باب ايڪٽيهون
”ڪرسٽيءَ“ جو عجيب خيال
مسز ”ڊگلس“ جي لاءِ باقي بچيل پٽ جي ڳڻتي
۽ سنڀال، ان جي بچڻ جي اُميد ۽ ان جي روز روز
سچائيءَ جو خوف، انهيءَ وقت هڪڙو فائدي جهڙو سبب
ٿي آهي؛ ڇا لاءِ جو انهيءَ وقت ”رالف“ جو خيال هن
جي دل تان لهندو ويو. ”ڪرسٽي“ بيمار هو، ۽ ڪو به
علاج ڪارگر نٿي ٿيو. اصل ننڍي هوندي کان هو ضعيف ۽
نازڪ طبيعت هو. پڻس جي ساڻس گهڻي محبت هوندي هئي،
جو هو ذهين ۽ سمجهه وارو ۽ پڙهڻ جو شوقين هوندو
هو، ان ڪري هن کي تمام گهڻي محنت ڪرائي تعليم
ڏيندو هو. انهيءَ محنت ۽ تڪليف ڪري به هن جي
تندرستيءَ کي شڪست پهتي هئي. وري ڇتي ڪتي جو
ڏاڙهيو هوس، تنهن جي اثر کان به هو اڃا بلڪل ڇٽي
چڱو ڀلو نه ٿيو هو. ٿورن ڏينهن کان وري ڀاءُ جي
نسبت ۾ انتظار ۽ ڏک ڪڍڻا پيس، تن هيڪاري ويچاري کي
ماري وڌو هو. ”رالف“ وچ ۾ اچي، ملاقات ڪري دڙ
دلاسو ڏيئي. ويو هوس، تنهن به رڳو ٿورو خوش ۽ بهتر
ڪيو هوس، ويتر هاڻ جو ا اوچتو ”گلينلن“ جي گم ٿيڻ
۽ ”رالف“ جي انهيءَ کي ڀڄائي وڃڻ ۽ پڻس جو ”ڪير
گلاس“ بندر ڏي وڃڻ جون ڳالهيون هن جي دل تي ويهڻ
لڳيون. تنهن ڪري تمام زبون ٿي ويو هو. پر هو اِها
اميد رکندو آيو ته ”رالف“ ايندو ۽ وري سڀ خوش ٿي
گذاريندا. هاڻ جو اوچتو اها اُميد برباد ٿي ويئي،
تنهن هن کي سخت لوڏو ڏيئي ڇڏيو ۽ آڻي قبر جي
ڪنڌيءَ تي ڪيس.
”ڪرسٽي“ جي لاءِ ”رالف“ کان سواءِ حياتيءَ موت کان
بڇڙي هئي، جو نه هن جي سنگت هيس، نه خوشي ۽ نه
اُميد. ننڍي هوندي کان ”رالف“ هن جي لاءِ وڏو ڏڍ،
آسرو۽ وڏو فخر هوندو هو. هو پاڻ ۾ ڪڏهن ڪين وڙهيا
يا رٺا. ”رالف“ سندس ڀاءُ به هو، دوست به هو، ۽
سنڀاليندڙ به هو. هن جي جس- شابس سندس لاءِ وڏيءَ
خوشيءَ جو سبب هئي. ڇينڀ يا ڪاوڙ هن ڪڏهن ڪانه ڏٺي
هئي، ”رالف“ جو ڏک يا رنج هو ڏسي نٿي سگهيو.
