مدح (چار يار)
(فتح فقير جي چيل)
[ڪلهوڙن جي حڪومت جي آخر ۾ ٽالپرن جي حڪومت جي
گهڻي زماني تائين، هيءُ فقير حيدرآباد شهر ۾
پنهنجي مڪان ۾ اڪيلو رهندو هو، جو اڄ ڏينهن
تائين ڊومڻ واهه روڊ تي ”فتح فقير جو اوتارو“ جي
نالي سان مشهور آهي. پاڻ فقير اهلِ سنت جماعت جو
هو ۽ اصحاب سڳورن جي تعريف ۾ پڻ شعر چيائين، جا
ڳالهه وقت جي ٽالپرن حاڪمن کي نه وڻندي هئي، ته
به سندس سچائي ۽ درويشيءَ سببان کيس ڀائيندا هئا
۽ سندس اوتار جو خرچ به کيس گهر ويٺي پهچائيندا
هئا. ميرن جي حڪومت ختم ٿيڻ بعد فقير صاحب تعلقي
جاتي جي ”ڀاڏ“ ڳوٺ ۾، پنهنجي مرشد وٽ وڃي رهيو ۽
انهيءَ سال سنه 1259 هجري/ 1843ع ۾ وفات ڪيائين،
سندس تربت پڻ اُتي ئي آهي.]
بسمِ الله، الله اَڪبر آشڪار، حَمد، سَميع، بَصير،
سَتار،
رب، رحيم، غفور، غَفار، حَي، حَنان، مَنان،
مَدار،
قادر، قدير، لاشريڪ، قَهار، خالق، مالڪ،
خلقڻهار،
قَيوم، ڪريم، قَوي، ڪَلتار، جَل جَليل، جَليل،
جَميل، جَبار،
مُنعَمُ، مجيد، رفيق، تَبار، عالم، عليم، آپر،
آپار،
سُبحان، دَيان، دُرست ديدار، رازق، رحيم، آهي
مختار،
حاڪم، حڪيم، ڪُل اختيار، باريءُ، بِر بُرهان،
بَهار،
رحمان، رحيم، ڏسو ڏاتار، نُور منجهان ڪيائين نبي
نروار،
سيد خلقيائين سردار، جنهن لءِ جُڙيا جڳ جهان،
ٻُجهه اَرڪان سندا ايمان، سچو صديق، عُمرَ
باسَر،
عثمان شاهه، عَلِي حَيدر.
نبي مُحمد ٿيو نروار، چئو سلام، درود هزار،
سيد، سردارين سردار، ٿيو مُقرر جهانِ مدار،
سُونهن سڀني جو سينگار، مُهَڙَ مُرسلن جو مهندار،
ڏيڻ وٺڻ جو ٿيو ڏاتار، شفيع، مُذنبِنِ جو آڌار،
’حسن‘ ’حسين‘ هنئين جو هار، تن سان پيغمبر جو
پيار،
هيڪڙو نيڻَنِ ٺار، عزت شرافت ٿيو اظهار،
پرور جا هئا پاڪ پيار، اَجهو ضعيفن اَمنِ اَمانُ،
ٻُجهه اَرڪان سندا ايمان، سچو صديق، عمر با سَر،
عثمان شاهه، علي حيدر.
اول نبيءَ جو اَڪبر يار، سَچو ’صديق‘ شير سَچار،
سُنهَن صحابن ۾ سينگار، مُحمد مِير ڪَيو مختار،
باري مَٿسِ رکيائين بار، دينيءَ دُر ٻَڌو دَستار،
ثاني اَثنين سڀن سردار، ”اِذ هُما فِي الغار“ گذار
نانهِ پُڄاڻي تنهن جو پارُ، ٿيو نبيءَ تان نيڪ
نِثار،
شرف تنهن جو ناهي شمار، ڪافِر انڌا ڪن انڪار،
رافِضَ، خارج، ٿيا خوار، ڪَنڌي تَن کي ٿيندي ڪان،
ٻُجهه اَرڪان سندا اِيمان، سچو صديق، عمر با سَر،
عثمان شاهه، عَلي حيدر.
ڏسي ڪرامت سنديس ڪتاب، عُمَر اَمير ٿيو اصحاب،
دٻدٻو ٿيو تَنهن جو داٻُ، پيو ڪُفر تي تنهن جو
تاب،
اَمر ڪيو تنهن شير شِتاب، پهرين چيا ۽ ٻانگ، صلوات
صواب،
مسجد، مِنبر، ٿيو مِحراب، سراج بِهشتَين ”ابن
خطاب“
داخل جنت بِلا حساب، عُمَرُ عجائب، عُمَرُ اِجابُ،
عُمَر عرشن جو اَرباب، راضي مٿس پاڪ جناب،
اُڀريو اِسلامي آفتاب، نِکريا دين سندا نيشان،
ٻجهه ارڪان سندا ايمان، سچو صديق،. عمر با سَر،
عثمان شاهه، عَلي حيدر.
اَبر سخاوت جو عُثمان، سُنهَ صحابن جُود جوان،
راز نبيءَ جو رازدان، راضي مٿس رب رحمان،
جوڙي ڪيائين جمع قرآن، سارو فرمدو فرقان،
مُجِب لوح محفوظ لِسان، شرف تِهن جو اعلى شانُ،
بخش عطائن جو بارانُ، هيٺ دِڳي تِنهن جي دَوران،
دين دنيا جو سڀ سامابن، ڏکين بُکين جو ته ضَمانُ،
دَر دلگيرن جو دان، نافِع نُوري ابن عَفانُ،
ٻجهه ارڪان سندا ايمان، سچو صديق،. عمر با سَر،
عثمان شاهه، عَلي حيدر.
