سيڪشن؛  ٻاراڻو ادب

ڪتاب: ٽي گهر

 

صفحو : 7

باب ايڪهيون

مشڪلاتن ۾ پوڻ

         اهڙي خراب خوف جهڙي هنڌ کان لنگهي، رالف ٻيءَ هڪڙيءَ سنهڙي گهٽيءَ ۾ آيو، جا هن کان به خراب هئي، ۽ گهڻو ماڻهو به منجهس ڪونه ٿي ڏٺو. هڪڙيءَ تختيءَ تي هي لفظ ڏٺائين: ”مسافرن لاءِ رهڻ جي جاءِ.“ اندر هڪڙي ڪني جهوني ڪوٺي نظر آئي، جنهن جي در تي هڪڙي بدشڪل زال بيٺل هئي، انهيءَ کان رالف پڇيو ته ”آءٌ رات هتي سمهي سگهان ٿو؟“

زال چيس ته ”مٺا، ڇو نه- هل ته توکي اندر مزي جهڙي جاءِ ڏيکاريان.“

هوءَ هن کي وٺي ڏاڪڻ تان چاڙهي، هڪڙيءَ ڪوٺيءَ ۾ وٺي ويئي. جتي هڪڙي انڌي بتي پئي  ٻري، ۽ فرش تي گاهه ۽ ڪنيون رليون ۽ اڳڙيون وڇايون پيون هيون، ۽ انهيءَ تي ننڍا وڏا ڇوڪر ۽ ڇوڪريون جوان مڙس  ۽ زالون، اهي سڀ ماڻهو گڏ ستا پيا هئا، ڪي وري هڪڙي ڪنڊ ۾ ميڙ ڪيو  پتا رکيو ويٺا هئا ۽ پيسن تي پاڻ ۾ پئي وڙهيا ۽ تڪرار ڪيائون. ٻيا وري شراب پيئڻ ۽ تماڪ ڇڪڻ ۾ مشغول هئا. جيڪي جاڳيا پئي، تن تمام خراب گارگند جهڙا لفظ واتان پئي ڪڍيا، قسم پئي کنيا، ۽ پٽ پاراتا پئي ڏنائون. اتي جي حالت ۽ گندگي ڏسي، ”رالف“ جو ته مٿو ئي ڦري ويو. موڳو ۽ ماندو ٿي ڪرڻ لڳو. هڪڙي اٿي وات پٽي شراب چڪو پياريس. هميشه هي شراب کان ڀڄندڙ هو ۽ وڻندو ئي ڪين هوس؛ پر هينئر انهيءَ ڍڪ سو ساهه وجهي ڇڏيس. پاڻ جهلي، پيرن ڀر ٿيو ۽ بت ۾ طاقت ڏٺائين، هوش به جاءِ ٿيس. پهرين خيال آيس ته دوزخ جي ٽڪريءَ کان ڀڄي جند ڇڏايان، ۽ موٽي ڏاڪڻ تان لهي گهٽيءَ ۾ به  آيو؛ پر زال ڀڄي اچي رڙ ڪري جهليس ته به پيسا  ضرور ڏيڻا  پوندا ٿيندءِ! هو هن کي ڌڪي پاسي ڪري اٿي هليو. هوءَ پٺيانئس گاريون ڏيئي گهوڙا گهوڙا ڪرڻ لڳي. هُلَ تي، انهيءَ جاءِ مان ڪي ماڻهو نڪري ”رالف“ جي پٺيان پيا. ڊپ کان هو اٿي ڀڳو ۽ اچي وڏي گهٽيءَ کان نڪتو ۽ هو ماڻهو پٺتي موٽي ويا.

*    *    *

هن ويچاري کي ڳڻتي ٿي ته هاڻ رات ڪٿي گذاريان: هڪڙيءَ وڏيءَ عمارت جي در جي ڏاڪڻ تي چڙهي، هڪڙي ڪنڊ ۾ ڪرونڊو ٿي ويٺو. ۽ ويهي ويهي سيءَ ۾ ٿڌي پهچڻ جي فرش تي ليٽي پيو ۽ ننڊ کڻي ويس. اڃا اڌ ڪلاڪ به مس ستو ته دانهن ڪري اٿيو، جو هڪڙي پوليس جي سپاهيءَ هٿ -  بتي آڻي اکين وٽ جهليس؛ جنهن جي روشنائيءَ کان هو برابر اکيون پٽي نٿي سگهيو. اڃا پنهنجي هوش ۾ ئي نه آيو ته سپاهيءَ ٻانهن مان کڻي ورتس. پڇڻ لڳس ته ”اڙي کودڙا، ڇا ٿي ڪيئه؟“

”رالف“ اکيون ملي حيرت مان هيڏي هوڏي نهارڻ لڳو. تنهن تي هن خوب لوڏا ڏيئي وري پڇيس  ته ”زبان ڪٿي اٿئي؟ ضرور ڪنهن حرڪت جي پٺيان هئين! هو گهر تاڙيو ويٺو هئين، کاٽ هڻڻ لاءِ اٿئي ڪا ڪاتي ٻيو ڀڃڻ ۽ کوٽڻ جو اوزار؟“

”رالف“ مونجهاري ۾ جواب ڏنو ته مون سان ڪي به ڪينهي، آءٌ ٿڪل هوس، تنهن ڪري هن فرش تي سمهي پيو هوس.“

سپاهيءَ کلي چيو ته ”ويچارو ٿڪجي پيو هو! توکي خبر ناهي ته در جي ڏاڪڻ تي سمهڻ قاعدي جي بر خلاف آهي ۽ ڏوهه آهي؟“ آءٌ توکي رولو ۽ بيروزگار ڄاڻي رجوع ڪندس!“

”رالف“ چيو ته ”مون ڪي ڪين ٿي ڪيو.“

سپاهيءَ چيو ته ائين چوڻ سولو آهي. هاڻ هل مون سان ته ٿاڻي جي ڪوٺيءَ ۾ بند ڪري وهاريئين؛ جيسي ن سڀاڻو ٿئي، پر، تون رهندو ڪٿي آهين!“

”رالف“ چيو ته ”ڪٿي به ڪين.“

هن پڇيو ته ”تنهنجو نالو ڇا آهي؟“

”رالف“ چيو ته ”منهنجي نالي کي تون ڇا ڪندي.“

سپاهيءَ چڙي چيو ته ”اهڙيون مسخريون نه ڪر. هوش ڌار تون رولو گهٽين جو ڇوڪر نٿو ڏسجين- شايد گهر مان يا اسڪول مان يا ڪنهن ٻئي هنڌان ڀڄي نڪتو آهين. سڀاڻي توکي ماجسٽريٽ صاحب وٽ پنهنجو نالو نشان ۽ ٻيو سڀ احوال ڏيڻو ٿيندو،  في الحال مون سان آءُ.“

”رالف“ ڊپ کان سسو وسو ٿي ويو، ۽ چوڻ لڳو ته ”ڀلائي ڪري مون کي ماجسٽريٽ وٽ وٺي نه هل! آءٌ توکي خاطري ٿو ڏيان، ايمان سان ٿو چوان، ته مون کي ڪنهن ڏوهه ۽ قصور ڪرڻ جو ارادو ئي ڪونه هو- مون کي ڇڏ ته آءٌ وڃان.“

سپاهيءَ چيو ته ”پوءِ مون کي ڇا ڏيندي؟ تو وٽ ضرور ڪي پيسا آهن!“

”رالف“ چيو ته ”مون وٽ ڪي به ڪينهي، جيڪي هو سڀ خرچي ڇڏيم.“

هن زور مان ٻانهن جهلي، ڇڪي چيو ته ”تڏهن سنئون ٿي هل!

”رالف“ پوليس ٿاڻي ۾ بند ٿيڻ ۽ ماجسٽريٽ وٽ پنهنجي احوال ڪرڻ جي ڊپ کان ، ڀڄي جند ڇڏائڻ جو ارادو ڪيو. پيرن جو اصل ڇوهو هو- پڪ هيس ته پوليس وارو ڀڄي نه سگهندو . ماٺ ماٺ ڪري، اوچتو، هن کي ٿيلهو ڏيئي، ٻانهن ڇڏائي، ڀڳو، جيسين پوليس وارو آٿڙجي سنئون ٿيو ۽ اونڌائيءَ ۾ هيڏي هوڏي ڏٺائين، تيسين ”رالف“ نظر کان ئي نڪري ويس! سپاهيءَ ڦڪو به ٿيو، پر خبر نه پيس ته هو ڪيڏي ويو. تنهن ڪري هن جي پٺيان ڊوڙڻ جي تڪليف ڪانه ڪيائين.

*   *   *

”رالف کي ڀڄي وڃڻ جو چڱو وجهه مليو. انهيءَ هنڌ ۽ مهل ماڻهن جي گهڻي آمد رفت ڪانه هئي. ڏينهن جو گهمندي نديءَ جي ويجهو هڪڙيءَ وڏي پل جي ڪمان سڪيءَ تي بيٺل ڏٺي هئائين- اوڏي ڀڳو. ڪناري تي اتفاق سان ٿورو سڪل گاهه پيل  ڏٺائين -  هو ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو. وري اتي هڪڙي زال به  ڏٺائين جنهن سان ننڍڙو معصوم ٻار هو. هوءَ به ڪا هن وانگر گهر کان سواءِ آواره هئي، ۽ نه پنهنجي لاءِ نه ٻار جي لاءِ کاڌو هوس. ٻار کي سيءَ کان لڪائڻ لاءِ، هن تي ڪي اڳڙيون ۽ ڪي پنهنجا ڊگها وار وڇوڙي کڻي وڌائين. انهيءَ جو حال ڏسي، ”رالف“ کي ڏاڍو رحم آيو. اهو سڪل گاهه جو پنهنجي سمهڻ لاءِ هٿ ڪيو هئائين، سو وڃي هن کي اڇلائي ڏنائين ۽ چيائين ته ”مائي، هان هي وٺ- هي توکي ۽ تنهنجي ٻار کي ڪوسو رکندو.... پر، بيهه مون کي هڪڙي گرم سدري به انداران پيل آهي، اها توکي لاهي ٿو ڏيان. يا بار ڏي ته آءٌ ڪڇ ۾ کڻي ڪو سو ڪريانس.“

هن زال چيو ته ”تنهنجي گهڻي مهرباني، هي ويچارو بک ٿو مري. پر هي به بک مري ۽ آءٌ به! جي هي ويو ته پوءِ مون کي بهتر رستو سُجهي ٿو.“

”رالف“ چيو ته ”مائي ماٺ  ڪر. ائين نه چئو؛ خدا ڏسي ٿو، اهو توکي مدد ڪندو.“

زال چرين وانگر جواب ڏنو ته ”نه، نه، هن مون کي ڇڏي ڏنو آهي!“ ائين چئي، هوءَ پاڻ به جهولڻ لڳي ۽ بار کي به ماٺ ڪرائڻ لاءِ لوڏڻ لڳي. ”رالف“ چيو ته هان هي ٻه پينس وٺ- مون وٽ فقط ايترو وڃي بچيو آهي. هينئر دوڪان بند ته نه ٿي ويا آهن؟ وڃي ٻار کي به ٿورو کاڌو وٺي ڏي ۽ تون پاڻ به کاءُ.“

زال چيو ته ”بابا، خدا تنهنجو ڀلو ڪري، ۽ توکي خوش رکي. تو هن جي به جان بچائي آهي ۽ منهنجي به.“

ائين چئي، هوءَ بازار ڏي ڀڳي ته ماني وٺي ڪم آڻي. ”رالف“ هيترن ڏکن ۽ تڪليفن کان پوءِ هن خير جي ڪم ڪري ڏاڍو سرهو ٿيو، جو ڄاتائين ته جيڪي مون کان ٿي سگهيو، سو مون ڪيو. هو گاهه تي گوڏا کوڙي خدا جو شڪر گذار ڪري ۽ آنند جي مدد گهري سمهي پيو ۽ ٻيو گاهه مٿان وجهي ڇڏيائين، ته رات جو ڪوسو رهي. ٿڪ ٽٽل هو، تنهن ڪري سگهوئي ننڊ کڻي ويس.

 

 

باب ٻاويهون

 

مشڪلاتن مان نڪرڻ

 

صبح جو ”رالف“ اٿيو، ته اڇو ڏينهن ٿي ويو هو. ساري رات برف پيئي هئي، ۽ زمين اڇي ٿي ويئي هئي. اهو ناتال جو ڏينهن هو. هن جي هڙ ۾ هاڻي هڪڙي پيني به نه هئي، جنهن سان ناشتو وٺي. ٻيو وري وڏي ڏينهن جي ڪري دوڪان به بند هئا، تنهن ڪري پورهئي ۽ اجوري جي به اُميد ڪانه هيس. ويچارو پرديس ۾ گهر گهاٽ کان سواءِ پيسي پنجڙ کانسواءِ، عزيز خويش کان سواء. لنڊن جي گهٽين ۾ پئي گهميو. هن لاءِ ناتال نه هو، ٻائيتال هو. هن کان اڳي ناتال ڪهڙيءَ نه خوشي ۾ گذاريا هئائين! پاڻ جيڏن سان جيڪي رانديون ڪندو هو ۽ مزا ماڻيندو هو، سي ياد ڪري ۽ هاڻوڪن ڏکن ۽ فڪرن سان انهن جو مقابلو ڪري، هن کي روئڻ اچي ويو. اهو به ارمان هوس ته اهڙي سڳوري ۽ خوشيءَ جي ڏينهن سندس ماءُ ۽ ڀاءُ جي جدائيءَ جي ڪري، ڪهڙو حال هوندو. اهو ياد ڪري هن کي پنهنجا ڏک ئي وسري ويا. پيءُ جو ارمان به گهٽ ڪين هوس، جو ڄاتائين ته پاڻ هن جي شرمندگيءَ ۽ ڪاوڙ جو سبب هو. اهي خيال ڪري، هن پاڻ کي اٻهرو بيعقل، خودپسند، مطلبي ۽ ڏوهاري ٺهرايو ۽ سمجهيائين ته گهران نڪرڻ ڪري مون وڏي چوڪ ۽ خطا ڪئي آهي؛ منهنجو ڪم هو پيءُ جو حڪم مڃڻ ۽ جنهن هنڌ خدا مون کي رکيو اتي خوش ۽ راضي ٿي گذراڻ. پاڻ کي چوڻ لڳو ته هنن کي ڏک برابر ٿيندو، پر نيٺ هو مون کانسواءِ زياده خوش گذاريندا.“ ويچاري امان! ويچارو ڪرسٽي! ائين چئي وري روئڻ لڳو.

بک بڇڙي بلا آهي. اهڙي وڏي ڏينهن تي به هن ويچاري کي کاڌي جي لاءِ ڪي ڪين هو. نڪي سجهيس ٿي ته حق حلال جو پورهيو ڪري ڪمائي سگهندس. پنڻ کان به هن کي شرم ٿي آيو. بک مرندي، لاچار، شايد ائين به ڪرڻو پويس. ڀلا، تڏهن ساڻ هي ڇا ڪري؟

بک ۾ هيڏي هوڏي رلندي، واجهائيندي، هن هڪڙو سکر ماڻهو هڪڙي درجي اڳيان گهوڙي تي بيٺو ڏٺو. ”رالف“ ڊوڙي وڃي هن جو گهوڙو ورتو، ۽ اهو شخص گهوڙي تان لهي اندر هليو ويو. چوندو ويو: ”شاباس، تون چڱو ڇوڪر ٿو ڏسجين. جڏهن آءُ وري ٻاهر نڪرندس، تڏهن توکي چڱي خرچي ڏيندس!“

”زالف“ کي پاءُ ڪلاڪ کن سيءَ ۽ برف ۾ ٿي بيهڻو پيو، جنهنڪري هٿ پير ساڻا ٿي پيس. جڏهن اهو شخص ٻاهر نڪتو، تڏهن هن ”رالف“ ۾ ايتريقدر چتائي نهاريو، جو ”رالف“ ڄاتو ته هن شايد مون کي ”رگبي“ جي اسڪول ۾ تماشن جي ڏينهن ۾ ٻين سان گڏ ڳائيندي ڏٺو آهي. اها ڳالهه هئي به سچي: هن شخص دل ۾ چيو ٿي ته هن ڇوڪر کي اڳي ڪٿي ڏٺو اٿم. هي عام گهٽين جو رلندڙ ڇوڪر ناهي؛ پر هن کي ياد نٿي اچي سگهيو ته ڪٿي ڏٺو هئائينس. پوءِ، نهاري نهاري، هن کي ڇهه پينس ڏنائين، چيائينس ته ”ڇوڪرا، مون کي اميد آهي ته توسان ٻيو سڀ خير آهي.“

”رالف“ منهن پاسي ڪري ورندي ڏني ته ”سائين ٻيو سڀ خير آهي. اوهان جي گهڻي مهرباني!“

هن ماڻهوءَ گهوڙي تي چڙهندي چيو ته ”آءٌ ڀانيان ٿو ته سڀ خير نه آهي!“ پوءِ وري هن ۾ نهاري، ڪنڌ ڌوڻي هليو ويو.

”رالف“ ويچاري جي لاءِ ڇهه پينس وڏو خزانو هو. انهيءَ مان ڏينهن جي به ماني ٿي پيئي، ۽ وري رات جي به، سڌو ويو نانوائيءَ وٽ اتي بُک لاهي، ويو سرڪاري حوض تي، جتي پنهنجي اڃ لاٿائين. پوءِ خيال ۾ پيو ته هاڻ ڇا ڪريان، ۽ وقت ڪيئن گذاريان.

