سيڪشن؛  ٻاراڻو ادب

ڪتاب: ٽي گهر

 

صفحو : 5

باب سترهون

 

 

تمام دير سان اک پٽڻ

 

         ”ڪلارڪ“ کي ٿوريءَ جانچ ڪرڻ سان معلوم ٿيو ته پيءُ ۽ پٽ اڃا پاڻ ۾ نه پرتا آهن. ”گلينلن“ نماڻو، صبر وارو ۽ فرمانبردار ٿيو پئي گذاريو، پر ”لارڊ ڊانرل“ اڳي وانگي ڪاوڙيل ٿي رهيو. ڪن ڏيڻ ۽ جهاتين وجهڻ سان ”لارڪ“ کي خاطري ٿي ته ”اول“ کي پٽ جي ڪارگذاريءَ جي ڪا به خبر ڪانهي ۽ نه هن انهيءَ کي ڪي پيسا ڏنا آهن؛ انهيءَ ڪري هو حرامخور ڏاڍو خوش ٿيو. چيڪ سندس هٿ ۾ هو، ۽ رسيدون يا پيسن جون قبوليتون به وٽس هيون. انهن مان هن پنهنجي فائدي ڪڍڻ جي رٿ ڪئي، ٻيو وري ”گلينلن“ جي ڏوهه جي ثابتي به هٿ ۾ هيس. تنهن مان به پيسي ڪمائڻ ۽ سندس اڳوڻين بدمعاشين جي ظاهر ٿيڻ تي پنهنجي جند ڇڏائڻ جو پڪو ارادو ڪيائين.

پٽ جو صبر ۽ مونجهارو ڏسي؛ ”لارڊ ڊانرل“ کي مٿس رحم اچڻ لڳو. اڳي مجلسن ۾ يا مهمانن جي اڳيان هو ڏاڍي خوش طبعي ۽ چالاڪي ڏيکاريندو هو، جنهن ڪري سڀ ماڻهو خوش ٿيندا هئا ۽ هن جي تعريف ڪندا هئا ۽ پاڻ انهيءَ تي فخر ڪندو هو، پر هاڻ اهو ساڳيو ڇوڪر گهوماٽيو وتيو ۽ سدائين ملول ڏسڻ ۾ پئي آيو. جڏهن ڪو مهمان ايندو هو ۽ گڏ ماني کائيندو هو، تڏهن هي ماٺ ڪري کائي هليو ويندو هو ۽ گهڻي گفتگو ڪانه ڪندو هو.

هڪڙي ڀيري جڏهن ”سر هينري آلربي“ آيو هو، تڏهن به ”گلينلن“ عادت جي برخلاف، انهن سان خوش ٿي گهڻو نه ڳالهايو، انهي جو پڻس کي عجب لڳو، موڪلائڻ مهل، ”سر هينريءَ“ آهستي ”لارڊ ڊانرل“ کي چيو ته ”لارڊ ڊانرل، ويچاري هاؤرڊ سان زياده سختي نه ڪريو. هميشه وانگي شڪار ڪرڻ ۽ دل وندرائڻ ڏيندا وڃوس. ڀانئجي ٿو ته اوهان جي رنج ۽ ناراضپي جي ڪري هن کي گهڻو ارمان رهي ٿو، ڊپ آهي ته مٿان نااميديءَ جي ڪري کيس ڪو نقصان رسي!“

”لارڊ ڊانرل“ جواب ڏنو ته ”هي ڇوڪرا ڏاڍا آزاد جهڙا آهن. آءٌ هنن تي نهايت گهڻو مهربان هوس، پر منهنجو ڇوڪر انهيءَ ڪري کرجي پيو آهي، ۽ بي آبرو ٿي اسڪول مان نڪتو آهي. اسان جو پاڙيسري، ڊگلس پنهنجي پٽ سان تمام سخت هلندو آهي، ته به هو پيو رڙيون ڪندو آهي ته رالف سست ۽ نافرمان آهي. سر هينري، آءٌ تو جهڙو نصيب وارو هجان ته چڱو!“