اَسَدُ اللهِ عَلِي امام، تنهن تي چئو صلوات
سَلام،
خاصو دينُ خير اَنام، ڪامِلُ وارث ويرُ وريام،
آڌر، احمد جو آرام، هرجا تِنهنجو حُڪم
حُڪام،
هٿ کنيو حيدر شاهه حُسام، ڪُفر ڪيائين تَلفَ
تَمام
جنهن جي هٿ ۾ ڪوثر جام، تنهن کان پيئندو خاص و
عام،
مِهرَ خدا جي مٿس مُدام، حُرَ پري ڪل مَلَڪَ غلام،
جو نه مڃي سو ولد حرام، لعنت جو هوءِ تِنهن تي
لَعان،
ٻجهه ارڪان سندا ايمان، سچو صديق،. عمر با سَر،
عثمان شاهه، عَلي حيدر.
اَول مُهاجِر ٿيو اَڪبر، دوست نبيءَ جو نامِي نَر،
صلاح مصلحت صَوبَ سُپَرُ، حِلم حَيا جو دائم دَرَ،
ساڻ سَچي هو حَضَرُ سَفَرُ، هيڪ صديق ۽ ٻيو
سَروَرُ،
گڏجي ڪيائون منجهه غار گُذر، صابر شاڪر شير سَڌر،
طبع سليم ۽ حليم سَکر، پُشتي تنهن جِي پيغمبر
جان ڪيائين ڪباب جگر، ڏنگيو هو سو سَپُ سَڀَرُ،
زهر تِنهن جي ڪيو نه اَثر، معنى محمد جو مَظهر،
شرف تنهن جو اعلى شان، ٻُجهه اَرڪان سندا اِيمان،
سچو صديق، عُمر باسر،
عثمان شاهه، علي حيدر.
نَبي سلطانَ بي نَظير، تنهن سين ڪيا ڪي ڪرم قدير،
وحي مبارڪ آندي ڌير، سُڻ تون پاڪ پيَغمبر پير!
ڪَلمو پڙهيو ”عمر“ اَمير، عرش ۾ ٿي خوشحالي کِيرَ،
قوت وَڌي اِسلامَ ڪثير، پنهنجا جوڙ وڪيل، وزير،
درست اَصحاب ٿيا دل ڌير، هئا ڪفار صَغِير ڪَبير،
آڻي ڪيائين سڀ اَسير، ڪُل دَسِيائين دعوى گِير،
ڪئي روشنائي مِهرَ مُنير، رافضَ خارجَ ٿيا
خِنزِير،
ڏسي حَرامي ٿيا حَيرانَ، ٻُجهه اَرڪان سندا
اِيمان،
سچو صديق، عُمر با سَر،
عثمان شاهه، علي حيدر.
اعلى ”عثمان“ ڪيو اَلله، مَٿس مهر ڪئي مُحمد شاهه،
حاضِر حضرت سان هر گاههَ، ڪامل شامل نيڪ صلاحَ،
مِهر ڪئي روشنائي ماههَ، غَنيءَ گَس لايا گمراههَ،
بيراهن کي ڪيائين راههَ، اَمر نَهِيءَ جو ڪيائين
آگاههَ،
ڪامل ڪئي ڪُفر تي ڪاههَ، مَٿس نبيءَ جو نَظر
نگاههَ،
ڏني تنهن کي فَتح، فتاحَ، دُرست دين ڪيو داناههَ،
گُڏي ڪڍيائين ڪفر جو ساههَ، ڏس تان ڪهڙو جُود
جوان،
ٻجهه ارڪان سندا اِيمان، سچو صديق، عُمر با سَر،
عثمان شاهه، علي حيدر.
حيدر هادي حِلم حياءَ، حيدر راهه ۾ راهه نُماءَ،
خدا نوازيو ٿيو خُلَفاءَ، رَب جو حاصل ٿيس لَقاءَ،
”علِي وَلي“ آهي شير شجاع، ڀاءُ نبيءَ جو برادر
ڀاءُ،
عِلم لَدُني جو عُلماءَ، ظاهر باطن، زور زُڪاءَ،
اَمر ۾ تَنهن جي ارض سَماءَ، مُرشد مڙني جو مولى،
خدا تَنهن کان ناهه جُدا، تنهن ڪيو منجهه جهانَ
شعاع،
”عَلِي وَلي“ خاندان، ٻُجهه اَرڪان سندا
اِيمان،
سچو صديق، عُمر با سَر،
عثمان شاهه، علي حيدر.
”صديق“ سَچو ٿيو منجهه سَچن، پيش اِمام ڪيو پرين،
نِيَتِي نماز پٺيرانس مِڙِن، محبت تَنهن سين
مؤمنن،
”عُمر“ اَمير مَڃيو عَربن، عَدل، عدالت سان
اَدبَن،
اَمرُ سچي جو ڪو ڏان ڪَن، ڌُئو تنهن کي ڏيهه
ڌَڻيَن،
راوي روايت هِن پَر ڪَهن: لڳي جنگ ”تَبُوڪ، چَوَن،
بُک، تنگِي اُتي اَصحابن، نَوَ سَو سيڌو بارُ
اُٺن،
ڏنا شَه ”عثمان“ لِکَن، ”عَلي“ وَلي سردار سَڀن،
وَجد مقاتل مُشرڪن، شَرف تنهين جو عالي شان
ٻجهه اَرڪان سندا اِيمان، سچو صديق، عُمر با سَر،
عثمان شاهه، علي حيدر.
