سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مداحون ۽ مناجاتون

باب: 1

صفحو :6

مناجات (نبي ﷺ)[1]

(حاجي طاهر محمد جي چيل)

اَغثِني اَغثِني يا شفيع الله! رسج مون کي اُهکيءَ جاءِ،

وقت سڀڪنهن وهلو ڪاهه. رسج يا رسول الله!

 

غريب کي تون غفلت لاهه، خيال خطرا حرص هواءِ،

اِنَهُون مون کي تون موٽاءِ، رسج يا رسول الله!

 

”وَنَهي النَفس عَنِ الهوى“، ”فانَ الجنت هي الماوى“،

مون کي ڪر تون تن منجهان، رسج يا رسول الله!

 

دنيا آهي بازي جاءِ، جيڪي کٽندا پِهلي داءِ،

جنت هوندي تن جي جاءِ، رسج يا رسول الله!

 

ڊڄان ٿو آءُ اهڙي ڊاءِ، نفس شيطان چاري آهه،

مَڇُڻ نيئي واٽا وِرساءِ، رسج يا رسول الله!

 

آگا مون منجهه اَمن اُپاءِ، حُرمت حضرت دوسُ خداءِ،

لَڪيون مون کي لال! لنگهاءِ، رسج يا رسول الله!

 

رحمت مولى تنهنجي لاءِ، شفاعت شفيع جي ڏانه،

اميد مون کي وڏي آهه، رسج يا رسول الله!

 

مَلَڪَ مقرب سڀ اَنبياءِ، خلقت ساري تو پُٺياءِ،

رُتبو تنهنجو تيو اعلى، رسج يا رسول الله!

 

نَه هو خلقت جو اَصلا، غرض قادر کي ڪو مُوار،

ٻئي ڪنهن جو پِرين تو ڌارا، رسج يا رسول الله!

 

مولي ڪِئا تنهنجي ساءِ، سڀ خلقي مخلوقات،

شوقئون تُنهنجي جَڳ ٿِئا، رسج يا رسول الله!

 

ڪي قنديل ڪامل عرش جا، سج، چنڊُ ۽ سڀ تارا،

جوت تُنهنجيءَ سين جهَڪا ٿئا، رسج يا رسول الله!

 

سندي رات معراجا، اَئين اَرڙنهن سال اُتِ هُئا،

ملاقي مولي سين ٿِئا، رسج يا رسول الله!

 

توهان مِٺو ڪِٿ مولي کان، ٻئو بندو ڪو مُوراهه ناهه،

تنهنجي اُمت ڪهڙو ڊاءُ، رسج يا رسول الله!

 

رهي رحمت شال سدا! مولى جي محمُد تان،

قائم سِينءَ قيامتا، رسج يا رسول الله!

 

جي آل پِرينِ جا، ۽ سڀ اصحاب تابع تن سندا

ان تي رحمت هوءِ سدا، رسج يا رسول الله!

 

’صديق اڪبر‘، ’فاروقا‘، ’عثمان‘، مانجهي ’مرتضى‘،

آهيون پٺيءَ اُنِينِ لڳا، رسج يا رسول الله!

 

’حسن‘ ’حسين‘ شاهه شجاع، حشرت ’بيبي فاطمتا‘،

هِن اَسونهه کي واٽ لاءِ، رسج يا رسول الله!

 

مير محمد مون کي ملاءِ، سَرور سِر تي وجهه آگاهه،

مهڻا مون تان سڀ ميٽاءِ، رسج يا رسول الله!

 

سدا شرع تي محڪم راءِ، نُور طريقت دل ۾ پاءِ،

سندو حقيقت در اُپٽاءِ، رسج يا رسول الله!

 

معرفت معنى تون سمجهاءِ، محبت جنهن جي لکن لاءِ،

فڪر فراق تو سدا کانءِ، رسج يا رسول الله!

 

ناسوتي ملڪوتي جاءِ، جبروتي، لاهوت ٻُڌاءِ،

ميوو چئني جو چکاءِ، رسج يا رسول الله!

 

ذاتي نالو دل منجهه رَهاءِ، سنئين راهه اسان سُنهاءِ،

قَلبي قلوبَن ۾ پاءِ، رسج يا رسول الله!

