سيڪشن؛  ٻاراڻوادب

ڪتاب: ٽي گهر

 

صفحو : 2

باب ٽيون

 

’لارڊ گلينلن‘ جو گهر

 

         ”آلربي“ ڪٽنب وارن جو سرهائيءَ ڀريل ۽ مزي جهڙو گهر ڇڏي، هاڻ اسين ”ڊانرل“ جي ”آرل“ جي اميراڻي محلات ڏي هلنداسين. ”آلربي باغ“ مان لنگهي، رستو لتاڙي، هڪڙيءَ ننڍي ٽڪريءَ جي چوڻيءَ تي چڙهبو ته هڪڙي ننڍي ڍنڍ ڏسڻ ۾ ايندي، جنهن ۾ ننڍيون ننڍيون ٻيٽهريون نظر اچن ٿيون. انهن جي پريان باغن جي مٿان باغ، هزارن رنگن جا چڙهندا وڃن ۽ اڃا به انهن جي مٿان، ”ڊانوال“ جي قلعي جا عاليشان ٺل ڏسڻ ۾ ٿا اچن. اهو قديم قلعو، ايڊورڊ ٽئين جي راڄ ۾ انهيءَ خاندان جي پهرئين آرل جوڙايو هو. تنهن کان پوءِ منجهس گهڻيون ئي هاڻوڪي زماني جون ڦيريون گهيريون ڪيون هيون ۽ انهيءَ جي چوڌاري اهڙا عجيب باغ بستان لڳايا ويا هئا، جيڪي آس پاس واري ملڪ جو سينگار هئا.

”ڊانرل“ جا آرل وڏا امير هئا. هنن جي ناموس ۽ هلندي گهڻي هئي. انهيءَ خاندان جا پٽ عقل وارا ۽ شريف هوندا هئا ۽ ڌيون حسين ۽ نيڪ هونديون هيون. انهن جو ذڪر ملڪ جي تاريخن ۾ لکيل هوندو هو. پر، هاڻوڪو لارڊ ڪچيءَ کان کري پيل هو. ”آرل“ ٿيڻ کان اڳي، وڏن جو نالو نشان گم ڪري ڇڏيو هئائين. رات ڏينهن عيش عشرت کي لڳو پيو هوندو هو. شڪار ڪرڻ، جانورن ويڙهائڻ ۽ شرطن ڀڄائڻ جو ڏاڍو شوق هو. جوا بازي ۾ هزار کٽيا هئائين ۽ هزار قرض چڙهي ويا هئس. انهيءَ جو نتيجو اهو ٿيو. تڏهن پنهنجيءَ اڳوڻي اجائيءَ هلت چلت جي ڪري ڏاڍو پشيمان ٿيو. هڪڙي ڳالهه جو نهايت گهڻو ارمان هوس. جو ”ڊالرل“ جي شاهاڻي جاگير ۽ جائداد جو وڏو ڀاڱو هن گروي ڪري ڇڏيو هو. جيتوڻيڪ ٻيا سندس شان شوڪت ۽ ٺاهه ٺوهه ڏسي پيا ريس ڪندا هئا ته به هو پاڻ اندر جي چڪن کان ڏاڍي عذاب ۽ غم ۾ هو. سڀ کان وڏي ڳڻتي هن ڳالهه جي هيس ته سندس پٽ به خود سنديس بريون عادتون پرايون هيون ۽ ڊپ هو ته هن جو حال به آخر  اهڙو ٿيندو جهڙو سندس هو.

هن جي زال ڏاڍي حسن واري ۽ عمديءَ طبيعت جي شريف ليڊي هئي. ”لارڊ گلينلن“ اڃا چئن ورهين جو، ته هوءَ مري ويئي. جي جيئري هجي ها، ته پڪ آهي ته مڙس کي چڱو سنڀالي ها، ۽ هن کي گهڻين خرابين ۽ مصيتبن کان بچائي ها. پر جڏهن هن کي زال جي مرڻ جو سخت صدمو پهتو. تڏهن اُنهيءَ ڏک کي دفع ڪرڻ جي لاءِ پاڻ زياده خوشدلي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. ”لارڊ گلينلن“ ۾ سندس ماءُ جو مورثي حسن ۽ جمال هو- اهڙو، جو هزارين کيس ڏسي حيران ٿيندا هئا. هو جوان، خوبصورت، خانداني، ذهين سليقي وارو ۽ وڏيءَ جائداد ۽ عالي القاب جو وارث هو؛ تنهن ڪري سڀڪو ائين سمجهندو هو ته هو ضرور دنيا ۾ نامور، فتحياب ۽ بخت وارو ٿيندو. ”لارڊ گلينلن“ پاڻ به ائين ڄاڻندو هو: هو ڀانيئندو هو ته دنيا منهنجي لاءِ پيدا ٿي آهي. اسڪول جتي ٻين جي همسريءَ ۽ سنگت  جي ڪري وڏو ماڻهپ جي وسري وڃڻ جي اُميد آهي، انهيءَ ۾ هن جي ذهن هشياريءَ خوش خلقيءَ خوبصورتيءَ ۽ شرافت جا ايترا تعريف ڪرڻ وارا ۽ خوشامدي پيدا ٿي پيا، جو هو پاڻ زياده مغرور ۽ تڪبر وارو ٿيندو ويو، ۽ پنهنجي سڀ ڪم ۽ هلت سان خوشي پئي حاصل ٿيس.

ڪم نصيبيءَ جي ڳالهه اها هئي ته ننڍڙي عمر ۾ ماءُ جي مرڻ ڪري سندس حسب نسب ۽ دولتمنديءَ جي فائدن جو اثر اُبتو ۽ گم ٿي ويو. ”آرل“ پاڻ سست مزاج هو ۽ اڪثر گهر کان ٻاهر گذاريندو هو. ننڍڙي ٻار جي پرورش ۽ تعليم جي ڪابه ڳڻتي ڪانه هوس مغرور پٽ کي نوڪريءَ جي حوالي کڻي ڇڏيائين، جي هن جي ايتري ڪاڻ ڪڍندا هئا. جو هو خود خيال ۽ بيحد مغرور ۽ سرڪش ٿي پيو. ”لارڊ ڊانرل“ محبت جي ڪري، هن کي چوندو ڪين هو، ۽ سندس مرضي پڇندو نه هو؛ تنهن ڪري هو روز بروز خود پسند ۽ خود راءِ ٿيندو ويو. جيڪڏهن ڪو سمجهو نوڪر يا اٽڪل وارو استاد وٽس هجي ها ته به جيڪر طبيعت ٻيءَ طرح جي ٿي پويس ها، پر جيڪو اهڙو استاد هوس تنهن کي به پڻس  ڪرڻ کان پيو روڪيندو هو. تنهن ڪري، ننڍي ”وائڪائونٽ“ کي جيئن پئي وڻيو، تئين پئي ڪيائين، ڪنهن جي به جهل پل ڪانه هيس. انهيءَ جو نتيجو اهو ٿيو ته هو کري پيو ۽ مغز ڦري ويس. صورت سونهن هڻڻ جي بدران گهر وارن جي لاءِ وڏو آزار ۽ مرض هو. ”ايٽن“ جي اسڪول ۾ وري به ڪا روڪ هيس ۽ ”اُتي لارچ ماٺ ڪيو پيو گذاريندو هو؛ مگر جڏهن گهر ايندو هو، تڏهن سندس طبيعت جو زور وري ظاهر ٿيڻ لڳندو هو ۽ چوڌاري ٻارڻ ٻاري ڏيندو هو. آرل“ کان وٺي خسيس نوڪر تائين، اهڙو ڪو به ڪونه هو، جو جڏهن هن جي موڪل پوري ٿيندي هئس ۽ هو وري اسڪول ڏي روانو ٿيندو هو. تڏهن خوش نه ٿيندو هو.

اهڙيءَ پرورش کان پوءِ ڪهڙو پٽ پنهنجي پيءُ کي فرمانبرداريءَ، ادب ۽ محبت سان خوش ڪري سگهندو؟ جيسين ”گلينلن“ ننڍڙو هو- رڳو مانيءَ کان پوءِ پيءُ وٽ ايندو هو، ۽ اتي ماڻهو هن جي خوشماند ۽ تعريف ڪندا هئا – تيسين ”‎آرل“ هن تي فخر ڪندو هو، ۽ هن کي گهڻو پيار ڏيندو هو، پر جڏهن وڏيرڙو ٿيو ۽ پيءُ وٽ گهڻو اچڻ لڳو، تڏهن ڏاڍو حرڪتي ۽ خود- خيال ۽ هوڏي ٿيڻ لڳو. ڪچيءَ کان ”لارڊ ڊانرل“ نرم فهمائش ۽ محبت جي سمجهاڻيءَ تي نه هيرايو ويو هو، تنهن ڪري جڏهن ڪڏهن هو ڪا حرڪت يا ڪو ناشائستو ڪم ڪندو هو، تڏهن ”ارل“ ڏاڍو ڪاوڙ جي ويندو هو، ۽ پٽ کي سختي سخت سيکت  ڏيندو هوڍ؛ پر پٽ جي طبيعت اهڙي شوخ هئي جهڙي پيءُ جي، سو ماٺ ڪري اهي سهمون نه سهندو هو ۽ هوڏ ڪري ضد ڪندو هو، تنهن ڪري ”ارل“ اڪثر پنهنجي منهن ڇڏي ڏيندو هوس. رڳو ڪڏهن اتفاق سان حد کان وڌيڪ سختيءَ سان مٿس حڪم هلائيندو هو، جنهن جو اثر اهڙو خراب هو، جهڙو اڳي حد کان وڌيڪ نرميءَ جو هو. انهيءَ طرح، نيٺ پٽ بي پرواهه ۽ خودمختيار ۽ نافرمان ٿي پيو. پيءُ انهيءَ مان رنج ۽ بيزار ۽ نااُميد رهندو هو، ۽ ”ڊالرل“ جي عاليشان ڪوٽ ۽ محلات ۾ ناخوشي، غمگيني ۽ رنجهه- ڪنجهه رهندي هئي. هوڏي، غريبن ۽ ڪڙمين جي ڀُنگين ۽ ۽ ڪکن ۾، خوشي ۽ سرهائيءَ ۽ آسودگي هوندي هئي!

