مناجات
نبي ﷺ جي بارگاهه ۾
(مل محمود پَلِيءَ جي چيل)
[مل محمود ولد طالب درس پلي، تيرهين صدي هجريءَ جي
آخر (1280هه-1290هه درميان) ۾ ڳوٺ حاجي عبداللطيف
پلي تعلقي عمر ڪوٽ ۾ ڄائو. 1347هه/1928ع ۾ وفات
ڪيائين. عوامي شاعري ۽ مٿانهين درجي جو شاعر هو.
سندس ڪلام مان ليلى مجنون، مجمع العجائب ۽ نصيحت
انساني ڪتابي صورت ۾ شايع ٿي چڪا آهن.هتي سندس ٻه
مناجاتون ڏجن ٿيون.]
(1)
خلقيل خود خاص تون رهبر سچي رحمان جو،
ديد انهنجو لاءِ سڪندن، عيد آهي ٿو چوان،
آءُ ڳرني! گهر اسان جي ڪر ڪرم احسان جو،
ديد انهنجو لاءِ سڪندن، عيد آهي ٿو چوان.
اول آگو عالمين قادر ڌڻي قدرت سندو،
ڪين مان ڪوڙين ڪري هادي هنر حڪمت سندو،
تون محمد مصطفى سردار سڀ خلقت سندو،
جيس جوڙي ساڻ تنهنجي نور ناهي ٿو چوان.
حُب سندءِ هردم پرين! دل اندر آهم گهڻي،
جان جيرو ڪاڻ اَنهنجي پاڻ پرزا ڪيم پَڻي،
دل وٺي دلدار! وئين حڪمئون حڪم هِنيَڙو هڻي،
باز بحري جيئن قَمريءَ کي اُٺائي ٿو چوان.
اک اَڙائي، جيءُ جڙي، جانب! ڪَيَئي قابو بندي،
ناز ڀريا! سور لايو، سوز ساجن! تو سندي،
عمر واجهائيندي ويئي عرض ۽ آهون ڪندي،
مَنَ ڪڏهن جاني سندم مالڪ ملائي ٿو چوان.
پَل نه سَرندِي تان نه توري هوت! هڪڙو دم گهڙي،
رات ڏينهان تات تنهنجي جان جيري منجهه جَڙي،
پاڪ ! تولئي خاڪ کامي هٿو هِنيون ساڻو سڙي،
ڳالهه ڳولي ڳجهه اندر جي نيچَ نائي ٿو چوان.
تون عقل جي واڳ ڦيري هوش وئين هڪدم کڻي،
ٿي موالڻ مست بيراڳڻ گهمان گهر گهر ڀُڻي،
جيءُ جانب!تو دکائي دل اندر آڳون هڻي،
سک ڦٽائي، ڏئي وئين لوچ لائي ٿو چوان.
روز پنهنجا سڄڻ ساريو نت اُڏايان ڪانگ ٿي،
گهوٽ! گهوريان تو مٿان ٻيا سڀ سکا ۽ سانگ ٿي،
عشق آيو اڱڻ منهنجي نينهن نسورو نانگ ٿي،
ڏنگ هڻي ڏاري وڌائين جيءَ جلائي ٿو چوان.
نيڻ نوري ناز ڀريا خان خوشيان ٿو کڻي،
ڪان قهري جان جوڙيو، دل هِنيين منجهه ٿو هڻي،
قرب ڪاتيءَ سين جاني، جيئن وڍي تيئن ٿو وڻي،
ڳالهه ان جو محب! مون کي عجب اهي ٿو چوان.
هيٺ اَنهنجي ميٺ ماکيءَ جي محب مَهرُو مٺا!
ٻوڏ سڻيو ڪوڏ ڪن ٿا قرب ڪاتيءَ جي ڪٺا،
لوڪ مهڻا موڪ مون ٿي ساءِ ساجن تو سَٺا،
انگ اصل جي وَنگ وڌا ۽ نئون لڙائي ٿو چوان.
کير کنڊ کان خوب خقصي پرت پِريمَ آن مِٺي،
سونهن سهڻِي يار تنهنجي جن هلي هيڪر ڏٺي،
قرب قابو قيد ڪيڙا وٽ وِرهه جي اوءَ وٺي،
عشق عربي! آبن سندو ويو گهور گهائي ٿو چوان.
سڄڻ سئين! هوت هو، سين ميٺ ماکياري مٺو،
ڪوهه ڄاڻان يار ڇا تان دل رنجائي تون رُٺو،
ڳالهه ن جي سور ٽسڪي ڪانَ ڪانهِل کي ڪٺو،
نينهن ناحق يار! ٽوڙي وئي ويساهي ٿو چوان.
جن جدا ڪئين يار جاني! تون محب مون کان ڇني،
شل چَٽي چوءڻي پوي ان تان ٻڏي ٻيڙي ٻني،
خَر اماڙي کار مان فتنت منجهان ڦوڪي ڏني،
مَن کٽو معشوقَ ڪئي محبت مٽائي ٿو چوان.
نُور! تو کان ڌار ٿي گهائل گهڙيون گهاريان هتي،
تون وڃي ويهي رهئين، ڪامل! ڪميني جا ڪٿي؟
پاڻ پنهنجو ننگ سڃاڻي، موٽ مان مُذنَب مٿي،
روز رُوندڙ آهيان، خاوند کلائي ٿو چوان.
