جان
محمد جوڻيجي جي هجرت ۽ وفات
(چيل شيرل جي)
[جان محمد جوڻيجو، سنڌ جي سياسي ميدان جو سورهيه
سپاهي هو. پاڻ جيتوڻيڪ لنڊن مان بئريسٽري پاس ڪئي
هئائين پر انگريزن جو سخت مخالف ۽ سنڌ ۾ ”تحريڪ
خلاف“ جو سرگرم ڪارڪن هو. سندس ئي ڪوششن سان سنڌ ۾
تحريڪ خلافت جا ڪيترائي عظيم الشان جلسا ٿيا.
لاڙڪاني ۾ 6- 8 جون 1920ع تي ٿيل محمد علي، مولانا
شوڪت علي، مولانا آزاد، مهاتما گانڌي ۽ ڊاڪٽر ڪچلو
جهڙا سياسي ليڊر به شريڪ ٿيا هئا. 1920ع ۾ ”ترڪ
موالات“ جي تحريڪ مطابق پاڻ سرداري جي ڪرسي،
ميونسپل ڪمشنري، لوڪلبورڊ جي ميمبري ۽ بئريسٽري جي
ڊگري ترڪ ڪرڻ سان گڏ حڪومت کي ڍلن ڏيڻ کان به
انڪار ڪري ڇڏيائين. انهن ئي ڏينهن ۾ ”تحريڪ خلافت“
ڪميٽي طرفان فيصلو ڪيو ويو ته ’برصغير هندستان جا
مسلمان هن ديس کي ڇڏي، مسلمان ملڪن ۾ وڃي آباد
ٿين، ڇاڪاڻ ته هي ملڪ انگريزن جي حڪمراني سبب،
ڪافرن جو ملڪ بنجي چڪو آهي‘. افغان حڪومت طرفان پڻ
هندستان جي مسلمانن کي اهڙا دلاسا ڏنا ويا ته اُهي
ڀلي افغانستان ۾ اچي رهن. جيئن ته ’جمعيت العلماء-
هند‘ پڻ هن تحريڪ جي حمايت ڪئي، تنهنڪري هر هنڌ
هجرت ڪميٽيون ٺهڻ لڳيون. سنڌ ۾ رئيس جان محمد
جوڻيجي کي هجرت ڪميٽي جو سيڪريٽري چونڊيو ويو.
جولاءِ 1920ع ۾ لاڙڪاڻي شهر مان هڪ اسپيشل ٽرين
ذريعي ساڍن ستن سون مهاجرن جو قافلو ساڻ ڪري،
افغانستان روانو ٿيو، جنهن ڪري کيس رئيس المهاجرين
يعني هجرت ڪندڙن جو اڳواڻ سڏيو ويو.
ان وقت افغانستان ۾ امير امان الله خان جي حڪومت
هئي. هندوستان جي مختلف شهرن مان هزارين مجاهدن جي
افغانستان پهچڻ سبب افغاني حڪومت لاءِ انهن جي
آبادڪاري جو هڪ زبردست مسئلو پيدا ٿي ويو. اناج جي
قلت ۽ رهائشي جاين جي ڪمي مهاجرن کي سخت پريشان
ڪيو. آخرڪار افغاني حڪومت مهاجرن کي پنهنجي وطن
موٽي وڃڻ جو حڪم ڏنو. رئيس جان محمد پاڻ امير امان
الله خان سان گڏجڻ ويو، جتي ’مولانا عبيدالله
سنڌي‘ اڳيئي موجود هو. امير امان الله کين ڏاڍي
عزت ڏئي پاڻ سان گڏ ماني کارائي. هن موقعي تي رئيس
جان محمد، امير امان الله کي چيو ته اسان پنهنجا
گهر گهاٽ ڇڏي توهان جي ملڪ ۾ اچي پناهه ورتي آهي،
هاڻي اسين هتان هرگز نه وينداسون، پوءِ کڻي اسان
جو سر ڇو نه لهي وڃي. پر ڪن سياسي مصلحتن سبب امير
امان الله سندن ساٿ نه ڏنو. ڪجھح ڏينهن کان پوءِ
کيس پشاور ڇڏي وڃڻ جو حڪم مليو، جنهنڪري لاهور
هليو آيو. 1921ع ۾ مولانا محمد علي سان گڏ خلافت
ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ اجمير ويو، جتي کيس اوچتو
بخار اچي ويو. جنهن سبب 16- اپريل 1921ع تي 30
ورهين جي ڄمار ۾، خواجه معين الدين چشتي اجميري جي
درگاهه ۾ وفات ڪيائين. کيس اتي ساگر تلاءُ جي
ڪناري تي دفن ڪيو ويو. شاعر ”شريل“ جو مرحوم جان
محمد جوڻيجي سان هجرت واري زماني ۾ گڏ هو ۽ سندس
وفات وقت به موجود هو، تنهن پنهنجي ڪلام ۾ هن
سموري واقعي جو هيٺينءَ ريت بيان ڪيو آهي].
جان محمد جوڻيجو سورهيه سامايو،
راضي تنهن تي ربّ ٿيو، تنهن کي واحد وڌايو،
سخي هو سخاوت ۾، ڪيائين روح اندر رايو،
ڳالهه اها ڳايو، مرد تنهن ملوڪ جي.
مرد تنهن ملوڪ کي، ڏاتر ڏنا ڏاڻ،
عهدو وڪالت بئريسٽريءَ جو ورتائين همت ساڻ،
علم پڙهي عالم ٿيو، هيس انگريزي اهڃاڻ،
هاڻ ڪيان روح رهاڻ، ساراهه سپرين جي.
ٻڌو ساراهه سپرين جي، جنهن کي موليٰ ڏنو مان،
هٿ هوس حاڪمن جو، شاهي جنهن جو شان،
ڪامل ٿي ڪورٽون ڪيون، ٻڌي بات بيان،
جيءَ اندر آهن جولان، سڪ تنهنجي ساهه کي.
سڪ تنهنجي ساهه کي، اندر نه آهي آرام،
کائڻ نه آهي خوشيءَ جو، چش نه ڏئي طعام،
هجرت تي سنڀري هليو، ڪري اهو انجام،
اڳ ۾ ٿي امام، قافلو ڪيائين ڪيترو.
قافلو ڪيائين ڪيترو، لکين خرچ کڻي،
جيڪا رضا ربّ جي، واهه تنهن کي وڻي،
مهاجرن جي محبت ۾، پاڻ ڪيائين پڻي،
’لاڙڪاڻي‘ تي لقب هڻي، ريل تي چڙهي
’رڪن‘ ڏي هليا.
ريل تي چڙهي ’رڪن‘ کؤن، ٿيا سکر روانا،
عرض ڪيائين الله کي، اسين آهيون تنهنجا ٻانها،
داڻي پاڻي نصيب جي آهي انهي ۾ معنيٰ،
پوءِ اچي ملتانا، ڏپهرو ڪيائين ڏينهن جو.
ڏپهرو ڪيائين ڏينهن جو، هليا چڙهي لاهور،
اتي عزت ملي امير کي، سر ڪيائون گهور،
کائڻ آندائون خوشيءَ مون، ڏنائون زور،
اهڙي ئي دستور، ’راولپنڊي‘ رڙهي هليا.