انهيءَ جي بدران پاڻ ڏک سور سهڻ زياده پسند ڪندو
هو. مطلب ته ”ڪرسٽيءَ“ جي لاءِ ”رالف“ کانسواءِ
حياتي موت جي برابر هئي... ۽ اهو ”رالف“ هاڻ مري
ويو! هينئر ڀلا هو هن دنيا ۾ ڪيئن گذاري سگهندو؟
گهڻائي مٿا هنيائين، پر انهن خيالن هن کي آرام
ڪرڻ نه ڏنو. انهن کي وسارڻ يا پاسي ڪرڻ جي طاقت نه
هيس. انهن نپوڙي چپي ڇڏيس. رات جو يا ڏينهن جو اهي
خيال هن جي دل مان نٿي ويا. کاڌو ۽ ننڊ حرام ٿي
آيس. کلڻ ڳالهائڻ اصل جا ڇڏي، ائين ماٺ ڪيو پيو
هوندو هو. نه ڪيڏي ايندو هو، نه ويندو هو. باغ جي
سڀ ڪنهن وڻ ۽ ڍنڍ جي سڀ ڪنهن لهر هن کي ”رالف“ جي
يادگيري ٿي ڏياري. گهر ۾ ڪهڙي شيءِ نه هئي، جنهن
هن کي ”رالف“ ياد نٿي ڏياريو؟ هن جي نظر ۾ ڪابه
جاء، ڪابه ڪوٺي، ”رالف“ کان خالي نه هئي- جتي ڪٿي
هو سندس لاءِ حاضر هو. هن جي راڳن جو اڃا ڪن تي
پڙلاءَ پئي پيس. هن جي کل جو آواز ڄڻ ته اڃا ٻڌڻ ۾
پئي آيس.... ۽ اهو ”رالف“ هاڻ مري ويو!
مائٽن هن کي خوش رکڻ ۽ هن جي دل وندرائڻ لاءِ گهڻا
ئي مٿا هنيا. ڪتابن پڙهڻ لاءِ چيائونس، پر هن جو
ڌيان انهن تي نٿي لڳو- اکر ڄڻ ته پئي چريا، پاڻ ۾
وچڙيا. ڳالهه يا قصي جو سلسلو ئي سندس ذهن مان
نڪريو پئي ويو- سليس عبارت ئي سمجهه ۾ نه پئي آيس.
ٻيو وري اکين ۾ هميشه پاڻي موجود هوس، جنهن ڪري
پڙهڻ يا چٽو ڏسڻ جن کي مشڪل هو. سڀني گهر جي ڀاتين
کي هن جو حال ڏسي خوف پئي ٿيو. سڀ کان وڏي خرابي
تڏهن هئي، جڏهن ”ڪرسٽي“ رات جو سمهندو هو: هن کي
ننڊ اصل ڪين ايندي هئي، جي ڪو جهٽڪو ايندو هوس، ته
ڇرڪ ڀري يا دانهن ڪري اٿندو هو. ماڻس کي لاچار
ٿيندو هو ته رات جو مٿانئس ويهي جاڳي. انهيءَ طرح
هن ويچاريءَ جو به سک ڦٽي پيو. رڳو جڏهن ”ڪرسٽي“
کي ڪا گهڙي آرام ايندو هو، تڏهن هوءَ به آرام ڪندي
هئي. پڻس جي محبت به ماڻس کان گهٽ نه هئي سو به
اڪثر وٽس ويهندو هو، ۽ سندس سنڀال ڪندو هو. هن جو
روز بروز ابتر حال ڏسي، هو ٻئي سفا سمجهندا هئا
ته هيءُ ڇوڪر گهڻو جٽاءُ ڪري نه سگهندو.
بيماريءَ کان ڏهاڪو ڏينهن پوءِ، هڪڙي رات، ماڻس
ڀاڪر پايو ستي پئي هئي: ”ڪرسٽي“ کي ننڊ نه هئي؛
ماءُ کي چوڻ لڳو ته ”امان“ آءٌ ڀانيان ٿو ته آءٌ
اوهان وٽ رڳو مهمان آهيان؛ الائجي ڪڏهن اکيون
پوريان... جيجل اما؛ تون خدا جي خواهش تي راضي
رهندينءَ نه!“
ماڻس جواب ڪونه ڏنو. ڇڪي ڀاڪر پائي ڇاتيءَ سان
لاتائينس ۽ ٻُر ٻرندا ڳوڙها اکين مان وهائي هن جي
ڳل تي وڌائين. ”ڪرسٽي“ وري چوڻ لڳو ته ”اما، مون
کي خبر نٿي پوي ته جن کي خدا تي پڪو ويساهه آهي،
سي مئن جي لاءِ ڇو ٿا افسوس ۽ ارمان ڪن! جيجل،
توکي خبر آهي ته جيئن خدا منهنجي پياري ڀاءُ
”رالف“ کي پاڻ وٽ گهرايو آهي“ تيئن مون کي به
گهرائيندو- اسين ٻئي اتي پاڻ ۾ گڏباسي. امان،
امان، نه رو، ارمان نه ڪر، هاڻي آءٌ ”رالف“ جي
لاءِ به اوترو ارمان نٿو ڪريان... آءٌ ته پاڻ هاڻ
زياده خوش آهيان، تڏهن تون ڇو ٿي ڏک ڪرين؟“
”مسز ڊگلس“ روئي چيو ته ”بابا، تنهنجي جدائي مون
کي ماري وجهندي... تنهنجي وڇوڙي جو مون کي ڏک ٿو
ٿئي!“
هن چيو ته ”امان، توکي سڀ سور صبر ڪري سهڻ گهرجي.