”سر هينريءَ“ چيو ته ”نااميد نه ٿيو، گلينلن ٿورو کريو هوندو، مگر هن جي اصل چال تمام چڱي آهي. رالف ڊگلس جهڙو چڱي سڀاءُ وارو ڇوڪر نه ڪو ڳوليو لڀندو! مارٽن هن کي ڀاءُ وانگي گهرندو آهي.“

”ارل“ پڇيو ته ”هاڻ تڏهن اوهين مون کي انهيءَ بابت ڪهڙي صلاح ٿا ڏيو؟“

هن جواب ڏنو ته ”آءُ ڀانيان ٿو ته هن کي کڻي معافي ڏيو ۽ وري مٿس مهربان ٿيو؛ رڳو اڳتي جي سنڀال رکو- نه حد کان وڌيڪ مهرباني ڏيکاريوس، نه وڌيڪ سختي ڪريوس. معاف ڪجو، جو قديم دوست ٿي، حجت ڪري، اوهان کي صفا ۽ سچي ڳالهه ٿو چوان.“

”لارڊ ڊانرل“ هن جي شڪر گذاري ڪئي ۽ اڳتي ان جي صلاح تي هليو. جڏهن وري صفي ۾ آيو، تڏهن پٽ کي غمگينيءَ ۽ ملولائيءَ جي حالت ۾ ويٺل ڏٺائين. هٿ ۾ تصويرن جو ڪتاب هوس، سو ويٺي بيخياليءَ سان ڏٺائين. هي به هڪڙو ڪتاب کڻي ويهي رهيو؛ مگر پڙهڻ جي بدران، آڏيءَ اک سان پٽ کي نهاريائين.

هن جي شڪل شباهت ۽ حشمت ۽ کڙائي ڏسي ۽ هن جي پوئين ڏينهن جي غريبي ۽ نماڻائي ۽ فرمانبرداري ڏسي، هن جي دل ۾ وري پدري محبت ۽ طبيعتي جوش پيدا ٿيو. هڪدم اٿيو ۽ مهربانيءَ سان پٽ جي مٿي تي وڃي هٿ رکيائين. اتفاق سان هن انهيءَ مهل پنهنجيءَ فوتي ماءُ جي تصوير ويٺي ڏٺي، جنهن جي هن کي يادگيري مس هئي. پيءُ جي هٿ لڳڻ ڪري، هن ڇرڪ ڀري منهن مٿي ڪيو، ۽ پنهنجن ڀريلن اکين سان پيءُ جي منهن ڏي نهارڻ لڳو.

پهرين ته ڇوڪر جي اندر ۾ ڏڪاءُ پئجي ويو- ڀانيائين ته شايد بابي کي منهنجي گناهه جي خبر پيئي آهي- پر هن جي ڊول ۽ ڳالهائڻ مان اهو گمان لهي ويس. جڏهن پڻس هٿ کان وٺي هلي پاڻ سان گڏ  ڪوچ تي وهاريس تڏهن هن کي البت دلجاءِ ٿي. گهڻي وقت کان پوءِ پيءَ  جي ههڙي محبت ڏٺي هئائين؛ ۽ سجهيس ٿي ته جيڪو بڇڙو ڪم ڪيو اٿم انهيءَ جي ڪري هن مهربانيءَ ۽ محبت جو لائق ناهيان، ۽ انهيءَ جي بابي کي خبر پوي ته جيڪر هيترو پيار نه ڏيکاري. اهي سڀ خيال، هڪ لحظي ۾ هن جي دل مان گذرڻ لڳا. انهن جي اثرن کان هو، ڪوچ وٽ گوڏا کوڙي، پيءَ جي پيرن وٽ ويهي روئڻ لڳو.

