سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مداحون ۽ مناجاتون

باب: 1

صفحو :18

مناجات[1]

حضرت بادشاهه پير رحه جي بارگاهه ۾

(پير اشرف شاهه ڪامارائيءَ جي چيل)

سچا محبوب سبحاني! مٺا محبوب حقاني!

تو هي تي راز رحماني، تون هي شهه شير يزداني.

مدد يا شاهه جيلاني!

سگهو رس غوث صمداني!

 

بنامِ پاڪ رب پرور، بَحق حضرتِ سرور،

طفيل ساقي ڪوثر، برائي آل پيغمبر.

مدد يا شاهه جيلاني!

سگهو رس غوث صمداني!

 

خدا جا دادلا دلبر!  پيارا! تون سدا پرور،

يگانا، حقَ سان ياور! منهنجو ڪر داد تون داور! .

مدد يا شاهه جيلاني!

سگهو رس غوث صمداني!

 

تنهنجو اعلى نسب اطهر، نبيءَ جو آل تون اظهر،

محمد شاهه جو مظهر، مريدن جاءِ ڏي جوهر.

مدد يا شاهه جيلاني!

سگهو رس غوث صمداني!

 

تنهنجو شهه شان آ اعلى، قدر ڄاڻي تو حق تعالى،

توکي باريءَ ڪيو بالا، سڃاتو رب جل و اعلى.

مدد يا شاهه جيلاني!

سگهو رس غوث صمداني!

 

ولي ڪُل تي قدم تنهنجو، شرف ايڏو نه ٿيو ڪنهن جو،

ٿيو مقبول در انهنجو، مڙئي مقصود ڪر منهنجو.

مدد يا شاهه جيلاني!

سگهو رس غوث صمداني!

 

ولي! تون مُلڪ جو والي، جيڪو ٿئي تو سندو سوالي،

رسي تنهن فيض في الحالي، نه هڏ سو خير کان خالي.

مدد يا شاهه جيلاني!

سگهو رس غوث صمداني!

 

توڻي جن، ڀوت، پري ۽ دءُ،[2] بري، بحري سڀئي تابع،

توڻي ارض و سماء راجع، مَلڪ ماڻهو تو ۾ طامع.

مدد يا شاهه جيلاني!

سگهو رس غوث صمداني!

تون منهنجي ماڙ ڪر ميران! تون هي سرتاج سر پيران،

سگهو ڪر داد دلگيران، مريدن ڏي خوشيون کيران.

مدد يا شاهه جيلاني!

سگهو رس غوث صمداني!

 

اجهو ساريان ڪريان آهون، منجهان دل درد جون دانهون،

ويون ٻيون وير! سڀ واهو، اچي ٻهڳڻ! جهلج ٻانهون.

مدد يا شاهه جيلاني!

سگهو رس غوث صمداني!

 

تنهنجي آڌر تنهنجو اولو، لاهين دل تان ڀَئي ڀولو،

تنهنجي گولن جو آءٌ گولو، لٿو مون تان جهٽو جهولو.

مدد يا شاهه جيلاني!

سگهو رس غوث صمداني!

 

اوهان جي سگ سندو آءٌ سگ، جهليو مون پير! تنهنجو پڳ،

آهيان پازي سندو پڇلڳ، سُنهائي دل کي ديني دڳ.

مدد يا شاهه جيلاني!

سگهو رس غوث صمداني!

 

ڀلا! منهنجو ڀرم رک تون، سدائين شَهه! شرم رک تون،

نظر مون تي نرم رک تون، دڳو منهنجو گرم رک تون.

مدد يا شاهه جيلاني!

سگهو رس غوث صمداني!

 

سڻو مون ضعيف جي زاري، ڏيو دل کي شاهه! دلداري،

اچي ڪر پير! پوئواري، منهنجي پَرتئي سنگت ساري.

مدد يا شاهه جيلاني!

سگهو رس غوث صمداني!

 

رَسي ڪر ويسر! واهر ور، آهيان سائل اوهان جي در،

ڀلا مون پاند ڀيري ڀر، ٿيان خوشنود ۽ خوشتر.

مدد يا شاهه جيلاني!

سگهو رس غوث صمداني!

 

تنهنجو پينار آءٌ پازي، اُڀو اندر ڪريان آزي،

مڱان توکان سرفرازي، جي تون راضي ته رب راضي.

مدد يا شاهه جيلاني!

