سيڪشن؛  ٻاراڻو ادب

ڪتاب: ٽي گهر

 

صفحو : 10

 

باب ٽيٽهون

 

موڪلاڻي

 

         ”رالف“ صبح جو هوٽل ۾ ناشتو ڪيو؛ ۽ ماني کائيندي ڏٺائين ته هوٽل جا نوڪر توڙي ٻيا ايندا ويندا ماڻهو منجهن چتايو پيا ڏسن. انهيءَ جو به هن کي ڪو خيال ڪونه ٿيو، پر جڏهين هيٺين گفتگو اتي هلندي ڪن تي پيس، تڏهن البت ڇرڪ پيس.

هڪڙي ماڻهوءَ هوٽل جي مالڪ کان پڇيو ته ”اهو ڇوڪر رالف ڊگلس ته نه آهي!“ هن جواب ڏنو ته ”ڏسجي ته انهيءَ جهڙو ٿو- مون هن کي هڪڙي ڪرڪيٽ جي مئچ تي ڏٺو هو- پر اهو نه هوندو، ڇا لاءِ جو هو جهاز ڇڄڻ ڪري سمنڊ ۾ ٻڏي مئو.“

هن وري پڇيو ته ”هو گهران ڪين ڀڄي نڪتو هو؟“

هن جواب ڏنو ته ”هائو؛ ۽ هن جا مائٽ هن جي لاءِ حيران ۽ پريشان  آهن. پر رالف ڊگلس همت وارو ۽ ڳاڙهي رنگ جو هو، ۽ هي البت ضعيف ۽ ڦڪي رنگ جو آهي.“

وري هن پڇيو ته ”هن کي ننڍو ڀاءُ  به هڪڙو آهي نه؟“

هوٽل جي مالڪ ورندي ڏني ته هوندس، پر آءٌ ڀانيان ٿو ته هو مري ويو. مون ٿورا ڏينهن اڳي ٻڌو هو ته سخت بيمار آهي ، ۽ ڊاڪٽرن ان جي جيئڻ جي اُميد لاهي ڇڏي آهي. منهنجن ماڻهن مان هڪڙي، انهيءَ وقت ڌاري، ديول جو گهنڊ به ’الرلبرو‘ ۾ وڄندي ٻڌو هو، ۽ هن کي شڪ پيو ته اهو ننڍي ڊگلس ڇوڪر جي لاءِ آهي، جو اهو سخت بيمار  هو.“

”رالف“ وڌيڪ نه ٻڌي سگهيو. انهيءَ گفتگو جو هر هڪ لفظ هن کي ڀالو يا خنجر ٿي لڳو. هن جو مٿو ڦرڻ لڳو ۽ ميز تي ٽيڪ ڏيئي ويهي رهيو.  منهن جو رنگ اهڙو اڇو ٿي پيس، جهڙو ميز تي پيل ڪپڙي جو. پر، ٻين ماڻهن جون پاڻ ۾ اکيون ڏسي پاڻ سنڀاليائين، اٿي هوٽل جي مالڪ وٽ آيو، ۽ چيائينس ته ”خرچ جو بل گرينج واري مسٽر ڊگلس جي نالي موڪلج“... ۽ پاڻ هڪدم گهر ڏي روانو ٿيو.

جيڪا خبر ٻڏي هئائين، تنهن جي ڪري هن جا حواس اهڙا گم ٿي ويا هئا جو هن ڄڻ ته خواب ۾ پئي پنڌ ڪيو. سڄي واٽ آٿڙندو پئي ٿهليو. مينهن جي به ڦڙ پڙ پئي پيئي، ۽ هوا به اڃا سخت پئي لڳي- ڄڻ ته آسمان ۽ هوا جي حالت به بلڪل ”رالف“ جي دل ۽ روح جي حالت سان موافق هئي.

رستي ۾ رڳو هڪڙو ٻڍو ماڻهو مليس، جو مزور هو، ۽ جنهن پهچڻ ويٺي ڀڳا. هن ڪنڌ هيٺ ڪري ڪم ڪيو، ته ”رالف“ ويجهو وڃي پڇيس ته ”تون ارلبرو جو ويٺل آهين؟“

ٻڍي ورندي ڏني ته ”هائو.“

وري پڇيائين ته ”مسٽر ڊگلس جي ڪٽنب جي ڪا خبر چار اٿئي؟“

هن چيو ته ”هائو، آهي: هڪڙو پٽ ڀڄي ويس، ۽ ٻيو...“ ائين چيائين به ۽ پهڻن ڀڃڻ جي ڪم ۾ لڳو رهيو—مٿو به مٿي نه ڪيائين.

”رالف“ ڏاڍي انتظار مان پڇيس ته ”- ۽ بيو؟“

هن چيو ته ”ٻيو اجهو هاڻي تازو مري ويو آهي- اهڙي خبر مون ٻڌي.“ ائين چئي وري به پنهنجي ڪم ۾ مشغول ٿيو.

