سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مداحون ۽ مناجاتون

باب: 1

صفحو :19

مناجات[1]

حضرت نبي ﷺ جي بارگاهه ۾

(”ڪرم“ جي چيل)

ساراهيان سچو ڌڻي صاحب رب ستار،

رب پنهنجي نُور مان نبي ڪيو نروار،

مير محمد ڪارڻي عالم جو آڌار،

مير محمد ڪارڻي آهي، سڀن جو سردار،

مير محمد ڪارڻي آهي مانجهي مڻيادار،

ڪڏهن وسارج ڪين ڪي تنهن پرينءَ جي پچار،

جانب ڌاران جيڏيون سُتي ڪهڙي سار؟

جانب ڌاران جيڏيون جيئڻ آهي جَنجار،

مولى مون کي ميلئين چوکا چارئي يار،

آءٌ بندياڻي بند ۾، عمر! تو اختيار،

آءٌ قبولينديس ڪين ڪي تان ڪرين تڪرار،

تون سڃاڻي سو نٿو، نرميءَ ساڻ نهار،

مُلڪ محمد مير جو ڏاتر مون ڏيکار،

قسمت آنديس قيد ڪري لِکئي جو لغار،

”جفَ القلم بما هو ڪائن“ آگي جي اختيار،

”اِهدنَا الصراط المستقيم“ اهو پنڌ پنهوار،

”فاذ ڪروني اذڪرڪم“ ساريان روز سنگهار،

رات ساريم سومرا! ٻيلي هوءِ ٻڪرار،

رات ساريم سومرا! پَهون اُت پنهوار،

رات ساريم سومرا! ٿر سندا ٿڌڪار،

رات ساريم سومرا! ويڙها سندا وَلهار،

تن اباڻن جي آسري آءٌ نڪريو ڪريان نهار،

مانَ ملائي ڪارڻي ڪنهن سبب ساڻ ستار،

ته مٿان لهن مارئي ڪي ارمانن انبار،

مڃان ٿورا رب جا لکين لک هزار،

ماريو ٿو مڃائي سياڻا سنگهار،

ڪڏهن سُئي سُون ڪانڪا مسڪينن تي مار،

سُجهي ڪورٽ قادر جي جا سرڪار، نه ٻي سرڪار،

باري بي پرواهه جو خوف هنئين تي ڌار،

ميان منهنجي مُلڪ جي ڏي خاصي خبرچار،

وُٺا مِينهن ’ملير‘ تي سَرها ٿيا سنگهار،

ڇاڇر پئي ڇَنُن ۾ ٻي گاهن جي گلزار،

چڙا وَن چاهه مان جئن لوهه وڄن لار،

ڀيڙيوُن ڀِٽُون ڀِٽُن تي ڌونڪن اُت ڌرار،

’نارو‘ گهمن ناز مان چوڙيليون چوڌار،

ڪُونجن جئن ڪَرَ کنيو سهسين ڪن سينگار،

ساريون ملڪ ’ملير‘ جو ٿي روئان زارو و زار،

قادر هن ”ڪرم“ کي نئي مديني مار.

جو سدا سِڪي سِڪ ۾ ساري سڀ ڄمار،

غسل ڏينِ هن غريب کي سڳا سيڻ سنگهار،

روضي پاڪ رسول جي تاڙا ڪن تنوار،

چئو صلواتون نبي ڪريم تي هر دم لک هزار،

وينداسي ايمان سان جن ڪلمي جي پچار.

لااِلٰہ اِلاَ الله مُحمد رسولُ اللهِ

مناجات[2]

نبي ﷺ جي بارگاهه ۾

(خان محمد شيخ جي چيل)

[خان محمد شيخ ڳوٺ ٻنڊو تعلقو ميهڙ. زميندار هوندي به فقيريءَ ڏانهن لاڙو هئس، سنڌيءَ سان گڏ قدرتي عربي ۽ فارسي تعليم پڻ ورتي هئائين. حياتي جو پويون وقت سکر ۾ سڪونت اختيار ڪيائين ۽ وفات به اتي ئي ڪيائين، هتي سندس مناجات ڏجي ٿي.]