جمع اَصحاب مُبارڪ يارَ، اَهلَ بَدر ۾ هُئا
اڳوارَ،
چارئي سرڪش ۽ سردار، چارئي ڏيه سندا ڏاتارَ
چارئي جابِرَ، چارَئي يارَ، جنگ بهادر هئا
جُونجهارَ،
قتل ڪيائون ڪُل ڪُفارَ، چارئي برڪت باغ بهارَ،
نور نبيءَ جا نيڻن ٺارَ، چارئي صاحبَ سرت سڄاڻ،
ٻُجهه اَرڪان سندا ايمان، سچو صديق، عمر با سَر،
عثمان شاهه، علي حيدر.
”اَبابَڪر“ جو شَرف عِزت، حضرت پاڻ رکيس حُرمت،
رَضي الله مَٿس، رَحمت، ”عمر“ عدالت ڪئي عبرت،
دعوى گير دَسيائين دَتَ، رويو دنيا سنديس دولت،
خَرچ ڪيائون منجهه خدمت، ”حيدر“ هادي ساڻ حِڪمت،
”اَسَدُ الله“ قَويُ قُوَتَ، ڏني نبيءَ کي تنهن
نُصرتَ،
ڪيڏو جلال ڪيڏي جُراءتَ، تِن کي صورت ڏني سُبحانَ،
ٻُجهه اَرڪان سندا ايمان، سچو صديق، عمر با سَر،
عثمان شاهه، علي حيدر.
جَلوو، جوت، جمالَ، جَبارَ، ڏنيس ڏيهَه ڌڻيءَ
ڏاتار،
’مير محمد‘ مٿي موچارَ، ’اَنا فَتحنا‘ جي آڌار،
مرسل! توتي آهي مختارَ، خَندَق خيبَر جي خُنڪار،
اَهل صفا جا سي اَنصارَ، اعلى اصحابِي اَڪبار،
دين دنيا جا دعويدارَ، نعرو هڻي هليا نِروار،
جنگ جا سُورهيه سڀ سالارَ، سيئي دين سندا دلدار،
پيش پيغمبر پهلوان، ٻُجهه اَرڪان سندا ايمان،
سچو صديق، عمر با سَر، عثمان شاهه، علي حيدر.
راضي صحابن تي رَحمان، مير مُحمد مهربان،
”عشرَتُ المُبَشِرِين“ بيان، ”اَحمد“ اِجازو ڪيو
ايمان
ڏَهن ڄڻن کي ڏس ٿيو ڏان، ”اَبابَڪر، اڳ ۾ اڳوان،
”عُمر“ اَمير شاهه ”عثمان“، ”علي“ ولي سيد سُلطان
طَلحه، عُبيدُالرحمان، سَعد، سَعيد، جُبير، جَوان،
ڪُسي نَبيءَ تان ٿيا قُربان، شَرف صحابن موجب
شانُ،
غَفُور، غَفَارَ، ڪيا غُفران، ”فتح مداحي“ کي ٿئي
دانُ،
دين دنيا جو سڀ سامانُ، بخش عطا ٿئي اَمن اَمانُ،
مٿي محمد مهربان، ڪَه ڪلمو، سين قلب زبان،
لااِلله اِلااللهُ مُحَمَدُ الرَسولُ اللهِ.
(2)
سارهه ڪر سندي سبحان، جنهن جوڙيا جل جبار جهان،
عرش، زمينون، ماڳ، مڪان، جن، مَلَڪَ، عالم امڪان،
جوڙيا هزده هزار حنان، عجب عجائب مهر منان،
فضل پنهنجي ساڻ فرقان، نازل ڪيو تنهن نور نيشان،
شرف تنهنجي موجب شان، آگي پيدا ڪيا انسان،
رب رضائون رکيون رحمان، اهڙا آگي جا احسان،
صاحب صحابي سرت سبحان، قادر ڪوڏايا منجهه قرآن،
جيءَ جُسا ڪيا تن قربان، چارئي دين سندا دربان،
چارئي سخاوت جا سلطان، چارئي عارف سين ايمان،
بغض رکين ڇو بي ايمان، احمق پوين منجهه ارمان،
شڪ رکين ڇا کي شيطان، نيش ڀڄنديءِ اي نادان!
چارئي سرور ساڻ سونهن،
چئني جي رک محبت من.
مرسل ماهه، صحابي تارا، سونهن صحابي سٿ سونهارا،
چارئي جهيڙي جا جُونجهارا، چارئي وير ولايت وارا،
چارئي قُوت منجهه قرارا، عرش، زمين سندن اوتارا،
بغض رکين ڇو هَيا هچارا؟
چارئي سرور ساڻ سونهن،
چئني جي رک محبت من.
جئن چنڊ چانڊوڻي منجهه تارن، تئن گوهر سونهين سين
گلزار،
امر سچي جو مڃيو سچارن، ڪهل نه ڪيائون مٿي ڪفارن،
ڪافر تالان ڪيا قرارن، چوَچوَ مدح سندي موچارن،
ساراهه ڪر سندي سونهارن، رک يقينو ڏونهه يارن،
چارئي سرور ساڻ سونهن،
چئني جي رک محبت من.
چئني مُلڪ ڪيو معمور، چئني تي ٿيو نازل نور،
چارئي ظاهر ٿيا ظُهور، چارئي مولي ڪيا مشهور،
گلا ڪندڙ ٿيو غرقور، رليو رافض رَڪَ رَنجور،
خوراج خائن لنڊ لنگور،
چارئي سرور ساڻ سونهن،
چئني جي رک محبت من.
چارئي گوهر گل گِرامي، چئني سان هو حضرت هامي،
چارئي مجلس منجهه مدامي، چئني عالم ڪيو آرامي،
چئني ڪافر ڪيا قتلامي، چئني جو سڀ جڳ سلامي،
چئني کي ٿيو عِز عُظامي، رُليو رافض هنيو حرامي،
چارئي سرور ساڻ سونهن،
چئني جي رک محبت من.
