سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مداحون ۽ مناجاتون

باب: 1

صفحو :22

مدح (بادشاهه پير رحه)[1]

(غلام فقير ماڇيءَ جي چيل)

[غلام فقير ماڇي، ڳوٺ جعفر خان لغاري (تعلقي سنجهوري) جو ويٺل هو. فقير هيءَ مدح ٻهراڙيءَ واري رنگ جي سنڌي بيتن ۾ چئي آهي.]

ساراهيان سچو ڌڻي، جو صاحب رب ستار،

قادر پنهنجي قدرت سان، دنيا خلقي ديدار،

نرمل سندي نُور مان ’علي‘ ڪيو اظهار،

تنهن مان پونيَر پيدا ٿيو، يارهينءَ وارو يار،

سو بادشاهه شهر بغداد ۾، نيريءَ جو هسوار،

آءٌ سام انهيءَ سيد جي، پرتو آهيان پينار،

”غلام“ گنهگار، دامن لڳو دستگير جي.

 

دامن لڳو دستگير جي، ڪيون ڀلي ڀلايون،

رٿون اسان جي روح جون، ڪيون سائينءَ سجايون،

صاحب وجهندو سائل جون قادر ڪمايون،

وڌي واڌيون، رب ڏنيون اڄ رات ۾.

 

رب اڄوڪي رات ۾ خيري ڏيکاريو خواب،

سوالي! تو سوال پورو ٿيو، جوڙي ٻڌ جواب،

توسان حامي حضرت پير جيلاني جناب،

اٿي ڪر آجهاپ، تنهنجا مڙئي مطلب ٿيا.

 

تنهنجا مڙئي مطلب ٿيا ڪنان قادر پير،

هڪل ۾ همت ڪئي محي الدين مير،

جنهن ٻُڏا تاريا تار مان دلئون دستگير،

صدق کٽندئي سير، جيلانيءَ جي جاءِ تان.

 

جيلانيءَ جي جاءِ تان دهرو مليو دان،

مَلڪن کان مٿي ڪيائين محي الدين جو مان،

سو سڏ سان ساڻي ٿيو، سوڀارو سلطان،

ڀَٽ ڳائيندڙ ڀان، ٿج داتا جي دَرَ جو.

 

داتا جي در تي حيران ٿيون حورون،

هي بيت نه ڪري ڀانئجو آهن صلواتي سُورون،

جيڪو سڻي صدق سان تنهن جون پرور ڪندو پوريون،

مشڪل ان تان مورون، معاف ٿيندو محشر ۾.

 

معاف ٿيندا محشر ۾ مڙئي الله جا حق،

تنهن تي راضي رب ڪريم پنجن تن جي پڪ

جيڪو مڃيندو محي الدين کي تنهن تي قادر ڏيندو ڪک،

پاڻهي ٿيندي پرک، جو آزمائي انهيءَ اولياء کي.

جو آزمائي انهيءَ اولياء کي هو پڌرو آهي پير،

سو بادشاهه بغداد ۾ مرد محي الدين مير،

اَڙيا اُجاري ٻُڏا تاري دليئون دستگير،

جيڪو يقين ڀانئي يارهينءَ واريءَ ۾ تنهن جي فتح ڪندو فقير،

بخشيندو گناهه ”غلام“ چئي توڪل سان توقير،

جو سچا رکي سير، تنهن قادر ڪندو ڪمڙا.

 

قادر ڪندو ڪمڙا بديون سڀ بشڪ (بخش)،

هو معشوق آهي مولى جو جنهن تي الله عاشق،

ڏنائينس روءِ زمين جي بادشاهي يبشڪ،

اهو لاهوتي لاشڪ، ڏوهن ڏي ڪين ڪي.

 

ڏوهن ڏي ڏسي ڪين ڪي بادشاهه بهادر،

هر ڪنهن جا حضرت پير، ڪم ڪري قادر،

به سُنت ڏيان سيد کي سُوڌو وڍي سر،

ڪسڻ جو قدر، سڃاڻي سڀ ڪنهن جو.

