مدح (نبي ﷺ)
(اسد الله شاهه ”فدا“ جي چيل)
[اسدالله شاهه ولد الهه بخش شاهه 1285هه/ 1868ع ۾
ٽکڙ (ضلعي حيدرآباد) ۾ ڄائو، ۽ 1344هه/ 1925ع ۾
وفات ڪيائين.
وڏو عالم شخص ٿي گذريو آهي. نثر توڙي نظم تي ڪافي
دسترس هئس. هتي سندس هڪ مدح ڏجي ٿي.]
ڪير مٽ تنهنجو ٻيو آهه رسولِ عربي،
بي وضو نام وٺڻ آهي سندءِ بي ادبي،
آهي زيبا ٿي مٿئه خلعتِ والا حَسبي،
مرحبا سيدِ مڪي مدني العربي،
دل و جان باد فدايت چه عجب خوش لقبي.
ڇا جمال رخِ انور جو ٿيو هي عالم،
جنهن تي حيران ٿي پري حور ۽ جن و آدم،
مظهرِ نُور الهٰي آهين، قرآن جو قسم،
من بيدل بجمالِ تو عجب حيرانم،
الله الله چه جمال ست بدين بوالعجبي.
دل کي تسڪين نه ٿئي غير جمالِ انور،
جلد ڏيکار تون ديدار برب اڪبر،
ڪر ڪرم بهرِ خدا حال تي منهنجي سرور!
چشمِ رحمت بڪشا سُوي من انداز نظر،
اي قريشي نسبِ هاشمي و مُطلبي.
نُور کان تنهنجي زمين توڻي فلڪ ٿيا معمور،
ماهه شق، مهر ٿيو ششدر ۽ پريشان هر حور،
تنهنجِي اعجاز نمائي ٿي خدا کي منظور،
ذاتِ پاڪ تو درين ملڪ عرب ڪرد ظهور،
زان سبب آمده قرآن بزبانِ عربي.
يا نبي! نور سندءِ نور کان رب جي پيدا،
موڪلي توکي خدا پاڻ مٿئه ٿيو شيدا،
خاڪِ آدم کي ڀلا نور سان نسبت ٿئي ڇا؟
نسبتي نيست بذاتِ تو بني آدم را،
برتر از عالم و آدم تو چه عالي نسبي.
منبعِ رحمتِ عالم بخدا تنهنجي ذات،
مرجعِ خلائق آهين اي نيڪ صفات،
الغياث اي شهِ ڪونين شغيعِ عرصات،
ماهمه تشنه لبانيم توئي آبِ حيات،
لطف فرما ڪه ز حد مي گذرد تشنه لبي.
شان ۾ ڪهڙي نبيءَ جو ٿي ڀلائي ”لولاڪ“؟
زينتِ عرشِ علا تنهنجي شها! ذات ٿي پاڪ،
تو سوا ڪنهن کي ميلو اهڙو براقِ چالاڪ،
شبِ معراج عروج تو گذشت از افلاڪ،
بمقامِ ڪه رسيدي نرسد هيچ نبي.
آءٌ محتاج آهيان تون ته ڪريم و اڪرم،
منهنجي بخشاءِ خطا رب کان رسولِ اعظم،
ڪر خطا منهنجي تي تون جلد عطا فخرِ اُمم،
نسبتِ خود بسگت ڪردم و بس منغلم،
زان ڪه نسبت بسگِ ڪوي تو شد بي ادبي.
عرش اعلى تو ڪيو خوف خدا تو سان ڪلام،
قُدسينِ توتي پڙهي شوق مان صلوات و سلام،
اي گلِ باغِ صفا، اي دُرِ بحرِ اڪرام،
نخلِ بستانِ مدينه ز تو سرسبز مدام،
زان شده شهرء آفاق بشيرين رطبي.
فيض بخشِ دوجهان آهين تون اي شاهه حجاز!
سنڌ وارن کي ڏئين هجر ۾ ڇو سوز و گداز؟
جلد ڪر پنهنجي زيارت کان انهن کي ممتاز،
بر در فيض تو استده بصد عجز و نياز،
زنگي و طوسي و رومي، يمني و حلبي.