چارئي سورهيه سخا جا سائين، چارئي جنگ جا مرد
مُهائين،
چئني کي ڏس ڏات ڏنائين، چئني سان ڏس ڪرم ڪيائين،
چئني جو سگ ڇو نه سڏائين؟ ڀڙوا ٻيو تان ٻول نه
ڀائين!
مئو منافق ويو وچائين،
چارئي سرور ساڻ سونهن،
چئني جي رک محبت من.
ثاني اثنين سو مير موچار، غار اندر هو غمگسار،
صادق سچو ”صديق“ سچار،”اَڪبر“ جو ٿيو عِزُ اَپار،
سُونه صحابن جو سينگار، جوڙ جماعت جو جنسار،
”احمد“ سندو يار غار،
چارئي سرور ساڻ سونهن،
چئني جي رک محبت من.
عدل عدالت ڪئي ”عمر“، صفت انهيءَ جي ڪئي پرور،
پاڻ واکاڻيو ٿي پرور، دين اجاريو تنهن دلبر،
ڪفر ڏنائين هيٺ قهر، گلا ڪئي جنهن خائن خر،
لُنڊ لنگور کي هڻ لتر، سڙيو سٽيو منجهه سقر،
چارئي سرور ساڻ سونهن،
چئني جي رک محبت من.
”عثمان“ امير ٿيو اظهار، جنهن تي دين سندو دستار،
حلم حيا جو هر هموار، بخش، عطا جو باغ بهار،
شي النورين ملڪ مدار، عالم، عارف، جيءَ جيار،
گلا ڪندڙ ٿيو ذليل خوار، مئو منافق سو مُنهن ڪار،
چارئي سرور ساڻ سونهن،
چئني جي رک محبت من.
اعلى افضل شان علي، ڪفر ڪنبايو وير ولي،
ظاهر علم ڪيو زڪي، مهر مٿس ڪئي مير مڪي،
ڏس تن ناٺي سندو نبي، شڪ رکين تون ڪوهه شقي،
هاريا هڄندين منجهه هاوي،
چارئي سرور ساڻ سونهن،
چئني جي رک محبت من.
چارئي مرسل سان مَرڪن،
چارئي ڌُوا ڏيهه ڌڻين،
چارئي وسيلا وٺجن، چارئي صادق منجهه سچن،
بيدين ٿا جي بغض رکن، هاويءَ منجهه هچارا هجن،
رافض راهان رَڪَ رلن،
چارئي سرور ساڻ سونهن،
چئني جي رک محبت من.
چارئي صاحب چارئي سر، چارئي واهر چارئي ور،
چارئي عالم هيڪ اکر، چارئي برڪت بر و بجھحر،
چارئي سَرور ساڻ سفر، رافضين تي ڏاتر ڏمر،
قادر آين شال قهر!
چارئي سرور ساڻ سونهن،
چئني جي رک محبت من.
چارئي عابد چارئي اڪابر، چارئي زاهد چارئي ذاڪر،
چارئي مانجهي چارئي مهاجر، چارئي جانب چارئي جابر،
چارئي ڪوڏايا سچي قادر، چارئي نُور چارئي نادر،
چارئي ڀڙ چارئي بهادر، چارئي سرور چارئي چادر،
ڪوهه ڪرين تون گلا ڪافر،
چارئي سرور ساڻ سونهن،
چئني جي رک محبت من.
چارئي والي چارئي وير، چارئي عالم منجهه امير،
چارئي آگي ڪيا اڪسير، چئني جا آهيون دامنگير،
فضل ڪندا سان ”فتح فقير“، هينئڙي ڏيندا سي دل
ڌِير،
ڪهو ڪلمو مٿي محمد مير:
لا اِلٰہ الاالله مُحمد الرسول الله.
مدح (غوث اعظم جيلاني)
تُنهنجي صفت سُلطان تون، باري، بلند، بُرهان تون،
يا غَوثُ اَعظَمُ اَولِياءَ!
صاحب ڌڻي جيلان تون، شَرفِ خدا جو شان تون
يا غَوثُ اَعظَمُ اَولِياءَ!
جَولان جِيلانيءَ سنَدوءِ، سڀ ڏيہ ٿيو ڏاني سندءِ،
ٻيو ڪو نه ڪو ثاني سندءِ، ڇَٽُ تاج سُلطاني سندءِ،
يا غَوثُ اَعظَمُ اَولِياءَ!
تو لاءِ زمين، تو لاءِ زَمَن، تون خانداني پَنجتن،
تون ساقي علم لَدُن، توکي خدا ڪيو پاڪ تن،
يا غَوثُ اَعظَمُ اَولِياءَ!
تُون خاندان مُجتَبى، شاهه نَجَف جو دلربا،
تون دَم اِلاهِي ڪِبريا، سَڀ اَولِيا تو خاڪپا،
يا غَوثُ اَعظَمُ اَولِياءَ!
تون! مُصطفى جو جان وتن، بيشڪ حُسيني تون حَسن،
تو ڏانهن رکي جو غير ظن، سو رافضي ٿيو بي دَفن،
يا غَوثُ اَعظَمُ اَولِياءَ!
ٿيا معجزا تُنهنجو مَرَڪ، تُون عالم اَسرار حق،
جو ٿو رکي تو ڏانهن شَڪ، سو خَر، حرامي ٿيو غرق،
يا غَوثُ اَعظَمُ اَولِياءَ!
تون آل اولادِ علي، وارث ولايت جو ولي،
تو کان ڀَلا! سَبڪا ڀَلِي، تنهنجي اڳيان حق
مُنجَلي،
يا غَوثُ اَعظَمُ اَولِياءَ!
تون چوڪِي ”رسول الله“ جي، نَوَ کَنڊ ۾ نَعرو
سندءِ،
۽عرش اوتارو سندءِ، جبريل هَرڪارو سندءِ،
يا غَوثُ اَعظَمُ اَولِياءَ!
