سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مداحون ۽ مناجاتون

باب: 1

صفحو :3

مدح (نبي ﷺ)[1]

(صدرالدين چارڻ جي چيل)

[صدرالدين پٽ مهرل فقير چارڻ، ڳوٺ فتح پور جو رهاڪو هو. اهو ڳوٺ دادو ضلعي ۾ ڦلجي اسٽيشن کان چئن ميلن جي مفاصلي تي آهي. صدرالدين شاعريءَ ۽ سگهڙ پائيءَ ۾ سهراب چارڻ جو شاگرد هو، جو ميرن جي دور ۾ ٿي گذريو آهي. صدرالدين خود سندس استاد جي وقت ۾ ئي شاعريءَ ۾ نالو ڪڍيو. جانو چارڻ، صدرالدين جو همعصر هو ۽ سگهڙ شاعر هو. هڪ دفعي سهراب جي آڏو ٻنهي ”شاهه صدر“ جي مدح چئي، جنهن ۾ هڪ مصرع جانوءَ ته ٻي مصرع صدرالدين في البديه چَئيِ، سڄي مدح پوري ڪئي. ان جي شروعات هن طرح هئي ته:

جانو:           ” يا شاهه، صدر گاهه، ڪيم آهه نبيءَ جي“.

صدرالدين:     ”هن ڏاهه، ڏسيو راهه، تو نگاهه نبيءَ جي“.

صدرالدين جو شعر ڀانئجي ٿو، ته گهڻو هو، پر ضايع ٿي ويو.

صدرالدين جي اولاد مان سندس پڙ پوٽو مهرل فقير چارڻ (پٽ اميد علي پٽ مهرل پٽ صدرالدين) ڪڪڙ تعلقي ۾، ڪڪڙ ۽ کيڙي جي وچ تي، ڳوٺ نهال خان چارڻ ۾ رهندڙ، سنه 1954ع ۾ جيئرو هو ۽ ان وقت پيرسن ۽ نابين هو.

هن مدح ۾ صدرالدين پنهنجو نالو 25- بند ۾ ڄاڻايو آهي ته: ”سوز مان ڪيو صدرالدين، جي آهون احمد ڄام کي“. بند 16- ۾ نهايت خوش اسلوبيءَ سان پنهنجي متعلق چيو اٿس: ”آمري انعام جي، چارڻ چوري چنگ چاهه مان“. هن مدح جي لفظن ۽ اصطلاحن مان ظاهر آهي، ته صدرالدين هڪ علم وارو شخص هو. هن مدح جون ڪي مصرعون وزن تي پوريون نه آهن، پر مجموعي طور سان هيءَ مدح انهيءَ اوائلي سنڌي شعر مان آهي، جو بحر وزن جي قالب ۾ سموهجي ۽ سمائجي رهيو هو.

سَهسين ڀَتين ساراهجي سَرنئو سدا سبحان کي،

هردم هزارين حمد جي هرگه ڪجن حَنان[2] کي،

پَڙن ڪيم پدم ۾ سي آگي جي هڪ احسان کي،

”ما عبدنا“ مَلڪن چيو منجهه معذرت منان کي،

”ماسوا“ ڪنهن کان مُنهن مَٽي ڪيم وينتيون وحدان کي،

سب جنهن سردار جي جوڙيو آ رب جهان کي

سو وسيلو مان وٺي روئي چيو رحمان کي،

”ريءَ دير ڪر درگاهه مان مقصد سگهو محتاج جو،

رک يا رسول الله! تون بانهي مٿي هٿ ٻاجهه جو“.

 

سر رکي سجدي، چيم سُڏڪي ”سچا صاحب ستار

اغفرِلِي يا رَبَنا! اي رب غني، غالب، غفارا!“

لاتَقَنَطُوا[3] جي لفظ ڪيا، عاصي سڀئي اُميدوار،

تئن ڪيرتيون ڪيم قلب سن، جئن آهه بازي آشڪار،

ٿي لِيلهايم نِصفُ لَيل، پئي فغان ڪيم في النهار،

اُسڙڪي اُڀ ڏي ڏسي، آهون ڪيم عددئون اَپار،

مانَ ڪا محتاج جي، آگو اَگهائي اوڇنگار!

”ريءَ دير ڪر درگاهه مان مقصد سگهو محتاج جو،

رک يا رسول الله! تون ٻانهي مٿي هٿ ٻاجهه جو“.

 

”بَرداً سلاماً“[4] باهه مان ٿيو خُلد، تي خاصي ”خليل“

اُنهيءَ در، اميد مان ڪيون عاجزيون آهون عليل،

رڱي تنهن رخسار ڪيا، رت سان روئي راسخ رڱيل،

”اَبرهي“ جي اُڙد جان، ڪيا ساهه تي سورن سبيل،

عربن مثل ڪيم عاجزيون، جيءَ جان سان جانان جليل:

عسڪر اچي ڪو عفو جو، جئن ترت طَيرا اَبابِيل،

عصيان ڪل ڪالعدم ٿين، جئن ٿيا فَنا ”اصحاب فيل“،

”ريءَ دير ڪر درگاهه مان مقصد سگهو محتاج جو،

رک يا رسول الله! تون ٻانهي مٿي هٿ ٻاجهه جو“.

 

ڪن اِستخارا[5] آسرو، اوسهه مٿي ڪن اعتماد،

لُنگَ ٻَڌي ليلهاڻ جو، آهي ڪيو مون اعتياد،

”فادعوني“ فرمان ٿيو، آيته اتي ڪيم اعتقاد،

ڪئن خلاف خدا ڪندو؟ مالڪ ڌڻي پنهنجو ميعاد،

”يغفر الذنوب جميعاً“ واضح ٿيو والِيءَ جو وَعاد،

آيت انهيءَ جي آسري، اُميد جو ٿيو انعقاد،

آخر ڪندو عاصين اُتي، آگو عفو جو اجتهاد:

”ريءَ دير ڪر درگاهه مان مقصد سگهو محتاج جو،

رک يا رسول الله! تون ٻانهي مٿي هٿ ٻاجهه جو“.

 

”اَما السَائِل“[6] ايڇيو ظاهر ڪيو جنهن ذوالجلال،

تهدلين تنهن در ڪيم، صُبحين سَنجهين سهسين سوال، 

واڪار ڪري وِڪنِي نڙي، مس ٿي مٿانهين مون مقال،

دل سڙي دونهن سبب، ڪيا نير نيڻن مان نيڳال،

مَن قبولت ۾ ڪري، قادر سندم ڪا قيل قال!