 

سڃاڻي سڀ ڪنهن جو اندر جو ايمان،

جي دامن جهلي دستگير جي ڪوسي پسندو ڪانه،

سو بادشاهه شهر بغداد جو استنبول، ايران،

سو سڏ ڏئي سوالين کي توڙي بر بيابان،

پوٽو پير مولى عليءَ جو جُنگ جيلاني جوان،

جي سڃاڻين سلطان، تو کان دور ٿين دکڙا.

 

دور ٿين دکڙا وڃن ڀَئي ڀڄي،

ڏسي دهشت دستگير جي لرزي ٿين لڄي،

سور سختيون گوندر غمن جا وڃن کِيمان کڄي،

هاويءَ منجهه هڄيءَ جاءِ ملين جهنم ۾.

 

جاءِ ملندين جهنم ۾ جتي دوفاني دگرانَ،

جن بيحد بي شراعون ڪيون اتي گيدين جو گذران،

جنهن کي ساڃهه ناهي سيد جي منڪر سو مروان،

دوزخ جو دربان، ٿي بَئيمان اهو بيهندو.

 

بئيمان اهو بيهندو ناسودي ناسارو،

ايندو آڙهه وچ ۾ پوندس پَسارو،

اهو رسالو رسول وٽ آهي سڄو سارو،

جيڪو مڃي محي الدين کي ورندو انهيءَ وارو،

آهي پاڻ ڌڻي پيارو، جو ٻڏا تاري تار مان.

 

ٻڏا تاري تار مان قادر پير قرار،

معجزا محي الدين جا عالم ڏٺا اظهار،

پُٽ مئو هو مائيءَ جو ٻاجهاريءَ جو ٻار،

هوس دين دنيا ۾ هڪڙو جنهن سان موت ڪيو هو مار،

اچي مَتو آزار، وِلهيءَ سان وڇوڙي جو.

 

ولهيءَ تنهن وڇوڙي ۾ ڪيون رندن تي ريهون،

آهي مرد مُلڪ ۾ سُڻي ڪُٺيءَ جون ڪيهون،

ڏاتر واري ڏينهون، لهن اولاڪا اکين جا.

 

 

اواڪا اکين جا قادر ڪٽيندو،

سڙي! تنهنجا سڏڙا محي الدين مڃيندو،

کڻ ڇوڪر ڇوهه مان رک اندر عقيدو،

ڏکي توکي ڏيندو، مئل جياري محي الدين.

 

مئل جياري محي الدين نر هنيو نعرو،

بادشاهه شهر بغداد ۾ سچو سوڀارو،

قدم ڏئي ڪل وليءَ تي ٿيو قادر قرارو،

هن جا ماڻهو مريد ٿيا ديوَ پَريون سنسارو،

گهنڊي لڳي گهڙيال وڳو پڌرو ٿيو پاڳارو،

چڙهيو شاهه شڪار تي لڳ نوبت نقارو،

ويندي تنهن واٽ سان پيس پڙلاءُ پُڪارو،

ٻڍيءَ تنهن ٻاجهه سان ڪيو ڪُٺيءَ ڪوڪارو،

ته هيءُ تکو ٿو تار وهي خوني سمنڊ کارو،

جنهن غوراب غرق ڪيو نپٽ نگهوسارو،

آهين محي الدين موچارو، تون ساٿ ڪڍي ڏي سمنڊ مان.

 

ساٿ تنهنجو سمنڊ مان ڪڍندو خالق پاڻ خدا،

جن تي راضي رسول سي اسان ٻُڏا ڪين ٻُڌا،

مائي! ويهه ماٺ ڪري تو کان جاني ناههِ جدا،

موڳا اُهي مرندا جي مڃين ڪين محي الدين کي.