پوک پوکي پاپ جي، پاڻي ڏنم ڏوهن سندو،
باغ ڪيئن آباد ٿئي اهڙو مثل جنهن جو مدو؟
حال منهنجي کي ڏسي ڪامل ڪرممون تي ڪندو،
توهه جنهن جي تار تک من لڪ لنگهائي ٿو چوان.
هٿ ٻڌي حاضر اُڀي ادبئون ادب ڪُرنش ڪري،
حال حضرت! تو سڻايان پاند پٽڪي جو ڌري،
مون ”پلي“ پينار وٽ آءُ رس پرين! پيرا ڀري،
نظر اَنهنجو يا نبي! ڇيهئون ڇڏائي ٿو چوان.
جيئن ڦاهيءَ مان هلِي هرڻي قريشي! تو ڪڍي،
تيئن مِهرون ڪج اسان تي آس مون آهي وڏي،
بار بيحد پيو گهڻو ٻيڙي جدا زخميل جڏَي،
تو محابي پار پَرئين رب رسائي ٿو چوان.
مصطفى ”محمود“ کي رس راهه ۾ رهبر مِٺا!
ڪر شفاعت ڪارڻي، صاحب سچا سرور مِٺا!
توهه تاري تو سندي، اَڙين اجها، آڌر مِٺا!
موت ويلي مون ڌڻي! ڪلمو پڙهائي ٿو چوان.
لا اِلٰہ الا الله محمد رسول الله.
مناجات
(2)
پاڪ پرور، سوال سائين! عرض آهون ٿي ڪريان،
پاند پايو ڳل ڳڄيءَ ۾ درد دانهون ٿي ڪريان،
سي پڄائين پاتشاهه! جي روح رٿائون ٿي ڪريان،
مون ڏوهارڻ کي ڏيکارين رب ڌڻي! پنهنجا ڏيا.
مير مرسل ڪارڻي سرور سچو ساريان،
درد مان دانهون ڪريو هردم هنجون هاريان گهڻو،
واٽ ويڙهيچن سندي نت نت ٿي نهاريان گهڻو،
اڄ اَباڻا شال ايندا، جن ڏٺي مون ڏينهن ٿيا.
وڻ وطن جا پَٽ پَچي پيا، ڏٿ سوين ڏس ڏيهه ۾،
کين کُنڀيون کاڄ مارو ساڳ ڪئو ساڻيهه ۾،
آءٌ بندياڻي بندخاني هت پري پرڏيهه ۾،
ڪوهه ڄاڻان ڏوهه ڪهڙا مون ڪمينيءَ اڄ ڪيا.
ڪار منهنجي ڪين آئي پاڪ پرور کي پسند،
اُن خطا کان هي خطائي قيد ڪارئکين منجهه ڪمند،
شان منهنجي مان جو جيڪس هو اصلئون باب بند،
مون نماڻيءَ کي نير ناحق تڏاهين پيچ پيا.
قال ڪهڙي قيل ڪريان آءُ منهنجي هن حال جي،
تو اڳيان معلوم آهي سڀ ڳجهائي ڳالهه جي،
ڪِيم ڏس منهنجي ڪمن ڏي ڪر ڀلائي ڀل جي،
تون ڇڏائين تان ڇٽان نه ته مون ڪمند قابو پيا.
ڏوهه ڏاتر! هن ڏوهاريءَ کي خطائون کم کڻي،
مير مالڪ! مهر ڪرڪا سڏ سواليءَ جا سڻي،
تون وسيلو ڪل وسيلن جو وڏو وارث ڌڻي،
سي سڀئي محتاج تنهنجا جي ٻاجهائيندڙ ٻيا.
ڏٿ ڇنڊيندي ڏيهه ۾ ڪا جا ڪيم خوني خطا،
مون وانگي ’عمر‘ آيو اوچتو پيو مون مٿان،
ڪوٽ آڻي قيد ڪاريائين هاڪارن جي هٿان،
تيغ تبرون تيز تاڻيو سي ڦرن پهرون پيا.
جي ڌڻي راضي هجي مالڪ ڪري ڇا هوند حمير،
ڪين آنديس عمر آءٌ هت کڻي آيو خمير،
هٿ ڪرايون ۾ ڪڙن قابو پيون پيرن زنجير،
آءٌ بندياڻي بند ۾ مائٽ منهنجا هُو ٿر ٿيا.
انگ لکيو ائين هو اچي آءٌ قيد قسمت سان اڙي،
سڏ هزارين ڪُوڪرا ڪئم ڪوت چوٽين تي چڙهي،
ڪا نه مان ڏي پير پائي تن لوئيارين مان لڙي،
مون ويچاريءَ کي وساري شت ! اباڻا اڄ ويا.
ڪالهه قاصد ڪانگ آيو خط ڪتابت هي کڻي،
شاد سڀ آباد ڪيا مينهن ڀِٽون ٿر بر هڻي،
لام لاڻي، موڪ مکڻي ٿي گهرن پاسي گهڻي،
آءٌ سُڻيو سَرهي ٿيان ڏيهون لهي سڀ ڏک ويا.
گرڙ، گولون، گگر وليون ڏُٿ ڏاڏاڻو پيو پچي،
وڳ ورائي ويڙهه ۾ ويٺم اباڻا اڄ اچي،
چاڳ چوڙيلين ڪيا چوکا حسن جا رنگ رچي،
اَو سنڀاليو اڄ سڙان ٿي جي سهيلين سانگ ڪيا.