 

رُوحي رڳ رڳ منجهه رکاءِ، وار وار ۾ ’هُو‘ هُلاءِ،

سِري سِر منجهه مون جاڳاءِ، رسج يا رسول الله!

 

پهتا سي اُت عقل وڃاءِ، راتو ڏينهان اُنِين حضور آهه،

مون کي گَسَن تِنين جي لاءِ، رسج يا رسول الله!

 

اول ’نَفي‘ جي ناهه ڪئا، پوءِ ثابت ’اِثباتا‘ ٿئا،

تون مون کي منزل تن پهچاءِ، رسج يا رسول الله!

 

جيڪي ٿيا مرد ”لا“ تي لا، جڏهن ”اِله“ سي غير گماءِ

نام ”اِلا الله“ سين رَساءِ، رسج يا رسول الله!

 

رستي اَن جي مون هلاءِ، جلوو جوت جَلي جو پاءِ،

کينچ خفي دمَ ساڻ پساهه، رسج يا رسول الله!

 

عارف عشق جي منجهه درياء، ’هُو‘ ۾ ٻُڏيو ٻُڏيو ويا،

منجهه اهڙي محبت ڪر فنا، رسج يا رسول الله!

 

جوت ڏسي کانڌارَ چُرئا، سَايه سُپريان مست ڪِئا،

سو جلوو جاني ڪو عطا، رسج يا رسول الله!

 

سا ڪا سالڪ ڳالهه سَلاِ، منهنجي دل ۾ سور نه ماءِ،

گوندر غيرت غم وڃاءِ، رسج يا رسول الله!

 

 

سور ڏني اندر باهه، دائم منهنجي دل دکاءِ،

سي آب حياتي ساڻ اُجهاءِ، رسج يا رسول الله!

 

ڪو اهڙو پيالو پرين پلاءِ، جنهن جِي مستي اندر گهُلاءِ،

نور نالي جو دوس دِکاءِ، رسج يا رسول الله!

 

خاڪ ڪري مون خودي وڃاءِ، نابود ڪري مَقصود ملاءِ،

پڻ وَڏپ مون منجهان ڪڍاءِ، رسج يا رسول الله!

 

ڪوڙ مڪر کؤن سدا رکاءِ، ريا حسد مون منجهان ميٽاءِ،

رکج ڪَنا مون چغل گِلاءِ، رسج يا رسول الله!

 

صبر مٿي ڏي رزق ڀلاءِ، نعمت ٿي ڏي شڪر سداءِ،

تنهنجي پيروي پيرين رڙهاءِ، رسج يا رسول الله!

 

آءٌ مريض آهيان هميشاهه، منهنجي ڪر ڪا تون دوا،

ناهم ڇوٽڪو تو ڌارا، رسج يا رسول الله!

 

مير! محتاجيءَ ڪَنا ڇُٽاءِ، رزق حلاليءَ ساڻ هلاءِ،

فڪر چنتا جي دري ڍڪاءِ، رسج يا رسول الله!

 

ڪنان روز ميثاقا، چايان تنهنجو ٿو سدا،

ڪُتو سندي تو درگاهه، رسج يا رسول الله!

 

 

ونگي کان مون کي وراءِ، نيئي تنهن کي پار لنگهاءِ،

شان وڏو ئي تُنهنجو آهه، رسج يا رسول الله!

 

قادر ڪوڙين پاڻ اُپاءِ، سڀ ڇڏيائين تو پُٺ لاءِ،

توکي ڏنائين واڳ وراءِ، رسج يا رسول الله!

 

عاصي آگلا تون نياءِ، عَذاب قبر کان ئي بچاءِ،

مون تان مانجهي مِهرمَ لاهه، رسج يا رسول الله!

 

هي دائم در مهنداءِ، ڪتو سدائين پڇ لُٽڪاءِ،

پنهنجو ڪري ڳانو تنه پاءِ، رسج يا رسول الله!

 

هي تڳي ٿو اَنهنجي ساءِ، نالو سيد تنه سُنهاءِ،

اٿي صبح تنهن سدا ڳاءِ، رسج يا رسول الله!

 

سڏڙا سائل جا اوناءِ، ڏڏ ڏسي ڪا موج ملاءِ،

مير ميٽي اَچان ڀَراءِ، رسج يا رسول الله!