 

محبوب جي مڃڻ جي مون کي لڳي آهي لوري،

ساٿ لُڙهي ويم سير ۾ ڇڏي مون ڇوري،

صدقو وڃان سڄڻ تان آهيان گهوٽ انهيءَ گهوري،

هِيئين اندر هوري، ميٽي ڇڏج محي الدين!

 

ميٽي محي الدين ڪئي ڪست منجهان ڪاهه،

هڪل ڪئي حڪم سان سنڀري شهنشاهه،

ٻيڙو ڪڍي ڏي ٻڍڙيءَ کي اچي پاڻ الله،

سربستا ساهه، ڪامل ڪڍيا ڪُن مان.

 

قادر ڪڍيا ڪُن مان رازق جوڙيو رنگ،

جنهن اهو پِير پيدا ڪيو آڌوتي اڙٻنگ،

آءٌ به سام تنهن سيد تي اٿم نُوراني تي ننگ،

جيڪو نه مڃي محي الدين کي تنهن سان زياده منهنجو زنگ،

اهو دستگير دنگ، اُتم سڀ اولياء کان.

 

اُتم ڪل اولياء کان ڪيو خالق خلقڻهار،

مانُ ڏنو محي الدين کي ڏيهه ڌڻي ڏاتار،

مرسل ڏينهن معراج جي هن کي سمجهايو سردار،

تون مختيار آهين مُلڪ جو دستگير دلدار،

تنهن دامن دادلي جي جهلي ”غلام“ گنهگار،

يقين سان يار، پڙهو ڪلمو، تنهن ڪريم تي.

لااِلہٰ اِلاَ الله مُحمد رسول اللهِ.

مناجات[2]

حضرت بادشاهه پير رحه جي بارگاهه ۾

(محمد اعظم سرجيءَ جي چيل)

[مولوي محمد اعظم، مشهور علم مرحوم بهاؤالدين ”بهائي“ جو پٽ هو. هيءُ پتافي قبيلي جي ڀاوناڻي پاڙي مان آهي. علمي طور تي مرحوم بهائي (وفات: 1352هه) ۽ ان جو اولاد سنڌ توڙي بهاولپور ۾ ڪافي مشهور ۽ معزز آهي. سندن تصنيفات به مشهور ۽ قابل قدر آهن. مولوي محمد اعظم، فارسيءَ جو عالم ۽ شاعر آهي. تخلص ”سراجي“  اٿس. سنڌيءَ ۾ به شعر چيو اٿس. هتي سندس مناجات ڏجي ٿي.]

حمد حق جا هر گهڙي ساراهه سيد جي سدا،

مدح محي الدين جي ”اعظم“ ڪري از جان ادا،

عمر ساري جنهن گذاري شاهه جي در ٿي گدا،

پرت سان پوري ڪندو هو نامور نُوري صدا،

سڏ سوالين جا سڻي ڪو غور ڪر يا دستگير!

بادلا بغداد جا اِجعَل لَنا عُسراً يَسِير.[3]

مون سواليءَ کي نه ڇڏ خالي عطا ايمان ڪر،

شوق ڏي اي شاهه! پنهنجو روز شب شادان ڪر،

بخش بهرو برهه وارو بي ريا احسان ڪر،

صبح توڙي شام پنهنجو نام حرزِ جان ڪر،

سڏ سوالين جا سڻي ڪو غور ڪر يا دستگير!

بادلا بغداد جا اِجعَل لَنا عُسراً يَسِير

 

تون پيغمبر جو پيارو دادلو درگاهه جو،

تون ”خليل الله“ جان عاشق سچو الله جو،

تون هدايت جو ڌڻي، تون راهبر آن راهه جو،

واهه واهه! ڇا جاهه-ٿيو الله وٽ تو شاهه جو،

سڏ سوالين جا سڻي ڪو غور ڪر يا دستگير!

بادلا بغداد جا اِجعَل لَنا عُسراً يَسِير

 

تون سٽين جي راز پنهنجو سامُنڊن[4] تي سربسر،

تان سُڪي خالي ٿين پاڻيءَ ڪنان لحظي اندر،

تون سٽين جي راز پٿرن تي ته پرزا ٿين پٿر،

واهه! تنهنجو جاهه، اي والي! ٿيو عالي قدر،

سڏ سوالين جا سڻي ڪو غور ڪر يا دستگير!