*  *  *

سوين ماڻهو چڱيءَ پوشاڪ ۾ ديولن ڏي پئي ويا. هن جي به دل گهڻو ئي ٿي چيوته پاڻ به اوڏي وڃي، پر ائين ڪرڻ جي پهرين همٿ نٿي ٿيس. نيٺ لڪي لڪي، ”آڪسفورڊ“ واريءَ گهٽيءَ جي ويجهو هڪڙيءَ ديول ۾ گهڙي ويو ۽ اندر ڏاڪڻ تي ويهي رهيو. هڪڙي پير مرد هن کي ڏسي دعا جي ڪتابڙي کڻي هٿ ۾ ڏنيس، ۽ هو سچيءَ دل سان عبادت ۾ شامل ۽ مشغول ٿيو. جيڪي پادريءَ واعظ ڪندي پئي چيو. سو هن ڌيان ڏيئي پئي ٻڌو، ۽ انهيءَ مان دل کي گهڻو ڏڍ ٿي آيس. پادري تمام نيڪ ۽ رحمدل ماڻهو ٿي ڏٺو. ”رالف“ کي دل ۾ آيو ته انهيءَ کان پنهنجيءَ نسبت ۾ صلاح وٺان. عبادت پوري ٿيڻ کانپوءِ، هن پادري کي لنگهندي سلام به ڪيو، ۽ هن مهربانيءَ سان ڏانهس نهاريو، پر هن کي هن سان وڃڻ ۽ ڳالهائڻ جي همت نه ٿي. نيٺ دل ۾ خيال ڪيائين ته پنهنجي اندر جي قاضيءَ کانسواءِ ٻئي ڪنهن جي صلاح مصلحت مون کي ڪارگر نه ٿيندي: ۽ انهيءَ جي هن کي صلاح هئي ته ”گهر مان ڀڄڻ ڪري غلط ڪم ڪيو اٿئي، تنهنڪري موٽي اوڏي وڃ- وڃي پنهنجي پيءُ جي پيش پئو ۽ انهيءَ وٽ ڏوهه قبول ڪر- پوءِ هو معافي ڏيئي، يا سزا.“

*  *  *

شام جي ماني کائڻ کانپوءِ، ”رالف“ جو کيسو وري به خالي ٿيو، ۽ هو هيڏي هوڏي رلڻ لڳو. ڪنهن دَرَجي نزديڪ ڏاڪڻ تي به ويهي نٿي سگهيو، جوا تان هڪالي ٿي ڪڍيائونس؛ ٻي ڪابه آرام وٺڻ جي جاءِ نٿي ڏٺائين. ٿڪو به ڏاڍو هو. نيٺ، هن هڪڙو وڏو ڪشادو پهڻ ڏٺو، جو سهر جي ٻن تڪن جي وچ واري حد- نشان لاءِ کوڙيو هئائون. اتي هن ڪلاڪ کن ويهي آرام ورتو. پر، انهيءَ کي آرام ڪير چوندو؟ دل فڪرن ۽ ڏکن سان ڀريل هيس! ڪنڌ هٿن تي رکي، ڳڻتيءَ ۾ ويهي رهيو؛ ۽ جيڪي ماڻهو پئي لنگهيا، تن جو ڪوبه سماءُ ڪونه ٿي ڪيائين. هنن، ناتال جهڙي سڳوري ڏينهن، هن مسڪين ڇوڪر جي حال تي رحم به پئي ڪيو، جو سيءَ واءَ ۾ رستي جي پهڻ تي ويٺي ٿڙڪيو؛ پر هن کي ٻين رحم وارن خيالن جي ڪابه خبر ڪانه ٿي پيئي- هن کي رڳو پنهنجي اندر جي درد وارن خيالن جي خبر هئي.

هو انهيءَ طرح محو ويٺو هو، ته ٻه ڇوڪر اچي مٿائنس بيهي رهيا. هن جي پوشاڪ، ٽوپي ۽ ٻيو ڊول ڏسي، هنن جو ڌيان هن ڏي ٿيو. ”رالف“ کي اڃا به هنن جي اچڻ جو سماءُ ڪونه پيو هو، هو ڪنڌ هيٺ ڪيو ويٺو هو. هڪڙي ڇوڪري ٻئي کي چيو ته ”جارج“ مون کي پڪ آهي ته اهو آهي!“

”جارج“ چيو ته ”ڪنهن جي نالي ٿو چوين؟“

پر جواب ڏيڻ جي بدران، اهو ٻيو ڇوڪر، جو ”مارٽن آلربي“ هو، تنهن ”رالف“ جي ڪلهي تي هٿ رکي، نالو وٺي سڏ ڪيس.

”رالف“ پنهنجو نالو ۽ ”مارٽن“ جو ڳالهائڻ ٻڌي، ڇرڪ ڀريو. پهرين ته ذري گهٽ اٿي ٿي ڀڳو، ۽ پهڻ تان ٽپ ڏيئي هيٺ لٿو به هو ۽ هليو به، پر جڏهن ”مارٽن“ طعنو هڻي چيس ته ”رالف؛ هي ڇا، مون کان ڀڄيو ٿو وڃين!“- تڏهن بيهي رهيو، ”مارٽن“ پنهنجي سنگتيءَ ۽ سئوٽ کي اشارو ڪيو ته تون اتي بيهه ۽ پاڻ ”رالف“ کي ٻانهن کان وٺي ٿورو پاسي تي ويو. ”رالف“ جو ڪنڌ هيٺ ڪيو بيٺو هو، تنهن کي چيائين ته ”رالف“ ڇو نٿو مون ڏي نهارين، ۽ مون سان ڳالهائين؟“

”رالف“ ڪڏهن مٿي ڪيو، ۽ ”مارٽن“ جي اکين ۾ ڳوڙها ڏٺائين- سندس هٿ کي زور ڏيئي، چيائين ته ”مارٽن“ تون پنهنجي مهرباني ٿو ڪرين، پر منهنجي حالت هينئر ڦرِي ٻي ٿي آهي. مون کي ڇڏ ته آءٌ وڃان، تون مون کي وساري ڦٽو ڪر. تون مون کي نه ملين ها، ۽ نه ڏسين ها، ته چڱو هو!“

”مارٽن“ چيو ته ”نه، رالف، توکي آءُ ڪين ڇڏيندس، جيسين تون مون سان ڳالهه نه ڪندين. رالف، ڪهڙيءَ ڳالهه توکي پنهنجو گهر ڇڏايو؟ توکي معلوم ٿيو هوندو ته ائين ڪرڻ غلط هو!“

”رالف چيو ته ”اهو آءٌ چئي نٿوس گهان. ڪنهن به طرح، انهيءَ مهل مون نٿي ڄاتو ته اهو ڪم غلط آهي، بابي مون کي ناحق مار ڏني.“

هن چيو ته ”رالف“ مون کي پڪ آهي ته مسٽر ”ڊگلس“ سخت ۽ شوخ آهي، پر وري به ياد ڪر ته هو تنهنجو پيءُ آهي. پوءِ مارجي ڪري تون سڄي گهر کي ڏک ۽ عذاب ۾ وجهندين ڪيئن؟“

”رالف“ چيو ته ”مارٽن، مون کي عتاب نه ڏي، مون تي ڪاوڙ نه ڪر؛ اڳي ئي سارو جهان مون تي ڪاوڙيو وتي؛ مون کي اڃا گهڻين مشڪلاتن ۽ سختين مان لنگهڻو آهي.“

”مارٽن“، رحم کائي چيو ته ”پيارا رالف، تون ضرور مون سان ڳوٺ موٽي هل- ضرور بالضرور هل- پنهنجي ماءُ ۽ پنهنجي ڀاءُ تي ڪو قياس ڪر!“

”رالف“ اکين تي هٿ ڏيئي چوڻ لڳو ته ”نه چور، مون کي نه چور، مون کي عذاب نه ڏي- مارٽن، جي تون وڌيڪ انهيءَ بابت چوندين، ته آءُ توکان به ڀڄي ويندس! هو سگهوئي هري مري ٺهي ويندا؛ نٿو ڀانئين ته هو خير خواهيءَ ڪري توکي چڱي صلاح ڏيندو؟“

”رالف“ رڳو مٿو ڌوڻيو، ۽ نااميديءَ ۾ ڪڇيائين ڪي به ڪين.

”مارٽن“ وري به چيس ته ”رالف“ آءٌ توکي هن حال ۾ ڏسي نٿو سگهان: هڪڙي ٻن ڏينهن ۾ ئي ڏس ته ڪهڙو حال ٿيو اٿئي- منهن ئي سڪي ويو اٿئي! تون ٿڪل ۽ بکايل ۽ سرديءَ جو ڏمريل ٿو ڏسجين: ناتال جو ڏينهن تنهنجي لاءِ ڪهڙو نه خراب ٿو گذاري! ڀلا، رڳو مون سان گڏجي گهر هل، هلي آرام وٺ، ۽ ڪي کاءُ؛ پوءِ جي تون اڃا به نه رهئين، ته هليو وڃج.“

”رالف“ آهستي ورندي ڏني ته ”مارٽن“ تون مون کي اهڙي پڪ ڏيئي ڪين سگهندين... نه نه، مون کي ڇڏ ته آءُ وڃان! مارٽن، خدا کي پرتين؛ وري جي حياتي ۽ قسمت هوندي، ته گڏباسين نه ته...“ جملي پوري ٿيڻ کان سواءِ ئي، مارٽن کان پنهنجو هٿ ڇڏائي، اٿي هليو.

”مارٽن“ ڏک ۽ حيرت مان پٺيانس پئي نهاريو، ۽ اهو خيال پئي ڪيائين ته هاڻ ڇا ڪريان، ته ”رالف“ وري منهن ورائي چوڻ لڳو ته ”مارٽن، ڀلائي ڪري ڪنهن کي متان ٻڌائين ته تو مون کي ڏٺو آهي!“

مارٽن ڏک ۾ ورندي ڏني ته ”رالف“ آءٌ ضرور ٻڌائيندس! پهرين ته ڪوبه ڳجهه مون کي پنهنجي پيءُ کان رکڻو ڪونهي- پر، منهنجي مونجهاري ۽ غمگينيءَ ڪري، هو پاڻيهي به سهي ڪري يا پڇا ڪري سگهندو، ٻيو، ته جي بابي کي ۽ مسٽر ”ڊگلس“ کي تنهنجي خبر پوندي، ته تنهنجي لاءِ چڱو آهي. پر، ”رالف“ تون رهندو ڪٿي آهين؟“

”مارٽن“ چيو ته ”هائو، مارٽن: سڀڪو ماڻهو، سڀڪا ڳالهه، منهنجي برخلاف آهي، تون هميشه مون تي مهربان هوندو هئين، سو تون به هاڻ ءُ ڀانيان ٿو ته منهنجي برخلاف ٿيڻ ٿو گهرين! پر جي تون ضرور منهنجو پتو ظاهر ڪندين، ته آءٌ به ڪنهن هنڌ وڃي لڪندس- لنڊن وڏو شهر آهي، مون کي ڳولي لهڻ لاءِ توکي وڏو عرصو گهرجي!“

ائين چئي ”مارٽن، کان موڪلايائين. جيئن هو پئي ويو، تئين هن ڏي نهاري روئڻ لڳو؛ ۽ هو به گهٽيءَ جي ور وٽ بيهي، رومال لوڏي، گم ٿي ويو.

 

 

باب ٽيويهون

 

”رالف“ جي ناتال جي رات

 

”رالف“ اتان اٿي، تڪڙو هلڻ لڳو، ڀانيائين ته ”سرهينري آلربي“ ضرور ايندو، تنهن کانا ڳي نڪري وڃان؛ پوليس جي خبر هيس، ته ذري کان پوءِ پهري ۽ گهوم تي نڪرندي. اهو به شڪ هوس ته هينئر جو سندس پتو پيو آهي، سو پوليس وارن کي ڳولي لهڻ لاءِ خرچي يا انعام آڇين ته عجب ناهي: سو ارادو ڪيائين ته سڀاڻي صبح جو شهر ڇڏي هليو ويندس، ۽ هاڻي به هڪدم هتان نڪري ٻهراڙي ۾ وڃي رهندس. اهو ارادو ڪري، هي اتان هلندو، شهر منجهان لنگهندو، قريب ٻه- اڍائي ميل ڪري، شهر جي ٻئي پاسي ٻاهر نڪري آيو. هلي هلي، هن جي جتي پهڻ تي گسي ۽ برف ۾ ڀڄي پئي. هڪڙي هنڌ ويهي رهيو ۽ خيال ڪرڻ لڳو ته ڇا ڪريان. بک به لڳس، پر کيسي ۾ ڪي به ڪين هوس، رات گذارڻ جي آجهي جي به ڳڻتي هيس. مٿان سياري جي رات اچي ڪڙڪي. هوا جا جهوٽا ۽ برف جا وسڪارا شروع ٿيا. هو اڃا پنهنجن خيالن ۾ ويٺو هو، ته هڪڙو ڇوڪر خوشيءَ مان هڪڙو مشهور راڳ ڳائيندو اچي لنگهيو. هڪدم ”رالف“ کي دل ۾ آيو ته ڇو نه آءٌ راڳ ڳائي، خيرات يا بخش وٺڻ سان ڪي ڪمايان- شايد ايترو ڪمائي سگهندس، جو رات جي مانيءَ ۽ رهڻ جي هنڌ جو پيسو ڪڍي سگهندس! اهو خيال ڪري، هو وري اندر ڀرو وڏيءَ بازار ۽ گهٽيءَ ۾ آيو، جتي اڃا ماڻهن جي آمد رفت هئي.

اتي اچي اونداهي به ٿي ۽ بتيون ٻريون. لنگهندي، هن درين مان ڏٺو ته ماڻهو ناتال جي خوشيءَ ۾ ڏاڍيون مجلسون ڪيو ويٺا هئا ۽ سندس اڳيان ميزن تي ميوا، مٺايون ۽ لذيذ کاڌا رکيا هئا. ڪٿي مچ پئي ٻريا ۽ انهن جي چوڌاري ڇوڪرا ڇوڪريون گڏ ٿيو ويٺا هئا. ڪٿي وري ناتال جا هٿرادو وڻ ميزن تي بيٺا هئا، جن مان تحفي جهڙيون شيون ٻارن جي ڏيڻ لاءِ پئي لڙڪيون. هڪڙي گهر وٽ هو گهڻو بيٺو، جو اتي خوشيءَ جي اڃا تياري پئي ٿي. ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا اچي گڏ ٿيا هئا. راڳ ۽ ناچ جو سعيو پئي ٿيو. کل جو ٽهڪڙو پئي پيو. ”رالف“ ويچاري، ٻاهران برف جي وسڪاري ۾ ڏڪندي ۽ ٿڙڪندي، بيٺي نهاريو. سندس ٽوپي برف ۾ اڇي ٿي ويئي هئي ۽ ڪوٽ جا ڪلها به. ويچارو انهيءَ ارمان ۾ هو ته ”الاجي اهڙيون خوشيون ڪڏهن آءُ به وري ڪندس يا نه!“

اتي بيٺي، هڪڙي بيحيا ڇوڪر رڙ ڪري پنهنجن سنگتين کي چيو ته ”هيڏي هڪڙو ننڍو ڳنڍيڇوڙ بيٺو اٿو؛ ايڏي پيو نهاري؛ پنهنجون شيون سنڀالي بيهجو، متان گم ٿي وڃن!“

اهي لفظ ”رالف“ ٻڌا به، ۽ گهڻي ئي ڪاوڙ به آيس، پر ڏک جي ڪري اها وسري ويس. ماٺ ڪري،ا ها جاءِ ڇڏي آهستي اڳڀرو هليو، ۽ اچي هڪڙي هنڌ بيٺو، جتي ڄاتائين ته ڪن راڳن ڳائڻ سان ٿورو گهڻو ڪمائي سگهندس. پهرين ته گهڻو ئي شرم ٿي آيس، ۽ وات کان وائي نٿي نڪري سگهيس، پر نيٺ بک،  سردي ۽ نااميدي مٿس غالب پيئي. هڪڙو مزي جهڙو قصو راڳ ۾ ياد هوس، جو ڄاتائين ته ٻڌندڙن کي گهڻو وڻندو. پنهنجي نڙي صاف ڪري مٺي آواز سان ڳائڻ لڳو. ٻه- چار بيت مس ڳايائين، ته ڏهه- ٻارهن ماڻهوا چي مٿس مڙيا. لنڊن جي گهٽين ۾ اهڙو مٺو، عمدو ۽ صحيح راڳ اڳي ڪنهن ورلي ٻڌو هو. ماڻهو حيران ٿي ويا. اهو شعر سندس حال وٽان به هو، تنهنڪري ڏاڍي سوز ۽ دلچسپيءَ سان ٿي ڳايائين؛ جنهنڪري انهيءَ جو ٻڌندڙن تي نهايت گهڻو ۽ چڱو اثر ٿي ٿيو. نيٺ، جڏهن راڳ بس ڪيائين ۽ قصو پورو ڪيائين، تڏهن ماڻهو تاڙيون وڄائي آفرين ڏيڻ لڳس، ۽ گهڻن ته چڱو انعام به ڏنس- اگرچه هُنَ ڪنهن کان ڪي گهريو به ڪين. ٽامي ۽ چاندي جي سڪن سان کيسو ڀرجي ويس!

هڪڙي ڪاسائي ڇوڪري کي هن جي فتحيابي ڏسي ڏاڍي ريس ٿي ۽ پنهنجي ٻئي سنگتيءَ سان ”رالف“ تي ٺٺوليون ڪرڻ ۽ انهيءَ کي چيڙائڻ لڳو- بلڪه هن کي چرچي مان گهٽ- وڌ به ڳالهائڻ لڳو- ۽ ماڻهو جي مڙيا هئا، سي هن جي چرچن تي کلڻ لڳا. ”رالف“ کي اها ڳالهه ڏاڍي ڏکي لڳي. چڙ مان، انهيءَ ڪاسائي ڇوڪر کي ڳچيءَ کان وٺي، چيائين ته ”اڙي بند ڪر پنهنجو وات!“

ڇوڪر چيو ته ”تون اڙي ڪير آهين، جو منهنجو وات ٿو بند ڪرين؟“ ائين چئي، پاسرين ۾ ٺونٺ هڻي ڪڍيائينس.

”رالف“ چيس ته ”منهنجو مغز ڀڃندين؟ شڪل ته ڏسوس- ڏسان ته ڪيئن ٿو ڀڃين!“ ائين چئي، ها- ها- ها ڪري کلڻ لڳو.

”رالف“ چيو ته ”تڏهن هان، وٺ...“ ائين چئي، هن کي ڳل تي چماٽ هڻي ڪڍيائين. پوءِ ته ٻئي اچي اٽڪيا. ڪاسائي ڇوڪر ڳرو ۽ ٿلهو هو، پر ”رالف“ جيتوڻيڪ ٿورن ڏينهن جي تڪليفن ڪڍڻ ڪري ضعيف ٿي ويو هو، ته به مضبوط ۽ همت وارو هو. جهٽ ۾ مڪون ۽ جانٺا هڻي، هن کي ڪيرائي رکيائين؛ ۽ پوءِ وري هن کي هٿ کان وٺي، مدد ڏيئي، اٿاري بيهاريائين، ۽ ڇهه پينس هن جي هٿ تي ڏيئي، چيائينس ته ”ڀائو، هي وٺ، وڃي خرچ کاءُ، آءٌ پنڻو نه هوس، کاڌي لاءِ ڪين هوم، تڏهن ٿي ڳايم. هاڻي تون به وڃي خوش ٿي، ۽ آءٌ به وڃان ٿو.“

هن ڇوڪر اهي پيسا موٽائي ڏنس، ۽ چيائينس ته ”جي مون کي خبر هجي ها ته تون اهڙو چڱيءَ طبيعت وارو ماڻهو آهين، ته جيڪر تنهنجو نالو ئي نه وٺان ها!“ ائين چئي، پنهنجن سنگتين کي سڏي ٻئي پاسي هليو ويو.

ٻيو هڪڙو آڪسفورڊ جو جوان شاگرد به اتي بيٺل هو، تنهن پنهنجي سنگتيءَ کي چيو ته ”قسم آهي، هيءَُ ڇوڪر ته ڪنهن سکر ماڻهوءَ جو پٽ آهي- لنڊن جو فقير پنڻو اهڙو ڪنهن ڏٺو!“

سندس سنگتيءَ چيو ته ”ڪنهن به قسم جي فقير اهڙو چڱو ڪڏهن ڪو راڳ ڳايو؟ ڪنهن وڏيءَ ديول ۾ به اهڙو عمدو راڳ ٻڌڻ ۾ نه آيو هوندو!“

”رالف“ هن جون اهي ٻوليون ٻڌي، چوڻ لڳو ته ”آءٌ فقير يا پنڻو ناهيان؛ مون کي اڄ ڪم يا اجورو ڪونه مليو هو، تنهنڪري مون راڳ ڳائي ڪي پيسا گڏ ڪيا، انهيءَ لاءِ ته رات جي ماني ۽ سمهڻ جو بسترو هٿ ڪريان.“

هنن چيو ته ”تڏهن اسان کي ٻيو ڪور اڳ ڳائي ٻڌاءِ؛ يا نه اهو ئي ساڳيو وري ٻڌاءِ، اهو راڳ ٻه ڀيرا ٻڌڻ جهڙو هو.“ ٻين ماڻهن به هن کي منت ڪئي.