*  *   *   *  *

سرخي گهوڙي جا گاڏيءَ ۾ وڌي ويئي هئي. جا تمام قيمتي هئي ۽ مالڪن کي گهڻو پسند هئي- سا به گاڏي ڊوڙائيندي قلعي جي در تي آئي، ته ”ارل“ پاڻ به گهوڙي تي چڙهيو ماني کائڻ لاءِ ٿي آيو. ”گلينلن“ پيءَ کي ڏسي ورتو ۽ ڄاتائين ته ڏاڍو ڪاوڙيو، سو جھٽ ۾ اڳتي ئي ٽپ ڏيئي لهي پيو ۽ ٻيو تکو ڏاڪڻ تان چڙهي مٿي هلڻ لڳو.

”:ارڊ ڊالرل“ هڪل ڪري چيس ته ”بيهه، هائوئرڊ بيهه“ ايتري ۾ پاڻ به گهوڙي تان لهي واڳ نوڪر کي ڏيئي اندر هليو.

ڇوڪر پيءُ جي حڪم نه ٻڌڻ جو پڪو ارادو ڪيو هو، سو تڪڙو تڪڙو ڀڄي، پنهنجي ڪوٺي ۾ وڃي لڪو، ”ارل“ جي خبر هيس ته سندس جاءِ ۾ ڪين ايندو، نڪي هو اوڏي ويو. سئيس جو گاڏيءَ سان هو، تنهن تي ڏاڍو ڪاوڙيو غصي مان پڇيائين ته ڇا لاءِ تو سرخي گهوڙي ڪم ۾ آندي؟ توکي خبر ناهي ته هن جي گاڏي ۾ ٻڌڻ مان خوف آهي ۽ انهيءَ کي ڪنهن به ايذاءُ رسڻ ڪري هن کي خفو لڳندو !“

سئيس ادب سان جواب ڏنو: ”حضور، ”ڪلارڪ“ مون کي ٻڌڻ لاءِ حڪم ڏنو.“ ”ڪلارڪ“ جو اُتي حاضر هو، تنهن اُتي جو اُتي پاڻيهئي چيو ته ”حضور، مون کي لارڊ گلينلن“ کان حڪم مليو: اوهان مون کي تاڪيد ڪيو هو ته هن جا حڪم مڃيندو رهه“

”ارل“، مشڪلات سان ڪاوڙ ماري، چيو ته ”خبردار، متان وري ائين ڪرين؛ نه ته انهيءَ گهڙيءَ اوهين ٻئي منهنجي نوڪريءَ مان نڪري ويندؤ!“

پوءِ جڏهن اندر صفحي ۾ هليو، تڏهن پاڻ کي چوڻ لڳو ته ”ڪهڙو نه نڀاڳو ڇوڪرو آهي! هاڻ آءٌ هن کي ڇا ڪريان؟- پر، پاڻيهي خبر پونديس ته ڌڻي ۽ حڪم هلائڻ وارو آءٌ آهيان!“

* * * *

جڏهن وڏو گهنڊ مانيءَ جي سڏ لاءِ وڳو، تڏهن ”گلينلن“، البت ڊپ ۾، هيٺ لهي مانيءَ واريءَ جاءِ ۾ آيو. اها جاءِ به ڏاڍي عاليشان هئي، منجهس سندس بزرگن جون تصويرون رکيل هيون. هميشه ”ارل“ وٽ مهمانخانو لڳو پيو هوندو هو، جو هو وڏي تجمل ۽ ٺاهه ٺوهه سان رهندو هو، مگر اتفاق سان انهيءَ ڏينهن ٻيو مهمان ڪو نه هو. ساڍن اٺن بجن جو وقت هو، طرح طرح جا عمدا طعام ميز تي رکيل هئا. جڏهن ماني تي ويٺا تڏهن پهرين ته هنن جي وچ ۾ رواجي سلام جي گفتگو هلي؛ پوءِ سڄو وقت هو ماٺ ڪريو ويٺا هئا. نوڪر بيٺل هئا. تنهن ڪري ”ارل“ ٻيو ڪڇيو ڪين. اندر ۾ پئي ڪاوڙ پچايائين هوڏي ڇوڪرو ته فرحت سان ماني ويٺي کاڌي، ۽ برف ۽ شراب گهريو پئي ورتائين. ظاهري ٻي لکا ئي ڪا نه هيس، مگر دل ۾ ڪکيس پئي ته اجها ٿي يا بي جي ڪاوڙ ڀڙڪو کائي. نيٺ ايترو شراب پيتائين جو جيتوڻيڪ پيئڻ جي عادت هيس ته به منهن  ڳاڙهو ٿي ويس ۽ اکيون پاڻيءَ سان ڀرجي آيس.

کانو ته پورو ئي نه پئي ٿيو... پر نيٺ پورو ٿيو، ۽ ميز تي مزي مزي جا ميوا آيا. شراب ”ارل جي پاسي ۾ رکي نوڪر سڀ نڪري ويا تڏهن ”لارڊ گلينلن“ بي آرام ٿيڻ لڳو، جو ڄاتائين ته هاڻ بابو ضرور ڪاوڙ ڇنڊيندو“؛ پر هن هڪدم ڪاوڙ نه ڇنڊي. ٿوري دير تائين ماٺ ڪري، پير لوڏڻ ۽ تڪڙ مان گلاس ڀرڻ لڳو- تڏهن ”گلينلن“ سمجهيو ته هاڻ ڪاوڙ نڪرڻ تي آهي. اٺين ڪندي، ”لارڊ ڊانرل“ ڏاڍيءَ چڙ مان پُٽ کي اجايو سجايو ڳالهائڻ لڳو، ۽ پٽ به بي پرواهه ۽ بيحيا ٿيڻ لڳو. ٻئي هل ۽ بڪ شڪ ڪرڻ لڳا ۽ اهڙو سخت تڪرار ڪري وڌائون جو پيءُ ۽ پٽ جي وچ ۾ جيڪر روا رکي نه سگهجي ۽ نامناسب سمجهڻ ۾ اچي. نيٺ ”ارل“ کي ڪاوڙ جو اهڙو جوش اچي ويو، جو پٽ کي ڪلهن کان وٺي ڌڪي، جاءِ مان ڪڍي صفحي ۾ وڌائين ۽ پٺيائنس در بند ڪري ڇڏيائين. ڪي نشي ۾، ڪي مونجهاري ۾ آٿڙندو، هو در جي لسي فرش تان ترڪي زمين تي ڪري پيو. مٿو وڃي سنگ مرمر جي هڪڙي وڏي پهڻ جي ڪنڊ سان لڳس، ۽ پيشانيءَ مان رت ٺينڍي ڪري زمين تي وهڻ لڳو.

هنن جي هل ۽ ڪاوڙ جي رڙين ۽ در جي زور سان بند ٿيڻ جي آواز تي نوڪر اڳئي ئي ڊوڙي آيا هئا، تن صفحي جي در وٽ پنهنجي ننڍي ڌڻيءَ کي ساڻو ٿي ڪري پيل ڏٺو. هن جي گوڙ تي ”ارل“ نڪري آيو ۽ فرش تي رت ڏسي، ڊپ مان چوڻ لڳو ته ”ٻيو ته خير آهي؟ هن کي ڪو زخم ته ڪونه رسيو آهي!“

نوڪرن جو جمعدار ساڻس هو، تنهن عرض ڪيو ته ”نه، حضور، پيشانيءَ کي ضرب آئي اٿس، تنهن ڪري فقط ماندو ٿي ويو آهي، پر بهتر آهي ته هن کي هڪدم هنڌ ۾ سمهارجي.“

”ارل“ چيو ته ”تڏهن ڀلائي ڪري هن جي وڃي سنڀال ڪريو، ۽ جي ضرورت ٿئي ته هڪدم ڊاڪٽر کي گهرائي وٺو.“

ڪيئن اهو اتفاق ٿيو ۽ ڪهڙيءَ طرح ڌڪ آيس، تنهن جو ذڪر ئي ڪونه نڪتو؛ پر ”لارڊ ڊانرل“ کي سمجهيو ٿي ته سڀني نوڪرن کي خبر آهي ته لارڊ ”گلينلن“ ڏاڍو نافرمان ۽ بي ادب آهي ۽ انهيءَ ڪري هو گهڻو شرمندو به ٿي ٿيو. هو ٿڌو ساهه کڻي وري به مانيءَ کائڻ واريءَ جاءِ ۾ آيو ۽ ويهي رهيو. دل ۾ اهوئي خيال هوس ته جيڪڏهن پنهنجي دولت ۽ پنهنجو مرتبو ۽ اقبال ڏيئي، سک ۽ آرام وارو ڪو گهر  خوشيءَ ۽ سرهائيءَ واري ڪا دل خريد ڪرڻ جا هجن، ته جيڪر خوشيءَ سان وٺجن.

نوڪرن ”لارڊ گلينلن“ کي وڃي هنڌ تي ليٽايو ۽ سندس پيشانيءَ واري زخم کي ڌوئي صاف ڪري، مرهم- پٽي ٻڌائون. پوءِ هو پوري هوش ۾ آيو، ۽ مٿي جي سور کان سواءِ ٻي ڪا تڪليف ڪانه هيس. سڄي پاسي واريءَ لوندڙيءَ تي سو هڪڙو ننڍو داغ ٿي بيٺس، جو وري نه لٿس، مگر انهيءَ ڪري هن جي خوبصورتيءَ کي ڪو نقصان ڪونه پهتو- ايترو سو ٿيو جو جڏهن ڪڏهن اُهو نشان ڏسندو هو، تڏهن اُها نڀاڳي رات ياد پوندي هيس.

 

باب چوٿون

رالف جو گهر

 

اسين ”مارٽن آلربي“ ۽ ”لارڊ“ گلينلن جا گهر  گهمي آيا آهيون. هاڻي ”گرينج“ جي مڪان ۾ هلنداسون، جتي ”رالف ڊگلس“ جو ڪٽنب رهندو هو. اسان جي ڪرڪيٽ راند ڪرڻ وارن مان ٽيون اهو هو ۽ اسان جي هن قصي جو مکيه ماڻهو به اهو آهي.