”رالف“، اندر جو سور سهي به اڳتي هليو. شهر جي ٻاهران قبرستان وٽ ترسيو. قبرن تي نظر ڪيائين. هڪڙي نئين قبر ڏٺائين، اڄا ننڍي هئي، ۽ مٽي به مٿس تازي پيل هئي. پڪ ٿيس ته اها سندس ننڍڙي ڀاءُ جي قبر آهي.

ڪلاڪ ٻن کانپوءِ ”مارٽن آلربي“ به ساڳيو رستو ڏيئي اچي لنگهيو. هو ”ڪير گلاس“ مان هڪدم آگ گاڏيءَ ۾ چڙهي روانو ٿيو هو. ”آلٽن“ جي اسٽيشن تي هڪڙي ڪڙميءَ جي ننڍي گهوڙي گاڏي ملي ويس، تنهن تي چڙهي گهر آيو. هو ڏاڍو خوش ۽ سرهو ٿي ڏٺو. اُميد هيس ته جڏهن ”رالف“ جي گهر وڃي سندس سلامتيءَ جي خبر ڏيندس، تڏهن ”ڪرسٽيءَ جي بيماري ئي لهي ويندي. هن واءَ ۽ مينهن ڏي نه ڏٺو: چڱيءَ طرح ويڙهجي سيڙهجي هڪڙو ڪڙمي پاڻ سان ڪري اُتي نڪتو. رستي ۾ سيٽيون وڄائيندو ۽ ڳائيندو هليو. ’ارلسيرو’ جي قبرستان وٽان لنگهندي، هن ڪڙميءَ کي چيو ته ”آءٌ ڀانيان ٿو ته مزور ”برائون“ جو ننڍڙو ڇوڪر هيستائين دفن ڪري ڇڏيو هوندائون.“

ڪڙميءَ چيو ته ”هائو سائين، اها هن جي قبر آهي.“

”مارٽن“ اوڏي نهاريو... اُها قبر ته ڏٺائين، پر انهيءَ جي ڀرسان ٻيو ڪير اتي پيل ڏسڻ ۾ پئي آيو؟ هن ڪڙميءَ کي چيو ته  ”هاڻ تون پنهنجي گاڏي وٺي وڃ؛ مون کي لاهي ڇڏ، آءٌ پاڻيهي گهمندو گهر ويندس.“ هن ائين ڪيو ۽ ”مارٽن“ قبرستان ۾ انهيءَ قبر وٽ آيو. اُتي مينهن ۾ قبر جي پاسي ۾ ”رالف ڊگلس“ کي پيل ڏٺائين. هن کي ”مارٽن“ جي اچڻ جو سماءُ ئي ڪونه پيو.

حيرت ۾، هن جي ٻانهن کان وٺي، ”مارٽن“ چيو ته ”رالف...!“

”رالف“ ڇرڪ ڀري هن ڏي نهاريو ۽ ”مارٽن“ جو هٿ جهلي چوڻ لڳو ته ”او مارٽن!.... خدا جي واسطي مون کي ساري ڳالهه ٻڌاءِ!“

”رالف“ چيو ته ”ڪرسٽي.... ڪرسٽي جي مرڻ بابت. مارٽن مون کي پنهنجي ڏوهه جي اهڙي ڳري سزا ملي آهي، جا آءٌ سهي نه سگهندس!“

”مارٽن“ حيرت ۾ پئي پڇيو ته ”رالف، ٻيو ته خير آهي... ڪنهن توکي چيو ته ڪرسٽي مري ويو آهي!“

”رالف“ ننڍڙيءَ قبر ڏانهن آڱر کڻي؛ هن کي اُها ڏيکاري.

”مارٽن“ چيو ته اِها ڪرسٽيءَ جي قبر ناهي، پر مزور برائون جي پٽ جي قبر آهي، جو ڪالهه مري ويو آهي.“

”رالف“ چيو ته هڪڙي ماڻهوءَ مون سان خبر ڪئي ته ڪرسٽي مري ويو آهي.“

”مارٽن چيو ته ”ڪئي هوندا ئين، جو ڳوٺ جي آسپاس اهڙو ڪوڙو افواهه  اٿيو هوندو. انهيءَ جو سبب هيءَُ آهي ته ڪرسٽي سخت بيمار هو. منجهس بچڻ جي اُميد ڪانه هئي، ڊاڪٽر به آسرو لاهي ويا هئا؛ پر ڪالهه تائين به جيئرو هو، ۽ مون کي يقين آهي ته هو اڃا تائين به شايد جيئرو آهي. رالف، بهتر آهي ته هڪدم گهر هلين؛ خدا گهريو هوندو ته هن کي هلي بچائي ساهه وجهي سگهين، نه ته به هن کي مرڻ کان اڳي ته ملي سگهندين!“