تن سنگهارن ساهه سار دل هِنيون هردم سدا،
آس پوري عاشقن جي شل ڪندو خاوند خدا،
سڀ ٿيا مقصود ”مل محمود“ دل من جي مدعا،
رب اسان تي ڀال مهرون ڪرم ڪلمي جي ڪيا.
لا اِلٰہ الا الله محمد رسول الله.
مدح (نبي ﷺ)
(عبدالحي جي چيل)
”مصباح الظلم جميل الشِيَم“ اونداهيءَ سوجهرا،
ڀَلا ڀلائي ۾، ڀلا سندن اطوارا،
همه صفتون حضرت کي ڏنيون ڏاتارا،
شفيع الاُمم، صاحب الجُود والڪرم، اي ٿيس عطا،
ڏنس واڳون واحد هٿ ۾ سنديون بخششا،
”والله عاصمه و جبرئيل خادمه“ پرين چيس پرورا،
حفاظت ۾ رکيائينس پنهنجي جبرئيل منجهه خدمتا،
تکو ڏنائينس سواريءَ لاءِ برق بُراقا،
سفر ڪيائينس سڦرو منجهه محبت معراجا،
ساڪن ٿيا سپرين منجهه سدرت المنتهى،
و قاب قوسين مطلوبه سَريا محمد مطلبا،
سريا مطلب محمد مير جا وچان وچ لٿا،
احد احمد پاڻ ۾ لٿو ميم فرقا،
محو ٿيو محبت ۾ سچو سردارا،
عاشق مليو معشوق کي منجهان محبتا،
ڪاڄ سريا قرب مان محمد مقصودا،
مقصود مڙيئي موجود ٿيا مٺي محمدا،
”لولاڪ لما خلقت لا فلاڪ“ آگي ڪيس عطا،
سريا شرف شاهه کي احمد القابا،
سيد المرسلين خاتم النبيين بادشاهي بخششا،
عز ڏنس الله گهڻو منجهه مڙني مرسلا،
مرسلن مڙني اڳين ڪيا ساري سلاما،
السلام عليڪ اَيهَا النبي مٺا محمدا!
هُون مبارڪون حضور کي اَجها احمدا!
سَريون تو کي سيدا سڀيئي صفتا.
پسي لقاءُ محمدي ٿيا خوشتر خوشحالا،
عرض ڪيائون حضور ۾: يا نبي نورالهدى،
داخل ڪريو اسان کي منجهه پنهنجي اُمتا،
ته ٿئي خوشي اسان کي پڄ آسون اُميدا،
ته لهي خوف اسان، سندو قيامتا،
رسيو آرام عاشقن کي منجهان پرينءَ رسولا،
مراد المشتاقين، شمس العارفين واحد ڏنيس وصفا،
پنيون مراديون پرين ڪنان عاشقن آراما،
مشتاق سندس مهبت ۾ پيا پچن پروانا،
مجنا سڀئي مست ٿيا پسي شمس شعاعا،
سسئي، سهڻيءَ جهڙيون همه حيرانا،
لکين ليلائن ليلهائيو منجهه چنيسر چاڳا،
سمي جي سهاڳ ۾ گندريءَ غم لٿا،
تماچيءَ جي توهه ۾ راڻن راڄ ڪيا،
سميون سومريون سڀئي سيني سهاڳا،
راڻن جي رهاڻ مان رسي راحت،
مومل پسي محو ٿيو سچي سڪ منجها،
آين بوءِ بهار جي ٿين معطر مغزا،
بسنت بهاريون بهتريون گلزار کليا گلڙا،
شمس جي شعاع ۾ ٿيا عارف انوارا،
ڏسيو لهريون لطف جون خائف خوش ٿيا،
سراج السالڪين مصباح المقربين راهي رهنما،
ڏيو ٿيو ڏيهه ڌڻي سالڪن سچارا،
محب الفقراءُ الغرباءُ ٿيا مسڪينن مزا،
جن جو همراهه هاشمي تن گوندر غم لٿا،
محتاج مڙئي مڱڻا ٿيا سڀئي سرها،
سخيءَ جي سخاوت مان پينار پُر ٿي،
اُڃون لٿيون اُڃين جون بکون ۽ بِرها،
اُڀ ڀُونيون آسمان سڀني سردار!
مَلڪن مڙني محمد مير اڳيان ڪيان عرض عاجزا،
جن انسان همه حيوان مڙيئي مخوقا،
سڀئي ٿيا تابع تنهنجا امر ۾ اُبٺا،
سڀئي جو سردار تون نبي نُور هدى!