 

دشمن دل منجهه هيبت پاءِ، پرين پناهه جي زرهه ڍڪاءِ،

تيغ فتح جي دوس دلاءِ، رسج يا رسول الله!

 

”حاجي طاهر“ سدا چاءِ، گولو سندءِ اَندر کاءِ،

تنهن کي ڏي تون صحت شفاءِ، رسج يا رسول الله!

 

 

هي سوالي اَنهنجو آهه، سرور! تنهنجو شرم رهاءِ،

رزاق ڳري ڪا تون اُپٽاءِ، رسج يا رسول الله!

 

لڳ الله تون احمد!، پوري ڪر من مُدعا،

وڃيم سين ايمان ساهه، رسج يا رسول الله!

 

برڪت نبي نور هُدا، مَولو مون کي شال لڏاءِ!

وقت موت جي ڪلمو چاءِ، رسج يا رسول الله!

لااِلٰہ اِلاَ الله مُحمد رسول الله

مناجات (نبي ﷺ)[2]

(حسين فقير ديدڙ جي چيل)

[حسين فقير ديدڙ، ڳوٺ ديدڙ تعلقي قمبر ضلعي لاڙڪاڻي (موجودهه ضلعي قمبر شهدادڪوٽ) ۾ ڄائو. فارسيءَ جي تعليم حاصل ڪيائين ۽ ميرن کيس پنهنجو ڪمدار مقرر ڪيو. هيءُ جوانيءَ ۾ ڏاڍو سرڪش هوندو هو، نوڪر چاڪر کانئس ڏاڍو ڪنبندا هئا. ”حقي“ جو نهايت شوقين هوندو هو، زمين گهمڻ ويندو هو ته پاڻ گهوڙي تي چڙهي اڳيان ٿيندو هو ۽ حقو نوڪر مٿي تي کڻي پٺيان هلندو هو. هڪ دفعي نوڪر کان حقو ”گَنهوَر واهه“ ۾ ڪري پيو، نوڪر ڊپ وچان ڏڪڻ لڳو. نوڪر کي ڏڪندو ڏسي فقير کي از خود پنهنجي سرڪشي ۽ سخت طبيعت تي پشيماني ٿي. هن جي اکين مان ڳوڙها ڪري پيا، ان ڏينهن کان ئي ڪمداري ڇڏي فقير ٿيو. سندس شاعري ان کانپوءِ شروع ٿي ۽ حسين فقير هڪ مشهور شاعر ٿيو. فقير صاحب کي پٽ ڪو نه ٿيو، باقي ”شاهه محمد ديدڙ“ نالي کيس ڏهٽو ٿيو، جو پڻ وڏو درويش ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. حسين فقير 1870ع ڌاري وفات ڪئي. هتي سندس ٻه مناجاتون ڏجن ٿيون.]

(1)

اِسم اَول چئو ادا الله جو،

پهه سڃاڻڻ هي رباني راهه جو،

ذڪر ذاتي ڪر بندا بِالله جو،

رک مدامي شوق شاهنشاهه جو.

يا رسول الله عربي اَلغياث!

 

خاص خَتمُ الانبيا خير البشر،

تون ڀلو سرتاج سڀ کؤن سر بسر،

اَنبيائن ۾ اُچو ڪُل کؤن ڪثر،

عاصين جو آسرو يَوم الحَشر.

يا رسول الله عربي اَلغياث!

 

عرش ڪرسي ۽ فلڪ فرمان ۾،

ماهه، تارا منجهه اَمر آسمان ۾،

ذڪر ظاهر قُرب تون قرآن ۾،

ٿيو لقب ”لَولاڪ“ تنهنجي شان ۾.

يا رسول الله عربي اَلغياث!

 

ڪين پيدا ”ڪُن“ جڏهن اظهار هو،

ڪوهه، ڏونگر ڪو نه ڪو خس خار هو،

محض مولى جو عجب اسرار هو،

نور تنهنجو تنهن اڳي نروار هو.

يا رسول الله عربي اَلغياث!

مَلَڪَ ماڻهو جن هي جڳ بحروبَر،

باغ جنت ۽ جهنم، گُل و شَجر،

ڪو نه قلزم، ڪان وادي، ڪانهرَ،

تون اڳي تن کؤن نبي هئين نامور.