”رالف“ هٻڪي هٻڪي چيو ته ”مارٽن، مون سان گڏجي هل...“

هن چيو ته ”خوشيءَ سان اوهان جي در تائين هلندس. پر  رالف تون مٽيءَ سان ڪهڙو نه ڀريل آهين- سڄو ڀنو پيو آهين! اسان جو باغ ”گرينج“ کان ويجهو آهي، اُتي هلي تون ڪپڙا بدلائي منهنجا ڍڪ، حجاب نه ڪر- آءٌ توکي پنهنجي جاءِ ۾ وٺي هلندس، ڪو به ڪونه ڏسندءِ.“

”رالف“ ماٺ ڪري، ”مارٽن“ سان گڏجي اُٿي هليو. سگهوئي ٻئي ”مارٽن جي گهر آيا. ”رالف“ جيتري ۾ ڪپڙا بدلايا، تيتري ۾ ”مارٽن“ ڊوڙي وڃي پيءُ کي ساري ڳالهه ڪري ٻڌائي؛ پر صلاح ڏنائينس ته في الحال ’رالف‘ کي نه ڏسي. تنهن کانپوءِ هو ٻئي گڏجي ”گرينج“ ڏي ويا. جيئن ويجهو پوندا ويا. ”رالف“ ڊپ ۽ فڪر کان ڏڪندو ۽ ”مارٽن“ کي ٽيڪ ڏيندو ويو. ”مارٽن“ هن سان در تائين آيو آيو؛ پوءِ دلاسو دلبري ڏيئي، هن کي اندر روانو ڪري، پاڻ پٺتي موٽيو. موٽڻ کان اڳي اُتي پڇا ڳاڇا ڪيائين، ۽ معلوم ٿيس ته ”ڪرسٽي“ اڃا جيئرو آهي.

”مارٽن“ جي ڇڏڻ کانپوءِ ”رالف“ پهرين البت ترسيو ۽ ڳڻتي ڪرڻ لڳو. ڀلا ڪيئن دل جهلي اندر هلي؟ ويهه ڀيرا در کڙڪائڻ لاءِ هٿ کنيائين، پر همت نه ٿيس. پوءِ اُتي ٿوري دير تائين بيهي پسار ڪيائين. ڪلاڪ کن انهيءَ فڪر ۾ گذري ويس. وڻ جي ڇانوري هئڻ ڪري ڏٺس ڪنهن ڪين نيٺ هو دل جهلي وري در وٽ آيو ۽ در کڙڪايائين. نوڪر، جو در پٽڻ آيو، سو هن کي ڏسي دهلجي ويو. پر ”رالف“ هن کان لنگهي، سڌو پيءَ جي پڙهڻ واري جاءِ ۾ ويو. مسٽر ڊگلس اڪيلو آرام ڪرسيءَ تي ويٺو هو- مٿو هٿ تي رکيو ۽ اکيون باهه ۾ وجهيو ويٺو هو. منهن مٿي ڪري خوشيءَ ۽ حيرت جي دانهن ڪيائين. انهيءَ دم پيءَ پٽ هڪٻئي کي ڀاڪر وجهي چنبڙي ويا. ”رالف“ پيءُ جي ڪلهي تي مٿو رکي زار زار روئڻ لڳو، ۽ سڏڪا ڀري چوڻ لڳو ته ”بابا، مون کي معاف ڪريو...“

پڻس وري کيس چوڻ لڳو ته ”رالف، تون مون کي معاف ڪر! پيارا پٽ، مون کي رڳو هاڻ ٿوري وقت کان خبر پيئي ته تون مون کي ڪيترو پيارو آهين ۽ مون توکي ڪيترو اهنج ايذاءَ رسايو. خدا توکي موٽي اتي مون سان ملايو آهي. مون کي هينئر تنهنجو ۽ خدا جي مهربانيءَ جو قدر پيو آهي... اڳتي سڀ ڳالهه ڦري ٻيءَ ڪري ٿيندي.“

”رالف“ پيءَ جي واتان اهڙا نرميءَ ۽ محبت جا لفظ اڳي ڪڏهن نه ٻڌا هئا. هيستائين ٻنهي غلط ڪم ڪيا هئا، ٻنهي جو قصور هو، ۽ ٻنهي سخت سزا ڀوڳي هئي ۽ پئي ڀوڳيائون، ۽ اڃا ڀوڳڻي هين، پر شايد انهيءَ ڏک مان فائدو ٿيڻو هو. (مگر، جي اهي غلطيون نه ٿين ها ته اهو گهر ڪهڙو نه سکيو ۽ صلح سانت وارو هجي ها، ۽ ڪيترو  نه ڏک ۽ درد انهيءَ مان دفع ٿي وڃي ها!