ايڏو شرف شاهه کي رسيو رب وٽان،
امام القبلتين جو سريو تو شرفا،
وسيلو دارين جو ٿيو احمد ٿو عطا،
تاب قوسين او ادنى محمد مرتبا،
محبوب تون رب جو مالڪ مشرق مغربا،
مشرق مغرب وچ ۾ ٿيو جلوو جمالا،
شرف تنهن شاهه جا واحد ڪيا وڏا،
جد الحسن والحسين ڪيو موچارو مولا،
ڏهٽا نبي نُور جا ڀلا ڀلارا،
هئا در دارين جا منا محبوبا،
جگر گوش عليءَ جا پيوند پيارا،
دلبند دل جا هئا سندا خاتون خيرالورى،
هئا عاشق الله جا سچا سردارام،
صابر شاڪر شوق سين هئا محب موچار،
رسيا شير شهادت کي پرين پاڪيزا،
ماڻيائون مرادون پنهنجون مٿي رب رضا،
سڻڻ ٻڌڻ اُن ڳالهه جو اهي اپر افسوسا،
هوند ڪُهائي وجهجي پاڻ کي منجهه انهيءَ اندوها،
ماهيت هن مذڪور جي ڳاري ماهه مٿان،
پر هو اسرار الله جو، جو ڄاڻي پاڻ خدا،
الفراق ابوالقاسم محمد بن عبدالله رسوم روحا،
نُور الله مان نور جو دَور ڪيو درياهه،
تِڪون ڏيو تار وهي واهڙ وصالا،
آگا ”عبدالحي“ کي، ڏي سرڪي ڪا،
خائف ٿئي خوش گهڻو پينار پرورا!
مشتق تنهن مرسل جا چون صلواتون سدا،
رحمت وسي رب جي مٿي آل اصحابا،
چئو صلواتون نبي ڪريم تي لکين درودا،
هوندا سي ايمان سان ڪلمو جي پڙهندا.
لا اِلہٰ اِلا الله محمد رسول الله.
مناجات
غوث بهاؤالحق رحه جي بارگاهه ۾
(پير محمد اشرف شاهه جي چيل)
[پير محمد اشرف شاهه 1214هه/1799ع ۾ ڳوٺ ڪرم خان
جمالي تعلقي ٽنڊي باگي ۾ ڄائو. ننڍي هوندي کان ئي
فقيري خيالن ۽ شاعري ڏانهن لاڙو هئس. سندس مدحون،
مولود، مناقبا ۽ ڪافيون مشهور آهن. سندس ڪيترو
ڪلام رسالي جي صورت ۾ ڇپيل آهي. ڳوٺ ڪاماري شريف
تعلقي تنڊي الهيار ۾ وفات ڪيائين. اتي ئي سندس
درگاهه آهي. هن ڪتاب ۾ صفحي 354 تي ڇپيل مناجات پڻ
اشرف شاهه جي آهي.]
نامِ خدا يا پير تون، حرمت محمد مير تون،
دلدار ڏي دلڌير تون، واهر سنديم ڪر وير تون،
يا غوث ملتاني مدد!
يا غوث منهنجو غور ڪر، مطلوب ڪل في الفور ڪر،
تسلي سنديم هر طور ڪر، ظالم عدو تي زور ڪر،
يا غوث ملتاني مدد!
ڪامل قريشي ڪر ڪرم، شہ صدرالدين! تو ڳل شرم،
تون رک ڀلا منهنجو ڀرم، بدخواهه تي ڪر دل گرم،
يا غوث ملتاني مدد!
شه رڪن عالم تون سين، وارث! سدا دل ۾ وسين،
هيءُ حال ٿو پاڻهي پسين، جو کر کسي تنهن سان کسين،
يا غوث ملتاني مدد!
مسند سندئي ملتان م، تنهنجو دڳو دوران ۾،
عرب و عجم ايران ۾، هر ديس هندستان ۾،
يا غوث ملتاني مدد!
جن ڀوت دء
ماڻهو مَلڪ، حورون پريون خادم خلق،
فرمان ۾ تنهنجي فلڪ، عرش و زمين چوڏنهن طبق،
يا غوث ملتاني مدد!
سرجهڻ پکڻ پيرين پون، بحري بري بندگيون چون،
حيوان دل ۾ حب رکن، نعرو بهاوءالحق ڪَهن،
يا غوث ملتاني مدد!
نعرو تنهنجو نروار ٿئو، ارض و سما اظهار ٿئو،
هر طرف تي تڪرار ٿئو، ظاهر عجب اسرار ٿئو،
يا غوث ملتاني مدد!
ڏونگر جلالت جي ڏسن، آسمان جنبش ۾ اچن،
بر ٿر بحر بيوس ٿين، جذبئون وري مرده جين،
يا غوث ملتاني مدد!
سلطان تون شيخن سندو، تنهنجو آءٌ بردو بندو،
تو در مٿي ڪرنش ڪندو، عيبن ۾ منهن ميرو مندو،
يا غوث ملتاني مدد!
هادي وسين اندر هنئين، وهلو اچي واهر ٿئين،
دشمن سندو نالو نئين، جيڪي مڱان سو مون ڏئين،
يا غوث ملتاني مدد!
در تي اُڀو آهو ڪريان، عاجز اندوراهون ڪريان!
دامن لڳو دانهون ڪريان، هرگز نه پڳ پانهون ڪريان،
يا غوث ملتاني مدد!
سڻ شاهه تون ڏک جا شرح، ميٽين ڪُلي جگري جرح،
فائق ڏئين دل کي فرح، پرتو آهيان سڀ ڪنهن طرح،
يا غوث ملتاني مدد!
لائق! اچي آءٌ لڙهه لڳو، سک کي ڳچي انهنجو سڳو،
دائم اچان در تي ڀڳو، تون پير پهرائين وڳو،
يا غوث ملتاني مدد!
تنهنجو تڪيو آهم تڪيو، هادي! رسين حاضر هڪيو،
ڏهن ڏسي آهيان ڏڪيو، ڏيئي پاند ڍولا مون ڍڪيو،
يا غوث ملتاني مدد!