من ويچاري بابي جي خاطر ائين ڪرين! هن کي تو کان
سواءِ ٻيو ڪو به حال ڀائي ڪونه ٿيندو. تون ئي هڪڙي
هن کي دلاسي ۽ تسلي ڏيڻ واري ٿيندينءَ. پياري امان
منهنجي لاءِ بلڪل ڏک متان ڪرين! مون کي خبر آهي ته
آءٌ مران ٿو، انهيءَ ڪري آءٌ پاڻ خوش آهيان .....
پر، امان هڪڙيءَ ڳالهه جو خيال منهنجيءَ دل تي اچي
چڙهيو آهي سو لهي نٿو...“
ماڻس پڇيو ته ”ابا“ ڪهڙي ڳالهه آهي؟ ”ڪرسٽي“ چيو
ته ”امان، انهيءَ ڏينهن مون هڪڙي ڪتاب ۾ پڙهيو هو
ته جي ماڻهو مرڻ کي ويجهو ٿين ٿا، سي ٻين کان
زياده چٽو ۽ صاف ڏسي سگهن ٿا، بلڪه ڪي آئيندي جون
ڳالهيون به اڳواٽ ڏسي ۽ ٻڌائي سگهن ٿا.... سو،
امان، جيتوڻيڪ مون کي پڪ آهي ته ”رالف“ مري ويو
آهي ۽ آءٌ پاڻ به شايد ڪن ٿورن ڏينهن کان پوءِ مري
ويندس ته به ڪنهن طرح سان منهنجي دل ٿي چوي ته
آءٌ ”رالف کي هن ساڳيءَ جاءِ ۾ مرڻ کان اڳ جيئرو
ڏسندس!“
”مسز ڊگلس“ پيار ڏيئي چيس ته ”او ڪرسٽي اهڙيون
ڳالهيون نه ڪر؟ تنهنجي دل ٺڪاڻي ناهي..... اهي
ڳالهيون ڪري، تون منهنجا سور زياده ٿو ڪرين.
ڪرسٽي، تو کي خبر ڪانهي ڇا، ته پيارو رالف خوفناڪ
سمنڊ جي تري ۾ پيو آهي!“
”ڪرسٽي“ وري به آرام سان چوڻ لڳو ته ”امان“ رالف
جي لاش ڪانه لڌي آهي، جنهن ڪري خاطري ٿئي- ۽ هر
گهڙيءَ پنهنجن خوابن خيالن ۾ جيئرو ٿو ڏسانس، نه
مئل.... آءٌ ضعيف جي ڪري وڏي سڏ ڳالهائي نٿو
سگهان، ڪن ويجهو ڪر ته ٻڌين! هن کان پوءِ آءٌ ماٺ
ڪري سمهڻ ٿو گهران.“
ماڻس ڪنڌ هيٺ ڪري هن جي وات وٽ جهليو، ۽ هڪڙي
ٻانهن کڻي ڳچيءَ ۾ وڌائينس. اتي ”ڪرسٽي“ رڳو هيترو
ڀڻڪيو ته ته ”امان، تون اسان ٻنهي کي وڃائي نه
ويهندينءَ، هڪڙو مڙئي تو وٽ هوندو...“
هيءُ ٻڌي، هوءَ ويچاري ڏڪي ويئي؛ ڀانيائين ته هي
وڦلي ٿو، ۽ سندس وقت اچي پورو ٿيو آهي؛ يا خبر
ناهي ته سچي ڳالهه آهي، جا هن کي انهيءَ وقت ڏسڻ ۾
ٿي اچي. هن جي دل ڌڪ ڌڪ ڪرڻ لڳي. هن جي پيشانيءَ
تي چمي ڏيئي، هٿ هٿ ۾ وٺي سندس ڀر ۾ ويهي رهي.
