سيڪشن: لوڪ ادب

ڪتاب: واقعاتي بيت

باب:

صفحو:15 

پتافين جو پوليس کي مارڻ

انگريزن جي اوائلي دورِ حڪوپمت ۾ مَسُو ۽ پيربخش پتافي ڀائر، ڳوڙهيلي تي، ريتيءَ کان اولهه طرف ٻه ڪوهه کن مفاصلي تي ويٺل هئا. ٻئي ڀائر اشراف هئا. ڪنهن حاڪم جي چوري ٿي پر چور جهلجي ڪين سگهيا. پوءِ پوليس زور ڪري اچي هنن پتافين کي جهليو. گهنور لاشاري پيراڍُو (پــٖــــيري)، حاڪُو خشڪ ۽ ڪريمو چانڊيو چغل ٿيا، جي هنن مڙسن تي بيهي ويا. پتافين جي گهرن تي ڊنب چڙهي آيو. ان وقت هي مڙس گهر ۾ ڪين هئا. جڏهن آيا ته پوليس کي چيائون ته چوري اسان وٽ ڪانهي، اوهين زوري نه ڪريو. جيڪڏهن رشوتون ۽ وڍيون کپن ته اهي به ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. پر پوليس هڪ به نه مڃي ۽ هنن کي ٻڌڻ لاءِ تيار ٿي بيٺي. پتافين ڏٺو ته عزت بچائڻ لاءِ هاڻي ٻي واهه ڪانهي، سو هي مڙس به مقابلي لاءِ ڪمر ڪشي بيٺا: ٻه پوليس وارا ۽ هڪ نائڪ ماريائون. انهيءَ واقعي تي ڪنهن سگهڙ بيت چيا آهن، جي هيٺ ڏجن ٿا.[

 

چورن آڻي چوري ڪئي، مَدائي ته مَدن،

چڙهي سوار سرڪار جا، پيري ڪَڍ پَوَن،

نائڪ وڏو نر هو، چڙهيو ڪڍ چورن،

گهَنور لاشاريءَ کي، لعنت لک ڏجن،

ڪريمو ڪمذات هو، چغل چانڊيــٖـــي چورين،

حاڪُو هِڪا ضد تي، اِهي چور ٻَجهن،

مَسو ۽ پيربخش دُهرا دُنگ ٻجهن،

اچي لٿا هئا واهيڻــٖــــين، گهوٽن جي گهرن،

سي ڀي صوڀا ڪين هئا، جن تي ڏاڍي ڀُل ڀُلن،

پيربخش پهلوان آيو، چيائين ته بَدي اسان وٽ ناهه ڪا،

پَت جيڪي پُرجهن،

جيڪي منگو سر ڏيون، توڙي وڍيون ويهه لڳن.

 

صوبن پاڻ ۾ صلاح ڪئي، ته وڙهڻ بنا ٻي ڪانهي واهه،

سَٽي وڌائون سوار کي، پئي نائڪ جي نگاهه،

ارڏو     احمد خان    آيو،    ڪوپو     ڪاهه   به   ڪاهه(1)،

هنيائين هٿ همٿ جا، وڙهڻ جنهين جو واهه،

نينگر ڏنو سر نِيمڪ تي، جُڙي مٽي جنگجاهه.

 

گهنور لاشاري ڀڳو ڳوڙهيلي کؤن، ٽپيو سَٽ هِڪا ساهي،

پهتا اچي پليت کي، گوڙ ڪري غازي،

گاهه لِتر هوس وات ۾، ڪري حيلو ۽ آزي.

 

خيرپور جي بازار جون، گهٽيون ورتيون گهوٽن(2)،

هيڏهون ڇڙا ٻه ڄڻا، هوڏانهن سَوَ ٻُجهن،

ڪيئي ڪوٽ ڪفار جا ڪروڙين ڪنبن،

هندستاني حيرت کؤن ڀڳا ڀَهءِ وڃن،

مُزور ڪين ملهائيو مري مردارن،

اڳي گُرگيج ٿِي گذريا، ٻي خانن ڪئي کوسن(3)،

لَٽۡيا رَند نوان ڪيا وري پــٖــــيرا پتافين،

جکراڻي ڪي جوان هئا، نانءُ نه ڄاڻان تن،

سهسين ”ســٖــــي جزارغان“ ڪو ٻولي ٻاروچن،

ماري پاڪ شهيد ڪيا، حوض ڪوثر تي هَن،

سيج پاٿاريون پلنگ وهاڻا، جنّت جاءِ جُڙين.

 

سيد محمد شاهه سنائي جي شهادت

 

]هن واقعي تي شاعر سليمان ملاح جا چيل بيت صفحي 76 ۽ 77 تي ڏنا ويا آهن. ٻيءَ روايت ۾ ساڳئي شاعر جا وڌيڪ بيت مليا آهن، جي هتي ڏجن ٿا. هنن بيتن ۾ شاعر اهو ذڪر ڪيو آهي ته ستابي شاهه پنهنجن ماڻهن کي سڏائي، محمد شاهه کي مارڻ جو حڪم ڏنو. پر هنن انڪار ڪري چيو ته: اوهين ٻئي پاڻ ۾ مائٽ آهيو، تنهن کان سواءِ هو به سيّد آهي، اسين ان کي مارڻ جو گناهه سر تي ڪونه کڻنداسين. ان بعد ٻيا چار ڄڻا جبل کان گهرايئين، جن وڃي محمد شاهه کي شهيد ڪيو.[

ڇا ڪريون تنهنجي هيري جواهر کي، کوءِ پوي تنهنجي کٽ،

اهينۡ جاني جگر آهيو پاڻ ۾، مير ٻئي مِٽَ،

ٻيو جيڪو چُئــٖــــين سوماري اچون، سيّد ڏيئي سٽ،

سياڻو ويندو ڪينڪي، ڪنهن چرئي جي چٽ،

ڪافر ٿي قيام وڃائي، هلي ويهي نِي هٽ،

حسن مير حسين جا، اڳئي آهن فراقن کي ڦٽ،

توڙين اٿيو لٽيون منجهان لٽ، ته به اٿئون آسرو عليءَ ۾.

 

آهي آسرو عليءَ ۾، اچو نر کي نمائي،

منهنجو هي سِر آهنجو ضامن آهي،

آهين پاڻ چور چالاڪ آهيو، ڇا اوهان کي ستابو شاهه

سمجهائي.

ٻاون ٻولائي، وڃي ڇوڙيو دس دونالين جا.

 

ڇوڙيون دس دونالين جا، ته ڪامل وڃايون قيام،

اهلبيت سنديءَ ذات جا، آهيون گولا ۽ غلام،

ڪونه ويندو ڪو اوڏانهن، هئي اسان مان هام،

ٻيو جيڪو چئين مدعي سوماري چون، توڻي سکڻا اچن سلام،

مير محمّد ڄام، هيئن فائق ڪين فرمايو.

 

فائق مون کي فرمايو، مون ٿي ورتو اوهان جو امتحان،

جيڪي مون سان ڪيو اٿس پر ۾، ڪهڙو ڪريان بات بيان،

شهيد ڪري ايندس شير کي، ڪُل سڻي ڪوهستان،

ڪنڌيءَ ۾ ڪُوڪ پوندي، هو ٿيندا حيران،

جايون تنهن جُنگ جون، ڪري بنگلا ايندس بيران،

هونئن ٿا چئو توتان ڪامل آهيون قربان، پر اڄ

مون سڀني کي سهي ڪيو.

تو سڀني کي سهي ڪيو، جڏهن پاڻ ڇڏي اٿئون همت،

چور چالاڪ آهيون، پر اهڙي ڪنهن جي ڪين ٻڌيسون

مصلحت،

مير پنهنجي ملڪ ۾، آهي اعليٰ مانُ عظمت،

جيئن ڪري ڌڌڪار دور درياءَ، تهڙي آ دانَهه جي دهشت،

هڪڙو آ صورت جو سهڻو، ٻيو آ قادر ڏنيس قوت،

سو مير ”ملاح“ چئي ٿو، سيّد سونهي سٿ،

غم ڇڏي غيرت، کِلي ويهه کٽ تي.