ٿيءُ پير منهنجو پار تون، ياور يتيمن يار تون،
دلگير جو دلدار تون، ڪر غور ٿي غمخوار تون،
يا غوث ملتاني مدد!
جيڪو مريدن سين دز دنگي، وهلو وجهو تنهن کي ونگي،
مر جان لوئر لنگهڻو لنگهي، هن هڻ ته ٻيو سڀ ڪو
سنگي،
يا غوث ملتاني مدد!
ڪر پير منهنجي پاس تون، همراهه ٿي چپ راس تون،
خواهش سندم ڪر خاص تون، ڪر آس دل جي راس تون،
يا غوث ملتاني مدد!
مرشد منهنجو مقصود ڪر، جيڪي مڱان موجود ڪر،
دشمن منهنجو مردود ڪر، نابين عدو نابود ڪر،
يا غوث ملتاني مدد!
تنهنجي اٿم آڌر اَجها، ڏک ڏور ڪر ڏوکا ڏجها،
پر جوش ٿيا توکان جهجها، ڏي موجو ڪا محبت منجها،
يا غوث ملتاني مدد!
ناشاد کي دلشاد ڪر، صالح ولد امدد ڪر،
خانو سندم آباد ڪر، دشمن منهنجا ڪل ماد ڪر،
يا غوث ملتاني مدد!
هادي! هدايت مون ٿيي، دلڙي مُئي جنهن سان جيي،
ڏي پُر پيالو تان پيي، ڪامل پدم ڪوڙيو ڪيي،
يا غوث ملتاني مدد!
توفيق تهدل تو مڱا، ٿين هٿان مون ڪم چڱا،
تو در اچن لاوان لڱا، ڀؤڀگَ
لٿن ٿيا بي ڀڱا،
يا غوث ملتاني مدد!
صاحب سخا سُڻ تون صدا، گولي تنهنجي در جي گدا،
سنديئي مدح ڪئڙم ادا، فرياد سڻ نام خدا،
يا غوث ملتاني مدد!
منهنجي مدح مقبول ڪر، بي شغل کي مشغول ڪر،
هن سوال جو ڪر سُول
ڪر، دشمن منهنجو مقتول ڪر،
يا غوث ملتاني مدد!
رک شاهه مون کي شرم سين، وارث ڀلا رک ڀرم سين،
مقصود ڪر ڪل ڪرم سين، پڇ هال مون دل نرم سين،
يا غوث ملتاني مدد!
داتا ڏياريو دان مون، علم و امن ايمان مون،
شرم و شرف لڄ شان مون، مشڪل ٿئي آسان مون،
يا غوث ملتاني مدد!
ڪامل! اچي ڪونين ۾، دلبر مون کي دارين ۾،
رس وير طرفه عين ۾، ثابت رکو ثقلين ۾،
يا غوث ملتاني مدد!
جئري لوڙيان رب جو لقا، فني فاالله باقي بقا،
رويت ربي حقا حقا، تحقيق ٿئي حاصل تقا،
يا غوث ملتاني مدد!
اهڙي ڪرامت ڪرم ڪر، سڪرات ڪر مثل شڪر،
ڪاهي اچج اندر قبر، هامي ٿيو روزِ حشر،
يا غوث ملتاني مدد!
”اشرف“ ڪري آن کي عرض، پور ڪرهو ٰ دل جا غرض،
ميٽيو ڪلي تنهن جا مرض، قربئون بچايو کان قرض،
يا غوث ملتاني مدد!
صاحب رکين سڪرات کان، رک گور جي ظلمات کان ،
سهکو لنگهائين صِراط کان، ڪلمو چوان دل وات کان،
يا غوث ملتاني مدد!
لا اِلہٰ اِلا الله محمد رسول الله.
مدح (غوث بهاؤالحق ملتاني)
(حافظ علي اڪبر مجروح جي چيل)
سوڀ سونهن سڀ سالڪن وچ سهروردي سچ سنڀار،
مرد سي ملتان ۾ آهن ڀلارا بختيار،
غوث اعظم، قطب عالم عارفِ عالي تبار،
پاڪ دامن پارسا مادر مريدان ذي و قار.
مير ملتاني جو مولى ڪيو مٿاهون مرتبو،
دين جي دعوت ڏيئي داناء وهاريو دٻدٻو،
اُڀ چڙهي جئن چانئٺ چمجي ايڏو ڪامل جو قبو،
ڪن ڪشالا ڪاڻ جنهن جي ڪيچ، ڪڇ، ڪابل، قنڌار.
مير عربي معرفت جو مَل رهي ملتان ۾،
آهي ان جو آستانو عرش جي ايوان ۾،
ياد ڪيو يڪدم رسي تهدل اچي طوفان ۾،
سير سختي منجهه سمنڊن سو لهي سگهڙي سنڀار.
مير ملتاني مٺو مرشد مدد مڙ مسلمين،
غوث عالم، غوث اعظم، شاهه غوث العالمين،
آهه ديسان ديس هردم، دم بهاوءالحق و دين،
اي هنيو هو ڪو هلن هر طرف کان حج جيئن هزار.