باب ٻٽيهون
ريل – راڪ جو روشنائيءَ وارو منارو
هاڻ ”رالف“ جي ڪهڙي خبر؟
جيڪي ”ڪرسٽيءَ“ خواب ۾ يا خيال ۾ ڏٺو، سو برابر
سچو هو- هو مئو ڪين هو، جيئرو هو، جنهن وقت انهيءَ
قهر جي لهر ٻيڙيءَ کي سٽي اڇلائي وڌو هو ۽ ڀڳل
جهاز جا پرزا پرزا اڏائي ڇڏيا هئا. تنهن وقت
”رالف“ ٻين جي لهڻ کان پوءِ پاڻ به ٽپ ڏيئي
ٻيڙيءَ ۾ لهڻ لاءِ تيار هو، ته اوچتو معلوم ٿيس ته
ٻيڙي ايترو پري اڇلجي ويئي آهي، جو آءٌ منجهس پئي
نه سگهندس. پر ساهه سڀ کي پيارو آهي- انهيءَ کي
بچائڻ لاءِ، رالف، خدا کي ياد ڪري پاڻ کي پاڻي ۾
وڌو ۽ ٽٻي هڻڻ لڳو. ائين ڪرڻ جو سبب اهو هو، ته هن
ڏٺو ته ڀڳل جهاز جا ڪاٺ به لهر جي زور کان هيٺان
نڪرن ٿا ۽ ٻيو انهن ڪاٺن سان لڳڻ ڪري منهنجو هڏ گڏ
ڀڄي پوندو، آءٌ ضرور مرندس. تنهن کان هيئن چڱو.
پاڻ تارو ۽ ٽوٻر بلا هو. جيترو وقت پاڻي ۾ هيٺ رهي
سگهيو، ايترو رهيو، پوءِ پرڀرو نڪري پاڻيءَ جي
مٿان آيو. انهيءَ وچ ۾ انهيءَ موتمار لهر جو زور
ڇنڊ جي ويو هو، مگر اڃا به لوڏا ۽ شوشٽ ۽ گجيءَ
جو گهمسان گهڻوئي هو. هن کي ڪيترا ڌڪا ڌوڻا آيا
اٿم، ۽ ڪٿان جو ڪٿان اچي نڪتو آهيان؛ پر جڏهن بس
ٿي ٿي، تڏهن نڪو ڀڳل جهاز ڏٺائين، نڪو ٽڪر
ڏٺائين، نڪو ڪنارو ۽ نه ڪا اها ٻيڙي... لهرين جي
هندوري ۾ پئي لڏيو، ڪڏهن هيٺ ڪڏهن مٿي، پڪ هيس ته
نيٺ تارن وارو موت مرندس.
جي ڪناري جي نزديڪ هجي ها، يا سمنڊ سانتيڪو هجي ها
ته هو جيڪر ڪلاڪن جا ڪلاڪ پيو تري ها، پر ههڙي
طوفان ۽ سمنڊ جي شور ۾ هن جي وڌيڪ رهڻ جو ڪهڙو
امڪان هو؟ ههڙيءَ لاچاريءَ جي حالت ۾ هن وري خدا
کي مدد لاءِ سڏيو، ۽ وري به خدا هن جو سڏ ٻڌو.
ٻيءَ لهر جي چوٽيءَ تي چڙهي اڃا مٿي ٿيو، ته هن
اونداهيءَ ۾ هڪڙي ڪاري ڊگهي ڳري شيءِ پنهنجي ويجهو
ڏٺي، ڀانيائين ته ڀڳل جهاز جو کوهو يا ڪو ٻيو ڳرو
ڊگهو ڪاٺ آهي. مٿا مونا هڻي، تري، انهيءَ تائين
ويو، ٻئي ٻانهون انهيءَ ۾ وجهي جهلي انهيءَ تي
چڙهي ويٺو. انهيءَ طرح پنهنجو ڀر جهلو ڪيائين. دل
۾ ڄاتائين ته جي صبح تائين اتي رهي سگهيس، ته پوءِ
ضرور ڪونه ڪو مون کي ڏسندو ۽ اچي هتان ڪڍندو....