’راولپنڊي‘ رڙهي هليا، ’ڪانولپور‘ ڪاهي،
واڳ وس نه پنهنجي، ڏور وڌي ڏاهي،
گاڏي ڇٽي ڇوهه مؤن، ڏس ڇا منجهؤن ڇاهي،
’پشاور‘ ۾ لاهي، ڏينهن ڇڏيائون ڪيترا.
اتي ڏينهن رهي ڪيترا، هليا پيادا ڪلي پنڌ،
رفيق ٿياسون راهه مون، راهي مٿي رند،
رکيائون سڪ سرير ۾، خودي ڪيائون بند،
اچي ٿياسون هڪ هنڌ، ’بيني ڪوٽ‘ جنهن کي چون.
’بيني ڪوٽ‘ جنهن کي چون، رکيائون
’جلال آباد‘ جوش،
عقل ڇڏي ويو اڳ ۾، ڪونه رهيو هوش،
ڪونه وڙهي ڪنهن سان، دشمن توڙي دوس،
مڙني ڪئي خاموش، محبت رکي من ۾.
محبت رکي من ۾ ’ڪابل‘ ڪيائون ڪاهه،
دونهان درد دکائيا، عشق اندر آڙاهه،
پند اڙانگو پٽيون، رهي آيا راهه،
اهڙو ئي آهه الله، ’امير صاحب‘ ڏٺائون اکين سان.
امير صاحب عزت ڏني، مولوي عبيدالله صاحب سڏائي،
دعوت کاڌائون دل سان، راتيون رهائي،
’سنڌين‘ چيو سڪ مان، آيا اهيون سرڙا لهرائي،
توڻي وجهين ڪُهائي، ’جان محمد‘ چيو جوش مان.
’امير‘ کي ائين نه گهربو هو، ڏنائين مهاجرن
کي موڪل،
سيءَ رکيائين سرير ۾، نه ڪيائين توڪل،
ڳجهه اندر جون ڳالهيون، تون جوش اندر ۾ جل،
راهي ٿيا رلمل، موٽي پنهنجي ملڪ تي.
موٽي پنهنجي ملڪ تي، آيو ’جان محمد‘ جائي،
رات ڏينهان روح ۾، هيس وات اها وائي،
دانهون ڪيائين درد مؤن، ڪونهي حال ڀائي،
نصيب داڻو پاڻي کائي، هلي آيا ’هندستان‘ ۾.
’هندستان‘ ڏي روانا ٿيا، خواجه اجمير شريف،
سڪ رکيائين ساهه ۾، ڪهڙي ڪريان تعريف،
ملڪ ڇڏي مسافر ٿيو، سهي گهڻي تڪليف،
اکيون ڪڪوريون ڪيف، مانجهي تنهن ملوڪ جون.
مانجهي تنهن ملوڪ جي هئي، عمر ٽيهه ورهيه پوري،
رضا تي راضي رهيو، ڪيائين صبوري،
مرڻ جي مهل تي، موت رکيائين منصوري،
آيا ملائڪ حضوري، سڪرات ڏٺائين ڪانه ڪا.
سڪرات ڏٺائين ڪانه ڪا، ساهه ڏنائين سنهنجو،
”شيرل“ چوي شهيد ٿيو، وطن ڇڏي پنهنجو،
سوال ڪريان توکي سيّدا! ڪر نه ڪانيارو
ڪنهن جو،
هٿ آهي منهنجو، دامن دستگير جي.
’جان محمد‘ جوءِ مان، ويو ڪست منجهان ڪاهي،
مال مڏيون ڦٽيون ڪري، ويو لاڳاپا لاهي،
جنهن کي سِڪ سرير ۾، ڏور وڌي ڏاهي،
اجمير ۾ آهي، مقبرو ملوڪ جو.
مقبرو ملوڪ جو، جودئون جوڙيائون،
جهنڊا تنهن جوان جا، خوب کوڙيائون،
ماتم ڪيائون من ۾، ڳل ڳوڙها ڳاڙيائون،
پريت پاڙيائون، جو صوبو هو سنڌ جو.
صوبو هو سنڌ جو، ملڪن جو مير،
صاحب ٿي صاحبي ڪئي، جو بادشاهي وزير،
شهيد ٿيو شوق مان، نيڻن وهايان نير،
اتر وارا پير! پناهه ڏيندين پرديسيءَ کي.
پناهه ڏيندين پرديسيءَ کي، جنهن صدقو ڪيو ساهه،
ميڙي محمّد ڄام جي، توکي آڻيندو الله،
حضرت ٿيندءِ حامي ڪندءِ سنئين راهه،
باري آهي بيپرواهه، آهيان سام اوهان جي سيّدا!
آڌيگام جو ڌاڙو
(چيل گل فقير)
[تعلقي ننگرپارڪر جي ڳوٺ آڌيگام جا باشندا چڱا
دولتمند ۽ آسودا هئا. جنهنڪري ڌاڙيلن جي هڪ ٽولي،
فيبروري 1921ع ۾ ڏينهن ڏٺي جو اچي هن ڳوٺ تي حملو
ڪيو.ڌاڙيلن بندوقن جا هوائي فير ڪري ماڻهن کي
خوفزده ڪيو ۽ کين سندن گهرن کان ٻاهر ڪڍي، پنهنجي
مرضي موجب مال ميڙيو. جيئن ته آڌيگام ۾ مينگهواڙن
ڪنڀارن ۽ چارڻڻ جي اڪثريت هئي، جي گهڻو ڪري بي
هٿيار هئا، تنهنڪري انهن ڌاڙيلن سان ڪوبه مقابلو
نه ڪيو. ساندهه چار ڪلاڪ ڳوٺ کي ڦرڻ کان پوءِ
ڌاڙيل موٽي ويا. هن واقعي تي شاعر گل فقير جو چيل
هڪ بيت ڏجي ٿو، جنهن جون آخرين مصرعون ٿري زبان ۾
آهن.
’پريمچند‘ جي پئسن جي، هئي ’چارڻن‘ کي چَرڀَر،
ٺڪر چاڙهيو ٺاهوڪو، جنهن جي ’ڀڳو‘ جهلي ڀر،
انهيءَ ’آڌيگام‘ ۾، هئا زريون ٻيا زيور،
ڪوريون ليکيان ڪيتريون، ٻيا آڌيا هئا اَپر،
آر، رنبو، هٿ نڙو، ڪٽي منهنجي ڪمر،
هروئي هلو ساڌانۡ موران، تروئان راتر،
ڀَلان ايئئي واڻئي رين، مُڇان موڙي مر،
مينگهواڙن کي مٺو ڄاڻي، ڪونڀاران ني ڪسر،
’ڀڳو‘ پهلي پَهر، اُڌڪيو ’آڌيگام‘ کي.
