسندي ڏيل ڏڪيو ٿا وڃن.
|