*  *  *  *

اسان مٿي ڏٺو آهي ته هو پنهنجن ٻن سنگتين کي ڇڏي، تڪڙو ڊوڙندو هليو ويو؛ هاڻ پٺيان ٿا لڳون، ۽ ڏسون ٿا ته هو ٻنيءَ منجهان پيچرو ڏيئي، هڪڙيءَ سڙڪ تي آيو، ۽ انهيءَ جي آمهون سامهون هڪڙو در آهي جنهن جي اندران هڪڙو ننڍو رواجي گهر آهي. گهر جي چوڌاري گهاٽا وڻ بيٺل آهن جن ۾ سوين ڪانگ رهن ٿا. گهر جي درين مان ساوڪ وارو ميدان پيو ڏسجي، جو لهندو وڃي پاڻيءَ جي ڍنڍ يا دٻي تي ٿو بيهي، ۽ انهيءَ جا ڪنارا وڏن وڻن ۽ ساين ولين سان ڍڪيا پيا آهن. هڪڙي ننڍڙي ٻيڙي به اُتي بيٺي آهي. ڍنڍ جي وچ ۾ هڪڙو ننڍڙو ٻيٽ به آهي، جو وڻن سان ڇانيو پيو آهي؛ ۽ ڪنارا ڳاڙهن نيلن گلن سان ڍڪيا پيا آهن. اهو گهر ۽ مڪان- جنهن کي ”گرينج“ يا انبار خانو سڏيندا هئا. ڏاڍو مزي جهڙو صفا پوشيده ۽ آرام جهڙو رهڻ جو هنڌ هو، ۽ سڌريل خوبصورت انگريزي گهر جو هڪڙو عمدو نمونو هو.

گهر جي جاءِ ڪهڙي به چڱي هوندي، انهيءَ جي آسپاس جو نظارو ڪهڙو به وڻندڙ هوندو ۽ انهيءَ ۾ ڪيترو به عمدو ۽ سک جهڙو سامان پيل هوندو ته به ضروري نه آهي ته اهڙي گهر ۾ آرام سان رهڻ جي لذت هجي. انهيءَ جي لاءِ جيڪي ماڻهو انهيءَ ۾ رهڻ وارا آهن، تن جون دليون خوشي ۽ راضي ۽ قناعت واريون هئڻ ضروري آهنِ جي انهن جي وچ ۾ محبت ۽ صلح ۽  آرام آهي، ته اُهو گهر سُک وارو چئبو پوءِ کڻي جهوپڙي يا ڀنگي هجي، نه ته عاليشان محلات ۾ به جي رهڻ وارن جي وچ ۾ اڻ بڻت ۽ جهيڙو ۽ ساڙو هوندو ته اُها به اهڙي نه رهڻ جهڙي آهي. جهڙي ڪنهن جهنگلي جانور جي کڏ يا اُن جو غار.

اسان ”مارٽن آلربيءَ“ جي واتان مٿي ٻڌو  آهي ته ”رالف“ ڪرڪيٽ جي راند ۾ ڏاڍو هوشيار هوندو هو ۽ نالو ڪڍيو هئائين. انهيءَ ڏينهن جو سندس طرف وارا فتحمند ٿيا هئا، سو به ”رالف“ ئي جي هوشياريءَ جي ڪري جنهن کي ماڻهن تاڙيون وڄائي شابس ڪئي ۽ مبارڪون ڏنيون. اهڙيءَ صورت ۾، ڪو به ڇوڪر جيڪر ڏاڍو خوشيءَ ۽ فخر سان گهر ۾ گهڙي ۽ ڪو به پيءُ جيڪو اهڙي پُٽ کي خوشيءَ سان آڌار ڀاءُ ڪري، ۽ انهيءَ کي ڏسي خوش ٿئي ۽ فخر ڪري. پر، ”رالف“ ويچاري کي سجهيو ٿي ته بابي کي منهنجي انهيءَ بهادريءَ جو ڪو خيال ڪو نه ٿيندو، بلڪه شايد نفرت کان پڇندو به ڪين ته راند جو نتيجو ڪهڙو ٿيو. مسٽر ”ايوان ڊگلس“ ٻئي ڊول جو ماڻهو هو. هن کي پنهنجي وڏي پٽ جي راندين ۽ وندرن ۽ ورزشن سان اصل ڪين پوندي هئي. تنهن ڪري، ”رالف“ دل شڪستو ۽ بيدليو لڪي گهر آيو، ڄڻ ته گهر جي اندر خير ڪونهي- ۽ هو به ائين ٻن پٽن مان ننڍو پنهنجي پيءَ جو لاڏلو هو، ٻئي کي هو ڌڪاريندو هو ۽ انهيءَ سان سختي ڪندو هو. اُهو هو ويچارو ”رالف“!

مسٽر ”ڊگلس“ علميت ۽ فضيليت وارو ماڻهو هو، مگر سندس علميت ۽ قابليت تنگ خيالن واري نموني جي هئي سندس طبيعت ۽ عادتن ۾ به ساڳي اهڙي تنگي هئي، پنهنجن خيالن ۽ راين ۾ خوش هوندو هو. ٻين جي سڌاري يا فائدي جي ڳڻتي ڪانه هوندي هيس. قديم نشانن ۽ تاريخ جي علم جو ڏاڍو شوق هوندو هوس ۽ انهن ۾ قابل ۽ ماهر هو. انهن مضمونن تي جڏهن ڪو بحث هلندو هو، تڏهن هو ٻين کان کٽي ويندو هو؛ تنهن ڪري هن جي دل تي اهو وهم ڄمي ويو هو ته منهنجي راءِ درست آهي. نالي ۽ ناموس نڪرڻ ڪري البت مغرور ۽ بخي ٿي پيو هو ۽ ٻين دنيا سازيءَ جي ڪمي ۾ به سخت ۽ شوخ ٿي پيو هو. خود پسنديءَ جو هن جي اخلاقن تي اهڙو برو اثر ٿي ويو هو جو ڪڏهن ڪڏهن هو انهيءَ تي خيال ڪري پاڻ به شرمندو ٿيندو هو- پر بهتر ٿيڻ جي بدران، پاڻ انهيءَ ڪري بدمزاج ٿيندو ويو.

جيتوڻيڪ مسٽر ”ڊگلس“ چڱي اصل نسل وارو ۽ شريف خاندان جو ماڻهو  هو، ته به شروعات ۾ تمام غريب ۽ مفلس هو. ٻئي هڪڙي دولتمند ماڻهوءَ جي پٺيان، خدمتگار ٿي، ڪنهن ڪاليج ۾ پڙهڻ لاءِ موڪيلو ويو هو. انهيءَ ڪم نصيبيءَ جو به هن جي ڄائي ڄم واريءَ شوخ ۽ ملول طبيعت تي چڱو اثر نه ٿيو. پر، هن پڙهڻ ۾ ڏاڍي محنت ڪئي، ۽ امتحانن ۾ ڏاڍو نالو ڪڍيائين ۽ مٿي آيو، انهيءَ ڪري هن کي ڪاليج ۾ ”فيلو“ ڪيائون، ۽ نيٺ وڃي بارسٽر به ٿيو. پوءِ سگهوئي هڪڙيءَ ارڙهين ورهين جي ڇوڪريءَ جي محبت ۾ ڦاسي ويو. اها هڪڙي انڊمرل يا جهازن جي امير البحر جي ڌيءَ هئي، تنهن ڪري مسٽر ”ڊگلس“ کي ست ورهيه شاديءَ لاءِ ترسڻو پيو. انهيءَ وچ ۾ پئسي جي تنگيءَ ۽ ڪن ٻين ناموافق ڳالهين ڪري، هن جي طبيعت ويئي شوخ ٿيندي. نيٺ پوري  پني رقم بچائي، هن شادي ڪئي پر جو ڌنڌو اختيار ڪيو هئائين، تنهن مان گهڻو فائدو ڪو نه ٿي ٿيس ۽ انهيءَ مان بلڪ بيزار ٿي پيو. اتفاق سان انهيءَ وقت ڌاري سندس ڪي به ٻه ويجها مائٽ مري پيا ۽ انهيءَ جي ورثي ۾ هن کي ارل برو وارو اهو ”گرينج“ مڪان مليو- اها چڱي قيمتي جائداد هئي. اهڙيءَ اوچتيءَ خوش نصيبيءَ ۽ دولتمنديءَ جي ڪري هن کي چڱو وجهه مليو، ۽ هن بارسٽريءَ جو ڪم ڇڏي ڏنو.

ٻه پٽ- رالف ۽ ڪرسٽي جي ڄائس، تن جي به هنن کي هڪڙي چڱي نئين مشغولي ۽ وندر ٿي . ننڍي هوندي ئي هنن کي ڏاڍي خيال سان تعليم ڏيڻ لڳو- نه انهيءَ خيال سان ته هو چڱا ماڻهو ٿين، پر انهيءَ لاءِ ته جيڪو خلق ۾ پاڻ نالو ڪڍيو هئائين سو قائم رکن، بلڪه انهيءَ کان به زياده نالو ڪڍن. انهيءَ خود پسنديءَ ۽ خود خياليءَ جي چُڪن ڪري، هن پنهنجن پٽن جي آئيندي جي حياتيءَ ۾ خلل وجهي ڇڏيو. جنهن قسم جي تعليم کيس ملي هئي، تنهن مان جڏهن خود کيس خوش حالي ڪانه ٿي هئي، تڏهن اهڙيءَ ساڳيءَ تعليم مان وري سندس پٽن کي ڪهڙو فائدو ٿئي ها؟

