سيڪشن؛  ٻاراڻو ادب

ڪتاب: ٽي گهر

 

صفحو : 6

 

باب اوڻيهون

 

زور ڪري نااُميد ڪرڻ

 

         ناتال کان ٽي ڏينهن اڳي صبح جي وقت، ”لارڊ گلينلن“ ”آلربيءَ“ جي باغ ڏانهن ٿي ويو؛ انهيءَ لاءِ ته جانچ ڪري ته ڪو ڇوڪر اچي قلعي جي ڍنڍ جي برف وانگي ڄاول پاڻيءَ تي لوهه جي جتين سان هلڻ جي ساڻس گڏ راند ڪري ٿو يا نه، اوڏي ويندي، هو ”گرينج“ وٽان اچي لنگهيو. ”رالف“ ۽ ”ڪرسٽي“، جي باغ ۾ هئا، تن هن کي پري کان ڏٺو، ۽ وڻن جي جهمٽ جي پٺيان لڪي بيٺا ته  هو کين نه ڏسي. هن سندن گهر جي ٻاهران ۽ باغ ۾ هيڏي هوڏي نهاريو، پر هنن کي نه ڏسي هليو ويو؛ ڀانيائين ته موٽندي هنن کي سڏي وٺندس. جڏهن هو لنگهي ويو، تڏهن هنن کي پڪ ٿي ته هو وري کين ڏسي نه سگندو. تنهن کانسواءِ، هنن سمجهيو ٿي ته هيستائين ”مارٽن“ هن کي سڀ احوال ڏنو هوندو.

هن جي لنگهي وڃڻ کانپوءِ، هي به ڪنهن ڄاول پاڻيءَ جي ڳولا  ۾ نڪتا؛ انهيءَ لاءِ ته پاڻ به انهيءَ تي هلڻ جي ورزش ڪن. سندن ننڍڙي ڍنڍ اونهي هئي ۽ وڻن جي ڇانوري ۾ هئي، تنهن ڪري سياري جي موسم ۾ اڪثر دير سان چمڪندي هئي. نيٺ رستي جي پاسي ۾ هڪڙو ڍورو اهڙو ڄاول ڏٺائون، جو سندن بار کڻي سگهي؛ اتي هو ويهي پنهنجيون لوهه جون چاکڙيون ڍڪڻ لڳا.

ايتري ۾ ڪلاڪ کن لنگهي ويو، ۽ هنن به ڄاول پاڻيءَ تي چڪري پئي ڏنا، ته ”لارڊ گلينلن“- جو ”مارٽن“ کي نه ڏسي پٺتي موٽيو هو- اتي اچي نڪتو. هن جي گهران ٿي، پڇا ڪري، ڏنل ڏس تي اوڏي آيو هو. هو ٻنهي ڀائرن کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو. هن کي اڳي ئي شڪ پيو هو ته هي کانئس پاسو ڪندا وتن. هن کي ڏسي هنن ويچارن جو هنيانءُ ڊهي پيو. ڀڄڻ جو ٻيو چارو ڪونه ڏنائون. خراب به لڳن ته جي ”مارٽن، هن کي سڀ حال ڏنو آهي ته زور ڪري هن جو اتي اچي ساڻن ڳالهائڻ غير واجبي آهي.

”گلينلن“ هنن جو مونجهارو هڪدم سهي ڪيو. البت خفو به لڳس. جو هو سندس سنگتي هئا، ۽ هيستائين هنن کي رنج رهڻ جو سبب ڪونه ڏنو هئائين- ۽ پاڻ، خانداني  ماڻهو ٿي، هنن جي انهيءَ هلت ڪري پنهنجي بيعزتي سمجهي، چوڻ لڳو ته ”رالف“ آءٌ ڏسان ٿو ته اوهان کي منهنجي سگنت نٿي وڻي پر هن ڍوري جي بدران ڇو نه هلي قلعي واري ڍنڍ تي ورزش ڪريو. اها هن کان وڏي به آهي ۽ سهڻي به.“

”رالف“ چيو ته ”گلينلن خفي نه ٿي؛ توکي خبر آهي ته منهنجو قصور ڪونهي، لاچار آهيان، نه ته قلعي واري ڍنڍ تي هلڻ جي ڪري آءُ جيڪر ڏاڍو خوش ٿيان.“

هن چيو ته ڪهڙيءَ ڳالهه ۾ تنهنجو قصور ڪونهي؟“

”رالف“ چيو ته ”انهيءَ ۾، ته آءٌ تو سان گهائل مائل نٿو ٿيان، ۽ تو کان پاسو ٿو ڪريان.“

”گلينلن“ مغروريءَ مان چيو ته ”ائين آهي ڇا؟ آءٌ زور ڪري ڪنهن سان گهائل مائل ٿيڻ نٿو گهران! انهيءَ صورت ۾، مسٽر رالف ڊگلس، تنهنجي سنگت جو شرف مون کي نه گهرجي؛ پر هن طرح توکي دوستيءَ ڇنڻ جي لاءِ مون کي سبب ڏيڻو ٿيندو. جو انهيءَ جي مون کي خبر ڪانهي.“

”رالف“ ڏک ۽ ارمان مان چيو ته ”لارڊ گلينلن، مون کي افسوس آهي ته تون مون کي بي فضيلت ٿو سمجهين؛ مارٽن توکي انهيءَ جو سبب ڪونه ٻڌايو آهي؟“

هن چيو ته ”نه، مون کي ڪونه ٻڌايو اٿس.“

”رالف“ چيو ته ”تڏهن آءٌ توکي صافدليءَ سان ٻڌايان ٿو ته بابي مون کي توسان ڳالهائڻ کان منع ڪئي آهي ۽ چيو اٿس ته جي ائين ڪندين ته سخت سزا ملندئي.“

”گلينلن“ پڇيو ته ”سو ڇو، مسٽر ڊگلس مون کي انهيءَ عزت لاءِ چونڊي ڪڍيو آهي؟“

”رالف“ البت حجاب کان هڪٻئي کي چيو ته ”انهيءَ لاءِ جو توکي ايٽن مان ڪڍي ڇڏيو اٿن!“

”لارڊ گلينلن کي چڙ به آئي، پر ”رالف“ سان هن جي ڏاڍي خاطري هئي ۽ ٻيون به پنهنجي ڪم نصيبيءَ جون ڳالهيون ياد آيس، تنهن ڪري چڙ ماري چوڻ لڳو ته ”ائين؟ چڱو، رالف، توکي مون کان ڊڄڻ نه گهرجي، برابر، ايٽن ۾ مون ڪا بيواجبي هلت ڪئي؛ پر اهڙو ڪو بڇڙو ڪم ڪونه ڪيم. جنهن ڪري مسٽر  ڊگلس جي خيال ۾ آيو ته مون کان اهڙو پري ڀڄڻ گهرجي. جهڙو ڪوڙهيي کان ڀڄبو آهي. انهيءَ جو، رالف مون کي گهڻو ارمان آهي؛ مگر جيئن ته تون چوين ٿو، برابر تنهنجو قصور ڪونهي. چڱو ، هاڻ خدا حافظ. ڪرسٽي، خدا حافظ. آءٌ اوهان کي وري ڪابه تڪليف ڪانه ڏيندس.“