”ارل“ حيرت ۽ پيار مان چيو ته ”هاؤرڊ، پيارا ڇوڪر، پاڻ کي به ڏک ۾ نه وجھه، ۽ مون کي به ڏک نه ڏي. جي مون کي خبر پوي ها ته اسڪول مان نڪرڻ ڪري توکي ههڙو سخت ارمان ٿيو آهي. ته آءٌ جيڪر توتي ايترو نه ڪاوڙجان ها، پر جڏهن تون پهرين گهر آيو هئين، تڏهن توکي انهيءَ جو ڪو به خيال ڪونه ٿي ڏٺو، تنهن ڪري مون کي چڙ لڳي، ۽ تنهنجي آئيندي جي ڳڻتي به ٿي. هاڻ منهنجا پيارا ڇوڪرا، آءٌ توکي معاف ڪريان ٿو، جيسين وري آءٌ تنهنجيءَ تعليم جو ٻيو بندوبست ڪريان، تيسين تون هتي ائين رهه، جيئن هميشه اڳي موڪل جي ڏينهن ۾ رهندو هئين.“

پڻس گهڻوئي ساڻس مهربانيءَ ۽ محبت سان ڳالهايو، پر ”لارڊ گلينلن“ سڏڪن کان بس نه ڪئي. نيٺ هن روئيندي چيو ته ”بابا، آءٌ اوهان جي مهربانيءَ جو لائق ناهيان: آءٌ  چڱو ڇوڪر هجان ها ته بهتر هو، پر هينئر اهو وقت گذري ويو.“ پوءِ پنهنجا هٿ مروٽي روئي چيائين ته ”آءٌ ناس ٿي ويس، آءٌ چٽ ٿي ويس!“

پڻس چيو ته ”نه، نه، پيارا هاؤرڊ، تنهنجي حياتيءَ، تنهنجي حياتي برابر خراب طرح شروع ٿي آهي، پر تون اڃا ننڍو آهين، ۽ آزمودي سان سکي سگهين ٿو.“

ڇوڪر ڏاڍي ڏکاري آواز سان چيو ته ”بابا، اوهان کي ساريءَ حقيقت جي خبر ڪانهي. ڪاش، جي منهنجي ماءُ جيئري هجي ها ته شايد آءٌ اوهان کي ٻڌائي سگهان ها!“

”لارڊ ڊانرل“، ٿورو صبر ڪري، چيو ته ”هاؤرڊ، شايد ساريءَ حقيقت جي مون کي خبر ڪانهي. حرڪت ڪانهي: جيڪي ٿي گذريو آهي، تنهن بابت  آءٌ توکي زور ڪونه ڪندس؛ باقي، جيڪا توکي پئسي پنجڙ جي مشڪلات آهي، سا هينئر، تنهنجي پڇتائڻ ڪري، آءٌ لاهي ڇڏيندس. هاؤرڊ، هاڻي توڙي آئيندي، توکي مون کان ڪابه ڳالهه لڪائڻ نه گهرجي. آخر توکي سمجهڻ گهرجي ته تنهنجو پيءُ تنهنجو خير خواه ۽ سچو دوست آهي. هاڻي مون کي سڀ ڳالهه ٻڌاءِ.“

پر، ڪيئن هن کي سڀ ڳالهه ٻڌائي؟ ناشدني هئي. اسڪول مان هو تازو آيو هو، تڏهن جي پيءُ جي اهڙي مهرباني ڏسي ها، ته شايد سڀ ڳالهه ان کي ڪري ٻڌائي ها، پر هاڻ ته وڏو بڇڙو ڪم ڪري ويٺو هو، سو ڪيئن پيءُ کي ٻڌائي ها!پنهنجي بيعقلي، انڌائي، ۽ چريائي هينئر ان کي زياده خراب، خوفناڪ ڏسڻ ۾ آئي ۽ تمام دير ۾ اک پٽجڻ لڳس.

جڏهن خدا تعالى ڪنهن گناهه جي سزا گناهه جي رستي ڏيندو آهي. تڏهن تمام دير سان اُنهيءَ ماڻهو جي اک پٽيندو آهي ۽ تمام دير سان انهيءَ کي پشيمان ۽ پڇتائيندڙ ڪندو آهي. حضرت آدم ۽ بيبيءَ حوا جو حال هو ۽ انهن کان پوءِ به دنيا ۾ ائين ٿيندو اچي . انهيءَ هوندي به، ڏوهه قبول ڪرڻ ۽ توبه ڪرڻ ۽ پڇتائڻ ڪري دل تان گهڻو بار هلڪو ٿئي ٿو.