هجر جي مرض کان ٿي جان سندم لب تي نبي،
خود مسيحا به لکڻ نسخي ۾ ٿيو آهه غبي،
عرض توکي هي ”فدا“ جو اي رسولِ عربي!
سيدي انت حبيبي و طبيبِ قلبي،
آمده سوي تو قدسي پي درمان طلبي.
مناجات
نبي ﷺ جي باگاهه ۾
(لالڻ خان لغاريءَ جي چيل)
سخي سوال، ڪر بحال، هيڻي حال مٿي تون،
رسي راهه، مٿي شاهه، ولهن واهه ورين تون.
غم ٽار، تون سرڪار، ٻيڙو پار ڪرين تون،
منجهان نانهه، ڏئي ٻانهن، ڪنڌي ڪانهن ڪرين تون،
باري بارَ، لاهين يار! منجهان تار تارين تون،
غمناڪ، سندا چاڪ، پرور پاڪ! ميٽين تون،
سڻي سوالي، ڪر بحال، ولهن واهه ورين تون.
ڏيئي ڏان، ڪر احسان، منجهان مان ڪرين تون،
لاهين غم، ڪرين ڪم، انهي دم اچين تون،
ڪاڙها، ڪڍ، ڏيئي ڏڍ، ويري وڍ وري تون،
ڇڏي دير، آءُ سوير، هٿ ڦير هلي تون،
سڻي سوالي، ڪر بحال، ولهن واهه ورين تون.
جڏو جيار، تون اُجار، پوري ڪار ڪرين تون،
سڻي سڏ، گولي گڏ، ديريون ڇڏ دلبر تون،
ناهين دور، آءُ ضرور، آهين نُور نبي تون،
رب رسول! ڪر قبول، هي ملول مرڪاءِ تون،
سڻي سوالي، ڪر بحال، ولهن واهه ورين تون.
ڏوريان ڏور، ڪيان گهور، مرسل مور تون،
محمد ڄام! تنهنجيءَ سام، ڪل ئي ڪام ڪرين تون،
ڏيئي ڏاڻ، تون سڃاڻ، اچي پاڻ پرين تون،
مرسل موٽ، ڪري چوٽ، اڙين اوٽ ڏئين تون،
سڻي سوالي، ڪر بحال، ولهن واهه ورين تون.
مِلي مير، ڏي سڌير، واهر وِير ورين تون،
اچ مهندار، ڏي آڌار، سگهي سار لهين تون،
مدعي مار، ڪجان غار، ڇني ڇار ڪرين تون،
دشمن دور، ڪرين ڏور، چارِي چُور ڪرين تون،
سڻي سوالي، ڪر بحال، ولهن واهه ورين تون.
لاشا لوڙهه، سڀئي ٻوڙ، ڪري ڊوڙ ڊاهين تون،
نانگا نور، سوئر سور، ڪري ڪورِ، ڪهين تون،
سڀئي ساڙ، سوريءَ چاڙهه، پِٽي پاڙ پٽين تون،
جهلي گهٽ، سڀئي سٽ، ڏيئي جهٽ جهلين تون،
سڻي سوالي، ڪر بحال، ولهن واهه ورين تون.
ڀاڙي، ڀُڃ، ڪري سُڃ، ماري مُڃ ڪرين تون،
هڻي تير، ڪُشي ڪير، پاڙون پير پٽين تون،
علي گهوٽ، ڪري چوٽ، عاجز اوٽ ڏئين تون،
پوري پَڪ، ناهي شڪ، هادي حق، ڏئين تون،
سڻي سوالي، ڪر بحال، ولهن واهه ورين تون.
ڀري پير، اچو شير، مديون مير ميٽين تون،
سڻي عرض، ڪجان غرض، منهنجا مرض ميٽين تون،
والي ور، ٿڪيءَ ٿر، ابري بر لاهين تون،
ڏيئي ڏس، لاهين ڪَس، ويڙهي وس ورين تون،
سڻي سوالي، ڪر بحال، ولهن واهه ورين تون.
عاصيءَ آس، ڪرين راس، پوري پياس ڪرين تون،
تکي تار، تون اُڪار، پرور! پار ڪرين تون،
جوڙين جوڙ، ٻڌان موڙ، طالب توڙ ڪرين تون،
رکي راز، ڏي آواز، سرور! ساز ڪرين تون،
سڻي سوالي، ڪر بحال، ولهن واهه ورين تون.