”رالف“ چيو ته ”هڪڙي ٻن ڏينهن جي ڪم لاءِ مون وٽ جهجهو پيسو موجود اهي، تنهنڪري مون کي ڳائڻ جو ضرور ڪونهي؛ مگر جي اوهان جي دل جي اهڙي خواهش آهي، ته آءٌ اوهان کي ناتال جو هڪڙو ٻيو گيت ڳائي ٿو ٻڌايان.“

پوءِ مٺي آواز سان هڪڙو نهايت عمدو راڳ ڳايائين. اهو اهڙو درد ۽ سوز وارو هو، جوا نهيءَ جي پوري ڪرڻ کان اڳي هو پاڻ سڏڪا ڀري روئڻ لڳو. هن جو هي حال ڏسي، سڀني ٻڌندڙن کي ڏاڍو ڏک ٿيو، ۽ گهڻن ته روئي به ڏنو.

هن آڪسفورڊ واري شاگرد چيو ته ”ويچارو مسڪين! ادا، مون کي افسوس آهي جو مون توکي اها تڪليف ڏني. هان، هيءَ ٿوري خرچي وٺ،“ هن ٻه اڌ- ڪرائون کڻي هٿ ۾ وڌس. انهيءَ جي سنگتيءَ به ٽيون اڌ- ڪرائون ڏنس. ٻين ماڻهن به پيسا ٿي ڏنس، پر ”رالف“ نه ورتا. چيائين، ”منهنجي لاءِ هي گنج آهن؛ منهنجي گهرج پلجي ويئي، وڌيڪ مون کي نه گهرجي.“

هن جي اها ڪشاده دليءَ جي هلت ڏسي، ماڻهن کي حيراني لڳي. گهڻا جيڪر هر طرح جي مدد ڏينس ها، پر هو تڪڙ ڪري، اهو هنڌ ڇڏي اڳڀرو هلي، اونداهيءَ ۾ بيهي رهيو- جيسين ڪه سڀ گوڙ لهي ويو. پوءِ ارادو ڪيائين ته وڃي رات جي ماني ۽ سمهڻ جي جاءِ جو ڪو بندوبست ڪريان. اڃا ٿورو اڳڀرو هليو، ته هو آڪسفورڊ وارو شاگرد ۽ ان جو سنگتي- ٻئي وري اچي گڏيس. هنن کي دل ۾ آيو هو ته هي ڪو ويچارو پرديسي مسافر آهي يا ڪنهن مشڪلات ۾ آهي، تنهن کي مدد ڪجي، ته اهڙيءَ سڳوريءَ رات ثواب ٿئي.

هنن مان هڪڙي چيس ته ”ڇوڪرا، آءٌ ڀانيان ٿوته تون ڪنهن مشڪلات ۾ آهين؛ ڀلائي ڪري اسان کي سڄي ڳالهه ٻڌاءِ، ته پوءِ جيڪا مدد اسان کان پڄي سگهي، سا توکي ڏينداسين.“

”رالف“ ڏک مان چيو ته ”مون کي ٻي مدد ڪانه گهرجي؛ منهنجي لاءِ ڪو ڪم اوهين پيدا ڪريو ته آءٌ شڪر گذار رهندس.“

هن چيو ته ”چڱو، انهيءَ جو اسين سڀاڻي بندوسبت ڪنداسين. في الحال تون اسان سان هل، ۽ هلي اسان کي پنهنجو حال ٻڌاءِ. اسين توکي رات جي ماني ۽ سمهڻ جي جاءِ ڏينداسين. توتي اسان کي پورو ڀروسو آهي.“

”رالف“ ماٺ ڪري هنن سان گڏجي اٿي هليو.

* * *

آڪسفورڊ وارو شاگرد ته رستي مان موڪلائي ويو، باقي انهيءَ جو سنگتي، جنهن جو نالو ”والٽر هنٽ“ هو، سو هن کي وٺي پنهنجيءَ جاءِ تي آيو؛ جتي هو ايندڙ امتحان جي لاءِ هڪڙي خانگي ماستر وٽ پڙهندو هو. نوڪر اڳي ئي مانيءَ جي ميز وٽ ٻه ڪرسيون رکي ڇڏيون هيون. انهيءَ کي ”هنٽ“ ٽي ڪرسي به اڻي رکڻ لاءِ چيو؛ پر ”رالف“ چيس ته ”آءٌ اوهان سان گڏ ميز تي ڪين ويهندس.“

هن پڇيو ته ”سو ڇو؟“

”رالف“ شرم سان ورندي ڏني ته ”آءٌ گهٽين ۾ پئي ستو آهيان، منهنجا ڪپڙا ميرا ٿي ويا آهن،- پنهنجي بت ڌوئڻ جو ئي مون کي وجهه نه مليو آهي!“

هن جوان شخص چيس ته ”فڪر ناهي“ آءٌ توکي وهنجڻ جي جاءِ ٿو ڏيان. گرم پاڻيءَ سان وهنجي سهنجي نوان ڪپڙا ڍڪ، جي آءٌ توکي موجود ڪري ٿو ڏيان. سڀاڻي تائين تنهنجا ڪپڙا به ڌئاري توکي ڏيندس. اڄ رات خوش ٿي گذار، ۽ ناتال جي خوشيءَ ۾ مون سان ۽ ”هيرڪ“ سان گڏجي ماني کاءُ، هوءَ ڪوٺي آهي تنهنجي سمهڻ جي.“

”رالف“ ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ هن جي شڪر گذاري ڪيائين. اڌ ڪلاڪ جي اندر هو وهنجي سهنجي، نوان ڪپڙا ڍڪي، گل ٿي آيو، ۽ سچو پچو لنڊن جو سکر ماڻهو ڏسڻ ۾ آيو. انهيءَ وچ ۾ ماني به ميز تي آئي ۽ ”هيرڪ“ به اچي نڪتو. پوءِ ٽيئي گڏجي ماني کائڻ ويٺا. هنن ٻنهي پاڻ ۾ اکين سان اشارا پئي ڏنا، جنهن مان معلوم ٿي ٿيو ته هنن پنهنجو شڪ سچو ٿي ڄاتو. پر، حقيقت ڪري، ”رالف“ پنهنجي سچي حالت هنن کان نٿي لڪائي؛ رڳو جڏهن هنن سندس نالو پڇيو، تڏهن سو هنن کي چيائين ته ”مهرباني ڪري منهنجو سچو نالو مون کان نه پڇو- مون کي ڪي به کڻي سڏبو.“

”هنٽ“ کلي چيو ته ”چڱو، سائين اسين کڻي توکي آلجبرا واري ”ايڪس“ (نامعلوم رقم) سڏائينداسين! پر، وڃڻ کان اڳي، تون اسان ۾ ٿورو زياده ويساهه رکندين، ۽ پنهنجو حال ڏيندين. انهيءَ لاءِ، ته جي ٿي سگهي ته توکي مدد ڏيون- تيسين آءٌ توکي صاف ٿو چوان ته تون ڪٿان ڀڄي نڪتو آهين!“

”رالف“ ماٺ ڪري ويٺي ٻٺو، ۽ منهن البت غمگين ڏسڻ ۾ آيس، تنهنڪري ”هنٽ“ وري پاڻيهي چيو ته هينئر انهيءَ کي ڇڏي ڏجي. اجها اسان جي ناتال جي ماني اچي ٿي، انهيءَ تي غمگين ۽ ملول منهن ڪري ويهڻ نه گهرجي، اُٿي خوش ٿي اچي ويهه. هان،... او ائين!“

سگهوئي ماني پوري ٿي، ۽ هنن جي صحبت ۾ رالف“ جي طبيعت به خوش ۽ سرهي ٿيڻ لڳي. هميشه وانگي، هلندڙ گفتگو ۾ شامل ٿيو. گذريل ٿورن ڏينهن ۾ اهڙي ماني ۽ اهڙي صحبت نه ڏٺي هئي، نه اهڙي جلد ڏسڻ جي اميد هيس، تنهنڪري ڏاڍو خوش ٿيو. مانيءَ کان پوءِ ڳچ تائين ويٺي ميوو کاڌائون، شراب پيتائون، ۽ ڳالهيون به ڪيائون. نيٺ ”هيرڪ“ اُٿي موڪلائي هليو ويو، ۽ ”هنٽ“ ”رالف“ کي چيو ته ”ماسٽر ايڪس“ هاڻ مون کي ڪو خط لکڻو آهي، تون وڻيئي ته وڃي سمهه، وڻيئي ته اڌ ڪلاڪ کن تائين ويهي ڪي پڙهه.“

”رالف“ چيو ته ”مهرباني اوهان جي، آءٌ ويهي ٿو پڙهان، مون کي ڪي پڙهڻ لاءِ ڏيو.“

هن چيو ته ”اجها اڄوڪي اخبار ”ٽائيمس“- اهائي ويهي پڙهه.“

”رالف“ اها وٺي ويهي پڙهڻ لڳو. اوچتو، انهيءَ ۾ هن جي نظر پنهنجي نالي تي ٻيئي، ۽ اشتهارن واري صفحي جي ڀاڱي ۾ هن هيٺيون اشٽهار لکيل ڏٺو:

”رالف ڊ، هڪدم گهر موتي اچ، اها بيوقوفيءَ ۽ بيشرميءَ جي هلت بند ڪر، ٻيو ڪو ڊپ نه ڪري.- ا. ڊ.“

جي ٻيو ڪي انهيءَ اخبار ۾ لکيل نه هجي ها، ته ”رالف“ پاڻ اڳي کان زياده بيزار ۽ خفي ٿئي ها؛ پر انهيءَ جي هيٺان وري هيءَ ٻي مهربانيءَ جي عبارت لکيل هئي: ”پيارا رالف، خدا جي واسطي تون موٽي گهر اچ! او رالف، ڪيئن تنهنجيءَ دل چيو جو اسان کي ڇڏي هليو وئين؟ ”ڪ“ تمام بيمار آهي. پنج مهينا اڳي جيڪي هن کي ٿيو هو، سو ياد ڪر! تنهنجي غيرحاضريءَ جي ڪري جيڪي نتيجا نڪري سگهن ٿا، تن تي خيال ڪر. مون کي اميد ۽ پڪ آهي ته تون ڏاهو ۽ خدا ترس ٿيندين، موٽي ايندين. تنهنجي دل شڪستي ماءُ- م.ڊ.“

هيءَ پڙهي، هن جي اندر مان آهه نڪري ويئي، ۽ جيتوڻيڪ پاڻ گهڻو سنڀاليائين، ته به غم جي گهڻائيءَ ڪري انهيءَ کي روڪي نه  سگهيو.

”هنٽ“ پڇيس ته ”ٻيو ته خير آهي- اخبار ۾ ڇا ڏٺو اٿئي؟ مون کي ڏي ته آءٌ ڏسان.“ اخبار هن جي هٿ مان وٺي، انهيءَ صفحي تي نظر ڪري، چيائين ته ”هائو، هائو، هاڻ مون کي معلوم ٿيو... متان رالف ڊ“ تون آهين؟“

”رالف“ روئندي ۽ سڏڪن ڀريندي، ورندي ڏني ته ”مون کان ڪي به نه پڇو!“

”هنٽ“ وڌيڪ ڪڇيو ڪين. اتان نڪري ويو ۽ نوڪر کي سڏي چيائين ته ”جيڪي ڪپڙا مون اڳهڻو توکي اڄ رات ڌوئڻ لاءِ ڏنا هئا، تن تي ڪو نالو ڏٺئي؟“

نوڪر چيو ته ”هائو، سائين- پهراڻ ۽ رومال ٻنهي تي ”ر. ڊگلس“ لکيل هو.“

”هنٽ“ وري اندر آيو، ۽ ”رالف“ کي وٺي باهه وٽ وڃي ويهاريائين ۽ چيائينس ته ”بابا، هاڻ هت ويهه ته ڪي ڳالهيون ڪريون. تڏهن تون ”رالف ڊگلس“ آهين، جنهن لاءِ اشتهار ٿيل آهي! تون گهران رسي ڀڄي آيو آهين؟ ڏس، هاڻ تنهنجو نالو مون کي اچي ٿو، ٻيو احوال مون کي ڪري ٻڌاءِ، حجاب نه ڪر، اگرچ پاڻ غيرواقف آهيون، ته به توکي منهنجي مهربانيءَ ۽ مدد تي ڀروسو رکڻ کپي.“

”رالف“ هن جي منهن ڏي نهاري چيو ته ”چڱو، آءٌ اوهان کي پنهنجو حال بڌايان ٿو.“

پوءِ اول کان وٺي آخر تائين هن سڄي ڳالهه ڪري ٻڌايس. اها ٻڌي، ”هنٽ“ ارمان ڪري چيو ته ”بابا، هيستائين توکي معلوم ٿي ويو هوندو ته تو غلط ڪم ڪيو آهي: تنهنجو فرض گهر ۾ ادا ٿيڻو آهي، نه ٻاهر، گهر کان پري، رڳو عذاب ۽ تڪيلف آهي!“

”رالف“ چيوته ”مسٽر هنٽ، منهنجي اندر جي اوهان کي خبر ڪانهي. آءٌ گهر ڪڏهن ڪين ويندس- ڪڏهن ڪين- ناممڪن آهي- مري ويندس. بکون ڪڍندس، پر اوڏي نه ويندس!“

”هنٽ“ وري بها خبار ۾ اهو اشتهار ڏسي، هن کان پڇيو ته ”رالف، هي جو لکيل آهي ته پنج مهينا اڳي جيڪي هن کي ٿيو هو سو ياد ڪر، تنهنجي غيرحاضري جي ڪري جيڪي نتيجا نڪري سگهن ٿا، تن تي خيال ڪر، تنهنجو مطلب ڇا آهي؟“

هي سوال ٻڌي، ”رالف“ کي وري نئين سر غم جو جوش آيو. تڏهن ”ڪرسٽيءَ“ کي ڪتي جي ڏاڙهڻ واري ڳالهه ڪري ٻڌايائين. جڏهن آرام آيس، تڏهن ”هنٽ“ طعنو هڻي چيس ته ”واهه چڱا مڙس، انهيءَ کان پوءِ ته ترسڻ تي تنهنجي دل چوي ٿي! رالف، مون کي به هڪڙو ننڍڙو ڀاءُ آهي؛ آءٌ توکي پڪ ٿو ڏيان ته اهڙيءَ حالت ۾ آءٌ جيڪر هن کي ڪڏهن به ڇڏي نه وڃان. تون سمجهه وارو ڇوڪر آهين، توکي ڇا ٿيو؟“

”رالف“ چيو ته ”مسٽر هنٽ، اوهين مون کي خوار ته نه ڪندئو؟“

”رالف“ چيو ته ”مسٽر هنٽ، اوهين مون کي خوار ته نه ڪندئو، ۽ مون کي بيواهو ڪري ڪڍي ته نه ڇڏيندئو؟“

”هنٽ“ ورندي ڏني ته ”نه، پيارا ڇوڪر- جي تون موٽي گهر ويندين، ته به پنهنجيءَ خوشيءَ خورميءَ سان. پر، مون کي يقين آهي ته تون ضرور ويندين، ويچاريءَ ماءُ کي دلشڪستو ڪري نه ماريندين، نڪي ڀاءُ جو موت اڳڀرو ٿيڻ ڏيندين! جيڪو حال تو مون کي ڏنو آهي، اهو ٻڌئي، آءٌ چئي سگهان ٿو ته تو بلڪل غلط ڪم ڪيو آهي، جو گهران ڀڄي نڪتو آهين- بلڪه اهو گناهه جهڙو ڪم ڪيو اٿئي!“

”رالف“ ڏک ۽ نااُميديءَ ۾ هٿ مروٽي، چيو ته ”او سائين، مون کي ڏوهه نه ڏي. مون چڱي ڇوڪر ٿيڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي آهي. ”رگبي“ ۾ ڪنهن کان پڇي ڏسو ته آءٌ ڪهڙي قسم جو ڇوڪر هوس، ۽ منهنجي چال ڪهڙي هئي، پر، جيڪي عذاب مون سٺا آهن، ۽ جيڪي سختيون مون ڏٺيون آهن، تن جي ته اوهان کي خبر ڪانهي، تڏهن ٿا ائين چئو.“

هن چيو ته، ”رالف، هينئر جڏهن پنهنجي واقفيت ٿي ويئي آهي، تڏهن منهنجي مرضي آهي ته توکي مدد ڪريان. توکي پڪ ٿو ڏيان ته رڳو هڪڙو ڪم چڱو آهي؛ ۽ اهو آهي- جيترو ٿي سگهي، جلد موٽي گهر وڃڻ. ڪوبه خيرخواهه ٻي ڪا صلاح نه ڏيندءِ. يقين ڄاڻجئين ته جيسين موٽي گهر نه ويندين، تيسين ڪوبه سک ڪونه ڏسندين. ائين ڪرڻ سان، خدا توتي جيڪو فرض رکيو آهي سو پوريءَ طرح ادا ڪري سگهندين.“

”رالف“ چيو ته آءٌ گهر ويندس سهي، مگر اُتي ٽڪندس ڪڏهين ڪين!“

هن چيو ته ”في الحال جيڪو فرض ضروري ڄاڻين ٿو، سو ته ڪر، آئيندي جو پوءِ ٻيو خيال ڪجئين. تڏهن هاڻ ڳوٺ موٽي وڃڻ جو پڪو انجام ٿو ڪرين نه؟ شايد جس جهيئي! مون اڳي ئي تنهنجي منهن مان معلوم ڪيو هو ته تنهنجي دل چڱي آهي.“

”رالف“ چيو ته ”آءٌ سڀاڻي روانو ٿيندس. ٻه ٽي ڏينهن پنڌ ۾ لڳندم، وڃي پهچندس. پر جي خواندخواسته زياده مشڪلات نظر آئي، ته پوءِ من پني يا ڳائي وڃي پهچان!“ ائين چوڻ ساڻ رنائين به، ۽ کليائين به.

”هنٽ“ چيس ته ”انهيءَ جو ڊپ نه ڪر، آءٌ توکي خوشيءَ سان ايترا پيسا ڏيندس جو تون ڳوٺ وڃي پهچندين. ناڪار نه ڪر، ڪنڌ نه لوڏ- خيرات توکي نٿو ڏيان- پوءِ کڻي مونکي موٽائي ڏج.“

”رالف“ چيو ته ”مسٽر هنٽ، اوهين تمام گهڻي مهرباني ٿا ڪريو. آءٌ اوهان جو شڪر گذار آهيان.“

 

باب چوويهون

 

 

”رالف“ جو ڪرسٽيءَ سان انجام

 

ٻئي ڏينهن فجر جو جڏهن ”رالف“ جاڳيو، تڏهن پهرين انهيءَ نئينءَ جاءِ کي هيڏي هوڏي ڏسي حيران ٿيو؛ پر پوءِ سگهوئي رات جون ڳالهيون ياد پيس، ۽ گهر وارن جو انتظار شروع ٿيس.