ان موجب، ”لارڊ گلينلن“ به، نماڻائيءَ سان سڏڪا ڀري، پيءُ کي ٻي ساري حقيقت ٻڌائي- اهڙي جهڙي جيڪر ”ڪلارڪ“ ٻڌائي ها، پر پڇاڙيءَ واري ڏوهه بابت هو ٻڙڪ به ٻاهر ڪڍي نه سگهيو! ائين ڪرڻ جي هن کي جرات ۽ همت ئي نه ٿي. اهائي هن جي لاءِ ٺهرايل ۽ ترسايل سزا  هئي.

”لارڊ ڊانرل“، صبر ڪري، ڏاڍي خيال سان هن جي ڳالهه ويٺي ٻڌي.

گهڻي ئي قصورن جو اهو قصو هو. ٻڌندي، هن کي دل ۾ پئي آيو ته جيڪڏهن  ڪچيءَ ۾ هن کي ڪا چڱي مذهبي تعليم ملي ها، يا ڪي خدا ترسيءَ ۽ نيڪيءَ جا اصول هن جي دل تي ڄمائي ها، ته جيڪر هو انهن قصورن کان بچي وڃي ها. سندس فهمائش ڪنهن ڪم جي نه هئي. هن جوانيءَ ۾ شايد اهڙا ڪم پاڻ ڪيا هئا- اهي سجهيس ٿي، ۽ انهن جي ڪري شرمندو به پوءِ ٿيو، تنهن کانسواءِ هو رحمدل ۽ نرم طبيعت جو ماڻهو هو. انهيءَ ڪري. هن پٽ جا اهي سڀ قصور معاف ڪيا، جو ڄاتائين ٿي ته اهي قصور موروثي ئي هئا ۽ پيءُ کان پٽ کي ورثي ۾ ملڻ جا هئا ۽ اها جهڙي پيءُ جي لاءِ سزا هئي تهڙي پٽ جي لاءِ!

”ارل“ پٽ کي چوڻ لڳو ته ”هاؤرڊ، اهي سڀ ڳالهيون ٻڌي مون کي گهڻو ڏک ٿيو آهي، اُميد آهي ته اڳتي تون سنڀاليندين، ۽ ڏاهو ٿيندين. تو چڱي چال نه پئي رکي آهي، خطا ۽ غلط ڪم پئي ڪيو اٿئي؛ پر آءٌ توکي معافي ٿو ڏيان، دليؤن ۽ جانيؤن معافي ٿو ڏيان- اڳتي حياتيءَ جي دفتر جو نئون ورق ورائجئين!“

ائين چئي، ”لارڊ ڊانرل“، نئڙي، پٽ کي چمي ڏني، ۽ پوءِ هليو ويو” گلينلن“ به پوءِ سگهوئي هلڪيءَ ۽ خوش دل سان نڪتو. ڏاڪڻ تان چڙهندي، صفي جي آسپاس اونداهيءَ ۾ هڪڙي ماڻهو لنگهندو ڏٺائين. اُهو هو شيطان ”ڪلارڪ“ انهيءَ کي ڏسڻ شرط، ”گلينلن“ جي هانؤ ۾ ڌڪاءُ پيو. هو پنهنجيءَ جاءِ ۾ وڃي سمهي پيو، ۽ سڄي رات خوف جهڙا خواب پئي ڏنائين.

 

*   *   *   *   *

 

ٻئي ڏينهن صبح جو ”ڪلارڪ“ سندس جاءِ ۾ آيو، چيڪ ڪڍي ڏيکاري چوڻ لڳس ته ”سائين“ هي چيڪ ته کوٽو آهي، سچو ناهي!“

”گلينلن“ چيو ته ڇا ٿو چوين؟ صبر ڪر!“

هن وراندي ڏني ته ”آءٌ چوان ٿو ته لارڊ ڊانرل هيءُ نه ڪڍيو آهي ۽ نه اوهان کي ڏنو آهي!“