جُملي وَلين سردار تون، خاوَند ڪَئين مختار تون،
طلبيو رسين هرڪار تون، تحقيق ۽ تڪرار تون،
يا غَوثُ اَعظَمُ اَولِياءَ!
واقف خدا تو شان جو، تون راز گنج رحمان جو،
محبوب تون سُبحان جو، مون ڏانُ ڏي اِيمان جو،
يا غَوثُ اَعظَمُ اَولِياءَ!
سَرتاج پِيران سَيدا، فرياد رَس نامِ خدا!
پوري خدا ڪَيئي مُدعا، توکان خدا ناهي جُدا،
يا غَوثُ اَعظَمُ اَولِياءَ!
تون جُز دلِ پيغمبري، معنى حقيقت حيدري،
سڀ مُدعا تو کان سَري، تون هَڏ خدا جو دفتري،
يا غَوثُ اَعظَمُ اَولِياءَ!
ڪڍيو تو يوسف چاهه مان، ڪِشتي ڪڍي تو بحر کان،
تو هِمتِ عالي جوان، ارشاد ڪِيو ڪُل کي اوهان
يا غَوثُ اَعظَمُ اَولِياءَ!
ذوالقَرنَ کي چيئي ڏاڻ گهُر، ”عيسى“ جيارڻ جو
اَمُرُ،
”موسى“ اُتي جولان جَبر، ”اَيوب صابر“ تي نَظر،
يا غَوثُ اَعظَمُ اَولِياءَ!
ڪَئي گُم سُليمان اَنگُشتري، تُنهنجي مهر سان سا
وري،
جن ديوَ ٿيا سڀ حاضري، تن کي ڪيو تو خوشتَرِي،
يا غَوثُ اَعظَمُ اَولِياءَ!
لاکا، سَپڙ، حاتم، بندا، پر بندا تو در سَندا،
بانهون ٻڌي ڪورنِش ڪندا، سي سڀ سُوالي تو سَندا،
يا غَوثُ اَعظَمُ اَولِياءَ!
شب معراج تو ديدار ڪِيو، تو نارَ کي گلزار ڪِيو،
سڀ تو اَچي اظهار ڪِيو، يونِس مڇيءَ مِسمار ڪِيو،
يا غَوثُ اَعظَمُ اَولِياءَ!
صاحِبِ عَرب! ارشاد ڪر، عالي عِلم اِمداد ڪر!
مُدعي مُسَخر مات ڪر، فرياد جو تُون داد ڪر!
يا غَوثُ اَعظَمُ اَولِياءَ!
پينار ميراثي پَهي، مَنصَب ملي ڏُکڙو لهي،
ڀَٽ ڀان تو ڪِيرت ڪهي، دشمن مداحيءَ جو مُهي،
يا غَوثُ اَعظَمُ اَولِياءَ!
خواهِش سنديم سڀ خاص ٿئي، مون کي توهان جي پاسِ
ٿئي،
مَن مدعا سڀ راس ٿئي، دُشمن سندم شَل ناس ٿئي!
يا غَوثُ اَعظَمُ اَولِياءَ!
ڪر درد منهنجي جِي دوا، تُنهنجي سَخا ڪُل ۾ سَوا،
پنهنجو گدا ڪر بانَوا، تُنهنجي مدح ڪُل تي رَوا،
يا غَوثُ اَعظَمُ اَولِياءَ!
داتا! خدا لڳ دانُ ڏي، شَرف ۽ شَرافت شان ڏي،
اَعتقاد ۽ ايمان ڏي، سَڀ ڪُجهه مڱان سامان ڏي،
يا غَوثُ اَعظَمُ اَولِياءَ!
تون ئي عدالت، تون عَدل، تُنهنجي پٺيان جُملي
جُمَل،
ڪر ”فتح“ سين پنهنجو فَضل، ٿئي مِهر سين گلزار
گُل،
يا غَوثُ اَعظَمُ اَولِياءَ!
وارو مريدن جو وَريو، ڍارو چڱو تِن جو ڍَريو،
سَڀِڪي آهي تِن کي سَريو، ڪلمو نبيءَ تي جن پڙهيو،
يا غَوثُ اَعظَمُ اَولِياءَ!
لا الٰہ اِلاالله مُحَمَدُ الرَسُولُ اللهِ ﷺ.
مناجات (نبي )
(مخدوم عبدالله واعظ جي چيل)
[مخدوم عبدالله عرف ”ميان موريو“ سنه 1150هه/1736ع
۾ ٺٽي شهر ۾ ڄائو. هو مشهور عالم ”ميان ابوالحسن “
جو ڀاڻيجو هو ۽ هن پنهنجي سموري تعليم ميان
ابوالحسن کان حاصل ڪئي. مخدوم عبدالله جا وڏا
”ميان“ جي لقب سان مشهور هئا، پر هن پنهنجي علم ۽
فضيلت جي ڪري ”مخدوم“ جو لقب هاصل ڪيو. سڄي عمر
ٺٽي شهر ۾ رهيو. عام طرح واعظ به ڪندو هو، تنهنڪري
کيس ”ميان عبدلله واعظ“ به ڪري سڏيندا هئا. مخدوم
عبدالله، مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو همعصر هو. هن
مخدوم هاشم جي وفات کان هڪ سال پوءِ سنه 1175هه
/1761ع ۾ ”ڪنزالعبرت“ ڪتاب تصنيف ڪيو، جنهن ۾
مخدوم محمد هاشم جي تصنيفات مان به سَندون پيش
ڪيائن. مخدوم عبدالله ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن ۾
عبدرالمنير، غزوات، نُور الابصار، هفت بهشت،
قمرالمنير، سگَ نامو ۽ تفصي وغيره مشهور آهن.]