 

ڪيئن کِلي ويهان کٽ تي، مونکي اچي نه آرام،

کاڄ کائيندس ڪينڪي، طلبي ڪو طعام،

ڏيئي باهه بندوق کي، وڃي ڪندوسانس سُتي لوڪ سلام،

جان آءٌ ڏسندس مقام، يا ڏيکاريندس ميرمحمّد شاهه کي.

 

گهوريو مير مقام، ڪا رک نر نظر،

ائين چئي هليا، سي دانَهه هئا دلبر،

پير دستگير! متان اِهي ڪرين ڪم قهر،

ڪي ويٺا منجهه مڪان، سي ناقص هئا ناهر،

اڄ ڪي سنجهه سڀاڻ، پوندئي خان خبر،

گهڻا ڏينهن ڪيون آهن ڪورٽون ڪنڌيءَ ۾،

انهيءَ سيّد سڌر،

وڃون به ڪي وهلور ٿا، ڪل وٺُونس ڪسر،

سي ويٺا هاڦُون هڻن، ڪَٽِيل وڏا ڪنر،

”ملاح، چئي منڪر، هئا جماعتي يزيد جا.

 

آيا جماعتي يزيد جا، پسڻ پيو پاون،

ويري اٿم وڙهيا، اٿن ڳاڙها ڪهاڙين ڳن،

ڪونه آيو آهي منهنجي ڪُوڪ تي، نڪري منجهان ’سن‘،

پوءِ دؤڙي دوڙي دستگير جي، وڃي ورتي اٿم داون،

چئي متان مرين منهنجا من، امر الاهي آئيو.

 

امر الاهي آئيو، تنهن جي ڪري ڪانه اُپٽار،

ڪيڏو گمراهه ڪيو آهي، مونکي خواب خمار،

آيا جماعتي يزيد جا، ويٺا ڪن پاون وٽ پچار،

کڻي ڪهاڙيون ۽ ڪاتيون، ڪيائون هٿ هٿيار،

پوءِ هڻي نيوالا هليا، سنبري ٿيا سوار،

سي ماڻهو هئا، ڪي ڪافر هئا، ڪي يهودين جا يار،

هڪلي آيا اُتي، جتي وَسنۡهن هُئي وينجهار،

بنگلو تنهن باريءَ جو، کيڏ گهڻي خنڪار،

محمّدشاهه مير جا هئا ڏٖيهن منجهه ڏهڪار،

رمضان مهينو روزن جو، هئي ملڪ سڄي سنسار،

روزي ۽ نماز جي هئي طالبن کي تار،

اُڀيءَ ويل اَسر جي، ٿي پاون ڪئي پاسار،

ماري تنهن ملوڪ لاءِ، اچي ويٺا چاري ٿي چوڌار،

ڪڙڪا ٿيا ڪهاڙين جا، پيس نه خبرچار،

ڪي سوگها ڪيائين ”سليمان“ چئي، اُرهه جي آڌار،

وڌائين هٿ وانگوڙن ۾، وِنگا جهلي وار،

پوين پڄاڻي ڪري، ڪيو ڌڙ سسيءَ کان ڌار،

تنهن مرد به ناهه ميار، جنهن ترار ڪئي هئي تسبيح.

 

ترار ڪيائين تسبيح، ٿيو رانجهن راماڻو،

باقي سندي بنگلي مان، جنهن مير پٺيان ماڻو،

ريلو ڏٺائين رت جو، اُتي ڪامل ڪوماڻو،

صحيح سڃاتائين سيّد کي، روئي هليو راڻو،

سڏ پنڌ تي سٽون ڏنائين، پرڻي وقت وهاڻو،

منهن ملي محبوب جي، اچي ٿو ڳالهه ڪري ڳاڻو،

ڪيو حاڪم هالاڻو، محمّد شاهه شير شهيد ٿيو.

 

۽ فرياد فرياد ٿيو، محلي اندر ماتام،

توبهه زاري ٿي، ڪاري اتي قيام،

شهزادي شير جي، بيٺي جر وهايا جام،

ڏسيو صغير کي ”سليمان“ چئي، بيٺا ڪن هشام،

سيّد ڇُڙي آ سام، آهر به الله جي.

 

ڪندٖي آزيون الک کي، ٿي پڙ ڪڍيائون پار،

محلن ۾ ماتام ٿيو، اوهير آئي اُڇنگار،

ڪنڌيءَ ۾ ڪوڪ پيئي، مڙيا ماڻهن سَوَ هزار،

ڪئين صاحبلوڪ آيا، مُلڪ انهي مختيار،

پاڳا جهليو پِٽينِ، ماڻهو مال ميهار،

جهونگاريندا اچن جهنگن مان، ڳالهيون ڪندا ڳنوار،

جن اسان جو شير شهيد ڪيو، تن کي موليٰ وجهندو مار،

سڏ ڪندا اچن ”سليمان“ چئي، روئندا ويا ريڍار،

تو ريءَ مير محمّد شاهه، ڪونه اسان جي سيّد لهندو سار،

پَهُون ڇڏيو پٽ تي، اچن ٻاڪاريندا ٻڪرار،

سارينداسونءِ سُکن کي سڄي سڀ ڄمار،

رڻ وٺيو روئندا اچن، اُٺ ڇڏيو اوٺار،

اڄ لڏيو وڃين لوڪ مان، منهنجا ساڻيهه جا به سينگار،

سينگاري سردار کڻي خان رکيائون کٽ تي.

 

مُهڙ کٽ مقام ڏي، کڻي هليس خان،

ڪارا ڪري ڪپڙا، آيا مڙيئي مسلمان،

قدم قدم سان پڙهي ڏنائونس ڪلمي ساڻ قرآن،

هٿ کڻيو هڪلون ڪن، سمهايو سلطان،

سي اڃا ساريندا ”سليمان“ چئي، جي هئا ممبر سندا مزمان،

اڄ لڏيو جانب منجهان جهان، ٿو ’سن‘ سڃي ڀانيان.

 

’سن‘ نه سڃي ڀانءِ، ڀانءِ سڄي ڪانهاري،

ڪاهيو ماڻهو مال ايندا هئا، چوڪڙيون چري،

ڌراڙن جي ڌاڪي کان ويندا هئا پٽيوال ٽري،

جي گوڙيون ڪندا هئا گونرن ۾، تن جي ٿي اڄ حجت ڍري،

اڳي وڃي ٻيلي باهه ٻري، اڃا مرد نه رسيو مقام ۾.

 

مرد رسيو مقام ۾، جنگ جڙي جاءِ،

لاشو لاٿائون لاکيڻي جو، هئي هئي ڪري هاءِ،

ڏٺائون سوجهرو سيّد جو، جتي انڌ هئي اونداهه،

مقبرو ٺاهيائون محبوب جو، ڪيائون ياد خداءِ،

تن ٻُنڀان ٻرندي باهه، جن شير شهيد ڪيو.

 

ڪانڌي موٽيا پوئتي، جن جو نه ڪيائون شرو شمار،

ڪي ويا اُڪري، ڪي رهيا، ڪن وڃي وڻج ڪيو واپار،

چوٿين چاڙهي اُماڻيائون ڪو گهوڙيسوار،

ٻارهين ٻهڳڻ آيو، دعوت ڏيئي دلدار،

سڳداسي آندائون سيوهڻ مان، جن جو هوء پوي هٻڪار،

ڳئون، پهرو پاڏا، جيئن هلي ڇوڙي ڌڻ ڌنار،

هليو عرس ڪامل جو، پيو سانَن ۾ سڪار،

مڻين مال لهي پيا، تن تي ڪو ويٺو قابلڪار،

هلي ماني محبوب جي، ڏسي ديڳين جو ديدار،

تنهن جو کايو وڃن ختمو، جنهن جو هئو ڏيهن ۾ ڏهڪار،

صدا ڪري ”سليمان“، غافل گنهگار،

ڏئين پرور پاند پناهه جو، تون آهين جليل جبار،

جن جو ڪلمي تي اعتبار، سي هوندا پسندا مصطفيٰ.