پنهنجا ڪپڙا ڏٺائين، ته ڌوتا صاف ٿيا سندس کٽ جي ڀرسان هڪڙيءَ ڪرسيءَ تي رکيا هئا. ديول جي گهڙيال به نو وڃايا. ته هي اٿيو. اٿي، پنهنجا ڪپڙا ڍڪيائين. مسٽر ”هنٽ“ ويهڻ واريءَ جاءِ ۾ ناشتي جي لاءِ سندس واسطي منتظر ويٺو هو. ناشتي کائيندي هن اهو ٺهراءُ ڪيو ته جيڪا ريل گاڏي ساڍي يارهين وڳي اتان ٿي نڪري، ۽ جا شام ڌاري ”آلٽن“ ۾ ٿي پهچي، تنهن ۾ روانو ٿئي.

مسٽر ”هنٽ“ چيس ته ”تڏهن انهيءَ گاڏيءَ ۾ تون وڃڻو آهين؟ هان، هي ٽي پائونڊ وٺ- آءٌ ڀانيان ٿو ته گهر پهچڻ تائين توکي پورا ٿيندا.“

 

”رالف“ ورندي ڏني ته ”بلڪل پورا ٿيندا- بلڪ گهڻا ٿيندا.“

هن چيو ته ”تڏهن جيڪي بچي، سو پنهنجي خرچيءَ لاءِ رکي ڇڏ. هاڻ آءٌ توکان موڪلائيندس، جو مون کي پنهنجي ماستر وٽ وڃي پڙهڻو آهي، ۽ منهنجي موٽڻ کان اڳي تون هليو ويندين. چڱو هاڻ خدا حافظ. پنهنجو حال احوال مون ڏي ضرور لکجيئن!“

”رالف“ چيو ته ”آءٌ ضرور لکندس. خدا حافظ. مسٽر هنٽ، جيڪا اوهان مون تي مهرباني ڪئي آهي، تنهنجي لاءِ آءٌ نٿو ڄاڻان ته ڪيئن اوهان جي شڪر گذاري ڪريان. ائين پيو ڀانيان، ڄڻ اوهين ورهين کان وٺي منهنجا دوست هئا!“

مسٽر ”هنٽ“ هن جو هٿ لوڏي، موڪلائي، چيو ته ”اُميد آهي ته آءٌ اهڙو رهندس. هاڻ خدا حافظ. ياد رکجئين!“

هو هليو ويو، ۽ ”رالف“ باهه جي پاسي ۾ ويهي رهيو. هن گهر وڃڻ جو انجام ته ڪيو هو، پر اتي رهي پوڻ جو وعدو نه ڪيو هئائين. وري جڏهن پيءُ جي ڪاوڙ، اوڙي پاڙي يا نوڪرن جي پڇا ۽ کل، اخبارن ۾ انهيءَ جو ذڪر ۽ اهڙيون ٻيون شرم ۽ خواريءَ ۽ ڏک جون ڳالهيون ياد پيس، تڏهن هن جي دل ۾ ڏاڍي نفرت ۽ سنگدلي پيدا ٿي.

هن اڃا اهي پهه ويٺي پچايا، ته نوڪر اندر گهڙي آيو،  ۽ انهيءَ ڏينهن جي تازي آيل اخبار آڻي ڏنائينس. ”رالف“ اها کڻي ويهي پڙهڻ لڳو. پڙهندي پڙهندي، هيٺيون خط منجهس لکيل ڏٺائين: ”پيارا رالف، پنهنجن خيرخواهن ۽ سچن دوستن جي صلاح وٺ ۽ هڪدم گهر موٽي آءٌ. جي توکي ڪو ڊپ ٿو ٿئي، يا شرم ٿو اچي، ته تون مون وٽ اچ، پوءِ آءُ تنهنجي لاءِ سڀ بندوبست پورو ڪندس. مارٽن به مون سان توکي منٿ ڪرڻ ۾ شامل ٿئي ٿو. اسين اڄ لنڊن مان ”ا“ ڏي روانا ٿينداسين. تنهنجو سچو دوست-ه.آ.“

هن هڪدم سهي ڪيو ته اهو خط ”سرهينري آلربيءَ“ جو لکيل آهي. ۽ هن جي مهربانيءَ ۽ محبت جي بوءِ ڪانه آيس. ”-هڪدم گهر موٽي اچ، اها بيوقوفي ۽ بيشرميءَ جي هلت بند ڪر!“-

انهن لفظن مان اها چڙ ۽ رنجيدگي پئي معلوم ٿي، جنهن کان ”رالف“ ايترو ٿي ڊنو ۽ ڀڳو- اگرچ پڇاڙيءَ ۾ اهو نالي جو ڪوڙو دلاسو هو ته ”ٻيو ڪو ڊپ نه ڪر.“ چوڻ لڳو ته ”نه، اڃا اهڙو جلد گهر نه وڃي رهندس؛ باقي وڃي امان ۽ ڪرسٽيءَ کي ڏسي ايندس. خدا مون کي معاف ڪندو. گهر ۾ پوئينءَ رات واري جٺ اڃا اهڙو جلد نه وساريندس!“

هو اٿيو ۽ ٽوپي به کنيائين. وري دل ۾ آيس ته ”هنٽ“ مون کي جي پيسا ڏنا هئا، سي رڳو“ انهيءَ اميد تي ڏنا هئائين ته آءٌ گهر وڃي وري پنهنجن مائٽن وٽ رهندس؛ پيسي جو قدر به هينئر گهڻو پيو هوس، ۽ ڄاتائين ٿي ته انهيءَ کان سواءِ بُک ۽ ڏک حاصل ٿيندو، ٻيو ڪي به ڪين؛ ته به هن ڄاتو ته عزت ۽ ايمانداريءَ جي رستي اهو بک ۽ ڏک جو عذاب به قبول آهي.

سو، هن هڪدم کيسي مان اهي پيسا ڪڍيا، ۽ هڪڙو ڪاغذ ڪڍي انهيءَ تي ويهي هي خط لکيائين:- ”مهربان مسٽر هنٽ، مون صبح کان وٺي پئي ويچار ڪيو: آءٌ گهر وڃان ٿو، مگر اتي رهي ڪين پوندس. اوهان مون تي جا مهرباني ڪئي، سا ايتري لاءِ ته آءٌ گهر وڃي رهندس- پر، هن حالت ۾؛ مون کي اوهان کان پيسن جي اڌاري وٺڻ جو به حق ڪونهي- ۽ جي کڻي وٺان، ته به خبر نه آهي ته اهو قرض لاهي سگهان يا نه. اوهان جي مهربانيءَ جو بدلو آءٌ ڪڏهن به ڏيئي نه سگهندس. مون کي احسان فراموش متان سمجهو، آءٌ هميشه اوهان جو احسان مند ۽ شگر گذار رهندس. خدا حافظ.- ر. ڊ.“ هن ٽي پاؤنڊ به ڪاغذ ۾ وڌا ۽ ڪاغذ لفافي ۾ وجهي، بند ڪري، لفافي تي مسٽر ”هنٽ“ جو نالو لکي اتي ڇڏي، پاڻ سفر تي نڪتو.

جڏهن مسٽر ”هنٽ“ ٻپهرن جو موٽي آيو، تڏهن اهو خط پڙهي ڏاڍو حيران ٿيو. ايتري پڪ هيس ته ”رالف“ گهر ويندو ته سهي، پوءِ کڻي ٿورو وقت اتي رهي؛ تنهن ڪري هن کي ڳولي وڃي هٿ ڪرڻ يا روڪڻ جو ضرور ڪونه ڏٺائين.

اخبار جي اشتهار مان، توڙي ”رالف“ کان هن کي اهو پتو ڪونه مليو هو ته هو ڪٿي ٿو رهي؛ تنهن ڪري هن رڳو هيترو ڪيو جو ٻئي ڏينهن واريءَ اخبار ۾ هيٺيون اطلاع وجهارايائين:-

”جيڪو ماڻهو اتفاق سان رالف کي لنڊن ۾ گڏيو هو، سو وسهي ٿو ته هو هينئر پنهنجي گهر ڏي موٽيو آهي.- و. ه.، ڪيمبرج ۽ آڪسفورڊ ڪلب لنڊن.“

ٻن ڏينهن کان پوءِ هن وٽ مسٽر ”ڊگلس“ جو خط آيو، جنهن هن کان پنهنجي پٽ جي پڇا ڳاڇا ڪئي هئي. انهيءَ جي جواب ۾ هن سارو احوال لکي موڪليو. تنهن جي پهچ ۽ شگر گذاريءَ جي ڪاغذ مان مسٽر ”هنٽ“ کي معلوم ٿيو ته اڃا ”رافل“ اتي ويو آهي. ڪي ڏينهن پوءِ به هن وري انهيءَ بابت ڪو احوال ڪونه ٻڌو.

 

*   *   *  *  *

 

هوڏي؛ ”رالف“ لنڊن مان ڏکڻ ڏي، ”آرلسبرو“ جي طرف وارو رستو ڏيئي اٿي هليو. تهه سيارو هو، ۽ رستي جي به تڪليف سجهيس ٿي؛ پر انهن هن کي ياد پيو ته اڃا مون وٽ اٽڪل ڏهه شلنگ آهن، جي راڳ ڳائڻ ڪري، ”هنٽ“ جي گڏجڻ کان اڳي، مليا هئم-

اهي ڄاتائين ته کيس گهر تائين پهچائڻ ۾ مدد ڪندا. مسافرن جي گهوڙي گاڏيءَ تي چڙهي، شهر مان نڪري، ٻهراڙيءَ تائين آيو. ڇهه پينس ڏيئي هڪڙي ٿلهو لڪڻ ورتائين؛ پوءِ اٿي پيادو هلڻ لڳو. شام تائين ڳچ پنڌ ڪري ٿڪجي بکائجي هڪڙي ڳوٺ ۾  اچي لٿو. اُهو هنڌ لنڊن کان ويهه ميل هو. هڪڙي مسافر خاني ۾ ٿورا پيسا ڏيئي ماني کائي هنڌ هٿ ڪري ستو. ٻئي ڏينهن فجر جو چڱو ناشتو کائي، وري اٿي پنڌ ڪرڻ لڳو، ۽ شام تائين ٽيهه ميل ٻيا به ڪري ورتائين. پر اتي رات به پئجي ويس، ۽ ٿڪجي به پيو. هڪڙو ڳوٺ اتان اڃا پرڀرو هو، تنهن ڪري ٻنيءَ جي انبار خاني جي يا ديري ۾ رهي پيو. ڪک ۽ گاهه ججهو هو، ٻي مشڪلات ڪانه ٿيس، ماٺ ڪري سمهي پيو. رات جو ڪي ٻه چور، ان يا ڪڪڙن چورائڻ لاءِ اتي ديري ۾ آيا هئا، جي مٿانئس اٿڙجي اچي ڪريا، ”رالف“ ڇرڪ ڀري اٿيو، ۽ ”چور چور“ ڪري رڙيون ڪرڻ لڳو. چور ته ڀڄي ويا، هل تي ديري وارو ڪتو ڀونڪڻ ۽ بهڻ لڳو ۽ ٻنيءَ واري گهر جا ڀاتي جاڳي پيا. زميندار بندوق کڻي سماءَ تي آيو. ديري جو در جو چور پٽي ويا هئا، سو ڏسي اندر لنگهي آيو. ڪتو جو ساڻ هو، ”رالف“ تي ڪاهي آيو. ”رالف“ لٺ سان پاڻ کي بچايو. زميندار ڪتي کي هڪل ڏني ۽ ”رالف“ تي پري کان بندوق سنئين ڪري گهوڙي تي آڱر رکي چوڻ لڳو ته ”اڙي، هاڻ سچي ڪر، بدمعاش، ته ڇا ٿي ڪيئه؟ ٻڌاءِ اوهين پاڻ ۾ ڪيترا آهيو؟“

”رالف“ چيو ته ”هتي رڳو آءٌ آهيان: آءٌ هن ديري ۾ گاه جو انبار ڏسي سمهي پيو هوس، ته ٻه ماڻهو اونداهيءَ ۾ مون تي اٿڙجي اچي ڪريا؛ آءٌ جاڳيس، ۽ چور – چور جون دانهون ڪيم، تنهن تي هؤ ڀڄي ويا- بس، ڳالهه ايتري آهي.“

زميندار چيو ته ”واه، ڏاڍي سچي ڳالهه آهي! تون منهنجا ڪڪڙ ۽ منهنجون بدڪون چورائڻ آيو هئين- هاڻي هيڏي آءٌ ته سوڪ ماني کارايائين!“

”رالف“ چيو ته ”ائين ته ڪري ڪين سگهندين، نڪي آءٌ اهو سهي سگهندس. حالت جي نظر تي مون ۾ شڪ پوڻ جو گهڻو سب آهي، مگر حقيقت ڪري آءٌ بيگناهه آهيان. تنهنجي مرضي هجي ته مون کي صبح تائين بند ڪري ويهار، پوءِ ميجسٽريٽ وٽ وٺي هلجئين؛ پر مار آءٌ کائي ڪين سگهندس.“

اتي زميندار جو گاڏيءَ وارو هڪڙو چهبڪ کڻي آيو، ۽ چوڻ لڳو ته ”ڪين کائي سگهندين؟ ڀلا ڏسون!“ ائين چئي، ”رالف“ کي ٻه ٽي چهبڪ هڻي ڪڍيائين. هن کي ڏاڍو ايذاءُ آيو. ”رالف“ هڪڙو ڪاٺيءَ جو ٽڪر کڻي اڇلائي هن کي هنيو، جو هن کي ڇاتيءَ ۾ وڃي لڳو، ايتري ۾ هڪڙي ڪوڏر کڻي، پنهنجي بچاءَ ۾ بيهي رهيو. اها به نيٺ اڇلائي هن کي هنيائين، جنهن ڪري گاڏيءَ وارو ڪري پيو. زميندار کي ”رالف“ جي چالاڪيء ۽ مرداني ڏسي حيرت لڳي، سو کلي گاڏيءَ واري کي چيائين ته ”اڙي هي ڇا، ڇوڪر سان نٿو پڄي سگهين!“ پوءِ ”رالف“ کي چيائين ته ”ڇوڪرا جي تون مئجسٽريٽ وٽ هلڻ جي لاءِ تيار آهين. ته چڱو اوري اچ.“

”رالف“ چيو ته ”جيسين مون کي هٿ نه لائڻ جو انجام نه ڪندين. تيسين آءٌ تو وٽ نه ايندس.“

زميندار چيو ته آءٌ انجام ٿو ڪريان. ته توکي هٿ نه لائيندس.“

تڏهن ”رالف“ وٽس آيو ۽ ساڻس گڏجي هن جي بورچيخاني ۾ ويو. اتي زميندار  بتي کڻي هن جو منهن چتائي ڏٺو، ۽ چيائين ته ”تون ته ساڌو ٿو ڏسجين چور ته ناهين.“

پوءِ هو ”رالف“ کي صفي ۾ وٺي هليو، ۽ اتي هڪڙو ڪوچ ڏيکاري ۽ هڪڙو کٿو ڏيئي چيائينس ته اتي سمهي رهه، اتي ”رالف“ فرحت سان سمهي رهيو. اگر چ ڊپ به گهڻو هوس، ۽ ڌڪ جيڪي لڳا هئاس تن ايذاءُ به ڏنس ٿي.

ٻئي ڏينهن صبح جو زميندار ۽ سندس زال ”رالف“ کي ڏسڻ آيا. هن جيڪو بيان ڏنو ٿي، تنهن تي هن آسانيءَ سان اعتبار ڪيو ۽ ڄاتائون ته ڪڪڙن چورائڻ جي بدران پاڻ هن رڙيون ڪري ٻين کي جاڳايو ۽ چورن  کي ڀڄايو. پوءِ هنن مٿس ڏاڍي مهرباني ڪئي ۽ پاڻ سان گڏ ويهاري هن کي ماني کارايائون. نه رڳو ايترو، پر پوءِ هڪڙو اڌ ڪرائون خرچي به ڏنائونس ۽ سندس همت ۽ بهادريءَ جي گهڻي تعريف ڪيائون.

پوءِ ”رالف“ اڳتي هليو ويو، ۽ رستي ۾ ٻي ڪا اٽڪ يا مشڪلات پيش ڪانه آيس. لنڊن کان نڪتي پنجين ڏينهن شام جو هو ”آلٽن“ ۾ اچي پهتو، جو هنڌ سندس گهر کان ڇهه ميل پري هو. هو ڏاڍو ٿڪل ۽ بکايل ۽ اڃايل هو. اتي هڪڙي سادي پادي دڪان تان شئي شڪل وٺي پيٽ ڀري، پنهنجي ڳوٺ ”گرينج“ ڏي هليو.

 

*   *   *   *  *

 

جنهن پٺئين در کان هو نڪتو هو، تنهن ساڳئي کان اندر لگهيو، ايوان واري باغيچي مان لڪچوريءَ لنگهي. مالهيءَ وارين ڪوٺين مان هڪڙيءَ خالي ڪوٺي ۾ آيو. ارادو ڪيائين ته رات اتي گذاري، اتي سببائتو گاهه به ججهو پيو هو، جنهن ۾ هو لڪي ويهي رهيو. اتي پري کان پنهنجي گهر جي صفي ۾ توڙي پيءُ جي ڪتبخاني ۾ روشنائي پئي ڏٺائين ؛ نوڪرن کي به صفي ۾ ايندو ويندو پئي ڏٺائين. نيٺ پوءِ روشنائي گم ٿي ويئي، ۽ هن ڄاتو ته ماڻس ۽ ڀاڻس وڃي ستا آهن. سگهوئي پوءِ پنهنجي ننڍي ڀاءُ کي در پٽي، ذري تائين بيهي پوءِ وري دري بند ڪري ويندو ڏٺائين. ”رالف“ جي دل ٽپا ڏيڻ  لڳي. هو اتان نڪري، آهستي سري، پيءُ جي پڙهڻ واري جاءِ جي دريءَ وٽ بيهي، جهاتي پائي ڏٺائين. اتي اڃا بتي پئي ٻري ۽ پڻس ميز تي ڪتاب رکيو ڪم ويٺي ڪيو. پيءُ جي منهن ۾ هميشه واري ڪاوڙ به ڏٺائين ۽ ڏک به. ٿڌو ساهه کڻي پٺ تي موٽيو، ۽ دل ۾ وري اهو خيال پئي ڪيائين ته هن گهر ۾ هميشه لاءِ رهڻ ڪونهي. موٽندي هڪڙيءَ سنهڙيءَ ڪاٺيءَ تي لت اچي پيئي. تنهن تي پڻس ڇرڪ ڀري دري ڏي هيڏي هوڏي نهارڻ ۽ ڪن ڏيئي ٻڌڻ لڳو. ”رالف“، ڊپ کان، اونداهيءَ ۾ ڀت جو پاسو وٺي بيهي رهيو.