عدل جنهن عادل سندو، بخشش جنهين جي بيمثال،

سائل جي سختيءَ ۾ ڪندو، صاحب سگهو سولِي سنڀال،

”ريءَ دير ڪر درگاهه مان مقصد سگهو محتاج جو،

رک يا رسول الله! تون ٻانهي مٿي هٿ ٻاجهه جو“.

 

سُڏڪين ڇنم سينو جگر، هڏڪين هِنيون ڪِيڙم حَزين،[7]

تنهنجو تڪيو، تنهنجي تڳا، توتي توڪل ڪيم تَعين!

تون ڏَس، چوان توريءَ ڪنهين؟ انصاف ڪر آهين امين،

راحم تون رَب العالمين، هيڻن حمايت جو حصين،

ٻانهون ٻڌي ٻاڏائيان، آکان ”اِياڪَ نَستَعيِن“،

هٿ کنيو هر هر پنان، ق ادر! سندءِ قبت قرين:

”هادي، هدايت جا ڌڻي!حاصل ڪرين حق اليقين“

”ريءَ دير ڪر درگاهه مان مقصد سگهو محتاج جو،

رک يا رسول الله! تون ٻانهي مٿي هٿ ٻاجهه جو“.

 

ڪيئن ڪيان ڪاڏي وڃان ڪنهن کان پڇان ڏيرن جو ڏَس؟

”تَحَيَرتِ العُقول[8] فِي ذاتِه“ اهڙو فڪر آهي عبث،

وصفون ڏسي وهسي هنيون، جيءُ کي رسي ٿو جود جس،

ويري وجهي وسواس ٿو، ناقص عقل، ناهل، نجس،

”تَعُذ“ سندي تلوار جو تِر جو نه ٿيو تنهن کي ترس،

واهر وري، ويري ويو، دشمن نه دسيو دئوس دس،

آلاپ ذاتي اسم جي جهونگار جيءَ ۾ جئن جَرَسُ:

”ريءَ دير ڪر درگاهه مان مقصد سگهو محتاج جو،

رک يا رسول الله! تون ٻانهي مٿي هٿ ٻاجهه جو“.

صلوات سرور ڄام تي، رب فرض ڪئي فرقان ۾

”صلوا عَليه وَ سَلِمُوا“ قادر چيو قرآن ۾

”يُعطِيڪَ[9] رَبُڪَ فَترضى“ ٿيو شرف جنهن جي شان ۾

ماسوا محبوب جي، ٻيو جُڙيو ڪو نه جهان ۾

حُب جنهين حضرت جي ٿي اصلي رڪن ايمان ۾

سو وسيلو مان وٺي، ٻنڀ جئن رڙان بيبان ۾

ڪئن ڇڏيندو ڪارڻي، وارث وصي ويران ۾؟

”ريءَ دير ڪر درگاهه مان مقصد سگهو محتاج جو،

رک يا رسول الله! تون ٻانهي مٿي هٿ ٻاجهه جو“.

 

تابع سندءِ تارن مثل، تون ماهه مخلوقات جو،

سائين سندءِ جي ماسوا، تون مُهڙ موجودات جو،

اَجي ڪرڻ لَي عاصين ارشاد ٿئي عرصات جو،

قادر ڪيو ڪونين ۾ حاصل ڪندڙ حاجات جو،

ڪر قبولت ”ڪعب“ جيئن ڪو قصيدو ڪمذات جو،

جنهين حال حضور ۾، روئي چيو اڌرات جو،

دان ڏئي دارين جو، پَهراءِ تنهن پرڀات جو،

”ريءَ دير ڪر درگاهه مان مقصد سگهو محتاج جو،

رک يا رسول الله! تون ٻانهي مٿي هٿ ٻاجهه جو“.

 

در ڏسي درگاهه جو، دانهون ڪيم دلدار کي،

پڪاريون پرڀات ڪيم ثقلين جي سردار کي،

وهاڻيءَ واڪا ڪيم ياور يتيمن يار کي،

پلئو پايو ٿو پنان درسن سندس ديدار کي،

خوش ڪيو جي خواب ۾ ٻانهيءَ جي ٻيهر ٻار کي،

پنهنجو حليو حاصل ڪريو هن بيڪمي بدڪار کي،

تان ڪنڌ رکي قدمن اُتي پازي چمي بيزار کي،

”ريءَ دير ڪر درگاهه مان مقصد سگهو محتاج جو،

رک يا رسول الله[10]! تون ٻانهي مٿي هٿ ٻاجهه جو“.

 

هٿ کڻي هڪلون ڪيم مرسل محمد مير کي،

اُٺ مثل[11] آهون ڪيم پيغمبرن جي پِير کي،

بيوسي بيحد ڪيم واڪا وسيلي وير کي،

حال هرڻيءَ جيئن همه تفسير ڪيم تقرير کي،

من قبولت ۾ ڪري طامع سندي تحرير کي،

قبر محشر موت ۾، ڏئي دلاسو دلگير کي،

پڄندي آهر پانهنجي ڏئي دان دامنگير کي،

”ريءَ دير ڪر درگاهه مان مقصد سگهو محتاج جو،

رک يا رسول الله! تون ٻانهي مٿي هٿ ٻاجهه جو“.

 

آهيان ”احمد ڄام“ جو ڪُرسي به ڪُرسيءَ[12] قنبري،

حلقه بگوش حضور جو آهيان اصل کان عنبري،

در انهيءَ درگاهه جي سهسين سوالي سنجري،

لاهي لاڳاپا پانهنجا پيغام ٿيس پيغمبري،

اوٿان مهل آهون ڪيم جيئن ڍور لوڏي ڊنبري،

”والمُستغفرين بالاسحار“ ج آهي تخت اسڪندري،

پاڄي طرف پنهنجي پني بهرِ خدا تون بنگري،

”ريءَ[13] دير ڪر درگاهه مان مقصد سگهو محتاج جو،

رک يا رسول الله! تون ٻانهي مٿي هٿ ٻاجهه جو“.

 

روح مان روئي ڪيم رِيهون رسول الله کي،

حال محرم هاشمي حضرت حبيب الله کي،

صحيح سُهڻي روءِ ڏٺو جنهن اکين سان الله کي،

آڱر اشاري سان اڀن مان تنهن مير آندو ماهه کي،

دانهون ڪيم دامن وٺي تنهن شير شاهنشاهه کي،

جاءِ جنهن جي جتيءَ وٽ، ڏورئون مَ ڇڏ تنهن ڏاهه کي،

”ريءَ دير ڪر درگاهه مان مقصد سگهو محتاج جو،

رک يا رسول الله! تون ٻانهي مٿي هٿ ٻاجهه جو“.