”لارڊ گلينلن“ ڳيتو ڏيئي چيو ته ”تڏهن ڀلا ٻئي ڪنهن ڏنو هوندو؟“

”ڪلارڪ“ ته جواب ڪونه ڏنو: ميز تان قدم کڻي، ڪوڙا سوڙا اکر لکي، هن کي اشارو ڏنائين ته تو پاڻ هي لکيو آهي ۽ ان تي ڪوڙي صحيح ڪئي آهي. ائين ڪندي هن پنهنجي ڊپ لڪائڻ لاءِ پٺي کڻي ڏنائين، ۽ هٻڪئي چيائين ته ”برابر آهي، برابر- وڃي آلٽن ۾ مٽائي ڏس، ته هلي ٿو يا نه!“

هن چيو ته ”حاضر، سائين،- پر پهرين لارڊ ڊانرل کي ٿو ڏيکارين، پوءِ پرتي کڻي ويندس!“ ائين چئي اٿي هليو در تائين مس پهتو، ته گلينلن“ تڪڙ مان چيس ته ”بيهه بيهه“ تنهن تي ”ڪلارڪ“ آهستي موٽي آيو. ”گلينلن“ جو مٿو ڦرڻ لڳو، دل ڪچي ٿيڻ لڳي، ۽ هڪڙيءَ ڪرسيءَ تي ڪري، منهن هٿن ۾ لڪائي ويهي رهيو.

”ڪلارڪ“ ڪي خوشامد مان ۽ ڪي دڙڪي مان چيس ته ”هاڻ سائين، ڏسو: آءٌ اوهان سان بلڪل سختي ۽ بي حيائي ڪرڻ نٿو گهران، ٻئي ڀيري جڏهن اوهين آلٽن ڏي هلو، تڏهن مون کي پاڻ سان وٺيو هلجو- سڀاڻي هلو ته سڀاڻي، يا جڏهن وڻيو- تيتري ۾ اوهان جون رسيدون ۽ قبوليتون اوهان کي موٽائي نٿو ڏيان، قرض خواهه اوستائين صبر ڪري سگهندا، پيسن بابت آءٌ وري اهڙو جلد اوهانکي تڪليف ڪانه ڏيندس، ۽ تنگ طلبي ڪانه ڪندس. پر جي اوهين ڀانيو ته هن ڪم جي ڪا اپٽار ڪانه ٿئي، ته مون کي ٽن هفتن جي اندر هڪ سؤ پائونڊ انعام  ملڻ گهرجي. پوءِ آءٌ آسٽريليا ڏي هليو ويندس، ۽ اوهان جي جند ڇٽي پوندي. جتان هي چيڪ آيو آهي، اتان ٻيا به اچي سگهن ٿا. اهو ليکو ليکائتو آهي ۽ واجبي به آهي. ههڙي ڳجهه لڪائڻ جو انعام ته اڃا ٿيو ؟“

”گلينلن“ ته ساڳئي هال ۾ ڪرسيءَ تي منهن لڪايو ويٺو هو تڏهن هن بدمعاش وري چيو ته ”تڏهن چڱو، سائين، آءٌ هي چيڪ کڻي سڌو ارل ڏي ٿو وڃان- انهيءَ کان مون کي چڱو انعام ملي سگهندو. رڳو مون ٿي چيو ته هي ڳالهه لڪي پيئي هجي ها، ته چڱو پر جي اوهان جي مرضي ناهي ته خير، آءٌ وڃان ٿو.“

”لارڊ گلينلن“ وري به اشارو ڏيئي  چيس ته ”بيهه: تون بائيبل تي قسم کڻندين ته  جي اهي پيسا توکي ملندا، ته تون  مون کي ايذاءُ نه پهچائيندين ۽ نه ستائيندين؟“

”ڪلارڪ“ انهيءَ دم پاسي واري کليل ڪٻٽ تان بائيبل کڻي قسم کنيو؛ ۽ پوءِ هليو ويو.