پٽي پاڙ، ڪُل اُجاڙ، سڀئي ساڙ سگهين تون،
مدعي سُور، ڪري چُور، ڏيهون ڏور ڪرين تون،
”لالڻ“ ليهه، ڪري ڪيهه تنهن جي ريهه ٻڌين تون،
ڪلمو قلب، آهي طلب، مٺا محب! پڙهائين تون،
سڻي سوالي، ڪر بحال، ولهن واهه ورين تون.
لا اِلہٰ اِلا الله محمد رسول الله.
انوکن لفظن جي پٽي
نوٽ: ڏنگين ۾ ڏنل انگ متن جا صفحا ڏيکارين ٿا. فعل
جي اصلي صيغي کي ڏنگين ۾ رکيو ويو آهي.
(الف)
آٽَڻ (آٽيو 306): ڳرڻ، جهڄڻ،
ڦٿڪڻ. آنڌ مانڌ ٿيڻ.
آرُ (461): وهڪرو.
آراستي (377): آهستي
آسَرَ (102): آسرو.
آسَروند (373): آسائتو.
آن (83، 138): آهين. اوهين.
آنَ (389): پلڪ. گهڙي، جلدائي.
آهرِي (435)؛ آرسي.
اَئِين (92ڏ93) : اوهين.
اُبَهَڻُ (اُبٺا 501) : اُڀو ٿيڻ. بيهڻ.
اُڀارڻ (114): آڻڻ. مٿي چاڙهڻ. پهچائڻ.
ڀيڻ (29، اُڀيي 88) ؛ بيهڻ.
اُتارا (224) : اُتاري ڏيندڙ-قربان ڪندڙ.
اِتِهِم (100) : اتهين-اتيئي.
اُتي (133): تي مٿان.
اَٿهُون (37): اَٿئون.
اُٺَڻ (212) اُٿڻ. اُڀرڻ.
اَپارا (105): اَپار-بيحد.
اَجهاپ (443): آرام. آرام جي ننڊ.
اُجهڻ (اُجهي 422): منجهڻ، ڀٽڪڻ.
اَرُ (381) : گهڻو. ناقص.
اَرڏو (209): اهنڊ سرڪش. ڏنگو.
اَسونهه (82، 116): اڻڄاڻ.
اُڪانڊو (285) : اڪنڊ. انتظار. سِڪ.
اُڪنڊ (113): سِڪ. طلب.
اکٽ (420) : اڻ کٽ-بيشمار.
اَڳهم (100) : اڳيان. اڳهين.
اُنائڻ (119، اُنائيج 107) : اونائڻ-ٻڌڻ.
اَنبَر (اَنبرين 261): آسمان.
اندو راهون (503) : عاجزيون.
اَنهَن (34) :اوهان.
اوباهه (262) : لطف، مدد.
اوتارَ (111): لٿل. آيل . اُتريل.
اوجهه (422) : وڏي اوجهه ورا. ٿلها بيوقوف.
اوجهرو (196): اونداهي.
اوڄون (406): تهوارون . ذرا ذرا.
اور (377) : حال. احوال. خبر.
اورات (377) : اورهاٽ. ڀيڙ.
اوڙ (29): منڍ – اصل. پُري . بُڻ.
اَوڙڪ (390) : اَجهاڳ. بي حساب.
اوسَهه (46) : نيڪ فال.
اولاڪو (446): انتظار. وڇوڙو.
اولو (516) : ڍڪ پوش.
اولِي (461) : اولو . وسيلو. واهر.
اُونِ (167): بيحد اونهو.
اَوي (155): اوهين.
اُهکِيءَ (106) : ڏکي – اَولي.
اَئِين (83) : اوهين.
ايڇيو (47) : احسان. مهرباني.
(ب)
بادلو ، بادليو (بادلا! 464) : سڄاڻ سورهيه.
باڪُون (169): باڪ کان. ڊپ کان.
بُٺ ڪاهِڻ (220): خراب نَهورَ . زمين کيڙڻ (ڍنگهرن
تي اٽو هارڻ).
برادي (برادين 81): ڪم. غلام
بَڙي (154): وڏي.
بِگر (64) : بغير . سواءِ.