 

ٿِڙڪِيو[14] ٿَڪي ٿِڙ ٿاٻجي، تَنهن ٿَڙ ڪندي ٿهراءِ تون،

ڊٻ جئن ڍلائن ڍير ڪيا، سا ڊِنوَ اچي ڊهراءِ تون،

اَجابت جي ايٽ کي ڪونرُروءَ مثل ڪهراءِ تون،

خُسران خَسري مان اچي لعلڻَ سڀئي لهراءِ تون،

قَرنين جي ڪاسي جيهو، ٺُولهيءَ منجهان ٺهراءِ تون،

قلب روشن قمر کان، ظلمات ۾ زهراءِ تون،

دربدر دانهين مَ ڇڏ پنهنجي دَرئون پَهراءِ تون:

”ريءَ دير ڪر درگاهه مان مقصد سگهو محتاج جو،

رک يا رسول الله! تون ٻانهي مٿي هٿ ٻاجهه جو“.

 

 

واهون ڏسي بيواهه ٿيس، توريءَ نه واهر واهه ور،

ٻانهيءَ ٻهاريدار تي، قربدار! پنهنجو قرب ڪر،

ڇڻڪار مر ڇوري ڪري، درگاهه والا! دوست در،

هي در ڇڏي درگاهه جو گولِي وڃي ٻيو ڪنهن جي گهر،

مر ڏاج ڏيڍيءَ تان وٺي، ٿورا کڻِي،[15] ٿورياڻِي ٿر،

اوجهَڙ مَ اونداهيءَ ڇڏيو، پيغام نِيو پنهنجي پَٿر،

گولي وٺي ڪنڊ گلم جي، سئل سلي ڏس سر بسر:

”ريءَ دير ڪر درگاهه مان مقصد سگهو محتاج جو،

رک يا رسول الله! تون ٻانهي مٿي هٿ ٻاجهه جو“.

 

ٿو آسري انعام جي، ”چارڻ“ چوري چنگ چاهه مان،

سُڏڪيون ڀري سوسُور جون، سائل سحر گه ساهه مان،

راڳ بدران روئڻ جو آلاپ ڪيائين آهه مان،

مجرا ڀريو منگتو مڱي ٿو دان ٿو درگاهه مان،

تنهن لنگهي لاڳ ”لَبِيدَ“[16] جان ڏي خزاني دلخواهه مان.

 

پهراءِ پازي پانهنجو تُون رنبي ڄام نگاهه مان،

پَڻِي پياري پُر ڪيو ڪي دين جي درياهه مان:

”ريءَ دير ڪر درگاهه مان مقصد سگهو محتاج جو،

رک يا رسول الله! تون ٻانهي مٿي هٿ ٻاجهه جو“.

 

جلوو چشم جهان جو پنجني جي پيرن جي پَڻِي،

پنجني تنن پاڪن سندي آ وينتي واحد وڻي.

هڪ هڪ سندي هادي ڪئي سارهه صفت گهُر مان گهَڻي،

برسات بادل مينهن جي ان وقت هئي ڪا ڪا ڪڻي،

مُنقَش[17] رِدا محبوب جي ڪهڙي ڀلارن تي بڻِي،

خاصو شرفُ ”لي خمسَته“ ايڏو عُلُوَ ايڏي اَڻي

لوئيءَ جي لَڄ لوئيءَ مثل رک لعل لوئيءَ جا ڌڻي:

”ريءَ دير ڪر درگاهه مان مقصد سگهو محتاج جو،

رک يا رسول الله! تون ٻانهي مٿي هٿ ٻاجهه جو“.

 

اک ڪيئن ڇنڀي عاشق اُهو جنهن ديد ۾ دلدار آهه،

حاضر سڄڻ هنج ۾ جنهين سو خوش گهڻو خنڪار[18] آهه،

ڏنگ مان نه تنهن ڏکندو رسيو جنهن غار ۾ غمخوار آهه،

مرسل کان پوءِ مسند اُتي، سڀني سندو سردار آهه،

مصلي مماتي مشترڪ، حضرت سندو همجوار آهه،

”مِنها خلقنا ڪم“ منجهان ڪيڏو قرب قربدار آهه،

تنهن آسرو اڪبر سندو بدڪار کي بسيار آهه:

”ريءَ دير ڪر درگاهه مان مقصد سگهو محتاج جو،

رک يا رسول الله! تون ٻانهي مٿي هٿ ٻاجهه جو“.

 

ثاني سجاد و صاف دل خُلفا خليفن ۾ هو خاص،

هر گه حرب[19] حضرت اڳيان رڻ ۾ عدون تي مُڪاس،

مولى نه موٽايو ڪڏهن عادل عمر جو التماس،

وائي موافق وحي جي قربدار قابل جو قياس،

باني بِنا اسلام لئي عادل عدالت جو آساس،

آهو اَسَدُ گڏ پيا گهمن حاذق ڪڍي هيبت، هراس،

تهدليون تنهن در اچي عاصيءَ ڪيو مون ”الغياث!“[20]

”ريءَ دير ڪر درگاهه مان مقصد سگهو محتاج جو،

رک يا رسول الله! تون ٻانهي مٿي هٿ ٻاجهه جو“.

 

دفتر سندي درگاهه ۾ دانَهه ڪيو دل سين ڌيان،

ظاهر ٿيو ”ذُالنُورَين“ جو شافع ڌرئون شائق جو شان،

ڀُل ڀيڙ ۾ بدڪار کي آهي اَجهو ”اِبنِ عفان“:

”ريءَ دير ڪر درگاهه مان مقصد سگهو محتاج جو،

رک يا رسول الله! تون ٻانهي مٿي هٿ ٻاجهه جو“.

حيدر نه هرگز حرب ڪنهن سالڪ اُڀو سورهه سَنگِي،[21]

خندق سڄي خيبر سندي درطاق سان دوُلهه دنگي،

برق مانند بدر ۾ جلوه سندس جابر جنگي،

اڳ ۾ هڻي ڪل عرب جي نيزا کنيو نعرا ننگي،

قالِع بَنيو لئي ڪفر جي، ٿيا زيرپا ظالم زنگي،

”لافتى الاعلي“ آهي رقم آگي اَنگي،

حب جنهين حيدر سندي توڙئون نه تنهن تابش تنگي:

”ريءَ دير ڪر درگاهه مان مقصد سگهو محتاج جو،

رک يا رسول الله! تون ٻانهي مٿي هٿ ٻاجهه جو“.

 

جزوي شرف جناب جي فائق ٿي حاصل ”فاطمه“،

مڙني مٿانهون مرتبو خيرالنساءَ ٿي خاتمه،

تحقق[22] طهارت ۾ جنهين نازل ٿي آيت، ناطقه،

صائم دهر سرداري ڌي، شيطان جي حق شاتِمه،

فائق فقر فاقه سندي، ڪِردار ڪامل ڪاتمه،

نافِره ڪل نَهيء کان هئي منجهه اوامر عاتقه،

”لِي خَمسَته اُطفِي بِها حَرالوباء الحاطمه“:

”ريءَ دير ڪر درگاهه مان مقصد سگهو محتاج جو،

رک يا رسول الله! تون ٻانهي مٿي هٿ ٻاجهه جو“.