بادلا بغداد جا اِجعَل لَنا عُسراً يَسِير

 

تون چوين جي باهه کي ٺر، تان پوي يڪدم ٺري،

تون چوين جي زندهه کي مر، تان پوي يڪدم مري،

جي جيارين مرده کي جيئرو ٿئي بيشڪ وري،

ڪير آهي؟ جو ڪري تو ساڻ هتڙي همسري،

سڏ سوالين جا سڻي ڪو غور ڪر يا دستگير!

بادلا بغداد جا اِجعَل لَنا عُسراً يَسِير

 

ٿيا برابر ڪل ولين جي مٿئون تنهنجا قدم،

تون نبي پاڪ قدمن تي رهين خوش دمبدم،

حيدري نعرو هڻي حاسد ڪرين هڪدم هدم،

ڇا ڏٺو ’صنعان‘ جنهن تو ساڻ ماريو دوست دم؟

سڏ سوالين جا سڻي ڪو غور ڪر يا دستگير!

بادلا بغداد جا اِجعَل لَنا عُسراً يَسِير

 

تو چيو آهي چٽو خود ”يا مُريدي! لا تَخَف“[5]

جو ڪرين ڪر، جو وڏو آ نانءُ منهنجو منجهه شرف،

تو وڄي منهنجو نقارو زير بالا چوطرف،

آسمانن تي مَلَڪَ مون لاءِ اِستادَه بَصَف،

سڏ سوالين جا سڻي ڪو غور ڪر يا دستگير!

بادلا بغداد جا اِجعَل لَنا عُسراً يَسِير

 

”تَحت حُڪم ڪُل بِلادُ الله“[6] فرمايو اَوان،

حڪم تنهنجو ”نافذ في ڪُل هالِ“[7] هر زمان،

تير رفَته باز گرداني تو اَز ره بيگمان،[8]

حادثاتِ هَردو عالم کان همه دم ڏي امان،

سڏ سوالين جا سڻي ڪو غور ڪر يا دستگير!

بادلا بغداد جا اِجعَل لَنا عُسراً يَسِير

 

خواب ۾ ڪئين ڪَٽيون تو خارجن جون خود مُڇان،

جي بڻيا تنهنجا عَدُو، مون تن ڪتن سان ڇا ڪڇان،

توڙ کان تن بيوقوفن ساڻ مون بيحد بُڇان،

ڪر بچاءُ اي بادشه! مون لطف تنهنجي کي لڇان،

سڏ سوالين جا سڻي ڪو غور ڪر يا دستگير!

بادلا بغداد جا اِجعَل لَنا عُسراً يَسِير

 

ڪير آهي شير تنهنجو سو ڪتن سان ڇا لڙي؟

جو عَدُو تنهنجو اُهو مرجان جهنم ۾ سڙي،

عشق کان ”اعظم“ اوهان لئي روز شب روئي رڙي،

ڪيئن ڪري ڪاڏي وڃي؟ ويو قلب کي قابو ڪڙي،

سڏ سوالين جا سڻي ڪو غور ڪر يا دستگير!

بادلا بغداد جا اِجعَل لَنا عُسراً يَسِير

 

تون ٻڏا تَرَحم ساڻ تارين دمبدم،

تون نبي جي دين مُردَه کي جيارين دمبدم،

تون هڏين کي هڪ هڪل سان ٿو اُٿارين دمبدم،

تون سَوَن سالن جا غم لحظي ۾ ٽارين دمبدم،

سڏ سوالين جا سڻي ڪو غور ڪر يا دستگير!

بادلا بغداد جا اِجعَل لَنا عُسراً يَسِير

 

تون نوازيل نامور الله جي تو تي عطا،

ڪر معافي مهر سان مون خاص خاطيءَ جي خطا،

عرش توڙي فرش تي تو لاءِ ماندا محتبى!