”رالف“ چيو ته ”بيهه، گلينلن، جي تون هن تلاءَ تي هلڻ آيو هئين، ته اسان کي ڪو به حق ڪونهي ته توکي هتان ڪڍون: انهيءَ جي بدران اسين پاڻ هليا ٿا وڃون، تون ڀلي اتي هج.“

هن چيو ته ”رالف، ائين نه ڪريو، منهنجي برابر هتي ورزش ڪرڻ جي مرضي آهي- جي اوهان کي اعتراض نه هوندو ته، ۽ جي اوهان جي پيءُ جي اچڻ جو ۽ اوهان کي ڏسڻ جو امڪان نه هوندو ته، پر جي هوندو، ته پوءِ قصور آهي، نه اوهان جو. تنهن کانسواءِ، جي پاڻ کي وري گڏجڻو نه آهي، ته مون کي تو سان گهڻو ئي ڪي ڳالهائڻو آهي، تو کان ڪا خاص صلاح پڇڻي اٿم، پر هينئر ته انهيءَ جو وقت ناهي. اچو ته پهرين لوهه جي جتيءَ سان پاڻي تي ڪي چڪر هڻون؛ پوءِ جي ڳالهه پوءِ. اوهان کي ناٽڪ جا ڀاڱا پڪا آهن يا نه؟ مون ته ياد ڪري ڇڏيا آهن!“

”رالف“ چيو ته ”مون کي ناٽڪ تي وڃڻو  ئي ڪونهي؛ نه ته انهيءَ ۾ ڪو حصو وٺڻو نه اٿم.“

هن پڇيو ته ”ائين ڪيئن؟ انهيءَ تان به پيءُ توکي جهليو آهي ڇا؟“

”رالف“ چيو ته ”هائو، هن منع ڪئي آهي.“

ايتري ۾ ”گلينلن“، چاکڙيون ڍڪي“ ڄاول پاڻيءَ تي ”رالف“ سان ڊوڙون پڄائڻ لڳو. انهيءَ طرح، کل خوشيءَ ۽ راند چرچي ۾ ڳچ وقت گذري ويو. ”رالف“ به جو گهڻن ڏينهن کان پوءِ راند کي اچي لڳو هو، تنهن کي پيءُ جو حڪم في الحال وسري ويو. ”ڪرسٽي“ به هن کي خوش ڏسي اها ڳالهه ياد نه ڏياريس، پر انهيءَ لاءِ هن پوءِ تمام گهڻو پڇتايو، ڇا لاءِ جو اتي راند هلندي. هن پري کان رستي تان هڪڙو ماڻهو گهوڙي تي چڙهيو ويندو ڏٺو، جنهن ڏانهن گهڻو پئي نهاريو، ۽ هن کي شڪ پيو ته اهو بابو هو. انهيءَ مهل ”رالف“ راند ۽ ورزش ۾ محو هو. هن ان کي ڪين ڏٺو، مگر ”ڪرسٽيءَ“ پاسي کان لنگهندي، هن کي آهستي چيو ته ”رالف“، هو ته ڏس!“ ”رالف اها شڪل ڏسي بل کائي، برف ٿي ڪري پيو، جو ”گلينلن“ اچي هٿ ڏيئي اٿاريس. ضرب ڪانه رسيس، مگر چهروئي بدلجي ڦڪو ٿي ويس، ۽ بت ۾ ڏڪڻي اچي پيس.

هن جي اهڙي حالت ڏسي، ”گلينلن“ ڊپ مان پڇيو ته ”رالف ٻيو ته خير آهي؟“

هن هٿ کڻي، اشارو ڏيئي، چيو ته ”بابو!“

”گلينلن“ رستي ڏي نهاري چيو ته ”هتي ته ماڻهو ئي ڪونهي.“

”ڪرسٽيءَ“ چيو ته ”هينئر لنگهي ويو!“

”رالف“ ڏاڍي انتظار مان پڇيو ته ”ڪرسٽي، ڀانئين ٿو ته بابي ڏٺو؟

”ڪرسٽيءَ“ جواب ڏنو ته هتي ته ماڻهوئي ڪونهي.“ ”ڪرسٽيءَ چيو ته ”هينئر لنگهي ويو!“

”گلينلن، دلاسو ڏيئي چيس ته ”رالف، حرڪت ڪانهي: اهو سڀ منهنجو قصور  آهي. آءٌ پاڻ گرينج تي اچي مسٽر ڊگلس کي ائين چوندس. آءٌ ڪهڙو نه نڀاڳو آهيان- جڏهن ٻين کي به تڪليف ۾ وجهان، ۽ پاڻ کي به! هتي نه ترسان ها، ته چڱو هو.“

”رالف“ چيو ”گلينلن“ ائين نه چؤ. ٺهيو، هاڻ هلو ته گهر هلون، خدا حافظ جي آءٌ توسان نه گڏجان ته دل ۾ متان ڪرين. جي بابو حڪم ڏيندو ته مون کي ضرور ائين ڪرڻو ٿيندو.“

”گلينلن“ چيو ته ”اهو ته برابر، رالف، پر منٽ ٻه ٽي منٽ ترسين: مون کي تو سان گهڻو ئي ڪي حال ڪرڻا آهن. آءٌ ڏاڍو ڪم نصيب آهيان!“

”رالف“ چيو ته ”تون، ڪم نصيب؟ تون ته هميشه خوش خورم ڏسبو آهين!“

هن چيو ته ”رالف، اهو رڳو ڏسجان ٿو. ڪرسٽي ڀلائي ڪري لحظو  ترس: آءٌ رالف کي گهڻو نه ترسائيندس.“

ائين چئي. هو پنهنجن سنگتين سان گڏ تلاءَ جي ڪنڌيءَ تي ويهي رهيو ۽ پنهنجو گذريو سارو حال رالف سان ڪيائين- سارو حال، سواءِ پڇاڙيءَ واري وڏي ڏوهه جي. اهو به ٿي ٻڌايائينس، پر ڪنهن طرح دل جهلي نه سگهيو: چپ سڪيو ٿي ويس، ۽ زبان بيهو ٿي ويس؛ هيانو تي بار ٿي پيس جو وڙهي وات تائين ٿي اچي سگهيو؛ ۽ نڙيءَ ۾ اٽڪي ٿي پيو: هو رڳو اشاري سان چئي سگهيو ته ”انهيءَ کان به بڇڙا ڪم ڪيا اٿم!“

”رالف“ ڏاڍي ڏک  ۽ همدرديءَ سان هن جو حال ٻڌو، نيٺ ساڳي اها صلاح ڏنائينس، جا ”مارٽن ڏني هيس- ته سڀ ڪجهه وڃي پيءُ کي ٻڌاءِ انهي کان معافي گهر، ۽ اڳتي لاءِ سنڀال ڪر.