 

الڪي ۽ صديق جو واڳونءَ سان مقابلو

(چيل نالي چڱو پالاري)

 

]الڪو شورو ويٺل لوياڇ ديهه ۽ صديق جاکرو ويٺل آڇڻ ديهه، ڪوهستان جا ٻه مشهور ڌاڙيل ۽ پاڻ ۾ گهاٽا دوست هئا. الڪي شوري جي، پنهنجي زال ساران سان ڏاڍي دل هوندي هئي. اها به دلير عورت هئي. هميشه ساڻن گڏجي چورين تي ويندي هئي. سنه 1920ع جو واقعو آهي ته هڪ دفعي ٽيئي ڄڻا گهوڙاٻاري تعلقي جي ڪنهن ڳوٺ مان مال ڪاهي، سيڻاهون سنڀالي اچي ’گليل جي تڙ تي پهتا. اوڻٽيهين رات جي اونداهي ۽ زوردار برسات، درياءَ کي هيڪاري وڌيڪ خوفناڪ بنائي ڇڏيو هو. ڪنهن جي مجال جو درياءَ ۾ پير پائي! پر هي پهلوان نه ڊنا ۽ مينهن جي پڇن کي جهلي، درياءَ ۾ گهڙي پيا. وچ سير ۾ پهتا ته الڪي کي اچي واڳونءَ ٽنگ ۾ وات وڌو. اها ڳالهه الڪي پنهنجي دوست کي نه ٻڌائي بلڪ اڪيلي سر واڳونءَ سان مقابلو ڪندو رهيو، پر جڏهن واڳونءَ وراڪو ڏيئي کيس پڇ سان زوردار ڌڪ هڻي ڪڍيو، تڏهن دوست کي هڪل ڪيائين ته: ادا! اجل اچي چنبو هنيو آهي. تنهن تي صديق ترت اچي پهتس ۽ يڪي سر کيس واڳونءَ جي وات مان ڇڏائي ڪنڌيءَ تي آندائين الڪي جي زندگيءَ جا ان وقت ذري گهٽ پويان پساهه هئا. صديق پوءِ الڪي کي ڪنڌيءَ تي سمهاري پاڻ پاسي ۾ کوسن جي ڳوٺ ڏي مدد لاءِ روانو ٿيو. پوءِ اتان ڪي ماڻهو وٺي، الڪي کي کڻائي اچي گهوڙاٻاري جي اسپتال ۾ داخل ڪرايائين. اتي الڪي جي مائٽن کي خبر پيئي ۽ اهي به اچي اسپتال ۾ پهتا، پر هنن جي پهچڻ کان اڳ ئي الڪو گذاري ويو. کيس اتي ئي قريشين جي پاڙي ۾ دفن ڪيو ويو. الڪي جي وفات بعد، ساران ڪجهه ڏينهن ’گليل جي تڙ‘ تي ويٺي روئندي هئي. آخر صديق کيس آٿت ڏيئي ڳوٺ وٺي آيو. هن وقت ساران ڳوٺ ابڙال تعلقي ميرپوربٺوري ضلعي ٺٽي ۾ رهندي آهي ۽ مردانا ڪارا ڪپڙا ڍڪيندي آهي. مڙس جي فراق ۾ لولي، مورو ۽ جمالو چيا اٿس. سگهڙ ”نالي چڱي“ پالاري انهيءَ واقعي تي ڪلام چيو آهي، جنهن ۾ دوستن جي وفاداري ۽ واڳونءَ سان ويڙهه جي تعريف ڪئي اٿس.[

 

ساراهيان سچو ڌڻي، جو سائين ربّ سچو،

رضائون تنهن ربّ جون، جن ڪلمون پاڪ پڙهيو،

پهريون انصاف پهلوان جو، مومن سڀ مڃو،

گهڙي هليا ’گليل‘ کان، لکئــٖــــي لوڙهه هڻيو،

سوداگر تنهن ساهه جو، ٿي ’الڪي‘ ڏانهن آيو،

جو داڻو تنهن جوان جو، هو پاڻيءَ منجهه پيو،

واڳوءَ ويساهي، تنهن گهائي گهوٽ نيو،

عمر الڪي جو جڏهين، اچي پويون پهر ٿيو،

وهاڻي ”نالي چڱو“ چئي، پويون پهر ٿيو،

واڳوءَ وڪوڙي وير کي، وسيلو سڀ نيو،

واڳوءَ ڪَر ڪڍيو، تڏهن الڪي سڏيو ’صديق‘ کي.

 

الڪي سڏيو صديق کي: منهنجو ويريءَ باز ڀڳو،

جس هجي تنهن ’جاکري‘ کي، جو هاٿي ڪين هٽيو،

سورهيه سِر سٽي، وڃي واڳوءَ جو وڍيو،

تنهان وٖير رت ۽ پاڻي، ٿي پاڻ ۾ گڏيو،

ساڻي ٿيو صديق سان، سائين ربّ سچو،

پير دستگير حضرت حـــــــــامـــــــــــــي ٿــــــــــــــــــيـــــــــــو،

ويا سي ايمان سان، جن ڪلمون پاڪ پڙهيو،

ڪَر واڳوءَ ڪڍيو، تڏهن شير آيا شهادت ڏانهن.

 

شير آيا شهادت ڏانهن، ڪري يار اُلير،

سيڻاهون کڻي سامهون ٿيا، دانا دوست دلير،

خانن کهنبا ڪپڙا، ڇانۡيا منجهه ڇڳير،

هاٿيءَ صديق هڪل ڪئي، مانجهيءَ مرد مٿير:

اٿم سر صدقو يار تان، وٺان ويريءَ کان وير،

هڪڙا دور درياءَ جا، ٻي ڪاري رات ڪنڌير،

پوءِ ڌڪ هنيو دلير، سو پڙڏو وڃي پيو پهرن ۾.

 

پڙڏو پهرن سو، وڃي کوسن منجهه پيو،

ته يار، سر يار مٿان آهي قربان ڪيو،

سُڪيءَ سڀڪو وڙهي، هي پتنگ پاڻيءَ وڙهيو،

نر نديءَ وچ ۾، سو ٿيو شير سچو،

سورهيه سڀڪو سڏائي، پر اهڙو انصاف ڪنهن نه ڪيو؛

مولو معاف ڪندو، پڇاڻو تنهن صديق تان.

 

سورهيه پٽ صديق، سو مَر ٿي ماءُ ڄڻيو،

سورهيه سرير سِير ۾، سو ٿي لهرن لوڏيو،

ڪُن گهڻا، ڪاري رات، پر مانجهي ڪين مُڙيو،

سنگتي صديق جو ٿي ويريءَ وڪوڙيو،

سو يار تنهن يار مٿان ٿي گهوٽ گهڙيو،

مولاٽو تنهن مرد جو، ٿي چولي ۾ چڙهيو،

جانۡڪي جهونجهار جيءَ سان، زور ساڻ وڙهيو،

ڪڍي واڳوءَ جي وات مان، وڃي خان کڻيو،

الڪي پنهنجي ايمان سان، ٿي ڪلمون پاڪ پڙهيو،

صديق پنهنجي يار لاءِ، ٿي رويو راهه رڙيو،

پوءِ سورهيه سوڀارو، اُڪري ويو ايمان سان.

 

اُڪري ويو ايمان سان، تنهن کي ڏني سوڀ ستار،

سچا سچن سامهون هئا، دليان دوستدار،

هاڪ هُلي وئي مردن جي، چوڏس ۽ چوڌار،

’الڪو‘ ۽ ’صديق‘ هئا جوان جوڙيدار،

جڏهن جوراڻي جدا ڪيو، تڏهن ڇڄي ٿيا ڌار،

پوءِ پهتي وڃي پڪار، سا مديني جي مير کي.

 

مديني جي مير کي، وڃي پيغام پيئي،

يار چيو يار کي: هاڻ ڏي صلاح ڪائي،

ڪيئن ڇڏيان توکي، اي منهنجا دوست ئي!

ڪيئن ڏيان خبر تنهنجي، مان کوسن کي هلي؟

تڏهن ’الڪي‘ چيو، ته ساهه سرير ۾ ته ايمان اهوئي،

تڏهن وڃي کوسن کي، هن لَکيءَ هاڪ هنئي،

پڇيائون تنهن خان کان، حقيقت اهائي:

ته جوان منهنجو جوڙيدار هو ’الڪو‘ اڳيئي،

ڪونڌر گهوٽ ڪُسي پيو، سوجهو راڻي جهو ريوئي،

جبل جدا ٿيو، اڄ ڏونگر ڏريوئي،

اجل آيو اوچتو، تڏهن واڳون ٿيو ڏوهي،

يار منهنجو هيڪلو، ويٺو درياءَ تي سوئي،

هاڻي هٿ کڻوئي،پوءِ ڳالهيون ٿينديون انصاف جون.