پر اڃا صبح پري پيو هو. هي ساڻو ۽ نستو ٿي پيو،
جيئن پوءِ تيئن ويو ضعيف ٿيندو. انهيءَ صورت ۾،
موت جي لاءِ تيار ٿيڻ لڳو.
ريل- راڪ وارو روشنائيءَ جو گهر اتان پري ڪين هو،
اتي ماڻهن جي بچائڻ لاءِ هڪڙو بتيلو رهندو هو. اتي
فقط ٽي ماڻهو رهندا هئا. انهن ”سي ميڊ“ جهاز کي
طوفان ۾ ڀڄندو ڏٺو هو؛ بلڪ جڏهن واءُ جو گوگهٽ بس
ٿي ٿيو، تڏهن ٻڏندڙ ماڻهن جون رڙيون ۽ دانهون به
پئي ٻڌائون. هنن کي قياس آيو. انهن ٽن مان ٻه ڄڻا
هڪڙي کي اتي جي سنڀال لاءِ ڇڏي بتيلي ۾ چڙهي،
انهيءَ پاسي اٿي هليا. جڏهن ڀڳل جهاز کي ويجها
آيا، ۽ ڏٺائون ته ڪناري وري ٻيڙي ماڻهن کي بچائڻ ۽
ڪڍڻ لاءِ اڳيئي اچي بيٺي آهي.، تڏهن پنهنجو اتي
وڃڻ ضرور نه ڄاڻي پنهنجي جان بچائڻ جي به ڳڻتي
ڪري، هو پٺتي موٽيا ڳن ڏيندا پئي آيا ته انهيءَ
ڪري ڪاٺ تي نظر پين جو کانئن پري نه هو. انهيءَ
مان هڪڙي سمجهيو ته ڪو ماڻهو انهيءَ کي چهٽيو پيو
آهي. هو حيلا حوالا ڪري وڃي انهيءَ کي پهتا ، ۽
”رالف“ کي کڻي ورتائون، جو اڌ مئو ۽ بيهوش ۽ ساڻو
ٿي پيو هو. هو ڏاڍا خوش ٿيا، جو ڄاتائون ته سندن
پورهيو ڪنهن طرح ساب ته پيو. هن جا ڪارا وار منهن
تي پيا هئا، منهن ڦڪو مئل ماڻهوءَ جهڙو هو، ۽ ڪپڙا
ڀڄي ڳرائي کان هيٺ پاڻي ۾ پئي لڙڪيا، پر هن جو بت
اڃا ڪوسو هو، ۽ ظاهر هو ته جيتوڻيڪ سرديءَ ۽ ٿڪ جي
ڪري بيهوش آهي ۽ مرڻ کي ويجهو آهي، ته به اڃا مئو
ڪين آهي.
وقت تمام تنگ ۽ نازڪ هو، هڪڙي گهڙي به ضايع ڪرڻ جي
نه هئي. هنن مان هڪڙي وٽ برانڊي هئي، تنهن مان هنن
ٿوري هن جي وات ۾ وڌي ۽ پوءِ پنهنجن ڪپڙن ۽ کٿن ۾
هن کي ويڙهي، ڳنن تي زور رکيائيون ته هلي جلد
پهچن.
انهن ٻن ڄڻن مان هڪڙي جي زال به انهيءَ روشنائيءَ
جي گهر ۾ هئي ۽ اڳي ئي اڳ ڳڻتي ڪري ضرور تيار ڪري
ڇڏي هئائين. ته مڙس ماڻهو ويا آهن، متان ڪي ماڻهو
بچائي کڻي اچن: ڪي چادرون ۽ اوني ڪپڙا گرم ڪري
رکيا هئائين. ائين ڪندي بتيلو به آيو، ۽ هڪڙو اڌ
مئو ڇوڪرو به آڻي لاهي رکيائون. اهڙو نستو هو، جو
وات پٽي نٿي سگهيو ۽ نڪي ڪجهه پي ٿي سگهيو. في
الحال ته کڻي هنڌ ۾ وڌائونس. جڏهن خوب گرم ٿيو،
تڏهن اکيون پٽيائين، ڳلن ۾ رنگ آيس، ۽ سندس بت ۾
وري رت چرڻ پرڻ لڳو. پهرين هيڏي هوڏي نهاري،
پنهنجي آسپاس ڀلامانس ڏسي وري اکيون پوري پئجي
رهيو.