سگهو رس غوث صمداني!

 

تون دهرا دان ڏي مون کي، شرف لڄ شان ڏي مون کي،

امن ايمان ڏي مون کي، سڀئي سامان ڏي مون کي.

مدد يا شاهه جيلاني!

سگهو رس غوث صمداني!

 

ڏياريو دان مون دُهرا، پنان پُٽ کير جُت جوڙا،

تُرنگ تازي ڀلا گهوڙا، طلب تو شاهه کان توڙا.

مدد يا شاهه جيلاني!

سگهو رس غوث صمداني!

 

ماکيون مصريون مکڻ مربا، ڏيارين دان مون دهرا،

سدائين گنج تنهنجا ڀريا، گذر سهکو ڪرين داتا.

مدد يا شاهه جيلاني!

سگهو رس غوث صمداني!

 

ڪُلي مقصود منهنجا ڪر، مدح مقبول ٿئي تو در،

سڄڻ پرتئي ڀلا بهتر، ڪيراءِ مردود سڀ ڪنڌ ڀر.

مدد يا شاهه جيلاني!

سگهو رس غوث صمداني!

 

ڀُليو بدنام بي دينو، رکي دل ۾ تو ڏنه ڪينو،

سڙيو سوئر سندو سينو، تڙيو سو ننڌ نابينو.

مدد يا شاهه جيلاني!

سگهو رس غوث صمداني!

 

کَهي جو مون مُريد سان خَر، وسيلا! لاهه تِنهن جو وَر،

بُڇو بيشرم جو آهي آر، مٿانهون ڪر تون منهنجو ڪر.

مدد يا شاهه جيلاني!

سگهو رس غوث صمداني!

 

ڏيساندڙ ڏيهه ريس ڏوري، اَجهو ناهي ڪو ٻيو توري،

دسي دشمن وجهو جهوري، ڪپي تنهن کي ڪڍو ڪوري.

مدد يا شاهه جيلاني!

سگهو رس غوث صمداني!

 

ڪرم بيواهه تي ڪرڪو، رحم بي راهه تي ڪر ڪو،

نظر مون ڏاهه تي ڪرڪو، زبر بدخواهه تي ڪرڪو.

مدد يا شاهه جيلاني!

سگهو رس غوث صمداني!

 

ڌڻيءَ لڳ داد ڪر منهنجو سينو دلشاد ڪر منهنجو،

خانو آباد ڪر منهنجو، مدعي ڪُل ماد ڪر منهنجو.

مدد يا شاهه جيلاني!

سگهو رس غوث صمداني!

 

هدايت ڪر مون سان هادي! ڏسان وحدت سندي اودي،

مُيسر ڏي خوشي شادي، وٺي دل غم کان آزادي.

مدد يا شاهه جيلاني!

سگهو رس غوث صمداني!

 

رکين شيطان جي شر کان، اَماري نفس آذر کان،

جهنم جي ڏاڍي ڏر کان، بچائج تاءَ محشر کان.

مدد يا شاهه جيلاني!

سگهو رس غوث صمداني!

 

ڪرامت پڌري ڪج پنهنجي، مون تي سڪرات ٿئي سَهنجي،

سُڄي ٿي جا اپ اَهنجي، پنان سُگهکائي ٿو تنهن جي.

مدد يا شاهه جيلاني!

سگهو رس غوث صمداني!

 

قبر ۾ تون اچج ڪاهي، تنهنجو ڏڍ آسرو آهي،

متان ڇڏين دل ڪنان لاهي، مُنور جاءِ ڏج ٺاهي.

مدد يا شاهه جيلاني!

سگهو رس غوث صمداني!

 

پلوء ورتم اچي انهنجو، مون کي ڪر پير! تون پنهنجو،

مَ ٿاين محتاج آءٌ ڪنهن جو، صراطئون لنگهيان سهنجو.

مدد يا شاهه جيلاني!

سگهو رس غوث صمداني!

 

حسابِ حشر کان حضرت! بچائج پير! تان برڪت،

جنت جا عيش ڏي عشرت، پيارج ڪوثرِ شربت.

مدد يا شاهه جيلاني!

سگهو رس غوث صمداني!

 

”اشرف“ کي امانت سين، ڪري هل حق هدايت سين،

گڏي پنهنجيءَ جماعت سين، لڏاءِ ڪلمي شهادت سين.

مدد يا شاهه جيلاني!