”گلينلن“، پنهنجي لڪل ڳالهه ياد ڪري چيو ته ”مون کي ٻڌاءِ انهيءَ کان معافي گهر، ۽ اڳتي لاءِ سنڀال ڪر.“

”گلينلن“، پنهنجي لڪل ڳالهه ياد ڪري، چيو ته ”مون کي ٻڌائڻ جي همت ٿئي ٿي. جي تون منهنجي جاءِ تي هجين ته جيڪر همت جهلي ٻڌائي سگهين؟“

”رالف“، پنهنجون گذريون مشڪلاتون ياد ڪري، چيو ته ”برابر، ڊپ جيڪر گهڻو ئي ٿئيم، پر نيٺ آءٌ ڀانيان ٿو ته همت جهلي اهڙي مهربان ۽ رحمدل پيءُ کي بيشڪ چئي ڏيان.“

”گلينلن“ چيو ته ”هائو، مهرباني- نهايت گهڻو مهربان! جي هو نامهربان هجي ها ته آءٌ شايد بهتر ڇوڪرو ٿي پوان ها. رالف، ڏاڍي مونجهاري ۾  آهيان. ڪيئن ڪريان؟ مون سان انجام ڪر ته جي آءٌ ڪڏهن تو کان اچي ڪا مدد گهران، ته تون ڏيندين“

هن چيو ته ”گلينلن، خوشيءَ سان جي منهنجي وس هوندو ته؛ پر آءٌ ڪيئن توکي مدد ڏيئي سگهندس؟ سچ ڪري پڇين ته مون کي پاڻ مدد جي گهرج آهي!“

”گلينلن“ جي اکين ۾ پاڻي آڻي، چيو ته ”منهنجو ته اجهو اهڙو برو نصيب آهي؛ جنهن جو مون سان ڪو به واسطو ڪونهي، سو خوش نصيب ۽ سکيو پيو گذاري!“

”رالف“ چيو ته ”فڪر نه ڪر، خدا تي رک، پر مون کي اهو ارمان آهي ته پاڻ وري ڪين گڏجي سگهنداسين؛ انهيءَ ڪري تون مون کي بيحيا ۽ نامهربان ته نه ڄاڻندين؟ اُميد آهي ته ٿوري وقت تائين ائين ٿيندو. گلينلن. آءٌ تنهنجي حق ۾ دعا گهرندس. هاڻ خدا حافظ.“

هنن هٿ ڏيئي موڪلايو. هو پنهنجي گهر ڏي ويو، ۽ هي ٻئي پنهنجي گهر آيا.

* * *

گهر ۾ پهچڻ شرط، ”رالف“ ڏاڍي انتظار مان پيءُ جي پڇا ڪئي. معلوم ٿيس ته پڻس ماجسٽريٽن جي ڪاميٽيءَ ۾ ويو آهي ، ۽ رات جو نائين بجي مس موٽي ايندو. هوڏي، مسٽر ”ڊگلس“ ڪاميٽيءَ ۾ برابر ويو ٿي. پر ڏاڍي ڏک ۽ ڪاوڙ مان. رستي جو هي رنگ ڏٺو هئائين، تنهن چيڙائي پر ڪري ڇڏيو هوس. گهوڙي تي چڙهيو، واٽ وٺيو ٿي ويو، ته لوه جي چاکڙين جي چرخين جو برف تي ڦرڻ جو چرڪو ڪن تي پيس- جيئن ”گلينلن“ جي ڪن تي پيو هو. هن منهن ورائي تلاءَ ڏي ڏٺو، ته ”رالف“ ۽ گلينلن“  گڏ بيٺا ڳالهائين! ڏسي باهه وٺي ويس پهرين ته دل ۾ آيس ته گهوڙو ٽپائي وٽن وڃي؛ پر ٻيو به ماڻهو بيٺو هو، ۽ اڳوڻي ”ڊانرل“ جي باغ واري واردات به ياد پيس تنهن ڪري لغام تاڻي، گهوڙو هڪلي، سنئون هليو ويو. سڄو رستو، ڪاوڙ جا خيال ڪندو ۽ پهه پچائيندو ويو. ڪاميٽيءَ ۾ به جيڪو بحث پئي هليو، تنهن تي انهيءَ ڏينهن سندس گهڻو ڌيان نه رهيو. جيسين وري گهر آيو، تيسين هڪ لحظو به ”رالف“ جي نافرمانيءَ جي ڳالهه دل تان نه لٿيس. گهر اچي، هن زال کي به نه ڏٺو، پر سڌو واڪڙ داڪڙ- ڪندو ڪتبخاني ۾ ويو، ڄڻ ته اصل ڪاوڙ ٺارڻ جو ارادو ئي ڪونه هوس. گهڙڻ سان گهنٽي وڄائي، حڪم ڏنائين ته ”رالف“ کي سڏي اچو!“

”رالف“ انهيءَ مهل هميشه وانگي، پنهنجي ماءُ ۽ ڀاءُ سان گڏ ويٺو هو؛ انهن کي ڪو وڏي سڏ پڙهيو پئي ٻڌايائين. ڇوڪرن ماءٌ کي انهيءَ ڏينهن جو احوال سڀ ڏنو هو؛ تنهن ڪري گهنٽيءَ جو آواز ۽ نوڪر جو سڏ، هن کي موت جو سڏ ٿي لڳو. هن جي ڪاوڙ جو حال سڀني کي سجهيو ٿي. ويچاري ماءُ دل ۾ خدا کي سوال ڪرڻ لڳي ته شل ”رالف“ جو خير ٿئي. خود ”رالف“ جو وري ڪهڙو حال هو؟ ويچاري دل ۾ پئي چيو ته ”مون الاجي ڪهڙا گناهه ڪيا آهن. جو ههڙيءَ طرح پيءُ جي ڪاوڙ ۽ اندر جي بي آراميءَ جي سزا پيو ڀوڳيان! انهيءَ ڏينهن واري اتفاق ۾ هن جو ته ڪو به قصور ڪونه هو. ٿوري يا زياده خبرداري نه ڪرڻ کانسواءِ هن کي ڪو ڏوهه ڪونه ٿي سجهيو. وس پڄندي، پيءُ جي حڪم تي هلڻ جي ڪوشش پئي ڪيائين.

ڄاڻي ٻجهي هن ڪا نافرماني نه  ڪئي هئي. انهن ڳالهين تي خيال ڪري، هن کي ٿوري گهڻي همت به آئي، ۽ نااُميدي به ٿي. پيءُ جو سڏ ٻڌي، ويچارو ٽپ ڏيئي اٿيو. ماءُ جو هٿ وٺي چمي آهستي پيءَ ڏي ويو. پڻس اشارو ڏيئي چيس ته ”ويهه.“ هو ٻانهون ٻڌي، هڪڙيءَ ڪرسيءَ تي ويهي رهيو.