الف اول آهه منهنجو سوالي هيءُ تو شاهه کي:

ڏي سُڌيري سيدا! هن بي ثمر، بي واهه کي،

ڏي سچائي صدق دل جو ڀروسو بي ساهه کي،

وِير ورنهه ور، منهنجي آگا! اگهايو آهه کي،

رس رسول الله! تو لئي مان روئان ٿو زار زار،

سڏ ڪريان سُڏڪا ڀري، مُرسل! اوهان کي بار بار.

 

بي بديون بخشاءِ مون ’ولسوف‘ واري لفظ سان،

ٿو ڪريان زاري اوهان در، احمدا! مون عجز سان،

پسر ريءَ پانهنجي، شامل رهون جيئن فرض سان،

ٿئي عنايت جو اشارو عاجزن جي عرض سان،

رس رسول الله! تو لئي مان روئان ٿو زار زار،

سڏ ڪريان سُڏڪا ڀري، مُرسل! اوهان کي بار بار.

 

تي توهان جي طلب مون کي، رات ڏينهان آگهڻي،

شل پَسان روضو اوهان جو پاڪ لايان مون پڻي،

ڪيئن جدائي ڪرڻ سائين، وئي اوهان کي آ وڻي؟

حرم هوتن جي رسايو پاڪ پيارا مون ڌڻي،

رس رسول الله! تو لئي مان روئان ٿو زار زار،

سڏ ڪريان سُڏڪا ڀري، مُرسل! اوهان کي بار بار.

 

ثي ثنا تنهنجي سدا هر وقت آهي وات ۾،

ڪيئن ڪندا ننڊ نيڻ پيارا، برهه تنهنجي بات ۾؟

ريءَ ذڪر تسبيح تنهنجي ڪجهه صبر نا رات ۾،

آسرو عربي اوهان جي آ سدائين ذات ۾،

رس رسول الله! تو لئي مان روئان ٿو زار زار،

سڏ ڪريان سُڏڪا ڀري، مُرسل! اوهان کي بار بار.

 

جيم جاني! ڪر نه فاني، يار پنهنجي پار کان،

ڪيئن ڇڏايان جند، جانب! عشق جي آزار کان،

ڪيئن صبر ايندو اوهان جي طلب واريءَ تار کان؟

يا نبي! مون کي ڇڏايو برهه واري بار کان،

رس رسول الله! تو لئي مان روئان ٿو زار زار،

سڏ ڪريان سُڏڪا ڀري، مُرسل! اوهان کي بار بار.

حي حُب تنهنجي طلب مون کي احمدا! آهي اڪير،

ڀرم سان ڪر تون ڀلي عاجز ڇڏايو هي اسير،

ويا ڦري سڀ مون ڪنا، شاهه و غني توڙي فقير،

مرض ماريو مير مرسل، سيدا! ڏيو ڪا سڌير،

رس رسول الله! تو لئي مان روئان ٿو زار زار،

سڏ ڪريان سُڏڪا ڀري، مُرسل! اوهان کي بار بار.

 

خي خطائن ۾ عمر ٿي آ گذر ساري، نبي!

حال هيڻو منهنجو آهي ڪر ڪا وپئواري نبي!

مون کي تون زيارت ڪرائج پنهنجي هڪواري، نبي!

ڏج دکِي دلگير کي دلجاءِ دلداري، نبي! ،

رس رسول الله! تو لئي مان روئان ٿو زار زار،

سڏ ڪريان سُڏڪا ڀري، مُرسل! اوهان کي بار بار.

 

دال دلبر منجهه قبر اوکيءَ اچي همراهه ٿي،

تنهنجي رحمت آهه جاري مون ڪيو ٺڳيءَ جو ٺاهه ٿي،

نفس جي چوءطرف سائين! اڄ اسان تي ڪاهه ٿي،

رس رسول الله! اوکي آهه منور ماهه ٿي،

رس رسول الله! تو لئي مان روئان ٿو زار زار،

سڏ ڪريان سُڏڪا ڀري، مُرسل! اوهان کي بار بار.

 

ذال ذائقي موت ويلي رس اچي تون رهبرا!