 

حسن حضرت ”حَسن“ جو هر جاءِ حيرت هوبهو،

مُرسل مُهانڊي مير هو مُشفق[23] مُشابِهه مُوبمُو،

خِلعَت خلافت جي ڇڏي، خِلوَت ڪيائين خاص خُو،

سارهه صبر سيد سندي هر ڪو ڪري پيو سُوبسُو،

تهدليون تنهن کي تنواريم جَرسَ مانند جُوبَجُو،

مير مون کي جي ملي، جنهن لئي ڪوڪاريان ڪُوبَڪُو،

تاحال حضرت کي حسن روئي چوان هوند روبرو:

”ريءَ دير ڪر درگاهه مان مقصد سگهو محتاج جو،

رک يا رسول الله! تون ٻانهي مٿي هٿ ٻاجهه جو“.

 

هو حُسينڻ نور نرمل جو نَواسو نامور،

سو صداقت[24] جي صدف قادر ڪيو گَنجِ گُهر،

پينگهي لوڏيندڙ پاڪ جو ”روح الامين“ هو راهبر،

منهن تي جنهن جي مُنهن مَليو مرسل ٿيو ٿي مُفتخَرَ،

خاتم هئو ”في خمسته جئن ختم الرسل خير البشر،

آڌار اڙين جو اجهو ڇٽ ڇانو ڇورن جو ڇپر،

تهدليون تنهن دروئون دانهون ڪري ٿيس دادگر؛

”ريءَ دير ڪر درگاهه مان مقصد سگهو محتاج جو،

رک يا رسول الله! تون ٻانهي مٿي هٿ ٻاجهه جو“.

 

سوز مان ڪيون ”صدرالدين“ آهون هي احمد ڄام کي،

ختم الرسل، خير البشر اولو العزم[25] امام کي،

مُصلي مُصلين سندي عِلم اللدن عَلام کي،

وسيلي بي وارثن نافع نبي نَظام کي،

پروس مَ ڇڏ پرڏيهه ۾، سردار! پنهنجي سام کي،

ٻانهن ٻانهي جي وٺي پهراءِ نيئي پينام کي،

لٽ پڄاڻا لَحد جي لاڙي اچيج لغام کي:

”ريءَ دير ڪر درگاهه مان مقصد سگهو محتاج جو،

رک يا رسول الله! تون ٻانهي مٿي هٿ ٻاجهه جو“.

 

سارهه سندءِ صاحب ڪري، رازق، ڌڻي، راحم ربي،

سربسر سردار سروَر! ننگ توتي يا نبي!

هيڻن حمايت هاشمي! ياور يتيم، يثربي![26]

در تي سندو دانهون ڪريان، محتاج، مُضطر، مُذنبي،

ڪوجهو ڪميڻيءَ ذات جو تون ڏس آهيان تنهنجو تبي،

ضامن ضعيفن زُود مؤن آهين اجهو تون، عاربي،

”خُذبِيَدِي لِشفاعَته يَومَ لا يَنفَعُ اَبِي“.

قلب سان ڪلمو پڙهان مُيسر ٿئي ڪل مطلبي:

”ريءَ دير ڪر درگاهه مان مقصد سگهو محتاج جو،

رک يا رسول الله! تون ٻانهي مٿي هٿ ٻاجهه جو“.

مدح (بادشاهه پير رحه)[27]

(ثابت علي شاهه جي چيل)

[سيد ثابت علي شاهه، اصل ملتن جو رهاڪو هو. سنه 1153هه / 1740ع ۾ ڄائو. جوانيءَ جي زماني ۾ اچي سيوهڻ کي وسايائين. جتي 72 ورهين جي ڄمار ۾ تاريخ 27-جمادي الثاني 1225هه /1810ع ۾ وفات ڪيائين. شاهه صاحب. فارسي توڙي سنڌيءَ جو وڏو شاعر هو. قصيدا. مناقب، مداحون ۽ غزل چيا اٿس، پر هو مشهور پنهنجن مرثين جي ڪري ٿيو. بادشاهه پير جي شان ۾ سندس چيل هيءَ مدح، سندس شاعراڻي ليااقت ۽ عقيدت تي شاهد آهي.]

سڻ عرض منهنجو سيدا!  نامِ خدا و مصطفى!

بَهرِ عليُ المُرتضى، يا پير پيران بادشاهه!

 

تون پير پيران جهان، تون قطب اَقطقابِ زمان،

سڀ ملڪ تنهنجا مدح خوان، يا پير پيران بادشاهه!

 

تون غوث صمداني سچو، محبوب حقاني سچو،

۽ سر سبحاني سچو، يا پير پيران بادشاهه!

 

پِيرن سندءِ پيري مڃي، مَلڪن سندءِ ميري مڃي،

با حڪم تقدير مڃي، يا پير پيران بادشاهه!

جي ”شيخ“ ڪوٺن حنبلي، سي حنبلِين گڏ ويا جَلي،

تون آهين اولادِ علي، يا پير پيران بادشاهه!

 

سادات عالي مرتبت، سادات جي وصف و صفت،

هئن چئجي مدح و منقبت، يا پير پيران بادشاهه!

 

تنهنجي مريدن پڻ مدام، تنهنجي صفت ڪئي خاص و عام،

صِدئون پڙهن سڀ صبح شام، يا پير پيران بادشاهه!

 

آءٌ پڻ گدائي مرتضى، زَوار شاههِ ڪربلا،

سڻ جا چوان تنهنجي ثنا، يا پير پيران بادشاهه!

 

”ثابت علي“ چئي يا علي!، ان سان علي ڪئي سڀ ڀلي

دشمن سندس ويا سڀ جلي، يا پير پيران بادشاهه!

مدح (سيد عبدالقادر محي الدين رحه)[28]

(ملا صاحبڏني جي چيل)

[ملا صاحبڏنو، شڪارپور جو رهاڪو هو. عربيءَ ۽ فارسيءَ جو عالم هو، ۽ هڪ درويش هو. خواجه فقير الله علوي جو معتقد هو. پاڻ پڙهائي ڪري گذارو ڪندو هو، وقت جي حاڪمن وٽ عزت هئس. ”صاحبِ ديوان“ شاعر هو، مگر سندس ديوان اڄڪلهه اڻلڀ آهي. پڇاڙيءَ عمر ۾ ”قاضين جي مسجد“ ۾ پيش امام هو. سن 1250هجري/1834ع ۾ وفات ڪيائين.]

