مدح (نبي ﷺ)
ساراهيان سچو ڌڻي آگو عليما،
آهي ڪتابن ۾ هن پر بيانا:
ته مڙني نبين ۾ ’محمد‘ معشوقا،
عرشان ٿي فرش سين تائين تحت ثرى،
سڀني سڪ نبي ڪريم جي محبت مجازا،
پکين پِرت پرين سان وايون وڻنا،
حجرن ڳالهايو حبيب سان ڪوڏئون ڪلاما،
ڏيندا پيغمبر اتي صحيحون سلاما،
”الصلوات والسلام علي يا رسول الله“ هن پر آواز،
دانهون درختن ٿي ڪيون لهي مَ لطفا،
آهُو عشق اُڪنڊئا اداس ۾ وايون وڻن آ،
حضرت جن پڙهندا هئا خطبو خليلا،
هئي ڪاٺي وڻ تار جي مسجد مدينا،
مشرف هئي محبوب سان قربت قياما،
”اِذا وا الله شرف تعظيما تڪريما“،
نخل تي نبي ڪريم سو جاڳيو هو جونشا،
سڀ ڪنهن جمعي سپرين سان سڪ مان ڀيٽيون ساهه،
پئي صلاح اصحابن م پهه پرياڻا،
گهُرجي ڪُرسي گهوٽ لئي منبر محمدا،
جُڙي آئي اُن جاءِ تي ڪُرسي لاءِ ڪريما،
چڙهي بيٺا اُن مٿي پرين بيپرواهه،
ڪاٺي ڦاٽي فراق مان ڇڏي ٿولهه ٿنڀا،
ڪري ٻاڪارون ٻار جيئن گريه گدازا،
ستون ڪيون سپرين ري دانهون درد منجهان،
پيئي مهر محمد ڪريم کي رحمت رحيما،
حضرت هلي آئيو چلي ڏنهن چوبا،
اچي رکيائونس راض سان ٻئي مبارڪ هٿڙا،
غمخوار غريب جي لڌي سنڀالا،
سڏڪا ڀري ڏکن مان ٿي ويجهي وصالا،
ڪنهن راز سان راضي ٿي مِلي محمدا،
اهڙو آهي ڪارڻي ڌُئل دوست خدا،
ذڪر جنهن جي ذات جو اوچو ۽ اعلى،
اونهي عزت احمد ڄام کي ڏني ڏاتار،
چئو صلواتون نبي ڪريم تي لکين درودا،
ويندا سڀ ايمان سان ڪلمو جي پڙهندا.
لااِلہٰ اِلاَ الله مُحمد رسول اللهِ.
مدح (نبي ﷺ و صحابہ ڪرام)
جڏهن مير محمد ڄائو، بکيو اگهاڙو هرڪو ڍائو،
اُڀن ڀُونين ٿيو سهائو، ٽُٽو ڪل ڪفر جو پائو،
ابوجهل مرداريءَ جو.
2- شمس قمر کان اصلئون اعلى، سرس سيد جي جوت
جمالا،
پيدا ڪيو تبارڪ تعالى، منجهان پنهنجي نور نهالا،
گنج سخا ڏاتاريءَ جو.
3- جسد مبارڪ نُوراني، چمڪي چنڊ جئن پيشاني،
لب لعلون ياقوت يماني، سِپ مثال ڏند درباني،
لالڻ گُل هزاريءَ جو.
شوق شهانا صوف سناسي، ڪيتڪ ڪرنو عين عباسي،
نرگس خار ۾ خوب خلاصي، بخمل ٿيو پائمال اُداسي،
رمز پسي رخساري جو.
زرني، زنبق، زرگونو، تڪمو، رابيل، چنبيل چگونو،
کٽڻهار بلند بابونو، هيءُ تنهنجو نانءُ نمونو،
گل ڦل سڀ گلزاري جو.
توڙي جعفر، چندن، چويون، لکين گل سي معطريون،
تازيون تلسيون نازبويون، گل گلاب پگهر مان ڇايون،
زور زينت داريءَ جو.
ڇڏيا زلف محبوبن ڇوڙي، همچُون مار سِيَهه جئن
ڊوڙي،
پيچ وجهيو مشتاق نهوڙي، لکين مشڪ کٿوري گهوري،
وجهان عطر عطاريءَ جو.
وحي واحد هت هلايو، منجهان بهشت براق آڻايو:
ڪريو مير محمد سعيو، آن کي انهنجي رب گهرايو،
جنهن جو نانءُ جباريءَ جو.
مرسل کي معراج آڻايو، هلي منجهه حضور ۾ آيو،
محب ۽ محبوب اَلايو، هيچ ڪس ڪنهن انت نه پايو،
گفتگو گفتاري جو.