سڪرات سختي سڀ ڇڏائج آسان ڪر تون انورا!

ياد ڪلمو ڏينم تهدل، مير مرسل منورا!

ڪين اهنجي پئيم اوءکي سام تو در سرورا! ،

رس رسول الله! تو لئي مان روئان ٿو زار زار،

سڏ ڪريان سُڏڪا ڀري، مُرسل! اوهان کي بار بار.

 

ري رسول الله رهبر! ڪر نه اوکيءَ ۾ عليل،

تون رسول الله رهبر، تون خدا جو آن خليل،

مار مدعي مون سندو ظالم ڪيو مون کي ذليل،

قائم ڪريو اسلام تي دائم منهنجي دل جو دليل،

رس رسول الله! تو لئي مان روئان ٿو زار زار،

سڏ ڪريان سُڏڪا ڀري، مُرسل! اوهان کي بار بار.

 

زي زنجيرن نفس وارن آ ڪيو هن حال سان،

ڪر لطف، لائق ڀلا! پنهنجي ڀلائي ڀال سان،

جيئن ڪريون منهن موڙ ماڻي هن خودي جي خيال سان،

۽ رکون محبت گهڻي پڻ، احمدا! تو آل سان،

رس رسول الله! تو لئي مان روئان ٿو زار زار،

سڏ ڪريان سُڏڪا ڀري، مُرسل! اوهان کي بار بار.

 

سين ساري ڇڏ وساري ڏوهه جي ڏاڍا ڪيم،

بدين جي بخشش گهران ٿو، جيڪي خطائون خام پيم،

ساري عمر سجدو اُٿي هڪ خوف کان مون نا ڏنم،

ڪانه ڪيڙم ڪا چڱائي وقت سڀ ويٺي ويم،

رس رسول الله! تو لئي مان روئان ٿو زار زار،

سڏ ڪريان سُڏڪا ڀري، مُرسل! اوهان کي بار بار.

 

شين شافي ڪر معافي، ڏوهه منهنجا ڪين ڏس،

جو قلم وِيَڙو وهي، سردار! سان تون ميٽ مَسُ،

حال هيڻو سخت ٿيو، مختيار مرسل مير پَس،

وقت ويلي هُل حشر ۾ سرورا سردار رس! ،

رس رسول الله! تو لئي مان روئان ٿو زار زار،

سڏ ڪريان سُڏڪا ڀري، مُرسل! اوهان کي بار بار.

 

صاد صالح ڪر عمل اڳيان فريق في الجنت،

ڏي دنيا ۾ دين ايمان ۽ سچائي با صحت،

منجهه محبت موءمنن جي، مير ڏي مون کي عزت،

نام تنهنجو ياد آهي، ڇا ڪندي ظاهر ذلت: ،

رس رسول الله! تو لئي مان روئان ٿو زار زار،

سڏ ڪريان سُڏڪا ڀري، مُرسل! اوهان کي بار بار.

 

ضاد ضامِن مير مُرسل! آهه اڙين جو اَجهو،

قرب آهي ڪل قريشي جو چوان ظاهر ڳجهو،

آهن سندس جي اُمتي هرگز نه ڏسندا ڪو ڏجهو،

جي پڙهن صلوات سڻي جام ڪوثر پين جهجهو،

رس رسول الله! تو لئي مان روئان ٿو زار زار،

سڏ ڪريان سُڏڪا ڀري، مُرسل! اوهان کي بار بار.

 

طوئي طلب تنهنجي رکان، سردار سرور سر بسر،

ڪل نبي نفسي پڪارن ات ڪريو نرمل! نظر،

ڏوهه منهنجا شل نه ٿيندا پاڪ پرور وٽ پڌر،

يا نبي نُور الهدى جڳ جو ڪيو سولو سفر،

رس رسول الله! تو لئي مان روئان ٿو زار زار،

سڏ ڪريان سُڏڪا ڀري، مُرسل! اوهان کي بار بار.