مسٽر ”ڊگلس“ هڪدم ڪاوڙ مان پڇيو ته ”واه، جيڪو ڇوڪر پيءُ جو حڪم ڀڇي سو ائين ويهندو آهي؟ شايد تنهنجي هن قلعي واري دوست  تو کي اهو ”ناٽڪ“ جو ڊؤل سيکاريو آهي- تمام چڱو!“ ۽ ٽوڪ مان پاڻ به هن جو نقل ڪري ٻانهون ٻڌي ويٺو. هن ويچاري ته ڪڇيو ئي ڪين، ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيائين.

وري مسٽر ”ڊگلس“ چيو ته بس جواب ڪونه ملند! رالف“ ٻڌين ٿو يا نه؟“  اهو سوال هن اهڙي زور سان ڪيو، جو ”رالف“ ڏڪي ويو؛ ٻڙڪ به ٻاهر نه ڪڍي سگهيو. پڻس وري زياده زور مان چيو ته ”ڇا؟ جواب ئي ڪونه! رالف ٻڌائين ٿو يا نه؟“

”رالف“ چيو ته ”بابا، ڇا چوان....؟“

مسٽر ”ڊگلس“ ٻوٻڙاٽ ڪري چيو ته ڇا چوان! ڪي به چوڻو نه اٿئي.

هن چيو ته ”شايد... لارڊ گلينلن سان ڳالهائڻ بابت ٿا پڇيو؟“

پڻس چيو ته ”شايد! شايد  نه، پر البت- آءٌ انهي بابت ٿو جواب گهران!“

”رالف“ چيو ته ”انهيءَ بابت ته، بابا، مون هن سان ڳالهائڻ کان گهڻو نٽايو، پر...“

مسٽر ”ڊگلس“  چيو ته ”هائو، برابر، نٽايو هوئي تڏهن ٿي هن سان گهراڻي مان گفتگو ڪيئه، ۽ ڏند ڪڍيو کليئه! مون بيٺي ڏٺو، تون ڪوڙ ٿو ڳالهائين!“

”رالف“ کي، اهڙي اجائي تهمت ٻڌي، دل ۾ جوش آيو. ڪنڌ مٿي کڻي چوڻ لڳو ته ”بابا، مهرباني اوهان جي، رڳو اوهان کي منهنجيءَ ڳالهه تي پت نٿي اچي، ٻئي سڀ ڪنهن کي ته اچي ٿي!“

پڻس چيو ته ”اهڙي ڍونگ جهڙي رخ سان مون کي ٺڳي نه سگهندين. تون اڃا ٻار آهين! هميشه مون کي رنج ۽ تڪليف پئي ڏني اٿئي. آءٌ به تو سان اهڙوئي سلوڪ ڪندس! جي تون پنهنجي ڀاءُ جهڙو چڱو هجين ها ته ڪهڙي نه چڱي ڳالهه هئي! هاڻ ٻڌائي ته توکي ڪهڙو جواب ڏيڻو آهي؟“

هن چيو ته ”آءٌ ڇا چوان جيڪي به چوندس، اوهان کي انهيءَ تي پت نه  ايندي- اوهان جي مون تي نامهرباني ۽ بي انصافي آهي!“

پڻس ڪاوڙ مان چيو ته ”هان“ رالف“ اهي لفظ ته وري چئي ڏيکار!“

”رالف“ وري به پيءُ ڏي نهاري چيو ته ”اوهان جي مون تي نامهرباني ۽ بي انصافي آهي....!“

مسٽر ”ڊگلس“ جو منهن ڳاڙهو ٿي ويو. ذري گهٽ جن ٿي آيس، پر ڪاوڙ جو جوش روڪي چوڻ لڳو ته ”تڏهن ڪي به چوڻو ڪين اٿئي؟ هاڻ  رالف، ٻڌ مون کي توکي سزا ڏيڻي آهي- اٿي بيهه!“

”رالف“ پڇيو ته ڪهڙي ڪم لاءِ؟“

هن چيو ته ”ڏيکاريندوسئين ته ڪهڙي ڪم لاءِ منهنجي مرضي ناهي ته منهنجو پٽ، ڄاڻي ٻجهي بيپرواهيءَ سان منهنجي حڪم عدولي.... اٿي بيهه!“

”رالف“ نماڻو ٿي، عرض ڪيو ته ”بابا سائين، ائين نه ڪريو!“

پڻس چيو ته ”اهڙي عرض ڪرڻ کان اڳي توکي نافرمانيءَ جو خيال ڪرڻ کپندو هو.“

”رالف“ چيو ته ”آءٌ مار کائڻ کان نٿو ڊڄان.“

هن چيو ته ”ڪيئن به هجي تون اٿي بيهه!“

”رالف“ اٿي بيٺو. پڻس ڏاڍيءَ ڪاوڙ مان، هن کي پٺن تي هڪڙي ٿلهي چهبڪ سان گهڻائي ڌڪ هڻي ڪڍيا. ”رالف“ نڪي چريو، نڪي مڙيو. نڪي ڪڇيو؛ اک به نه ڇنڀيائين ته”او بابا، ائين نه  ڪريو!“ پر، انهيءَ ڪري پاڻ پڻس زياده تتو، ۽ زور سان چهبڪ ڇڏائي وري  مٿس ڌڪن جو وسڪارو ڪرڻ لڳو. اها مار الائي ڪيستائين هلي ها، ۽ خبر ناهي ته نيٺ ڇا ٿئي ها، پر سبب سان، اوچتو، اتي در پٽجي پيو، ۽ مسز ”ڊگلس“، ڪرسٽيءَ کي ساڻ وٺي اندر ڪاهي آئي. اچڻ سان ڏاڍي غم ۽ اندر جي جوش مان؛ چوڻ لڳي ته ”او ايوان، هاڻ، ججهو ٿيو؛ رالف کي ڏوهه کان وڌيڪ سزا ملي چُڪي آهي.“

مسز ”ڊگلس“ جي انهيءَ وچ ۾ پوڻ ڪري مسٽر ”ڊگلس“، هميشه جي عادت موجب زياده چڙي ها، پر ڪي ڌڪ هڻي ٿڪو هو، ڪي پٽ جي صبر ڪري بيهڻ ۽ عذاب سهڻ تي قياس آيس، ۽ ڪي شايد زال ۽ ننڍي پٽ جي تمام ڏکاري صورت ڏسي دل لڏيس، تنهن ڪري هن کڻي هٿ جهليو؛ رڳو پڇاڙيءَ ۾ هيترو چيائين ته ”وڃ هاڻي؛ في الحال اهو ججهو اٿئي؛ نڀاڳو ڇوڪر- جنهن پنهنجي پيءُ جي ساري گهر تي مصيبت آڻي وڌي آهي!“

”ڪرسٽيءَ“ هڪدم وڃي ڀاءُ جو پاسو ورتو هو. هڻ ماڻس به هن کي ٻانهن کان وٺي جاءِ مان ڪڍي ويئي ۽ پوءِ وڃي صفي ۾ هڪڙي ڪوچ تي ويٺا، مار مهل هو چپ ڀيڙيو، سور سهيو بيٺو  هو، پر هينئر هٿن تي مٿو رکي زار زار روئڻ لڳو اکر به ڪونه ٿي ڳالهايائين – رڳو هيترو سو سڏڪا ڀري چيائين ته ”هائو برابر، مون گهر تي مصيبت آندي آهي!“ هنن گهڻئي دڙ دلاسا ڏنس.