اسلام ڪوٽ جو ڌاڙو
[اسلام ڪوٽ، ٿرپارڪر ۾ مٺي شهر کان 28 ميل اوڀر
طرف آهي. جتي گهڻو ڪري دولتمند هندو واپاري رهندا
هئا. فيبروري 1922ع ۾ هڪڙي ڏينهن صبح جو پنجين بجي
ڌاڙيلن اچي اسلام ڪوٽ تي حملو ڪيو. هن ٽولي ۾
کوسا، مياڻا ۽ ڪولهي ذاتين جا ڪل 52 ڌاڙيل هئا، جن
جو اڳواڻ مير خان کوسو هو، جو اُن وقت مشهور ڌاڙيل
ليکيو ويندو هو. شهر ۾ گهڙڻ شرط ڌاڙيلن پهريائين
پوليس ٿاڻي تي ڪاهيو ۽ اُتان ساجن نالي سوار کي
ٻڌائون. باقي مريد خان کوسو سوار ڪنهن طرح کسڪي
ويو. ٻه ڌاڙيل ٿاڻي مان گهوڙا ڇوڙي ان جي پٺيان
ويا پر هن وڻ جي اوٽ مان بندوق سان ٻئي گهوڙا ماري
وڌا جنهنڪري ڌاڙيل موٽي آيا. ٿاڻي تان علي خان
جمعدار ۽ رکيو خان سوار به ڀڄي وڃي گهر لڪا. اهڙي
طرح ڌاڙيلن پوليس جي عملي کان ميدان صاف ڪري شهر ۾
ڦر ڪرڻ شروع ڪئي. ميروخان ڌاڙيل وچ بازار ۾ ڪرسي
وجهي ويهي رهيو. چئن ڌاڙيلن مٿس پهرو پئي ڏنو ۽
ٻين پئي شهر کي ڦريو. ڌاڙيلن سڀني ماڻهن کي سندن
گهرن مان ڪڍي هڪ هنڌ جمع ڪري سخت مارڪُٽ ڪئي ۽
پوءِ گهرن جا دروازا ۽ پيتيون ڀڃي سون ڪپڙو ۽
قيمتي مال پنهنجي اڳواڻ مير خان کوسي جي اڳيان آڻي
ٿي رکيو. هندو جيئن ته صلح پسند ۽ ڪي قدر ڊڄڻا به
هئا. تنهنڪري ڌاڙيلن جي هن حملي سندن وايون ئي
بطال ڪري ڇڏيون، ڪيترا ويچارا خوف کان پنهنجا گهر
ڇڏي ڀڄي وڃي مٺيءَ ۾ نڪتا ۽ ڪيترا ٻين هنڌن تي وڃي
لڪا. ’جان آهي ته جهان آهي‘، سو شهر جا پنچ ۽
سردار به هن موقعي تي گهر ڇڏي ڀڄي ويا.
ڌاڙيلن جي ڦر لٽ ۽ مارڪُٽ جو سلسلو ٻئي ڏينهن شام
تائين جاري رهيو. جنهن کان پوءِ ڌاڙيل پنهنجي
سردار مير خان کوسي جي گهوڙي کي ڦرلُٽ جي سون سان
سينگاري روانا ٿيا. رستي ۾ ’هيمو ڪولهي‘ گڏين جنهن
جو نڪ وڍي آڌيگام وٽان اُڪري ويا. هن ڌاڙي ۾ ماڻهن
جي اٽڪل هڪ لک روپين جي ملڪيت ڦرجي ويئي. هن ڌاڙي
اسلام ڪوٽ جي هندن تي ڏاڍو اثر ڪيو ۽ هنن وڏن وڏن
ڪامورن ۽ انگلينڊ جي پارليامينٽ ڏانهن درخواستون
موڪليون، جنهنڪري بارڊر تي 600 سپاهين جو پهرو
مقرر ٿيو ۽ ڌاڙيل مير خان کوسي جي گرفتاريءَ لاءِ
انعام مقرر ٿيو. هڪ ڏينهن مير خان پنهنجي ساهرن ۾
آيل هو ته پوليس کي پتو پئجي ويو، جنهن کيس گهيري
ورتو. مير خان ڏاڍي جرئت سان مقابلو ڪيو پر آخر
مارجي ويو. هن واقعي تي گهڻن ئي شاعرن ڪلام چيو هو
جن مان محمد هارون، لعل خان خاصخيلي ۽ منگي فقير
جو ڪلام هتي ڏجي ٿو.[
اِسلام ڪوٽ جو ڌاڙو
(چيل محمد هارون)
الله جل جلالہ، صاحب ربّ سبحان،
واکاڻيان واحد کي، جنهن جوڙيو سڀ جهان،
قادر جي قدرت جي، ڪمي آهي ڪانه،
پرور کڻي پيدا ڪيا، جوڌا سي جوان،
تن ساهُوئن ٿي صلاح ڪئي، مهندا ’ميرخان‘:
ته واڻين ملڪ وڃايو، ٻيا ماريائون مسلمان،
ڪجي غور غريبن جو ته آگو ڪندو احسان،
چڙهيو نر کني نيشان، ’کوسي‘ ڳالهه کري ڪئي.
مٿس راض رسول جو، چونڪي چئن يارن،
اولياء سڀ اُن سين ٿيا، پاکيريو پيرن،
اول گوڙ ’گجرات‘ ۾، کڻي مچايو مردن،
اٽڪلون ’انگريز‘ جون منجهايون مردن،
هلي ڪونه هنن سين، ڪو هنر حاڪمن.
ايڏي خبر ’اسماعيل‘ کي وڃي ٻڌائي
ٻين:
مَل چڙهيا ٿي ”ماريــٖــي“ جا، سورهيه ٿا سُڄن،
اچي ڀڙ ڀيڙا ٿيا، مليا ملوڪن،
’ڪاٺي‘ ’ڪولهي‘ ڪيترا، ٻيا هئا ’مياڻا‘ منجهن،
ڀُوميا تن سين ڀيڙا ٿيا، ڪئي رهاڻ رجپوتن.
گام نه ڇڏيائون گائڪواڙ جو، ڪراڻ لُوڻيو تن،
سَت ڄڻا ’سَرٖي‘ تي، موڪليا مردن(2)،
لوئي لاڀ خورن کي، موٽيو ماڳ اچن،
ڪي پهتا ’پارڪر‘ تي، ڪي ’آڌيگام‘ اچن(3)،
ڏٺو بيٺي ڏينهن جو ڪُلني ڪامورن،
سُڻي ڌوڌاٽ دُنالين جي، ڪيا خبرا کوليئڙن،
اُت ناهي جاءِ جنگ جي، لڪيو لَڪ چڙهن.
گهڻا ڏينهن ’گڍڙي‘ جي، هئي سڪ ساهُوئن،
ڦاڙي پيٽ ’پڌٖي‘ جو، لاٿو لاکيڻن،
کڻي مال موذين جو، ڀريا بغدي بلوچن.
ڪي سڃاڻو سيٺ جا، مرد هئا منجهن،
پتو پيو پوليس کي، تل جيترو تن،
ته ’ڪڍڻ‘ ڳوٺ ڪنڌيءَ تي، آهي کاڌو ’خوابن‘،
هلي ڏسون ڏينهن جو، من لاڀ خور لڀن،
خان چڙهيو ٿي خوشيءَ سين، جو هو موچارو منجهن،
ڪئي ڪاهه ’ڪڍڻ‘ تي، مَرڪي ’مياڻن‘،
کڻي مال موذين جو، ڪيون پتيون پوشيدن،
پٺيان پوليس وارن جون، ڇليون ٿيون ڇٽڪن،
جهڙو ميڙو مؤواڙن جو، تهڙي تابش
تن،
سڻيون خبرون سورهين جون، ويجها ڪين وڃن،
بندوقون بهادرن جون، ڪڏهن ڪين گسن،
سي کٽيو سڀئي خيرن سان، موٽيا ماڳ اچن.