جيڪي ان وير پاڻ چيائون، سي سڀ پُنيون من
مُدعائون،
رازق رکُين سڀ رضائون، لهريون لوڪن تان لاٿائون،
حرف پڇئون بدڪاريءَ جو.
جڏهن ڏينهن قيامت ٿيندو، اتي واهر ميران ٿيندو،
دوست دلاسا عاصين ڏيندو، ساٿ سلامت نڀائي نيندو،
شافع اُمت ساريءَ جو.
جيڪو خلقيو خاوند وسندو، توڙي پير پيغمبر بندو،
سڀڪو نفسي نفسي ڪندو، مگر مير محمد ملهندو،
بار کڻڻ ڪم باريءَ جو.
مرسل ميران مُنهن موچارا، ڏک ڏکوين ڍڪڻ وارا،
هم غم ڪل وڃائڻ وارا، رس مير محمد سوڀارا!
دوست مون کي درڪاري جو.
حرمت حضرت صديق سچار، جنهن جي منجهه قرآن پچار،
”ثاني اِثنَين از همافي الغار“، اچج اڙين ڏي تون
آڌار،
وارث ٿيءُ ويچاريءَ جو.
حرمت حضرت عمر شاهه، پِرينيَم ڪر تون پاڪ پناهه،
ري تو ناهي منهنجي واهه، دوست دلاسو تنهنجو آهه،
مون کي لڳڻ تاريءَ جو.
حرمت حضرت شاهه عثمان، جنهن جوڙي جمع ڪيو قرآن،
مصطفى مٿس مهربان، منهنجو مشڪل ڪر آسان،
اچي هت انتظاريءَ جو.
حرمت حضرت علي شاهه، صفت جنهن جي ”هل اتى“
حرمت تنهن ڀلي جي لاءِ، وارث وير ولهن جو آهه،
ابوجهل مرداريءَ جو.
حرمت حضرت شاهه حسن، دين دنيا جو آهي رڪن،
دوست خدا جي جو تن من، مون کي بخش امان امن
روز حشر ڇٽڪاريءَ جو.
حرمت حضرت شاهه حسين، دوست خدا جو نورالعين،
اعلى شرف اشرفين، ڪم ڪرڻ ثاني اِثنين،
پرين ڪيو پوئواريءَ جو.
اهلبيت جو عز اعلى، پنجتن آهن پاڪ ڀلا،
حد حساب جو مُور نه آ، پڙهه صلواتون صلِ على،
ڄاڻي سڀ ڄماريءَ جو.
داور منهنجو داد ڪريو، ايمان ڏئي امداد ڪريو،
هر دو جهان آزاد ڪريو، ”خير شاهه“ جي دلشاد ڪريو،
هٿ رکي غمخواريءَ جو.
مدح نه ٿئي تم تمام، توڻي تائين تا قيام،
پڙهون پيا صبح و شام، ڪلمو مٿي محمد ڄام،
تهدل پڙهه تڪراريءَ جو.
لااِلٰہ اِلاَ الله مُحمد رسولُ اللهِ.
مدح (نبي ﷺ ۽ صحابہ ڪرام)
رب رزاق، جنهن افلاڪ، بي ستون بيهاريو،
افلاڪ، تنهن لولاڪ، سيد لاءِ سينگاريو،
لولاڪ، تنهن کي پاڪ، جلوو رب ڏيکاريو،
سردار، سندا يار، چارئي وير، وزيرا،
نبي پاڪ، جا خوشناڪ، سڀ اصحاب خبيرا.
مختار، سي مهندار، محبتي موچارا،
موچار، دل قرار، سونهنِ وچ سينگارا،
سينگار، سي انوار، اڳيان چنڊ ستارا،
سينگار، سي چوڌار، در آن نور نظيرا.
مقبول، وٽ رسول، ۽ صحبت عجيبا،
صحبت، سين محبت، ڪَيُن رب نصيبا،
محبت، سين حضرت، ٿيا قرب ٿيا قريبا،
حضرت، جي حرمت، هئي هُت بشيرا.
نکٽ نور، منجهه حضورا، اڳيان چنڊ ادب سان،
ساڻ چنڊ، نوکنڊ، سونهن روشن عجب سان،
روشنائي، اصل سُهائي، سندين نينهن نسب سان،
نمن نيهن، ازل ڏينهن، ڪيو ڪرم قديرا.
هاڻي ماڳ، ڪيان سهاڳ، از جمال محمد،
سو سهاڳ، ڀلو ڀاڳ، از جمال محمد،
ڀلو ڀاڳ، لڌئون لاڳ، از جمال محمد،
لڌئون، لاڳ، ڪيئون اجهاڳ، ديدهه دوست بصيرا.