بل (465): بلڪ-ته به.
بَم (514): ڪوڙ. بهتان.
بَنبال (340): وبال. مصيبت.
بوڇ بُڇايون (211): ڏوهه گناهه.
بَهرو (387) : خبرو. حصو.
بيبان (48): بيابان. ويراني.
بي ڀڱا (505): بي ڊپا.
بي مَلح (31): بي ملاح. توائي
بي وَريو (365): بنا ور جي. نڌڻڪو بي گُرو.
(ٻ)
ٻاجهائيين (386) : ٻاجهه ڪري.
ٻر ٻر (396): تڪليف جو آواز. دانهن.
ٻنڀ (48) : ڀانڀ . مم.
ٻَني ٻُڏڻ (2901) : سڀڪجهه تباهه ٿيڻ. ڪمائي ڪٽ
ٿيڻ.
ٻوڙاٽ (377) : چپ چاپ. ماٺ.
ٻَهون (111): زياده . وڌيڪ.
(ڀ)
ڀارَ (89): ڀائر.
ڀاڻ (180) : ڀانئڻ. خودي.
ڀتين (45): نمون. قسم.
ڀڀڪي (508): حشمت.
ڀَڃيان (167): اوهان ڀڳا.
ڀراءِ (119) : ڀر ۾. قريب.
ڀَرمي (227): ڀرم رکندڙ. ننگي.
ڀِڙَڻ (377) : ڀِچَڻ. دٻجڻ.
ڀُلڪار (377): خوف. هراس.
ڀُڻَڻُ (ڀڻي 494): گهمڻ. رُلڻ.
ڀَوَڻُ (180): رُلڻ. گهمڻ. ڀُڻڻ.
ڀوءڀڱ (505) : ڊپ ڊاءُ.
(ت)
تارڻِي (247) ؛ تارڻهار- تاريندڙ.
تاري (418): آسرو، ڏڍ.
تاريءَ تڳڻ (تاريءَ تڳون 399): آسري تي جيئڻ يا
لڳڻ.
تانه جو (29)ل توهان جو.
تاهه (463): توهان.
تڏي ٿيڻ (274): نزديڪ ٿيڻ.
ترارو (211): تُراڙو. تارازي.
تُسڻ (تُسي 36): خوش ٿيڻ.
تڳڻ (تڳهون 37) : جيئڻ ڏينهن گذارڻ. زنده رهڻ.
توهه (37) : آسرو. پناهه.
توهِم (100): توهي-توئي.
توهئون (26): توکئون-توکان.
(ٽ)
ٽلو (ٽالا 181): ٽَسڪڻ (ٽسڪي 495) ٽهڪڻ.
ٽَڳو (107): ڌاڳو. وڳو. لباس.
(ٺ)
ٺپ ٺري وڃڻ (434)ل آرام اچڻ.
(پ)
پاڇويا (42): پاڇا. نشانيون.
پاڇوي (172): پاڇي.
پازي (49): خدمتگار. هيچ.
پاس (153) : وٽ
پاسَ (153)ل پاسخاطري. رياءُ.
پاڳ ور (510): پاڳارو-پڳدار.
پانَه (280): بهادر.
پانهون (503)ل پوئتي. پٺيان.
پائِڪ (109): ڏاني.
پِڇ ڍائو (427): پوءِ ڍائو.
پِڇلڳ (380): پوئلڳ. ٻانهو.
پِرَ (210): پرين.
پرورش (174)ل لطف-مهرباني.
پرياڻ (پرياڻا 407): پهه. ويچار.
پَسارا (225): هلڻ. گهمڻ.
پَسارو (445): نظارو. ڏيکاءُ. لقاءُ، ديدار.
پُشت پوڻ (پُشت پئي 272) : پُٺيءَ لڳل.
پس لڳ (34): پوئلڳ. غلام
پَکر (35): زرهه-پاکر.
پِلائڻ (118): پيارڻ
پَلڪان (31): ڇپر.
پنج ڪڻي (436): دان. بکيا. خيرات.
پَههُ (121) ؛ گس. سَنڌو .
پهه پوڻ (پهه پيا (510): پَهَڻُ (پهيو 173): پهه
ڪرڻ. خيال ڪرڻ.