 

آيا ڄاڃي ’الڪي‘ جا، کوسا مڙيئي،

کنيئون گهوٽ گهر ڏانهن، مڪئون نياپا مڙيئي،

’الڪي‘ چيو مائٽن کي، ڪا خبر ڏجوئي،

ته جنگ ’الڪوئي‘ جي جيءَ سان، ڏاڍو ڏک لڳوئي،

ساڄن ساٿ گهڙيءَ جو، آهي مهمان هاڻي هِي،

آيو سوداگر ساهه جو، تڏهن وَٿ هيءَ ويئي،

اوهين سگهو موٽوئي ڏسو تنهن دوست کي.

 

منهن ڏسڻ معشوق جو عزيز ڪونه آيو،

سورهيه سوڀاري تنهن ٿي لاش کڻايو،

خان کڻائڻ جو هو، سورهيه ڪيو سعيو،

ته هوت صديق هٿن سين، سو لالڻ لڏايو،

جڏهن جو راڻي جدا ڪيو، تڏهن يارن موڪلايو،

اُهو ويريءَ مارايو، جنهن وڌو وڇوڙو وچ ۾.

 

وڌو وڇورو وچ ۾ واڳونءَ ڪئي قضا،

سُڌ نه ساريائين سور جي، ڏاڍو ٿيس ايذاءُ،

سي مرد مڃي هليا، جيڪا ربّ رضا،

هتان لڏيندو لوڪ سڀ، رهندو هڪ الله،

يار يارن کي به سي سر ساريندا،

رنگ رهاڻيون جوڳيءَ جون، جوڳون ياد ڪندا،

’الڪي‘ جا اسپتال ۾، پويان پساهه رهيا،

هاڻ پورا ٿيا پساهه، ’الڪي‘ جا اسپتال ۾.

 

’الڪو‘ مرد اسپتال ۾ ويو خان مري،

ڪريا قلعا ڏک جا، پيا ڏونگر ڄڻ ڏري،

ساهه ويو سنگت ڇني، سو آيو ڪين وري،

ساراهه تنهن سورهيه جي، ڪندو”پالاري“ڪيئن پڙهي،

پيوس ڪلمون قرب مان، منجهان قلب رڙهي،

پوءِ ڇير سنڌ ساري، ٿي مڃي تن مردن کي.

 

مڃي تن مردن کي، سي مانجهي مرد جوان،

ڪئين مرد مري ويا، ڪهڙا بچيا خان!

ڏاڍي سان ڏاڍائي، ڪنهن جي هلي ڪانه،

بهشت دوزخ دنيا لاءِ، جوڙيا ربّ رحمان،

جوڙيائين جنّتون، حورون منجهه بُستان،

شاعر ساريندو ڪيترا، بيتن جا بيان،

مٺا چارئي چاڳلا، چارئي پاڪ جوان،

مٺو نالو ﷴ جو، جو عالم جو اڳوان،

صدقي پنهل ان، سڀ اُڪاريندو اڳ ۾.

اُڪاريندو ڪلمي سان، عالم جو اڳوان،

ساراهيان سچو ڌڻي، سونهن ڀريو سبحان،

’صديق‘ سوڀاري تي ڪيو الله احسان،

مانجهي مُڙيو ڪونه ڪو، الله ڏنس ايمان،

سينگاري راڻو سيج تي، کڻي هليا خان،

کڻي هليا کٽ تي، پڙهي ڪلمو قرآن،

ٿيو مومل جو مزمان، رهيو پاڙي قريشيءَ جي.

 

رهيو پاڙي پير جي، لنگهي سورهيه سِير،

محي الدين معافي ڏيندو، صدقي پيران پير،

خان اُڪاريندو خير سان، ڪي داناءَ دستگير،

ڪانڌي ڪامل ڪيترا، ڪي داناءَ يار دلير،

پڙهي ڪلمون صدق مان، سونهان ٿيا سڌير،

ڏيئي ڪلف قابو ڪري، وري آيا وير،

ستو راڻو سيج تي، ٿيو مومل جو مهمير،

پڇاڻو مَلڪ پڇندا، سي منڪر ۽ نڪير،

بت گڏيو ڀَنجُوءَ سان، مڙين سندا مير،

روح پرتو ربّ کي، ڦيريدار فقير،

آهيم سِڪ سيّد جي، تن من ۾ اُڪير،

جايون جوڙيائين جنّت ۾، ڀلي بهشت هِير،

پوءِ پڇاڻو پير، معافي ڪندو مردن تان.

 

سوڀاري ’صديق‘ جي، آهي خدا تي توڪل،

مانجهيءَ مرد مٿير جي، سُڄي هرهنڌ هڪل،

سلامي تنهن سورهيه جا، آيا ٻوليءَ ٻَڌل،

سنڀري هليا سير ۾، هڻي نعرا ۽ نفيل،

درياءُ وچ ’الڪي‘ ٿي دهشتي ڪيا عمل،

مرد گهرايو مومل، سو ويو لڏي لَبّيڪ چئي.

 

1929ع واري برسات

(چيل پانڌي آريسر)

 

]سال 1929ع واري برسات سڄيءَ سنڌ تي خوب وسڪارا ڪيا. ڪراچي، حب، هاڙهي، ننگر ۽ ملير ۾ ٻوڙان ٻوڙ ڪرڻ کان پوءِ حيدرآباد، هالن ۽ مٽيارين تي وسڪارو ٿيو، جنهنڪري گهلو واهه ۾ گهارو پئجي ويو. ان کان پوءِ ڪوهستان، بڪيرن، ناري ۽ پٿوري تي ڏاڍو مينهن وٺو. پٿوري جي ميلي ۾ ٻوڏ جهڙيون حالتون پيدا ٿي پيون، جنهنڪري واپاري ڏاڍا اچي پريشان ٿيا. حلواين جا جليبين، توشن، پڪوڙن ۽ پڪوانن جا ٿالهه پاڻيءَ ۾ لُڙهي ويا. ناروءَ نالي هڪ دڪاندار جا نان ۽ پيسومل جا انب ٻڏي ويا. پاروءَ ويچاري جي هڪ ريوڙي به ڪانه بچي. هن مصيبت کي ٽارڻ لاءِ هندن سيتارام، هنومان ۽ پيرپٿوري کي پڪارڻ شروع ڪيو. مينگهواڙن جي پڻ حالت خراب هئي. ويچارا گپن ۾ گچي پيا جنهنڪري ماڻهو مٿن کِلڻ لڳا. بازار سُڃي ٿي وئي. پنجابي، پٺاڻ، چوڙيگر، موچي، ڪنڀر ۽ دڪاندار ڀڄي ويا. ڪيترن وڏيرن پنهنجي جان بچائڻ لاءِ ٻين هنڌن تي وڃي پناهه ورتي. برسات جي انهي واقعي کي سگهڙ پانڌي آريسر پنهنجي ڪلام ۾ بيان ڪيو آهي، جو هيٺ ڏجي ٿو.[

 

ساراهه ڪر صاحب جي، تون محبت رکي من،

ٻڌ سندرو سڪ جو، پرت رکي پنجتن،

من وڃي ڦوڙائو فڪر، کڻي آگو ڪري امن،

من وڃي ڏڪار ڏيهن، ڀلي ڌارون ڪي به ڍرن،

مينهن وسائي ملڪن تي، ڀلي چڱو چئني ڏِسين،

مڪي مديني ملڪ تان، مِينهن مانڊاڻا ڪن،

وٺيو موڪل مُلڪ تي ٿا ڪڪر ڪاهون ڪن،

عرب، عجم، ايران تي، وڃو اوريڪون وسن،

پنجاب ۾ ”پانڌي“ چئي، اوڀڙ ٿا اڀرن،

مير ملتاني تن، گوندر لاهيندو اگوندرا.