ظوئي ظلم ظاهر مَ ڪر، اڄ وير دنيا، جو ويجهي،

چوءگرد ۽ چو  طرف کان آ ويو اسان کي ويڙهجِي،

ڪانه مون ڪِيَڙي عبادت منجهه زماني سيڙجي،

رس رسول الله! تو لئي مان روئان ٿو زار زار،

سڏ ڪريان سُڏڪا ڀري، مُرسل! اوهان کي بار بار.

 

عين علميت ڏي سعادت يا نبي سرتاج! تون،

پوري ڪر منهنجي تمنا سرور سچا! هر هاج تون،

قيام وقتي مهل سختي، مرسل! نه ڪر محتاج تون،

ڪر ڪمينيءَ جو قريشي! ڏيهه سوءن اُت ڏاج تون،

رس رسول الله! تو لئي مان روئان ٿو زار زار،

سڏ ڪريان سُڏڪا ڀري، مُرسل! اوهان کي بار بار.

 

غين غفلت غير کان مون کي ڇڏايو محمدا!

عاجزن تي ڪيو عنايت سونهن سرور سيدا!

آءُ پوري ڪر اسان جي آس عربي احمدا!

ڪر سفارش سيدا! قاضي ٿيندو جاتي خدا،

رس رسول الله! تو لئي مان روئان ٿو زار زار،

سڏ ڪريان سُڏڪا ڀري، مُرسل! اوهان کي بار بار.

 

في فضل تنهنجو اصل آهي، اسان تي خاص و عام،

ڪو نه توريءَ ڏينهن قيامت تئن ڪريون ڪنهن جو سلام؟

مرشدا! تنهنجي اڳيان خادم رهي هردم خدام،

ڪين ڇڏ ڇوري ڇِني سرتاج وٺ، تو هيءَ سام،

رس رسول الله! تو لئي مان روئان ٿو زار زار،

سڏ ڪريان سُڏڪا ڀري، مُرسل! اوهان کي بار بار.

 

قاف قادر ڏوهه صادر جي مٿان منهنجي هجن،

سي محابي مصطفى جي معاف مون تان سڀ ٿين،

جي لڳا لاري اوهان جي ڪين سي مُوروءن منجهن،

گپ گناهن جي گپايو سر مٿان، سيد! سجهن،

رس رسول الله! تو لئي مان روئان ٿو زار زار،

سڏ ڪريان سُڏڪا ڀري، مُرسل! اوهان کي بار بار.

 

ڪاف ڪوڙي درس دنيا، حرص پيو جنهن جي هڏي،

لَنءُ لَنءُ  اندر وِيَڙو وٺي سو ڪين ٿو هرگز ڇڏي،

آهه مشڪل پيش بلڪل موت ٿو بيٺو سڏي،

ڦند سان ڦاهي وجهي ٿو منڪري ماڙي اڏي،

رس رسول الله! تو لئي مان روئان ٿو زار زار،

سڏ ڪريان سُڏڪا ڀري، مُرسل! اوهان کي بار بار.

 

لام لائق پنهنجو مالڪ ڪر اسان تي ڪردگار،

تون اَجهو عاصين سندو، تون آن اسان جو پڻ ستار.

نام تنهنجي کي وٺي دلڙي ٿئي بلڪل بهار،

ڪر رحم راحم! اتي، جاتي ٿئي قادر قهار،

رس رسول الله! تو لئي مان روئان ٿو زار زار،

سڏ ڪريان سُڏڪا ڀري، مُرسل! اوهان کي بار بار.

 

ميم محبت لطف لياقت تو ڏسي ورنهه پناهه،

ڪر عفو عصيان، مالڪ! ملڪ ساري جا گناهه،

تو سندي تاريءَ تڳون آ تو سندي نرمل نگاهه،

ياد ڪلمو يا نبي! ڏياري ڪريو پورا پساهه،

رس رسول الله! تو لئي مان روئان ٿو زار زار،

سڏ ڪريان سُڏڪا ڀري، مُرسل! اوهان کي بار بار.