زال چيس ته ”بابا“ هاڻ چڱو آهين، رڳو آرام ۽ ننڊ
گهرجيئي.“ سگهوئي هن کي ننڊ کڻ ويئي. وري جاڳيو
تڏهن ٻئي ڏينهن جون سانجهيون ٿيون. ويچاري گهڻي
وقت کان ننڊ نه ڪئي هئي. جڏهن هو جاڳيو تڏهن جاءِ
۾ ٻيو ڪو ماڻهو ڪونه هو. هو اٿيو ۽ جاءِ جي ٿلهيءَ
مضبوط دري مان ٻاهر نهارڻ لڳو. واءُ اڃا به زور
سان پئي لڳو، مگر سمنڊ ۾ ايترو شور نه هو- جيتوڻيڪ
لُهرن جو اڃا به ٺڪاءُ پئي ٿيو. ذري ذري، پري کان،
گجيءَ جي وچ ۾ هڪڙي نه ٻئي ٽڪر جي چوٽيءَ پئي ڏٺي،
ٻئي پاسي تمام پري ڪنارو پئي ڏٺو، روشنائيءَ جي
گهر جي آسپاس لهرين جي گجڪاري تمام گهڻي هئي.
مناري جي پاڙي ۾ ڦهڪو ۽ ٺهڪو ۽ گوڙ پئي پيو، ۽
گجيءَ جو وسڪارو ۽ شوشٽ پئي ٿيو.
هو ماٺ ڪيو بيٺو هو، ته هڪڙو مٺو دعا جو گيت هن
جي ڪن تي پيو- اهو هن ڪن ڏيئي بيٺي ٻڌو. اڃا اهو
بس ٿيو، ته در به کليو ۽ هڪڙي زال اندر گهڙي آئي.
ان کان ”رالف“ پڇيو ته ”مائي، آءٌ ڪٿي آهيان؟“
هن ورندي ڏني ته ”بابا، تون ريل- راڪ جي روشنائي
واري گهر ۾ آهين. تون هڪڙي معجزي سان بچي پيو
آهين؛ انهيءَ جي لاءِ توکي خدا جو شڪرانو ڪرڻ
گهرجي. پر تون خلاصي ڇوڪر ته نٿو ڏسجين؟“
”رالف“ چيو ته ”سمنڊ تي چڙهئي مون کي هڪ ٻه ڏينهن
مس ٿيندو.“
زال هن کي چتائي ڏسي چيو ته ”شروع ۾ ئي تڪليف ڏسڻي
پيئي! ڀانئي ٿو ته گهران رسي ڀڳو آهين... ائين
نه؟“ جڏهن ”رالف“ جواب ڪونه ڏنو، تڏهن وري چوڻ لڳي
ته ”بابا، ائين ڪرڻ گناهه آهي، ۽ گناهه جي پٺيان
هميشه تڪيلفون سهڻيون پونديون آهن. پر هينئر طعنن
هڻڻ ۽ فهمائش ڪرڻ جو وقت ناهي، هل هل ماني کاءُ،
انهيءَ مان توکي فائدو ٿيندو. تون اڃا به موڙهل ۽
ٿڪل ٿو ڏسجين.“
انهيءَ حيرت جهڙي گهر ۾ ”رالف“ کي ڏهه ڏينهن رهڻا
پيا آهن ڏهه ئي ڏينهن طوفان اهڙو سخت پئي لڳو جو
بتيلي تي چڙهي ڪير گلاس تائين اچڻ مشڪل هو. اتي جي
رهڻ وارا خدا پرست ۽ نيڪ ماڻهو هئا، انهن کي
”رالف“ ڪتابن پڙهي ٻڌائڻ سان، راڳن ڳائڻ سان ۽ ٻئي
ڪم ڪار ڪرڻ سان خوش رکندو آيو. هن جي طبعي ۽
چالاڪي ۽ تيز فهمي ڏسي، هو ماڻهو هن کي ڏاڍو پيار
ڪندا هئا. مگر... هن کي هڪڙي ”گلينلن“ جي ڳڻتي هئي