پَهِيَڙو (384): پَهو يا واٽ وٺي ويندڙ.
پيزر (93)ل پيزار. جُتي.
پينار (79): فاقير-پنڻو.
(ج)
جاجُڪين (85): فقيرن کي
جاڪُون (169): جڏهانڪر.
جانڪيتا (105): جيستائين
جائدو (27): جائتو. صحي، برابر
جڏارو (106) : جڏو محتاج.
جڙَي (143) : جڙ: ٻُوٽي. ٻُڪي
جڙيون جلڻ (462) : پاڙون ساڙڻ. برباد ٿيڻ. جهل.
روڪ.
جَسڻ (جسي 244): جس پائڻ. خوش ٿيڻ.
جُکُڻ (جُکي 375): هڄڻ –افسوس ڪرڻ.
جُکيون (85): اهکايون-اهنجايون.
جناوَر (210): جانور
جنجار (391) : جنجال-اوزار
جنگاور (158): پهلوان.
جَنهَرَ (164): جواهر.
جُودوءن (417): جلديءَ مان
جِهو (27): جهڙو.
(ڄ)
ڄرم (291): ڄم- پئدائش.
(چ)
چاڳ (498): ناز-انگل. هيج. لاڏ
چاڳا (500) چاڳ مان-هيج ۾.
چان (100): چوان
چانڊوڻي (74): چانڊوڪي-سهائي
چاوَت (375): چغلي-جوڻت
چائِڻُ (چائن 507): چوائڻ
چُڻَڻُ (436): چونڊڻ- چُڳڻ.
چُچڙو (375): فساد.
چوڌر (365) : چوڌار-چوڌاري. هرطرف .
(ڌ)
ڌاڙَ (130) ؛ڌاڙو
ڌونڪڻ (ڌونڪن 392): دوءڪڻ-چمڪڻ.
ڌُئڻ (ڌئو، ڌوا 415) : چونڊڻ-ڌُئڻ.
ڌير (388): صبر. آٿت-دلاسو.
(ڏ)
ڏار (165): ڊپ.
ڏانُ (111) : بخشش-انعام.
ڏاني (77): ڏن ڀريندڙ. مريد.
ڏاڻ (40): بخششون-انعام. عطائون.
ڏاهه (140): نوڪر. غلام ٻانهو.
ڏجهو (397): ڏک-تڪليف. ڏچو
ڏچو ڪڍڻ (181): رنڊڪ دور ڪرڻ.
ڏَڏُ (111) : موڳو. نادان.
ڏڏاڻو (40): ڏڏن جي لائق، ڏڏن جهڙو.
ڏکائڻ (ڏکائي 513) : ڏيکارڻ.
ڏکيا ڏاڻ (36): سهڻا انعام خاص بخششون.
ڏنه (160) ڏانهن.
ڏوڙا (221) : ٻيڻا.
ڏوکا (504) : ڏک تڪليف.
ڏونه ، ڏونهه (26، 74) کان. مان. وٽان، منجهان
ڏانهن.
ڏيپُ (173) : ڏيج. ڏاج. ڏان
ڏيج (133): ڏج.
(ڍ)
ڍارو ڍَرڻ (ڍريم ڍارو 133) وارو ورڻ. داءُ لڳڻ.
(ر)
رائَڻُ (راڻ 180) ڌتارڻ-برغلائڻ . گمراهه ڪرڻ.
رهان (74): راهه کان. واٽ کان
رسائڻڻ (209 رسائڻو 359): پهچائڻ.
رکَهُون (27): اسان کي رکين. اسان کي بنچائن. اسان
کي پناهه ۾ رکين.
ريءَ (393)؛ کان سواءِ.
(س)
ساگار (ساگارن 245): ساگر-سمنڊ
سام (424) : پناهه
سامُنڊَنَ (449): سمنڊن
سانبيئڙن (386) : هڪ جيڏن. سرتن.
سانگهيڙا (106): سوراخ-تُنَ
ساءُ (123، 384) : مزو. لذت. محبت.
سَڀَر (69): سوڀارو.طاقت وارو.
سَڀو (59): سڄو. سڀ.
سَتُودا (180): ساراهيل. واکاڻيل.
سَتوههُ (311): ڊپ. ڀوء. اهنج.