 ”رالف“ تيز فهم،چالاڪ ۽ هوشيار؛ سندس طبيعت ۾ خوش مزاجي ۽ خوشحالي گهڻي هئي تنهنڪري ننڍي هوندي جي تعليم ۾ هن کي البت سيکتون مليون. ”ڪرسٽي“ ضعيف طبيعت جو ۽ سرد مزاج هو؛ سڀ ڪم ڌيرج ۽ خيال ۽ ڌيان سان ڪندو هو؛ تنهنڪري خيالي ۽ محنتي ٿيو. انهيءَ تي مسٽر ”ڊگلس“ پنهنجو سڄو پيار ۽ خيال لاهي رکيو؛ ”رالف“ جو سندس ڊول جو نه هو تنهن ويچاري تي اڪثر نامهربانيءَ جي نظر رکندو هو،۽ انهيءَ سان شوخي ڪندو هو. هن جي اهڙيءَ هلت ڪري، هڪڙي ڀيري ته ”رالف“ کي جان جو خوف ٿي پيو هو. جڏهن اڃا اٺن ورهين جو هو، تڏهن پڻس موڪل جي ڏينهن ۾ هن کي زور ڪري، رات جو جاڳائي، ڪي سبق پڙهائيندو ۽ ياد ڪرائيندو هو، تنهن ڪري خيال ۽ محنتي ٿيو. اڻهيءَ تي مسٽر ”ڊگلس“ پنهنجو  سڄو پيار ۽ خيال لاهي رکيو؛ ”رالف“، جو سندس ڊول جو نه هو. تنهن ويچاري تي اڪثر نامهربانيءَ جي نظر رکندو هو ۽ انهيءَ سان شوخي ڪندو هو. هن جي اهڙيءَ هلت ڪري هڪڙي ڀيري ته ”رالف“ کي جان جو خوف ٿي پيو. جڏهن اڃا ٺن ورهين جو هو، تڏهن پڻس موڪل جي ڏينهن ۾ هن کي زور ڪري، رات جو جاڳائي، ڪي سبق پڙهائيندو ۽ ياد ڪرائيندو هو. ماڻس گهڻو ئي ڪرڪندي هئي ۽ مڙس کي جهليندي هئي پر هو ڪين ٻڌندو هو. انهيءَ ڪري، هن کي دق تپ اچي ٿيو. ڪيترائي ڏينهن بيمار پيو، ۽ سندس بچڻ جي اُميد ڪانه هئي. سندس ماءُ ۽ ننڍي ڀاءُ سندس گهڻي چاڪري ڪئي، جو انهن کي ”رالف“ گهڻو وڻندو هو- جيتوڻيڪ پيءُ کي نه وڻندو هو. پيءُ جي نامهرباني ڏسي پاڻ اُهي هن کي زياده پيار ڪندا هئا. جو هو سڀاءَ ڪري محبتي ۽ چڱن لڇڻن وارو ڇوڪرو هو. ”رالف“ کي جو گهر ۾ ڪو سک ۽ آرام نصيب هو، سو رڳو انهن جي پيار ۽ محبت ڪري، نه جيڪر اتي گذارڻ دل نه چويس ها.

تنهنڪري، اسين سمجهي سگهنداسين ته ”رالف“ کي جو ٿوري دير سان گهر اچڻ جو ڊپ هو، سو بي سبب نه هو. پهرين ته پٺئين پاسي واري ايوان جي در وٽ بيٺو، پوءِ آهستي، لڪي لڪي، ڦري اڳ کان آيو، ۽ پٺينءَ ڏاڪڻ تان چڙهيءَ ڪوٺيءَ ۾ آيو، جا سندس ۽ ڀاڻس جي ويهي پڙهڻ لاءِ مقرر ڪيل هئي. جاءِ خالي ڏسي، هو وري لٿو، باغ منجهان لنگهي، ڍنڍ تي آيو. ۽ بتيلي ۾ ويهي، تڪڙا تڪڙا ڳن هڻي، وچ واريءَ ٻيٽهريءَ تي آيو انهيءَ ۾ آڙاهه جي ڪم لاءِ هڪڙي ننڍي جاءِ جڙيل هئي. اُتي هو لنگهي ڏسي ته ننڍو ڀاڻس ”ڪرسٽي“ دريءَ وٽ ويٺو آهي ۽ هڪڙو ڪتاب ويٺو پڙهي، ”ڪرسٽي“ ڏاڍو چڱيءَ شڪل جو ڇوڪر هو. ڀاءُ کان ٽي ورهيه ننڍو هو، پر سندس مهانڊو ۽ ڊول بلڪل ٻيءَ طرح جو هو. هو ڪتاب ۾ اهڙو محو هو، جو ”رالف“ جي اندر اچڻ جو سماءُ ئي ڪونه پيس.

اوچتو ”رالف“ پڇيس؛ ”ڪرسٽي، ڪهڙي ڪتاب ۾ اهڙو محو آهين؟“

”ڪرسٽيءَ“، ڇرڪ ڀري، هن کي ڏسي چيو؛ ”او، رالف تون چورن وانگي آيو ٿو ڏسجين- مون ته تنهنجو کڙڪو به ڪونه ٻڌو! مون ”هئڪاله“ جو شعر ٿي پڙهيو.

”رالف“ چرچو ڪري چيو. عالم ۽ فاضل ڪرسٽي!  سو ته چڱو، پر جي اهڙيءَ اونداهيءَ ۾ ۽ شفق جي سوجهري تي پڙهندين، ته اکين کي نقصان پهچندؤ، ۽ نظر گهٽ ٿينديئه- آءُ ته گهر هلون.“

”ڪرسٽي“، سندس راند جي پوشاڪ ڏسي پڇيس ته ”تون اڃا گهر به ڪين ويو آهين ڇا؟ ساڍا اٺ ٿي ويا آهن!“

هن چيو؛ ”ڪرسٽي، اُها خبر اٿم، پر ڄاڻي ٻجهي هيڏي آيس. بابو ڪاوڙيو ته ڪين آهي؟- پر پڇڻ جو ڪهڙو ضرور، ضرور ڪاوڙيو هوندو!“

”ڪرسٽيءَ“ چيو ته ”آءٌ ڀانيان ٿو ته بابي توکي موڪل رڳو ساڍين ستين بجي تائين ڏني هئي.“

”رالف“ ورندي ڏني ته اها خبر اٿم، راند توڙي ماني انهيءَ وقت تائين جيڪر پوري ٿي وڃي ها، ۽ آءٌ  جيڪو تڪڙ پڪڙ ۾ ماني کائي انهيءَ وقت اندر اچي نڪران ها، پر خود راند ئي وڌي پيئي، ۽ سوائين ستين بجي تائين هلي! پوءِ ته ماني به ڇڏي، مارٽن ۽ لارڊ گلينلن سان گڏ اُٿي هليو آهيان. پر ٻڌاءِ ته سهي ته بابي ڇا چيو؟“

”ڪرسٽيءَ“ چيو ته ”بابي ڪي ڪين چيو، مگر آءٌ ڀانيان ٿو ته چڙيل گهڻو آهي. ڇا لاءِ جو گهُنڊ پيل هوس، ۽ ڪي چپن ۾ پئي چيائين: رڳو ايترو سو وڏي سڏ چيائين ته ”بيوقوف“، تنهن تي اسان چيس ته ڪو اتفاق ٿي ويو هوندو. جنهن ڪري هن کي دير ٿي آهي.“

”رالف“ غمگين ٿي چيو ته ”مون سان ته ڏاڍي جٺ آهي- ڪيئن ڪريان جو بابو مون مان راضي ۽ خوش ٿئي!“

”ڪرسٽيءَ“ چيو:  ”ادا، فڪر ڪونه ڪر، جيڪڏهن تون اها ڳالهه ڪري ٻڌائيندين ته بابو ڪاوڙ ڪين ڪندو.“

”رالف“ چيو: ”ڪرسٽي، ڇا ٿو چوين: منهنجي بدران جي تون هجين ها ته بابو ڪڏهن به ڪين ڪاوڙجي ها.“

”ڪرسٽي“ چيو ته ”رالف، ائي نه چئو. هل ته هلون، متان وڍيڪ دير ٿي. آءٌ ٻيڙيءَ کي ڳن ڏيئي توکي هن ڀرو وٺيو ٿو هلان.“

”رالف“ چيو ته ”ڪرسٽي، هل ته ملاقات واري ڪمري ۾ هلون. جو امان اُتي هوندي: امان جي روبرو ۽ تنهنجي ويٺي، هو مون سان سختي نه ڪندو آهي.“

 

 

باب پنجون

 

پيءُ ۽ پٽ

 

”رالف“ ۽ ”ڪرسٽي“ ملاقات واري جاءِ م ويا ۽ اُتي ماءُ کي اڪيلو ويٺل ڏسي ڏاڍا خوش ٿيا. هوءَ اُلهندي واريءَ کليل دريءَ وٽ ويٺي هئي ۽ ڪنهن فڪر ۾ ٿي ڏٺي؛ ڇا لاءِ جو جيڪو ڪتاب ويٺي پڙهيائين سو به هٿن مان ڪري هيٺ پيو هو، ۽ پاڻ دريءَ مان هيٺيان ساوڪ وارو ميدان ۽ مٿان سج لٿي کان پوءِ شفق جي ڳاڙهاڻ پئي ڏٺائين.

”رالف“ کي ڏسي هن جو منهن البت سرهو ڏسڻ ۾ آيو. ”رالف“ ماءُ کي چمي ڏيئي سندس پاسي ۾ پيرن رکڻ واريءَ صندليءَ تي ويهي رهيو. ماڻس هڪدم راند جو احوال پڇڻ لڳيس. هن جيڪا سوڀ ڪئي هئي، تنهن جو واجبي ۽ مناسب لفظن ۾ بيان ڪري ٻڌايائين. جڏهن سڄي ڳالهه ڪري بس ڪيائين، تڏهن ماڻس انتظار مان پڇيس ته ”سو ته چڱو، رالف پر ساڍين ستين بجي کان پوءِ ڪيئن وڌيڪ ترسئين؟ توکي خبر آهي ته تنهنجو پيءُ وقت جي پابنديءَ لاءِ ڪيتري نه سختي ڪندو آهي. توکي هن جي حڪم جي پوريءَ طرح تعمير ڪرڻ کپندي هئي. ٻيو نه، ته به پنهنجن سنگتين جي مانيَ نه کائين ها- انهيءَ کان اڳي ئي اُتي اچين ها.“

”رالف“ چيو ته ”امان“ ائين نه ڪيو: راند ڇهين بجي پوري ٿيڻي هئي پر انهيءَ اهڙو مزو مچايو جو سوائين ستين بجي تائين انهيءَ کي هلايائون !“

ماڻس چيو: ”تڏهن برابر تون اڳڀرو اچي نه سگهين ها. انهيءَ هوندي به ”رالف، مون کي ڊپ آهي ته پڻهين رنج ٿيندو. پر توکي بک لڳي هوندي... اجهو ٿورو گهڻو کاڌو توکي آڻي ٿا ڏين.“