پير سرور تنه سخت جو ٿو ڪري سڀڪو سلام،
هٿ ٻڌيو حاڪم اُتي چائن غلامن جا غلام،
روز روضي پاڪ مهندان ڪن مَلڪ ميڙا مدام،
مينهن مدامي اُت وسن ڪن ميگهه مانڊاڻي ملار.
شاهه ڄائو شب قدر ٿيا شڪر شادي منجهه شهر،
ٿي ڪروڙيءَ ڪوٽ کان ڪل ديس تي ديني لهر،
پيا پٽين پاتار پلٽي بر ۾ هنئي ڀڀڪي بحر،
گل ٽڙيا، گوهر کڙيا، برسي آيو بادل بهار.
پنج سوء ڇاهٺ صدي سرجڻ سندس جو سال هو،
خواهه مُلڪ خواهه مَلَڪ، بيو مڙ جو مبارڪ فال هو،
هر طرح هشيار حاذق منجهه حقيقت حال هو،
نيش نوراني نِهو نائب نبي نوري نبار.
هيءَ ڪرامت حق ٿي والي ولي الله کان،
جئن نڱي تند نور جي روضي رسول الله کان،
ٻيو طرف پهتو رسيو داتا سندي درگاهه کان،
ڪن اکين سان عين جي نوري ڏٺي نروار تار.
گل ٽِڙيو گيلان جو گاديءَ چڙهيو غازي گهَر،
سو صغيري کان سدا سائين رهيو صائم دهو،
ٿيو عطا ان کي علم اسرار اندر ٻهر،
منجهه ڪلامن قطب جو ورتو ڪراماتن قرار.
هئي ڪرامت جي ڪلنگي سِر قلندر مست لال،
شاهه شاڪر شڪر گنج صاحب جلالت جو جلال،
ٽيئي ميوا معرفت جا، ٽيئي نوراني نهال،
ٽيئي غازي غوث يا يڪدل يگانا يار غار.
مير ملتاني وسن مرسل مٺي جا معجزا،
پاڻ پنجتن پاڪ جا ٿيا جند جيلاني جُزا،
مهندان محشر ماڳ ۾ سڀني جتي جڙندي جزا،
اُت ڪٽيندو ڪُل جا ڪامل گهنگهر گوندر غبار.
ڪنه ڪرامت قطب جي حاڪم نه هر گز ٿي مڃي،
پاڻ پنهنجي پر ۾ آيا، بيخ باطل جي ڀڃي،
ڪئي ڪرامت ڪارڻي حاڪم اڳيان هڪدم وڃي،
شاهه لاهي شڪ سڀئي اقرار آندو آشڪار.
اصل اسدي جي اثر آباد آهن آدمي،
ڪارڻي ڪامل قريشي جزو حضرت هاشمي،
پيءُ جي پاران پشت اي ڄڻ درس در جي دائمي،
هو صحيح حسني حسيني ماءُ پاران مختيار.
غوث غازي گهوٽ جو ڏس فيض مند فرزند ٿيو،
دين پرور داد گستر دلربا دلبند ٿيو،
هڪل ڪيو هڪدم رسي هر جاءِ هادي هنڌ ٿيو،
تنه سندي تلقين ۾ توحيد ’تون تون‘ جي تنوار.
صدر دين، صدرِ جهان، سلطان سالڪ سر زمين،
تارڪن جو تاجور تنه جي گسي تلقين ڪين،
مَلڪ ماڻهو مُلڪ ڪئين ٿيا مِلڪ مَلڪ العارفين،
دين جو داور چوان يا بحر برڪت بي ڪنار.
معرفت جي مُلڪ ۾ عارف صدرالصدور،
حرم ۾ هر وقت حاضر هو سندس ظاهر ظهور،
قرب مان ڪعبي اندر حاصل ٿيو تنهن کي حضور،
صدر ملت صوفين سردار عالم جو اُچار.
په پيا پانڌي پياسا پٽ رهيا پاڻيءَ سوا،
سڃ ۾ سڏڙا سائلن جا سائين ساري سڀ سئا،
ڪئي هلي هڪدم همه حاجت سندين رهبر روا،
پل ۾ پُر پاڻي پياريو سرت تن کي تاجدار.
تنهن پڄاڻا پاڳ ور پيرل پيارو پاڪ ٿيو،
نور نوري نامور نرمل نزاڪت ناڪ ٿيو،
هر طرف هو ڪو سندس خدمت ۾ خادم خاڪ ٿيو،
پاڪ پوٽو غوث جو جنهن سان رکيو پرور پيار.
قطب ڪامل جو قبو آهي مثل ماهه منير،
جاءِ جا جنت چوان هنئڙي لڳي هٻڪار هير،
هند سنڌ کان سنبهيو اچن شاهه و گدا اعلى امير،
رڪن عالم رهنما سو سالڪن سيد سچار.
دادلو درگاهه داڙو دين دريا شاهه رڪن،
جئن، ڳالهائڻ وقت ڳڀرو ڳالهه ڳالهائڻ سکن،
تئن اسم اعظم اول تحقيق ڪيو تعليم تن،
ٿي ڏياريا اڻ لکيا اولاد اُن عالي تبار.
هُئي هندواڻي هڪ مخفي طور موءمن مسلمان،
امر ان کي ڪيو اچي مهرون موا پوءِ مهربان،
تنه پڙهيو پوءِ پاڪ ڪلمو زود ظاهر سين زبان،
اُت ڏسي اسرار ايِ عبرت ۾ پيا عالم اَپار.