ڀاڪر وڌائينس، پيار ڏناؤنس، ته به هن ڳالهائڻ جي نه ڪئي. آخر خيال بدلائڻ لاءِ، ”مسز ڊگلس“ رات جي ماني گهرائي، پر کاڌو ڪنهن ڪين کاڌو. نيٺ ”مسز ڊگلس“ صلاح  ته وڃي سڀڪو سمهي- ڀانيائين ته من سمهڻ ڪري ”رالف“ کان ڏک وسري وڃي. ”رالف“ ماءُ جي ڀاڪر مان نڪرڻ نٿي گهريو، نڪي هن ڇڏڻ ٿي گهريس؛ آخر خدا حافظ چئي هن کي چمي ڏيئي پاڻ ڇڏائي پنهنجي سمجهڻ واري جاءِ ڏي هلي ويئي.

”رالف“ ۽ ”ڪرسٽي“ ڏاڪڻ تي چڙهي، پنهنجيءَ جاءِ ۾ ويا. اتي وري نئين سر ”رالف“ اچي روئڻ ۾ پيو. ”ڪرسٽيءَ“ گهڻو ئي پرڀايس ساڻس مٺيون مٺيون ڳالهيون ڪيائين، ۽ پوءِ هن ڪپڙن بدلائڻ ۾ مدد ڪيائين. هن جي پٺن تي چهبڪ جا ڏنا ۽ ڌڪن جا نشان ڏسي، هن کي ڏاڍو ڏک ٿيو. پوءِ به گهڻي تائين انهيءَ رات ڪرسٽي پئي جاڳيو- تان جو ڀاڻس کي ننڊ کڻي ويئي، ۽ پوءِ پاڻ به هن جي لاءِ خدا کان دعا گهري وڃي ستو.

 

باب ويهون

 

گهر کان موڪلاڻي

 

”رالف“ نيٺ، لاچار ٿي، دل ۾ پڪو ٺهراءُ ڪيو ته گهر ڇڏي هليو وڃي ۽ وڃي پرديس وسائي. هن کي اڳي ئي ڏک گهڻا هئا، ويتر پويون دفعو جو تازيون پيءُ جو جٺيون سٺيون هئائين ۽ چهبڪ کاڌا هئائين، تن دير مدار ڪرڻ ئي نه ڏنس، ڌڪن لڳڻ ڪري بت ۾ به بيمار هو؛ دل ته اڳي ئي بيمار هيس؛ پر جڏهن پنهنجي وطن، پنهنجي گهر، پنهنجي پياري ماءُ ۽ ڀاءُ کي ڇڏڻ ۽ انهن کان موڪلائڻ کانسوءِ وڃڻ تي هن جي دل نٿي چيو. انهن يادگيرين به هن کي پنهنجي ارادي کان نه لوڏيو. سمهڻ کان اڳي، اهي خيال ڪري سمهي پيو هو. ٻي بجي مهل هو اٿيو. آهستي اٿي ڪپڙا ڍڪيائين. رات صفا هئي، ۽ چانڊوڪي اندر جاءِ ۾ پئي پيئي، ڀاڻس ستو پيو هو، تنهن جي منهن ۾ هن گهڻي دير تائين پيار سان نهاريو. دل گهڻو ئي ٿي چيس ته تيار ٿي پوءِ هن کي جاڳائي، ۽ انهيءَ کان موڪلائي؛ پر هو ائين ڪري نٿي سگهيو، رڳو محبت مان هن کي ڏسي وات سان خدا حافظ چئي نڪتو.

اڳئين ڏينهن شام جو سخت برف پئي هئي. ”رالف“ دري پٽي ٽپي هيٺ ٿيو، ۽ برف تي پير اکوڙي بيٺو. انهيءَ ڪري هلندي هن جي پيرن جو آواز به ڪونه ٿيو. ايوان جي پٺئين در مان نڪري، باغ جو هڪڙو پيچرو ڏيئي، سڙڪ تي آيو. پوءِ هيڏي هوڏي نهارڻ لڳو. گهر ڏي ڏسي، اکين مان ڳوڙها ڪري پيس. نيٺ وڌيڪ نه ترسي، اٿي هليو.

سجهيس ٿي ته جي هن کان پوءِ مٿان ٻي برف نه پيئي؛ ته منهنجا پير ظاهر بيٺا هوندا ۽ خبر پئجي سگهندي ته باغ واري دروازي کان نڪتو آهيان؛ پر سڙڪ ۾ گاڏين جي لنگهڻ ڪري انهيءَ خبر پوڻ جو امڪان ڪونهي. پڪ هيس ته ڏينهن ٿيڻ کان اڳي آءٌ پري نڪري ويندس ۽ مون کي ڪو پهچي نه سگهندو.

هن ”آلٽن واري ورتي، جتان خبر هيس ته ڏاڍائي يا ٽين جي ريل گاڏي لنڊن ڏي وڃڻي آهي. هو اسٽيشن ڏي رخ رکي اٿي هليو. ڪٿي تمام تکو هليو؛ ۽ ڪٿي ڊوڙيو به- نيٺ اسٽيشن کي ويجهو آيو. ڄاتائين ته جي ٽڪيٽ وٺندس، ته ٽڪيٽ- ڪلارڪ توڙي پورٽر“ جي سڃاڻنم ٿا، تن کي خبر پوندي؛ تنهن ڪري هن رٿ ڪئي ته ڪنهن تجويز سان، ٽڪيٽ وٺڻ کان سواءِ، لڪچوريءَ چڙهي ويهان. هو لائين ڏيئي پليٽفارم جي ڇيڙي وٽ آيو ۽ اتي ڪن وڻن جي جهٻٽ ۾ لڪي ويهي رهيو. گاڏيءَ به انهيءَ ڏينهن دير ڪئي. هي ويچارو سيءَ ۾ پئي ٿڙڪيو. نيٺ  گاڏي جي سيٽ ٻڌي اٿيو. پهرين ته جوجڪي ٿي آيس ته پاڻ کي ريل تي اڇلائي وجهي، ۽ هنن ڏکن ۽ عذابن کان ڇٽي، پر سگهوئي اهو خيال بدلائي ڇڏيائين، ۽ گاڏي جي بيهڻ لاءِ منتظر ٿي بيٺو. جڏهن گاڏي بيٺي تڏهن هي ويجهو گارڊ واري گاڏي کان ڦري ٻئي پاسي هڪڙي خالي سيڪنڊ ڪلاس جي پيرن واري تختي تي ويهي رهيو. جڏهن گاڏي هلڻ لڳي، تڏهن هو دريءَ  مان ٽپ ڏيئي اندر ويهي رهيو.