بنامِ خدا عرض سُڻ سيدا!

ڪريون ماڙَ مسڪين جي مقتدا!

تون سرتاج سردار صاحب سَدا،

سڀو جڳ سلامي سندءِ سرورا!

پهچ پير درماند گان دستگير!

مريدن مدد ڪر مَحي الدين مير!

تون ڪامل قُطب ڪارڻي پاڪ پير،

تون نائب نبيءَ جو، تون ورنَهه وزير،

تون والي ولايت سندو مُلڪ مير،

تون سلطان سر اولياءَ وهه امير،

پهچ پير درماند گان دستگير!

مريدن مدد ڪر مَحي الدين مير!

تون بي چُونَ بَحر علم اسرار جو،

قَوي ذُوالڪَرَم عَينُ اَنوارَ جو،

تنهين غم نڪو ڏر، وسو وار جو،

جنهين کي اَجهو ڏڍ ڏاتار جو

پهچ پير درماند گان دستگير!

مريدن مدد ڪر مَحي الدين مير!

 

تون محبوب سِرُ پاڪ سبحان جو،

اوهان تي سدا راز رحمان جو

نظر ڪر نِڌُر تي ڪو احسان جو

عطا ڪر عِلم دين عِرفان جو

پهچ پير درماند گن دستگير!

مريدن مدد ڪر مَحي الدين مير!

 

شرعيت، طريقت، مٿي مستقيم

حقيقت ٿيو خُلق آن جو قديم،

تون مَسنَدَ نَشيِن معرفت ۾ مقيم

ڪيو دير قائم تو ثابت سليم،

پهچ پير درماند گن دستگير!

مريدن مدد ڪر مَحي الدين مير!

 

تون مرشد مُڪَمل وسيلو ولهن،

اڙين جو اجهو آسرو بيڪسن،

اهي خوف خطرو ڪَهڙو غم ڪرن

آهي پير مرشد ”جيلاني“ جِنهَنِ،

پهچ پير درماند گن دستگير!

مريدن مدد ڪر مَحي الدين مير!

 

تو سان فَضلَ فَتاحَ، قادر ڪيا،

ڏِنَئِي ڏاتر ڪُنجُون ڪيميا،

رعايت رباني رسِي ريميا

عطا علم لُدنِي سندو سيميا،

پهچ پير درماند گن دستگير!

مريدن مدد ڪر مَحي الدين مير!

 

تون مرشد مربي اهڙو اولياءُ،

مُوا تو جياريا جڏا جاڳندا،

انڌن کي اکيون ٿيون، سُڪا سبز ٿيا،

بکيا بينوا ڪيا اوهان اغنيا،

پهچ پير درماند گن دستگير!

مريدن مدد ڪر مَحي الدين مير!

 

مدد شاهه ميران جيلاني جني،

دنيا دين مَقصد ترت ٿيا تني

ڪَرَنِ خادمن سان جي دُز دشمني،

مُٺا مُدعي مُئا سي پاپي پِني،

پهچ پير درماند گن دستگير!

مريدن مدد ڪر مَحي الدين مير!

 

 

ڪيو علم ارشاد عِلمُ اليَقيِن

اسان راستِي راهه ۾ اَليَقين،

به ڪامل قُرب تون آگَههَ آمين،

هادي ڪر هدايت بحَقُ اليَقِين،

پهچ پير درماند گن دستگير!

مريدن مدد ڪر مَحي الدين مير!

 

سخير پير صاحب! تون دُلَهه درياهه،

ڀلو ڀرجهلو تون سخر شهنشاهه!

اوهان در اچي پيش پيِسُ ڏڏ ڏاهه

الله لڳ هيڻن جون مديون ڪر مُباح،

پهچ پير درماند گن دستگير!

مريدن مدد ڪر مَحي الدين مير!

 

توڻي لوڪ لائق هجي علم قدر،

ٿئي سونُ پارس لڳي لوهه، گر،

ناقابل تو قابل ڪيا يڪ نشر،

ڀلا پير! مان تي به تون ڪرم ڪر،

پهچ پير درماند گن دستگير!

مريدن مدد ڪر مَحي الدين مير!

 

تو ’ناسو‘ ’ملڪوت‘ ۾ جو مُهڙ،

سندو جاءِ ’جبروت‘ خوش خوبتر،

تون ’لاهوت‘ ۾ نور حق نامور،

مٿي ’ لامڪان‘ سير تنهنجو سَڌر،

پهچ پير درماند گن دستگير!

مريدن مدد ڪر مَحي الدين مير!

 

اوهان در عرض ڪيم ايمان جو

ڪيو ڪَشفُ اَسرار عِرفان جو،

پهرايوم پاپوش ڪو شان جو

سدا آن سُهاڳي تو سبحان جو،

پهچ پير درماند گان دستگير!

مريدن مدد ڪر مَحي الدين مير!

 

هادي يپر حضرت حَقاني هلي،

ڪريو مشڪل آسان ڪامل ! ڪُلي،

ڇپر ڇانوَ ڇورن تون وارث وَلِي

ڏڏن کي ڏيو ڏات ڀاڄي ڀلي،

پهچ پير درماند گان دستگير!

مريدن مدد ڪر مَحي الدين مير!

 

سوڙهي ويلهه سختيون دانهن دستگير!

ٻڌي ٻاجهه ڪر منجهه پلڪ پاڪ پير!

مريدن کي ماندو مَ ڇڏ مُلڪ مير!

لنگهائي لطف سان لهر، سخت سير

پهچ پير درماند گان دستگير!

مريدن مدد ڪر مَحي الدين مير!

 

 

زمانو ظاهر زير فرمان تو

ٻهارن اڱڻ قُطبَ ايوان تو،

دنيا، آخرت هر دو قربان تو

مجاور مَلڪَ، ديوَ دربان تو،

پهچ پير درماند گان دستگير!

مريدن مدد ڪر مَحي الدين مير!

 

آهين عوث اعظم غريب النَواز،

تون مُشفِق مُنور قطب ڪارساز،

تون بيشڪ بُلند بادشاهه بي نياز،

تون منجهه دين دنيا سدا سرفراز،

پهچ پير درماند گان دستگير!

مريدن مدد ڪر مَحي الدين مير!

 

سوين لک سوالي ٿا توهئون پِنن،

اوهان جا نه ٻئي در ڪي ٻانهان وڃن،

اچي واٽ دامن ڀلي جي وٺن،

مڙيئي سائين جا گولا غم نه ڪن،

پهچ پير درماند گان دستگير!

مريدن مدد ڪر مَحي الدين مير!