سگهو رس غوث صمداني!

لااِلٰہ اِلاَ الله مُحمد رسولُ اللهِ.

مناجات[3]

(ميان محمد اشرف جي چيل)

”لَو لا الفراقُ لَڪَ الوَصلُ بِلاَ قَدَر،

حُيرِت عَلَي الدَوامِ آثارُه“،

هڏ نه هئو فراق جي ته وصل کان ورچن،

ساءُ اچي مون سِڪ جو مِٺن مشتاقن،

ڏکن ڌاران سُکن جو پَرو ڪيئن پرجهن؟

اُڃ ڌاران آب جو ڪيهو قدر ڪڻن،

قدر تڏهن طعام جو جڏهن بيحد ٿا بُکجن،

ڌاران ڦٽ فراق جي هيجُ نه حَبيِبن،

مون کي سِڪڻ سيکاريو پاسي لڳي پرين،

هڏ نه هو هيڪاند ۾ ههڙو ساءُ سيڻن،

جيئن وڇوڙي جي وصال کان پرو پيڙم تن،

هڪ اندر آٽي عشق ۾، ٻي ننڊ نه آهي نيڻن،

ساءُ چکايم سِڪ جو، وِجهُل واٽڙين،

پَلپل پوي ٿو پور ۾، منهنجو هنيون لاءِ هوتن،

ساريو ڏينهن سُکن جا، ٿا ڦوڙا يا ڦاٽن،

تون جو وڃين پَهِيَڙا وٽان واڍوڙين،

ساريو ڏيج سنيهڙو منهنجن مَٺن محبوبن،

آڻي آب اکين مان چئج ونهين ويڙهيچن:

ته ڇيلو ڇڄي ڇانگ مان ڪنهنجو رهي پئي چرڻ،

ته واهِري ويرَ وٿاڻ ۾ تنهنجي پڻ سار لهن،

پَٽَ نهاريننس پَٽيون ۽ پُڇَن تي په تَڙن،

ته مَڇَڻ گوهر گڏيو ڪنهن جي ساڻ ڦَرڻ،

ته جڏهن پيدا نه ٿئي تان پي منجهان تن،

ته اچيو اُوءِ افسوس ۾ ٿا هَي هَي هٿ هڻن،

ته هيءُ اڄ رهيو هيڪلو جيڪس منجهه جهنگن،

ڪِ ور پِئوَ ڪنهن ويريءَ جي ڪِ مارئو سو مِرُن،

ڦر سندي فراق ۾، ٿا ايڏا اوندهه اچن،

اَڌَر نِنڌر اَڀري آءٌ جيڪس کان په ڦرن،

جن ووءِ ووءِ ويس وسري، تن سٻاجهن سانگين،

ڪَرَ نه لڌي ڪڏهم منهنجي موٽي ماروئڙن،

هينءَ ڳَهرهيو حال کي ٿي رُئان رت وَرن،

جئن آءٌ بندياڻي بند ۾ هوءِ پنهور منجهه پٽن،

هو کليو پين کير ٿا، آءٌ ڪُسان ۾ قيدن،

هو واڳيون سڀ وَرَن سين، آءٌ ڏکي منجهه ڏکن،

ڪرم آنديس ڪوٽ ۾، نه ته هت ڪير اچن،

”جَفَ القَلَمُ بِمَا هُوَ ڪائِن“ ٿا لِکيا انگ پَرنِ.