 

اِذن وٺي اٿيا، ڪڪر ڪري ڪار،

اوهيرا اٿي هليا، ڪري ڪراچيءَ ڏانهن قطار،

حب هاڙهو هوتن جو، وسي ننگر ٿيو نروار،

ملير مُلڪ ماکي ٿيو، جبلن ڪيا جنسار،

نَيون سَوَ ڀڳيون، نديون ٿي ڪيئون مانجهوءَ ڏي مهاڙ،

هلي حيدرآباد تي، گلن ڪئي گلزار،

لاڙڪاڻو وُٺو، لکپت وُٺي، ڪيئين لاڙ مٿان للڪار،

سنڌ سڳوري وَليَن واري، ڪيئين هالن تان هُلڪار،

وسون وسائي مٽيارن جون، لٿا ڏوٿين تان ڏهڪار،

گهارو وجهي گهلوءَ کي، ٿئي سَريءَ جو سينگار،

دوست پرين دلدار، سدا وسن سنڌ ۾.

 

سهائي رات سومار جي، گوڙن ڪيا گهمسان،

مهر منجهارا ملڪ تي، داور جا ٿيا دان،

کِون کِوڻيون کيل ڪو، آيا ڪڪر مٿان ڪُستان،

بادل چڙهيا شهر بڪيرن تي، ٿيو راضي ربّ رحمان،

پوک پچائي پرڳڻا، سو کيساني جو خان،

سري، سوڀاري، سون واهه، ڏنئين ماريجي کي مانُ،

سنڌ سڳوري صاحب ڪئي، وريو ناري تي نيشان،

پُر ڪيائين پٿوري کي، تڏهن هندو ٿيا حيران،

حلواين ۾ هُل هليو ٿي، ويا سڀ سِيرٖي جا سامان،

مالپڙا مٺايون، ٿيا جليبين جا زيان،

توشا تري هليا، ٻيا پڪوڙا پڪوان،

بادامن جا بار ٻُڏا، ڪشمش رهين ڪانه،

پيسومل جا انب ٻڏا، ٻيا ناروءَ جا سڀ نان،

رهين ڪانه ريوڙي، ٻڏا پاروءَ جا سڀ پان،

پوڪاريئون ٿي ”پانڌي“ چئي،  هڪل  هڻي  هَڙُ  ومان(1)،

’سيتارام سيتارام هري هر هري هر‘، ڪن مٿي ٿان،

هٽ ٻڏي ويا هندن جا، پوءِ سنڀاريئون ڀڳوان،

مهاڙ ڪريو ماڙيءَ ڏي، چون اچ پٿورا پهلوان!

مينگهواڙ سڀ منجهي ويا، رهي عزت انڌن جي ڪانه،

گپ گاري ۾ غار ٿي، منجهي مئا مستان،

چوڙيگرن ۾ چهچٽو ٿيو، ويا درزين جا به دڪان،

سوچي، موچي، ڪمانگر، ڀڄي ويا نپٽ ڀان،

ڪيئي ڪروڙين ڪوڙ ڪُٽيا، ٻيا پنجابي پٺاڻ،

نئن وهي ٿي ناٽڪن تان، ڀڳا هاٿي پِيلوان،

مردار مَڇليون مينهن منجهايون، تن مُٺين وڃايو مان،

ٺڙ ٺڙ پئي ٺِڪرن ۾، ڀڳيون ڪُنيون ڪُنا قربان،

دَسَ ڀڄي پيا دانگين جا، ڪري گهڙا ويا گذران،

ٽڪر ٽنگڙا ٽوپين جا، ڀڳا در مٿي دربان،

ڪل ڪنڀارن قرب گهڻي سان، ويا ڪندا ذڪر زبان،

حقا هزارين برسات ڀڳا، پر صاحب رکين شان،

ميڙو ڇڏي مڙسن وڃي، ڪيو آهتين سان ارمان،

ڪانچون ڀرجي ڪلر ويون، تن جهونجهاري جوان،

ويس وڳا وڏيرن جا، ڀِڄي ٿيا بيريان،

انهيءَ پر ”پانڌي“ چئي، ڪجن ڪهڙا باب بيان!

لکڻ طاقت ناهي ڪا، ڇا ڪندي لفظ لسان،

مينهن مهاڙ مُهراڻي ڏي ڪئي، انهيءَ پار پَرياڻَ،

کاهُڙ مٿي کيل ڪري، ڪيون چارئون پاس چوغان،

پوءِ سنجهه صبح سبحان، تون سارهه ڪر سجان جي.

 

هيبت شَر جو جهلجڻ

(چيل جانڻ مهر)

 

]ٽيهه سال کن اڳ هيبت شر، پاڙو اٽلاڻي، نَرۡلِيءَ تعلقي اُٻاوڙي جو ويٺل هو. هيبت شر کي ڪنهن مهڻو ڏنو جنهن تي ڀاڄائيءَ ۽ ڀائٽيي کي ماريائين، پوءِ ڀڳو ۽ گهوڙيءَ تي چڙهيو پئي گهميو. مُڏي ترار ۽ ڪهاڙو ساڻ هئس، ڪنهن کي ويجهو اچڻ نٿي ڏنائين، ٽي ڏينهن پئي جهنگ منهن ڪري گهميو. مڙس کي داڻو نڪو پاڻي، پوليس کي همت نه ٿي جو سامهون ٿئيس. پوءِ هڪ جاءِ تي وڃي لٿو. مڙس هو ٿڪل، سو وجهه وٺي سبزل چانڊيي به اچي جهليس ۽ پوليس جي حوالي ڪيائين. انهيءَ واقعي تي شاعر جانڻ مهر، هيبت شر جي همت ۽ تعريف ۾ ڪي بيت چيا، جي هيٺ ڏجن ٿا.[

 

ساراهيان سبحان کي، ڏيهه ڌڻي ڏاتر،

مير محمّد مصطفيٰ، ساکي آ سرور،

لِکيي تؤن لِک لاهي ڪونه، قلم ڪو ڪاريگر،

حاڪم فلنگي بالا بادشاهه، هئو ظلمي زوراور،

ڪونه مَچي ٿو ڪاٿهين، ڪونه ساهي ٿو ڪر،

پر هو ننگي پرور ننگ هو، لڳس ننگ سندي نستر،

مهڻي تي ٿِي مٽريو، پيو ڪونڌر کي ڪَٽَر.

 

پوءِ ڪپي ڪهاڙين سان، ڪيائين ڌڙ سسيءَ کان ڌار،

رپورٽ ريتيءَ ۾ پڳي، ڏاهن وڌي ڏار،

چڱا مهانڊا گڏ ٿيا، آيا زميندار،

نَر کڙو ’نَرليءَ‘ ۾، ٻڌيو هيبت خان هٿيار.

 

هڪل هستيءَ سان ڏئي، پوءِ ڪافرن تي ڪڙڪاءُ،

اِنسپيٽر   اِشڪنجي   تي،    ڏني    بندوق   کي   باهه(1)،

گولي گُسي وئڙس، چُڪي وئڙس داءُ،

شل نه هيبت خان کي، ڪوسي لڳي واءُ،

پِير ته شَر جي پٺ تي، آهن ’هيبت‘ جا همراهه،

اهڙا سورهيه سدا هجن، مقرر ڄڻي ماءُ.

 

مقدر جي مهل تي، ٿي ڄاڻڻ رات لکي،

هرڪو ڀوڳي ڀاڳ جي، ڪرمن جي چٺي،

’سبزل‘ تنهن چانڊئي کي، لعنت جُٺ لکي.

 

سامهون نه ٿئين ها شر جي، وڃين ها لغور لڪي،

هئڙءِ ننگ گهَگهــٖــــي جو، ٿئين ها سورهيه جو سنگتي،

هجي ها هيبت وٽ ترار تکي، ته پڇي ها پَئٽڻ کؤن(2).