چوءطرف تو کي چون ٿا، مرحبا صد مرحبا!

سڏ سوالين جا سڻي ڪو غور ڪر يا دستگير!

بادلا بغداد جا اِجعَل لَنا عُسراً يَسِير

 

ڪر دعا تان درد اک جو دور ٿئي، يا دستگير!

نُور سان ڀرپور ڪر منهنجون اکيون تون، يا  امير!

تون ڪرين جيڪي گهرين، ٻيو ناهه ڪو تنهنجو نظير،

تون مريدن ۽ نامريدن لئي بشير ۽ تون نظير،

سڏ سوالين جا سڻي ڪو غور ڪر يا دستگير!

بادلا بغداد جا اِجعَل لَنا عُسراً يَسِير

 

درد  کان دانهون ڪيان ٿو دمبدم، يا غوث پاڪ!

خير جو خواهان آهيان ڪر ڪرم يا غوث پاڪ!

دور اَز من دار[9] اَزجان در بَرِم يا غوث پاڪ!

ڪر ڀلائي اي ڀلارا  !رک ڀَرم يا غوث پاڪ!

سڏ سوالين جا سڻي ڪو غور ڪر يا دستگير!

بادلا بغداد جا اِجعَل لَنا عُسراً يَسِير

 

تنهنجي عالي در کان خالي ڪو نه ويندو ڪڪو فقير،

شاد گردد گردِ هي قُوتش لبِ نانِ فطير[10]

بادشاهن جو تون آهين بادشه، ميرن جو مير،

تون ولين جو والي، تون آنهِن ڪُل پيرن جو پير،

سڏ سوالين جا سڻي ڪو غور ڪر يا دستگير!

بادلا بغداد جا اِجعَل لَنا عُسراً يَسِير

 

قطب قطبن جو تون آهين، تون ولين جو ولي،

ڪرد اسرارِ دو عالم بسر تو مولى مُنجَلِي،[11]

بلبلِ باغِ رَسُول الله اَولادِ علي،

ڪا ڀلائيءَ جي ڀلارا! ڀال ڪر تان ٿئي ڀلي،

سڏ سوالين جا سڻي ڪو غور ڪر يا دستگير!

بادلا بغداد جا اِجعَل لَنا عُسراً يَسِير

 

ماڙ ڪر ماندن مُريدن تي مِٺا منٺار! تون

لاهه دل جا درد، دک، اندوهه ۽ آزر تون،

غور ڪر، غمخوار ٿي، غفار لڳ غم ٽار تون،

ڪر ”خليل الله“ جان ڪُل نارِ غم گلزار تون،

 

سڏ سوالين جا سڻي ڪو غور ڪر يا دستگير!

بادلا بغداد جا اِجعَل لَنا عُسراً يَسِير

 

بود کي نابود ڪر اي نازنين ناسوت جا،

منجهه محبت مَست رک، اي ماهِرُ و ملڪوت جا،

سودي ڏي، ناسود ني، اي جوش و جبروت جا

سَير حق ڏي، غَير ني، اي لاڏلا لاهوت جا،

سڏ سوالين جا سڻي ڪو غور ڪر يا دستگير!

بادلا بغداد جا اِجعَل لَنا عُسراً يَسِير

 

نفس ناڪس جي فريبن کان بچا اي بادلا!

۽ شقي شيطان جي شر کان ڇڏا اي دادلا!

هڪ ٿئي اثبات ”الا“ جي ڪري امداد ”لا“

دور ٿي دارين کان آخر ڪري آزاد ”لا“

دور ٿي دارين کان آخر ڪري آزاد ”لا“

سڏ سوالين جا سڻي ڪو غور ڪر يا دستگير!