منجهه ذري ڪنه زال جو پٽڙو ورايئون پلڪ ۾،
جو ولائتن کان وڃي نڪتو منجهي ٻئي ملڪ ۾،
آهي ظاهر منجهه زمينن فيض فائق فلڪ ۾،
هوا ڀلي جا ڀال بيحد، بيڪسن سان بيشمار.
ماءُ مبارڪ مير جي مادر معظم ماجده،
قطب سلطان المشائخه سا سڳوري ساجده،
پاڻ پئندا هئا نه پاڻي ڌاران پاڻي زمزمه،
پنهنجي کوهه جا سڻ زمزم غوث گڏيا نيئي نار.
ٻيا به جيڪي غوث جا ڪامل قرابت ۾ ٿيا،
سي سڀئي سالڪ ٿيا ڏاتار ڏيهن جا ڏيا،
علم منجهه اسرار جي عارف ۽ اڪمل اولياء،
شرف جي ڪل شهر ۾ سي شاهه آهن شهريار.
هاڻ تان حضرت حسن بخش آهه هادي حق وڪيل،
جن جهلي دامن سندس تن تان لٿا دوکا دليل،
شهزادا شاهه جا سڀ اصفيا اصلئون اصيل،
هُئن سرها سپرين سالم سلامت سڀ ڄمار.
مير! هن ”مجوح“ اڄ آندو عرض احتياج جو،
ٿو سڏائي سگ سدائين تو سچي سرتاج جو،
ٿي مدد محبوب تون مشڪل ۾ مون محتاج جو،
پهر پوئين پُر پيالو پاڪ ڪلمي سان پيار.
لا اِلٰہ الا الله محمد رسول الله.
حمد (باري تعالى ۽ مدح نبي ﷺ)
(حضرت احمد خانڳڙهي جي چيل)
[هيٺ ڏنل مدح حضرت احمد، سجاده نشين درگهه خانڳڙهه
جي چيل آهي. سندس ڪافيون مرشد جي ساراهه ۾ گهڻيون
چيل آهن، جي ڪتابڙي جي صورت ۾ ڇپيل آهن. نقشبندي ۽
قادري طريقي وارو درويش هو. 23-شوال 1353هه /1934ع
۾ وفات ڪيائين. سندس وفات تي تاريخي قطعا مولانا
بهاؤالدين بهائي جي فرزند محمد اعظم سراجي جا چيل
آهن.]
آهي الله هڪ حڪيم، لائق سڀ ثنا تعظيم،
حمد الاهي هردم ڳايون، ’احد‘ الايون ’احد‘ الايون،
خاص انهيءَ کان مددان پايون، خاص انهيءَ وٽ سيس
نوايون،
آهي اهو هڪ عظيم.
حق اهو هڪ مالڪ آهي، هيٺ مٿي هو خالق آهي،
رب سچو هو رازق آهي. ٻيو سڀوئي مالڪ آهي،
فخر انهيءَ جو آهه فخيم
ذات صفات ۾ هو هڪ آهي، محض مجازئون ڇِپ لڪ ٺاهي،
ٽاهي توڙي ٺاهي ڊاهي، ڪري ائين جيئن چاهي،
ناهه انهيءَ جو نظير نديم.
دانا بينا احمد صَمَد، لَم يَلِد وَلَم يُولَد،
فضل انهيءَ جو بيشڪ بيحد، فيض انهيءَ جو اعلى
امجد،
قادر مطلق حي قديم.
افضل اول ذڪر الاهي، فائز فاتح فڪر الاهي،
ڪوري لاهي ڪس ڪچائي، شرط انهيءَ ۾ آهه سچائي،
لُدَني پيروون ٿي تعليم.
نبي اسان جو شاهه ’محمد‘، هر جا عالي جاهه ’محمد‘،
عرش تي منزل گاهه محمد، سهڻي سنهنجي راهه محمد،
رهبر آهه رؤف رحيم.
صورت جو بنياد اُتانئون، معنى جو ارشاد اُتانئون،
اچي الله ياد اُتانئون، سڀ ڪو ٿئي شاد اُتانئون،
سر الف ۽ لام جو مي م.
صَلَي اللهُ عَلَيہ وَسَلم، آل اولاد سميت هردم،
پڙهو صلواتان لاهيو غم، فضل انهيءَ تي آ اعظم،
صحي صلواتون ٿئي سقيم.
ظاهر باطن هو هڪ آهي، جلالي جمالي جلوو لائي،
هيئن هونئن پنهنجو ڏاڍ ڏکائي، اهو ڀُلائي اهو
سِکائي،
آهي ان جو سر عظيم!
اِنس کي جان ۽ جسم ڀي آهي، سڄو انڌو قسم ڀي آهي،
تشريف تصرف ڀي ٿو پائي، گُنگا ٻوڙا ڀي ٿو بڻائي،
آ قسمت آهر ٿئي تقسيم.
اِئين روحي راز ڀي آهي، سائين سڀني ساز ٿو ٺاهي،
سڀڪو اُتهين سڀڪجهه پائي، منڪر ناحق لُڙ ٿو لائي،
مخير سچي ڪئي تفهيم.
موءمن سڀ انهي کان ڄاڻي، صورت ڏسي معنى ڄاڻي،
صحي سڃاڻي شڪ نه آڻي، حق مجازئون حال سڄاڻي،
ڪيئن ڪيو هي ڪم قسيم.