اچي ٽولي ’اسماعيل‘ جي، جو مانجهي مياڻن،
مهندار مڙني ’ميرخان‘، ٻيو ’محمدخان‘ منجهن،
سامهان ’سلام ڪوٽ‘ تي اُڏاڻا اچن،
لعنت هجي ’لنجي‘ کي، ’مُتوڙو‘ منجهن(2)،
ويساهه ڏيئي ويري ٿيا، ڪيو ڪارو منهن ڪڃرن،
پهرين ٻڌايائون پوليس کي، پوءِ ٿا ’واڻين‘ وٽ وڃن،
لک ٿڪون ’لنجي‘ کي، ٻيون ’هندو‘ کي هڻجن،
’ڏيوو‘ چغل ڏيهه ۾ ٿيو، ’سڄڻ‘ هو ساڻن(3)،
اهي ٽيئي چغل ٽڪ جيئن، مشهور ٿيا منجهن،
ساري خبر سيٺين کي، وڃي ٻڌائي ٻَرۡڙَن،
ته: ٻاونجاه ٻاهروَٽيا، اِجهو ٿا اچن.
سوجهاڪي جو اسلام ڪوٽ تي، ڪيا دَٻا ڌونالين،
سُتي ڇڏيا ڇِرڪ ۾، پٽڪا پليتن،
اڳڙي نه ٺهي انگ تي، ڪو ليئو لانگوٽن،
ڇيڪ ۾ ڇڏي ڏنيون، کڻي لڄون ’لوهاڻن‘،
لعنتون ’لوهاڻن‘ کي، لکيون ٿيون لڳن،
گهڻي پڇا ’گوپال‘ جي، ٻيو ٿا ’پمنداس‘ پڇن،
لڳا موچڙا ’مُورج‘ کي، ٻيا ٿا ’والجي‘ تي وسن،
پئنچ ڀڳو ڀيڙ ۾، جت ’ڪِراڙ‘ ٿا ڪهن،
دٻي وڌو دهل ۾، ’راڌي‘ کي رنن،
سونٽا هڻي ’ساجن‘ کي، کڻي ٻڌو ٻاهروٽين،
موچڙا هڻي ’ماڻڪي‘ کي، ٻڌو ٻيلاين،
پيئي مار ’ماڻڪيــٖــي‘ تي، ڪيو چُتو چماٽن،
لِنڊ ڇڏيائين لانگوٽي ۾، جو لکيو ’لوهاڻن‘،
ٻه فوٽ ٻارهن آڱر تي، ارڙهن انچ چون،
ليکو تنهن لنڊ جو، سيٺيا ٿا سمجهن،
ڪانهي ميار مکيءَ تي، جو ’گوپو‘ ناهي گهرن.
پنج ڄڻا پوليس وارا، ٿا سلام ڪوٽ سڄن،
عملدار انهن جو، هو صوبدار
سندن،
’قطباڻي‘ مان ڪين ٿيو، ڀڳو ڏانهن ڀِٽن،
ڪائي ڪئي ڪانه ڪا پوئواري پرين.
’مريد خان‘ مرد هو، مَٺِيوال مَنجهن(2)،
ڀڄندي اهڙي ڀيڙ ۾، سامهون ٿيو سورهين،
گهوڙا ٻئي گُڏي وڌائين، ڪونهي جوکو جوانن(3)،
ورندي ڏٺو واٽ تي، ٻنهي ٻاهروٽين،
’لنجو‘ ’ڇڇر‘ لُوڪڙ جيئن، پيا کٻڙ ۾ کسڪن(4)،
چنبا هنيو چُتن کي، بيٺا نر نچن،
ڪيون لک ’لنجي‘ کي نيشانيون نرن،
چڱا پادر چغل کي، لکيا ٿا لڳن،
چوڪون ڏيئي چتوءَ کي، وٺيو اُت وڃن،
همڪاري هٿن مان، ميڙيو مال کڻن.
سرهي سلام ڪوٽ تي، بيٺا ٽؤنر ٽِلن،
لُونگيون ٻڌي لعل ٿيا، ويٺا خان کلن،
آڻي تاڪ اجرڪن جا، ڪيائون آڳوٺيون
اُٺن،
ڪڍي سونهريون سيگهه مان، چکيو چڪر ڪن،
سڄو ڏينهن سوڀارن کي، ڳايو ڳِيتارن،
ڌؤنري ڏينهن ڌاڙيلا، وٺيو واٽ وڃن.
ڍارو ڪري ’ڍينڪاري‘ تي، ڪيو پيهو پوشيدن(2)،
ڏيئي خيراتون خوشيءَ مان، گهوٽ چڙهيا گهوڙن،
اڳيان مَيو اُٺ ’متوڙي‘ جو، جهليو جوانن،
ڪاهي پهتا ’ڪاٽڻ‘ تي، ٿا ’پنجُو سيٺ‘ پڇن(3)،
گهوڙو ڇوڙي گهر منجهان، بيٺا گاشو گهرن،
پنجوءَ گهوڙو پلاڻي ڏنو، وجهي هَنو ساڻ هٿن.
ڪيڏو ’ڪمال خان‘ جو ڪيو ادب اشرافن(4)،
نهاريائون ڪونه ’ننگر‘ ڏي، ٿا ’آڌيگام‘ اُڪرن،
اُت ڀاڻيجو ’ڀَڳلي‘ جو، آيو منهن مردن،
وڍي نڪ نيشان لاءِ، ڪيو چائو چالاڪن(5)،
ته پڌرو هجي ’پاڪر‘ ۾، ٻيا پڻ ڏيهه ڏسن،
اهڙي حالت ’هيملــٖــي‘ سان جوڙي جوانن،
ٻڌي ٻاهروٽين، ڪُتو ڇڏيائون ڪنڊيءَ ۾.
ڪُتو ٻڌي ڪنڊيءَ سان پلاڻيائون
پاڪيٽ،
هڻي نعرو حيدري، وٺي هليا واٽ،
پهرين منزل ’مهاڻي‘ جي، جت ڪاهي پهتا ڪنواٽ(2)،
پٺيان واهر پوليس جي ٿي، اهڙا گهڙي گهاٽ،
ڪيائون ٿي ’ڪمال خان‘ کي، لِک لِک ۾ لولاٽ،
مڙن کي موٽڻ جي، البت هئي اُچاٽ،
ٻڌي رائفلن جا رونگاٽ، واهر وريا وطن تي.
اسلام ڪوٽ جو ڌاڙو
(چيل لعل خان خاصخيلي)
ساراهيان سچو ڌڻي ۽ مرشد موچارو،
ڪوڙ ڪپت جو هئو واڻين کي وارو،
والي انهن جي واهر ڪئي، اچي ڍاريائين ڍارو،
اَسر جو هو اڀريو تيج منجهان تارو،
سنڀري آيا سلام ڪوٽَ تي، نر هڻي نعرو،
مردن جي مقابلي جو اچي لڳو نغارو،
ڳجهن ڳاهٽ ٻڌي، ڪيو پکين پسارو:
کائي خوش ٿينداسون، ماهه به متارو.