بادلا بغداد جا اِجعَل لَنا عُسراً يَسِير

 

نفس ناڪس ٿو ڪرائي ظلم مون کي زور سان

منجهه شرارت جي وجهي ٿو شقي سو شور سان

ڇا ڪيان؟ چئو اي مٺا! چالاڪ اهڙي چور سان،

رس وسيلو ٿو وٺان، اي پاڪ! مون تو مور سان،

سڏ سوالين جا سڻي ڪو غور ڪر يا دستگير!

بادلا بغداد جا اِجعَل لَنا عُسراً يَسِير

 

ڪيميا آهي نظر تنهنجي ڪري خود خاڪ زَر،

شل پَسان مون، اي پرين! جلدي اوهان جو پاڪ در،

شوق هِن ۾ شاد آهيان ڇو رهان غمناڪ تر،

ٽار اي دلدار! دل جا بار بيباڪ ڪر،

سڏ سوالين جا سڻي ڪو غور ڪر يا دستگير!

بادلا بغداد جا اِجعَل لَنا عُسراً يَسِير

 

اَحمدي تعليم جو تابع رهان مون روز شب،

منهن مُسَبب ڏي هجي توڙي هجن صدها سبب،

ڏي شرعيت شوق سان حالِ حقيقت با ادب،

معرفت جو ڏي مزو، تن ۾ طريقت جي طلب،

سڏ سوالين جا سڻي ڪو غور ڪر يا دستگير!

بادلا بغداد جا اِجعَل لَنا عُسراً يَسِير

 

قلب جي پنهنجي ڪرم سان لاهه تون اي شاهه ڪسُ،

لطف مان پنهنجي ملڻ جو اي مِٺا! ڪو ڏاهه ڏس،

يار ٿي غفار لڳ بيواهه جي تون آهه رس،

صدق سان ڪلمو پڙهي رب جي وٺائج راهه بس،

سڏ سوالين جا سڻي ڪو غور ڪر يا دستگير!

بادلا بغداد جا اِجعَل لَنا عُسراً يَسِير

لا الٰہ اِلا الله محمد رسول الله.

مناجات

نبي ﷺ جي بارگاهه ۾

(فقير دريا خان جي چيل)

[دريا خان فقير، سنڌ جي مشهور صوفي شاعر روحل فقير جي خاندان مان هو ۽ ڪنڊڙيءَ جي فقيرن ۾ بلند پايي جو درويش ۽ صوفي شاعر ٿي گذريو آهي. پنهنجي خاندان جي ٻين شاعرن وانگر هن به سنڌي، هندي ۽ سرائڪي ۾ شعر چيوآهي. سندس ڪافيون تمام گهڻيون ۽ عام مشهور آهن. هتي فقير دريا خان جي هڪ مناجات ڏجي ٿي.]

ساراهه ڪريان سبحان جي،  تنهن تون محمد شان جي

سولي ڪريو ايمان جي، يا مير مرسل مصطفى!

 

جنهن دين جو پهريو دلق، فرمان ۾ ٿيو سڀ فلڪ،

ديو پريون، آدم، مَلَڪَ، يا مير مرسل مصطفى!

 

دائم رسو دارالبقاء، آ لوڪ ۾ تنهنجو لقاءَ،

تو در ڪمي آ ڪا نه ڪا، يا مير مرسل مصطفى!

 

تون در آهين  دارين جو، صاحب آهين ثقلين جو،

ڪعبو آهين ڪونين جو، يا مير مرسل مصطفى!

 

آن طالبن مطلوب تون، آن ڪاشف القلوب تون،

عاشق خدا محبوب تون، يا مير مرسل مصطفى!

 

تنهنجي صفت جو ڪر ڪِران، بيحد آهي باري بيان،

جيڪي چوان ڪِهه ٿو چوان، يا مير مرسل مصطفى!

 

صاحب آهين سرتاج تون، مالڪ آهين معراج تون،

ٻانهي اُتي ڪر ٻاجهه تون، يا مير مرسل مصطفى!

 

هيءَ آرزو آهي اسان، تو پاڪ پيشاني پسان،

ويران  ويڙهي ٿئي وسان، يا مير مرسل مصطفى!