”رالف“ چيو: ”امان“ تون هلي مون وٽ ويهندينءَ، جيسين آءٌ ماني کائي وٺان- ائين نه؟“

”مسٽر ڊگلس“ غمگينيءَ هوندي مرڪي- سمجهائين ته ڇو هن اهو عرض ڪيو. هن کي گهڻو ارمان ٿيندو هو، جو ڏسندي هئي ته سندس پيارو وڏو پٽ گهر ۾ هميشه خوف ۾ رهندو آهي. ماءُ ۽ پيءَ جي پيار هوندي به خوش نه گذاريندو آهي ۽ ذري ذري تي پيءَ جي غصي جو خيال دل ۾ رهندو هوس. ڪنهن طرح سان هڪ ٻئي ڏانهن هن جي دل تي ڪٽر پيل هو جنهنڪري سندس وچ ۾ هڪڙي قسم جي غلط فهمي رهندي هئي- اگرچ حقيقت ڪري قصور ڪنهن جو به ڪين هوندو  هو؛ رڳو جي پيءُ زياده مهرباني ۽ همدردي ڏيکاري ها ۽ پٽ زياده تابعداري ۽ فرمانبداري ڪري ها، ته اها ناسازي لهي وڃي ها، پر افسوس ته ائين نه هن ئي ڪيو، نه هُن. مسٽر ”ڊگلس“ اصل کان خود- خيال ماڻهو هو. تنهن دل ۾ پڪو ٺهراءُ ڪيو  هو ته ”رالف“ وڏو عالم ٿئي؛ پر جيئن ڏينهن گذرندا ويا، تيئن ظاهر ٿيندو ويو ته ”رالف“ عالم ته ڪڏهن ڪين ٿيندو. انهيءَ ۾ ڇوڪري جو ڪو به قصور ڪو نه هو، پر شايد سندس ڪم نصيبي هئي. جيئن پڻس ٿي سمجهيو. مگر، انهيءَ ڪري ”رالف“ دل شڪستو ۽ بي همت ٿي پيو. ڪتابن کي ٿورو پسند ڪندو هو ۽ راند کي گهڻو گهرندو هو. سچيءَ دل سان ڪوشش ۽ ڪشالو ڪري، پيءُ جي مرضي پوري نه ڪندو هو. نافرمان يا ڄاڻي بجهي غافل سست نه ٿيندو هو، پر هن کي اهو سماءُ نه پوندو هو ته پڙهڻ تي ڪيترو خيال رکجي ۽ راند تي ڪيترو. هن جي سمجهه ۾ ائين آيو ته بابو جيتري محنت مون کي ڪرڻ لاءِ ٿو چوي، اوتري مون کان ٿي ڪين سگهندي. هن ۾ اها غلط فهمي هئي ۽ پڻس ۾ همدردي ڪانه هئي: انهن ڳالهين ٻنهي کي ڀلايو ۽ بددل ڪيو. جي انهيءَ پيءُ ۽ پٽ کي ٿوري محبت ۽ ٿورو تحمل زياده هجي ها، ته ڪم ٺهي پوي ها. ڇا لاءِ ته مسٽر ”ڊگلس“ چڱيءَ دل وارو ماڻهو هو، ”رالف“ سچو پچو صالح ڇوڪرو هو. اسڪول ۾ نه سندس سنگتي هن کي پنهنجو مهندار ڪري ڄاڻندا هئا، ڇالا جو هڪڙو ته جي رانديون انهن کي پسند هيون، انهن ۾ هوشيار ۽ چالاڪ هو ۽ ٻيو ته هو ڏاڍو خوش خلق ۽ ساده مزاج ۽ شيرين زبان هو. ماستر به هن مان گهڻو راضي هئا، جن جي سنڀال هيٺ هو درجن ۾ چڙهندو ويو، جيترو ڪم هو ضروري ڄاڻندا هئا، اوترو هن کان وٺندا هئا. ۽ اُهو هو چڱيءَ طرح ڪندو هو. پڻس وانگي، سخت پورهئي ۽ بي انداز محنت لاءِ ڪين گهٽائيندا هئس. جي پڙهڻ ۾ هڪدم نالو ڪڍيو هئائين، ته گلا به ڪانه هيس. انهيءَ ڪري، ”رالف“ جي دل ۾ اها ڳالهه ويهي ويئي ته ٻيا سڀ مون مان خوش آهن، رڳو بابو رنج آهي ۽ منهنجو قدر نٿو ڄاڻي. پر ”مسٽر ڊگلس“ کي پنهنجي خودرانيءَ ڪري ايتري خبر نٿي پيئي ته جي ڪو ٻيو ناصالح يا هلڪيءَ طبيعت وارو ڇوڪرو هجي ها، ته شايد هن کان اڳي بي ادب ٿي ساڻس مهاڏو اٽڪائي بيهي ها ۽ سامهون ٿئي ها. اهيَ سڀ خيال ويچاريءَ ماءُ کي  انهيءَ مهل دل مان گذريا جيئن اڳي به ڪيترائي ڀيرا گذريا هئس. تنهن ڪري جڏهن پٽس هلي مانيءَ کائيندي ساڻس گڏ ويهڻ لاءِ چيو، تڏهن مرڪي چيائينس ته ”هائو، بابا اسين هلي ٿا تو وٽ ويهون.“

ماني کائڻ واريءَ جاءِ ڏي ويندي، هو ڪتبخاني جي در وٽان اچي لنگهيا. پڪ هين ته سندن پيءُ  ڪتبخاني ۾ ويٺل هوندو، تنهن ڪري ٻئي ڇوڪرا آهستي هليا ته آواز نه ٿئي. مسٽر ”ڊگلس“ برابر اتي هو ۽ هن کي سندن سماءُ ڪونه پيو. هن ڀانيو ٿي ته اڃا رالف ڪونه آيو آهي، تنهن ڪري چڙ سان ڀريو ويٺو هو. اِها ڪرڪيٽ جي مئچ هن کي اڳي ئي پسند نه هئي، جو ”رالف“، سندس مرضيءَ موجب، گهڻو پڙهندو نه هو، پر راند جو شوق زياده رکندو هو. هن ڀيري به جيڪر وڃڻ نه ڏئيس ها، پر ”ڪرسٽيءَ“ جي خاص سفارش تي هن کي موڪل ڏني هئائين. اها مهرباني به انهيءَ شرط تي ڪئي هئائين، ته ”رالف“تمام دير ته ساڍين ستين بجي ضرور ايندو، پر اهو شرط ”رالف“ ڀڃي وڌو. مسٽر ”ڊگلس“ جي چڙ اهڙي زور هئي جو ايترو به خيال ڪونه آيس ته متان دير جو ڪو واجبي سبب ٿيو هجي، يا فقط ڪا خسيس غفلت ڪئي هجيس.

”رالف“ ته جيڪا ماني سندس لاءِ آڻي رکي هئائون تنهن کي لڳي ويو؛ ۽ ماني کائيندي، جيسين راند جو زري پرزي جو احوال پنهنجيءَ ماءُ ۽ ڀاءُ کي ٻڌايائين، تيسين پيءُ کي ملڻ جو ڊپ ڄڻ ته ياد ئي نه هوس.

اوچتو ڪتبخاني ۾ گهنٽي وڳي. مسٽر ”ڊگلس“ کي ”رالف“ جي اچڻ  جي خبر نه هئي. مگر مانيءَ واري جاءِ ۾ جو رڪابين جو کڙڪو ٻڌائين، سو سمجهي سگهيو ته ڇا هوندو، پر وري به خاطري ڪرڻ لاءِ گهنٽي وڄائي هئائين، جيسين گهنٽيءَ جي آواز تي نوڪر آيو. تيسين اڳوڻي چڙ وري تازي ٿيس. پاڻ جيڪو کلڻ ڳالهائڻ جو آواز مانيءَ واري جاءِ مان پئي آيو، تنهن تي اڳي کان به چڙ زياده ٿيس.

نوڪر جڏهن آيو، تڏهن اُن کي چيائين ته ”رالف آيو آهي ڪيئن؟“

نوڪر ورندي ڏني ته هائو سائين. اڌ ڪلاڪ کن ٿيو آهي جو هو آيو آهي.“

وري پڇيائين ته ڪٿي آهي؟“

نوڪر ورندي ڏني ته ”سائين، پاسي واري جاءِ ۾ ماني ويٺو کائي.“

تنهن تي چيائينس ته ”مون ڏي موڪلينس، ته اچي مون سان ڳالهائي.“

”رالف“ جو ته گهنٽي ٻڌي ساهه ئي سُڪي ويو. جيتوڻيڪ سڀاءَ جي ڪري بيڊپو ۽ همت ڀريو هو، ته به ننڍي هوندي کان جيترو پيءُ جي ڪاوڙ کان ڊڄندو هو، تيترو ٻيءَ ڪنهن آفت کان به نه ڊڄندو هو. اهو ڊپ پيار جي ڪري نه ٿيندو هوس. ڇا لاءِ جو انهيءَ جو پڻس وجھه ئي ڪونه ڏنو هوس، پر رڳو پنهنجي فرض ادا ڪرڻ ۽ حق پوري ڪرڻ جي خواهش کان ٿيندو هوس. هڪدم هن جي وائي بند ٿي ويئي ۽ پاڻ سست ۽ بي آرام ٿيڻ لڳو. مُنهن جو رنگ ئي هارجي ويس.

جڏهن نوڪر اچي ”رالف“ کي پيءَ جو پيغام ڏنو. تڏهن ماڻس سندس حال ڏسي چوڻ لڳي ته ”رالف، آءٌ وڃي ٿي تنهنجي پيءُ کي سمجهايان، تون ڊپ نه ڪر. مون کي پڪ آهي ته جڏهن آءٌ هن کي ساري حقيقت ٻڌائينديس تڏهن هو ڪاوڙ ڪين ڪندو.“

”رالف“ جي  هانوَ تي ڇنڊو پيو ۽ دل جهلي ماءُ کي چيائين ته ”اَمان مهرباني تنهنجي.“ پر، سگهوئي پوءِ ٻاهران پيءُ جو تکو آواز ٻڌي، وري دل هارجي ويس.