يا رسول الله عربي اَلغياث!

 

تون اُچو سڀ کؤن سدا اِقبال ۾،

لک صدائون تون ننگِي ننگپال ۾،

ڪر حمايت هاشمي! هر حال ۾،

سُڻ سِگهو فرياد في الحال ۾.

يا رسول الله عربي اَلغياث!

 

دست دامن ۾ اَٿِي، دل گوشي ڏي،

حق سُڃاڻڻ جي همت ۾ هوش ڏي،

خام گفتي کان صبر خاموش ڏي،

پُن پردي جو پيغمبرَ! پوش ڏي.

يا رسول الله عربي اَلغياث!

 

وقت پوئين تنگ زماني تاءُ ڪِيو،

مِٽ مائٽ کؤن محبت ساءُ ويو،

منجهه رئيسن رسم رشوت پيو،

دوست ڪاريگر اچي دلجاءِ ڏيو.

يا رسول الله عربي اَلغياث!

 

ڏي صفائي قلب سينو صاف ڪر،

سڀ مَدايون مير مُرسل! الطاف ڪر.

يا رسول الله عربي اَلغياث!

 

مُلڪ جو تون مصطفى نادر نواب،

منجهه دنيا آخرت عاليجناب،

خَرکَهي مسڪين سان جو بي محاب،

ڪر تنهين کي خجل رهندوئي خراب.

يا رسول الله عربي اَلغياث!

 

هوڏُ هيڻن سان ڪري جو کؤنس خَر.

اَهنج احمق ڪين لاهي شور وشر،

زود ظالم تنهن پِٽئي جو پُور در،

تان هجي حيران سو مَردود مر.

يا رسول الله عربي اَلغياث!

 

مان ڪئي آگاهه توکي شاهه جي،

ڪر قريشي، ڪا مدد بيواهه جي،

تان ڪر سڀڪو سُڻي ساراهه جي،

داد دانهِين جو ڪري وَهواهه جي.

يا رسول الله عربي اَلغياث!

 

مان بندو بيڪار آهيان عيبدار،

جُرم منهنجا بي انداز و بيشمار،

ڪِذب ڪاوڙ سان گذاريم سڀ ڄمار،

نِت نهاريان ڏوهه ڏاڍو شرمسار.

يا رسول الله عربي اَلغياث!

 

ڪين جاچي آءُ گهڙيس تِک ۾،

ڇا نهاريان چوطرف چوڌار ۾،

ڪون ٻيلي ٻيو وسيلو ٻار ۾،

رحم تنهنجو رهنما! درڪار ۾.

يا رسول الله عربي اَلغياث!

 

مان گُناهن جي ٻڌي ڀيڙي ڀَري،

نفس دشمن سان کڻي سر تي ڌِري،

ڪيئن ڪيان ڪاڏي وڃان تنهن سان تري؟

وير وارث واهرو ور ڪج وري.

يا رسول الله عربي اَلغياث!

 

مان مَداين جا ٻڌا آهن بار جي،

ڪو نه نيڪيءَ جا ڪيم ڪم ڪار ڪي،

ڪو نه ويري ٿو اڃا ڏئي وار جي،

وار وسيلا! غور ڪر غمخوار جي.

يا رسول الله عربي اَلغياث!

 

نفس نافرمان ٿو ويري وڳي،

ڪين موذِي ٿو مُڙي اڳرو اَڳي،

ڪو نه ظالم تنهن سان ٿو لڳي،

مَر مري ملُعون، دولهه! وجهه دڳي.

يا رسول الله عربي اَلغياث!

 

لوهه پارس سان لڳي زَر زُود ٿئي،

مان گدا جو تنهن طرح مقصود ٿئي،

دين دولت در دنيا موجود ٿئي،

مَر ميراثي خوشيءَ ۾ خوشنود ٿئي.

يا رسول الله عربي اَلغياث!

 

تون جني سُونهون سدا سردار جي،

ڪو نه تن کي ڪو وسو ٿئي وار جي،

سي ڪڍن ڪيئن ڪاڻ ڪنهن ٻئي پار جي؟

تون کهين جا کڻ خدا لڳ بار جي.

يا رسول الله عربي اَلغياث!