 

نون نرمل آءُ اڪمل! وقت اوکي ۾ عجيب،

ڪو نه تو ري ٻيو هِتي آ هوت منهنجو ڪو حبيب،

ويو وٺي واقف دنيا جو خلم جنهن ڪيو آ خريب،

مير مدني محب جاني! پاڪ زيارت ڪر نصيب،

رس رسول الله! تو لئي مان روئان ٿو زار زار،

سڏ ڪريان سُڏڪا ڀري، مُرسل! اوهان کي بار بار.

 

واوء والي پسج حالي، سور جنهن ڪيو آ سخت،

ڪو نه مالڪ ٿو مڱان مون کي ملي شاهي تخت،

نا ٿئي ساري عمر منهنجي گناهن ۾ مفت،

رات ڏينهان ورد قرآن آ عجب اعلى بخت،

رس رسول الله! تو لئي مان روئان ٿو زار زار،

سڏ ڪريان سُڏڪا ڀري، مُرسل! اوهان کي بار بار.

 

هي هدايت بخش، ”هادي بخش“ منهنجي ڀاءُ کي،

محبت سندءِ مرسل مٺا وارث! ورايو واءَ کي،

تان عمر ساري ڇڏيون، يڪدل رهون سڪ ساءَ کي،

ٿيون ٻڌي خوش خيال سان پياري پرينءَ جي نانءَ کي،

رس رسول الله! تو لئي مان روئان ٿو زار زار،

سڏ ڪريان سُڏڪا ڀري، مُرسل! اوهان کي بار بار.

 

لام لاري تو سندي، ڪُل اُمتي تو آسري،

عشق عربي! تو سندي، محبت وڌو ڪنهن مامري،

ڏرت ڏولاون منجهارئون ڪر وسيلو واهري،

ڪم گندا منهنجا ڳجها شامل شريعت ظاهري،

رس رسول الله! تو لئي مان روئان ٿو زار زار،

سڏ ڪريان سُڏڪا ڀري، مُرسل! اوهان کي بار بار.

 

الف ”اَنتم اشد خلقَا ام السماء بناها“ بينظير،

تون محمد مصطفى ۽ تون ئي مولى جو وزير،

”خان محمد شيخ“ تو در آهه عاجز ۽ حقير،

ٿو ٻاڏايان پيو ’ٻنڊيءَ‘ ۾ ڏينم صاحب! ڪا سڌير.

رس رسول الله! تو لئي مان روئان ٿو زار زار،

سڏ ڪريان سُڏڪا ڀري، مُرسل! اوهان کي بار بار.

 

يي يار تو کان ڌار من کي ڪيئن گذارڻ ٿئي گهڙي،

دم ڏيان دلبر اوهان تي پاڪ ڪلمو مان پڙهي،

ڪيئن رهان احمد اڪيلي، مير مرسل مان ڇَڙي؟

ڏس نماڻيءَ هيءَ نڌر ڏي آءُ لالڻ تون لڙي،

رس رسول الله! تو لئي مان روئان ٿو زار زار،

سڏ ڪريان سُڏڪا ڀري، مُرسل! اوهان کي بار بار.

لااِلہٰ اِلاَ الله مُحمد رسول اللهِ.

مناجات[3]

نبي ﷺ جي بارگاهه ۾

بنامِ ربهم رازق، ثنا خواني ڪُنم خالق،

بود بر فضل خود خالق، محمد يا رسول الله!

 

سونهان سرتاجَ سونهارا، پڄائين ڪاڄ سڀ سارا،

خدا جا پاڪ تون پيارا، محمد يا رسول الله!

 

محمد! ماڙ ڪر منهنجي، سجهي ڪاوڙ نه ٻي ڪنهنجي،

مون کي امداد آ انهنجي، محمد يا رسول الله!

 

آهيان ماندو گهڻو من ۾، توانائي ڏيو تن ۾

سوائِي عمر جي سَن ۾، محمد يا رسول الله!

 

آهيان من ۾ گهڻو ماندو، ڏياريو ڏَنهن شفا ڇاندو،

اُتي در عرض مان آندو، محمد يا رسول الله!

 

عاصي جو در اُتي آيو، ڪرين تون سيدا! سعيو

عاصي ڇُٽايو، فضل فرمايو، محمد يا رسول الله!

 

ڪرين آزار کان آجو، توانو تن ٿئي تازو،

پُڄايو دل سندو ڪاڄو، محمد يا رسول الله!