سڌا پُڳا ’ساڪرئي‘، اڃا به انڌارو،
ڪِني ڏينهن ڪٽيو ڏرڙن ۾ اَڏي اوتارو،
لِڪڻ کان ”لعل خان“ چئي آهي مرڻ موچارو،
ساهه تي ويساهه ڪونهي، هي اندر اُڌارو،
هي دم آيو نه آيو فنا ڦوڪارو،
منهن ۾ گڏيو ’موڙجي‘، جنهن ڇڏيو گپ گارو،
وجهي ڳٽ ڳچي ۾ ڪيئونس مهند موچارو،
بيهاري گهر اڳيان، ڪڍيائون پيسن جو پارو،
مڙي آيا مُکين تي، وڄائي وارو،
ڪڍيو ’گوپال‘ گودڙين مان، ڏينهن جو ڏيکارو،
پَنبي رکيائون پوڙهي کي، ڪري سونٽن جو ساڙو،
’ساجن‘ سوڀارو، ٻڌي ڇڏيائون ٻُوهه سان.
پوليس وارن پَهه ڪري، جهلي ڀٽن جي ڀر،
بت بچايائون پانهنجو، ڪنهن عقل جي آڌر،
سڌي ڏيل سامهون اچن، ڏاڍو جن جو ڏر،
ڏيئي باهه بندوق کي، دشمن ڪريون در،
ڪڏندي ڀڳائون ’ڪولهين‘ جا ٺلها ٿانۡو ٺڪر،
گهوڙا ماري گهر جا، وڌئون فند فڪر،
ڇرڪي ويا ڇوڪر، ڏسيو دونهان دونالين جا.
ڇڏي بار بندوق جو، ٿيو ’راڌو‘ روانو،
مُٽي ماڻهن ۾ پُسايائين پروانو،
وڃي نڪتو ’لونڍار‘ تان، رکي ڪوٽ مٿي ڪانو،
مردود پهچي ويو ’مِٺي‘ ۾ ظاهر زنانو،
چئي: سير، ساهمي، آنو، آڻي ڏيو اورتي.
ساهميءَ جي سک جو ويٺو ڪريان واپار،
مون جو تيج ’سلام ڪوٽ‘ ۾ ڏٺو الاهي اسرار،
واءُ وانگر ويڙهي ويا، ڪيائون ڌوتي بت کان ڌار،
لڱن لنۡءُ لنۡءُ مٽي مَت، ڇڏي ويئي سار،
وهلي ڪج وهار، مرليڌر! ڪا مدد تون.
پئنچ ۽ پرواني کان، مون توبهه ڪئي زاري،
اهو ڪاٺ ڪرسيءَ جو آهي بلڪل بي اعتباري،
گلم ۽ غاليچي کي، آءٌ باهه ڏيان باري،
کڻي کڙيو ڪلهي تي، آءٌ وڇايان واري،
ڳوڙهي رنگ گناتن جي، آءٌ سُڌ لهان ساري،
سٽيان سوپاري، ساجهر سوئڙي هٿ ۾.
ساجهر ’سلام ڪوٽ‘ تي، جوانن ٻڌي جنگ،
توبچين تِرين تي، سرها رکيا ٿي سنگ،
ويٺل سڀ وارو چڙهي ويا، وڃي وڌائون دڙن مٿي دنگ،
ڪونه بيهي بازار ۾، ڏکيا لڳن ٿا ڏنگ،
سهڻي هن ’سلام ڪوٽ‘ ۾، لڳو ٻاهروٽين کي ٻنگ،
کائي پي خوش ٿيا، ڪري رهاڻيون رنگ،
خوب کنيائون خزانو، ٻڌي توڏن تنگ،
جهر جهاڳي جهنگ، رڙي ڍريا ’رڻ‘ کي.
واڻين جي وکر لئي، مرڻ مناسب ناهي،
وڃي سُتا ’سينهار‘ ۾، لاڳاپا لاهي،
ٿهري ويٺا ٿاڻن تي، پاپڙ پچائي،
آيا بت بچائي، لڪي ”لعل خان“ چئي.
دشمن چڙهيا جبل تي، جت ٻڌائون لام ۽ لوڏا،
انهن جا ڪان اچيو ڪِرن ڪنڌيءَ کي اوڏا،
پوءِ گسائي گوڏا، مرد موٽي آئيا.
اسلام ڪوٽ جو ڌاڙو
(چيل منگو فقير)
ساراهه الله جي ڪريان جو راق آهي رحمان،
ڪيهر شينهن ڪاهي هليو، سومهندان ’ميرخان‘،
ڏاڍا مرد ڏونگر مان آيا جبل منجهؤن جوان،
جوانن جهنڊيون هٿ ۾، نيزا ٻيا نيشان،
پنجاهه مڙي پڌرو ٿيو، صحيح سروغان،
ڪيترا ڪارتوسن ساڻ هئا، ٻيا سِيهي جا سامان،
لنگهيا مردن مٿي تي، طرحين طرحين جا طوفان،
ويو نصارو نڪري، فرنگي فريشان،
’سلام ڪوٽ‘ ۾ ڦڙڦوٽ پئي، مهتن ۾ ماتام،
مهڄڻ جي ”منگو فقير“ چئي، ننڊ ڦٽي آرام،
اِها مصيبت مهتن ۾، ربّ وڌي رحمان،
هٿيون هٿ خالي ڪري، خالق ڪيا
کهمان،
پوليس زور پيرن تي، تکو رکيو تمام،
لڪي ويا ڀڄي، جند بچائي جان.
گهاءَ تن گهاتوئڙن جي، نهوڙيا نريان(2)،
ٻه گهوڙا ”ٻروچ“ چئي، ماڳ رهيا ميدان.
گُسين جا ’گوڪڙيــٖــي‘ کي، ڏاتر ڏنا ڏان،
ساجهر پهچائج ’سِرنگهُوءَ‘ تي پرهه جا پيغام(3)،
سنڀاريائين سامي کي، تون ڀيڙو ٿي ڀڳوان!
’مَنُو ڇڇر‘ من ۾، ڏاڍا ڪيا اَرمان،
ڪڏهن پهچندس ’ڪهڙي‘ تي، تنهن کان اڳ آئي قيام.
’مَنُو‘ سان مون ڌڻيءَ آگي ڪيو احسان،
ميڙي اڳيان مٺائي جا، گڏ ڪيائونس گدام،
پڪي وَرن پڪوڙا ڏٺائين، جليبيون ڀي جام.