لِکيا هُيم لوح ۾، نه ته هي ڪي سُور سُنهن،

جهڙو قيد قسمت جو تهڙا ڪين سُڄن،

”قيدُ الماءِ اَشَد مِن قَيدِ الحَدِيدِ“ اِئين ڪتاب لِکن،

گوندر ڏينهن گذاريان ساريون ساٿيئڙن،

ڏاڍا! ڇڏ ڏاڍايون هيڏيُون تان نه ڪَجن،

گهڻو اُڪنڊي آهيان تَنِ عمر اباڻن،

سيئي ساريم سومرا! جي مارو منجهه ٿرن،

سيئي ساريم سومرا! جي پنهور منجهه پکن،

وِجهُل اُن وطن جي مارو مشتاقن،

محل ماڙيون بنگلا ٿا ڪَشِ مون ڪين اچن،

آءٌ نپني آهيان ائين، جيئن پنهور منجهه پٽن،

سي واٽڙيون ڪيئن وساريان؟ تن سٻاجهن سانگين،

گهڙي گهاري نه سگهان، ميان! ۾ محلن،

لوئي ڪيئن لڄائيان کي پهري هِت پٽن،

هينئون منهنجو هُتِ ٿيو، هت بدن منجهه بندن،

ڪيئن ڪريان، ڪاڏي وڃان؟ ٿا پل پل پور پون،

هُت وسريس هُنن کي، هِت جَڙيس زنجيرن،

هَي هَي منهنجي حال کي ووءِ ووءِ هِن ويرن،

ميان! ڪر ڪا مهر تون، سٻاجها! په سَڀن،

ٻاجهيندڙ ٻاجهائيين تون مٿي مريضن،

ٻاجهه، سٻاجها سپرين ميان! ڪر ماندن،

جي ملائين ته ملان، نه ته رهيس منجهه رُڃن،

وير! وسيلو آهين، ٻاجهيندڙ ٻُڏن،

جن وسيلا سڀ ويا تون واهر وسيلو تن،

عاصي هن ”اشرف“ کي ميڙين سان محبن،

جو سڪي ساري سڪ ۾ سدا سانبيئڙن،

مولى! ميڙائو تنهن ڪرين ماندي جا محبن،

حاضر هوءِ حضور ۾، ٿئي پاڙيچيِ پرين،

پسيو درسن دوست جو اکڙيون عيدون ڪَن،

وينداسين ايمان سان جي ڪلمو پاڪ ڪَهن.

لااِلہٰ اِلاَ الله مُحمد رسول اللهِ.

مناجات[4]

بادشاهه پير جيلاني جي بارگاهه ۾

(اميد علي شاهه جي چيل)

بغداد وارا داد ڪر، ويران دل آباد ڪر،

اولاد نر امداد ڪر، يا غوث اعظم اولياء!

 

توکوءن گهران ٿو مان پسر، اهڙي ڪرامت ڪرم ڪر،

بغداد وارا رحم ڪر، يا غوث اعظم اولياء!

 

تنهنجو ڇڏي در ڪٿ وڃان؟ ٻئي در وڃي ڪنهن کي چوان؟

تو ۾ اميدون اٿم اڃان، يا غوث اعظم اولياء!

 

فرزند عينن سان ڏسان، اهو ڏينهن جيئري شل پسان!

اهڙي ڪرامت ڪر مون سان، يا غوث اعظم اولياء!

 

مون کي تڪيو تو پير جو، آهين اَجهو ڪل پير جو،

ڪڍ غم دلئون دلگير جو، يا غوث اعظم اولياء!

 

آءُ پير تون شيرِ خدا! تون سوال سڻ منهنجو سدا،

مون کان نه ٿي يڪدم جدا، يا غوث اعظم اولياء!

 

سوالي نه خالي ٿئي ڪڏهن، بهرو پائي اڪثر جڏهن،

اميد اٿم تو ڏنهن تڏهن، يا غوث اعظم اولياء!

 

ننگ پال پاليندڙ آهين، رب کي گهڻو پسندڙ آهي

زير وزبر ڏسندڙ آهين، يا غوث اعظم اولياء!

 

ٻيا سڀ تڪيم تو ريءَ تڪيو، تنهنجو نه مٽ ٻيو آهه ڪو،

ثاني نه تنهنجو شاهه ڪو، يا غوث اعظم اولياء!

 

رک امن ۾ بد ذات کون، شعلي حشر آفات کون،

ڪج رحم پنهنجي ڏات کون، يا غوث اعظم اولياء!

 

رس وقت تون سڪرات جي، جيڪڏهن پڄين اڌ رات جي،

صدقي تون پنهنجي ذات جي، يا غوث اعظم اولياء!

 

غمناڪ جو غم ڪاٽ تون، موڙهن جي ڪر ڪا واٽ ون،

دشمن کي هڻ ڪا چماٽ تون، يا غوث اعظم اولياء!

 

جيڪو مريدن سان کَهي، سو جان پنهنجيءَ ۾ لهي،

سو خوش سمهِي سک نا ويهي، يا غوث اعظم اولياء!

 

تقدير کي دستگير تون، ڪر غور منهنجو مير! تون،

ڏي درماندن کي ڌير تون، يا غوث اعظم اولياء!

 

ايڏو شرف وارو لقب، واليءَ ڪيو اعلى لقب،

ڪوڙين ڪمايو مان ڪسب، يا غوث اعظم اولياء!