 

تون ئي مهندار محشر جو، پيارو پاڪ پرور جو،

ساقي سالار ڪوثر جو، محمد يا رسول الله!

 

اندر ۾ اهنج اُجهايو، تنهين سڀ قلب ڪنبايو،

صحت جو وپش پهرايو، محمد يا رسول الله!

 

جڏهن آدم نه خلقيو هو، تڏهن تنهنجو تجلو هو،

ڏوهارين کي تسلو هو، محمد يا رسول الله!

 

جئن تنهنجي لڳا تاري، ٿيو ياور ڏيو ياري،

ضعيفن جي سڻو زاري، محمد يا رسول الله!

 

ندوري نفس بدلايو، ڪمايو پيش سو آيو،

سڻو ٻانهي جو ٻاڏايو، محمد يا رسول الله!

 

گذاري عمر مون ساري، گناهن سان ڪيم ياري

ڏيو دلگير دلداري، محمد يا رسول الله!

 

حشر جا هُل هنگاما جي، ڪريو آسان سڀ مان تي،

ڏياريو ڏات ڏانهه ڏاتي، محمد يا رسول الله!

 

ڪريو ڪو غُور غمناڪان، ورايو رزق جون واڳان،

جاڪي ٿو مان جيان جاڳان، محمد يا رسول الله!

 

ٻجهي ٿي قبر جي تنگي، محمد! مِهر مان تنگي،

اُتي ٿيو سيدا! سنگي، محمد يا رسول الله!

 

سڻي سڪرات جي سختي، سيانڊي دل اتي ورتي،

ٻانهي جي ٻانهن تو پرتي، محمد يا رسول الله!

 

جتي نفس نبي ڪَهندا، اڳيون عاجز آگي رهندا،

عطا تو ڏنهه سيئي لهندا، محمد يا رسول الله!

 

اَڙين جو آسرو آهين، سدا لڳ ڪارڻي ڪاهين،

لکين ڏک لحظي ۾ لاهين، محمد يا رسول الله!

 

صالح اولاد ڪر منهنجو، نه ٿئي محتاج ٻئي ڪنهن جو،

هميشه سک ۾ پنهنجو، محمد يا رسول الله!

 

اوهان ڏنهه فضل جو ايندو، نمايان درد کي نيندو،

صحيح بيشڪ ڪرم ٿيندو، محمد يا رسول الله!

 

 

ڏياريو عمر جي برڪت، وڃي زحمت ٿئي رحمت،

خدا لڳ ڪر شفيع شفقت، محمد يا رسول الله!

 

مداحي در سندو ”عالم“، ڪيائين عرض اٿو معلوم،

ٿئي هم حزن کوءن سالم، محمد يا رسول الله!

 

هلاڻي وقت همت ڏي، چوان ڪلمو امانت ڏي،

شهادت ۽ شفاعت ڏي، محمد يا رسول الله!

لااِلہٰ اِلاَ الله مُحمد رسول اللهِ.

مناجات[4]

فضل ڪر يا رب! محمد مصطفى جي واسطي،

سيد الڪونين شاههِ اَنبيا جي واسطي.

 

يا الهٰ العالمين! ڪر عرض منهنجو هي قبول،

”اِستَجِب هٰذا“ دعائي مجتبى جي واسطي.

 

دور ڪر رنج و الم، سختي سڀئي آسان ڪر،

تنهنجي سچي صديق اڪبر با صفا جي واسطي.

 

فضل جي هٿ سان، مون کي مقصود جو ڪو سُود ڏي،

حضرتِ فاروق عادل بي ريا جي واسطي.

 

ٻن جهانن ۾ طفيلِ حضرتِ عثمان غني،

ڪين شرمندو ڪجان، صاحب حيا جي واسطي.

 

بارگاهه اعلى ۾ تنهنجي، منهنجي هيءَ آ اِلتجا،

حل ٿئي مشڪل سندم، مشڪلڪشا جي واسطي.

 

بُلبلِ باغِ مدينه، قرهِ عينِ رسول،

يعني بيبي فاطمه خيرالنساء جي واسطي.