مسٽر ”ڊگلس“ ڳوڙها ڳاڙهيندي پٽ کي چيو ته ”رالف، تون موٽي آيو آهين، پر ماتم ۽ ڏک جي گهر ۾ آيو آهين: موت اڳي ئي اچي اسان جي گهر ۾ پير وڌو آهي.... اسان جو پيارو ننڍڙو پٽڙو ڪرسٽي قريب المرگ آهي... اڄ صبح جو ڊاڪٽر ميسن ٿي چيو ته اُٿڻ ڪونهي!“

”رالف“ تڪڙو ٿي چيو ته ”بابا، مون کي ڇڏيو ته آءٌ  ادي  کي ۽ امان کي ڏسان!“

پڻس چيو ته ”رالف، تڏهن تون هتي ترس: آءٌ تنهنجي ماءُ کي تو ڏي ٿو موڪليان، پوءِ جي مناسب نظر آيو ۽ حرڪت ڪانه هوندي ته ڪرسٽيءَ کي به وڃي ڏسجئين.“

مسٽر ”ڊگلس“ ويو، ۽ جهٽ ۾ ”مسز ڊگلس“ ڊڪندي سهڪندي، آٿرندي اچي نڪتي. اچڻ سان، ٻانهون کولي، ”رالف“ کي وڪوڙي کڻي ڇاتيءَ سان لاتائين. هنجون هاريندي، چمين پٺيان چميون ڏنائينس – ڳچ وقت لنگهيو- جيسين ڪ منجانئن ڪنهن ڳالهائڻ جي ڪئي. نيٺ ماڻس ”بائبل“  جي اها آيت پڙهڻ لڳي ته ”هي منهنجو پٽ مئو هو، ۽ اهو وري جيئرو ٿيو آهي؛ گم ٿي ويو هو؛ ۽ وري لڌو آهي.“

ٿوري دير کان پوءِ وري چوڻ لڳي ته رالف، مون کي خبر آهي ته توکي ڪرسٽيءَ جي ڏسڻ جو ڏاڍو انتظار هوندو. توکي خبر آهي ته...“

”رالف“ تڪڙو ٿي چيو ته امان، مون کي سڀ خبر آهي-“

ماڻس چيو ته ”تڏهن آءٌ وڃي هن کي تيار ٿي ڪريان. رالف، خدا کان دعا گهر ته تنهنجي ملڻ جي خوشي هن کي ماري نه وجهي! هو تمام ضعيف ۽ بي حال آهي؛ من هو  ٿورو سجاڳ ٿئي ۽ هشناڪي وٺي، ٻي اُميد ته ڪانهي...“

اڌ ڪلاڪ گذري ويو، اهو اڌ ڪلاڪ ”رالف“ جي لاءِ وڏو زمانو ٿي گذريو. هو بخار کي ٽيڪ ڏيو انتظار ۾ بيٺو هو، ته پڻس موٽي آيو، ۽ چيائينس ته ”رالف“ هاڻ وڃ، وڃي ڏسينس. هن کي خبر پيئي آهي ته تون آيو آهين. انهيءَ خبر هن کي گهڻو ئي لوڏو ڏنو ، پر هاڻ البت آرام ۾ آهي. رالف هن جي حياتي رڳو ڪچيءَ تند ۾ لٽڪيل آهي: تنهنجيءَ ملاقات کان آءٌ ڊڄان پيو... تمام نرميءَ سان ڳالهائجئين!“

”رالف“، آهستي آهستي پٻن تي هلي، ڏاڪڻ چڙهي مٿي ويو ۽ پنهنجيءَ جاءِ جي در وٽ ويو، جتي اڃا ”ڪرسٽيءَ کي نه چوريو هئائون. ساهه گهٽي، آهستگيءَ سان در کي هٿ هنيائين. ماڻس ڀڻڪي ۾ اچي چيو ته ”هلي آءُ“ هو آرام سان در پٽي اندر ويو ۽ وڃي بيهي رهيو جاءِ ۾ بلڪل ماٺ لڳي پيئي هئي. رڳو بخار ۾ باهه جي ٻرڻ جو ٿورو آواز پئي آيو. اونداهي هئي؛ ڇو جو جيڪا هڪڙي بتي رکيل هئي، تنهن کي به هيٺ ڪري ۽ مٿان ڪاغذ سان ڍڪي ڇڏي هئائون. اُتي هنڌ تي وهاڻن جي وچ ۾ ”ڪرسٽي- پيو هو. اکيون انتظار مان در ۾ هيس. ضعيف آواز سان چيائين ته ”رالف!“ ۽ ڏاڍي زور سان روئڻ کي روڪيائين. رالف ڊوڙي هنڌ وٽ اچي گوڏا ڀڃي، هن کي ڀاڪر وڌو ۽ منهن منهن سان ۽ ڇاتي ڇاتي سان لاتائين - اهڙيءَ طرح؛ جو هن جي دل هن جي دل تي پئي ڌڪ - ڌڪ ڪئي، ۽ هن جا ڳوڙها هن جي ڳلن تي پئي پيا.