پڻس بيهي بيهي چيو ته ”شايد ڪا ٻلي يا ڪا ٻي شيءِ  آهي. ”پوءِ دري بند ڪري ۽ بتي بند ڪري ۽ بتي اجهائي هليو ويو. ”رالف“ به پوءِ آهستي موٽي باغ اوري ڪوٺ ۾ آيو. ۽ ڏکن جا خيال ڪري ڪري نيٺ سمهي رهيو.

ڏکي سکي ننڊ ڪري، صبح جو پرهه ڦٽيءَ مهل ”رالف“ اٿيو. ”گارٿ“ نالي ڇوڪر جو باغائيءَ هي هيٺان ڪم ڪندو هو، ۽ گهر جي به ٿوري هاج ڪندو هو، ۽ ڪڙهين جي به پوئواري ڪندو هو، تنهن کي هي ڳولڻ لڳو. خبر هيس ته فجر جو سويل باغيچي ۾ ايندو آهي. وڃي لڌائينس، ۽ نالو وٺي سڏيائينس. هو پهرين ته ڊڄي ويو؛ پوءِ ڏسي سڃاتائين. پڇيائينس ته ماسٽر رالف آهين؟“

’رالف‘ چيو ته ”هائو. پر، هوڏي اوزارن واري ڪوٺيءَ ۾ هل، ته توکان ڪي پڇان.“

هن چيو ته ”ماسٽر رالف، آءٌ توکي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو آهيان؛ پر ههڙن ڪپڙن ۾ توکي ڏسي مون کي گهڻو افسوس ٿو ٿئي!“

”رالف“ چيو ته ”گارٿ، انهيءَ جي گهڻي حرڪت ڪانهي، مون پنهنجي خوشيءَ سان گهر ڇڏيو، تنهن ڪري جيئن چڱو وڻيم، تئين گذاريان. پر منهنجي مرضي آهي ته تون مون کي ڪا مدد ڏين.“

هن چيو ته ”ماسٽر رالف“ جيڪي تون چوندين، سو آءٌ ڪندس.“

”رالف“ چيو ته ”گارٿ، ڀلائي تنهنجي. هيئن ڪر، جو جڏهن ڪرسٽيءَ کي اڪيلو ڏسين، تڏهن چئجينس ته آءٌ هتي آيو آهيان، تون اچي مون کي گڏجي وڃ. آءٌ ٻيٽ ڏي وڃان ٿو، هن کي به چئجئين ته اتي اچي. يا جي ساڻس ڳالهائي نه سگهين، ته هڪڙو پرزو ڏيئين ٿو، سو کڻي ڏجئينس. پينسل ۽ هڪڙو پراڻو ڪاغذ اٿم، ٻه ٽي سٽون لکي ٿو ڏيئين.“

هن چيو ته ”سائين، آءٌ خوشيءَ سان ائين ڪندس.“

”رالف“ چيو ته ”پر، گارٿ، تون اوچتو اها ڳالهه نه ڪجئينس، متان ڊپ ٿئيس – آهستي آرام سان ٻڌائجئينس.“

”گارٿ“ چيو ته ”سائين، آءٌ خبرداري ڪندس. بس ٻيو ڪي ڪين ڪرڻو آهي؟“

’رالف‘ چيو ته ”ٻيو جي ڪا کائڻ پيئڻ جي شيءِ ڪنهن کي ٻڌائڻ کانسواءِ، آڻي سگهين ته اها به کنيو اچج.“

”گارٿ“ چيو ته ”اها به آڻيندس.“

هو ويو، ۽ سگهوئي روٽي ۽ مکڻ کڻي آيو؛ ۽ ٿورو شراب به. ”رالف“ چيس ته ”شاباس، گارٿ هاڻ توکي موڪل آهي؛ وڃي پنهنجو ڪم ڪر، متان توکي هتي بيٺل ڏسي ڪنهن کي شڪ ٿي پوي.“

”گارٿ چيو ته ”چڱو، سائين، آءٌ وڃان ٿو؛ پر هاڻ تون هتي رهي ڪين پوندين؟“

”رالف“ چيو ته ”نه، گارٿ، پر ڪنهن ڪنهن ڏينهن پيو ايندس. جڏهن آءٌ هتي هجان، تڏهن جيترو ٿي سگهيئي اوترو ڪرسٽيءَ جي سنڀال ۽ خدمت پيو ڪج.“

هن چيو ته ”مون کان جيڪي ٿي سگهندو، سو هن جي لاءِ ڪندس. هو ڏاڍو چڱو آهي. ماسٽر رالف، هو ويچارو توکي ڏاڍو ياد ڪندو آهي، ۽ ارمان ڪندو آهي!“

ايماندار ڇوڪر، پهراڻ جي ٻانهن سان اکيون اگهي، گهر ڏي ويو؛ ۽ ”رالف“، پاسو وٺي وڻن ۽ ٻوٽن جي پٺيان لڪندو، ڍنڍ تي آيو ۽ آهستي ڪڙيءَ ٻيڙيءَ تي چڙهي ٻيٽ تي آيو.

اڃا سوير هئي. اتي جيڪا ننڍي جاءِ ٺهيل هئي ۽ جنهن ۾ هميشه هي ۽ ”ڪرسٽي“ گڏجي آرڙهه جي ڏينهن ويهندا هئا، اتي وڃي ويٺو. اها ڏاڍي سهڻي فرحتي جاءِ هئي. انهيءَ ۾ باهه جو بخار هو. هڪڙو ڪوچ ۽ ڪي ميزون ۽ ڪرسيون رکيون هيون. ڪيترا ڪتاب ۽ تصويرون اتي رکيل ڏٺائين. مزي جهڙي ساوڪ هئي ۽ خوبصورت گلن جا وڻ بيٺل هئا. ”ڪرسٽي“ انهيءَ هنڌ جي ڏاڍي سنڀال ڪندو هو، جو اتي اچي ويهندو ۽ پڙهندو ۽ نقش ۽ تصويرون ڪڍندو هو ۽ مشقون لکندو هو. ”رالف“ ڀاءُ جي ڪتابن مان هڪڙو ڪتاب کڻي ويهي پڙهڻ لڳو، جيسين ”ڪرسٽي“ اچي. اگرچ اهو هڪڙي مزي جهڙي قصي جو ڪتاب هو، ته به ”رالف“ جو ڌيان پڙهڻ ڏي ڪونه هو؛ ”ڪرسٽيءَ، جي ويٺي واٽ ڏٺائين. ڪو کڙڪو ٿي ٿيو، ته ڀانيائين ٿي ته اجهو ڪرسٽي آيو. چوڌاري چپ چپات لڳي پيئي هئي. هي به چريو پريو ڪونه ٿي.

نيٺ ”رالف“ پاڻيءَ جي پريان پيرن جو دٻڪو ٻڌو، ۽ پوءِ ڍنڍ تي ڳن جو آواز ٻڌائين؛ پوءِ وري ويجهو پيرن جو آواز ٻڌائين. نيٺ ”ڪرسٽي“ سندس نالو وٺي، اندر گهڙي آيو ۽ ڊوڙي اچي ڀاءُ کي چنبڙيو، ڳچ تائين ماٺ ڪريو هڪٻئي کي ڀاڪر وجهيو بيٺا هئا. پر جڏهن ”رالف“ پوءِ چتائي ڀاءُ جي منهن ۾ ڏٺو، تڏهن دهلجي ويو: ويچارو ڳري ڪنڊا ٿي ويو هو؛ ڳلن ۾ کڏون پئجي ويئيون هيس ۽ منهن ئي پيلو ٿي پيو هوس. هوڏي وري ڪرسٽيءَ کي ”رالف“ جي شڪل، سختين ۽ ڪشالن ۽ ڏکن ۽ مسافرن جي ڪري ڦريل ڏسڻ ۾ آئي. ٻنهي کي هڪٻئي تي  پئي ارمان ٿيو. پهرين ”رالف“ ڳالهايو ۽ ڏک مان چيائين ته ”ڪرسٽي، تون ڪهڙو نه ڏٻرو ۽ بيمار ٿو ڏسجين!“

هن چيو ته ”رالف، اهڙو ڏسجان ٿو ڇا؟ تنهنجي وڃڻ کان پوءِ مون تمام ڏکيو گذاريو آهي. امان جو به اهڙوئي حال هو. ”رالف“ تو ڏاڍو ظلم جهڙو ڪم ڪيو. مون نٿي چاتو ته تون ائين اسان کي ڇڏي ماٺ ماٺ ڪري هليو ويندين!“

”رالف“ چيو ته ”ڪرسٽي، آءٌ جيڪر ڪين وڃان ها، پر مون ڄاتو ته پهرين سو توکي ۽ امان کي منهنجو ڏک ٿيندو، پر پوءِ اوهين مون کان سواءِ گهر ۾ خوش رهندؤ. توکي ياد ناهي ته بابي ڇا چيو هو؟“

”ڪرسٽيءَ چيو ته ”رالف، اهو مون کي ياد نه ڏيار هن رڳي ڪاوڙ ڪئي هئي.“

”رالف“ چيو ته ”هو مون سان اڪثر ڳالهائيندو ئي ڪين هو؛ جيڪڏهن ڳالهائيندو هو، ته به ڪاوڙ مان. پر تنهن کي ڇا ڪبو، ڪرسٽي، اهو ذڪر کڻي هينئر ڇڏ. ٻڌاءِ ته سهي ته منهنجي وڃڻ ڪري ڪو هن کي ڏک ٿيو آهي؟“

هن چيو ته ”نه، ڏک ته نه، پر، رنج ته گهڻو ٿيو آهي. پر، رالف، اهو تو غلط ڪم ڪين ڪيو؟“

”رالف“ چيو ته ”ڪرسٽي، آءٌ چئي نٿو سگهان- غلط ۽ صحيح جي مون کي خبر پئجي نٿي سگهي. خير، اها ڳالهه هينئر ڇڏي ڏي، جيڪي ٿيڻو هو سو ٿيو. وقت قيمتي آهي. آءٌ رڳو توکي ڏسڻ ۽ موڪلائڻ آيس.

”ڪرسٽيءَ“ چيو ته ”هان، وري؟... نه، رالف، نه، وري متان وڃين!“

”ڪرسٽيءَ“ جو انهيءَ گهڙي اهڙو حال ٿي ويو، جو ”رالف“ اچي ڊنو. منهن زياده ڦڪو ٿي ويس، ۽ ڏڪي ڀاءُ جي ڀاڪر ۾ ڪري پيو. ”رالف“ گهڻو ئي دڙ دلاسو ڏنس، ۽ مٿي تي هٿ گهمايائينس، پر هو سڏڪن کان بس ئي نه ڪري، نڪي ڳالهائي. نيٺ ”رالف“ ظاهري خفي ٿي چيس ته ”ڪرسٽي، ٻڌ؛  جي ائين ڪندين، ته مون کي ناس ڪندين! آءٌ رڳو توکي ڏسڻ ۽ موڪلائڻ آيس، ۽ تنهنجي معرفت امان کان موڪلائڻ آيس. پر هن دفعي گهڻي تائين گم نه ٿيندس: توکي انجام ٿو ڏيان ته ورهيه جي اندر بلڪ ڪن مهينن جي اندر، وري ايندس- انهيءَ جي توکي پڪ ٿو ڏيان. مون اڳي ڪڏهن انجام نه ڀڳو آهي، پوءِ خدا ڪندو ته سڀ چڱي ٿيندي. شايد تييسين بابي جي ڪاوڙ ڍري ٿيندي ۽ مون کي ڏسڻ گهرندو. پر، ڪرسٽي، ڪي به ٿئي، ته به  تنهنجي ۽ امان جي خاطر آءٌ ضرور موٽي ايندس. آءٌ رڳو ايتري خاطري ڏيڻ لاءِ لنڊن مان پنڌ ڪري آيو آهيان! جي انهيءَ منهنجي انجام ۽ دلاسي تي اوهين ٻئي خوش گذاريندؤ، ته آءٌ به پرديس ۽ مسافريءَ ۾ خوشي رهندس. هاڻ خاطري ٿيئي ٿي يا نه؟“

”ڪرسٽيءَ“ چيو ته ”لاچار ٿئي ٿي؛ پر، رالف، آءٌ خوش رهڻ جو انجام ڪري نٿو سگهان!“

”رالف“ چيو ته ”ڪرسٽي، جو مون کي پڪ هجي ته منهنجي وڃڻ جي ڪري تون بيحال ٿيندين، جيئن هينئر ٿو ٿين، ته جيڪر لاچار هتي رهي پوان، پوءِ ڀلي ڪهڙيون به مصيبتون مون تي پون، پر تون خوش رهين!“

”ڪرسٽيءَ“ چيو ته ”نه، رالف، نه، منهنجي خاطر تون مصبيتون نه سهه.“

”رالف“ چيو ته تڏهن ڪرسٽي، مڙس ٿي دل جهل ۽ امان کي به دلاسو ڏي، هائو نه؟

”ڪرسٽيءَ“ ورندي ڏني ته ”هائو، رالف، آءٌ ڪوشش ڪندس.“

”رالف“ چيو ته ”تڏهن، ڪرسٽي، هاڻ آءٌ خوش ٿيس. هاڻ آءٌ توکي چوندس ته منهنجي ڪهڙي ڪهڙي مرضي آهي: پهريائين ته پنهنجي سمهڻ واري جاءِ تان مون کي برش ۽ ڦڻي، هڪڙو وڳو اڇن ڪپڙن جو، ڪي صاف چادرون، ۽ ڪي کائڻ جون شيون ٻڌي ڳنڍڙي ڪري، آڻي ڏي ته کڻي وڃان، ڪيئن آڻي سگهندين؟“

ڀاڻس ورندي ڏني ته ”ڇو نه آڻيندس! پر ڇڏ ته پهرين تنهنجي لاءِ اڳيٺيءَ ۾ باهه ٻاريان ته ڪوسو ٿين. آءٌ به وري جلد ٿو موٽان.“

اٽڪل ويهن منٽن جي اندر، هو هڪڙي ٿيلهي انهن شين سان ڀريل کڻي آيو. اتفاق سان ”مسز ڊگلس“ به انهيءَ ڏينهن ٿوري ناچڱي هئي، تنهن ڪري پنهنجيءَ جاءِ مان سويل نه نڪتي، تنهن ڪري ”ڪرسٽيءَ کي ڪنهن ڪونه ڏٺو. پوءِ ٻئي ڀائر پاڻ ۾ ويهي پاڻ ۾ ويهي ڳالهيون ڪرڻ لڳا. ”رالف“ ڀاءُ کي ٻڌايو ته ”منهنجو ارادو آهي ته هاڻ سمنڊ جي مسافريءَ تي وڃان ۽ پوءِ موٽي اچان. انهيءَ وچ ۾ من بابي کي ڪو منهنجو قدر پوي، ۽ مون تي ڪو رحم ۽ مهرباني ڪري. پوءِ آءٌ جيڪو مون تي ڪم رکيائين، سو پيو ڪندس ۽ ناڪار نه ڪندس.“ ائين به ڀاءُ کي تاڪيد ڪيائين ته ”امان کي اڄ متان ٻڌائين ته آءٌ هتي آيو آهيان؛ سڀاڻي شام جو ٻڌائندين ته حرڪت ڪانهي، جو انهيءَ وچ ۾ آءٌ  پري وڃي نڪرندس ۽ مون کي پهچي ڪونه سگهندو. باقي، امان کي دڙ دلاسو منهنجي طرفان گهڻو ڏج، ۽ چئج ته اُميد آهي ته آءٌ وري هڪڙي ڏينهن کيس اچي ملندس.“

نيٺ موڪلاڻي جو وقت آيو، ۽ ٻئي ڀائر جدا ٿيڻ لڳا. ”رالف“ ”ڪرسٽي“ جو هٿ وٺي خدا کي سوال ڪيو ۽ دعا گهريائين ته ”يا خدا ڪرسٽيءَ ۽ امان کي خوشي ۽ چڱو ڀلو رکج ۽ مون کي وري صحيح سلامت انهن سان ملائج؛ پر جي قسمت ۾ ٻيءَ طرح لکيل هجي، ۽ مون کي ڪي زياده مصيبتون نصيب ۾ هجن، ته انهن جي سهڻ جي مون کي همت ڏج، صبر  عطا ڪج، ۽ گمراهيءَ کان بچائي سنئون رستو ڏيکارج!“

جڏهن دعا گهري بس ڪيائين، تڏهن چوڻ لڳو ته ”ڪرسٽي، هاڻ باقي مون کي هڪڙي آسان مهرباني تو کان گهرڻي آهي: اها هيءَ ته تون ۽ امان مون کي متان وساريو، ۽ هميشه منهنجي حق ۾ دعا پيا گهرجو- پر ڏهاڙي رات جو  پوري نائين بجي مون کي ياد ڪجو، ۽ دعا گهرجو، جو آءٌ پاڻ به انهيءَ ساڳئي وقت اوهان کي ياد ڪندس!  انهيءَ طرح پنهنجا خيال هڪٻئي بابت گڏبا. جيتوڻيڪ پنهنجا جسم ڌار ۽ پري هوندا- انهيءَ مان اسان سڀني جي دل کي تسلي ايندي ۽ خوشي حاصل ٿيندي.“

”ڪرسٽي“ ڏک کان ڪڇي ڪين سگهيو. ڀاءُ جي هٿ هٿ سان زور ڏنائين، ۽ منهن پاسي ڪري هنجون هاريائين. ”رالف“ وري به هن کي ڀاڪر وجهي، ڇاتيءَ سان لائي موڪلائي اٿي هليو، ۽ ”ڪرسٽي“ اتي رهجي ويو. اتي ويٺي بتيلن جي ڳن جو پاڻيءَ تي شپڪو ٻڌائين، ۽ جهٽ ۾ هن ڀر پهچڻ جو آواز به ڪن پيس. وري به دل جهلي نه سگهيو. ڀانيائين ته من پري کان ويندو ڏسانس. ٻئي بتيلي تي چڙهي، پاڻ به هن ڀر آيو، ۽ پري کان ڀاءُ کي ڏٺائين ته جيڪو پيچرو سمنڊ ڏانهن ٿي ويو تنهن ڏي پيو وڃي. ”رالف“ به ڪنڌ ورائي پئي ڏٺو. ٽوپي لاهي، لوڏيندو، وڻن ۾ گم ٿي ويو.