 

سکر براج وهڻ وقت ملڪ جي حالت

(چيل پانڌي آريسر)

 

]سنه 1932ع ۾ سکر براج وهڻ ڪري پاڻي گهڻو ٿيو، جنهنڪري سرڪار هارين کي پوک لاءِ زمينون ڏيڻ لڳي. ’گور والي صاحب‘ ماڻهن کي ’فُل ريٽ‘ ۽ قسطن تي زمينون ڏنيون. انهيءَ بهاني سان ننڍن آفيسرن به خوب ناڻو ڪمايو. جيئن جيئن براج جو پاڻي، واٽرن ۽ نالين جي ذريعي ڏورانهن هنڌن تي پهچندو ويو؛ تيئن تيئن ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي ۽ مزاج ۾ ڦيرو ايندو ويو. ماڻهن جي ٻولي به بدلجندي ويئي. ووڻن ۽ ڦٽين جي ڪمائيءَ ڀاءُ کي ڀاءُ جو دشمن بنائي ڇڏيو. عزيز مائٽ هڪٻئي کان جدا ٿي ويا. عام جهيڙن جهڳڙن ۽ زمينداري ظلمن ۾ اضافو ٿيڻ لڳو. هڪ طرف غريب هاري بکن ۾ پاهه ٿيڻ لڳا ته ٻئي طرف زميندار عيش عشرت ۾ هزارين روپيا خرچ ڪرڻ ۾ فخر ڀانئڻ لڳا. مڙس ڏاڙهيون مُڇون ڪوڙائي ڇڏيون. ٻيڙي ۽ چرس جي عادت عام ٿيڻ لڳي. وڏيرا ۽ زميندار پنهنجي ڪمائي عيشن ۾ وڃائي مقروض ٿيڻ لڳا. ايستائين جو سرڪار طرفان سندن مال ۽ زمينون ضبط ٿيڻ لڳيون. انهيءَ اقتصادي بدامنيءَ سبب هاري ويچارا بکن وگهي مرڻ لڳا. انهن حالتن کي ڏسي پانڌي آريسر هڪ نظم چيو آهي جو هتي ڏجي ٿو.[

 

صفت خدا جي ڪريو ڪريو، بار بيٺو آهي ڀريو ڀريو،

ڇا هتي توکي سريو سريو، ربّ ڏي تون وڃ وريو وريو،

واهه وهيو پاڻي نئون نروار،

هاري هر تي گڏي زميندار.

سنڌ سڌارا سنڌ تي، ڪمي ڪيائين بند تي بند تي،

عجب آبادي مند تي مند تي، چيٽ ڪئي آيو ڪنڌ تي ڪنڌ تي،

پوڄ پٽن تي پوک تيار،

هاري هر تي گڏي زميندار.

نئون پاڻي جڏهن آيو آيو، ’گور والــٖــــي‘ ڏانءُ ڏايو ڏايو،

ٺاهه ٺڳيءَ جو ٺاهيو ٺاهيو، گوڙ غريبن اچي لايو لايو،

سڏيو زمينون ڏي سرڪار،

هاري هر تي گڏي زميندار.

سڻي ماڻهو اهي ٻوليون ٻوليون،ٽَڪا ٻڌي ڪري ٽوليون ٽوليون،

جهٽ ڀري هليا جهوليون جهوليون،اڳيان ڪامورن کوليون کوليون،

گڏ ٿيا ڪئين لک هزار،

هاري هر تي گڏي زميندار.

’فُل ريٽن‘ وارا ڦل ڦل ڪندا، پاڻهي پاڻان ڍل ڍل ڪندا،

قسطن لاءِ ٽل شل ڪندا، کڻت ڪاڻ چل ڦل ڪندا،

قابو ٿيا ڪي قرضدار،

هاري هر تي گڏي زميندار.

وهيا واٽر ناليون ناليون، ماڻهن مٽايون چاليون چاليون،

ڪن ڳجهيون ٿا ڳالهيون ڳالهيون،وسري ويون سس ساليون ساليون،

کيسا خالي وچ بازار،

هاري هر تي گڏي زميندار.

چون سڻو اوهين يارو يارو! ڪڏهن وٺو واٽر تي وارو وارو،

هفتو گذريو سارو سارو، پاڻي پَٽ تي پهرو پهرو،

ٻي سُڪي ويئي ٿيو لاچار،

هاري هر تي گڏي زميندار.

ماڻهو مٽيا ۽ مَٽي ٻولي ٻولي، ٺلهي ياراني لاڀ لولي لولي،

ريت رسم تن رولي رولي، چڻنگ ٻري منجهه چولي چولي،

ڇِني سياڪا ٿيا ڌارون ڌار،

هاري هر تي گڏي زميندار.

ڏسيو ووڻن جون ڦٽيون ڦٽيون، ڇني ويٺا سڀ مِٽيون مِٽيون،

ڏاڙهي مڇون ڪَٽيون ڪَٽيون، واڏڻيون تن ويهي وٽيون وٽيون،

ويٺا ڪوڙائي پنهنجا وار،

هاري هر تي گڏي زميندار.

ڪڻڪ ٿي جڏهن ڳاڙهي ڳاڙهي، پَٽڻ اُٿيا تڏهن ڏاڙهي ڏاڙهي،

ليکي چوکي تي ڄاڙهي ڄاڙهي، قسمت اُسن ۾ ڪاڙهي ڪاڙهي،

تڪڙا ســٖــــيرڪيءَ تي تڪرار،

هاري هر تي گڏي زميندار.

ظلم زمينداري زورانۡ زور، اُبتي اُٿل سان توران تور،

چورت چغلي چورانۡ چور، سِر تي پاڻي ٻوڙان ٻوڙ،

ڪَرٽ ڪهاڙا هٿ ڪمدار،

هاري هر تي گڏي زميندار.

ڀَڀَ وڏن وارا پيٽا پيٽا، دُنبا ڏسو ڪر گهيٽا گهيٽا،

خلل گهڻا ڪن کيٽا کيٽا، ڀَڀَ ڀَڀن کي ڀيٽا ڀيٽا،

رڳي گارين جي گفتار،

هاري هر تي گڏي زميندار.

گهُنڊ وجهن وري اَنٽو اَنٽو، ڏنگي ڪياڙي ڏانٽو ڏانٽو،

اُبتو ڦيريئون ڳانٽو ڳانٽو، پويان ڦٽل آهه ٺانٺو ٺانٺو،

شينهن ويٺا ڪن گج گراڙ،

هاري هر تي گڏي زميندار.

جيڪو ڪڇي ٿو اَنّ کي اَنّ کي، مهٽ مروٽ ڪن کي ڪن کي،

مٿي مٿي ڪن من کي من کي، سِيٽ صفا آهي ڌن کي ڌن،

هٺ ته عزرائيل جو آزار،

هاري هر تي گڏي زميندار.

دشمن ڦري ٿيا ڏاڙهي ڏاڙهي، کدڙن واري تاڙي تاڙي،

ڇيڙو ڇڳو هڪ ڇاڙي ڇاڙي، اَڏي واريءَ جي ماڙي ماڙي،

سِينڍون چپٽيون هٿ جا تار،

هاري هر تي گڏي زميندار.

وات هٿ ڪَن ۾ ٻيڙي ٻيڙي، ٽن چئن پئسن جي ٽيڙي ٽيڙي،

پٽڪو ٺُوهي سان ٺيڙهي ٺيڙهي، قرضن پَت پڻ ڀيڙي ڀيڙي،

گانۡجو نشو پي ٿيا گنهگار،

هاري هر تي گڏي زميندار.

ٽوڙي ڇني ويٺا سڱڙا سڱڙا، ٺلها هارين تي سڏڙا سڏڙا،

واڪا وريو ڪن وڏڙا وڏڙا، اوري هليو اچ؛ اَدڙا اَدڙا!

ڇيڙ نٿو ڏين تون ڪنهن ڪار،

هاري هر تي گڏي زميندار.

پڪواز وڄي ٿي گهنگهرو ڇم ڇم، ٽيڙي اکيون ويٺو ٽم ٽم،

وڏيرو ويٺو جهولي جهم جهم، ٻُڏي پگهر ۾ پيو شم شم،

نوٽن ڳاڙهن سندا سٽڪار،

هاري هر تي گڏي زميندار.

رقم وڃايئون شوقن شوقن، چَٽ ٿي آبادي گهوڪن گهوڪن،

موٽرون ٺلهيون پيون ڊوڪن ڊوڪن، ڪتا گهر ۾ پيا ڀونڪن ڀونڪن،

ڍل کُٽِي تان آيو تپيدار،

هاري هر تي گڏي زميندار.

وڃي وڏيرو ڪيڏانهن ڪيڏانهن، ڇڪتاڻ وارا هيڏانهن هيڏانهن،

ڀُڻو وتي ٿو تيلانهن تيلانهن، ڀڄ وڏيرا! هوڏانهن هوڏانهن،

مال ضبط وئي ڪاهي سرڪار،

هاري هر تي گڏي زميندار.