 

پنجن تنن جي پاس مون، هردم حسينڻ آس مون

ڪر دل خانو خاص مون، يا مير مرسل مصطفى!

 

يار تون چارئي ميخان، ٻئي در ڪنهن جي نا وڃان،

منجهه سڪ جي سينو سڃان، يا مير مرسل مصطفى!

 

تو کان منافق جي مُڙيا، ابليس سان اُهي اڙيا،

سي رافضي توڙئون تڙيا، يا مير مرسل مصطفى!

 

مرسل مديني جا ڌڻي!،  تن بار کُهين جا کڻي،

ڪر دور دشمن کي هڻي، يا مير مرسل مصطفى!

 

جئن نفس ناقص ٿي چيو، سو مون سڀوئي ٿي ڪيو،

تو در اچي پينار پيو، يا مير مرسل مصطفى!

 

حاصل ڪرين سڀ حاجتون، ڪوڙئين پڄائين ڪاج تون،

نه ڪر ڪنهين محتاج تون، يا مير مرسل مصطفى!

 

ڪوڙن سندو مون ۾ وکر، ڪوڙئين ڪيم ڪيئي هڪر،

تون ميٽ عيبن جا اکر، يا مير مرسل مصطفى!

 

سڪرات دم سهنجو ڪرين، سو وقت نا اهنجو ڪرين،

تون ئي پرين پنهنجو ڪرين، يا مير مرسل مصطفى!

 

بيشڪ بدعتي هيءُ بندو، آهيان گناهن ۾ گندو

هيءُ سگ سوالي تو سندو، يا مير مرسل مصطفى!

 

دل ديد جي کوليو دري، ٿئي حج حاصل اڪبري،

ساري عيان ٿئي سروري، يا مير مرسل مصطفى!

 

آيو آهيان اڙ اوٽ ۾، ڪر نا ڪچي هن ڪوٽ ۾،

ڪر تون گهيرو هن گهوٽ ۾، يا مير مرسل مصطفى!

 

ڏي دل صفائي دين تون، هڪ طاقت ٻي تلقين تون،

ڏي محبت پنهنجي مسڪين تون، يا مير مرسل مصطفى!

 

هيءَ ڪر نه دل عيبن ڀري، واهر ڪريون وارث وري،

ڪڍ ڪوٽ مان ڪر تون کري، يا مير مرسل مصطفى!

 

ڪر تون سواليءَ کي سچو، توڙي آهيان ڪرتئون ڪچو،

ڏي ٻاجهه پنهنجيءَ سان ٻچو، يا مير مرسل مصطفى!

 

”دريا خان“ جي دل شاد ڪر، تون عشق سان آباد ڪر،

مدعي مڙئي ماد ڪر، يا مير مرسل مصطفى!

 

ڏاتر سچا! تو ڏات ڏي، ڏينهن رات پنهنجي تات ڏي،

ڪلمي جي وائي وات ڏي، يا مير مرسل مصطفى!

لااِلہٰ اِلاَ الله مُحمد رسول اللهِ.


[1]   وچولي (تعلقي سنجهوري) مان علي اڪبر کان پهتل.

[2]   ڪتابڙي ”مدح“ مطبوعه اردو سنڌ پريس، صرافه بازار سکر (سنه 1368هه) تان ورتل.

[3]   اسان جي لاءِ مشڪل آسان ڪر.

[4]   سمنڊن.

[5]   اي منهنجا مريد ڊڄ نه

[6]   سڀ ملڪ ڌڻي جا منهنجي اذن هيٺ آهن.

[7]   هر حال ۾ جاري آهي.

[8]   تون ڇٽل تير کي رستي تان موٽائي سگهين ٿو.

[9]   مون کي ان کان پري رک.

[10]   جيڪڏهن تون قوت لاءِ ماني جو ڳڀو ڏين ته به هو خوش ٿئي.

[11]   مولى توتي ٻنهي جهانن جا اسرار ظاهر ڪيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org