 

باب پنجويهون

 

لارڊ ”گلينلن“ محفل ۾

 

”رالف، جو رستو پهرين ٻنين مان، پوءِ جهنگ مان، ۽ پوءِ هڪڙي بيابان مان هو؛ سو لتاڙي، هو سمنڊ جي هڪڙي ننڍي بندر تي اچي پهتو، جنهن جو نالو ”پورٽ لايس“ هو. اتي ڪي ٿورا گهر هئا ، اهي به خلاصين ۽ مڇي مارڻ وارن جا هئا. ”رالف“ ڄاڻي ٻجهي اتي آيو هو، جو ڄاتائين ٿي ته اتي ماڻهن جي آمدرفت به گهٽ آهي، ۽ ٻيو ته جيڪي جهاز سڀني ڪناري وارن بندرن تي بيهندا ويندا آهن، اهي اتي ضرور ايندا. اهڙا ڪيترا جهاز اڳي اتي بيٺا هئا. انهن مان هڪڙي ۾ هي چڙهي ويٺو ۽ ڪپتان هن کي چيو ته ”ڇوڪرا، تنهنجي جاءِ مون وٽ ڪانهي. تون گهران رسي ڀڳو آهيان. مون به ننڍي هوندي ائين ڪيو هو. پر پوءِ نيٺ تون پشيمان ٿيندين- شايد سڄي عمر پڇتائيندين. جيئن مون ڪيو آهي.“

”رالف“ چيو ته ”مون به پهرين ائين ٿي ڀانيو.“ ائين چئي هو هليو ويو. پر هڪڙي خلاصيءَ هنن جي گفتگو ويٺي ٻڌي، تنهن تي ”رالف“ چيو ته ”هڪڙو ننڍو جهاز سڀاڻي صبح جو وڃڻو آهي، انهيءَ ۾ شايد ڪا جاءِ خالي هوندي.“ هن انهيءَ جو ڏس ڏنس. ”رالف“ انهيءَ تي ويو. اهو جهاز ”ليور پول“ ڏي ٿي ويو، ۽ انهي تي هڪڙي ڇوڪر جي جاءِ خالي هئي. ڪپتان خوشيءَ سان هن کي وٺڻ قبول ڪيو. ”رالف“ انجام ڪيو ته سڀاڻي صبح جو سويل اچي حاضر ٿيندس.

تيتري ۾ هن کي وقت گذارڻو پيو. هو ڪناري تي ويهي، سمنڊ جو نظارو ڏسڻ لڳو. سج لهڻ کي ويجهو هو. هيٺيان نيلو سمنڊ ۽ مٿان ڳاڙهي شفق – ڏسندي لذت پيئي آئي. هن کي وري به گهر جا خيال اچڻ لڳا. دل ۾ آيس ته ڇو نه اها رات به وڃي گهر جي نزديڪيءَ ۾ گذاريان. من پري کان دريون ۽ انهن  جي اندران روشنائي، ۽ ماءُ ۽ ڀاءُ جو پاڇولو ڏسان! اهو ارادو پڪو ڪري، هو ”گرينج“ وٽ آيو. پر اتي اوچتو ياد پيس ته اڄوڪي رات ”آلربي“ جن وٽ ناٽڪ جو تماشو ٿيڻو آهي... پاڻ ”مارٽن“ ۽ گلينلن“ کان موڪلائڻ جو چڱو وجهه ملندو. سگهوئي هو اتي آيو. سج لهي اونداهي ٿي هئي. پوئين در کان هو ”آلربيءَ جي باغ ۾ لنگهي آيو ته ساڍا اٺ وڳاء ۽ ماڻهو اچي مڙيا هئا، ۽ تماشو شروع ٿيو هو. ناٽڪ کان پوءِ عجيب غريب بدليل پوشاڪن ۾ ناچ ٿيڻو هو. صفي جا در سڀ کولي ڇڏيا هئائون. ”رالف“ در جي ويجهو وڻن جي پاڇي ۾ لڪي بيهي، سڀ ڪجهه ڏسي ٿي سگهيو. جوان ۽ خوبصورت مرد ۽ زالون، ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون، اچي محفل ۾ حاضر ٿيون هيون. سڀ خوش پئي ڏسڻ ۾ آيا، ۽ چوڌاري کلون کلون ۽ چهچٽو لڳو پيو هو. سڀني ناچ ۾ ڦيريون پئي ڏنيون، ۽ سانگ پئي ڪيا. هيءُ حيرت جهڙو تماشو ڏسي، ”رالف“ ڏاڍو خوش ٿيو ۽ سندس دل ٽپا ڏيڻ لڳي. اتي محفل ۾ جيڪي شڪليون ٿي ڏٺائين، تن ۾ ڪنهن به سندس ڌيان اهڙو نه ڇڪيو، جهڙو ”گلينلن“ ڇڪيو، جوان ڇوڪرين سان هن پئي کليو ۽ ڳالهايو، ۽ اهي هن سان ڳالهائڻ ۾ ڏاڍيون خوش پئي ڏسڻ ۾ آيون. هن ويچاري پئي ساڙ کاڌا ته جي آءٌ به انهيءَ محفل ۾ حاضر هجان ها ۽ تماشي ۾ شامل ٿيان ها، ته ڪهڙو نه مزو هو!

ڪلاڪ کن هن ماٺ ڪيو بيٺي تماشو ڏٺو. ۽ جاءِ ۾ اهڙا جهاز تي ٻريا، جو درن ۽ درين مان ٻاهر باغ پئي روشنائي پيئي. ”رالف“ ڏٺو ته پاسي کان هڪڙو ماڻهو لڪچوريءَ ۾ آيو ۽ اچي سندس ويجهو وڻن جي پاڇولي ۾ بيٺو. ”رالف“ کي نٿي ڏٺائين؛ ڀانيائين ته هيڪلو آهيان. ”رالف“ پهرين سمجهيو ته نوڪرن مان ڪو آهي، جو تماشي ڏسڻ لاءِ اچي بيٺو آهي، پر اتي بيٺي ، چرندي پرندي، هن جي منهن تي روشنائي پئجي ويئي ۽ رالف“ هڪدم سڃاڻي ورتو ته اهو ”لارڊ گلينلن“ جو خاص نوڪر ”ڪلارڪ آهي. خبر  هيس ته هن ”گلينلن“ کي بڇڙن ڪمن ڪرائڻ سان بدنام ڪيو آهي. چتائي ڏسڻ سان، ”رالف“ کي هن جي شڪل شيطان جهڙي ڏسڻ ۾ آئي. جيئن نانگ پنهنجي شڪل ۾ اکيون وجهي نظر ڄمائي ڏسندو آهي. تئين هو به پنهنجي ننڍي ڌڻيءَ ۾ اکيون وجهيو بيٺو هو. ”رالف“ ڏسي سگهيو ٿي ته ”گلينلن“ هيتري خوشيءَ جي وچ ۾ به ڪڏهن ڪڏهن ملول ۽ فڪر مند ٿي ڏٺو. سگهوئي هو ٿڪجي، ساهه کڻڻ لاءِ اچي هڪڙي دريءَ جي ويجهو پردن جي اوٽ ۾ لڪي بيهي رهيو. ”رالف“ کي اهڙو ويجهو هو، جو جيڪر هٿ ڊگهيري هن کي پهچي سگهي ها. اتي ناچ ڪرڻ وارا به ساهيءَ کڻڻ لاءِ ويا هئا ۽ صفي ۾ ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو وڃي بچيو هو. ائين ڪندي، ”ڪلارڪ“ رڙهي هن  کي ويجهو ٿيو، ۽ آهستي سڏ ڪيائينس.

”گلينلن“ اهڙو ڇرڪ ڀري هٽي بيٺو، جهڙو ڪو ماڻهو نانگ کان هٽي پهريائين ته ٻڌي اڻٻڌي ڪري نٽائي، هلڻ ٿي لڳو، نه هن ڇڏيس ڪين. چٽي آواز سان چيائينس: ”سائين، ڀڄو نه، مون سان ٿورو بيهي ڳالهايو؛ انهيءَ ۾ اوهان جو فائدو آهي.“ ”لارڊ گلينلن“ هيڏي هوڏي نهاري، لاچار بيهي رهيو ۽ پوءِ پاسي واري در مان نڪري، ٻه ٽي قدم ڀري باغ ۾ وڻن جي پاڇي ۾ بيهي رهيو.

”رالف“ لڪيو بيٺي ڏٺن، ته ”ڪلارڪ“ چيس ته ”حضور ڀڄڻ ۽ نٽائڻ مان ڪهڙو فائدو...!“

”لارڊ گلينلن“ خفي ۽ چڙ مان چيس: تڏهن چٽي پويئي، در کان ته پري ٿي بيهه ته ڪو ڏسي يا ٻڌي ته نه!“ ائين چئي ٻئي باغ جو هڪڙو ڇانوري وارو رستو ڏيئي اٿي هليا. ”رالف“ کي ڪلارڪ“ جي بدمعاشيءَ ۽ حرڪتبازيءَ جي خبر هئي، سو شڪ ۾ لڪي هنن جي پٺيان لڳو. جڏهن هو بيهي ڳالهائڻ لڳا. تڏهن هي به ويجهو وڃي لڪي بيٺو.

”ڪلارڪ“ بيحيائيءَ ۽ بي قياسيءَ جهڙي آواز سان چيو ته ”سائين، هو ٻيو سؤ پاؤنڊ جو سڀاڻي تائين مون کي نه ڏيندؤ، ته آءٌ هو چيڪ کني ”لارڊ ڊانرل“ وٽ ويندس!“

”گلينلن“ لاچاري سان ورندي ڏني ته ”اهو ته آءٌ ڏيئي نٿو سگهان!“

هن وري چيو ته ”تڏهن اوهان کي سجهي ٿو ڇا ٿيندو؟“

”گلينلن“ چيو ته ”هائو، مون کي سجهي ٿو ته تون لعنتي، بدمعاش ۽ حرامخور آهين...!“

هن نفرت مان کلي چيو ته ”ڪهڙو به آهيان، پر اوهان جهڙو جعلساز ته ناهيان! اوهين ته اهڙا اکر نه ڳالهايو. اهي جيڪي جواهر پيا اٿو، ۽ ريشمي ۽ مخملي ڪپڙا بدن تي اٿو، انهن هوندي به جيڪر آءٌ پنهنجي حالت اوهان جيءَ حالت سان مٽائڻ نه گهران. شايد سگهوئي ”نارفوڪ“ ٻيٽ جي جيل ۾ پوندؤ- اها حالت ته پسند ايندَوَ!“

ننڍو لارڊ، شرم ۽ ڪاوڙ ۾ ڏند پيهي، وڌيڪ گهاٽي ڇانو ۾ هٽي بيٺو.

”ڪلارڪ“ زياده ويجهو نه ويس، پر چٽيءَ طرح چيائينس ته ”سڀاڻي پيسن جي يادگيري رکجو، نه ته سڀ ڳالهه ظاهر ٿي پوندي...!“ پوءِ هڪڙو ڪوڙو ٽهڪ ڏيئي هليو ويو ۽ گهر جي چوڌاري ڦري گم ٿي ويو.

هن جي وئي کان پوءِ، ”گلينلن“ فڪر ۽ بي آراميءَ ۾ پسار ڪرڻ لڳو. ”رالف ويٺي ڏٺو ته هو ڪاوڙ ۾ مٺيون پيو ڀيڙي، مڪون پيو الهاري، ٿڌا ساهه پيو کڻي ۽ سڏڪا پيو ڀري. هن کي مٿس ڏاڍو قياس آيو. معلوم ٿي ٿيس ته ”گلينلن“ هاڻ وڃي جهاجهه ۾ پيو آهي، ۽ جن خراب ڪمن جو منجهس  شڪ ئي ڪو نه هو، سي ڪري ويٺو آهي. هن جي پريشاني ۽ بي آرامي وڌندي ڏسي، ”رالف“ پيرن جو کڙڪو ڪيو- انهيءَ لاءِ ته هن جو خيال بدلايان، ۽ انهن عذابن کان هن کي ڇڏايان. جڏهن کڙڪي تي ”گلينلن ڪن کڙا ڪيا، تڏهن ”رالف“ آهستي سندس نالو وٺي ويجهو آيس. ”گلينلن“ ڊپ ۾ هٽي چوڻ لڳو ”ته ڪير آهي؟“

هن ورندي ڏني ته ”آءٌ رالف ڊگلس“

”گلينلن“ حيرت ۾ پئي چيو ”هان.... رالف، تون آهين! پر تون هتي ڪيئن آئين؟“ ائين چوندي وڃي هٿ ڏنائينس.

”رالف“ چيس ته ”تون مون کي پڪڙائيندين ته ڪين“

”گلينلن“ چيو ته ”آءٌ....؟ رالف، توکي اهڙو سوال وجهڻ ڪو مناسب آهي!“

تڏهن ”رالف“ چيو ته ”آءٌ سڀاڻي سوير سمنڊ جي مسافريءَ تي وڃڻو آهيان؛ رات جو ٻيو ڪم ڪار ڪونه هوم، تنهن ڪري چيم ته هتي اچي تماشو به ڏسان، ۽ توکي ۽ ”مارٽن“ کي به ڏسان ۽ اوهان کان موڪلايان به.“

”گلينلن“ انتظار مان پڇيس ته ”رالف، هينئر اسان جي گفتگو تو ڪا ٻڌي؟“

”رالف“ چيو ته ”ٿورا لفظ منهنجي ڪن تي پيا. مون ٻڌڻ نٿي گهريا، پر جڏهن مون ”ڪلارڪ“ کي ڏٺو ۽ هن توکي سڏيو، تڏهن مون سمجهيو ته هو ڪنهن خرابيءَ جي پٺيان آهي، تنهنڪري آءٌ هن جي پٺيان لڳس.“

”گلينلن“ چيو ته ”او رالف، تڏهن تو سڀڪجهه ٻڌو؟“

”رالف“ چيو ته ”ڀانئجي ٿو ته ڪنهن طرح هن توکي پنهنجي چنبي ۾ آندو آهي.“

هن چيو ته ”رالف“، برابر آندو اٿس. رالف، مون لاچار ٿي بابي جي نالي تي هڪڙو چيڪ ڪڍيو هو، ۽ انهيءَ جي هن کي خبر پئجي ويئي آهي. ڀانئي ٿو ته  خواريءَ ۽ بدناميءَ جو دڙڪو ڏيئي مون کان ڪي پيسا ڪڍي. هاڻ آءٌ ڇا ڪراين؟ ڏاڍو تنگ اچي ٿيو آهيان!“ ائين چئي، ڪنڌ هيٺ ڪري، سڏڪا ڀرڻ لڳو.

”رالف“ چيو ته ”گلينلن، مون کي تنهنجو نهايت گهڻو ارمان ٿو ٿئي.“

”گلينلن“ چيو ته ”رالف“ مون کي ڪا مدد ڏي... ٻڌاءِ ته ڇا ڪريان؟“

هن ورندي ڏني ته ”ٻيو ڇا ڪندين؟ هڪدم وڃي پيءُ وٽ ڏوهه جو قبولدار ٿي؛ پاڻيهي توکي معافي ڏيندو، ۽ بچائيندو.“

”گلينلن“ چيو ته قبولدار ته ڪڏهن ڪين ٿيندس. انهيءَ کان مري ويندس، پر ائين نه ڪندس. انهيءَ ڏينهن ساڻس هڪڙو ڪوڙ ڳالهايو هوم، تنهن تي هن مون کي اهڙي اک ڏيکاري هئي، جو اڃا نٿي وسريم؛ پر هي ته انهيءَ کان به وڏو بڇڙو ڏوهه  آهي... اهو ٻڌي، هو الاجي ڇا ڪندو! ڄاڻندو ته مون سڄي خاندان کي بدنام ڪيو آهي، تنهن ڪري مون کي مرڻ گهڙيءَ تائين معاف نه ڪندو.“

”رالف“ چيو ته ”تڏهن سر هينري آلربيءَ کي پنهنجو حال ڏي.“

هن چيو ته ”اهو به ڄڻ بابي کي ٻڌايم! رالف، مون کي به پاڻ سان وٺي هل...!“

”رالف“ چيو ته ”ڇا،- سمنڊ جي سفر تي! انهيءَ جي تڪليف جي گلينلن، خبر ڪانه اٿئي؟ نه کاڌي جو سک، نه سمهڻ جو سک، تختن تي سمهڻو ٿيندو، جهنگلي خلاصين سان وقت گذارڻو ٿيندو؛ تنهن کانسواءِ وائن ۽ طوفانن جو ڊپ! آءٌ ڪيئن به اهي سختيون سهي ته ويندس، پر تون...“

هن وچ ۾ پئي چيو ته ”آءٌ به اهو سهي ويندس- پاڻ وڌيڪ. پر هتي ٻه ڏينهن ٻيا به گذرايم ته پوء، رالف، مون کي انهيءَ کان به زياده عذاب سهڻا ٿيندا!“

”رالف“ چيو ته ”سو برابر هوندو، پر گلينلن تون مون سان هلي ڪين سگهندين. پهرين ته خبر نه آهي ته انهيءَ مان ڪهڙو نتيجو نڪرندو، ٻيو ته ماڻهو چوندا ته آءٌ توکي ٺڳاري وٺي ويس. مون اڳي ئي پنهنجي لاءِ گهڻا سور سٺا آهن، ٻئي جي لاءِ سهي ڪين سگهندس.“

هن چيو ته ”چڱو، رالف، توکي مون تي قياس اچي يا نه، ته به آءٌ هتان نڪرندس ته ضرور. آءٌ قسم کڻي ٿو چوان ته اڄوڪي رات ضرور گهر مان ڀڄي ويندس- پوءِ تون مون کي پاڻ سان وٺي هلين يا نه. بابو اڳي ئي موٽي گهر ويو آهي، ۽ مون چيو اٿمانس ته مارٽن مون کي اڄ رات هتي سمهڻ لاءِ چيو آهي، جو تماشو دير سان بند ٿيندو؛ تنهن ڪري سڀاڻي ٻپهرن جو مانيءَ کان اڳي قلعي ۾ منهنجو نه ڪڍندو: ۽ هتي وارا وري ڀانيئندا ته آءٌ گهر ويو آهيان، تنهن ڪري پري نڪري وڃڻ جو مون کي چڱو وجهه ملندو. آءٌ ساکائتي ڳالهه ٿو ڪريان ته اڄوڪي رات ضرور آءٌ هتان نڪرندس!“

”رالف“ وري به پڇيو ته ”ڇا سمنڊ تي؟“

هن چيو ته ”نه، مون ڏينهن ٻن کان پنهنجي پناهه جي جاءِ چتائي ڇڏي آهي: اسڪاٽلنڊ جي اتر ۾ منهنجي هڪڙي ماسي آهي- ڪائونٽس آهي؛ انهيءَ کي اولاد ڪونهي، مون کي پٽ ڪري ڄاڻندي آهي ۽ وارث به مون کي ڪيو اٿس؛ مون کي پڪ آهي ته بابو انهيءَ کي رنج نه ڪندو- اها مون کي ضرور بچائيندي ۽ ڪنهن کي منهنجو ڏس نه ڏيندي: آءٌ انهيءَ وٽ وڃي لڪندس، جيسين هي گوڙ لهي وڃي.“

”رالف“ چيو ته ”اهو ته سڀ کان چڱو پر، گلينلن، اهو گوڙ ڪيئن لهندو؟“

هن چيو ته انهيءَ جو به مون اڳي ئي خيال ڪري ڇڏيو آهي؛ مون سر هينريءَ ڏي پنهنجو سارو احوال لکيو آهي ۽ چيو اٿمانس ته آءٌ گهر کان ڀڄيو ٿو وڃان؛ هو ۽ بابو انهيءَ بدناميءَ کي ڪيئن به ڪري بند ڪندا ۽ ڍڪيندا؛ ڪن ڏينهن کان پوءِ آءٌ وڃي اتي ظاهر ٿيندس. تنهن ڪري، رالف، بهتر آهي ته تون مون کي پاڻ سان هلڻ ڏين.“