سَپڙ (29): سخي سپڙ ڄام رونجهو.ڏاتار.
سِجهائڻ (سِجهايا 42): سيکت ڏيڻ. سزا ڏيڻ. مارڻ.
فنا ڪرڻ. بيوس ڪرڻ، ڳارڻ. ڪومائڻ.
سَڃڻ(سڃي 28): آڱر سان اشارو ڪرڻ.
سرجڻو(سُرجڻا 357): ساهه وارو.
سرجهڻ (503): سُرڻا. سُرجڻا. (جانور).
سَرڻ (332): سام. پناهه.
سِفل (107): هلڪو. ٽرڙو. ڪميڻو
سڦرو (499): سجايو
سُڪاڄ (106): سڦلي ڪندڙ. ڪميڻو.
سکر (69): معزز. شان وارو.
سڳ (34): سگ. ڪُتو.
سَلائڻ (118): سُڻائڻ . سمجهائڻ.
سَمَلُ (154) : ثمر. توشو.
سنڀالا (225): سنڀالون.
سَندايو (134): پنهنجو ڪيو.
سُنگَڻُ (سَنگي 504): ڊڄڻ. ڊپ ڪرڻ.
سُنهائڻ (سُنهائينم 201): سونهون ڪرڻ. ڏيکارڻ.
سُواٽو (361): سنئين واٽ وارو.
سُور (سورون 444): سورت (قرآن شريف جي).
سونڪو (سونڪي 90): ڊپ.
سُول (505): غو-ڌيان.
سُهائڻ (سهائين 93): ڏيکارڻ.
سهس (125): سهسين. هزارين
سِهو (27): ڀروسو. آڌار. آسانگو.
سَهيرو (سهيرا 415): وڏو-افضل .
سيچان (211): باز پکي (تُر مچي جي مادي) سيچاڻي.
سيس نوائڻ (سيس نوايون (512): ڪنڌ نمائڻ. سر
جهڪائڻ.
(ش)
شَت (498): شايد.
(ط)
طامائون (109) : طمع وارو. لالچي. اميدوار.
طَبو (206) علاج.
(ڦ)
ڦِڪَ (159): بڇڙائي. دشمني.
ڦڻي ڦڙڪڻ (286): ڊپ ۾ رڦڻ.
ڦوڙايو (384): وڇوڙيل.
(ق)
قبا نه ماپڻ (ڪين ماپيس منجهه قبا 476): جامي ۾ نه
سمائجڻ. ڪپڙن ۾ نه ماپڻ.
(ڪ)
ڪاج (112): ڪاڄ
ڪاڄو (401): ڪاڄ. مراد.
ڪارَ (ڪارئين 263): اُڪارڻ. پار ڪرڻ.
ڪارڻي (105): پار اُڪاريندڙ.
ڪارون (373): دانهون. عاجزيون.
ڪاڙهو (520): ساڙ.کام. اهنج.
ڪانهِري (436): سست. ضعيف. ڌڪن جا ماريل.
ڪِٿهم (99): ڪِٿي.
ڪِٿهين (87): ڪٿي.
ڪَپُر (466): خراب ريت.
ڪُپيرا (275): اجايا.
ڪَڄڻ (ڪڄ 468): ڍڪڻ-لڪائڻ.پردو ڪرڻ.
ڪڄاڙو (87): ڇا.
ڪڏهم (385): ڪڏهن.
ڪَرِهو (39): ڪريو.
ڪرئيم (198): مون کر ڪر.
ڪَڙڻ (ڪڙيا 168) : زنجيرن ۾ ٻڌڻ.
ڪڙولو (110): ڪنگڻ. ڳهه.
ڪڪورڻ (406): رنگ چڙهڻ. ڳاڙهو ٿيڻ. رچڻ. مدهوش
ٿيڻ.
ڪک ڏيڻ (444) : پناهه ڏيڻ.
ڪَمان ڪَڇڻ (266) : برميچڻ.برابري ڪرڻ.
ڪَنا (88): کان.
ڪنه (160): ڪنهن
ڪَڻم (193): مون کي
ڪوڏائڻ (ڪوڏايا 76): ساراهڻ.
ڪوسي پسڻ (445): ڏک ڏسڻ.
ڪَونر (43): شهزادو.