 

هَوا ۽ هَوَسَ ۾ عمر ٿي ويم،

اتي نفس ڪافر بديون ڏوهه ڏسيم،

جي ڪرڻا نه ڪم هوم سڀئي سي ڪيم،

هاڻي آسرو در اوهان جي اٿم

پهچ پير درماند گان دستگير!

مريدن مدد ڪر مَحي الدين مير!

 

زمانو زبون وقت تيرهن سِني،

ظاهر دوستي ڪن بعد دشمني

کڻن قسم ڪوڙا کائن حق هڻي،

انهن آدمين کئون رکين تون ڌڻي،

پهچ پير درماند گان دستگير!

مريدن مدد ڪر مَحي الدين مير!

 

ڪنهين کي ڪنهين جو تڪيو واهه ور،

وسيلو نه آهي ڀلا تو بِگر،

آهيان آيو اي پاڪ دُولَهه! تو در،

ڪوئي دانهن جو داد ٿئي سيگهه تر،

پهچ پير درماند گان دستگير!

مريدن مدد ڪر مَحي الدين مير!

 

زِفَوقُ العرش تابه تحت الثرى

اوهان جي حڪم هيٺ هر دوسرا

لهن فيض توڏهن ڪوڙين ڪيترا،

ڪريو ماڙ، تڙ چاڙهه مشفق ترا،

پهچ پير درماند گان دستگير!

مريدن مدد ڪر مَحي الدين مير!

 

 

رکيو سِرُ وَلين تو ڪامل! قدم،

به هر جاءِ جاري هلي ٿو حڪم

تون عارف الاهي قَوي ذوالڪَرَم،

تون رحمت ڌڻي رهنما يا رحم،

پهچ پير درماند گان دستگير!

مريدن مدد ڪر مَحي الدين مير!

 

تنهنجي خادمن سان ڪرن ظلم زور

عداوت اندر ۾ رکن شرڪ شور،

پهرينءَ ضرب ظالم هوندو چٽ چور،

اُجڙ آههَ سان ٿيو لڙهِي ويو لَغور

پهچ پير درماند گان دستگير!

مريدن مدد ڪر مَحي الدين مير!

 

جيڪي محب منهنجا دليون دوست خواهه،

تنهين جِي رکين پير! هر دم پناهه،

سدا سرخروءِ مرهجن سنجهه صباح،

مداحي مٿي مهر ڪر لڳ الله،

پهچ پير درماند گان دستگير!

مريدن مدد ڪر مَحي الدين مير!

 

هي ”صاحبڏنو“ سگ سدا سام تو،

پَرتو پاڪ هِي، غوث ! غلام تو

تَنهِين وِردُ وائي نفع نام تو ،

اٿم ڀروسو روز قيام تو،

پهچ پير درماند گان دستگير!

مريدن مدد ڪر مَحي الدين مير!

 

تون اولاد افضل ”علي مرتضى“،

نسل پاڪ حضرت ”حَسَن مجتبى“،

جگر گوشه فرزند ”خيرالنساءَ“،

گل از باغ نُوري ”نبي مصطفى“،

پهچ پير درماند گان دستگير!

مريدن مدد ڪر مَحي الدين مير!

 

پيدا سڀ اوهان جِي، اوهان انوري،

خلق چون ’محمد‘ همت ’حيدري‘،

’عيسى‘ ۽ ’خضر‘ جان قدم خوشتري،

حُسن ’يوسفي‘ حُڪمُ ’اسڪندري‘،

پهچ پير درماند گان دستگير!

مريدن مدد ڪر مَحي الدين مير!

 

بحرمت نبي خاص خيرالانام،

بحق پنجتن همه دُوازدهه امام،

بحق چار ياران صحابه ڪرام،

ڪريو ساڻ ڪلمي عمر اختتام،

پهچ پير درماند گان دستگير!

مريدن مدد ڪر مَحي الدين مير!


[1]   ”مدح جي متن جو مدار چئن روايتن تي آهي. پهرين روايت کمڻ فقير چارڻ جي، جا ميان دين محمد چارڻ (دادو) کان ملي. ٻي روايت محترم مدد علي شاهه (رٽائرڊ ڪليڪٽر) کان ملي. ٽئين روايت محترم عبدالحي سولنگي (مٺياڻي) کان ۽ چوٿين محترم غلام رسول جتوئيءَ (وارهه) کان ملي.

[2]   حَنان = نهايت ٻاجهارو (خدا تعالى). ما عبدنا  =اشارو حديث شريف ڏانهن: ما عبدناڪ حق عبادتڪ (اسان تنهنجي اهڙي عبادت نه ڪئي جهڙي ڪرڻ گهربي هئي). منان =  گهڻي ۾ گهڻو احسان ڪرڻ وارو (ڌڻي تعالى). ماسوا  =خدا کان سواءِ (غير خدا).

[3]   لا تَقنَطُوا=  اشارو آيت شريف ڏانهن: لا تَقنَطُوا مِن رَحَمته الله اَن الله يغفِرُ الذنُوبَ جميعا (الله جي رحمت کان نا اميد نه ٿيو، ڇاڪاڻ ته خدا تعالى سڀ گناهه معاف ڪرڻ وارو آهي). ڪيرتيون=  عاجزيون، زاريون. آشڪار=  طاهر ظهور. نصف لَيل=  اڌ رات. فغان=  دانهون، في النهار ڏينهن ۾. اُسڙڪي=  انتظار ڪري.

[4]   بَرداً سلاماً=  قرآن شريف جي آيت ڏانهن اشارو: قُلنا يا نارُ ڪُونِي بَردا و سلاما على ابراهيم (اسان حڪم ڪيو ته: اي باهه! تون ابراهيم تي ٿڌي ۽ سلامتيءَ واري ٿيءُ!) خلد=  بهشت. عليل=  بيمار. راسخ=  پڪو، سچي عقيدي وارو. ابري=  حبش جو بادشاهه جنهن هاٿين جي لشڪر ساڻ مڪي شريف تي حملو ڪيو ۽ سچي عقيدي وارو. ابري حبش جو بادشاهه جنهن هاٿين جي لشڪر ساڻ مڪي شريف تي حملو ڪيو ۽ ڪعبو شرف ڊاهڻ ٿي گهريائين. عرب مقابلي کان عاجز ٿي وڃي جبلن ۾ لڪا. خداوند ڪريم پنهنجي قدرت سن درياهي پکين (ابابيلن ) جو لشڪر موڪليو، جو ٽوليون ٽوليون ٿي آيو ۽ پٿريون وسائي ابرهي جو سڄو لشڪر فنا ڪري ڇڏيائون. سبيل=  رستا. جليل = بزرگ. وڏو (ڌڻي تعالى). عسڪر=  لشڪر. طيرا ابابيل=  پکين جون ٽوليون. عصيان=  گناهه. ڪالعدم=  فنا. اصحاب فيل=  هاٿين وارا. ابرهي جي لشڪر ڏانهن اشارو.