”رالف“ چيو ته ”مون کي حرڪت ڪانهي، مگر الزام سمورو مون تي ايندو. آءٌ ڄاڻان ٿو ته مون پاڻ غلط ڪم ڪيو آهي، تنهن ڪري توکي انهيءَ کان روڪيان ٿو. پر، جي تون مون سان اچڻ پسند ٿو ڪرين، ته آءٌ توکي منع ڪري نه سگهندس. گلينلن، گهر کان نڪرڻ کان پوءِ جيڪي سختيون مون سٺيون آهن؛ سي جي تون ٻڌين ته ڀڄي وڃڻ جي بدران جيڪر ڪهڙا به عذاب سهي وڃين!“

”گلينلن“ چيو ته ”رالف، شرم کانسواءِ ٻيو سڀ ڪجهه آءٌ سهي سگهندس. مري ويندس، پر هتي ڪين ٽڪندس. هاڻ چؤ- مون کي پاڻ سان وٺي هلندين يا نه؟“

”رالف“ ڀڻ- ڀڻ ڪئي؛ پر انهيءَ مان هن سمجهيو ته هن لاچار هائو ڪئي آهي، تنهن ڪري وري چيائينس ته تڏهن رالف، منهنجي لاءِ هتي ترس. هينئر ڀڄڻ جو چڱو وجهه آهي- ماڻهو سڀ کائڻ پيئڻ ويا آهن. مون کي نه ڏسي حيران ٿيندا سهي پر مون سوير شام جو مارٽن کي چيو هو ته مون کي مٿي ۾ سور آهي، سو هو ڄاڻندو ته آءٌ گهر هليو ويو آهيان. آءٌ هي پنهنجا ڪپڙا ۽ جواهر مارٽن جي سمهڻ واريءَ جاءِ ۾ ڇڏي ٿو اچان. رٿ اها هئي ته سڀاڻي سڀني محفل وارن جي هنن عجيب غريب پوشاڪن ۾ تصوير ڪڍائيندا؛ تنهن ڪري هو سمجهندو ته انهيءَ ڪم لاءِ آءٌ هي اتي ڇڏي ويو آهيان. آءٌ انهيءَ دم موٽي ٿو اچان. اها سنڀال به  ڪندس ته متان هن بدمعاش ڪلارڪ کي ڪا کڻڪ پوي.“

”رالف“ اتي ترسي، باغ جي هڪڙي بينچ تي ويهي رهيو، ۽ هن نئين اتفاق بابت خيال ڪرڻ لڳو، جو اڳي کان به وڌيڪ مونجهاري جهڙو هو. ويهن منٽن جي اندر ”گلينلن“ رواجي ڪپڙن ۾ موٽي آيو- ”مارٽن“ جي پڙهڻ واريءَ جاءِ جي دريءَ مان ٽپي آيو هو. ”رالف“ کي چوڻ لڳو ته ”ادا، هاڻ ڪيڏي هلون؟“

”رالف“ چيو ته پورٽ لايس ڏي. آءٌ ٻنين مان آيو هوس؛ پر هاڻ گهڻي اونداهي ٿي ويئي آهي، باغ مان نڪري سڙڪ وٺنداسين.“

”گلينلن“ چيو ته اهو پاڻ چڱو، ڇا لاءِ جو سڙڪ تي ٽپال آفيس آهي، مون جيڪو خط سرهينريءَ ڏي لکيو آهي، سو ٽپال ۾ وجهندو هلندس.“

”رالف“ چيو ته ”تنهنجو پيءُ تولاءِ گاڏي موڪليندو، سا جي خالي موٽي ويندي ته هن کي خبر ڪين پوندي؟“

هن چيو ته ”نه. مون آلربيءَ جي هڪڙي نوڪر کي چيو آهي ته جي منهنجي گاڏي اچي ته گاڏيءَ واري کي چوي ته مون کي گاڏيءَ جي گهرج ڪانهي؛ انهيءَ مان بابو سمجهندو هو ته آءٌ هتي سمهندس. اجها گاڏي... بابي اها مون لاءِ موڪلي آهي. هاڻ هلو سٽ کڻي اڳتي نڪري هلو، متان ڪو اسان کي ڏسي.“

ٻئي ڄڻا لوڙهي جي پٺيان لڪي بيهي رهيا، جيسين گاڏي لنگهي ويئي؛  پوءِ اٿي تکا هلڻ لڳا.

”گلينلن“ چيو ته رالف، گذرئي مهيني ۾ جيڪا تڪليف مون ڏٺي آهي تنهن جي توکي خبر ئي ڪانهي-“

”رالف“ چيو ته ”مون به گهڻي ڏٺي آهي.“

هن چيو ته اهو سچ پر ڏوهه ۽ انهيءَ جي ڊپ کان ته ڇٽو پيو آهين!

سڀني سورن کان ڪسر آهي، منهنجو اهو حال آهي، پر انهيءَ ڪري تون مون کي ڌڪارين ته نٿو؟

”رالف“ ورندي ڏني ته ”نه، گلينلن، مون کي تنهنجو گهڻو ارمان ٿو ٿئي. آءٌ ڪنهن کي ڪنهن قصور ڪرڻ ڪري ڌڪاريندڙ ڪين آهيان؛ پر مون کي پنهنجا ئي فڪر ۽ انتظار گهڻا آهن: امان ۽ ڪرسٽيءَ جو خيال منهنجي دل مان وڃي ئي نٿو.“

*    *    *    *    *

انهيءَ طرح هو، ڳالهيون ڪندا، ٻن ڪلاڪن ۾ ”پورٽ لايس“ ۾ وڃي پهتا، صبح ۾ اڃا پنج ڇهه ڪلاڪ پيا هئا، جهاز اٺين بجي نڪرڻو  هو. سڀ گهر بند ٿي ويا هئا . تنهن ڪري هو هڪڙي ڍورن جي واڙي ۾ وڃي ستا. سڪل گاهه ۽ ڪک ججها هئا؛ اهي هيٺان مٿان وجهي؛ ڪوسا ٿي پئجي رهيا. ”رالف“ کي ته اڳي ئي انهيءَ جو آزمودو هو، پر ”گلينلن“ جو سنجهي مان ريشم ۽ مخمل جي ڪپڙن ۽ جواهرن ۾ پئي ٽليو، تنهن کي هينئر گاهه ۾ وهارڻ جي بدران مٿي هيٺ ڳنڍڙي رکي سمهڻو پيو. پر هو ٿڪل هو. تنهن ڪري ننڊ کڻي ويس؛ ۽ صبح جو جاڳيو،  ته جهاز جي رواني ٿيڻ جو وقت اچي ٿيو. هن پنهنجي سنگتيءَ کي جاڳايو، ۽ هڪڙي نانوائيءَ جي ننڍي دوڪان تي وڃي ناشتو کاڌائون، پوءِ جهاز تي وڃي چڙهيا، جنهن جو نالو ”سي ميڊ“ هو. ”گلينلن“ وٽ ٻه پاؤنڊ هئا. هن ڪپتان کي پندرهن شلنگ ڏيڻا ڪيا. ۽ جيڪو ڪم هن کان ٿي سگهيو، تنهن جي ڪرڻ جو انجام ڪيائين. انهيءَ شرط تي ڪپتان هن کي لورپول ۾ پهچائڻ جو قبولدار ٿيو.

*        *          *

ڏهين  بجي جهاز سمنڊ ۾ ڳچ پنڌ ڪري ويو ۽ ”گرينج“ ۾ به ناشتو پورو ٿيو. مسٽر ”ڊگلس“ وڃي ڪتبخاني ۾ ويٺو، ۽ ”ڪرسٽيءَ“ ماءُ کي ”رالف“ جي اوچتي اچڻ ۽ وري جلد موٽڻ جي انجام ڪرڻ جي ڳالهه ويهي ٻڌائي. هيءَ خبر ٻڌي، هوءَ ويچاري حيران ٿي ويئي. ڏک مان چوڻ لڳي: ڇا ٿئي ها جي هو هڪڙو پل مون کي ڏسي ۽ ملي وڃي ها....! او رالف، رالف، تون ڪهڙو نه ظالم، ڪهڙو نه سگندل آهين!.... پنهنجي ماءُ سان ايترو ڪيئن ڪري سگهئين؟“

”ڪرسٽيءَ“ چيو ته  ”امان، جيڪي هن چيو سو ته ٻڌ!“ پوءِ هن جا محبت جا پيغام ۽ جلد موٽڻ جا انجام چئي ٻڌايائين. پر انهن جو هن تي ڪو به اثر  ڪونه ٿيو، ۽ وڏي آواز سان سڏڪا ڀري روئڻ لڳي. هن جي آواز تي مڙسس اتي اچي نڪتو. انهيءَ کي ڏسي چوڻ لڳي ته ”او ايوان، هو هتي آيو هو... هو هتي آيو هو!

اهي لفظ هن اهڙي درد مان چيا، جو مسٽر ”ڊگلس“ جهڙو شوخ سخت دل ماڻهو به هن جي پاسي ۾ ويهي رهيو ۽ هن کي دڙ دلاسا ڏيڻ لڳو. پر، هن اڃا به چرين وانگي ائين چيو  ته ”-او ايوان، ڪرسٽيءَ ڪالهه هن کي ڏٺو هو... هو هتي آيو هو!“

 

 

 

باب ڇويهون

 

لارڊ گلينلن جو چيڪ

 

”لارڊ گلينلن“ جي اوچتي گم ٿيڻ ڪري ”آلربي“ باغ واري مهمان ۽ تماشي بين حيران ٿي ويا. جن پئي پڇيو، تن کي مارٽن، رڳو ايترو پئي چيو ته ”گلينلن چڱو ڀلو نه هو، تنهن ڪري شايد گهر هليو ويو آهي.“ اڌ رات کان پوءِ تماشو بند ٿيو.

ٻئي ڏينهن ماني کائڻ مهل، ”سر هينري آلربي“ کي ”گلينلن“ جو خط مليو، جنهن ۾ هن سڀ سچي ڪئي هئي ۽ پنهنجن سڀني ڏوهن جو قبولدار ٿيو هو؛ اهو به لکيو هئائين ته ”شرم کان آءٌ گهر ڇڏي ڀڄي ٿو وڃان“ اوهين مهرباني ڪري تجويز سان، لارڊ ڊانرل کي سڀ ڳالهيون ٻڌائجو ۽ مون سندس يتيم ۽ هڪڙي ئي پٽ لاءِ معافي وٺجو.“

”مارٽن“ جنهن جي پنهنجي سنگتيءَ جي اکرن تي به نظر پيئي ۽ جنهن پيءُ جي حيراني به ڏٺي، تنهن پڇيو ته ”بابا، ڇا آهي؟ گلينلن کي ڪي ٿيو آهي ڇا؟“

پڻس جواب ڏنو ته هائو، گهڻو ئي ڪي ٿيو اٿس. آءٌ هن خط جو مضمون توکي ٻڌائي نٿو سگهان، ڇالاءِ جو اهو رڳو منهنجي ۽ هن جي پيءُ جي واقفيت لاءِ لکيل آهي؛ پر تون سگهوئي سڀني جي واتان ٻڌندين ته هو گهر ڇڏي ڀڄي ويو آهي.“

”مارٽن“ عجب ۾ پئي چيو ته، ”مارٽن، اهو هميشه دستور آهي ته چڱي جي صحبت کان بڇڙي جي صحبت زياده اثر ڪري. پر هاڻ هڪڙو لحظو به وڃائڻ نه گهرجي: جيترو ٿي سگهي، اوتر جلد هن کي روڪجي، متان پري نڪري وڃي. آءٌ قلعي ڏي چڙهيو ٿو وڃان سنڀال ڪجئين متان ڳالهه ظاهر ٿئي. يا ٻي خرابي ٿئي.“

ٻئي ماني کائي اٿيا. ”مارٽن“ انهيءَ ڪوشش ۾ هيو ته ”گلينلن“ بابت جيڪا وڌيڪ خبر چار پئجي سگهي سا ڪڍي ۽ ”سرهينري“ اٿي سنڀريو ته اها خبر وڃي ”لارڊ ڊانرل کي ٻڌائي“  جڏهن هو قلعي ۾ پهتو، تڏهن معلوم ٿيس ته ”لارڊ ڊانرل“ ماني ويٺو کائي، هو هڪدم اطلاع ڏيئي وٽس ويو.

”ارل“ پڇيس ته ”سر هينري، راتوڪي تماشي ۽ اوجاڳي اوهان کي ايترو نه ٿڪايو آهي، جيترو مون کي ٿڪايو اٿس، جو اوهين سويل ئي کائي پي گهمڻ نڪتا آهيو! گلينلن به اوهان سان آيو آهي ڪيئن؟“

هن جواب ڏنو ته ”نه، هو ڪونه آيو آهي. پر اوهين ناشتو پورو ڪريو، پوءِ اوهان کي آءٌ ڪا ضرور ڳالهه ٻڌايان.“

”ارل“ تڪڙ مان پڇيو ته ”ضروري ڳالهه؟ مون کي اُميد آهي ته هن ڳالهه بابت ناهي.“

سر هينريءَ نوڪرن ڏي نهاري چيو ته ”اوهين فڪر نه ڪريو، ڀلي ماني کائي بس ڪريو.“ ”لارڊ ڊانرل“ نوڪرن کي نڪري وڃڻ لاءِ اشارو ڏنو؛ پوءِ  انتظار مان وري پڇيائين ته ”سر هينري، ٻڌاءِ ته سهي ته ٻيو سڀ خير آهي؟“

”سر هينريءَ“ چيو ته ”لارڊ ڊانرل، اوهان کي ڪنهن خراب خبر ٻڌڻ لاءِ تيار ٿيڻ گهرجي. اهڙي جنهن جي ٻڌڻ ڪري ڏک ۽ انتظار ٿيندو.“

”ارل“ چهرو بدلائي چيو ته ”ائين؟.... پر ٻڌايو ته ڇا آهي؛ زياده انتظار ۾ نه وجهو، جيڪي هجي سو چئو.“

”سر هينريءَ“ چيو ته ”پهرين ته مون کي افسوس آهي ته گلينلن ڀڄي ويو آهي!“

”لارڊ ڊانرل“ ڇرڪ ڀري ميز تان اٿي چيو ته ”ڀڄي ويو آهي؟... هن کي هڪدم روڪڻ ۽ بيهارڻ گهرجي! اءٌ نوڪرن کي گهوڙي تي چاڙهي چوڌاري ٿو پٺيانئس موڪليان.“

”سر هينريءَ“، لارڊ ڊانلر“ جي ٻانهن ۾ هٿ وجهي، چيو ته ”تڪڙ نه ڪريو. گهنٽي وڄائي، نوڪرن کي نه سڏيو. مون کي اڃا به وڌيڪ ڪي چوڻ آهي. بيهو، متان کان وڏي خرابي ٿي پو.“

پر ”لارڊ ڊانرل“ اڳي ئي گهنٽي وڄائي ويٺو  ۽ سڏ تي ”ڪلارڪ اچي نڪتو. ”سر هينريءَ“ کي هڪدم دل ۾ شڪ گذريو ته شايد هن حرامخور در تي وڃي لڪيو بيٺي ٻڌو. هن اڳ- ڳڻتي ڪري ”ارل“ کان اڳ ئي، گهنڊ وجهي، ”ڪلارڪ“ کي چيو ته في الحال تون ٻاهر وڃ، هينئر تنهنجي گهرج ڪانهي. مگر، ڪلارڪ ياد  رکج ته جي وري سڏ نه ٿيئي ته تون نه اچج، تنهنجي اچڻ جو ضرور ڪونهي؛ جڏهن تنهنجي گهرج ٿي، تڏهن پاڻيهي توکي خاص طرح گهرايو ويندو.“  جڏهن هو لاچار موٽي ويو، تڏهن لارڊ ڊانلر“ کي چيائين ته ”لارڊ ڊانلر“ منهنجي اها گستاخي معاف ڪجو؛ پر جيڪا خرابي ٿي آهي تنهن جو اوهين خيال ڪري ڪين سگهندؤ.... ۽ انهيءَ جو باني هي فسادي آهي! هلندؤ، ته ڪنهن خلاصيءَ ڪوٺي ۾ ويهي ڳالهايون متان ڪو لڪي ڪن ڏئي.“

هو ٻئي ”ارل“ جي خانگي ڪتبخاني ۾ ويا. اها ساڳي جاءِ، جنهن ۾ ”گلينلن“ جعلسازي ڪئي هئي. اتي ”ارل“ ڏاڍي ڏک ۽ ارمان سان پٽ جو خط ٻڌو، جنهن ۾ هن پنهنجا سڀ ڏوهه ڄاڻايا هئا... پر ٻيو چارو ڪونه هو. انهيءَ مهل ڦڙتائيءَ ۽ جلديءَ جو ضرور هو. پٽ  به اهو هڪڙو هوس، جنهن کي خواريءَ بدناميءَ کان بچائڻو هو، ۽ قديم خاندان جي پت رکڻي هئي. تنهن ڪري، في الحال ٻيا سڀ خيال وساري، ”سرهينريءَ، جي صلاح تي ترت تعميل ڪرڻ لڳو.

”لارڊ گلينلن“ جي خط مان صاف هو ته ”ڪلارڪ“ کي منجهس رڳو شڪ آهي؛ پر سندس هلت مان اهو شڪ پڪ جهڙو ٿي نظر آيو. اهو به لکيل هو ته چيڪ اڃا مٽايو نه ويو آهي؛ ۽ جيتوڻيڪ ”ڪلارڪ“ گهڻائي دڙڪا ڏنا هئس، پر انهيءَ سان اڃا جعلسازيءَ جي سچي نه ڪئي هئائين، انهيءَ هوندي به ”ڪلارڪ“ جو دڙڪو ڏيئي پيسن ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، تنهن مان هن کي خاطري ٿي ته ”ڪلارڪ“ جي نيت بڇڙي آهي، ۽ انهيءَ هن کي به خراب ڪيو هو؛ تنهن ڪري هنن کي هن تي قياس ڪونه آيو، ۽ انهيءَ سان جوڳي جٺ ڪرڻ جو ارادو ڪيائون.

پهرين ڳالهه جيڪا ضرور هئي، سا اها ته اهو چيڪ هٿ ڪجي، ۽ جي هٿ نه اچي ته اهڙو بندوبست ڪجي جو اهو ڪنهن شڪ يا پڇا کانسواءِ مٽجي سگهي، ۽ ٻي ڳالهه ضروري اها هئي ته ”ڪلارڪ“ جو وات بند ڪجي. پهرينءَ ڳالهه جي بنسبت ”سرهينريءَ“ کي خاطري هئي ته ”ڪلارڪ“ هيڏي وڏي رقم مٽائي نه سگهندو، ۽ نه اهو چيڪ ڪوڙو چئي هلائيندو جو انهيءَ ڪري پاڻ به ڏوهاري ٿي ٿي سگهيو، ۽ منجهس بڇڙو  شڪ به پئجي ٿي سگهيو، ۽ جي لڏي ٻئي ملڪ ۾ وڃي رهڻو هوندس، ته به ٻيو ڪو ٻي جو کائتو بندوبست ڪندو: ۽ ٻيءَ ڳالهه  جي بنسبت،  هن جيڪو هيستائين ڪپت جي هلت ڪئي هوندي يا رسيدون ۽ قبوليتون دغا جي ارادي سان پاڻ وٽ رکيون هونديون، انهن تي گهڻو مدار هو. ”سرهينريءَ“ جو اهو خيال نيٺ سچو ثابت ٿيو- جيئن هيٺ نتيجي مان معلوم ٿيندو.