”رالف“ هميشه وانگي هن کي دلاسا دڙا ڏيڻ لڳو ۽ ساڻس مٺيون مٺيون ڳالهيون ڪرڻ لڳو- تان جو ٿوري وقت کانپوءِ ”ڪرسٽي“ ٿڪجي ليٽي پيو، ۽ ننڊ کڻي ويس. وري جڏهن اک پٽيائين، تڏهن ”رالف“ کي به ڏٺائين ته اڃا کيس ڀاڪر ۾ جهليو ويٺو آهي ۽ پڻس ۽ ماڻس به هنڌ وٽ منجهس اکيون وجهيو ويٺا آهن، تڏهن، مرڪي آهستي چوڻ لڳو ته ”پيارا رالف، آءٌ خدا جو گهڻو شڪرانو ٿو ڪريان ته تون موٽي آيو آهين. هنيئر اسين سڀ گڏ آهيون- بابو به، امان به ۽ تون به. منهنجي دل هينئر گهڻوئي چوي ته توهان سان گڏ هتي رهان...!“

”رالف“ ڏک مان چيو ته ”ڪرسٽي، ڀلي هتي رهه، شل سدائين رهين – منهنجي خاطر من رهين!“

هن ڀڻڪي چيو ته ”او رالف، تمام دير سان آيو آهين! پاڻ سجي عمر گڏ رهيا آهيون، هينئر پاڻ کي جدا ٿيڻ گهرجي. خوابن ۾ مون پئي ڏٺو ۽ ٻڌو آهي ته مون کي هوڏي سڏين ٿا....“

”رالف“ ڏاڍي ڏک مان سڏڪا ڀري چيو ته ”ڪرسٽي، اهو منهنجو قصور آهي... مون تو کي ماريو آهي!“

ڪرسٽيءَ چيو ته ”نه نه نه.... ائين نه چؤ، اهڙو خيال نه ڪر. توکي خبر هوندي ته ننڍي هوندي  کان منهنجي نالي چوندا هئا ته هي وڌي مڙس نه ٿيندو. آءٌ اصل ضعيف هوس. آءٌ بلڪل خوش مران ٿو، ڪو به مون کي رنج ڪونهي. آءٌ وڃان ٿو... بابو هاڻ توکي گهڻو پيار ڪندو، ۽ تون به بابي کي پيار ڪندين. ڏس نه، رالف، ڏکن ۽ غمن ۾ بابي جا وار ئي اڇا ٿي ويا آهن!... تون مون کي وسارين متان! ڪڏهن ڪڏهن ياد پيو ڪجئين... رالف، نيٺ هڪڙي ڏينهن وري به پاڻ سڀ ملنداسين....“

پويان لفظ هن تمام آهستي، هٻڪي، ۽ اکر اکر ڪري ڳالهايا، جو سور هوس ۽ اهي ڳالهائيندي، هو ”رالف“ جي ڪلهن تي ڍرڪي پيو.... هڪڙو وڏو ساهه کنيائين ۽ دم ڏنائين. انهيءَ طرح، ڪرسٽي ڊگلس جا پساهه پورا  ٿيا ۽ هو پنهنجي ڀاءُ جي ڀاڪر ۾ مري ويو. رات گذري جڏهن ڏينهن ٿيو، تڏهن روئڻ پٽڻ کان پوءِ هن جو پيءُ ۽ ماءُ ۽ ڀاءُ- هڪ هڪ ٿي، پنهنجي منهن هن کي ڏسڻ آيا. هو موت جي ننڊ ۾ ماٺ ڪيو پيو هو. برف يا سنگ مرمر جهڙو اڇو به هو، ۽ ٿڌو به هو، پر تڏهن به خوبصورتي ۽ معصومي سندس منهن مان پئي بکي. ماڻس، سندس پاسي ۾ بيهي، گهڻي تائين واويلا ڪري زارو زار رنو، هو ڏاڍو پيارو ڇوڪر هو. ماءُ پيءُ مٿس قربان هئا، پر ڌارين مان به جو هن کي ڏسندو هو سو پيار ڪندو هوس. ڪڏهن هن کي نه ڇينڀيو هئائون، نڪا ڇڙٻ ڏني هئائون. اهڙي پياري پٽ جي ننڍيءَ عمر ۾ مرڻ جو ماءُ کي ڪو ٿورو داغ هوندو! ويچاري ”مسز ڊگلس“- ويچاري ڏکن ڏڌي، موت ماري ماءُ!  ڇو نه اهڙي لاڏلي معصوم ڪوڏن جهڙي پٽ لاءِ روئي رڙي ۽ زاريون ڪري؟ وري نه هن جو ڪو سو هٿ پنهنجي هٿ ۾ و‏ٺي سگهندي نه وري هن جي گلابي گرم ڳل تي چمي  ڏيئي سگهندي! افسوس، هزار افسوس، ويچاريءَ غمزديءَ ماءُ جي حال تي! جي ڳوڙها ڳاڙهي دل جي باهه نه اجهائي، ته جيڪر الائجي سندس حال ڪهڙو ٿئي؟ نيٺ روئي روئي اٿي ۽ مئل پٽ جي پيشانيءَ ۽ اکين ۽ چپن تي چميون ڏيئي، اکيون اگهي، هلي ويئي.