”گلينلن“، اڪيلو ٿي ، اچي فڪرات ۾ پيو، اڳيون پيون مصيبتون ۽ خانه خرابيون ياد ڪري، افسوس ۽ ارمان ڪرڻ لڳو. انهيءَ ڳڻتي ۾ پيو ته هاڻ ڪنهن کي پنهنجي اندر جو حال ڏيان. ۽ ڪنهن کان مدد ۽ صلاح وٺان.“ ”مارٽن آلربيءَ کي به اهڙي ڳالهه ٻڌائڻ تي دل نٿي چيس، جو سمجهيس ٿي ته هو راستباز ۽ صاف دل ماڻهو آهي ۽ صلاح ضرور اها ڏيندو ته ڪي به ٿي پوي ته به هڪدم وڃي پيءُ وٽ ڏوهه قبول ڪر، ۽ معافي گهر، باقي هو ”رالف ڊگلس“ جنهن ۾ دل هجيس ٿي، انهيءَ تي البت ڏڍ زياده ٿيس. ارادو ڪيائين ته انهيءَ کي وڃي ڳولي هٿ ڪندس، ۽ ان کان صلاح پڇندس. انهيءَ وٽ پنهنجي ڏوهه  قبول ڪرڻ سان دل جو بار لاهڻ هن کي پسند هو. جي انهيءَ ڪري هن کي هن ڏي ڪا نفرت يا ڌڪار پيدا ٿئي، ته به گهڻو فڪر ڪونه هوس. اهو ٺهراءَ ڪري، ”گلينلن“ ڪي ڏينهن هميشه وانگي ظاهريءَ خوشيءَ ۾ گذارڻ لڳو، ۽ شڪار ۽ راند ۽ ٻين تماشن ۾ مشغول رهيو. منهن اگرچ خوش ڏسڻ ۾ ٿي آيس، ته به دل ۾ ڏاڍو درد هوس. جيترو ٿي سگهي ٿي، پيءُ کي پنهنجي فرمانبرداريءَ ۽ ٻيءَ هلت سان خوش رکندو آيو.

 

باب ارڙهون

 

بلڪل منع

 

”رالف“ ڊانرل ڪنسل“ کان ميل کن پنڌ تي رهندو هو. ۽ موڪل جي ڏينهن ۾ گهر آيو هو. سگهو ئي آلربيءَ واري باغ ۾، پنهنجي ڀاءُ ”ڪرسٽيءَ سان گهمندي، هو ”لارڊ گلينلن،“ کي گڏيو. ”رالف“ کي پيءُ لاچار ٿي موڪل ڏني هئي ته ”مارٽن“ جيڪو خانگي ناٽڪ رٿيو هو، تنهن ۾ شامل ٿئي. انهيءَ جي سماءُ تي هو انهيءَ ڏينهن اتي آيو هو. ”گلينلن“ جو منهن پئجي ويس؛ تنهن سان لاچار هن کي سلام عليڪي ڪرڻي پيئي.

پڻس جو حڪم ياد هوس ته ”گلينلن“ سان نه گڏ وڃجيئن، پر هيءُ اوچتو ملي ويس؛ ٻيو ته اها منع کيس هئي، پر ڀاڻس ”ڪرسٽيءَ“ کي ته  ڪانه هئي. ”گلينلن“ ته اڳي ئي ”رالف“ سان گڏجڻ  ۽ صلاح ڪرڻ جو وجهه پئي ڳوليو. سو هن سان ويهي گهڻي تائين ڳالهيون ڪرڻ لڳو. ”رالف“ گهڻو نٽايو، پر هن ڇڏيس ڪين. وري گڏجڻ لاءِ هن رٿون ڪيون، سي به هن نه مڃيون؛ عذر ڏيئي ڇڏيائينس ۽ ائين ڪونه ٻڌايائنس ته مون کي توسان گڏجڻ جي منع ٿيل آهي. آخر گلينلن؛ ڏاڍي پيار ۽ شوق مان هن کان موڪلائي هليو ويو.

* * * * *

ٻئي ڏينهن صبح جو، ناشتي مهل، ڇوڪرن ويٺي پنهنجي ماءُ سان گذريءَ شام جو احوال ڏنو، ۽ خانگي ناٽڪ جي بندوبست ۽ تماشي جو ذڪر ڪيو. مسٽر ”ڊگلس“ ويٺي اخبار پڙهي، هنن جي ڳالهائڻ ڏي ڌيان ڪونه هوس. اوچتو ”ڪرسٽيءَ ”لارڊ گلينلن“ جو نالو ورتو، ۽ چيائين ته اهو به انهيءَ ناٽڪ ۾ شامل ٿيڻو آهي ۽ انهيءَ جي چالاڪيءَ ۽ هوشياري ڪري ناٽڪ تمام چڱو بيهندو.