ته الائجي ڪيئن ٿيو، ۽ ٻيو وري پنهنجي گهرن وارن
جو الڪو هو. هن کي اها خبر نه هئي ته انهيءَ وقت
”ڪرسٽي“ مرڻهارڪو آهي، ۽ سندس ماءُ پيءُ ڏاڍي ماتم
۾ ويٺا آهن! هر روز ويچارو بيوس پڇندو هو ’اڄ مون
کي ڪناري تائين پهچائي سگهندؤ“ ۽ هر روز هو ساڳيو
ئي جواب ”هوا سخت آهي ۽ سمنڊ ۾ شور آهي، تنهن ڪري
نڪرڻ خوفائتو آهي.“ پر هنن پڪو دلاسو ڏنس ته هوا
ماٺي ٿي ته توکي هڪدم بندر تي پهچائينداسون-
انهيءَ دلاسي تي هو خوش پيو گذاريندو هو. ڏهاڙي
مناري جي چوٽيءَ تي چڙهي، سمنڊ جو نظارو ۽ ڪناري
جو ملڪ ۽ پنهنجي ڳوٺ جو طرف پيو ڏسندو هو.
جڏهن هن کي انهيءَ طرح هفتو کن گذريو ۽ واءُ به
جهڪو ٿيو، تڏهن هنن مناري جي ويجهو ڪناري وارن کي
خبر چار ڏيڻ جي هڪڙي تجويز ڳولي ڪڍي: هيئن ڪيائون
جو جڏهن وير چڙهڻ لڳي، تڏهن هڪڙيءَ ٻاٽلي ۾ هيٺئين
مضمون جو ڪاغذ لکي، بند ڪري ٻوچ مضبوط طرح قابو
ڪري اڇلائي وڌائون ته جيئن وير ۾ رڙهي وڃي ڪناري
تي نڪري. ڪاغذ تي ”رالف“ پنهنجي هٿ سان هيئن لکيو:
”هڪڙو ڇوڪرو ”سي ميڊ“ جهاز مان بچائي ڪڍيو ويو
آهي، ۽ ريل - راڪ واري روشنائي گهر ۾ آهي، جي ڪا
حياتي بچائڻ جهڙي ٻيڙي ٻاهر نڪري، ته مهرباني ڪري
انهيءَ ڇوڪر کي ڪناري تائين پهچائي، مهرباني ڪري
هيءُ پرزو بندر جي عملدارن کي پهچائي ڏجو.“
ٻاٽلي اڇلايائون ته لهرن ۾ نچندي ٽپندي هلي ويئي.
انهيءَ رات اها وڇي ڪناري سان لڳي ۽ پڳي. ٻئي
ڏينهن صبح جو هڪڙي مڇيءَ مارڻ واري ڇوڪري اها
باٽلي لڌي ۽ ڪاغذ کڻي بندر جي عملدار کي وڃي
ڏنائين. انهيءَ عملدار کي خبر هئي ته ”سي ميڊ“ جي
ڀڄڻ ۾ ”لارڊ ڊانرل“ ڏاڍو انتظار ڪڍيو هو، ۽ مدد
ڏني هئائين، تنهن اهو ڪاغذ ٽپال جي رستي انهيءَ ڏي
ڏياري موڪليو جڏهن اهو اتي پهتو، تڏهن اتي
”گلينلن“ حاضر هو. ”ارل“ خوشيءَ ۽ عجب ۾ جا خدا جا
شڪر گذاري ڪئي، سا هن ٻڌي. ڪاغذ پڙهي، خوشيءَ کان
ڪپڙن ۾ ئي نٿي ماپيو- بلڪه اڌ چريو ٿي پيو. هڪدم
”گرينج“ ڏي وڃڻ جو ارادو ڪيائين. رستي ۾ ”مارٽن“
کي سڏي، اها خوشخبري هن کي ٻڌايائين. اهو به ساڻس
گڏيو، ۽ تمام تکا گرينيج ڏي ويا.