ڪوهه (76): ڇو ڇا کان.
ڪُهه (104): ڇا
ڪِهو (27): ڪهڙو
ڪَهَڻُ (ڪهي 79-ڪهيو 82): چوڻ.
ڪِئا (101): ڪٿان.
ڪَيوم (134): ڪريوم-منهنجو ڪريو.
ڪيهو (32): ڪهڙو.
(ک)
کانڌار (118) کانڌ وارو. وڏ گردو.
کانئِڻُ (کانيو 187-کانتل 435) : ساڙڻ
کرکَسو (کر کسي 502): خرخسو. جنجال-کٽراڳ
کَسَڻ (کسي 153): کوءنسڻ.
کمڻ (کم 497): معاف ڪرڻ-بخشڻ.
کنڌا کولڻ (459): عيب ظاهر ڪرڻ.
کُهجڻ (کهيا 180): کوهه ۾ ڪريل ۽ ضايع ٿيل
کَهَڻُ (کهي 388): کَسڻ-کوءنسڻ.
کُهيو (کُهِين 146): تڪل. مسڪين.
کِيمو (کميان 445): خيمو-تنبو.
کينچڻ (118): ڇڪڻ.
کِيُڻُ (کين 497): کائڻ.
(گ)
گاهيا (220): گاهي-گاهه وارا. نقصانڪار.
گڃڻ (گڃان 168): هلڻ-رڙهڻ
گَچڻ (گچي 222): گپڻ.
گُمائڻ (گَمايو 330): وڃائڻ.
گُنجڻ (گنجي 432)ل گُونجڻ.
گَندَ (87)ل ڍير. ڍڳ.
گوندر (102)ل غم.
گيا (102): ويا.
گيال (214)ل غاليچو.
(ڳ)
ڳڀرو (423): نوجوان. لاسراٽ.
ڳُرٽ (423): ڳڀرو.
ڳوهڻ (ڳرهيو 385. ڳرهي 84): اورڻ.
ڳري لڳڻ (ڳري لڳوم 107): ڀاڪر پائڻ.
ڳِنَڻُ (ڳني 174): ڳنهڻ. وٺڻ
ڳوُڙهو (423): گهاٽو.
گهُلائڻ (118): ملائڻ. گڏي ڇڏڻ.
(ل)
لاڳ )425): ڏن. نذرانو. ٻنڌاڻ.
لانئو لَڱو (لاوان لَڱا 505): چڱو مَٺو. اَڀرو
سڀرو.
لبيس (211): طاهري ڏيکاءُ. لباس.
لتَرُ (75): پادر.
لُٽَڪَ (151): چمڪو. ناز.
لڙهه لڳڻ (لڙهه لڳو 504): آسري لڳڻ. پناري پوڻ.
لنگهو (427): مڱڻهار.
لوئيارِي (لوئيرين 498): لئيءَ واري.
لهڻ (لهي 388): ڀوڳڻ. لوڙڻ.
ليلهاڻ (46)ل ليلائڻ. ليلهائڻ.
(م)
مارڳ (427): رستو. راهه.
ماڙ (108)ل مهرباني. مدد.
ماڙ ڪرڻ (401)ل اوکيءَ ۾ مدد ڪرڻ.
ماکياري (459): ماکيءَ کان
مامرو (ممري 400): کٽراڳ.
مائدا (192): دسترخوان. سخاوتون.
مڄ (468): مڃ.
مڇڻ (384): متان.
مڌ (406): شراب. نشو.
مڏڙي (مڏڙيون 417): ترهو.
مڙڻ (مڙان 43): ملڻ. گڏجڻ.
مَشر (184): مشهور
مَگهن (377): خوشيءَ ۾ مست. نشي م مخمور.
مڱر (86): باهه.
مڱڻ (مڱان 26): گهُرڻ سوال ڪرڻ.
مَلهڻ (410): پاڻ ملهائڻ.
ملهو (168): سوڀارو.
مڻيارو (133): مڻيا وارو.
مودريا (301):
مُها (43): مُهان. زبان سان.
مهائين (74): مهندار. اڳواڻ
مَيا (406): مست
مياءِ (42): ميان!
(ن)
نا (160): نه.
نابِر (158): انڪاري.