 

اَحمد! سڻ عجز منهنجو ۽ نياز،

سَهس تو کؤن سيدا! ٿيا سرفراز،

ڄاڻ گولو، مير! مون کي چُون اَياز،

ڪر سندم اولاد فاضل پُر فياض.

يا رسول الله عربي اَلغياث!

 

نيڪ صالح نامور فرزند ٿئي،

زود تنهن فرزند کي پيوند ٿئي،

منجهه دنيا ۾ دين دولتمند ٿئي،

ڪر ڪرم تنهن سان فضل فرخند ٿئي.

يا رسول الله عربي اَلغياث!

 

ڇا ٻڌايان مان حقيقت حال جي،

لاهه محتاجي سگهو سڀ ڳالهه جي،

ساڻ پرورش ٻانَهن ننگ پال جي،

يا نبي! ڪر نيڪ منهنجي آل جي.

يا رسول الله عربي اَلغياث!

 

تون بلاشڪ بادشاهه دارَين جو،

ڪون مَٽ تو ڪو بشر ڪونين جو،

تون آهين مالڪ، مُلڪ حَرمين جو،

سيدا! ڏي سوجهرو عَينين جو.

يا رسول الله عربي اَلغياث!

 

حال معلوم تو سچي سردار کي،

ڏي دلاسو نامور! نادار کي،

ڪار درسن هن بندي بيڪار کي،

ڪڍ تڙي تن مون اچي آزار کي.

يا رسول الله عربي اَلغياث!

 

جو پڙهي دل ساڻ تنهنجي هيءَ مدح،

دل بجانئون شوق سان منجهه سنجهه صباح،

تُرت تنهن جا لاش مشڪل، شهنشاهه!

تون ڪرين تنهنجي تي نبي جي نر نگاهه.

يا رسول الله عربي اَلغياث!

 

هيءُ بندو ”حسين“ تنهنجي در غُلام،

دائما درويش سوالي صبح شام،

ڪر قبوليت ۾ قريشي هي ڪلام،

تان هجان منجهه دين دنيا نيڪنام.

يا رسول الله عربي اَلغياث!

 

حرف باقي سُور جا سڻ چارجي،

سڌ لَهج سڪرات ۾ سردار جي،

گور قيامت ڪر نبي! گلزار جي،

عاقبت، ايمان سان تون ڪار جي.

يا رسول الله عربي اَلغياث!

 

تون سخي ڏاتار ڏيهن جو قديم،

تون رسائين فيض عالم کي عَميم،

استقامت ڏي، صراط المُستقيم،

خاتمو ٿئي ساڻ ڪلمي جي ڪريم.

يا رسول الله عربي اَلغياث!

لااِلھٰ اِلاَ الله مُحمد رسول الله.

 

(2)[3]

نانءُ الله جي، اَحمد ڄام! وَر ڪر ورنه وير وريام!

سيد! پياسي تنهنجيءَ سام، ڪر قريشي! غور غلام.

سيد! سڻ فرياد فقير،

ماڙَ سگهو ڪر محمد مير!

 

پهرين رات پيغمبر پاڪ، سُڏ ڪِيون سڏ ڪري غمناڪ،

دل ڏکن ڪئي چيري چاڪ، مِل محمد! لاهه فراق.

سيد! سڻ فرياد فقير،

ماڙَ سگهو ڪر محمد مير!

 

ٻيجهيءَ رات ٻڌي هي ٻانهون، عرض ڪري ٿو عاجر آهون،

دل سان ٻڌج دولهه دانهون، روز نهاريان تنهنجون راهون.

سيد! سڻ فرياد فقير،

ماڙَ سگهو ڪر محمد مير!

 

سڏيان سرور ٽيجهيءَ رات، پائي پاند ڳچيءَ پرڀات،

وَر وسيلا وائي وات، ڏاتر ڏيار اسان کي ڏات! .

سيد! سڻ فرياد فقير،

ماڙَ سگهو ڪر محمد مير!

 

چوٿينءَ رات چوان هيءُ حال، سائين! سڻ تون منهنجو سوال،

درد غمن ڪئي دل پائمال، ڪَر نوازش ساڻ نهال.

سيد! سڻ فرياد فقير،

ماڙَ سگهو ڪر محمد مير!