ڪتبخاني ۾ منهن وجهندي، ”مسز ڊگلس“ چيو ته ”پيارا، ايوان، ويچاري رالف تي گهڻي سختي نه ڪر، حقيقت ڪري هن جو ڪو به ڏوهه ڪونهي.“

مسٽر ”ڊگلس“ ڇوهه ۽ ڪاوڙ مان چيو ته ”ميري“ منهنجي مرضي آهي ته تون منهنجي ۽ ڇوڪر جي وچ ۾ نه پوندي وڃ: خبر ناهي ڇو ته هن جي چال بگاڙڻ جي پٺيان پئي آهين!“ ”مسز ڊگلس“ آرام سان چيو: ”پيارا، آءٌ نٿي ڀانيان ته هن جي چال بگڙي ٿي؛ هو هميشه منهنجي فرمانبداري ڪندو آهي ۽ .....“

اتي هن وچ ۾ پئي چيو ته تڏهن ائين آهي ڇا ته مون کي خوش ڪرڻ لاءِ رڳيون خراب عادتون ظاهر ڪري ٿو؟ واهه، اها چڱي ڳالهه ٿي!“

”نه پيارا، ڪڏهن ڪنهن اتفاق سان پنهنجي نافرماني ڪئي هوندائين. جيڪڏهن تون ڪڏهن ڪڏهن ساڻس زياده مهرباني ۽ محبت سان ڳالهائيندين، ته....“

”وري، وري!.... مون کي خبر آهي، تون هميشه ائين چوندي آهين؛ آءٌ ظالم پيءُ آهيان، بي انصاف آهيان، منهنجو ڏوهه آهي، رالف جو ناهي، مون کي پنهنجن پٽن کي هلائڻ جو عقل ڪونهي، آءٌ ظلم ڪندڙ آهيان، ۽ هو ملائڪ آهي- اهڙو ڇوڪر، جو ڪرڪيٽ جي راند کان سواءِ ٻئي ڪنهن به ڪم جي پرواهه ڪانه ٿو رکي!“

”پر، پيارا....“

”بس ميري، بس، هڪڙيءَ ڳالهه جو آءٌ سانس انجام ڪري ٿو سگهان ۽ تون به ڪرينس، ته هنن موڪل جي ڏينهن ۾ هو وري ڪرڪيٽ نه کيڏندو. اها هن جي لاءِ چڱي سزا آهي، انهيءَ کي تون به سخت نه ڄاڻندينءَ.“

”ڇا ، هن کي پنهنجي ڳوٺ جي ڇوڪرن سان يا گهر جي ميدان ۾ يا پنهنجن دوستن، مارٽن ۽ گلينلن سان به کيڏڻ نه ڏيندين!“

”نه، انهن سان به نه، جي هو اڄ  منهنجو چيو مڃي ها، ۽ منهنجي حڪم جي پوري تعميل ڪري ها ته جيڪر آءٌ ائين نه ڪريان ها، پر جيڪي هن خوشيءَ مان نه ڪيو آهي، سو  آءٌ زور ڪري ڪرائيندومانس. مون کي خبر ناهي ته ڪيئن مون کي اهڙو نافرمان پٽ مليو! منهنجي مرضي آهي ته...“

”او ايوان، متان، متان!... بس، جي تنهنجي مرضي ناهي، ته آءٌ وڌيڪ نه چونديس؛ پر...“

”برابر، منهنجي مرضي ناهي، مون کي گهڻو خفو ٿو لڳي. پر ميري هاڻ جڏهن تون رالف کي پنهنجي منهن اهو سمجهائي نه سگهي آهين ته هو قصور وارو آهي، تڏهن هن کي مون ڏي موڪلي ڏي ته آءٌ پاڻ سمجهايانس.“

”مسز ڊگلس“ مڙس سان سان وڌيڪ گفتگو ڪانه هلائي، چڙ کان سواءِ ماٺ ڪري هلي ويئي. خبر هيس ته چڙ ۾ هن کي جيئن وڌيڪ چئبو، تئين زياده چڙندو، اگرچ ڄاتائين ته سختي ۽ بي انصافي ٿو ڪري ته به آخر سندس مڙس هو، ۽ کيس پيارو هو. اکين ۾ ڏک جا ڳوڙها به آيس، پر اُهي اگهي مانيءَ واريءَ جاءِ ۾ موٽي آئي، ۽ ”رالف“ کي پيشانيءَ تي چمي ڏيئي چيائين ته ”بابا، وڃ پڻهين ٿو سڏيئي. ”ڪرسٽي“، هل ته پاڻ صفي ۾ هلي ويهون.“

ٿڙڪنديءَ دل ۽ ڍريءَ وک سان ”رالف“ ڪتبخاني ۾ آيو ۽ اچي ڪنڌ جهڪائي بيهي رهيو. پڪ هيس ته مون قصور ڪو به ڪونه ڪيو آهي ته به پيءُ جي دهشت ۽ هميشه جي طعنن ۽ سُهڻن جي ڪري، بيحواس ٿي بيٺو پنهنجي ۽ پيءُ جي نسبت گهڻائي خيال دل ۾ پئي آيس، پر ادب ۽ ڊپ کان هو صبر ڪري بيهي رهيو.

جڏهن ڳچ تائين بيٺو ۽  پڻس به ساڻ منهن مٿي ڪري نه ڳالهيو، تڏهن ”رالف“ چيو ته ”بابا سائين، اوهان مون کي سڏايو؟“

مسٽر ”ڊگلس“ چڙ ۽ شوخيءَ مان چوڻ لڳو ”ٻڌايو؟“ شايد منهنجي مرضيءَ ۽ منهنجي حڪم مڃڻ جي لاءِ توکي جواب ڪرڻو ئي ڪونهي!“

”رالف“ چيو: ”بابا، دير اچڻ جي لاءِ؟ پر، سچي ڳالهه...... هيءَ آهي ته....“

مسٽر ”ڊگلس“ وچ ۾ پئي چيو ته ”هائو، سچي ڳالهه.... تنهنجي نظر ۾ ڪرڪيٽ وارن جي ماني کائڻ جي بسنت منهنجو حڪم ڪين جهڙي ڳالهه آهي!“

”رالف“ عرض ڪيو ته ”بابا، آءٌ  اُتي مانيءَ جي لاءِ ڪين ترسيس.“

تڏهن ڪٿي هئي؟ شايد آلربيءَ جي گهر وارن کي پئي ستايئي، يا هن نڪمي ڇوڪر گلينلن سان گڏ ڪنهن خرابيءَ جي پٺيان هئين!“

”رالف“ کي انهيءَ ٽوڪ تي البت چڙ به آئي، جو انهن الزامن کان پاڻ کي آجو ٿي سمجهائين، پر سور پي چيائين ته ”آءٌ لارڊ گلينلن سان ڪنهن به خرابيءَ جي پٺيان ڪونه هوس.“

پڻس وري به ترت ٽوڪ مان چيو ته ”چڱو، جڏهن فرصت ٿيندءِ، تڏهن شايد حڪم جي انحرافيءَ جو سبب ڏيڻ فرمائيندين؟“

”رالف“ چيو ته سائين، مون سبب ڏنو ٿي، جو اوهان وچ ۾ پئي منهنجو ڳالهائڻ بند ڪيو.“

مسٽر ”ڊگلس“ چڙ  مان چيو ته ”واهن وچ ۾ پئي،- پيءُ سان ائين ڳالهائبو آهي! چڱون هاڻ آءٌ تنهنجو ڪو به سبب نه ٻڌندس: هاڻ هليو وڃ.- پر هڪڙيءَ ڳالهه جي توکي پڪ هئڻ گهرجي ته هن موڪل جي عرصي ۾ وري تون ڪرڪيٽ جي راند نه ڪندين!“

”رالف“ ڏاڍي ارمان مان چيو ته ”بابا، ائين ته نه ڪريو!“

”هان، اها ڳالهه ته ڪهڙي نه ڏکي ٿي لڳيئي- ٻين سڀني ضروري ڳالهين کان وڌيڪ راند جي ڳڻتي اٿئي!“

”رالف“، پيءَ جي منهن ۾ اکيون وجهي، چيو ته ”چڱو، بابا،.... پر اهو سو مون سان ظلم آهي!“ ائين چئي آهستي ڦري هليو ويو.

اهڙو سخت لفظ، ”ظلم“ جهڙو، هن اڳي ڪڏهن پيءُ جي اڳيان نه ڳالهايو هو. هن ڀيري به چڙ ۽ ڏک کان وات مان نڪري ويو هوس- تنهن ڪري جهڙو پٽ کي تهڙو پيءُ کي، انهيءَ جو خاص خيال ٿي بيٺو ۽ آئينده جي زياده خرابيءَ جو ڊپ ٿي پيو. انهيءَ هوندي به، مسٽر ”ڊگلس“ مڙڻ مناسب ڄاتو: وڃڻ مهل ”رالف“ کي چڙ مان چيائين ته ”ظلم يا نه ظلم، توکي صاف سمجهڻ گهرجي ته ڪنهن به طرح موٽي اسڪول ۾ وڃڻ تائين ڪرڪيٽ راند نه ڪندي.- ۽ جڏهن تون اسڪول ڏي روانو ٿيندين. تڏهن مون کي گهڻو ارمان ڪين ٿيندو.“

”رالف“ ذري گهٽ ٿي چيو ته ”مون کي به وڃڻ ڪري ارمان ڪين ٿيندو“، پر پنهنجي زبان سنڀالي ورتائين ۽ ڏاڍي غم ۽ فڪر ۾ ڪتبخاني مان نڪري هليو ويو؛ اُتان سڌو ويو صفي ۾ ۽ وڃي ماءُ ۽ ڀاءُ جي پاسي ۾ ويهي رهيو. ٿوري وقت تائين ٽيئي ماٺ ڪريو ويٺا هئا. ”رالف“، پڙهڻ جو بهانو ڪري هڪڙو ڪتاب کڻي پٽي ويٺو، پر اهو سماءُ ڪونه هوس ته اُهو سبتو جهليو هئائين يا اُبتو! ماڻس ڪنڌ هيٺ ڪريو ويٺي هئي، انهيءَ لاءِ ته سندس پٽ  اکين مان ڳوڙها ڪرندا نه ڏسن. ائين ڪندي، مسٽر ”ڊگلس“ پاڻ به اتي آيو. ”رالف“ جي ڪرسيءَ وٽان لنگهندي، نفرت مان چوڻ لڳو ته ”مزي جهڙو قصن جو ڪتاب- ٻيو اَئين ڪونه وڻندو- پر اُهو به ڪرڪيٽ بابت ناهي، تنهن ڪري اونڌو ڪري جهليو ويٺو آهي!“

”رالف“ ڪڇيو ڪين، ماٺ ڪري ڪتاب بند ڪري رکي ڇڏيائين. سگهوئي پوءِ پاڻ ۽ ڪرسٽي اُٿيا ته وڃي سمهن، هو ٻئي هڪڙي جاءِ ۾ سمهندا هئا. جڏهن اُتي وڃي پهتا تڏهن ويچارو ”رالف“ مٿو هٿن تي رکي اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳو.