همراهه، سي دلخواهه، سندا نبيءَ سدائين،
دلخواهه، مٿي راهه، بيٺا قوي سدائين،
مٿي راهه، لڳ الله، ٿيا سخي سدائين،
لڳ اَلله، ڪيئون ساهه، فدا سِر سَريرا.
ٻڌي ڪُل، ڪري هڪل، چڙهي چوٽ ڪيائون،
چڙهي چوٽ، رسيا گهوٽ، نبيءَ اوٽ مڱيائون،
نبيءَ اوٽ، ڪيئون اَموٽ، ڪفر ڪوٽ ڀڳائون،
ڀڃي ڪوٽ، ڪيئون کوٽ، ڪيا ضد ظفيرا.
صديق، آهي عتيق، اول يار سو اڪبر،
اڪبر، دل سَڌر، ٻيو يار، ٿيو عمر،
عمر، نافع نور، ٽيون عثمان ٿيو انور،
انور، ٿيو حيدر، چوٿون يار اَميرا.
اول دين، ۾ متين، ٿيو اظهار وڏو يار،
هر سُوءِ، شفيع روءِ، سو اظهار وڏو يار،
خلافت، امامت ۽ مهندار وڏو يار،
ازيقول، ٿيو مقبول، وڏو يار پذيرا.
روشنائي، دل ڪنان ئي، دوئم يار ٿيو دلخواهه،
جنهن لاءِ پٺيءَ وحيُ مُڪو ملڪ جي الله،
سڻي سلام، تنهن خوش نام، وهيو نيل جو درياهه،
لَوڪان، جنهن جو شان، وڏو قرب ڪبيرا.
حليم، دل سليم، ٿيو يار علاما،
جنگ تبوڪ، منجهه ملوڪ، ڏنا خرچ خزانا،
جمع قرآن، جي شڪران، ڪيائين آجو غلاما،
انت ولي، چيو نبي، سچي دوست سڌيرا.
تونگر، سخا در، ٽيون عثمان ابن عفان،
عثمان، ابن عفان، نورين جنهن جو شان،
عثمان، ابن عفان، جنهن کي فهم ٿيو فرقان،
عثمان، ابن عفان، سخت صاف صريرا.
جاني يار، هنئين هار، چوٿون حيدرِ قرار،
عم نبي علي بن طالب اکين ٺار،
خيبر، پٽي در، ٿيو غازي غلبي دار،
وليُ الله، ڪرم الله، مثل ماهه منيرا.
حيدر، قداور، چوٿون يار مرتضى،
مرتضى، کي مصطفى، جي وڏي آهي ٿي عطا،
مرتضى، کي مصطفى، جي فتح رخصتا،
مرتضى، جو مصطفى، ٿيو سهرو سهيرا.
صادق صاد، ٿيو امداد، في فاروق فَهيما،
ذال ذوالنُورين مرتضى ٿيو ميما،
چارئي حرف، وڏي شرف، تنهين نام نعيما،
پڙهه پرور، تون وچور ڪري ضاد ضميرا.
اَصحاب، سِي ماهتاب سونهن سٿ سدائين،
منجهه سَٿ، مٿن هٿ، وڏي راز رکيائين،
وڏي راز، سان اعزاز، پنهنجا دوست ڌُئائين،
ڌُڻي دوستن ڏنائين منجهه جنت جاگيرا.
چارئي يار، ٿيا وهار، پٺيءَ پيناري،
تنهن پينار، تي نهار، ڪندا صحيح سنواري،
ڪيئون سنڀار، سين هوشيار، مُئي دل جياري،
دل جيار، اکين ٺار، مون کي ميڙ مجيرا.
”همه اَخي والذي“ مرهه مرشد مون اُستاد،
اُستاد، ٿئي آزاد، همه يار مون اولاد،
اولاد، سين ارشاد، اچي شاهه! ڪريو شاد،
ڪريو شاد، مون امداد، ڪلمو وقت اخيرا.
لااِلٰہ اِلاَ الله مُحمد رسولُ اللهِ.