 

 هڪ شوق زيارت جو ججهو، جلدي عنايت ڪا ڪجو،

ڀاڱو هدايت جو ڏجو، يا غوث اعظم اولياء!

 

زيارت ڪيان مان جي هيڪر، لهي سڀ وڃن دل مان خطر،

تنهنجي ڏٺي سڀڪا ڪثر، يا غوث اعظم اولياء!

 

 هادي هدايت جو آهين، والي ولايت جو آهين،

رب جي عنايت جو آهين، يا غوث اعظم اولياء!

 

حضرت گهڻو آهيان ڏکيو، ٻيو ديد تنهنجي جو بکيو،

ڪر جان جيءُ منهنجو سکيو، يا غوث اعظم اولياء!

 

بيهوش کي ڪو هوش ڏي، لڄ پاند پردو پوش ڏي،

منهنجي سوال تي گوش ڏي، يا غوث اعظم اولياء!

 

اهڙو راحم في الحق آهين، رب کي وڻيو بيشڪ آهين،

تون تاج اوليا حق آهين، يا غوث اعظم اولياء!

 

سڀ عرض منهنجا ڪر قبول، توتي خدا راضي رسول،

رحمت ٿئي ڀاڱو وصول، يا غوث اعظم اولياء!

 

محبوب تون الله جو، فرزند صالح شاهه جو،

سڻ سوال مون بيواهه جو، يا غوث اعظم اولياء!

 

حسنين جو اولاد تون، حامي هدايت داد تون،

ڪل ڪنون فولاد تون، يا غوث اعظم اولياء!

 

’ياسين‘ آن جي شان ۾، سڀ جڳ تو فرمان ۾

ڪر ڪم منهنجا هڪ آن ۾، يا غوث اعظم اولياء!

 

واڃاڻيءَ جو بر ۾ داد ڪِيوَ، موڙهن سندو ارشاد ڪِيوَ،

مدعي کي ماري ماد ڪِيوَ، يا غوث اعظم اولياء!

 

 ’ڪابول‘ ۽ ’قنڌار‘ ۾، ’ڪشمير‘ ڇا ’تاتار‘ ۾،

غوغاء ٿِيو ’بلغار‘ ۾، يا غوث اعظم اولياء!

 

 منجهه ’يمن‘ ’يونان‘ ۾، ڇا ’بلخ‘ ۽ ’ڪرمان‘ ۾،

خادم سندو ’لقمان‘ ۾، يا غوث اعظم اولياء!

 

’دلي‘ ’دکن‘ پوري ’عجم‘، اوڙڪ زمين تنهنجو عَلم،

ڪڍ دل منهنجي مان غم وهم، يا غوث اعظم اولياء!

 

 هرڪو تنهنجي اوصاف ۾، خوش ٿو گهمي انصاف ۾،

بلبل به ڪوهه-قاف ۾، يا غوث اعظم اولياء!

 

رَب جا پيارا داد ڪر، غم لاهه دل کي شاد ڪر،

ڪل قيد کؤن آزاد ڪر، يا غوث اعظم اولياء!

 

اهڙو سخي دستگير تون، نِت روز پيارين کير تون،

ڪل پير کوءن اڪسي تون، يا غوث اعظم اولياء!

 

تون اولياء الله جو، اولاد تو حسن شاهه جو،

آءُ سڱ تنهنجي درگاهه جو، يا غوث اعظم اولياء!

 

 آهيان ٽوٽي، بد، آرسي، گهرجي تنهنجي هڪ وهر ٿي،

عربي نه ڄاڻان پارسي، يا غوث اعظم اولياء!

 

”ميد علي سيد“ چوي، توکي ٻاجهه ٻاجهارا پوي،

هردم اچو راضي رهي، يا غوث اعظم اولياء!

 

آءُ! شير بغدادي هلي، تو کوءن سوا ناهي ڳلي،

سوالي تنهنجو ”اُميد علي“، يا غوث اعظم اولياء!


[1]   وچولي (تعلقي هالا) مان محمد اعظم آخوند سانوڻي کان پهتل.

[2]   دءُ  = ديو

[3]   مجموعہ مدحيات (بمبئي ڇاپو) تان ورتل.

[4]   اتر (تعلقي وارهه) مان غلام قادر کان پهتل. جا اميد علي شاهه ڏانهن منسوب آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org