’ڇڇر‘ اچي ڇا ڪن، جو سوگهو ٿيو سامان،
قانون موجب ڪيترو، توکي مَنو! جُڙيو مان؟
سُڌ ’سڄڻ وڪيي‘ کي، ڪل پيئي ٿي ڪان،
اچي سي اوچتا پيا، بانڪا سي بهرام،
لاهي پٽڪو پيرن تي، نالو ڀريائين نام،
ڏيو جِيدان جيءَ کي، آهيان ڀنگين جوئي ڀان،
راڄا ريت راڻي سان، سُئي جڳ جهان،
اهڙي سوڙهي سکر تي، ڪڏهن ٻڌي سين ڪانه،
هاڻي ڇڏينداسون گس گنگاجو، ٿينداسون مڙئي
مسلمان،
رکنداسون روزا، پڙهنداسون نمازون قلب منجهون
ڪلمان،
سردار آهي مهندار محمّد مٺو ڄام،
سيّد جو سلام، تون مالڪ ڪرائج ”منگو“ کي.
ميراڻ
جمالي جو گڏاپ وارو ڌاڙو
1926ع ۾ گڏاپ ۾ ڌاڙو لڳو، ست ئي ڌاڙيل جمالي، مري
۽ بروهي ذاتن جا هئا، سندن سردار ’ميراڻ جمالي‘
هو. اهي ڌاڙيل ضلعي دادو مان ”لوهي“ کان آيا ۽ واٽ
تي ’مول ڳوٺ‘ ۾ ’موٽڻ‘ نالي هڪ هندو، جنهن سان
سندن دوستي هئي، ٻه ٽي راتيون رهي، ان جي صلاح تي
ڌاڙي هڻڻ لاءِ اچي گڏاپ ۾ پهتا. جتي کين معلوم ٿيو
ته پوليس جا سڀئي ڪامورا ’ملير‘ ويل آهن ۽ غلام
محمد پَڳِي (پــٖــيري) پڻ ڳوٺ ۾ موجود ڪونهي.
پوليس جي هن غير حاضري ڌاڙيلن جو حوصلو وڌائي ڇڏيو
۽ ’ڄيٺن‘ مهتي جي دڪان تي ڪاهي آيا. ڌاڙيل پوليس
جي وردي ۽ بندوقن سان هئا. ڌاڙيلن جي سردار ميراڻ،
دڪاندار کي چيو ته: آءٌ پوليس جو آفيسر آهيان ۽ هڪ
چوري جي پوئتان ’ليوي ڳوٺ‘ مان هي لشڪر وٺي نڪتو
آهيان ۽ توکي سرڪار طرفان بندوق جو پروانو مليل
آهي، تنهنڪري منهنجي هر ڪا مدد ڪر. دڪاندار
پهريائين سچ سمجهيو، پر ايتري ۾ ميراڻ پنهنجو رويو
بدلائي کيس چيو ته: تو مسلمانن کان ڳرا وياج وٺي
کين هميشہ پئي ڦريو آهي، مونکي پنهنجي انهن اڻ
پڙهيل ڀائرن جو اڄ توکان ويتر وٺڻو آهي، تنهنڪري
تو وٽ ڇتر به ڪونه ڇڏيندس. دڪان ۾ ويٺل هڪ ٻيو
واڻيو ’ڌمن مل‘ سمجهي ويو ته اهي ڌاڙيل آهن ۽ اسان
کي ڦرڻ آيا آهن. سو اُتان آهستي آهستي کسڪي ويو ۽
وڃي راڄ کي جتايائين ته: ڌاڙيل اسان کي ڦرين پيا،
هلي اسان جي ڪا مدد ڪريو. تنهن تي جوکيا، جن جو
گڏاپ ۾ وڏي ۾ وڏو راڄ هو، واڻئي جي دڪان جي ٻاهران
وڃي گڏ ٿيا. ڌاڙيلن هڪل ڪئي ته: ڪوبه اڳتي نه وڌي،
نه ته مفت ۾ مارجي ويندؤ.
ڌاڙي جي خبر ٻڌي ماڻهو آهستي آهستي هزار کن جي
تعداد ۾ اَچي گڏ ٿيا، ۽ اڃا به آسپاس جا ماڻهو اچڻ
لڳا؛ تنهنڪري ڌاڙيل هراسجي ويا ۽ تڙ تڪڙ ۾ ٽجوڙي
جو سمورو مال ۽ ٻيو جيڪي سامان هٿ لڳن، سو کڻي
واڻئي جو گهوڙو کولي وڃڻ لڳا. هندو به سوَن جي
تعداد ۾ اچي جمع ٿيا هئا پر ڪنهن کي مجال نه ٿي جو
ڌاڙيلن جو مقابلو ڪري. ايتري ۾ خليفي صاحب ماڻهن
کي همٿائڻ لاءِ چيو ته: ڪهڙي نه افسوس جي ڳالهه
آهي جو اهي ست ڄڻا توهان سڀني کان ڏاڍا ٿيو وڃن!
تنهن تي هڪ جوان ’جکري‘ کي جوش آيو ۽ هن ڌاڙيلن تي
حملو ڪيو. هڪ ڌاڙيل کي دسيائين پر ٻئي کيس بندوق
هڻي ماري وڌو. جکري کان پوءِ هڪ ٻئي شخص
’ڇَتــٖــي‘ ڌاڙيلن تي حملو ڪيو، جو پڻ مارجي ويو.
پر هندن انهن جي جانبازي جو ڪو قدر ڪونه ڪيو.
ميراڻ جمالي، سرکيل پاڙو، ويٺل ”لوهي“ لس ٻيلي جو
آهي. هي پهريائين لس ٻيلي جي ليوي پوليس ۾ ڪنسٽيبل
هو، پر پوءِ نوڪري ڇڏي ڌاڙيل بنيو. مٿي ذڪر ڪيل
گڏاپ وارو ڌاڙو سندس پهريون ڌاڙو هو. ان بعد
سيپٽمبر 1923ع ۾ ”ماڏو“ تعلقي ڪڪڙ جو ڌاڙو مُکي
’هيمن‘ ۽ ٻين کي هنيائين. ان کان پوءِ ’ڀڳي ٽوڙهي‘
جي اسٽيشن ڦريائين. هن نه ڪو ڪنهن غريب کي ستايو ۽
نه وري ڪنهن ضائفان جو ڳهه ڳٺو ڦريو. سندس دل ۾ هڪ
ڏينهن خيال آيو ته اها چوري واري زندگي ٺيڪ ڪانهي
۽ سندس ضمير کيس اهڙو ته بي آرام ڪيو جو ’ٽنڊي
رحيم خان‘ ۾ اچي پاڻ کي پوليس جي حوالي ڪيائين.
1925ع ۾ لاڙڪاڻي جي ڪليڪٽر حامد علي وٽ سندس ڪيس
هليو، جنهن کيس اٺاويهه سال سزا ڏني. پاڪستان ٺهڻ
کان ڪجھ عرصو اڳ اها سزا ڪاٽي آزاد ٿيو. هن وقت
ٻانڌي، ضلعي نواب شاهه ۾ مقيم آهي. علي اڪبر جوکيي
۽ سگهڙ عمر، ميراڻ جمالي جي گڏاپ واري ڌاڙي جو
پنهنجي ڪلام ۾ بيان ڪيو آهي جو هتي ڏجي ٿو.[
گڏاپ وارو ڌاڙو
(چيل علي اڪبر جوکيو)
ساراهيان سچو ڌڻي، جنهن جي سچي ڳالهه صحي،
ڦُريون، فتنا، فساد، آهن اڳيئي،
پر ڌاڙي جي دنيا ۾، هاڻي پَر پيئي،
چِتائي چوريءَ لئي آيا، ست ڄڻا سنڀهي،
هڪڙا جمالي، ٻيا مَرِي، باقي هئا بِريهي،
سي ڌاڙيل ڌُران آئيا، ’لوهيءَ‘ منجهان
لهي،
’موٽَڻ‘ وٽ ’مول‘ ۾ پيا راتيون ٻه ٽي رهي(2)،
’ميراڻ‘ جي موٽڻ سان، هئي دوستي ڌُران ئي(3)،
تن گڏجي ’گڏاپ‘ جون ڪيون صلاحون سڀيئي(4)،
اهڙي ميار مهتن تي، جن خواري پاڻ کنئي،
ڏيڻ صلاح ساراهتن کي، اهڙي عجيب اڳيئي.