”ارل“ جي نهايت غمگينيءَ ۽ فڪرمنديءَ جو حال ڏسڻ.“ سرهيزيءَ پنهنجي دوستيءَ ۽ خيرخواهيءَ جي نظرتي، هڪدم مناسب اڳ- ڳڻتي ۽ احتياط وٺڻ لڳو. ان موجب، لارڊ  ڊانرل کي چيائين ته ”آءُ ڪلارڪ کي گهرائي، سندس ارادو معلوم ڪرڻ لاءِ ڪي پڇڻ ٿو گهران، اوهين ڀلائي ڪري پنهنجو ڏک ۽ انتظار هن بدمعاش جي اڳيان ظاهر نه ڪريو، پر بيپرواهه ۽ خوش ڏسڻ  ۾ اچو، ائين چئي، گهنٽي وڄائي، ”ڪلارڪ“ کي گهرايائين. هو آيو. اگرچ پڪو بدمعاش هو، ته به اندر جي کوٽ ڪري ٻن ماجسٽريٽن جي اڳيان هو البت دهلجي ويو، ”ارل“ جي طبيعت هن کي ساري پئي هئي، انهيءَ کان ايترو ڊپ نه هوس؛ پر سرهينريءَ جي چالاڪيءَ ۽ پڪائيءَ جو واقف نه هو تنهن کان البت ڪن ٿي هنيائين، ۽ هن جو گهنڊ ۽ ڪاوڙيل منهن ڏسي دهشت کان ڏڪڻ لڳو.

”ارل“ جي اجازت سان،”سرهينريءَ“ هڪدم چيس ته ”ڪلارڪ، اسان، کي معلوم ٿيو آهي ته تو وٽ لارڊ ڊانرل جو هڪڙو چيڪ آهي، جو لارڊ گلينلن توکي ڏنو آهي، ۽ اهو هڪڙيءَ وڏيءَ رقم جو آهي، ڪن قرض جي رقمن ادا ڪرڻ لاءِ ڏنو ويو هو ، پر اهو تو اڃا نه مٽايو آهي، ۽ نه قرض خواهن کي اڃا سندن پيسا تو ڏنا آهن.“

اهو سوال ته ” ڪلارڪ“ جي خيال جي بر عڪس هو- هن کي ”ارل“ جي اهڙيءَ ملا قات مان گهڻوئي فائدو ڪڍڻو هو- تنهڪري هو وائڙو ٿي بيهي رهيو، جواب ڏيئي نه سگهيو.

”سر هينريءَ“ پڇيس ته تو وٽ اهو چيڪ آهي يا نه؟.... انهيءَ سوال جو جواب ڏيڻ ته سولو آهي!“

”ڪلارڪ“ لاچار ورندي ڏني ته ”چڱو.... تڏهن، سائين مون وٽ آهي.“ ”سرهينريءَ“ وري پڇيو ته”اهو ڪن ڏينهن کان تو وٽ رهيوآهي- ائين؟“

”ڪلارڪ“ جواب ڏيڻ ۾ دير ڪئي، تنهڪري ”سرهينريءَ“ چيو ته ”ڀلائي ڪري جواب ڏي. اها سچي ڳالهه قبول ڪندين، ته انهيءَ ۾ تنهنجو فائدو آهي.“

”ڪلارڪ“ چيو ته ”چڱو، سائين، اهو مون وٽ آهي.... لارڊ گلينلن پاڻ پنهنجي هٿ سان اهو مون کي ڏنو.“ ۽ لارڊ ڊانرل ڏي نهارڻ لڳو.

”سرهينري آلربيءَ“ آرام سان چيو ته ”برابر، اها اسان کي اڳي ئي خبر آهي. پوءِ، تنهنجو ارادو آهي ڇا ته اهو چيڪ ڪم آڻين؟“

هن ڇوهه مان چيو ته ” ڇو نه، سائين؟ بيشڪ ڪم آڻيندس!“

”سرهينريءَ“  پڇيو ته ”تڏهن تنهنجي مرضي آهي ته اهو مٽائي پيسا وٺين؟“

هن چيو ته ”هائو، سائين.“

”سرهينريءَ“ چيو ته ”چڱو، هاڻ اهو ڪڍ.“

”ڪلارڪ“ هيڏي هوڏي ڪرڻ لڳو.

سرهينريءَ وري چيو ته ”اها تنهنجي مرضي.... جنهن وقت اها پيش ڪندين؛ تنهن وقت انهيءَ جا پيسا توکي ملندا؛ پر تنهنجي لاءِ بهتر ائين آهي ته جلد ائين ڪرين، ڇالاءِ جو ڪنهن به طرح اڄ توکي قلعي مان نڪرڻو ٿيندو. اهو چيڪ ڪيئن توکي هٿ آيو، تنهن جي بابت پڇا ڪرڻ کان ڇٽي پوين، ته انهيءَ ۾ تنهنجي لاءِ فائدو آهي.“

”ڪلارڪ“ چيو ته؟ سائين، انهيءَ بابت ته مون اڳي ئي چيو آهي ته لارڊ گلينلن پاڻ اهو مون کي ڏنو.“

”سرهينريءَ“ ورندي ڏني ته ”انهيءَ بابت مون به اڳي ئي توکي چيو ته انهيءَ جي اسان کي خبر آهي.“ پوءِ لارڊ ڊانرل ڏي منهن ڪري چوڻ لڳو ته“ هي ڀلي هينئر ئي وڃي هن جا پيسا وٺي، يا ترسي جڏهن پوءِ وڻيس تڏهن، بئنڪ مان مٽائي پيسا وٺي.... هاڻ هن ۾ اوهان جو ڪو ٻيو ڪم آهي؟“

”ارل“ جواب ڏنو ته ”ٻيو ڪم ڪو به ڪونهي:‎ رڳو يترو ٻڌائي ڇڏيوس ته ٻن ڪلاڪن جي اندر منهنجي نوڪريءَ مان نڪري وڃي!“

”ڪلارڪ“ رڙ ڪري چيو ته ”سائين، ٻن ڪلاڪن ۾...!“

”ارل“ چيو ته ”ٻن ڪلاڪن ۾! منهنجو منشي توکي مهيني جي تاريخن جو پگهار هڪدم ڏيندو. جي پنهنجي ٽپڙن کڻڻ جو انهيءَ عرصي ۾ وقت مليئه، ته پوءِ اهي توکي پهچايا ويندا.“

”ڪلارڪ“ پڇيو ته ”ڇو، سائين مون ڇا ڪيو آهي؟“

”سرهينريءَ“ چيو ته ”انهيءَ بابت وڌيڪ اپٽار نه ڪرڻ ۾ تنهنجو فائدو آهي.“

”ڪلارڪ“ چيو ته ”جي هن چيڪ جي جعلسازي ڪئي، ته انهيءَ ۾ منهنجو قصور؟“

”سرهينريءَ“ بلڪل آرام سان پڇيو ته چيڪ!... ڪهڙو چيڪ؟ اهو جيڪو تو اڳهڻو چيو ته توکي مٽائڻو آهي؟“ وري ”لارڊ ڊانرل“ ڏي منهن ڪري چوڻ لڳو ته ”سائين، هيءَ ڳالهه ضروري آهي؛ بهتر آهي ته جيڪي هي چوي ٿو؛ سو اسين ٻئي لکي وٺون، چڱو، ڪلارڪ، هاڻ ٻڌاءِ ته ڇا ٿو چوين... ڪهڙو چيڪ؟“

هن چيو ته ”سائين ڏيڍ سؤ پائونڊن جو چيڪ، جو لارڊ گلينلن مون کي ڏنو.“ ”سرهينريءَ“ چيو ته ”تو قبول ڪيو ته اهو چيڪ تو ڪوڙو جعلسازيءَ“ جو ڪڍيل ٿي سمجهيو، ۽ پوءِ به اهو تو ڪم آڻڻ ٿي گهريو؟ چڱو، اهو مون لکيو، ۽ ائين به ٿو چوين ته اهو چيڪ تو پاڻ وٽ رکيو؛ ۽ رکئيه به انهيءَ ارادي سان ته جن دستخطي رسيدن جي لاءِ اهو چيڪ توکي ڏنو ويو هو، سي به وري ڪم آڻين: هاڻ فقط ائين ڪرڻ سان ئي تو هڪڙو وڏو ٺڳيءَ ۽ دغابازيءَ ۽ ڪپت جو ڏوهه ڪيو آهي ۽ پاڻ کي قاعدي جي چنبي ۾ ڦاسايو آهي. ٻيون ڳالهيون ته اڃا ڇڏي ڏي!“

”ڪلارڪ“ سهي ڪيو ته ”سرهينريءَ“ ڳچيءَ کان وٺڻ ٿو گهريس. ۽ جي سندس گذر خراب ڪمن جي وڌيڪ پڇا ڪيائين، ته الاجي ڪهڙا نتيجا نڪرندا، اگرچ لالچ ۽ لوڀ گهڻوئي هوس. پر في الحال ڦاسڻ جو ڊپ هوس، تنهنڪري ڀانيائين ته انهيءَ ڳالهه کان ناڪاري ٿيا ته اهو چيڪ مون پنهنجي ڪم ۽ فائدي لاءِ هلائڻ ٿي گهريو. اهو به لڪي ٻڌو هئائين ته ”لارڊگلينلن“ ڀڄي ويو آهي: ۽ انهيءَ جي بدران ”سرهينري آلربيءَ“ سان حساب صاف ڪرڻ نٿي گهريائين، تنهنڪري پهرين منجهي ماٺ ڪري بيٺو ۽ پوءِ مس مس هٻڪي چيائين ته ”آءٌ پڪ سان چئي نٿو سگهان ته اهو چيڪ ڪوڙو ۽ جعلسازيءَ جو ڪڍيل آهي...

”سرهينريءَ“ چيو ته“ چڱو، اهو مون لکيو. لارڊ ڊانرل، هاڻ اوهين انهيءَ ڳالهه جا شاهد آهيو ته هي شخص صاف چوي ٿو ته ”جيڪو چيڪ مون وٽ آهي. تنهن جي آءٌ پڪ ڏيئي نٿو سگهان ته ڪوڙو ۽ جعلسازيءَ جو ڪڍيل آهي. هاڻ تڏهن، ڪلارڪ، جي انهيءَ چيڪ جا پيسا توکي گهرجن، ته اهو هڪدم ڪڍ، آءُ ڀانيان ٿو ته اهو تو وٽ موجود آهي- ائين آهي يا نه؟ منهنجي توکي صلاح آهي ته جيسين انهيءَ جي لاءِ تون پيسا وٺي سگهين، تيسين وٺي هٿ ڪر، ۽ پوءَ هڪدم هتان نڪري وڃ، نه ته خير نه پهچندئي!“

”ڪلارڪ“ ذرو به نه ڪڇيو، ماٺ ڪري، چيڪ ڪڍي ڏنائين، ”سرهينريءَ“ اهو پنهنجين اڱرين ۾ ورتو، پر هو بدمعاش هٿان نه پيو ڇڏي.

”سرهينريءَ“ آڱريون ڪڍي چيو ته ”چڱو. آءٌ ڄاڻي واڻي پيسا کڻي تيار ٿي آيو آهيان. جي وٺڻا اٿئي ته هڪدم وٺ، انهيءَ ۾ تنهنجو فائدو آهي. هاڻ هي اٿئي پيسا، ۽ آءُ انهيءَ جي رسيد ٿو لکان، جنهن تي تون صحيح وجهندين. پر، جي اهو ڪاغذ جو ٽڪر تون پاڻ سان رکڻ گهرين ۽ پاڻيهي پاڻ کي جنجال ۾ وجهڻ گهرين، ته به خوشي تنهنجي: توکي ڪو به زور ڪونه ٿو ڪري ته اهو ڏي.“

نوٽ ”سرهينريءَ“ جي هٿ ۾ ڏسي، ”ڪلارڪ“ جو وات پاڻي ٿي ويو. هن چيڪ کڻي ميز تي رکيو، نوٽ گهرڻ لڳو.

سرهينريءَ“ چيڪ کي اتي ئي ڇڏي، چيو ته ”بيهه.... توکي تيسين پيسا نه ملندا، جيسين تون دستخطي رسيدون ۽ قبوليتون رد ڪري موٽائي نه ڏيندي، ۽ اهڙي رسيد نه لکي ڏيندي، ته جيڪي پسا لهڻا هئا سي سڀ مون کي مليا. “

پهرين ”ڪلارڪ“ قسم کڻي انهن جي ڏيڻ کان انڪار ڪيو؛ پر ”سرهينريءَ“ دم وري هوش ۾ آندس، چيائينس ته ”ڪلارڪ، اها خوشي تنهنجي. توکي خبر آهي ته، قاعدي موجب جيڪي رسيدون ۽ صحيحون تنهنجي قبضي ۾ آهن، اهي ڪنهن ڪم جون ڪين آهن، بلڪه انهن مان ڪي ته اسان جي سمجهه موجب ڪوڙيون آهن- انهن جي ڪوڙائيءَ جي ثابتي ڏيڻ مشڪل ناهي.“

اها ڳالهه هئي به سچي، ”ڪلارڪ“ کي ککي آئي- ڀانيائين ته منهنجي ٺڳي ۽ بدمعاشي اچي ظاهر ٿي آهي. ”سرهينريءَ“ جي دهشت، هانءُ کائي ڇڏيس، لاچار، رسيدون ۽ قبوليتون ڪڍي چيڪ جي پاسي ۾ رکي، چوڻ لڳو ته ”سائين، ڏيو مون کي پيسا!“

”سرهينريءَ“ اهو نڀاڳو ندورو چيڪ کڻي ”لارڊ ڊانرل“ جي هٿ ۾ ڏنو، ۽ جيسين ”ڪلارڪ“ نوٽ ڳڻيا ۽ سنڀاليا، تيسين هن رسيدون ۽ بل چڪاسيا. انهن مان ٽي ڌار ڪڍي رکيائين ۽ ”ارل“ کي ڏيکاريائين“ جڏهن ڪلارڪ ڏٺو ته هنن ٽي رسيدون ڪوڙيون جعلسازي ڪيل سهي ڪيون آهن. تڏهن ڏاڍو ڊنو.

سرهينريءَ منهن مٿي ڪري پڇيس ته ”پيسا برابر مليئه؟“

هن چيو ته ”هائو.“

”سر هينريءَ“ چيس ته ”تڏهن هن رسيد تي صحيح ڏي.... بس. هاڻ ٺهيو. ها هڪڙي ڳالهه ياد رکج ته هي جيڪي پنهنجي وچ ۾ هليو آهي، سو دل ۾ رکج ۽ ٻئي ڪنهن کي متان ٻڌائين، نه ته تنهنجي لاءِ بڇڙو نتيجو نڪرندو. هي ٽي ڪاغذ، ڏسين ٿو ته، آءٌ ڌار پاڻ وٽ سنڀالي رکيو ٿو ڇڏيان!.... لارڊ ڊانرل، مون بس ڪئي، هاڻ اوهان کي ڪي هن کي چوڻو آهي؟“

”لارڊ ڊانرل“ ڪاوڙ مان چيو ته ”هائو. ڪلارڪ، توکي پنهنجا پيسا مليا؛ منشي توکي هن مهيني جون تاريخون به جمع ڪري هينئر جو هينئر ڏيندو، ياد رک ته ٻن ڪلاڪن جي اندر جي تون قلعي مان نڪري نه ويندين ته توکي موچڙا هڻائي ڪڍندس، ۽ ٻيءَ جنهن سزا جو لائق آهين سا ڏبيئه!“

”ڪلارڪ“ هڪدم هليو ويو. جڏهن جاءِ جو در بند ٿيو، تڏهن ”لارڊ ڊانرل“ چيڪ ڦاڙي پرزا ڪري پري باهه ۾ وجهي ڇڏيو، جو اتي سڙي خاڪ ٿي ويو. پوءِ اٿيو ۽ ”سرهينريءَ“ جو هٿ وٺي چوڻ لڳو ته ”سرهينري، جيڪا سڀ خراب کان خراب ڳالهه هئي، سا خير جي گذري، اوهان منهنجي حياتيءَ جي تمام ڳري مصيبت جهڙي گهڙي ڏٺي آهي. انهيءَ جي يادگيري آءٌ قبر تائين پاڻ سان نيندس. جيڪا مدد اوهان مون کي ههڙي وقت ڪئي آهي، سا آءٌ مرڻ گهڙيءَ تائين نه وساريندس. اُميد آهي ته اڄ کان وٺي سرهينري، اوهين مون کي گهڻين ڳالهين ۾ مٽيل ماڻهو ڏسندؤ.“

”ڪلارڪ“ ڊپ ۽ نااُميديءَ ۾ پر پيسن جي خوشيءَ ۾ نڪري نوڪرن جي جاءِ ۾ آيو، ۽ اتي منشيءَ کان مهيني جي تاريخن جو پگهار ورتائين. انهيءَ وچ ۾ ”لارڊ گلينلن“ جي ڀڄي گم ٿي وڃڻ جي خبر نوڪرن جي آسپاس پکڙجي ويئي ۽ سڀئي ڏک ۽ ارمان ۾ هئا، جو ”لارڊ ڊانرل“ چڱو مڙس هو؛ ۽ سڀني تي مهربان هوندو هو، ”لارڊ ڊانرل“ به ٻين عيبن هوندي خوش خلقي ۽ رحمدل هو، تنهن ڪري اهي سڀني کي وڻندا هئا. سڀئي انهيءَ خرابيءَ جي باني بدمعاش ”ڪلارڪ“ کي سمجهڻ لڳا، جو خبر هين ته ننڍي لارڊ جو خاص نوڪر هو، ۽ سڀني خرابيءَ جهڙن ڪمن ۾ هن سان جٺيون ڪرڻ لڳا. ۽ هن کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ لڳا. نيٺ جڏهن ”ڪلارڪ“ ٺاهه ٺوهه سان، ڪوڙو ڏيک ڪري، گاڏي گهرائي، سامان کڻي نڪرڻ تي هو. تڏهن نوڪرن، پاڻ ٻڌي ڪري، زور سان جهلي، حوض جي نل هيٺ آڻي بيهاريس، جنهن ڪري هو سڄو ڀڄي ڀت ٿي پيو. گهڻو ئي هل بگيڙو ڪيائين پر سڀني ٿڪ بجو هڻي هڪالي ڪڍيس. انهيءَ بڇڙي حال ۾ هو رستي جي ڪناري واري مسافرخاني ۾ وڃي ٿورو ترسيو ۽ ڪپڙا لاهي ٻيا ڍڪي پوءِ سگهوئي روانو ٿيو. انهيءَ رات هو آگ گاڏي تي لنڊن ۾ ويو ۽ اتان ٿورن ڏينهن ۾ آسٽريليا ڏي روانو ٿيو.

 

ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com