مسٽر ”ڊگلس“ جو حال انهيءَ کان وڌ هو، گهٽ نه هو. جيڪا گهڙي پٽ  جي پاسي ۾ اڪيلي گذاري، سا ڳالهه ڪرڻ کان ٻاهر آهي. جهڙي هن پيءُ جي انهيءَ پٽ سان محبت هئي، اهڙي ڪنهن ماءُ جي به نه هوندي. هن جون لکين اميدون، هزارين آسون انهيءَ پٽ ۾ هيون. انهيءَ پٽ جي جدائي ۾ جيڪي عذاب سٺائين، سي اگرچ سندس لاءِ هڪڙي قسم جي سزا هئي ته به انهن ڪري سندس باقي حياتي آسائش ۽ آرام ۾ گذرڻي هئي. انهيءَ ڪري هن چڱو سبق سکيو ۽ پنهنجي عادتي سختي ۽ خوشي ۽ ڪمهري سڀ ڇڏي ڏنائين. وڏي پٽ سان جيڪا هلت ڪئي هئائين، تنهن جي لاءِ ته گهڻو پشيمان ٿيو هو، پر جنهن ننڍي پٽ جي محبت هن کي وڏو پٽ وساري ڇڏيو هو، سو به هتان ويس. اهو ساڳيون اکيون پوريو، سندس اڳيان پيو هو. گهڻوئي ارمان ڪيائين پر ويو وري نه موٽندو. آخر اٿيو... ڏاڍي ڏک ۽ محبت سان وڏي چمي ڏنائين، ۽ پوءِ اندر جي ڏک گهٽائڻ لاءِ ويهي گوڏا کوڙي دعا گهريائين، ۽ پنهنجي لاءِ پوين جي لاءِ ۽ ”ڪرسٽي“ جي روح لاءِ رحم جو سوال ڪيائين، پوءِ هليو ويو.

جڏهن ”رالف“ جو وارو آيو، تڏهن هن روئندي اکين سان ڀاءُ جي لاش اچي ڏٺي. اتي انهيءَ جا چپ پوريل هئا، پر تڏهن به ڄڻ ته هن انهن مان هن جو ڳالهائڻ پئي ٻڌو، ۽ انهن مان عمر تائين ياد ڪرڻ جهڙا سبق پئي ياد ڪيائين: اهي هي هئا، ته ”گهر ۾ يا مائٽن وٽ ڪهڙي به تڪليف هجي. ته به انهيءَ ڪري پنهنجا فرض ڦٽا ڪري هليو وڃڻ نه گهرجي، نه ڪنجهجهي، نه ڪرڪجي، پر زياده خوشيءَ سان ۽ زياده شوق سان اهي بجا آڻڻ گهرجن، پر جي اهي فرض وساري ڇڏيا، يا جي انهن جي ڪرڻ ۾ سستي يا غفلت ڪبي ته ٻيڻيون تڪليفون ۽ ٻيڻا عذاب سهڻا پوندا؛ انهن ڳالهين تي خيال ڪري، ۽ ڀاءُ جي لاش تي روئي روئي نيٺ رالف جي دل کي آرام آيو. هاڻي هو ڪري به ڇا ٿي سگهيو؟

 

باب چوٽيهون

 

پڇاڙي

 

”ڪرسٽي“ جي مرڻ کان پوءِ ڇهه مهينا گذري ويا ۽ انهيءَ جي ڏک ۾ سندس مائٽن ۽ دوستن جي دلين ۾ جيڪي گهاو يا زخم ٿيا هئا، سي به ڇٽي ويا... وري ٻي آرڙهه جي موسم آئي.... انهيءَ ۾، هڪڙي ڏينهن شام جو، ساڳيا ٽي يار ”مارٽن آلربي“ ”رالف ڊگلس“ ۽ ”لارڊ گلينلن“، ساڳئي پوشاڪ ۾ ۽ ساڳئي پاهڻ جي ڇپ تي ويٺا هئا. اڳي وانگر هاڻ به ”آلٽن“ ۾ ڪرڪيٽ جي مئچ تان موٽيا هئا. هن ڀيري ٽنهي ڄڻن اهڙي چڱي  راند ڪئي هئي، جو آسانيءَ سان فتحياب ٿيا هئا. رڳو هڪڙو ورهيه گذريو هو، انهيءَ ۾ هو گهڻو بدلجي نه ويا هئا- فقط ٿورو زياده وڌيا هئا، ڊگها ٿيا هئا، مرداني صورت ٿي هين، مگر اڃا به ڇوڪر هئا- پر منهن ۾ زياده سرها هئا، ۽ دل ۾ زياده خوش هئا. ته به آزمودگار ماڻهوءَ کي معلوم ٿي سگهي ها ته، انهن ٽن مان ٻن جي منهن ۾ گذريل سال جي اندر ڏٺل ڏکن جو اثر اڃا به موجود هو. مزي جهڙي هير ۽ جهنگلي گلن جي خوشبوءِ  سج لٿي جي نماءَ، انهن کي آڻي اتي وهاريو هو. پهڻ تي ويٺا هئا، ۽ پير گاهه ۽ گلن ۾ رکيا هئن.