مسٽر ”ڊگلس“ جو ”رالف“ جي نسبت ۾ اُميد آسرو لاهيو
ويٺو هو. تنهن جو اوچتو پنهنجي دعا اگهاڻل ڏٺي ۽
پٽ جي صحيح سلامت بچڻ جي خبر ٻڌائين سو ڏاڍو خوش
ٿيو. هڪدم زال کي خبر ڏنائين، جا ٻڌڻ سان گوڏا
کوڙي خدا جو شڪرانو ڪرڻ ۽ ان کان آئيندي جي رحم جو
سوال ڪرڻ لڳي. هوءَ ”ڪرسٽيءَ“ جي هنڌ وٽ آئي....
پر هو اهڙو ضعيف هو، جو هن جي حياتيء ڄڻ ته ڪچيءَ
تند ۾ پئي لڙڪي، تنهن ڪري هن کي اها خوشيءَ جي خبر
ٻڌائڻ مناسب نه سمجهائين، پر، تجويز سان ٿورو ٿورو
ڪري دڙ دلاسو ڏيئي مٺيون ٻوليون ڳالهائي، انهيءَ
ڳالهه جي کڻڪ هن جي ڪن تي وڌائين. انهيءَ هوندي به
انهيءَ خوشخبريءَ هن جي دل کي اهڙو صدمو پهچايو،
جو زياده بيمار ۽ بيهوش ڏسڻ ۾ آيو ، ۽ ڊپ هو ته
اجهو ٿو دم ڏئي.
”مارٽن، جنهن کي ”رالف“ ۽ ”ڪرسٽيءَ“ جو ڏاڍو ڏک ۽
ارمان رهندو هو، تنهن پنهنجي پيءُ کي اها صلاح ڏني
ته هڪدم ”ڪير گلاس“ ۾ هلجي، ۽ ”رالف“ کي وٺي اچجي.
”سرهينري“ خيال ڪري، بهتر ائين سمجهيو ته رڳو
مارٽن اوڏي وڃي: ان موجب هو ٻئي ڏينهن صبح جو سوير
سنڀري اوڏي روانو ٿيو.
انهيءَ ڏينهن شام جو دير سان پهتو، تنهن ڪري رات
گذاري ٻئي ڏينهن پڇا ڳاڇا ڪرڻ لڳو ته روشنائيءَ جي
گهر تائين ڪيئن وڃجي... پر انهيءَ ڏينهن دير ٿي
ويئي هئي. انهيءَ جي اڳئين ڏينهن پهريون ئي دفعو،
”ريل، راڪ“ وارا وجهه ڏسي، ”رالف“ کي ٻيڙيءَ تي
چاڙهي ”ڪير گلاس“ ۾ وٺي آيا هئا. ”رالف“ هنن جو
ڏاڍو شڪر گذار ٿيو، ۽ چيائين ته جيڪڏهن ڪنهن وقت
خدا مون کي طاقت ڏني ته آءٌ اوهان کي چڱو انعام
ڏيندس. هن وقت نه وڃايو، پر هڪدم آگ گاڏي تي چڙهي
آلٽن“ ڏي روانو ٿيو. ”مارٽن“ هڪڙيءَ گاڏي ۾ آيو،
ته هو انهيءَ ساڳئي ڏينهن ۽ وقت ٻي گاڏيءَ ۾ ويو،
ٻئي گاڏيون اڌ تي گڏيون ۽ لنگهيون هونديون.
جڏهن ”مارٽن“ کي اها ڳالهه معلوم ٿي، تڏهن هو هڪدم
پٺتي موٽيو. اها اميد هيس ته هاڻي ”رالف“ جي
آوارگي اچي پوري ٿي؛ ۽ هو ضرور وڃي پهتو هوندو.
”رالف“، ”آلٽن“ اسٽيشن تي رات جو بيوقوف پهتو. شهر
جي مسافر خاني ۾ هڪڙي ڪوٺي هٿ ڪري، سمهي پيو، اهو
خيال به ڪونه ڪيائين ته ڪنهن سڃاتو يا نه؛ پر ٻئي
ڏينهن گهر پهچڻ کانپوءِ ڇا ٿيندو، تنهن جا خيال
اچي دل تي چڙهيس، تن سمهڻ نه ڏنس. سڄي رات پاسا
پئي اٿلايائين، ۽ بي آرام پئي رهيو.
|