 

ڏي خوشي دل کي منهنجي سرسبز ڪر نخلِ مراد،

تن جگر، خسته حسن، صاحب لوا جي واسطي.

 

هر طرف کان فوج غم جي آئي سيني تي چڙهي،

ڏي پَنه اي رب! شهيدِ ڪربلا جي واسطي.

 

ڪير تو ريءَ، اي خدا! ڏي داد هن دلگير کي،

زود تر فرياد رس زين العبا جي واسطي.

 

سخت حيران آهيان، ڪر رحم جي مون تي نظر،

باقر و جعفر، علي، موسى رضا جي واسطي.

 

موسى ڪاظم ۽ تقي ۽ هم نقي ۽ عسڪري

۽ امام مهدي صاحب سخا جي واسطي.

 

يا الٰهي دور ڪر اندوهه دل جا درد و غم،

غوث اعظم، پير و مرشد، رهنما جي واسطي.

 

ڪر شفاعت هاڻ مون تي اي نبي! بهرِ خدا،

اي خدا! ڏي فيض مون کي، مصطفى جي واسطي

 

آهيان عاصي ٿو ڪنبي هن خوف ۾ سارو بدن،

هٿ کڻڻ آهي شرم، مون کي دعا جي واسطي.

مدح (نبي ﷺ)[5]

اول عشق عربي ڄام جو لِکيو آهي ڌُريان،

آگي احمد ڄام لئي ڪيو جلوو جمالا،

ڪارڻ پيدائش پرينءَ جو هستيءَ ڪيو هڳاءُ،

منجهان آهه عشق جي ٿيا عالم آبادا،

علم عقل سين ٿيو ظاهر ظهورا،

سمي سر جهڪايو لئي مارڻ ملوڪا،

سر جني جا سٽ ۾ پيتي تن پڪا،

سرڪ انهي هيڪڙيءَ گهائي گهوٽ وڌا،

ڪئين ڪڙي ڪيف ڪڪوريا پي موالي مَيا،

ڪئين ڪڙي خماريا پي صوفي سر ٿيا،

سندي ميٺ محبت مَڌِ جي ماريا متارا،

وٽيون ويران وات ۾ صدقو ساهه ڏنا،

”ڪُنتَ ڪَنزا مخفيا“ پڌر پير ڌريا،

آهن انهيءَ رمز ۾ ڪاپڙي ڪڙيا،

ڳالهه نه ڳالهين جهڙي ڪرڻ تو جُڳاءِ،

عقل وڃي اوڄون ٿيو اتي انديشا،

ريت انهيءَ راز جي لکي ڪنهن نه لکيا،

ڪوڙين منجهان ”ڪُن“ ٿئي هُئي حقيقتا،

عقل جُزوي ڪُل جو لهي ڪو نه ڪرا،

حُسن منجهه نبي ڪريم جي ٿيا همه حيرانا،

ڪنهن نه پروڙيو پرينءَ کي موران مخلوقا،

پاڻ ڄاڻي پاڻ ڌڻي ماهيت محمدا،

چئو صلواتون نبي ڪريم تي دائم درودا،

ويندا سي ايمان سان ڪلمو جي پڙهندا.

لااِلہٰ اِلاَ الله مُحمد رسولُ اللهِ.


[1]   يار محمد مهاڻي (ويٺل ڳوٺ کوکر تعلقو ٽنڊو الهيار) جي قلمي نسخي تان ورتل.

[2]   اتر (تعلقي ڪڪڙ) مان احمد خان آصف کان پهتل.

[3]   هن مناجات جون ٻه روايتون اُتر (تعلقي قمبر) مان فتح محمد ۽ تعلقي ڪڪڙ مان) احمد خان آصف کان پهتل آهن، جي ”محمد عالم“ ڏانهن منسوب آهن.

[4]   اتر (تعلقي روهڙي) مان محترم عبدالرزاق کان پهتل، جا مخدوم پير محمد ”عاصي“ ڏانهن منسوب آهي.

[5]   وچولي (تعلقي حيدرآباد) مان محمد صالح سپئي کان پهتل.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org