[5]   استخارا=  هڪ خاص قسم جي دعا، جا ڪنهن ڳالهه معلوم ڪرڻ لاءِ گهري ويندي آهي. اوسهه=  بيهي عبادت ڪرڻ. اعتياد=  عادت. فادعوني=  آيت شريف: اَدعُونِي اِستَجِب لڪم (مون کي پڪاريو ته مان توهان جي پڪار سڻان) ڏانهن اشارو. ميعاد=  واعدو. يغفر الذنوب جميعا=  آيت شريف: لاتَقنَطُوا مِن رحمته الله اِن الله يَغفر الذُنوب جميعا. انعقاد=  ٻجهڻ، پڪو ٿيڻ. اجتهاد=  ڪوشش. مهرباني.

[6]   اَمَا السائل=  قرآن پاڪ جي آيت: و آمَا السائِل فَلانَنهَر (سائل کي جهڻڪ نه ڏي) ڏانهن اشارو ذوالجلال=  بزرگيءَ جو ڌڻي (خدا تعالى). تهدليون=  دل جي حضور سان. وڪني=  ويهي رهي. قيل قال=  ڳالهه ٻولهه، عرض معروض.

[7]   حزين=  غمگين. ڏکويل. تَعين=  مقرر. رب العالمين=  جڳ جو پالڻهار. ڌڻي تعالى جو نالو. حصين=  مضبوط قلعو. اِياڪ نَستعين=  قرآن شريف جي آيت: اياڪ نعبد و اياڪ نستعين (خاص تنهنجي عبادت ڪريون ٿا ۽ توکان ئي مدد گهرون ٿا) ڏانهن اشارو. ويجهڙائي. حق اليقين=  پڪو يقين.

[8]   تحيرت العقول في ذاته=  سندس ذات کي سمجهڻ ۾ عقل حيران آهن. عبث=  اجايو. بيفائدو. وسواس=  وسوسا. ناهل=  نا اهل. نالائق نجس=  ناپاڪ. پليد (شيطان ڏانهن اشارو). تَعُوذ=  اعوذ بالله من الشيطان الرحيم (آءٌ الله جي نالي سان تڙيل شيطان کان پناهه وٺان ٿو) ڏانهن اشارو. جرس=  گهنڊ.

[9]   يعطيڪ ربڪ فترضى=  قرآن شريف جي آيت: ولسوف يعطيڪ ربڪ فترضى (توکي جلدئي تنهنجو پالڻهار اهڙي شيءِ عطا ڪندو. جو تون راضي ٿيندي.) ماسوا=  کانئس سوا. رڪن=  اهڙو فرض جو ڪنهن شيءِ جو جزو هجي. ٻنڀ=  ٻانڀ. گول بياباني. مم. وصي=  سنڀاليندڙ. وارث.”عرصات=  قيامت جو ميدان. ڪونين=  ٻئي جهان. ڪعب=  رسول پاڪ صلي الله عليه وسلم جو هڪ صحابي، جنهن سندن مدح ۾ هڪ نهايت عمدو قصيدو چيو. انهيءَ قصيدي جي پهرين مصرع آهي ”بانت سعاد و قلبي اليوم مقبول“ روايت آهي ته. پاڻ سڳورن کي اهو قصيدي ڏاڍو ونيو ۽ پنهنجي چادر لاهي شاعر کي پهرايائون. دارين=  ٻئي جهان.

[10]   ثقلين=  جِن ۽ انسان. پازي=  خدمتگار.

[11]   اُٺ مثل=  اشارو آهي رسول ڪريم ﷺ جن جي هڪ معجزي ڏانهن. جنهن ۾ سندس دعا ۽ هٿ گهمائڻ جي برڪت سان هڪ بيمار ۽ زخمي اُٺ چڱو ڀلو ٿي پيو. اهو اُٺ رستي تي پيو هو. پاڻ اتان لنگهيا ته دانهون ڪري ٻاڏائڻ لڳو. حال هرڻي=  هرڻيءَ جي مشهور معجزي ڏانهن اشارو. طامع=  لالچ رکندڙ. اميدوار. تحرير=  لکت. دامنگير=  دامن وٺندڙ. دامن ۾ چنبڙيل.

[12]   ڪرسي به ڪرسي=  نسل به نسل. قنبري=  غلام قنبر. حضرت عليءَ جي غلام جونالو. سنجري=  هڪ مشهور بادشاهه جو نالو. اوٿان مهل=  (اوٿ=  حملو-ڦرلٽ) اڳئين زماني ۾ دستور هو ته دشمن تي حملو پوئين رات ۾ ڪيو ويندو هو. جنهن وقت هو نهايت آرام سان ستو پيو هوندو هو. اوٿان مهل يعني ته اها مهل جنهن وقت حملو ڪيو ويندو آهي. جا آهي پوئين رات. المستغفرين بالاسحار=  اهي جيڪي صبح جو معافي وٺن ٿا.

[13]   رئي=  برابر. صحيح ڏاهه=  ٻانهو- اصل فارسي لفظ ”داه“. وَجَههُ =گذران جو ذريعو. بيواهه=  بي وسيلو.

[14]   ٿڙڪيو=  ڏڪي. ٿهراءِ=  ترساءِ. دلجاءِ، ڏي. ڊِنو (= ڊرنءَ)= ڪرڪ واريءَ جو دڙو. ڍير، ڪونرو=  چنيسر جي پوئين زال. جا ڪتڻ ۽ اڻڻ ۾ ماهر هئي. خسران=  نقصان، ڇيها. خسري خَسرو ليکي جو ڪتاب. قرنين=  ذوالقرنين. سڪندر. ڪاسو=  پيالو. ٺولِهي=  ٺڪر جي معمولي پيالي. قمر=  چنڊ. ظلمات=  سخت اوندهه. زهراءِ=  چمڪاءِ.

[15]   ٿورا کڻي: ٻي روايت: ٿورا ڳڻي.

[16]   لبيد=  عرب جو هڪ مشهورشاعر. جو رسول ڪريم ﷺ جي زماني ۾ هو.