پوءِ نوين بچي رات جو نميا مهڄڻ تي مڙيئي،
پڇا ڪيائون پوليس جي ته آهن ڪامورا ڪٿي ئي؟
ڪنهن واٽوڙيءَ ورندي ڏني ته، ويا ملير مڙيئي.
’غلام محمد پَڳـِي‘ گڏاپ جو، سو حاضر ڪونه هوئي،
تنهن تي چورن کي چَسِي آئي، ٿيا سرها سڀيئي،
تن بُکين کي بدناميءَ جي، پٽيءَ ڳالهه نه پيئي،
ڄاڻي ٻجهي ’ڄيٺن‘ جي ڪيائون هَٽ تي حملوئي،
هي ’دريس‘ ڌران آيا ڪامورن جو
ڪريئي،
تراريون، بندوقون تن سين، هُيانِ پتلون پيئي.
تان بُرفت ڇهه، ست بيٺا هئا اُتي اڳيئي(2)،
تن کي ڌاڙيلن ڌمڪايو، ڀڳا پُٺ ڏيئي،
چيائون: ڀاڙيا! ڀڄو، متان پوليس پڪڙيئي،
سي سَٽي سڀيئي، ترسيا وڃي ’تراهه‘ تي(3).
ترسيا وڃي تراهه تي، اُڊڪو هئن اَپر،
سپاهين جي سونۡڪي جو، ڏاڍو ٿيونِ ڏر(4)،
چيائون: هي هليا وڃن، پوءِ ٿا وٺون سيڌو ثمر.
اُنهيءَ ڏينهن آچار تي، هئي چوريءَ جي چُرپر،
تنهن جو ڊپ ڊيئو ۽ اُلڪو هونِ اَپر.
’ميراڻ‘ مهتي کي ڏني، کولي اها خبر،
ته: جمعدار پوليس جو آهيان آءٌ افسر،
چوريءَ پٺيان چڙهيس وٺي، ليوي مان لشڪر(5)،
توکي آهي پروانو پوليس جو، مون سان مدد ڪر.
’ڄيٺن‘ اُت ڄاتو ته هي آهي ڪو افسر،
عملدار آهي ڪو، يا سپاهي سکر،
مُڙڻ اُن سان مناسب، سيڌو ڏبو ثمر،
اُتي ’ميراڻ‘ مَٽجي، وڌو مُنهن ۾ ور،
چي: مڃائي مسلمانن جو، تو ڪڍيو آهي تر،
وجهي وياج وٽانئن، ڦريوءِ زر زيور،
تن ڀائرن جو مون کي بت ۾، ڏاڍو آهي ڏمر،
اڻ پڙهيل اٻوجهن سان، تو ڪيو آهي قهر،
آهيم وير وٺڻو، ڇڏيندوسانءِ ڇَلو نه ڪو
ڇتر.
پوءِ ٻه ڄڻا ٻانهن جهلي، گهڙي آياس گهر،
ڪڍيائونس ڪوٺيءَ مان، وڃي بندوق برابر،
لٿو ڀؤ بندوق جو، ويو خوف خطر،
چيائون ڪُنجيون اسان کي ڪڍي ڏي، مهتا!
کوٽي مَ ڪر.
اُتي ’ڌَمن‘ کي دلجاءِ ٿي، ته هيءَ ناهي پوليس جي
پر(2)،
هي چور چتائي آئيا، ڪندا ڌاڙيلا ڌمچر.
تنهن جلد راڄ جَتايو، وڌائين ’مريداڻي‘ محشر(3).
تيسين بندوق جو ڀڙڪو ٿيو، ڪر ڏري ٿو ڏونگر،
چي: اُٿيو جوکيا! اسان سان ڪيڏو ٿيو قهر!
وري ’ڪاملاڻي‘ سان ڪيائين کولي اها خبر،
چي: سڻو ٿا بندوقن جا بهر، ’مهڄڻ‘ سڄو مارجي ويو.
تان ’جوکيا‘ جهٽ اُٿيا، ڪيائون مهڄڻ پار منهن،
بندوقن جو بيهي ويو، داروڙو ۽ دونهن(4)،
هلندي هڪٻئي کي، ٿا چُڻ ڀُن ۾ چُون:
ته: هڪ واڻيا وياج وٺن، ٻيو لِکن ڏوڪڙ مٿي ڏُون،
پوءِ ڪنهن کي آهي کُٽيءَ کنيو، وڃي پرائي جنگ
پُون،
هندن جو هميشہ اسين سُک ڪونه سنڀرون،
دشمن اسان جي دين جا، پيا اسين پسون،
پوءِ مفت ڇو مرون، هروڀرو هندن لاءِ؟
اچي جوکين ڪيو جهٽ، واڙ ٻاهران ويڙهو،
لشڪر جو ليکو نه هو، ڪر ڏسي موٽيا ميڙو،
ڌاڙيلا بيٺا هئا دردن تي، ڪيو پوليس جو پهرو،
چيائون: جيڪو ايندو سو ڪنداسون جنازي جهڙو،
مري ويندو مفت، نه ٿيندو ڀائرن سين ڀيڙو،
اُڇرندو جيڪو آگ ۾، سو کامي ٿيندو
کيرو.
تاسين ’ڄيٺن‘ ترسايا، جاسين ماڻهن ڪيو ميڙو،
ڀانيائين ته مانَ بچائِينِ، جوکيا ڪري جهيڙو،
هندو به هزار هئا، نه ڪو ٿيس ڀارين مان ڀيڙو،
مائٽي هُياس مکيءَ سين، سو ويجهو ڪين ويڙو،
پوءِ ميار مسلمانن تي، ڪندو منجهانئن ڪهڙو؟
پر سنڌو ۽ سيڙهو، هو رکڻو هندوئن کي.
جان ڌاڙيلن ڌيان ڪيو، ته لشڪر اچي ليٽيو،
آس پاس کان اوڏا، ماڻهو وڃن مٽيو،
چاٻيون ڦريو چانۡٽَن سين، ويا ڪُندن سين ڪُٽيو(2)،
پٽي ٽجوڙي پيتي، کڻي وياس کٽيو،
سون، رپا، ڳهه، زيور، لکين وياس لٽيو،
اَٽا، مٺايون، کجوريون، ويا پڇاڙيءَ ۾ پَٽيو،
گهوڙو کوليائون گهر مان، جنهن بيٺي سُنب سَٽيو،
ڀري گهوڙو بار مان، ويا چور وٺيو،
ڌاڙيلن ڌمڪو ڪري، اچي مهڄن مان مٽيو،
پوءِ سڙڪو ڪري سٽيو، ويا راڄن وچ تان.