مناجات
نبي ﷺ جي بارگاهه ۾
(ميان عيسى جي چيل)
ساراهيان سچو ڌڻي، خالق مخلوقن،
جنهن پيدا ڪيو پرت مان، وسيلو ولهن،
جن کي حب نبي ڪريم جي سي راتو ڏينهن روئن،
پيرين پيادو پنڌ ڪري، هوتن ڏانهن هلن،
ميمئون موڙ ملاح تون، رسو رفيقن،
ٻَهون ٻيڙا مون پِرين، جودون جهازن،
ملڻ لاءِ محبوب جي، ويڳاڻيون وتن،
پهلوان جي پرواز جا، رک دورائون دُنگين،
لهر مَ لڳي تن کي، اوري ڪيم اٽڪن،
پهچون پرين رسول کي، هلي هيجئون حبيبن،
سمهه نه هڏ سک ٿي، لاڙ مَ کي لاڄن،
جيئن! مَ جهل واءُ ڪو، مَڏڙيون شل موٽن،
هلي رسون هيج مان، ٿيون اوڏا کي عربن،
پر ڇڏي نماڻي ننڊ ۾، چڙهي ويا ٻيڙن،
مديني منور ۾ ٿا سڄڻ سڪونت ڪن،
آسري لڳو آهيان، ترسان مٿي تڙن،
وهلو وريام ڄام کي، پرديسي پهچن،
چُمان چانئٺ نبي ڪريم جي، نمي سان نيڻن،
ڏسي روضو رسول جو، منهنجا نِت نِت نيڻ ٺرن،
”اَغثني اَغثني!“ رسج رسول رب جا، ڌڻيا ڏيهه ڌڻين،
ناهي هلاوت هلڻ جي، نه پهچڻ منجهه پيرن،
نه ساريان ثمر سبيل جو، نه اُجورو اُٺن،
ان پر عاجز آهيان، ڇڏيس عزيزن،
رڻ واهيرو مون ڪري، ويا چڙهي ٻيڙن،
هتي ڀت نه ڪو ڀروسو، ٿو تڳان تو ڪرمن،
آهيم آسرو اوهان جو، وسيلا! ولهن،
تُرهو موڪل تڪڙو، مڇڻ وڃان ويرن،
تنهنجي تُرهي توهه سان، بچان کان بحرن،
آهيان مفلس نڪڻو، پالهو ثوابن،
مون جهڙا مسڪين ڪئين ٿا تاريءَ توهه تڳن،
جهڙو لائق جن جو، سو وڙ لائق ڪن،
”عيسى“ کي احسان سان، بچاءِ کان بحرن،
جيڪي يار عزيز مون، تنهين ساڻ سڀن،
هوتاڻي حضور ۾، هيڪاندا هجن،
چئون صلواتون رسول ڪريم تي، لکين دائم درودن،
ويندا سي ايمان سان، جي ڪلمو پاڪ پڙهن.
لااِلٰہ اِلاَ الله مُحمد رسولُ اللهِ.
مناجات
(محمد صديق ”مسافر“ جي چيل)
[محمد صديق ولد گلاب خان ”مسافر“، سنه 1236هه/
اپريل 1879ع ۾ ٽنڊي باگي ضلعي حيدرآباد ۾ ڄائو.
1896ع ۾ سنڌي فائينل امتحان ڏنائين. ان بعد
پرائمري ماستر مقرر ٿيو، جتان پنهنجي هوشياريءَ
ڪري آخر ٽريننگ ڪاليج فارمين ۾ استاد مقرر ٿيو.
نوڪريءَ واري عرصي ۾ عربي، فارسي ۽ انگريزيءَ مان
واقفيت حاصل ڪيائين. سنڌ گرلس ۽ انگريزي اسڪول
قائم ڪرڻ ۾ مرحوم مير غلام محمد خان ٽالپر جو
ٻانهن ٻيلي رهيو. ’مسافر‘ ڪجهه عرصو گرلس اسڪول ۾
پڙهايو.
شاعري ۾ سندس استاد مولوي محمد سليمان نظاماڻي ۽
ميان عبدالرحيم حيدرآبادي هئا. بعد ۾ مرحوم فاضل
شاهه ۽ غلام محمد شاهه ”گدا“ جي اصلاح ۽ تربيت هن
کي پخته مشق شاعرن جي فهرست ۾ آڻي ڇڏيو. نه فقط
نظم پر نثر تي ڪافي دسترس هئس. ”حياتيءَ جو دوءر“
ناول سندس طرز انشاء جو بهترين مثال آهي. مسافر
صاحب جي چوڻ موجب سندس ڪيترو ئي ڪلام ضايع ٿي ويو،
باقي ڪلام ”ڪليات مسافر“ ۾ ڇپيل آهي. هتي هڪ
مناجات ڏجي ٿي. 24- سيپٽمبر 1961ع تي لاڏاڻو
ڪيائين.]
خداوند، سڄي خلقت جا سائين! ڪرم ۽ فضل تنهنجو توڙ
تائين،
عنايت عفو تو سڀ تي سدائين، ڌڻي! بي مثل، بي چون
حق آهين،
محابي مصطفى ۽ آل و اصحاب،
رهائج لڄ ڀرم سان رب وهاب!