[17]   مُنقَش=  ڇٽيل. ڪهجڙي ڀلارن.... الخ. روايتي قصي ڏانهن اشارو ته هڪ دفعي رسول پاڪ صلي الله عليه وسلم جن چادر ويڙهيو ويٺا هئا. مِينهَن جون ڪڻيون پئي پيون. ته ايتري ۾ حضرت علي، بيبي خاتون جنت، امام حسن ۽ امام حسين رضي الله تعالى لنگهي آيا. پاڻ سڀني جي مٿان کڻي چادر جو پلئو ورايائون ۽ فرمايائون: اللهُم هنوءُ لاءِ اهل بَيتي (اي الله! هي منهنجا اهلبيت آهن). لِي خَمسَته اشارو مشهور بيت ڏانهن: لي خمسته اطفي بها حرالوباءالحاطمه، المصطفى والمرتضى و بناهما والفاطمه (منهنجي لاءِ پنج ماڻهو آهن، جن جي واهر سان آءٌ ذرا ذرا ڪندڙ وبا جي باهه وسايان ٿو- هڪ مصطفى ٻيو مرتضى ۽ ٻه انهن جا فرزند (امام حسن ۽ امام حسين) ۽ فاطمه (بيب سائڻ).

[18]   خنڪار=  تازو خوش. غمخوار=  غم ڪٽيندڙ. جڏهن رسول ڪريم ﷺ ۽ حضرت ابوبڪر صديق رضه مديني ڏانهن هجرت لاءِ نڪتا، ته واٽ تي غار ثور ۾ اچي رهيا. اتي حضرت محمد ﷺ جن صديق اڪبر رضه جي گوڏي تي سر رکي سمهي پيا ۽ کين ننڊ اچي ويئي. پاسي سان ڪو نانگ جو سوراخ هو ۽ صديق اڪبر رضه حفاظت خاطر ان سوراخ تي کڙي ڏيئي ويٺو. ابوبڪر رضه کي نانگ ڏنگ هنيو. جنهن کان کيس ڏاڍو ايذاءُ پهتو. سندن اکين مان ڳوڙها ڳڙي پيا ۽ وڃي حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي منهن مبارڪ تي پيا. حال معلوم ٿيڻ تي پاڻ پنهنجي لَب مبارڪ ڏنگ واري جاءِ تي رکيائون ته سڀ سور ويندو رهيو. همجوار=  پاشيسري. مِنهار خلقنا ڪم=  انهيءَ زمين مان اسان توهان کي خلقيو آهي ۽ انهيءَ ۾ ئي توهان کي موٽائينداسن. شاعر جو مقصد آهي ته جو جنمهن مٽيءَ مان پيدا ٿئي ٿو. اهو وري اتيئي دفن ٿئي ٿو. رسول اڪرم ﷺ ۽ حضرت ابوبڪر رضه جن به هڪڙي جاءِ تي مدفون آهن. اڪبر=  حضرت ابوبڪر رضه جن جو لقب ”صديق اڪبر“. بسيار=  گهڻو.

[19]   حرب=  جنگ. التماس=  عرض. قياس حضرت عمر رضه جيڪا ڳالهه قياس ۾ آندي. اها قرآني حڪم موجب پوري نڪتي. آساس=  بنياد. آهُو=  هرڻ. اَسَدُ=  شينهن حاذق=  داناء، هوشيار.

[20]   خيرالناس= ڀلي ۾ ڀلو انسان (نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم ثالث=  ٽيون (يار). سجادو=  نشين. سبحان=  سڄاڻ. گهڻي علم وارو. ڪاتب ڪلام الله=  قرآن شريف جو لکندڙ. اعزاز مند=  عزت وارو. مرتب= ترتيب وار. عارف=  واقف. ڄاڻو. عيان=  ظاهر ظهور. درگاهه سندي دفتر=  قرآن شريف. ذوالنورين=  (ٻن نورن وارو) حضرت عثمان جو لقب. ڇاڪاڻ ته رسول پاڪ جن جون ٻه نياڻيون سندن نڪاح ۾ آيون. ابن عفان=  عفان جو پٽ. حضرت عثمان جي پيءُ جو نالو عفان هو.

[21]   سنگي=  ڊڄي، دهلجي خندق= کاهي. خيبر=  خيبر واري جنگ. درطاق = سان همت ۽ جلدي سان دولهه  =شهه زور. دنگي = فتح ڪئي. برق = وڄ. ننگي = وڙائتو. قالع = پٽيندڙ. اُکاڙيندڙ. زيرپا = پيرن هيٺ. تابع. لافتى الاعلي = مشهور عربي مقوله ڏانهن اشارو: لافتى الاعلي لاسيف الا ذوالفقار (علي کان سواءِ بيو جوان ڪونهي. ۽ ”ذولفقار“ کان سواءِ ٻي تلوار ڪانهي). تابش  =گرمي.

[22]   تحقق = تحقيق، سچائي طهارت  =پاڪائي. پاڪدامني. ناطقه =ڳالهائيندڙ. واضح. صائم دهر = سدائين روزي رکڻ واري. شاتمه =ذليل ڪندڙ. خوار خراب ڪندڙ. فائق = سربلند. ڪاتمه  =بک، ويلا پئجي وڃڻ. نافره  = پري ڀڄندڙ.

[23]   مشفق=  مهربان. باجهارو. موبمو=  هڪ هڪ وار. ذري پرزي. خلعت=  سروپاء. پوشاڪ. خاص خُو=  خاص عادت. سُوبسو=  هر طرف. جرس=  گهنڊ. جوبجو=  هر هڪ جوءِ ۾. هر جڳهه ڪوبڪو = گهٽيءَ گهٽيءَ. ڳليءَ ڳليءَ.

[24]   صداقت= سچائي. صدف=  سپ. گُهَرُ=  هوهر. موتي. روح الامين=  حضرت جبرئيل. مُفتخر=  فخر وارو. خوش ٿيندڙ. دادگر=  انصاف گهرندڙ.

[25]   اولوالعزم=  مضبوط ارادي جو مالڪ، مُصلي مُصلين=  نمازين جو مصلو، سڀني مسلمانن جو امام ۽ اڳواڻ. علم اللَدن=  علم لدني. اهو علم جو خدائي ڏات طور بنا استاد جي حاصل ٿئي. عَلام گهڻي ۾ گهڻو ڄاڻندڙ. نَظام=  انتظام ڪندڙ. لحد=  قبر.

[26]   يثربي=  مديني شريف جو (مديني شريف جو اڳيون نالو ”يثرب“). مضطر=  بيقرار. پريشان عاربي=  عربي. خذبيَدِي لشفاعَته يومَ لا يَنفعُ اَبي=  جنهن ڏينهن منهنجو پيءُ ڪو فائدو پهچائي نه سگهندو. انهيءَ ڏينهن تون شفاعت ڪرڻ لاءِ منهنجو هٿ وٺج.

[27]   ”مرزا گل حسن صاحب“ احسن ڪربلائيءَ“ کان پهتل.

[28]   ”اُتر (تعلقي ڏوڪري) مان محترم غلام نبيءَ کان پهتل.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org