مهاڄڻ مان مَٽي، نڪري ٿيا نروار،
مهڄڻ جي ماڻهن مان، ڀري هئي بازار،
هندو، مسلمان هٽيا، سڻي دارونءَ جي ڌڌڪار،
قلب ۾ ڪاوڙ ڪريو، پئي خالي ماريائون خار،
هٿيار وٽن ڪونه هو، پوءِ ڪهڙي مڙسن تي ميار!
نه ڪي هو شغل شاديءَ جو، نه ڪي ڪُڏڻ جي ڪار،
هُو ته پنهنجو آيا هئا ڏيڻ سر ڏاتار،
هِنِين وٽ هٿيار هئا، ته ڏنائون پورا پار،
جنازا هوند ’جمالين‘ جا، سوگها ڪيا سرڪار،
اُتي ’خليفي‘ خلق کي، بيهي ڪئي بڇڪار:
ته سَت ڄڻا سَوَن کي، خالي ڪن ٿا خوار،
آهي ڪو اهدي اهڙو، ڪري ويرين سين وهنوار؟
تڏهن مانجهي ڪين مڙيو، ’جکرو‘ ٿيو جونجهار،
واچوڙي ڪا ويرين پار، اُٿندي ڪيائين
اَلغار،
دسيائين ڌاڙيلو، جو ڪِريو ڀر ڪَپار،
چڙهي ويٺوس چيلهه تي، ڪُٽيائينس ڪپار،
تاسين مهندين مان موٽيو، ڪيائين بندوق بڇڪار،
سا بدن مان ڀڀڪو ڪري، ٻسٽ نڪتي ٻَهار،
مٿس ناهي ميار، جنهن جو اجل ائين لکيل هو.
اجل لکيو ائين هو، ٿو قادر ڪم ڪري،
ٻيو ’ڇَتو‘ آيو ٿي ڇُر سان، پٺيان پير ڀري،
تنهن کي ڌاڙيل دنالي هنئي، ڇڻڪو ڪيو ڇِري،
چورن کي چُرپُر ٿي، پوئينءَ لڳا پري،
ته متان مرد وجهن، ڪنهن گهاڻي ۾ گهري،
ڪٽڪ آهي ڪثيرو، متان جهلين فڪر سان ڦيري،
مُلڪ ’شـــــــم‘ مَٽــٖــي، پيا
وڃـــــن پري،
گهوڙو ڇڏي گس ۾، مال نيائون مري،
ڪڃر ڦُر ڪري، ويا اهڙين اَفعالين.
ڪڃر ڦُر ڪري ويا، نه هئا ”اڪبر“ چئي اِنسان،
مهتن لاءِ مڙس ويا، سر کپائي جي خان،
تن جو قدر واڻين ڪونه سڃاتو، افسوس آ ارمان،
تپاسي تن کي مون ڪيو دل اندر ڌيان،
ته وانۡ وڪر واڻين لئي مسلمان وڃائين مان(2)،
مهتا پنهنجي مطلب لئي ڪن آهِيرن تي احسان(3)،
مذهب اسان جي جا منڪر آهن نحس نادان،
ڪريو مُنهن ڪعبي ڏانهن، اهي مُٽن ٿا مروان،
ڪوهه اهڙن لاءِ ڪري، جند کپائجي جان؟
دشمن آهي دين جا ۽ شوم وڏا شيطان،
جوکيا ڪريو ڌيان، متان ويجهو وڃو واڻين کي.
]گڏاپ
جي ڌاڙي کان پوءِ وقت بوقت مختلف ڪچهرين ۾ ڌاڙي ۾
مري ويل جوانن تي نڪته چيني هلندي رهي. انهن کي
جواب ڏيندي سگهڙ علي اڪبر جوکيي هيٺيان وڌيڪ بيت
چيا آهن.[
بروهي جالي بُک کنيا، آيا لوهيءَ تان لهي،
مصلحت ڪيائون ’مول‘ ۾، ’موٽڻ‘ وٽ راتيون رهي،
تنهن پار ڏنانِ پورا، چڱيءَ طرح چئي،
وٺي گس ’گنداڪي‘ جو، آيا لڪين
تان لهي،
تن ڄاڻي ٻجهي ’ڄيٺن‘ سان، اچي کؤنس کنئي،
بيهاريائون بندوقن جي، اچي ڳانڀ ڳَئي،
پوءِ ڏسيو تيک تئي، هرڪو پئي هٽيو.
هرڪو پئي هٽيو، ڀيڙا نه ٿياس ڀار(2)،
’پرواڻي‘ ’لونگاني‘ ’پريتاني‘، هندو وٽس هزار(3)،
سڀئي ڀڳا سر کڻي، ڪانه لڌائون سنگت سار،
’مڱو‘ ’ڪِشنو‘ ڪين ستيا، ڪهڙي ’ماستر‘ تي ميار،
ڪنهن جو وس نه لڳو وهنوار، هرڪو پئي هٽيو.
هرڪو پئي هٽيو، ڪنهن کي پروڙ ڪانه پيئي،
ڀانيائون ته عملدار آيا آهن، وڏي ڪم ڪيئي،
’گوندر‘ گُسائي ڀڳا، ڏنائون تلاءُ سامهون تيئي(4)،
تن کي ڪهڙي خوف کنيو، ويا ٽپا ڏيئي ٽهي؟
نه ڪو دڙڪو مٿن دٻاءُ، نه ڪا پوليس مٿن پيئي،
اڄ سمجهيو ڪن سڀيئي، گلا مٿن ’مهڄڻ‘ وارا.
مهڄڻ وارا گلا ’مريداڻي‘ جي ڪيتري پيا ڪن:
چي: شاديءَ، غميءَ، عرس، ڪارهينءَ، اسان وٽ اچن،
شيڪو شڪ اسان ۾، ڪڏهن ڪونه ڪن،
پر حامي اسان سين هينئر نه ٿيا، ڪڏهن ايندا ڪم؟
حال ڀائي هئاسين هڪٻئي جا، تڏهن ميار آهي مٿن،
اَرمان ڪجن اُنهن تي، جن تي حقي هجن،
ڏٺوسين اوڏا نٿا اَچن، آهي ’مريداڻي‘ ساهه مٺ ۾.
مريداڻي هوند ڪين مڙيا، پر ڏٺائون اکين سين آڙاهه،
مهڄڻ اُنهيءَ موت کان ڀڳا ڏسيو باهه،
ٻيو هٿين خالي هلي، جن وڃي سر ڏنو ساهه،
واڻيا! اُنهن جو اوهان، قدر سڃاتو ڪينڪي.
قدر سڃاتو ڪينڪي، هو مفت ويا مري،
اسان به اُنهن جيتري، هوند سڀني کي سري،
ٻيا پڳي پير پڌرا ڪيا، وک سڃاڻي وري،
اڃا تن تي اَرمان، پيا خبر ڪريو کري،
هاڻ پاڻيهي ٿي پڌري، سچ ڪوڙائي سڀ ڪنهن.
|