هئي هارين سان زاري زاري، آيو وِرٖي لاءِ جي هاري هاري،

مُجيري اصلئون کاري کاري، ڇڏيو ڇا ٿوڪاري واري،

مڻ ڦٽيون مڻ ڪڻڪ تيار،

هاري هر تي گڏي زميندار.

خرچ اجايو ٽوٽا ٽوٽا، دل جا پليت کوٽا کوٽا،

نانءُ سڏائين موٽا موٽا، ٿوري ٿئي ڦوٽارين ڦوٽا،

رڳي تڪبّر جي تيز ترار،

هاري هر تي گڏي زميندار.

ربّ سڃانو هڪڙو هڪڙو، موت مٿي تي تڪڙو تڪڙو،

اک ۾ ڦري ويندو ڪڪڙو ڪڪڙو، سڀڪو ٿيندو وسڪڙو وسڪڙو،

گور ۾ نيندو ڪري گرفتار،

هاري هر تي گڏي زميندار.

اجل شتابي اچڻو اچڻو، هر هڪ هتان وڃڻو وڃڻو،

رنگ دنيا جو ڇڏڻو ڇڏڻو، موت مٿي تي مڃڻو مڃڻو،

ڪر ڪلمي جي ”پانڌي“ پچار،

هاري هر تي گڏي زميندار.

 

وفات سيد شفيع محمد شاهه

(چيل بچايو فقير رند)

 

]سيّد شفيع محمّد شاهه ولد مقيم شاهه بخاري، پنهنجي ڳوٺ شفيع محمّد شاهه، تپي مُتهلــٖــــي، تعلقي سنجهوري جو هڪ اثر ۽ رسوخ وارو زميندار هو. هو پنهنجي وقت جو هڪ وڏو سخي مرد هو. سندس بَٺي هميشه هلندڙ هئي. مهمان نه هوندو هوس ته کيس آرام ڪونه ايندو هو. هڪ بلوچ کان رنج ٿي منهن موڙي ڇڏيائين. هن ڪيترن ئي چڱن مٺن کان کيس چوايو پر شاهه ساڻس نه پرتو. اتي شفيع محمّد شاهه جي طبيعت کان واقف هڪ خاص شخص چيس ته: جي هڪڙو ڪم ڪرين ته هوند شاهه توسان پرچي پوي. هيءَ مينهن جي مُند آهي. ڪنهن مينهوڳيءَ واري ڏينهن جڏهن شاهه وٽ ٻاهران ڪوبه مهمان آيل نه هجي، تڏهن پنجاهه کن ڄڻا وٺي سانجهيءَ ٽاڻي اوطاق تي وڃينس ته توسان پاڻهي پرچي پوندو. هن بلوچ ائين ئي ڪيو. اوطاق ۾ ويا ته شاهه اڪيلو ويٺو هو. همراهن کي ايندو ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو. اڳ ۾ ان بلوچ کي ڏسي کِلي ڏنائين ۽ چيائين ته: ادا! اڄ تو هيترا مهمان آندا آهن. هاڻي توسان ڪاوڙ ڪانهي.

شفيع محمّد شاهه جو راڄن سان وڏو قرب هو. تَر جي سڀني چڱن مڙسن سان سندس لاڳاپو هو. ٻاهران راڻيپور جي پِيرن، سن جي سيّدن، رئيس فقير بخش ڪاڇي، سيّد بقادار شاهه مٽياري ۽ ٻين خاندانن سان سندس دوستيءَ جو لاڳاپو هو ۽ اهي سڀ وٽس ايندا ويندا هئا. سيّد شفيع محمّد شاهه 1935ع ڌاري يا اڃا به ڪجهه اڳڀرو وفات ڪئي، جنهن تي سڄي ملڪ ۾ هاءِ هاءِ ٿي وئي. انهيءَ حادثي تي شاعر بچايي فقير رند بيت چيو آهي جو هتي ڏجي ٿو.[

 

ساراهيان سچو ڌڻي، جو صاحب ربّ سڌر،

شفيع    محمّد    شاهه     هو،      مُلڪن    منجهه     مَشر(1)،

هُو هو صوبو ساريءَ سنڌ جو، ۽ مَبَئي جو مَنۡبر،

هن جو هلندو هو هميشه، نُوراني ننگر(2)،

هُو هئو مثل ماڻهوءَ جي، هن کي سائينءَ ڪيو سڪندر،

ڪندو هو لائق لانڍيءَ سان، ۽ ’وساڻن‘ تي(3)،

هن جا ٿورا هئا ’ٿهيمن‘ تي، هو ’ڇاڱن‘ جو ڇپر(4)،

ڪندو هو ڪرم ’ڪلوئن‘ سان، لهندو هو ’خيري ڳوٺ‘

جي خبر(5)،

کڻندو هو بار ’بوزدارن‘ جا، هو ’دلور‘ جو دلبر(6)،

هئو ڄام ’ڄراڙيءَ‘ جو، ڪندو هو ’محمّدخان‘ جي

ڳوٺ تي مهر(7)،

ٻيا هئا هن جا لهه’لياريءَ‘سان، هو’ڪٽن‘ جو ڪونڌر(8)،

ڪندو هو  لائق    ’لهڻي‘   سان،   هو   ’شاهه‘   جو   سمر(1)،

هو عاشق ’عالي شاهه‘ تي، ڏيندو هو ’اڀپور‘ کي آڌر(2)،

ڪندو هو ڪم ’ڪرڪلين‘ جا، هو ’ٻرڙن‘ سندو ٻر(3)،

ٻيا ڪندو هو لائق ’لغارين‘ سان، هو ’ميتلن‘ جو مُهر(4)،

ٻيو هن جو هو قرب ’ڪانڀوءَ‘ سان، هو ’جانيءَ‘ جو

جنهنور(5)،

ٻي هن جي محبت هئي ’ملوڪ‘ سان بيحد بي اَپر(6)،

اشرافن جو اَجهو هو، ڇورن جو ڇپر،

انهن راڄن تي ”رند“ چئي، هئا ٿورا سندس ٿر،

سو ڇڏي ويو ڇورو ڪري، گڏي منجهه گوندر،

بخش گناهه ”بچايو“ چئي، سائين تون سرور!

’وڏل‘ هئو ور، ڪامل هن قلعي جو(7).

 

 

فيلڊ مارشل محمد ايوب خان جي صدارت

(چيل صوف شر)

 

]سنه 1958ع ۾ فيلڊ مارشل محمد ايوب خان، پاڪستان جي سياسي ۽ اقتصادي بدحاليءَ کان متاثر ٿي انقلاب آندو ۽ 27- آڪٽوبر تي نئين انقلابي حڪومت جي اڳواڻي ڪندي ”صدر پاڪستان“ جو عهدو سنڀاليائين. ٿوري ئي وقت ۾ انقلابي حڪومت عوام جي بهبوديءَ لاءِ سڌارا آندا، جن کان ماڻهن کي نهايت خوشي ٿي. عوامي شاعرن مان ڪيترن ئي سندس ڪارنامن کي ساراهيو، جن مان ڪن جو ڪلام ص ص 416-426 تي ڏنو ويو آهي. هت شاعر صرف شر جو بيت ڏجي ٿو، جنهن ۾ هن صدر محمد ايوب خان جي ساراهه ڪئي آهي.]

سارهه ڪريان سبحان جي، ساراهيام ستار،

الله ايوب خان جو ڪيو آهي ڏينهن ۾ ڏهڪار،

مرد چڙهي آيو ملڪن تي، واسي ٿو وڻڪار،

سو آهي گوهر گل خدا جو، جنهن کي سونهن ڏني سردار،

ڪري ٿو غور غريبن جو، وري کلي ڪري کينڪار،

بيشڪ جنهن جا بنگلا آهن، جوڙ چڱيءَ جنسار،

فونا جنهن ۾ ڦرن پيا، ٻي ڪَلَ ڪري ڪڙڪار،

پَٽ پلنگ پٿرڻيون، ٻيو آ سهڻي کي سينگار،

اهڙي پارٖين آدمي، ان کي مولــيٰ ڪيو موچار،

صاحب ربّ ستار، هن جي بادشاهي بلند ڪندو.