گناهن ۾ ٿيس گم مان سڄوئي، شرم کان تنهنجي در
دانهيان ٿوروئي،
وسيلو تو سوا ساريان نه ڪوئي، سندءِ رحم ۽ عنايت
مون اَجهوئي،
محابي مصطفى ۽ آل و اصحاب،
رهائج لڄ ڀرم سان رب وهاب!
سڄو احوال، سائين! توکي روشن، هجي توڙي لڪل توڙي
مبرهن،
رتيءَ ناهي ريا منجهه تنهنجي رحمن، رکيم ”لا
تقنطو“ آڌار منجهه من،
محابي مصطفى ۽ آل و اصحاب،
رهائج لڄ ڀرم سان رب وهاب!
رکيم غفلت کان در تنهنجي کان دوري، قبوليم پنهنجي
ڀُل، سائين! سموري،
اکٽ تنهنجا ڪرم ڀنڊار نُوري، ڪڻم ڪر مهر سان حاصل
حضوري،
محابي مصطفى ۽ آل و اصحاب،
رهائج لڄ ڀرم سان رب وهاب!
ڏسي دنيا جا هي دورا نظارا، ڏڪي ٿو ڏيل اي
پروردگارا،
امن ۾ پنهنجي رک سائين ستارا، هجن شل دور سڀ دشمن
هچارا،
محابي مصطفى ۽ آل و اصحاب،
رهائج لڄ ڀرم سان رب وهاب!
رضا تنهنجي جو رستو مون عطا ڪر، ڪرم ۽ فضل تنهنجو
توڙ تائين،
ڪرم سان معاف سڀ سائين! خطا ڪر، ڌڻي! بي مثل، بي
چون حق آهي،
محابي مصطفى ۽ آل و اصحاب،
رهائج لڄ ڀرم سان رب وهاب!
نراسن کي ڏنيون آسون تو لاکون، عجيب ٿيون ذڪر ۽
سارهه جون ساکون،
ڪرم تنهنجي مان لاهيان آس ڇا کون؟ تڙيو اَدبار،
نڪتيون بخت باکون،
محابي مصطفى ۽ آل و اصحاب،
رهائج لڄ ڀرم سان رب وهاب!
نه اي سائين! سندءِ ڪو آهه ثاني، ڏسون جيڪي ٿا
تنهين سڀ جوتون باني،
گهُران مولا! سندءِ هيءَ مهرباني، ڇڏيان هن جڳ ۾
ڪا لائق نشاني،
محابي مصطفى ۽ آل و اصحاب،
رهائج لڄ ڀرم سان رب وهاب!
ڌڻي جڳ ۾ تون عزت سان جيارين، ڪرم سان شامتِ اعمال
ٽارين،
”مسافر“ با ڪرم برزخ اُڪارين، اتي عربيءَ جي اُمت
مان اٿارين،
محابي مصطفى ۽ آل و اصحاب،
رهائج لڄ ڀرم سان رب وهاب!
لااِلٰہ اِلاَ الله مُحمد رسولُ اللهِ.
مناجات
(مولوي احمد ملاح جي چيل)
[مولوي احمد ملاح 12- 1311هه/ 94-1893ع ڌاري، ڪنڊي
(لڳ روپاماڙي) تعلقي بدين ۾ ڄائو. ننڍي هوندي ئي
پيءُ مري ويس ۽ پاڻ مال چاريندو هو. پڙهڻ ڏانهن
گهڻو چاهه هئس، تنهن ڪري مال چارڻ کي ڇڏي ڀڄي ويو.
پهريائين ’ڀڳڙا ميمڻ‘ ۽ پوءِ پير ولشاريءَ ڀرسان
’اوٺن‘ ۾ پڙهيو. ان بعد سنڌ جي ٻين مدرسن ۾ پڙهي،
دستار بندي ڪرائي اچي بدين ۾ رهيو، جتي مدرسو
کوليائين ۽ ان سان گڏ توحيد جي تبليغ ۽ قبر پرستي
خلاف جهاد شروع ڪيائين. شعر ننڍي هوندي کان وٺي
چوڻ لڳو، سندس شعر جا هي مجموعا شايع ٿي چڪا آهن:
فتح لنواري، هيڪڙائي حق، گلشن احمد، گلزارا احمد ۽
معرفت اِلاهي. پاڻ بيتن ۾ قرآن شريف جو ترجمو به
ڪيائين، جنهن پهريون پاره (عَم) اسلاميه
دارالاشاعت حيدرآباد مان شايع ٿيو. (19- جولاءِ
1969ع ۾ وفات ڪيائين.)
(1)
تون هئين، آهين به، هوندي، اوجهه پيا ڇا ۾ اُجهي
ساههُ، واءُ، وڄ، ڳوڙ، گرمي، ڳالهه ڪيئن ڳوٺن
ڳجهي،
سي مڙئي مڃيا وڃن! تنهنجي مڃڻ ۾ پيا منجهي!