هن جو نالو ۽ ذڪر ٻڌي مسٽر ”ڊگلس“ اخبار تان مٿو مٿي ڪري پڇيو ته ”اهو ڇوڪر به رات اتي هو ڪيئن؟“

”ڪرسٽيءَ“  جواب ڏنو ته لارڊ گلينلن؟ هائو، بابا اهو به اتي هو، تنهن تي مسٽر” ڊگلس“ گهنڊ وجهي،” رالف“ کان پڇيو ته ”پوءِ، ”رالف“ تو انهيءَ سان ڳالهايو؟“ 

هن ورندي ڏني ته ”بابا، جيترو ٿي سگهيو، اوترو نه ڳالهايم،“

مسٽر ”ڊگلس“ خفي مان چيو  ته ”رالف“ ڪڏهن تون اها اڻپورن جوابن ڏيڻ جي بڇڙي عادت ڇڏيندين؟ آءٌ رڳو تو کان ايترو ٿو پڇان ته تون اڻپورن جوابن ڏيڻ جي بڇڙي عادت ڇڏيندين؟ آءٌ رڳو تو کان ايترو ٿو پڇان ته تو کان  ايترو ٿو پڇان ته تو هن سان ڳالهايو يا نه؟“

هن چيو ته ”هائو، بابا؛ پر....“

مسٽر ”ڊگلس“ تڪڙ مان چيو ته ”بس ڪر؛ مون کي ’پر‘ ڪانه گهرجي پهرين هن تو سان ڳالهايو ڇا؟“

هن چيو ته ”هائو، بابا؛ پر...“

پڻس وري پڇيو ته ”تو رڳو جواب ڏنس يا ڪي وڌيڪ به ڳالهايئه“

”رالف“ چيو ته نه، رڳو ’هائو‘- فقط هيترو....“

مسٽر ڊگلس“ ڪاوڙ مان چيو ته ”نه،هائو، فقط- اهو آهي سنئون سپاهتو جواب؟“

”رالف“ چيو ته ”بابا“ مون رڳو ويٺي ٻڌو.

مسٽر ”ڊگلس“ چيو ته تڏهن ٻڌ: آءٌ توکي صفا منع ٿو ڪريان ته لارڊ گلينلن سان ڪنهن به حالت ۾، ڪهڙي به عذر تي ڪجهه به نه ڳالهاءِ- اهو حڪم ته چٽو آهي يا نه!“

اتي مسٽر ”ڊگلس“ پٽ جو طرف وٺي چيو ته ”پيارا، ايتريءَ سخت منع جو ته ضرور نٿو ڏسجي.“

مسٽر ”ڊگلس“ کي به اها ڳالهه واجبي نظر آئي، مگر حڪم بدلائڻ نه گهريائين؛ چيائين ته ”برابر، مگر آءٌ ڄاڻي واڻي رالف جي فرمانبرداريءَ جي آزمائش وٺڻ لاءِ اهڙي منع ٿو ڪريان.“ ائين چئي. پوءِ وري اخبار کڻي ويهي پڙهڻ لڳو.

”رالف“ ڀاءُ کي چيو ته تڏهن پاڻ ٻنهي کي اهو خانگي ناٽڪ ڇڏڻو ٿيندو. شامل ٿبو، ته پاڻ ۾ ڳالهائڻو ڪين ٿيندو؟“

مسٽر ”ڊگلس“ اهو ٻڌي چيو ته ”مار حرڪت ٿي پوندي! ڇا ٿيو جي حڪم جي بجا آوريءَ لاءِ ٻن چئن ڪلاڪن جي مسخري ۽ ناٽ ڇڏي ڏيڻ ۾ آيو؟“