 

واڌارا

 

”ڌؤنرن هڱورن جي مسجد جو جڙڻ“ (ص 43) واري واقعي تي حاصل فقير شر جي چيل بيتن جون وڌيڪ مصرعون مليون آهن، جي هيٺ ڏجن ٿيون:

صفحو 44، پهريون بيت:

سارهه ڪريان ٿو سبحان جي، جنهن جوڙي جوڙ جبار،

قسمت سان ڪم پنهنجي آيس، رند وٺيو ٿي راه،

”ڌونرن هڱورن“ جا اچي سيل ڏٺم سَئُنۡسار،

عجب ماڙيون بنگلا، مستيون موچار،

موچاري مسيت کؤن، بيهي پڇان ٿو پار:

جامع! اُنهيءَ جُڳ جي، تون ڏي مونکي خبرچار،

جن توکي جوڙايو، ڏيئي لک هزار،

اُهي ڪامل ڪير هئا، جيڪي ديهه مٿي دهدار،

هيا سما ڪي سومرا، ڪي هيا راجا راوَ،

ڪِي هئا قلعي ڪوڏيا، ڪِي هئا زميندار،

ڪي هئا بادشاهه ملڪ جا، ڪي هئا حاڪم حڪمدار،

اٿي ڪر اظهار ته، مسيت! مونکي معلوم ٿئي.

صفحو 45، ٽئين سٽ کان پوءِ:

تن وٽ گلم غاليچا، پلنگ پٿرڻيون، طول وهاڻا، سيج بندن سينگار،

تن تي پير ويٺا ٿي پاتشاه، سونهارا سردار،

هيون پوشاڪون پيرن کي، جان مٿئون جنسار،

ساز ڌڪڙ دف سارنگيون، چنگ وڳا چوڌار،

ڏيا شم چراغ ٻريا پئي، ڏاڍي حسن هوشيار،

تن وٽ ناچن نوچن ناچ ڪئي، ٻڌي ڇيرين جا ڇمڪار...

صفحو 46، يارهين سٽ کان پوءِ:

تنهن کي چاڙهيون چيلان، سونيون نيلان، پڙهن نمازون،

ڪيو صفيلان، سي دانَهه ديندار،

تنهن ۾ ملان قاضي، نيڪ نمازي، خاص خطابي، راڄا راوت،

سخي سخاوت، ڪن عبادت، پيئي ٿي

هونگ ذڪر هوڪار،

پير فقير امير اولياء اتي هئا لال لڪياري، حسن هزاري،

پٽ پوشاڪون، جهنور جڙاتون، عجب اوطاقون،

سيد سڦورند، مور مصر جا، لال ڪبوتر،

هئا ڪامل ڪلادار،

سي وڃي ڪاڪ ڪنڌيءَ ٿيا، ڇڏي دارومدار،

ڪلمي جي آڌار، رسيا ميڙي محمّد ڄام جي.


(1) احمد خان نوجوان پوليس وارو. (2) خيرپور ڏهرڪي. (3) گرگيج، شهواليءَ ۾ انگريزن سان وڙهيا. شهوالي اُٻاوڙي کان ست ميل اُتر اولهه ڏي آهي. ڪيهر، ميهر، ڪؤڙو ۽ ٻيا کوسا ”ماڪن شاهه جي بستيءَ“ جا ويٺل هئا، اُٻاوڙي ۾ صوبيدار سڏاين ته چوري ڏيو. چيائون ته اسان وٽ ناهي. انهيءَ تي صوبيدار چيو ته ننڊ ڪري اٿان ته اوهان جون ڏاڙهيون ٿو ڪوڙيان. هنن کي جو ويڻ لڳو، سي ويا ۽ وڃي زالون ٻار جهنور ڪري، اچي پوليس کي ماري پورو ڪيائون. پوءِ پلٽڻ آئي، اُن ۾ مڙئي مڙس مارجي ويا. ڪنهن شاعر انهيءَ واقعي تي چيو ته:

خوب کڙڄڙ کوسن ڪئي هئي فلنگي ساڻ لڙائي،

انگريز آون نال حڪم دي جٿ ڪٿ واڳان چائي.

* واقعي جي تفصيل لاءِ ڏسو ص 99.

* هيءَ روايت لاڙ (تعلقي ٺٽي) مان احسن جوکيي کان ملي.

سگهڙ ”نالي چڱو“ ڪوهستان جي مشهور سگهڙن مان هڪ آهي. ذات پالاري (علياڻي) تپي علو کوهر، مڪان ٽڪ، محال ڪوهستان ضلعي دادوءَ جو ويٺل آهي. هن وقت سندس عمر اٽڪل 70 سال کن ٿيندي. اڃا تائين شادي ڪيل ڪانه اٿس. نهايت خوش طبع ۽ ڀوڳائي آهي. پاڻ بلڪل اڻپڙهيل آهي پنهنجي جوانيءَ جي عمر کان وٺي ڪلام چوڻ شروع ڪيائين.

* هيءَ روايت وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان ولي محمد طاهرزادي کان ملي.

سوانح عمريءَ لاءِ ڏسو حاشيہ ص 222

(1) هنومان.

* هيءَ روايت سگهڙ صابر شر، ويٺل ريتي (تعلقي اٻاوڙي) کان ملي.

جانڻ مهر تعلقي اٻاوڙي جو ويٺل هو.

(1) انسپڪٽر. (2) پلٽڻ.

* هيءَ روايت وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان ولي محمد طاهرزادي کان ملي.

سوانح عمري لاءِ ڏسو حاشيه ص 198.

* هيءَ روايت وچولي (تعلقي سانگهڙ) مانجمال رند کان ملي.

بچايو فقير عرف البچايو پٽ بنگل خان رند، لڳ ڳوٺ اگهاماڻي تعلقي ماتلي ضلعي حيدرآباد جورهاڪو هو ننڍي هوندي ئي پيءُ وفات ڪري ويس، انهيءَ ڪري ننڍي وهيءَ ۾ ئي پيٽ گذر لاءِ مال چارڻ جو پورهيو ڪرڻو پيس. جوانيءَ ۾ ڪڙمت ڪيائين. بعد ۾ ڳوٺ محمد خان رند تعلقي جهول ۾ لڏي آيو، جتي سندس اولاد اڃا تائين رهي ٿو. سندس بيت مشهور آهن، جي نڙ سان گڏ چيا ويندا آهن. اندازاً اسي ورهين جي ڄمار ۾ 27- رمضان 1364هه ۾ وفات ڪيائين.

(1) مشر = مشهور. (2) يعني سندس ٻٺي عام پئي هلندي هئي. (3) لانڍي جي ڳوٺ لڳ وساڻ، تن تي مهربانيون ڪندو هو. (4) ٿهيمن ۽ ڇاڱن جا ڳوٺ ۽ راڄ. (5) خيري ڪلوئي جو ڳوٺ. (6) بوزدارن جو ڳوٺ ۽ دلور جو ڳوٺ. (7) ڄراڙي جو ڳوٺ ۽ محمد خان رند جو ڳوٺ. (8) لياري ۽ ڪٽن جو ڳوٺ.

(1) لهڻو خان رند. (2) عالي شاهه سيد اڀپور وارو. (3) ڪرڪلين ۽ ٻرڙن جا ڳوٺ ۽ راڄ. (4) ڳوٺ جعفر خان لغاري ۽ ٻيا لغارين جا ڳوٺ ۽ راڄ؛ ميتلن جو ڳوٺ ۽ راڄ. (5) ڄام ڪانڀو ۽ ڄام جاني (جان محمد) جوڻيجا. (6) ڄام ملوڪ جوڻيجو. (7) سيد شفيع محمد شاهه وڏو ڀاءُ هو (ننڍو ڀاءُ ميان محمد غوث) انهيءَ ڪري کيس ’وڏل‘ سڏيندا هئا.

* هيءَ روايت خود شاعر جي زباني قلمبند ڪئي وئي.

صوف شر، ويٺل ڳوٺ شر، لڳ شهر کاهي، تعلقو کپرو ضلعو سانگهڙ. هن وقت سندس عمر اندازاً پنجاهه سال ٿيندي. بيت چيا اٿس؛ کيس ٻين به ڪيترن ئي شاعرن جو ڪلام ياد آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org