اهو ڏاڍو سختيءَ جهڙو سفر هو. سيءُ به ڏاڍو هو، ۽ وڏو ڪوٽ به نه هوس. هٿ ۽ پير ٿڌ جي ڪري ٺري ساڻا ٿي پيس، ۽ ڏند پئي کڙڪيس ٻيا وري مونجهاري جهڙا خيال اچي دل ۾ پيس؛ تنهن ڪري هن کي ننڊ نه آئي. آئيندي جي لاءِ به هن اڃا رٿ نه ڪئي هئي ته ڪيڏي وڃي، يا ڇا ڪري- في الحال جيڪا ڳڻتي هيس ، سا اها ته لنڊن ۾ وڃي پهچان، ۽ پوءِ اتي پنهنجي گذارن جو ڪو بندوبست ڪريان. ڀنڀرڪي ۾ گاڏي به وڃي لنڊن پهتي. ”رالف“ ٽڪيٽ جي لاءِ پيسا کڻي تيار ٿي نڪتو هو، تنهن ڪري ٽڪيٽ واري هن کان آسانيءَ سان ٽڪيٽ جي بدران پيسا ورتا، جو چيائينس ته تنگ وقت ۾، پهچڻ ڪري ائين ويهي رهيس.

هو پيسي کان سواءِ، سڃاڻوءَ کانسواءِ، دوست کان سواءِ گهر کان سواءِ، ارادي کان سواءِ، لنڊن جي گهٽين ۾ پئي گهميو، پر اُميد کان سواءِ نه هو. انهيءَ عظيم شهر جا ماڻهو به انهيءَ مهل نڪتا هئا. ڪٿي مارڪيٽ جون گاڏيون ٿي مليس، ڪٿي ٻيا ڌنڌي وارا ماڻهو ٿي گڏيس. ماڻهن دڪان پئي کوليا. ماڻهن جون گاڏيون ڊوڙڻ لڳيون. رستن تي پيل برف ڪرچ ڪرچ ڪري ڀڄڻ لڳي. گهورڙيا هوڪا ڏيندا گهمندا وتيا. فقير باجا وڄائيندا پنندا وتيا. ”رالف“ ماٺ ڪيو، ڪنهن به رٿ يا ارادي  کانسواءِ گهٽين ۾ گهمندو وتيو.

روز روشن  اچي ٿيو. هن جي کيسي ۾ ڪي ٿورا شلنگ بچيل هئا. ٽڪيٽ جي پيسن ڏيڻ کانسواءِ به هي لڪي ٽپ ڏيئي هليو وڃي ٿي سگهيو، پر هن کي اهڙي ڪم جو خيال ئي ڪونه آيو. هو سڀ ڪم ۾ سچو ۽ سپتو رهڻ وارو هو. ساڍي اٺين بجي تائين هو سيءَ واءَ ۾ بکيو اڃو گهمندو وتيو. گهر جي خيال به دل تي بار ڪيس. ماءُ جي دلاسي ۽ دلبريءَ کان سواءِ ڪو خط لکي به نه ڇڏي آيو هو. هتان خط لکڻ مناسب نه ڄاتائين، ته متان ٽپال جي مهر سان گهر وارن کي سندس پتو معلوم ٿئي. ارادو ڪيائين ته ڪن ڏينهن کانپوءِ ماءُ ۽ ڀاءُ کي ڪنهن تجويز سان خط لکندس. تيتري ۾ هن خدا کي سوال ڪيو ته انهن کي همت ڏئي، ته سندس لاءِ بيحال ۽ غمگين نه ٿين.

بک ڏاڍي لڳيس، تنهن ڪري هو نانوائيءَ جي دوڪان تي ويو، ۽ هڪڙي پينيَ ڏيئي روٽي ورتائين ۽ چاءِ جي پيالي وٺي اها پي وقت گذاريائين في الحال ڳڻتي اها هيس ته جيسين ڪو پنهنجو بهتر بلو ڪري، تيسين کاڌي پيتي ۽ اجهي يا رهڻ جي جاءِ جي گهرج پوري ڪري. زور ڀريو، مضبوط ۽ پڙهيل ماڻهو، تنهن ڪري سجهيس ٿي ته آساني سان گذران جو بندوبست ڪري سگهندس. اگرچ دنيا جو گهڻو تجربو ۽ آزمودو ڪونه هوس؛ لنڊن شهر جو به واقف نه هو رڳو اهو اهو پاڙو ڏٺل هوس، جتي ”رگبيءَ جو اسڪول هو، ۽ جتان هو ايندو ويندو هو.

هڪڙي ماڻهن جي گاڏي اچي لنگهي، تنهن  جي پٺيان لڳي اٿي هليو ”ريجنٽ اسٽريٽ“ واري محلي ڏي لڙي، ته هي به اوڏي روانو ٿيو. اتي نوٽيس ڏسڻ ۽ دڪاندارن کان پڇڻ لڳو ته مزوريءَ تي ڪنهن ڇوڪر جي گهرج آهي يا نه. ”رالف“ سکر ماڻهوءَ جو پٽ ڏسڻ ۾ ٿي آيو، ۽ جيڪي ڪپڙا پيل هئس  تن مان به ائين معلوم پئي ٿيو، تنهن ڪري جنهن نوڪريءَ يا مزوريءَ جي ڳولا ۽ پڇا ٿي ڪيئان، سا سندس منهن تي ئي نٿي پيئي. گهڻن دوڪاندارن کي اهڙو شڪ به پيو ۽ ڄاتائون ٿي ته هي ڪٿان ڀڄي آيو آهي، جو گهڻو رهي نوڪري ڪري نه سگهندو، ۽ هفتي کن کان پوءِ هليو ويندو؛ تنهن ڪري انهن بيهارڻ جي نٿي ڪيس ۽ کانسواءِ ڪي به ڪين ٿي پڇيائون. جي کڻي ڪو پڇيس ها، ته ”رالف“ هڪڙو نه ٻيو ڪوڙ ٺاهي ٻڌائي سگهيس ها؛ پر هي اهڙو ڪوڙو ماڻهو نه هو. هو سچ تي ساهه ڏيڻ وارو هو: هو اهڙو ڇوڪر هو، جو جيڪڏهن اتفاق سان ڪوڙ کڻي ڳالهائي ها، ته سندس منهن ڏسندڙ کي هڪدم سندس ڪوڙ معلوم ٿي سگهي ها.