صبح ناهي سج سوا، ايءَ ثابتي سڀڪنهن سُجهي،
تون نشانين سان نشانبر، نُور تون، نروار تون،
تون نه ڏيندين ڪير ڏيندو؟ ڏيہ جو ڏاتار تون.
تون هئين، آهين به، هوندين، ٻيو سڄو عالم عدم،
تون خدا، تنهنجي خدائي، ڪن خودي ڇا تي خدم؟
ڇا ڪُڏن ڪلنگين قلعن تي منجهه جن جا قدم؟
دل وڃي دهشت کان دهليو، جي ٿئين تون دور دم،
تون نه گهارين، ڪير گهاري؟ هر گهڙي گڏ گهار تون،
تون نه ڏيندين ڪير ڏيندو؟ ڏيہ جو ڏاتار تون.
تون خدا، تنهنجي خدائي، ٻيون خوديون خالي خمار،
لاڏلا ڇڏيئين، چاڙهي ڇڏيئين چُهڙا، چمار،
ڏينهن راتيون ڏوهه ۾، ڄاڻي وڃائي مون ڄمار،
سِر بندي بدين تي بديون، بخش بديون بيشمار،
تون نه بخشين، ڪير بخشي؟ بخش بخشڻهار تون،
تون نه ڏيندين ڪير ڏيندو؟ ڏيہ جو ڏاتار تون.
سٺ ستر کان اڳ نه منهنجي، ڪنهن کي منجهه ڪاروان،
ڪين مان تو ڪئين بنايو پوءِ نطفو ناتوان؟
پوءِ ڳجهو ڳڀ، پوءِ ڳڀرو ڳرٽ، پوءِ ڳوڙهو جوان،
قوت، قوت ڏيئي ڪيس تو، پاڻ پالي پهلوان،
تون نه پالين، ڪير پالي؟ پال پالڻهار تون،
تون نه ڏيندين ڪير ڏيندو؟ ڏيہ جو ڏاتار تون.
آفرينون توکي آهن ڪيئن اُپايو تو اُڀن؟
ڪيئن بهاريئي خال خالي ۾ بنا ٿوڻي ٿنڀن؟
خال خالي جنهن چون، خالق! نه هو لامون لڀن،
لک لقائون لوڪ جنهن ۾ ڪير ساريندو سڀن؟
ٻيا سنڀالي ڇا سگهن؟ سب جو سنڀاليدار تون،
تون نه ڏيندين ڪير ڏيندو؟ ڏيہ جو ڏاتار تون.
تون سنڀالين تن سڀن کي، آءٌ به ٻانهون تو سندو،
جهڙو تهڙو آهيان تو در سندو گولو گندو،
توتي باري بار ڪهڙو، لک بندن مان هڪ بندو؟
تنهنجي ٻانهي ساڻ ٻاجهون ڪير ٻيو قادر! ڪندو؟
پاڻ پنهنجا تون نه پارين، ڪير پاري؟ پار تون،
تون نه ڏيندين ڪير ڏيندو؟ ڏيہ جو ڏاتار تون.
شام منهنجو شام سئين مس صبح تنهنجو شام تو،
سٺ ستر گذري، پٺيان رهندو وڃي رب! نام تو،
جام جامان تو ڍڪايا، جام پيتم جام تو،
صبح توڻي شام آءٌ، شامتن کان شام تو،
سام تون جهل، شامتون پل، شاهه شاهوڪار تون،
تون نه ڏيندين ڪير ڏيندو؟ ڏيہ جو ڏاتار تون.
پيِر پٿرن جا پوڄاري وير وحدت تان رکن،
مدعي، منڪر، مداري، وير وحدت تان رکن،
شڪم، شهوت جا پوڄاري وير وحدت تان رکن،
مفت مون سان ڪي مڪاري وير وحدت تان رکن،
تون نه مارين ڪير ماري؟ مارِئَن کي مار تون،
تون نه ڏيندين ڪير ڏيندو؟ ڏيہ جو ڏاتار تون.
منهنجو ٻاجهارو ڌڻي تون، آءٌ ٻانهو تو سندو،
عمر ساري آسري ۾، آستانو تو سندو،
آبرو تو کان عطا ٿيو، آب دانو تو سندو،
ڪنهن کٽل ڏيندي نه کُٽندو ڪو خزانو تو سندو،
لاڳ گهُرندي ٻيا لڪن، لايو اچين للڪار تون،
تون نه ڏيندين ڪير ڏيندو؟ ڏيہ جو ڏاتار تون.