سَچا سَيد مُرسَلان عالم جا اِمام،
واکاڻيل واحد جا اَگهيا در عَلام،
اُڀَن ڀُنيَنِ پڌرا خاص خير اَنام،
راهون سڀ روشن ڪيون نرمل اَنهَنجي نام،
لڳس اَهنجِي لام، فرياد رَس يا مصطفى!
اَنڌن ڏيو اَئِين اکيون ميرَن ڏيو مانَ،
بُکين بَرادين بيڪَسن ڏاتِيُون ڏيو ڏانَ،
جوڙي ناهه جهان ۾ ڪو شَريڪ اَنهنجِي شان،
مولي معراج اَنهنجو سارهيو سُبحان،
مون کي مهربان، فرياد رَس يا مصطفى!
آهيان اَسُونهه اَڀرو، عاجز ۽ اَسير،
ڪَر لهي ڪو نه ڪو، ٻيو دلبر دستگير،
مسڪين، محتاج آهيان فريادي فقير،
ڏِيو تون ڏيهَن جو سچو سراج مُنير،
هي جو پسي حقير، فرياد رَس يا مصطفى!
گهيريُس گُناهين گوندرين ماريس مَٺارين،
ڇِنم تُرهو تار ۾ لوڏيس گهڻو لهرين،
ٻَهُون ٻاڪاريان گهڻو اَندر عَميقن،
سِگهو رَسِيم سُپرين! سندا سُونهن سڀن،
اَجها عاجزن، فرياد رَس يا مصطفى!
اسم ”محمد“ اَنهنجو ڪَهيو ڪَريمَن،
اَڀَن ڀُويَنِئُون اڳي هو ۽ ويهون لکَ وَرهن،
تو ساماڻي سُپرين لٿا ڏُڪار ڏيهن،
ويا درد دل جا لهي دلگيرن،
مهندار سندا مڙن، فرياد رَس يا مصطفى!
آگي سجدو آدم کي ڪاريو ڪِرد گار،
مڙني ملائڪن هٿان نُورِي جي نِبار،
جڏَهن اَنهنجو اُن کي هو نُور منجهه نراڙ،
پڌرا ڪيا پادشاهه پرور اَنهنجا پارَ،
سڀني جا سينگار، فرياد رَس يا مصطفى!
توبه تڏهنآدم جي قادر ڪئي قبول،
جڏهن پيغمبر پُٺين تون رهبر هُئين رسول،
ڌُئو تون دارين ۽ مولي در مقبول،
اَنهنِجو عَدُوُ سڀڪو مَقهور ۽ مَخذُول،
مُجرم ٿيو ملُول، فرياد رَس يا مصطفى!
حُرمت اَنهبنجيءَ هاشمي ڀلارا، بشير!
ٻيڙي ٻُڏڻا بَچِي سندي ”نوح“ نذير،
ذبح ٿيو ذبيحن جو مؤقوف بَرڪت مير،
”ابراهيم“ کي آڙاهه کان ڪڍيو تو قدير!
دلبر دستگير، فرياد رَس يا مصطفى!
مُرسل! مَلائڪ، اَنبياءَ سڀ آن کي ڪَن سَلام،
موت پڄاڻا مائٽن اَنهنجي آندو اِيءُ اسلام،
جائز جُتِيءُ جو عرش تي آن کي ٿيواِڪرام،
”قاب قَوسَين“ اَنهنِجو مولي ڪيو مَقام،
خاصو تون خوش نام، فرياد رَس يا مصطفى!
خالق خادم اَنهنِجا مولي ڪيا مَلَڪَ،
جپُرن اَهنِجيءَ پُٺ ۾ فوجون فَلَڪَ،
واصل ٿِيا واحد سِين اَئين لنگهي لَڪيون لَڪ،
موٽي معراجان آئيا اَئِين پرين منجهه پَلَڪ،
سڀني لٿا شڪَ، فرياد رَس يا مصطفى!
جڏهن اَئِين جهان ۾ ٿيا ظاهر مٿي زنمين،
پڌرو ڪيو پادشاهه اَهبنجو جلوو منجهه جَبِين،
تڏهن مُلحِد مات ٿيا ڪُفر رهيو ڪين،
آيا تڏهن اسلام ۾ دُرست مٿي سڀ دين،
افضل رسول امين، فرياد رَس يا مصطفى!
عاقي جي اسلام سِين هئا هميشاهه،
دشمن سدائين دين جا غالب گهڻو گمراهه،
پَسِي تن پيغمبر کي صدقا ڪِئا ساهه،
هليا حق هدايت ڏَنهن رَمي مٿي راهه،
اڪمل عالي جاه، فرياد رَس يا مصطفى!
اَهنِجِي سِڪ آدم کي آهي اَپايو،
اَهنجو اَچڻ اولاد کي تنهن ساري سڻايو،
تان پِي اڳيان پويان تون اُجاري آيو،
پٺ ۾ تِنهين جي پيغمبر! تون ربُ هئين رکايو،
تون هاديءَ هَلايو، فرياد رَس يا مصطفى!
ڄامَ! تنهنجيءَ ڄمار جو سونههُ ڪيو سبحان،
پَڻِي اَنهنجي پيرن جي ساراهِي سلطان،
واحد، واکاڻون اَنهنجيون ڪيون منجهه قرآن،
اچن سدائين آن مٿي رحمتوبن رحمان،
اي ضعيفن ضمان، فرياد رَس يا مصطفى!
لائق تون لولاڪ جو مولى سندو مختار،
اَگي ڪيو آن کي مِڙن جو مهندار ،
جِت جاءِ نه جبريل جي تِت تو قرب قرار،
توسين ڳجهه اندر ڳَرَهِي سٻاجهو سَتار،
آءٌ گولو گنهگار، فرياد رَس يا مصطفى!