هڪڙي وڏي شاپ جي مالڪ، ”رالف“ جي پڇا ڪرڻ تي، هن سان مهربانيءَ جي گفتگو ڪرڻ لڳو. ٿورن ئي سوالن- جوابن کانپوءِ، هن کي هن جي سڄي حالت معلوم ٿي ويئي. ڪلهي تي هٿ رکي مهربانيءَ سان ، هيئن چيائنيس؛ ”جوان صاحب، مون کي سڀ حقيقت چٽي طرح معلوم ٿي آهي، ڪنهن سبب جي ڪري تون گهر کان نڪري ڀڳو آهين. هاڻي، منهنجي صلاح وٺ، ۽ وري موٽي ڳوٺ وڃ. آءٌ ڀانيان ٿو ته تو ”بائيبل“ پڙهي آهي: آءٌ تو کي هوءَ آيت ياد ڏياريان ٿو، جنهن ۾ آهي ته ”هو اٿيو، ۽ پنهنجي پيءُ ڏي ويو.“

جنهن هنڌ تنهنجو فرض توکي رکي ٿو، اتان ڀجي نڪرڻ مان ڪو به فائدو ڪونه ٿيندو- آءٌ توکي يقين ٿو ڏياريان.“

”رالف“ کي دل سان ڳالهه لڳي ته ”سر هينري آلربيءَ“ به اها ساڳي آيت هن ننڍڙي بائيبل ۾ نشان ڪري ڏني هيس؛ پر هن فقط غم ۽ نااميديءَ سان دوڪاندارن کي جواب ڏنو ته ”تڏهين اوهين مون کي آزمودي لاءِ به ڪو ڪم ڏيئي نٿا سگهو؟“

هن جواب ڏنو ته ”نه، ڇوڪرا، نٿو ڏيئي سگهان. باقي، هڪڙو ڪم تنهنجي لاءِ ڪندس. آءٌ تنهنجي گهر وارن ڏي لکي، تنهنجي موٽڻ جو رستو صاف ڪري سگهندس؛ جي ڪو پيسو گهربل هوندءِ، ته اهو به توکي خوشيءَ سان ڏيندس؛ جي پيءُ  جي ڪاغذ اچڻ تائين توکي ڪو اَجهو يا رهڻ جو هنڌ گهربو هوندو، ته اهو به آءٌ توکي ڏيندس- منهنجي صلاح اها اٿئي، وٺندين ته فائدو ٿيندءِ.“

”رالف“  فقط ڪنڌ ڌوڻيو، پر ڪڇيائين ڪي به ڪين، ايستائين گهر وري نه موٽڻ جو ارادو سندس دل ۾ قائم هو: گهر کان اهڙو پري ٿي ڀڳو، جهڙو کاري هيٺان ڪانءُ.

ڪم يا مشغوليءَ هٿ ڪرڻ جي لاءِ اهڙين اجاين ڪوششن ڪرڻ کان پوءِ، هو ڏاڍو ٿڪو ۽ گهڻي بک لڳيس. وقت ڏسڻ جي لاءِ واچ ڪڍي ڏسڻ ٿي گهريائين، ته اها نه ڏٺائين. دوڪانن ۾ رلندي، جهاتيون پائيندي ۽ بيهندي، ڪنهن ڳنڍيڇوڙ سندس واچ زنجيريءَ سميت تڳائي ورتي هئي. هڪڙي هنڌ ياد آيس ته سوڙهه ۾ ڪو ماڻهو سوڙهو اچي پيو هوس- پڪ ٿيس ته شايد انهيءَ واچ ڪڍي. ويچاري کي مفت اهو به نقصان سهڻو ٿيو!

هن نانوانيءَ کان ٿوري ماني وٺي کاڌي. اهو به خيال آيس ته منهنجا ڪپڙا صفا ۽ آبروءَ جهڙا ناهن. تنهنڪري شايد مون کي ڪو به ماڻهو ڪم يا نوڪري نٿو ڏئي. هن آسانيءَ سان، ڪجهه تر ڏيئي، پنهنجا ڪپڙا بدلائي ٻيا بهتر ورتا. هاڻي خاطري ٿيس ته هينئر سندس اسڪول جا سنگتي کڻي ملندس. ته به کيس سڃاڻي نه سگهندا. وري به نوڪريءَ يا مشغوليءَ جي ڳولا  ۾ پيو. شام ٿيڻ تائين هو رلي پني، ٿڪو ٽٽو، هڪڙي گتي واري مهمانخاني ۾ اچي ڪريو؛ انهيءَ ته رات اتي گذاري. اها جاءِ به غريباڻي ۽ گنديَ ٿي ڏٺي، سمجهيائين ٿي ته کاڌو اتي سستو ملندو، ۽ رات رهڻ لاءِ ڀاڙو به ٿورو ڏيڻو پوندو. اڌ رات تائين ته ماڻهن جي گوڙ ۽ شرابخوريءَ ۽ نشي جي راڳن ۽ معاملن ڪري ننڊ ئي نه آيس. ڏکي سکي باقي رات گذاريائين. ۽ صبح جو رات جي کاڌي ۽ هنڌ جو ڪرايو ڏيئي ٻاهر نڪتو. ڏٺائين ته باقي وٽس ڪي ٿورا شلنگ وڃي بچيا آهن.

انهيءَ ٻئي ڏينهن به جو ساڳيو حال ٿيو. رولو ڇوڪرو، جنهن کي نه گهر گهاٽ، نه مٽ مائٽ، تنهن کي ڪير ٿو پاڻ وٽ رکي؟ جي ڪٿي ڪنهن ڪني ڪم ڪرڻ لاءِ اجورو ٿي آڇيائونس، ته اهو ايترو ٿورو هو، جو تمام هلڪي سادي کاڌي ۽ بستري جي لاءِ پورو ڪين ٿي ٿيس؛ ٻيو وري ڏسڻ ۾ مهانڊي ڪري سکر ماڻهو ٿي ڏٺو، تنهنڪري به ماڻهن کي شڪ ٿي گذريو، ۽ انهيءَ سکڻو جواب ڏئي هلايو ڇڏيس.

هڪڙي ماڻهوءَ سوچڱي آڇ ڪيس، پر اها ڪپت جهڙي هئي، هڪڙو ماڻهو ڪنهن گهٽيءَ جو ڪنڊ وٽ گڏيس. اهو ڪپڙين گندئين ٺهيل ٿي ڏٺو ۽ هن کي بيخياليءَ سان هيڏي هوڏي نهاريندو ڏسي، هو ويجهو آيس ۽ چيا ئينس ته” ڇوڪرا بکايل ٿو ڏسجين؟“

”رالف“ ورندي ڏني ته ”ٿورو گهڻو.“

هن چيو ته ”شايد ڪم جي ڳولا ۾ آهين ؟“

”رالف“ جواب ڏنو ته” هائو؛ جي تون مون کي ڪو ڪم ڪرڻ لاءِ چوندين، ته آءٌ تنهنجو گهڻو شڪر گذار ٿيندس، ۽ تون منهنجي  محنت ۽ چالاڪي ڏسي خوش ٿيندين.“

هن ماڻهوءَ منجهس نهاري نهاري ، پڇيو ته ”فقط ڪنهن خاص ڪم جي ڪرڻ جي خواهش اٿئي ڇا ؟“

”رالف“، ماٺ ڪري، ناڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو.