ڏِسو شهوديءَ جلوو لايو، هر ڪنهن آني سير سڏايو،
ٻانهون مالڪ بڻجي آيو، بيشڪ آهي بَم اجايو،
رنج ۽ راحت نيما نيم.
ڪير هجي ٻيو ڪهڙو آهي، هي سڀ منهنجو ٻئي جو ڇا هي،
توڙي رب ٿو روز ڏکائي، ڪيئي گَنوائي ڪيئي ڄمائي،
هر هر ڏسي حول
هديم.
حد مقرر ٻئي جي ناهي، جوڙ جمالَي سارو ڊاهي،
آيل اَمر کي هڪدم ٽاهي، ٻيڙي ڇوڙي پڳهه پٽائي.
ڇٽا سنگ سورن ۽ سيم.
بُت پرستي جا ٿي ڪيائين، بيوس ٿي هڪدم ڇڏيائين،
ٽنڊڻ ڪِيڙا اچن اُتانهين، عضوي عضوي جوڙين جائين،
کائين پيئن خون ۽ ريم.
يار نه اُتي ساٿي ڪوئي، ڪير ڪري ٻيو هُت دلجوئي،
ٽُٽو سنگت ساٿ سڀوئي، هٿ نه اچي هت ڪجهه روئي،
تال تماشا سڀ ترميم.
مُخلص اخلص پرين پيارا، پوري جهوري ويندا سارا،
جايون ٻايون ظر نظارا، وس وڃائي هليا ويچارا،
ٿيندا ناس نظام نظيم.
وصف جلالي جوش مچيو، حيرت حائل هوش وڃايو،
”لِمَن المُلڪِ“ کي ڪن لايو، پوءِ پڇتائڻ آهه
اجايو،
وئي توائي ٿي تسليم.
وصف جلالي جا هر آئي، نيڪ ۽ بد تي ماهر آئي،
ڦوُڪ سڀن جي ڦوڪ اجائي، باقي هِڪا هَڪ وڏائي،
لُٽ لُٽي ويو ڏِسو غنيم.
منجهه مقام نظارو ڪر تون، ثرم صبح جو سنڀارو ڪر
تون،
ڏيهه جلالي ڏس ڪجهه ڏر تون، وڪڙ ڇڏي ڪجهه تان ور
تون،
قلب ۾ آڻج ڪجهه تان بيم.
لاءِ زيارت وڃو سدا، وٺو عبرت اُتي ادا!
هستي سَٽي ٿيو جدا، گهُرو اتي فضل خدا،
مانَ مرهي رب رحيم.
لاءِ زيارت وڃو سدائي، سُنت طور ڪريو ادائي،
بدعت بڇڙي آهي برائي. بڇڙائيءَ ۾ ڪجهه ناهي چڱائي،
سُنت پاڙي ٿيءُ تسليم.
ڪعبو قبلو هڪو آهي، مُشرڪ مانڌو ڦڪو آهي،
اصل اصول تي اِڪو آهي، جهوري وارو جهِڪو آهي،
الف هجي توڙي لام ۽ ميم.
افضل رات جو وڃڻ آهي، مستي هستي ڀڃڻ آهي.
روح ورونهه ۾ رڱڻ آهي، هڪ خدا کي مڃڻ آهي،
سمجهڻ پنهنجو عين
۽ جيم.
آهه زيارت بيشڪ سنت، گهورجڻ، نِوِڙڻ بڇڙي بدعت،
بدعت بڇڙي تي آهي لعنت، رکو هردم نيڪ نَيت،
مَتان راڻِي شَر رجيم.
مُسلم ڪارڻ ڪعبو آهي، طواف ڪعبي تي ڪبو آهي،
اتي بيشڪ پاڻ گهمائي، حق سڃاڻي سيس نوائي،
ڪعبو قبلو آهي، هڪ حڪيم.
مُسلم ڪارڻ ڪعبو مَڪي، مُلڪن جو معمور آهي حقي،
شرڪئون شوم ٿين ٿا شڪي، منجهه توائي ناهه ترقي،
مشرفڪ جي ٿي جاءِ جحيم.
ڪعبو اهو مَڪي مَڃجي، لاءِ زيارت مَدَنِي وڃجي،
برڪت ساڻ ته روح کي رڱجي، بوتو اولو سارو ڀڃجي،
ماڻي محمد مُلڪ نعيم.
لا اِلہٰ اِلا الله محمد رسول الله
”مجمع العجائب“ مطبوعه ليٿو پرنٽنگ پريس
لارينس روڊ ڪراچي (سنه 1359هه) تان ورتل.
مجمع العجائب مطبوعه ليٿو پرنٽنگ پريس
لارينس روڊ ڪراچي (سنه 1359هه) تان ورتل.
يار محمد مهاڻي (ڳوٺ کوکر تعلقي ٽنڊي
الهيار) جي قلمي نسخي تان اُتاريل.
ڪرامت نامه مطبوعه هند آفتاب پريس حيدرآباد
(سنه 1925) تان ورتل.
ڇپيل چوپڙي ”مظهر زيارت بارشاد“، مطبع صادق
الانور، بهاولپور تان ورتل.
حول لياقت، هديم
=
ويران ڪندڙ
عين
=
اصل جوهر، جيم
=
سرطان برج جو نشان (نصيب).
|