سَمر ساڻم ناهه ڪِي سَفر سِٽاڻو،
نَڪي هَنجههنه هڙ مون نه ناقص سين ناڻو
ڏاڍا ڏونگر لَڪيون ڏيه نه ڏاڏاڻو،
سڀڪو ڇڏي سُڃ ۾ نِڌر نماڻو،
تون صاحب سُنهاڻو، فرياد رَس يا مصطفى!
عاصِيَن اَنهنِجو آسرو سَدا منجهه سَرير،
پاپين پڇي ڪو نه ڪو ري مُحمد مِير،
رُڃ ۾ رهيَن کي رَسِين ڪَرم ساڻ ڪَثير،
پڄي پاند پيغمبر جو سڀ لنگهند سِير،
مون بدڪار بي تدبير، فرياد رَس يا مصطفى!
آهيم اَنهنِجو آسرو منجهه ٻنهي جَهانَن،
قُوت مُنهنجي قلب جو مدح محبوبن،
سَمر ساڻم اِهوئي سِڪَ سندي سُپرين،
چاڪَر جن چائيان سي مُشفق مون مِلن،
اَهُکِيءَ عليلن، فرياد رَس يا مصطفى!
ڏُک ڏُکندا ڏاکڙا اُهکا يُون اَپارَ،
ويچاري وُجود تي وَسن وير وتارَ،
سَنجهي صبح سرير ۾ سُورن جي سَنڀارَ،
وِرچي ويڄَ طبيب سڀ ڀَڄي ٿيا بيزار،
ڏڏَن جا ڏاتار، فرياد رَس يا مصطفى!
هَٿان حضرت هاشميءَ سڀني ٿِئي شفا،
جُکيون لَهَن جاجُڪين، گولن ٿيئي غنا،
اَنڌن ٿِين اکيون ۽ چڱا ٿين چريا،
نظر سين نبيءَ جي موٽي جِيَنِ مُوا،
ڌڻيءَ جا ڌُوا، فرياد رَس يا مصطفى!
”طاهى“ ۽ ”ينس“ ٻئي نِرمل اَنهنجو نام،
”اِنا فَتَحنا“ اَنهنِجو مقصود ٿيو مُدام،
واحد ”ولَسَوفَ يُعطِيڪ“ جوان کي ڪيو اِڪرام،
مولي مُڪو آن مٿي قادر سند ڪلام
توسِر صلواتون ۽ سلام، فرياد رَس يا مصطفى!
پَسيو پاپ پانهنِجا اکين اوتيان آب،
ڊِڄان ڊاءِ ڌَڻيءَ جي سُڻيو سندس عَذاب،
منڪر ۽ نير کي ڏيندس ڪيئن جواب؟
ڪوهه ڄاڻان ڪهڙو خالق ڪندو خطاب؟
آهي حَق حساب، فرياد رَس يا مصطفى!
ڏهئي قسِم ڏيجَ ۾ سندا شفاعت،
ڏيندو اَن کي ڏيه ڌڻي ڏينهن قِيامت،
ڪندي تِتي ڪارڻي تون مِڙني جي متَ،
ڪوڙين ٿيندا ڪيترا جوڳا سندا جنتَ،
رهبر سِين رحمت، فرياد رَس يا مصطفى!
اُهکيءَ ۾ عاصِيءَ کي تون فائق رَس في الحال،
اَپَر اَن کي اڳرو قادر ڏنو ڪمال،
سدائين صاحب سين وِرُونهَ اَن کي وصال،
مشهور اَنهنِجو ملڪ ۾ جلوو ۽ جمال
سيد سڻي سوال، فرياد رَس يا مصطفى!
”يوَم يَفِرُالمَرءُ“ جي جڏهن واحد ڪندو وير،
تتي روندا رت سلطان شاهه ڇُڳير،
اُڀ تَتو ڀُون ٽامني پڇيو رهندا پيرَ،
ويندي همت، هوش سڀ هي جو آهي هيرَ،
ويندي همت، هوش سڀ هي جو آهي هيرَ،
سچا سرور شير، فرياد رَس يا مصطفى!
مون کي من ۾ ايوسيڙو مگر جو آهي،
ايندو عاصين ڏنهون قيامت ڏينهن ڪاهي،
وَرنَه رسج وقت تَنهن لاڳاپا لاهي،
لنگهندا سير صراط جو سڀ سپرين ساهي،
پازي پهرائي، فرياد رَس يا مصطفى!
”لاملئِنَ“ جهنم جو مولي اَمرُ ڪِيو،
پسِي پڙهي تنهن کي آهيئون ساهه سڪو،
همت، حرفت، حيلو چوڌاري چُڪو،
اَسان سين عملن جو پورو نانه پُکو،
تون اَجهو آجهڪو، فرياد رَس يا مصطفى!
ظاهر زبون منهنجو باطن مون بيڪار،
چيو ڪَيُم نفس جو وڃايم وقار،
ڪري ڪَمڙا ڪبير اٿبو جيءُ جَنجار،
پسان پاپ پانهنجا قلبئون ناهه قرار،
تون اڙين جو آڌار، فرياد رَس يا مصطفى!
سو نه ساريان سفر ڪو عمل منجهه اَنگڙن،
سِٽ نه ساريان سمرڪي جو مَرڪان منجهه ماڻهن،
نيڪي سندم ناهه ڪا خاطي خطائن،
پَسِي ڪِرت ڪچائون گڏيس هوندَرن،
مَرڪڻ مُرسلن، فرياد رَس يا مصطفى!