هن چيو ته ”تڏهن مون سان منهنجيءَ جاءِ تي هل، ته اتي تو کي ڪم لايان.“ ائين چئي، هو اٿي هليو. ”رالف“ پٺيان لڳس؛ پر دل ۾ گهڻائي شڪ شبها ۽ بد گمان پئي آيس؛ ڇا لاءِ جو جيتوڻيڪ انهيءَ ماڻهو جي پوشاڪ چڱي هئي، ته به سندس شڪل اعتبار ۽ پسنديءَ جهڙي نه هئي. سگهوئي هو ماڻهو هڪڙي گوشائتي گهٽيءَ ۾ آيو ۽ هڪڙي گهر جو درڪنجيءَ سان پٽي اندر هليو. ڏاڪڻ تان چڙهي هڪڙي ڪوٺيءَ ۾ گهڙيو، جتان پراڻي تماڪ جي بانس پئي آئي، اتي هڪڙي ڪٻٽ مان برانڊيءَ جي ٻاٽلي تماڪ ڇڪڻ جون ڪي نليون، ڪجهه تماڪ ۽ ٿورا بسڪيٽ کاڌائين،۽ ”رالف“ کي ڏنائين.”رالف“ بسڪيٽ ڏسي خوش ٿيو، ۽ کاڌائين جو بک لڳي هيس؛ مگر تماڪ ۽ شراب وٺڻ کان هن انڪار ڪيو، تڏهن هن وري به منجهس ڌيان سان نهاري چيو ته”آءٌ ڀانيان ٿو ته تون منهنجي ڪم جونه ٿيندين. تون ڪم جي نسبت ۾ خيال ڪرڻ وارو آهين. تو کي ڪو خاص ڪم گهرجي، سڀ ڪو يا جيڪو آيو سو.“

تڏهن ”رالف“ پچيو ته ”ڪهڙي قسم جو مون کي ڪم آهي؟“

هن چيو ته ”آءُ ڏيکاريائين“

در جي پٺيان هڪڙو وڏو ڪوٽ ٽنگيو پيو هو؛ هو ماڻهو انهيءَ جي چوڌاري ٻه ٽي ڀيرا ڦريو، ۽ هرهڪ ڀيري، هيڏي هوڏي نهاري، هلندي ڪوٽ، ڪوٽ جي کيسي ۾ هٿ وجهي پهرين هڪڙو رومال ڪڍيائين پوءِ وري ٻئي ڀيري دستانا ڪڍيائين. ٽئين ڀيري هڪ پاڪيٽ بڪ ڪڍيائين، پوءِ چوڻ لڳو ته اجهو اهو ڪم آهي، بس!“

”رالف“ چڙ مان چيو ته ”آءٌ چور يا ڳنڍيڇوڙ ٿيڻ نٿو گهران، بدمعاش، آءٌ توسان ڪو به واسطو نه رکندس! مون کي ٻڌاءِ ته هنن بسڪيٽن جو ڪيترو ٿيو، ته اهي پيسا ڏيئي هليو وڃان.“

هن ماڻهوءَ  ٽهڪ ڏيئي کلي چيو ته ”بابا، مون اڳي ئي سهي ڪيو هو ته تون منهنجي ڪم جو ناهين. هاڻي ڀلي آئين. بسڪيٽن جي حرڪت ڪانهي. باقي جي اهڙا خيال ڪيئه، ته جلد بک مرندين، ڪو به ڪم ڪونه ملندءِ!“

”رالف“ چيو ته ”مون کي تنهنجا بسڪيٽ مفت کائڻا نه آهن؛ جيڪو پيسو مون وٽ موجود آهي، سو توکي ڏيان ٿو؛ پوءِ وڃي پوليس کي رپورٽ ٿو ڪريان ته تون چور آهين!“

هن ماڻهوءَ اڳي کان به وڌيڪ ٽهڪ ڏيئي چيو ته ”پوليس کي اڳي ئي منهنجي خبر آهي! هاڻ، نينگر؛ مون کي  ڪاوڙاءِ نه، ماٺ ڪري هليو وڃ.“

”رالف“ ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي، نڪري اٿي هليو. ڏٺائين ته ٻيلي هن شهر ۾ رلڻ ڪري مون کي ڪيترو نه خوف ۽ خطرو درپيش آهي؛ پر پنهنجو اصلوڪو ارادو نٿي ڇڏڻ گهريائين تهذيبي بک مرندس ته به گناهه جهڙو ڪم نه ڪندس.

*   *   *   *

آخر شام تائين انهيءَ ڏينهن به رلي، جهوٽو ڏيئي ٿڪجي پيو. جڏڌهن اونداهي ٿي، تڏهن کيسي ۾ ٻن پيسن کان وڌيڪ ڪي نه ڏٺائين- انهيءَ سان هن کي رات گذارڻي پيئي. ٻڌو هئائين ته ڪنهن هنڌ ٻه پينس ڏيئي رات جو اجهو وٺي ٿو سگهجي؛ پر اهو هنڌ ڪٿي هو ۽ ڪيئن اتي وڃجي تنهن جي هن کي خبر ڪانه هئي، سجهيس ٿي ته اهڙا سکڻا هنڌ شهر جي هيٺئين ڀاڱي ۾ هوندا. جتي غريب ۽ خسيس ماڻهو رهن ٿا؛ تنهن ڪري وڏيون گهٽيون  ڇڏي، نڪري ”سينٽ جائلس“ واري ڀاڱي ۾ آيو. اتي گهڻيئي حيرت ۽ نفرت جهڙا نظارا منهن پيس ۽ خراب ٻوليون ٻڌڻ ۾ آيس. پر هو انهن کان به نه ڊڄِي هڪڙيءَ گهٽيءَ ۾ آيو، جتي هڪڙي جهاڙو وال کان ٻڌائين ته سستو رهڻ جو هنڌ ملي سگهندو. انهيءَ گهٽيءَ ۾ روشنائي به پوري نه هئي. هٽن تي پورو سوجهرو نه هو. رڳو گتي واري جي دوڪان تي سو ججهي روشنائي هئي. ۽ چهچٽو لڳو  پيو هو. هن کي اتي سوين ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون رلنديون ڏسڻ ۾ آيون، جن کي پڻ گهر ڪونه ٿي ڏٺو، ۽ انهن پاڻ ۾ گارگند پئي ڪيو؛ ڪٿي زالون ڏسڻ ۾ آيس، جن پئي رنو يا پٽيو، يا نامناسب بڪ شڪ ڪئيءَ جن ڪوٺين مان وري بيمارن جون دانهون پئي آيون: مطلب ته اهو هنڌ اهڙو هو جو گويا اها هڪڙي دوزخ جي نشاني هئي.

”رالف“ اتان ڪنهن اهنج ايذا ڌارن لنگهي ويو، پر ڌيان سان ڏٺس. گهڻن ئي. هو پنهنجا فرض ڏکيائينءَ جي ڪري ڇڏي آيو هو، ۽ ٻين جي سک ۽ آرام جو خيال ڪونه ڪيو هئائين؛ رڳو پنهنجيءَ مرضيءَ جي پٺيان ٻاهر ڪاهي پيو هو، انهيءَ ڪري اچي اهڙي خوف واري هنڌ نڪتو هو.

ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com