”مارٽن“ چوڻ لڳو ته ”هيءَ اها ساڳئي جاءِ آهي، جتي پرسال هنن ڏينهن ۾ پاڻ ٽيئي ويٺا هئاسين.“

انهيءَ ننڍڙي جملي، ٽنهي جي دلين ۾ ڪيترا نه خيال آڻي ڪڍيا ۽ ياد ڏياريا! انهيءَ گذرئي سال اندر سڀني هڪجهڙا ۽ هڪ جيترا حادثا ڏٺا هئا ڇا؟  ”مارٽن“ ته نه ڏٺا هئا، نه ته جيڪر اهڙيءَ هلڪيءَ دل سان اهڙو جملو نه ڳالهائي ها. پر اهو ڳالهائي، پوءِ ستت ئي پڇتايائين. ٿوري وقت تائين ٽيئي خيال ۾ محو ٿي ويا ۽ ڪي به ڪين ڳالهايائون. ”مارٽن“، پنهنجن ٻن سنگتين جي دردمنديءَ ۽ انهيءَ جي لاءِ ساڻن همدردي ڪري، سو گذرئي سال ۾ ڏک ڏٺو هو، مگر انهيءَ کانسواءِ هن جي حالت ۾ ٻي ڦير گهير ڪانه ٿي هئي. گهر ۾ جيڪا ڏاهپ ۽ محبت جهڙي تعليم هن کي ملي هئي، سا هن جي لاءِ بي بها نعمت ۽ برڪت ۽ سعادت ثابت ٿي هئي. هو انهن صالح ۽ سڀاڳن ڇوڪرن مان هو، جن کي فرض ادا ڪرڻ مان خوشي حاصل ٿيندي آهي، ۽ جي مصيبتن ڏسڻ سواءِ ئي معلوم ڪندا آهن ته ڀلائي برائيءَ کان چڱي آهي. هن جو اندر ٻاهر هڪجهڙو هو. هن جي دل هن جي اکين مان پيئي ڏسبي هئي. هو صاف دل ۽ هر دلعزيز هو- جهڙو اسڪول ۾ تهڙو ٻاهر.

پر، ”لارڊ گلينلن“ ٻيءَ طرح جو ماڻهو هو. هو خوش طبع ذهين ۽ چالاڪ هو، ۽ ننڍي هوندي کان وٺي خوشامد  ۽ نرميءَ جي وچ ۾ گذاريو هئائين، تنهن ڪري ڇوڪراڻو حرص زور هوس ۽ سگهوئي نفساني خيالن پٺيان هليو ويندو هو. نيٺ اهڙو خود پسند خود غرض ٿيو، جو پنهنجي مرضيءَ کانسواءِ ٻئي جي ڪابه پرواهه نه رکندو هو. انهيءَ جو نتيجو اهو ٿيو جو اڪثر نادانيءَ ۾ گناهه جهڙا ڪم ڪندو هو، ۽ انهن جي ڪري شرمندو ۽ پشيمان ٿيندو هو ۽ هميشه بدناميءَ جي ڊپ ۾ رهندو هو. دوستن توڙي ڌارين ۾- هن تي ٽوڪون ۽ کلون پيئون هلنديون هيون، ۽ شڪايتون ٿيندوين هيون. نيٺ اهي به هلي بس ٿي ويئون ۽ اهو داغ هن جي حياتيءَ جي دفتر تي رهجي ويو. ليڪن، انهيءَ مان هڪڙو فائدو ٿيو جو نيٺ ٻين جي فائدي ۽ خوشيءَ جو خيال زياده رهيس ۽ زياده رحمدل۽ قياس وارو ۽ نماڻو ٿيو.

انهيءَ طرح هو انهن مصيبتن مان چڱو سبق پرائي، سڌري، بهتر ماڻهو ٿي پيو، ۽ سڀ ماڻهو هن کي زياده آبرو ۽ زياده محبت ڏيڻ لڳا.