ناد (296): اَصيل-بنيادي.
ناسارو (445): ناس ٿيل. نصارو- ڪافر.
ناسود (453): نقصان.
ناسُودِي (445): بيشرم – بيحيا.
ناڪَس (109): ماڻهپي کان نڪتل.
ڪميڻو
ناهه (376): گُم-غرق. برباد.
ناهِم (376): مون وٽ نه آهي.
نِٻَر (355): نِٻَل-ڏٻرو-هيڻو.
نِجهُرو (110): جهُپو. گهر.
نڌان (425): آخرڪار-نيٺ
نِڌر (425): بي پهچ.
نرت (113): نظر.
نسڻ (نِسَن 170): جهڪو ٿيڻ.
ڦڪو ٿيڻ. ڪومائجڻ.
نشانبر (423): مشهور.
نڪڻو (418): رڳو – فقط.
نڪوئي(32): نيڪ-چڱو.
نِکرڻ (نکريا 68): نڪرڻ- کڙڻ.
نڱڻ (نڱي 508): نڪرڻ.
نلي ڀڃڻ (122): نڙگهٽ ڀڃڻ ڪنڌ ڀڃڻ.
ننڌ (381): ڇيهه- پڇاڙي- آخر.
نِهو (508): بڻ-بنياد. تعلق عزازت.
نَئَ (نيان 28): نمڻ. عاجزي ڪرڻ.
نِيرا (435): نير ٻڏل، ڪارا.
نيڙي (472): ويجهو –قريب
نيگال (47): نيڪال.
(و)
واجهاڻو (39): واجهاڻيون- واجهائيون، تَڪيون.
ورونهه (516): وندر.
وريام (107): بهادر – پهلوان.
ورياڻ (180): سرواڻ – سردار.
وَستُ (301): وَستُو-چيز. امانت،
وِسو (125): تڪليف- ڏک- اهنج.
وِڪنڻ (وِڪني 47): ٿڪڻ- ورچڻ.
وڳڻ (وڳي 32): گڏ هلڻ – سامهون ٿيڻ. دشمني ڪرڻ.
وڳڻ (125): وڄڻ.
وَلو (168): گهُمرو- ڦيرو،
وِلهو (ولهن 417): بيواهه-بي وسيلو.
وِنگي (119): تڪليف.
واڍوڙيو (160): وڍيل – گهايل.
واڍوڙيو (160): وڍيل – گهايل.
وانڌو (432): وڇوٽي. فرق. بغض.
واهيرو (418): آکيرو.
وٺتو (101): ورتو.
وِلجهُل (385): ڳڻتي – فڪر.
وِجهلڻ (113): سِڪ ۾ ڳرڻ.
وِڄرڻ (وڄري – 208): سڙڻ. وجهلڻ.
وَڏپ (118): وڏائي.
وَرساج (29) وسائيندڙ. رحم ڪندڙ.
وِرسائڻ (115): هٽائڻ. ورچائڻ.
وَرن (385): رنگ. قسم.
وَرنهه (59): واٽ. نمونو-ڍنگ.
وَهاج (112):
وَهار (112، 165): واهِرَ – مدد.
وَهَر (111): واهر.
وهسڻ (وهسي – 48): خوش ٿيڻ.
وهلو (32): جلد- سِگهو.
وياءُ (92): اولاد.
ويتري (ويتريون 152): وڌيڪ.
ويرون تار (89): جهجهي – گهڻي.
ويڳاڻو (107): مايوس – ارمانيل.
ويلهه (32): ويل – مهل. ڏکيو. وقت
(هه)
هاويءَ هابُ (187): دوزخ لائق.
هڏ (77، 133): هر گز.
هِڪو (216): هيڪلو – هڪڙو.
هُڳاءُ (406): سُرهاڻ – خشبوءِ.
هلاڻي مهل (480): مرڻ وقت.
هَلاوت (417): هلڻ جي طاقت.
هَنيا (157): هاڃي هَنيل – بدبخت.
هُويَم (135): مون کي هُئي.
هُئان (173): هُجان.
تذڪره شعراء ٽکڙ (سنڌي ادبي بورڊ 1959ع تان
ورتل.
وچولي (تعلقي شهدادپور) مان ظفر بلوچ کان
پهتل.
|