گولو گنهگار گهڻو ڏڏ آءٌ ڏوهاري،
مون تان نظر مَ لاهيو آءٌ اَنهنِجو بيگاري،
آهيم اَنهنِجي در جِي طَلَب ۽ تاري،
ڪامل!ڪريو ڪرم سين اَئِين يتيمن ياري،
آهين آزاري، فرياد رَس يا مصطفى!
ڪنڌي ڪچاين ناهه ڪا بديون بيشمار،
ڪِئم گُندَ گناهن جا هزارين هزار،
وِڌم هٿ حرام کي ڄاڻي سڀ ڄمار،
چيو ڪِيم چارِين جو مُفسد جي مڪار،
سٻاجها ستار، فرياد رَس يا مصطفى!
”وَالوَزن يومئذنِ الحقُ“ تي آندو سُون ايمان،
پر ڪڄاڙو تو رائيون مَنڊيو جِت ميزان،
ڀانڊا ڀريا بدئين نِسورو نقصان،
تو ڌاران ڪِٿهين ٻيو اَمن نه ڪواَمان،
تون دارين جو ديوان، فرياد رَس يا مصطفى!
حضرت منهنجو هٿ وٺو اَئِين لڳ الله!
دليرُ دامن لائيو شاهن سندا شاهه!
ڏيو اَمن عاصين کي پنهنجيءَ منجهه پناهه،
سدا جنهن سرير ۾ اَنهنِجي خواهش خواهه،
رهبر رَسِيم راهه، فرياد رَس يا مصطفى!
حُرمَت ”حضرت صديق“ جي، جو صحابن سينگار،
ڀَلو بعد رسول جي سچو يار غار،
مِڙن ڪَنا مَهند ڪيو، جنهن اسلام جو اقرار،
هئو سِلڪُ سبيل ۾ هميشه هوشيار،
سو دوست پَسي دلدار، فرياد رَس يا مصطفى!
پڻ حُرمت حضرت عمر جي، جو عامر سندو اسلام،
ڪُٺا جنهن ڪُفار ٿي مُلحد سڀ مدام،
عالم کي عدالت سين آندائين منجهه آرام،
ڪري نه رعايت ڪنهن جي منجهه اَمر ۽ اَحڪام
تون ڄامن سندا ڄام، فرياد رَس يا مصطفى!
پڻ حُرمت ”حضرت عثمان“ جي، جو اَڪمل پُٽ عَفان،
تِر تفاوت نه ڪيو، جنهن فائق منجهه فُرقان،
عطائون الله لڳ ڏاتيون ڏنائين ڏان،
سڄيون راتيون اُڀيي قاري سندو قُران،
سَٻاجها سلطان، فرياد رَس يا مصطفى!
پڻ حُرمت ”حضرت علي“ جي، جو اَسد اَصحابن،
کنيو باب خيبر جو جنهن ڪامل اُتي ڪُلهن،
ماري ڪيائين مات سي، جي فُرقانئون ڦِرن،
سڳو سوٽ سَيد جو داماد پڻ دوستن،
برڪت تن ڀلن، فرياد رَس يا مصطفى!
۽ حُرمت ”حَسن حُسين“ جي، جي ڀلا ٻئي پارَ،
پاڪيزا پاڪ گهڻو سڳورا سردار،
فرزند ”بيبي فاطمه“ اَنور اکين ٺار،
سِبطينِ سيد ڄام جا پُٽڙا حيدر ڪرار،
سي پسي نُور نياز، فرياد رَس يا مصطفى!
۽ برڪت بيبي فاطمه جا سيدهُ النساءَ،
پَڙهو پوندو ڪارڻ جنهن قيامت ڏينها،
ته پوريو پنهنجون اکيون اَئين ماڻهو محشر جا،
ته لنگهي وڃي جَنت ڏنهون سا فاطمه الزهرا،
سي پَسِي پاڪ وِيا، فرياد رَس يا مصطفى!
حُرمت ”حمزه“ ۽ ”عباس“ جي چاچا چاڳِلن،
پڻ حُرمت حَرمَن حضرت جي، جي مائون مؤمنَن،
پڻ حُرمت آل اَحمد جي ڌيئرن ۽ پُٽن،
رحمتون جنين تي رب جون، وِيرُون تار وَسن،
مون کي سين مِهرن، فرياد رَس يا مصطفى!
عاصي ”عبدالله“ جي واهر ڪَر وريام!
جنهن کي وسيلو اَنهنِجو سَنجهي، صبح شام،
ڪريو نطر نِينهن جو تنهن مُجرم ڏانهه مُدام،
چون سدائين شوق سِين اَن تي صلواتون ۽ سَلام،
مُشفِق لاهه مَلامَ، فرياد رَس يا مصطفى!
مولي موت ويرَ ڏين سَباجها ستارَ،
محَبت ڪلمي طيب سِين پاڪِيزي پچار،
ماري مسلمان ڪرين مُون منجهان دُنيا دار،
اُتي توَحيد طاعت ۽ محبت مهندار،
سيدا ڪِج سنڀار، فرياد رَس يا مصطفى!
ڪلمو چوان ٿو ڪوڏ سين مَٽي مُحمد مير،
توبَه ڪَيم ڏوهنئون سونڪي منجهه سَعِير،
توفيق ڏجان طاعت جي سچا سَميع، بصير!
مَرَهِين مون کي مون ڌڻي گناهه صَغِير و ڪبير،
ڀَلارا بَشِير، فرياد رَس يا مصطفى!
لاالٰہ الامُحمدُ الرسول اللهِ
مجموعہ مدحيات (بمبئي ڇاپو) تان ورتل.
مجموعه مدحيات (بمبئي ڇاپو) تان ورتل.
مجموعہ دحيات (بمبئي ڇاپو) تان ورتل.
مجموعہ مدحيات (بمبئي ڇاپو) تان ورتل.
|