تو ڌڻي داتا! ڏنو مون آب داڻو، دين دان،
خاڪ مان خاقان چايان، خان چايان خاندان،
تو نوازي ڪيو نڌر نادان کي نادر نڌان،
ٻاجهه سڀ تنهنجي ٻجهان، ٻيا ڪير؟ تان ٻانهون
ٻَڌان،
جن، مَلَڪ ڪُل مِلڪ تنهنجي، مُلڪ جو مختار تون،
تون نه ڏيندين ڪير ڏيندو؟ ڏيہ جو ڏاتار تون.
هيڪ تون حاڪم هميشه هڪ ٻه ڏينهن حاڪم هشام،
هيڪ ٻئي پٺيان هزارين شاهه ٿيا منجهه روم شام،
سبق مون ”سبحانک الله هم و بحمدک“ صبح شام،
شام جن جو شام هڪ، ڪي شرم پوندا تن جي شام،
آءٌ تابعدار تنهنجو، منهنجو تلهيدار تون،
تون نه ڏيندين ڪير ڏيندو؟ ڏيہ جو ڏاتار تون.
آسري تنهنجي ٿو اَڏيان، توکي ٿو سڏيان، سڏ سڻيج،
توڙ تائين تو نه ڇڏيان، توکي ٿو سڏيان، سڏ ڻيج،
غير گندم تو سان نه گڏيان، توکي ٿو سڏيان، سڏ
سڻيج،
لڏ جتي لاهيان ڪِ لڏيان، توکي ٿو سڏيان، سڏ سڻيج،
تون نه سڻندين ڪير سڻندو؟ سڏسڻج ستار تون،
تون نه ڏيندين ڪير ڏيندو؟ ڏيہ جو ڏاتار تون.
ڪين مان تو ڪئين ڪيا، قربان قدرت تان ٿيان،
ڪنهن اُپايو، ڪنهن نپايو؟ تنهنجو نالو ٿو نِيان،
ڏيه جو ڏاتار تون، جيڪو پڇي ڏَس تنهن ڏيان،
قهر تنهنجي ڀر ڪنبان ٿو، مهر تي مرڪان ميان،
تون نه لاهين ڪير لاهي؟ لوهه لاهه سڀ لاچار تون،
تون نه ڏيندين ڪير ڏيندو؟ ڏيہ جو ڏاتار تون.
قهر تنهنجي ڪنبان ٿو، قبر ڪارونڀار ڪُن،
مون گٺو مونو تو مهندان، مون گٺي مهندانءِ من،
پنهنجي بندي جي بدن مان ڪڍ بدين جي بيخ بن،
تَن سڄو تنڪن سان تُن تُن، نه تنها هڪ ٻه تُن،
مهر جو مرهم ڏين، مرهينم مرهڻهار تون،
تون نه ڏيندين ڪير ڏيندو؟ ڏيه جو ڏاتار تون.
ڏينهن جو جيڏانهن ڏسان ٿو باغ، بازاريون بهار،
اُڀ مٿان اُڀ، ڀون ڀران ڀون، ڳوٺ ڳڻڻان ئي ٻهار،
”ڪل يوم في شانِ“ اهو بس اشتهار،
نت نرالا نقش چٽيين، نت نهاريان، ڪجهه نهار،
تون نه ڪندين ڪير ڪندو؟ ڪر سندم ڪم ڪار تون،
تون نه ڏيندين ڪير ڏيندو؟ ڏيہ جو ڏاتار تون.
۾ روشن ستارا ڪر قنديلن جي قطار،
چنڊ چقمق تي هلي، تارا مڙئي منجهه هيڪ تار،
برج ٻارنهن برج ۾، ٻارئين بتيون ڀتئين ڀتار،
ساريان، ساراهيان سبحان سگهه تنهنجي ستار،
ساڻ پڻ تو ساهه ڏيندڙ، ساهه جو سينگار تون،
تون نه ڏيندين ڪير ڏيندو؟ ڏيہ جو ڏاتار تون.
لک ڏين ساهه ڏيہ نه سارو، رات ڦيرڻ ۾ ڦٻي،
تون سڄڻ هڪ سج ڪڍين، ساهو سَڄي تهڙو کٻي،
دونهن ديهان ڏيه ڪن، ته به رات ڪاري ڪم نه ٻِي،
جيئن گهُرين تون تئن ٿئي، مرڪو چڙي چيو چپ چَٻي،
جِن، مَلڪ سڀ مِلڪ تنهنجي، مُلڪ جو مختار تون،
تون نه ڏيندين ڪير ڏيندو؟ ڏيہ جو ڏاتار تون.