باقي ”رالف“ تنهن لاءِ به شي بدلجي ويئي هئي هن جو گهر بدلجي سک ۽ آرام ڀريو ٿي پيو. هن جي پيءُ جي ساڻس گهڻي محبت ٿي، ۽ مٿس زياده ويساهه ۽ سرور ٿيو؛ هو پاڻ به هر طرح پيءُ کي راضي رکڻ لڳو. جيڪي ڏک پڻس ويچاري ڏٺا هئا ۽ جن هڪ رات جي اندر هن جا ڪارا وار اڇا ڪري ڇڏيا هئا، تن جي ڪنهن قدر گهٽائڻ ۽ انهن جي عيوض خوشي پيدا ڪرڻ جي لاءِ هو گهڻو خيال رکڻ لڳو. هن کي معلوم ٿي رهيو هو ته گناهن جي معافي ٻي شي آهي، ۽ انهن جي نتيجن کان ڇٽڻ ٻي شي آهي. ڪڏهن ڪڏهن خاطري ٿيندي هئس ته خاص سندس چوڪ جي ڪري کيس ڏاڍي سخت ۽ خوفناڪ سزا ملي آهي، جو ساهه کان پياي ڀاءُ جي سنگت کان هميشه لاءِ نراس رهيو: انهيءَ مان هيءَُ به فائدو ٿيس ته انهيءَ ڳالهه کي ياد ڪري آئيندي جي هلت سڌارڻ لڳو، ۽ محنت ۽ پاڪائيءَ چڱائي سان پنهنجي حياتي گذارڻ لڳو.

.... اجهي اهي خيال هئا، جي انهن ٽنهي سنگتين کي انهيءَ هنڌ ويٺي دل ۾ ٿي گذريا. اوچتو ”رالف“ جي نظر پيءُ تي پئي، جو سندس گڏجڻ لاءِ پنڌ ڪندو ٿي آيو. هو هڪدم اٿيو ۽ پنهنجن ٻن سنگتين کان موڪلائڻ لڳو.

ٿورن ڏينهن ۾ هن کي، پيءُ جي مرضيءَ موجب، وري اڳوڻي اسڪول ۾ موٽي وڃڻو هو. ”مارٽن“ کي به انهيءَ کان پوئڀرو وري ”ايٽن ڏي وڃڻو هو. جتي هن چڱي محنت ڪري نالو ڪڍيو هو، ۽ ورهيه کن اندر هڪڙي وڏي اسڪالر شپ کٽڻ جي اميد هيس. ”گلينلن“ ته ستت ئي هڪڙي چڱي استاد سان يورپ جي گشت تي نڪرڻو هو، جو استاد سندس پيءَ ساڻس گڏ رهڻ لاءِ هٿ ڪيو هو، ۽ جنهن کي هو گهڻو پسند ڪندو هو ۽ تعظيم ڏيندو هو.

هنن ٽنهي سنگتين هڪٻئي سان انجام ڪيو ته خط پٽ لکندا رهندا. پوءِ هڪٻئي کان موڪلايائون. ”رالف“ وڌي وڃي پيءُ کي گڏيو. ”مارٽن“ ۽ ”گلينلن“ ڏٺو ته مسٽر ”ڊگلس“، ”رالف“، کي ڏسي کليو ۽ ڏاڍو خوش ٿيو؛ ۽ ٻڌائون به  ته هن پٽ کان پڇيو ته ”مئچ جو ڪهڙو نتيجو ٿيو؟“ تنهن کانپوءِ چيائينس ته ”رالف، مون کي پنهنجي ٻانهن ڏي ته آءٌ ٽيڪ ڏيئي هلان؛ ڇا لاءِ جو اڳي جيڪو منهنجو حال  هو، تنهن کان هينئر آءٌ پاڻ کي وڌيڪ ٻڍو ۽ ضعيف ٿو ڀانيان.“  ”رالف“ پيءُ کي ٻانهن ڏني ۽ پوءِ هو گڏجي ”گرينج“  ڏي هليا. ”مارٽن“ ۽ ”گلينلن“، هنن کي ٻنين مان لنگهي انهيءَ پاس ويندو ڏٺو. سگهوئي سج به لٿو ۽ هڪڙو سڄو سارو ورهيه به انهيءَ طرح پورو ٿي ويو.

خدا تعاليٰ هنن کي نيڪ ۽ بد ڳالهيون پوريءَ طرح ڏيکاريون، ۽ انهن جي وسيلي هن کي هدايت ڪيائين، ڇا لاءِ جو حياتيءَ  جون ڳالهيون خدا جا ڄڻ ته دستخط آهن، جي ڀت تي لکيل آهن، جن مان اسين سندس مرضي معلوم ڪري سگهون ٿا ته چڱين شين جي پٺيان هلون، ۽ بڇڙاين کان پاسو ڪريون. سڀاڳو ۽ نيڪ بخت آهي، اهو شخص جو فرصت ۽ وجهه هٿان نه وڃائي، ترت سبق سکي ٿو. هو سڀاڳو ۽ نيڪ بخت انهيءَ ڪري آهي، جو ڪوڙيءَ دنيا جي ڪوڙي روشنائيءَ هن کي ٺڳي نٿي ۽ گمراهه نٿي ڪري ۽ انهيءَ اونداهيءَ کان پري سڄي دنيا جي ٽڪرن جي چوٽين جو نور هو اکين سان ڏسي ٿو، ۽ انهيءَ مان هن جي دل کي هميشه جي حياتي ۽ خوشيءَ جي اُميد حاصل ٿئي ٿي.

ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com