”ڪرسٽي“، هنڌ تي سندس پاسي ۾ ويهي، پڇڻ لڳو ته ادا بابي تو کي ڇا چيو؟“

”رالف“ ورندي ڏني؛ ”هن موڪل ۾ وري ڪرڪيٽ راند نه ڪبي، پر ڪرسٽي، ڪرڪيٽ راند جي مون کي پرواهه ڪانهي!“

”ڪرسٽيءَ“ چيو ته ”ادا فڪر ڪونهي، تنهن جو مون کي ڏاڍو ارمان ٿو ٿئي؟“

”رالف“ چيو: ”ڪرسٽي، اها ڳالهه وساري ڇڏ. سگهوئي موڪل پوري ٿيندي ۽ آءٌ وري اسڪول ڏي موٽي ويندس. توکي ۽ امان کي ڇڏي وڃڻ جو مون کي ڏاڍو ڏک ٿيندو، پر ڪنهن طرح سان گهر کي آءٌ گهر ڪري نٿو سمجهان. پر خير ڪرسٽي حرڪت ڪانهي: ڪرڪيٽ وڃي کڏ ۾ پوي انهيءَ کانسواءِ پاڻ خوش پيا گذارينداسين!“

پوءِ ڀاءُ کي ڀاڪر وجهي مٿي کڻي، سندس کٽ تي ويهاري، چوڻ لڳو ته ”ڪرسٽي ڪهڙو نه هلڪو آهين! آءٌ توکي انهيءَ جي ورزش ڪرائيندس.“

 

 

باب ڇهون

 

تقصير ڪرڻ جي ترغيب

 

ٻيو هفتو ”رالف“ جي لاءِ ڏاڍو ڏکيو گذريو. مسٽر ”ڊگلس“ ڇوڪرن جي لاءِ ڪو گهوڙو ڪو نه رکيو هو- اگرچ رکي به سگهيو ٿي- تنهن ڪري اَرڙهه جي موڪل وارن ڏينهن ۾ ”رالف“ کي رڳي ڪرڪيٽ جي وندر هوندي هئي سندن ٻنيءَ جي ويجهو“ اَلبرو“ جي ڳوٺ ۾، سکرن جي ٻارن جي هڪڙي ڪلب هوندي هئي، ۽ گهڻائي ڇوڪرا ٻاهران اسڪولن مان پڙهي موڪل اچي ڳوٺ گذاريندا هئا، ۽ ڪڏهن ڪڏهن وڏي مئچ ٺاهي راند ڪندا هئا. اهڙي تازي هڪڙي مئچ ”اَلٽن“ ۾ به ٿي هئي، پر انهن سڀني کان ”رالف“ هاڻي رد هو. ڀاءُ سان ورزشون ڪري ڪري به ٿڪجي پيو. وري پيءُ جي ظلم واري ڳالهه ياد پيس. نيٺ دل ۾ هن سوال تي ويچار ڪرڻ لڳو  ته ”بابي“ جهليو آهي تنهن ڪري راند نه رهان، ڇا!“ اگرچ طبيعت جي ڪري محبتي ۽ فرمانبردار هو، ته به پيءُ جي نامهربانيءَ هن جي دل تي البت ڪس چاڙهي ڇڏي هئس، تنهن ڪري فرض شڪنيءَ جي تقصير ڪرڻ لاءِ هن کي هاڻي گهڻي ترغيب ۽ همت پئي آئي. پيءُ ۽ پٽ جي وچ ۾ روز بروز رنجش ويئي زياده ٿيندي. ”مسز ڊگلس“ ۽ ”ڪرسٽيءَ“، مسٽر ڊگلس جي رنجش لاهڻ جي گهڻيئي ڪوشش ڪئي، مگر مسز ڊگلس“ آزمودي مان معلوم ڪيو ته جيئن ٿي پٽ جو پاسو ورتائين تيئن ٿي مڙسس زياده ڪاوڙيو. ”ڪرسٽيءَ“ سان پڻس جي محبت ايتري گهڻي هئي، جو ”مسز ڊگلس“ هن کي چوري ڇڏيو ته پيءُ کان پنهنجي منهن پڇي ڏسي ته ”رالف کي وري ڪڏهن راند ڪرڻ ڏيندو به يا نه.“

ان موجب ٻئي ڏينهن، ”ڪرسٽيءَ پنهنجو سبق هميشه کان وڌيڪ پڪو ڪيو ۽ اُهو پيءُ کي ٻڌائي هن کي اهڙو خوش ڪيائين جو نيٺ پنهنجي رٿيل سوال پڇڻ جي همت ٿيس. پڇيائين ته ”بابا، اوهين مون تي ڪا خاص مهرباني ڪندؤ؟“

مسٽر ”ڊگلس“، رالف ڏي نهاري چيو ته ڇو نه ٻچا؛ مون کي خبر آهي ته تون اهڙي ڪا به مهرباني مون کان نه گهرندين، جا آءٌ نه ڪرڻ گهرندس.“

”رالف“ ته ڪڇيو ئي ڪين، پر ”ڪرسٽيءَ“ چيو ته ”بابا منهنجو عرض پنهنجي لاءِ نه آهي، پر رالف جي لاءِ آهي.“

مسٽر ”ڊگلس“ چيو ته ”رالف کي پنهنجو عرض پاڻ ڪرڻ گهرجي.“

”ڪرسٽيءَ“ چيو ته ”جيڪي آءٌ گهران ٿو، تنهن جي رالف کي ڪهڙي خبر؟ ابا، منهنجو عرض آهي ته رالف کي وري ڪرڪيٽ راند ڪرڻ جي موڪل ڏيو. هن ورندي ڏني ته ”ڪرسٽي گذريل دفعي هن نافرماني ڪئي آهي، تنهن ڪري هو انهيءَ مهرباني ڪرڻ جو لائق ناهي!“

رالف چيو ته ”جي اُنهيءَ رات مون کي پنهنجو سبب بيان ڪرڻ ڏيو ها، ته پوءِ هڪ ڳالهه آهي ته اوهين مون کي نافرمان نه سڏيو ها.“

مسٽر ”ڊگلس“ چيو ته سببن جي معنيٰ آهي ته اڪثر عذر ۽ بهانا ۽ عذر ۽ بهانا ڪوڙن جا ڀائر آهن- مون کي اُنهن سان پوي ئي ڪانه- تنهنجو، رالف واهيو آهي عذرن ۾ بهانن سان !“

”رالف“، شرمندو ٿي، ساڙ کان چوڻ لڳو ته ”منهنجو سبب عذر ۽ بهانو بلڪل ڪين هو، ۽ ڪوڙ ته پنهنجيءَ عمر ۾ مون ڪونه ڳالهايو آهي.“

”مسٽر ڊگلس“ تڪڙ مان چيو ته ”چڱو، چڱو آءٌ تو سان بيٺو حجت ۽ دليل ڪونه ڪندس: مون کي سر هينري آلربيءَ ڏي وڃڻو آهي ۽ توسان وڌيڪ ڳالهائڻ جو مون کي وقت ڪونهي!“

”رالف“ چيو ته ”تڏهن، بابا اوهين مون کي وري راند ڪرڻ ڪين ڏيندؤ؟“

پڻس ورندي ڏني ته ”في الحال ته نه.“

هي ٻڌي، ”رالف“ جي واتان ڪاوڙ جي دانهن نڪتي، جنهن تي پڻس گهُنڊ وجهي ڏانهس نهاريو.

”ڪرسٽيءَ“ به وري گهڻيون ئي منٿون ڪيس پر مسٽر ”ڊگلس“ رڳو چيس ته ”ڪرسٽي، مون کي افسوس آهي ته توکي نااُميد ٿو ڪريان- اڃا آءٌ اهو عرض قبول ڪري نٿو سگهان!“ ائين چئي، هن جو مٿو ٺپري، ٻاهر هليو ويو.

”رالف“ ڏک مان چيو ته ”ٻڌ، ڪرسٽي، بابي کي پنهنجي نااُميد ڪرڻ جو افسوس آهي، جو تون سندس لاڏلو پٽ آهين، ۽ توکي ڪي به ڪرڻ کان منع نه ڪندو آهي، پر مون کي نااُميد نه ڪرڻ جو هن کي فڪر ئي ڪونهي!“

ڪرسٽيءَ کي خبر هئي ته اها ڳالهه ”رالف“ کي ڏاڍي ڏکي ٿي لڳي ۽ هميشه ڊپ هوندو هوس ته متان پيءُ جي کيس زياده پيار ڪرڻ ڪري سندن وچ ۾ جدائي پئجي وڃي. مسٽر ”ڊگلس“، ”ڪرسٽيءَ“ کي حد کان وڌيڪ پيار ڪندو هو ۽ هن سان هميشه مهربانيءَ جي هلت ڪندو هو؛ پر ”رالف“ سان گهڻي نه پوندي هيس، ۽ اڪثر هن کي شوخي ۽ سختي ڏيکاريندو هو. هن جي هلت اهڙي هئي، جا ضرور ٻن ڀائرن جي وچ ۾ حسد ۽ دشمني پيدا ڪري، جيئن حضرت يعقوب جي پنهنجي ننڍي پٽ يوسف سان حد کان وڌيڪ محبت ڪري،  هن جا ٻيا ڀائر سندس دشمن ٿي پيا هئا. پر، هنن جي حالت ۾ اهڙو بڇڙو نتيجو نه نڪتو، ڇا لاءِ جو ڪي ماءُ جي هڪجهڙي محبت ۽ مهرباني، ڪي ”رالف“ جي سڀاڻي خوش خلقي، ۽ ڪي ”ڪرستيءَ“ جي محبت انهيءَ ڦيٽاڙي کي روڪيو آئي. ”ڪرسٽي“ جي ”رالف“ سان ڏاڍي دل هوندي هئي: ساري عمر هو دل ۽ جان وانگي هڪ ٻئي سان گذاريندا آيا هئا، تن جو پاڻ ۾ ڦٽڻ جو گهڻو امڪان نظر نٿي آيو.