 

پنجينءَ رات وسيلا وير! دانهن ڪري ٿو دامنگير،

خام رنجايو جنهن خَنزير، ترت تَنهِين جي ڪري تدبير.

سيد! سڻ فرياد فقير،

ماڙَ سگهو ڪر محمد مير!

 

ڇهينءَ رات رسول خداءِ، منهنجون دانهون دل سان لاءِ،

ناحق رق رنجايو آءِ، حامي! تنهن تي حڪم هلاءِ.

سيد! سڻ فرياد فقير،

ماڙَ سگهو ڪر محمد مير!

 

ستينءَ رات سگهو سردار! غور اسان جو ڪر غمخوار،

چاڙهه چڱا تون چارئي يار، موذيءَ کي تون وجهه ڪا مار.

سيد! سڻ فرياد فقير،

ماڙَ سگهو ڪر محمد مير!

 

اَٺينءَ رات عريضي آڻي، تنهنجي پيش پڄايم پاڻهي،

تون ٿو صاحب سڀ ڪي ڄاڻي، ڪر عَدالت حامي! هاڻي.

سيد! سڻ فرياد فقير،

ماڙَ سگهو ڪر محمد مير!

 

نائينءَ رات ننگي ننگپال! سُڻ فرياد سگهو في الحال،

خَر کَهي جو شوم شِغال، ظالم ڪر سو زود زوال.

سيد! سڻ فرياد فقير،

ماڙَ سگهو ڪر محمد مير!

 

ڏهينءَ رات پُڇائي ڏَسُ، وٺي ويٺس تنهنجو گَسُ،

لاهه قَلب تؤن ڪوري ڪَس، شاهه شِتابي هبر رَسُ.

سيد! سڻ فرياد فقير،

ماڙَ سگهو ڪر محمد مير!

 

يارهينءَ رات يتيمن يار! راحم! عصين جا آڌار،

دوست دلاور ٿيءُ دلدار، وهم وڃن سڀ غم غبار.

سيد! سڻ فرياد فقير،

ماڙَ سگهو ڪر محمد مير!

 

هيڻن حامي تون همراهه، ملڪ سڄي جو شافِع شاهه،

جن تي تنهنجي نظر نظر نگاهه، ڪانه تنهين کي ڪا پرواهه.

سيد! سڻ فرياد فقير،

ماڙَ سگهو ڪر محمد مير!

 

ڪانهي توريءَ مون کي ماڙَ، ڪاهي ڪڍ چڪڻ مؤن چاڙهه،

دُ زد هڻي ٿو جيڪو ڌاڙ، لوڌ لنگهائج تنهن کي لاڙ.

سيد! سڻ فرياد فقير،

ماڙَ سگهو ڪر محمد مير!

 

جيڪي هن جا صحبت ڀائي، آڻ اُنهن تي آفت ڪائي،

هٿئون حرڪت جن هلائي، تون تنهين کي ڪر توائي.

سيد! سڻ فرياد فقير،

ماڙَ سگهو ڪر محمد مير!

 

سخت صديءَ جو تابش تاب، لکين لهريون، لک حُباب،

ڏسي لَرزي جان حساب، ڪر ڪا پروش شاهه شتاب.

سيد! سڻ فرياد فقير،

ماڙَ سگهو ڪر محمد مير!

 

تون سرتاج سدا سلطان، تابع تنهنجو جڳ جهان،

توتي راضي ربُ رحمان، عاصي پر تو هي عِصيان.

سيد! سڻ فرياد فقير،

ماڙَ سگهو ڪر محمد مير!

 

حال ”حسين“ ڪر فرياد، دانهين جو ڪر دل سان داد،

شاهه! ميراثي ڪيو دلشاد، ٿئي مسڪين مٿي اِمداد.

سيد! سڻ فرياد فقير،

ماڙَ سگهو ڪر محمد مير!


[1]   ”مجموعه مدحيات (بمبئي ڇاپو) تان ورتل.

[2]   ”اتر (تعلقي وارهه) مان غلام رسول جتوئيءَ کان مليل.

[3]   هن مناجات جو مدار اُتر (تعلقي ڏوڪري) مان غلام نبي ۽ (تعلقي فيض گنج مان) محمد راڄپر کان پهتل ٻن روايتن تي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org