سائين، وڻئي تنهن کي سُڃو سائو ڪرين،
ڪي پڇڻ جهڙا پريندي، ڪن کي پڇ ڍائو ڪرين،
ڪن کي لڙ لائين ته ڪن لئي، لڙا اندر لائو ڪرين،
ڏک وهارين، ڏک به تارين، ڏور ڏولائو ڪرين،
وس ٻين جي وار نه آهي، وس مٿم هروار تون،
تون نه ڏيندين ڪير ڏيندو؟ ڏيہ جو ڏاتار تون.
تو سوا ڏاتار! ٻئا ڏاتار تنهنجي ڏات تي،
لات تنهنجي لطف جي نت، لت لڳايم لات تي،
ناهي زاري رتي ذرو ڪو زور تنهنجي ذات تي،
ڪم ڪميني جا ڪِنا، ڪر ڪرم تون ڪمذات تي،
تون نه ڪندين ڪير ڪندو؟ ڪر ڪرم ڪلتار تون،
تون نه ڏيندين ڪير ڏيندو؟ ڏيہ جو ڏاتار تون.
ذڪر ذاتي ذوق وارو، فڪر فيض اندوز ڏي،
شڪر وارو ساز سائينم! صبر وارو سوز ڏي،
در لنگهي آيو لنگهو، هن لعل ڏي فيروز ڏي،
تنهنجي روزي ڌار، روز و روز نئون نئون روز ڏي،
تنهنجي سُکيو ڏينهن کان، ڏکيو نه ڏينهن ڏيکار تون،
تون نه ڏيندين ڪير ڏيندو؟ ڏيہ جو ڏاتار تون.
سر مٿي سارنگ، مارڳ ۾ مرون ڪيئن ماڳ ماڳ،
بر بلائون ڀولڙا، چيتا، بگهڙ ڪن چاڳ چاڳ،
ڪيئن وران پانهون؟ اچن آواز بيٺا آڳ آڳ،
دل دليلن ۾ دکي دوزخ ڪري ٿو ڌاڳ ڌاڳ،
تون نه ٽانڊو ٽارئين ٻيو ڪير ٽاري؟ ٽار تون،
تون نه ڏيندين ڪير ڏيندو؟ ڏيہ جو ڏاتار تون.
ڪُن منجهان ”ڪن“ سان ڪڍي توڪي بنايو ڪين کي،
معتبر ماڻهو بنايئي مُٺ مٽيءَ مسڪين کي،
ڳائي ڄاتم ڳڻ نه تنهنجا غم اهو غمگين کي،
قلب ۾ قابو رکج، تنهنجي طلب تلقين کي،
بُرو وڏو ۽ بار برسر، لاهي باري! بار تون،
تون نه ڏيندين ڪير ڏيندو؟ ڏيہ جو ڏاتار تون.
دل دليلن ۾، دلو دريا ۾، دهشت دُور دُور،
پار هڪ کان پار ٻئي، پل پل پئي ٿو پُور پُور،
ڪنهن به سختي سير جا سامهان سراسر سُور سُور،
هر مهل مهراڻ جون موجون منجهائن مور مور،
تون نه تارين ڪير تاري؟ تار تک مان تار تون،
تون نه ڏيندين ڪير ڏيندو؟ ڏيہ جو ڏاتار تون.
يا رب! هيڪ تون، ٻيا سڀ زباني يار يار،
بار باري! ٻيا نه کڻندا آزمايم بار بار،
دوست ڇا؟ هٿ، پير، سرڌڙ، ڌوڙ ۾ سڀ ڌار ڌار،
قبر ڪارونڀار ڀر منهنجو ڪنبي ٿو وار وار،
تون نه سارين ڪير ساري؟ سِير ۾ لهه سار تون،
تون نه ڏيندين ڪير ڏيندو؟ ڏيہ جو ڏاتار تون.
صبح سانجهي سبق مون ”سبحان ربي العظيم“،
ڇا ڪهان؟ تنهنجون ڪروڙين قدرتون قائم قديم،
عرض ”احمد“ جو ”اهدنا الصراط المستقيم“،
جيءُ سُکيو جيسين جيارين، پوءِ ڪلمي سان ڪريم،
ڪڍ قبر منهنجي منجهان، ڪا هِير جي هٻڪار تون،
تون نه ڏيندين ڪير ڏيندو؟ ڏيہ جو ڏاتار تون.
وچولي (تعلقي حيدرآباد) مان محمد بچل کان
پتل.
محمد رحيم مڱڻهار (ويٺل ٽنڊو الهيار شهر) جي
قُلمي نسخي تان اتاريل.
”ڪليات مسافر“ مطبوعه حيدرآباد سنڌ (1954ع
تان ورتل.
گلشن احمد مطبوعه ”احمديه دار الاشاعت بدين“
(1959) تان ورتل.
|