”رالف“ ”ڪرسٽيءَ“ کي چيو ته ”ادا، جيڪي مون چيو  سو دل ۾ متان ڪرين، مون کي معاف ڪجئين. ائين چوڻ ڪري منهنجي محبت تو ڏانهن گهٽجي نه ويندي. باقي ڪرڪيٽ بابت آءٌ ڄاڻان ٿو ته غلط آهي، مگر راند آءٌ ضرور ڪندس- جيڪي ٿئي، سو ٿئي.“

”ڪرسٽيءَ“ خير خواهي ڪري چيو ته ”نه، رالف، نه-  متان ائين چوين. ڄاڻين ٿو ته اهو غلط ڪم آهي، پوءِ ڪيئن اُهو ڪرڻ ٿو گهرين؟ بابو راند ڪندو ڏسي ته ڪيترو نه جيڪر قهر جهڙو ڪاوڙجي پوءِ الاجي ڇا ٿي پوي!“

”رالف“ ته وڌيڪ ڪڇيو ڪين، جو انهيءَ مهل ٻاهران ڪنهن نالو وٺي سڏيس. گهر مان ڊوڙي، ٻاهر وڃي ڏسي ته مارٽن“ ۽ گلينلن“ سندس گهرجي ايوان جي در تي ٽيڪ ڏيو بيٺا آهن. ٻئي راند جي پوشاڪ ۾ هئا ۽ گلينلن کي هٿ ۾ بئٽ به هئي، جا خالي هوا ۾ پئي لوڏيائين- ڄڻ ته سچي پچي راند ٿو ڪري. ”رالف“ کي ڏسي رڙ ڪري چوڻ لڳو ته ”هي ڇا، رالف، ڏهه  ڏينهن ٿي ويا آهن ته راند جي ميدان تي نه آيو آهين! آلٽن جي فتحيابيءَ کان پوءِ ڪرڪيٽ کان قسم کنيو اَٿئي ڇا؟ ڪنهن به طرح، ايندڙ هفتي ۾، اڄوڪي ڏينهن اسان کي تنهنجي گهرج ٿيندي، جو ”آڪسفورڊ اِليون“ سان مئچ مقرر ٿي آهي.،

هي ٻڌي، ”رالف“  حيرت مان چيو ته ”هان، آڪسفورڊ  اِليون“ ”هائو. آرل برو جي لاءِ وڏي فخر جي ڳالهه آهي، نه؟ پر، بيفرڊ ۾ ٻه آڪسفورڊ وارا گهرايا اَٿن، ۽ انهن اسان جي ”عام، اسڪول جي اِليون“ کي چئلينج موڪلي هاڪاريو آهي. اسان آلٽن وارن کان کٽيو هو، تنهن پنهنجو پلؤ ٿا هو وٺن! تون ته ضرور ايندين نه؟“

”رالف“ هڪٻئي چيو ته ”مون کي پڪ نه آهي ته آءٌ اچي سگهندس.“

”پڪ ناهي،- واه ۽ تون اسان جو سرڪردو! مارٽن تون سمجهائينس هي اسان جي لاءِ الائي ڇا ڇا ڪري سگهندو!“

”مارٽن“ چيو ته ”رالف، مون تو سان ذڪر نه ڪيو. ڇا لاءِ جو انهيءَ ڏينهن تو مون کي چيو هو ته پڻهين توکي منع ڪئي آهي....“

اتي هن بس ڪئي. جو”رالف“ اشارو ڏيئي چيس ته ائين نه چؤ. متان اِنهيءَ جي ”گلينلن“ کي خبر پوي. پر ”گلينلن“ اها ڳالهه ٻڌي، ٽهڪ ڏيئي، کلي چيو ته ”پيءُ منع ڪئي آهي! ها ها ها..... ٻُڌو، سائين!“

”رالف“ وري به چيو ته ”آءٌ راند ڪرڻ جو انجام ڏيئي نٿو سگهان، اڃا مون پڪو اِرادو ڪونه ڪيو آهي. پر، جي اوهان کي ٻيو ڪونه ملي سگهيو. ته پوءِ ڏسندس.“

”رالڊ گلينلن“ چيو ته ”هان، شاباش.... پيءُ جي ڪهڙي پرواهه آهي! ڀلا هن جو راند جي ڪمن ۾ ڇا آهي؟“

”مارٽن“ چيو ته ”ڇا آهي؟ آءٌ ڀانيان ٿو ته جي منهنجو پيءُ مون کي راند ڪرڻ کان منع ڪري. ته آءٌ جيڪر ڪڏهن به نه ڪريان.“

”رالف“ چيو ”اهو برابر آهي. پر سرهينري ڪو توکي ڪڏهن راند کان جهليندو؟ هو پاڻ ڪرڪيٽ ڪرڻ وارو آهي. سو توکي ته پاڻ ڪرڪيٽ ڪندو ڏسي خوش ٿيندو آهي. ٺهيو. هاڻ انهيءَ ڳالهه کي کڻي ڇڏيو. آءٌ ڪوشش ڪندس. جي ٿي سگهيو ته آءٌ راند ڪندس.“

”گلينلن“ چيو ته ”شاباش. ائين گهرجي تون اسان جي پاسي هوندي ته اسين آڪسفورڊ وارن کي بيهڻ ئي ڪين ڏينداسين! ٻيو ٻڌ؛ اسان جي قلعي ۾ گز- ڪمان جي مئچ ٿيڻي آهي ۽ انعام به ملڻا آهن. ڪيئن. تنهنجي ڪهڙي صلاح آهي- ٻه ٽي اِنعا کڄن. ته ڪهڙو نه مزو!“

”رالف“ چيو ته مون کي اها راند به ڏاڍي وڻي ٿي. ڪرڪيٽ ناهي ته اها به چڱي ڪرسٽيءَ کي به وٺيو اَچان؟ اُهو به گز چڱو هڻندو آهي.“

هن ورندي ڏني ته ”ڀلي وٺي اچينس. هو ڏاڍو چالاڪ ۽ چڱو آهي.

اتي ”ڪرسٽي“ جو پڻ گهر مان نڪتو هو ۽ آهستي پئي آيو. تنهنجي ٻانهن وٺي چوڻ لڳو ته ننڍا جوان. هلي آءُ- هل ته پاڻ اڳ ئي ڊوڙي هلي چڱا گز- ڪمان چونڊي هٿ ڪريون. هي يار پاڻيهي پيا اِيندا.

”گلينلن“ ”ڪرسٽيءَ“ جي ٻانهن وٺي ڊوڙندو هليو ويو. ”مارٽن“ پٺيانئس ناهري چوڻ لڳو ته ”پاڻ ڏاڍو چڱو آهي. جو ٻئي کي ٿو چڱو سڏي!“

”رالف“ چيو ته ”ڇو؟ گلينلن مون کي وڻي ٿو. توکي نٿو وڻي ڇا؟ خراب ته ڪين آهي!“ ’مارٽن‘ چيو ته ”خراب ناهي. مون کي وڻي ٿو. مگر آءٌ گهڻو مان ڏيئي نٿو سگهانس. سنگتي مزي جهڙو آهي. چرچائي ۽ خوش مزاج آهي؛ پر اوستائين، جيستائين سندن برخلاف ڪي به ڪين چئبو يا ڪبو- جي ڪبو، ته پوءِ هو ڏاڍو بدمزاج ۽ شوخ ٿئي ٿو. آءٌ پرپٺ گلا ڪانه ٿو ڪريانس، منهن تي به ڪيترائي دفعا ائين چيو اَٿمانس.“

”رالف“ چيو ته مون ڀانيو ٿي ته هن جو خاص دوست آهين. مون هن ۾ ٻيو عيب ڪڏهن ڪونه ڏٺو آهي، رڳو ٿورو مغرور آهي.“

”مارٽن“ چيو ته ”هو منهنجو دوست آهي به، نه به آهي. تو کان وڌيڪ آءٌ هن جو واقف آهيان. اسين ٻئي ”ايٽان“ ۾ گڏ ٿا پڙهون، ۽ تنهن ڪري گهر به اڪثر گهڻو گڏجون ٿا. هو مون کي گهڻو پسند به ڪندو آهي. ’ابٽان‘ ۾ هو گهڻائي جهيڙا جهڳڙا ڪندو آهي؛ انهن ۾ آءٌ هن کي مدد ڪندو آهيان. انهيءَ هوندي به منهنجي مرضي ناهي ته ڪرسٽي، يا منهنجن ننڍن ڀائرن مان ڪو، هن جهڙو ٿئي. هو خودغرض آهي؛ پنهنجي مطلب جي لاءِ ٻئي کي نقصان ۾ وجهندي دير ڪين ڪندو. آءٌ خوشيءَ سان ڪهڙو به ڪم ڪريان.“

”رالف“ چيو ته ”خير اُميد آهي ته ڪرسٽيءَ کي ڪو نقصان نه پهچائيندو.“

”مارٽن“ چيو ته ”نه، نه، ڪرسٽي سندس صحبت ۾ ايترو گذاريندو ئي ڪين. هو معصوم ٻار آهي. اڃا هن جي کارڻ جو نه آهي.“

”رالف“ کلي چيو ته ”تڏهن آءٌ هن جي کارڻ جو آهيان؟ مارٽن، تون سچ ٿو چوين، مگر.... هن کڻي بس ڪئي. چوڻو هئس ته ”جي ڪرسٽيءَ وانگي مون تي به بابي جي مهرباني هجي ها، ته تون جيڪر مون کي به ٻئي جي کارڻ جهڙو نه سمجهين ها.“

”مارٽن“ ڳالهه بدلائي چيو ته ”رالف، چڱو ٿيو جو تون به شايد ايندڙ هفتي ۾ ڪرڪيٽ ڪري سگهندين.“

”رالف“ چيو ”ڇو شايد؟ ”مارٽن“، اُميد آهي ته آءٌ ضرور راند ڪندس.“

”مارٽن“ چيو ته ”ڇا، مسٽر ”ڊگلس“ جي موڪل کان سواءِ؟  جي آءٌ تنهنجيءَ جاءِ تي هجان، جيڪر ائين نه ڪريان- ڪڏهن ڪين ڪريان!“

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com