”ڪرسٽي“ صبر ۾ رهي نه سگهيو؛ ٿڌو ساهه کڻي چوڻ لڳو: ”بابا....“ پڻس چيو ته ”ڪرسٽي، منهنجيءَ سمجهه ۾ هو ته هوش وارو ڇوڪر اهڙي ڪين جهڙي تماشي جي پرواهه به ڪانه رکندو!“

”ڪرسٽيءَ چيو ته ”بابا ڇو اهو تماشو ڪين جهڙو آهي؟“

”ارل“ چيو ته هي ڇا، ڪرسٽي! آءٌ تو جيڏن ٻارن سان هجت دليل نه ڪندو آهيان؛ ايترو چوڻ بس آهي ته لارڊ گلينلن بابت مون کي ڪابه چڱي راءِ ڪانهي- هو ايٽن مان هڪاليو ويو آهي- اهڙي ماڻهوءَ سان اوهين صحبت نه رکو!“

”رالف“ چيو ته ”بابا، جي اوهان جي منع آهي، ته آءٌ هن سان صحبت نه رکندس؛ پر اصل نه ڳالهائڻ ته مشڪل آهي: جي کڻي رستي تي ملي، ته پوءِ ڪيئن ڪجي؟“

پڻس، اخبار پڙهندي، خفي مان چيو ته ”رالف ڪيئن به ڪجي- آءُ وڌيڪ ڳالهائڻ نٿو گهران- منهنجي مرضي آهي ته منهنجي حڪم جي پوري تعميل ٿئي، ۽ ڪيئن به ٿئي. جي تون ائين نه ڪندين، ته پوءِ... پر، خير، هينئر اهو ذڪر ڇڏي ڏجي.“

اهڙيءَ طرح، اها گفتگو بند ٿي، ۽ ”رالف“ کي پيءُ جي تازي نامهرباني ۽ سختي معلوم ٿي، ۽ ”ڪرسٽي“ به ڪي پيءُ جي چڙ کان ۽ ڪي ”رالف“ جي نااميديءَ کان، ملول ٿي پيو، ۽ روئڻهارڪو ڏسڻ ۾ آيو. مسز ”ڊگلس“ انهيءَ حيرانيءَ ۾ هئي ته گهر جي هيءَ ڪل ڪل ۽ کٽ پٽ ڪڏهن ويندي. پڪ هيس ته جي مڙس ٿورو زياده صبر ۽ تحمل ۽ انصاف ۽ مروت وارو ٿئي، ته جيڪر گهر ۾ ڏاڍي خوشي پيدا ٿئي: وري ناتال جي سڳوري ۽ خوشيءَ جي  موسم ٿي آئي.

مسٽر ”ڊگلس“ ته سگهوئي پوءِ اٿي پنهنجي پڙهڻ واري جاءِ ڏي ويو. ٻيا به سڀ ٿوري تائين ماٺ ڪيو ويٺا هئا، نيٺ ، پهرين ”مسز ڊگلس“ وري ڳالهائڻ لڳي. چوڻ لڳي ته ”رالف، بابا تنهن نااُميدي ڏسي مون کي گهڻو ڏک ٿو ٿئي، خير، ڪوشش ڪري؛  پاڻ ڪي ٻيون وندرون پيدا ڪنداسين. مون کي هڪڙي اهڙي وندر سجهي ٿي، اها هيستائين دل ۾ سانڊيو لڪايو آئي آهيان.

”رالف“ چيو ته ”امان مهرباني تنهنجي پر اها ڪهڙي آهي؟“

ماڻس ورندي ڏني ته ”مون ٻه ننڍڙا گهوڙا ورتا آهن: هڪڙو توکي ڏيندس، ۽ ٻيو ڪرسٽيءَ کي!“

”رالف“ خوشيءَ مان اُٿي، ماءُ کي چمي ڏيئي چيو ته واه واه، ڪهڙو نه مزو! امان، تنهنجا هزار شڪرانا ٿو ڪريان، گهوڙو مونکي ڏاڍو وڻندو آهي؛ هميشه پئي انهيءَ لاءِ واجهايو اٿم. پر امان، بابو اسان کي انهن تي چڙهڻ ڏيندو؟“

ماڻس چيو ته ”ابا ڇو نه ڏيندو؟ ڊاڪٽر تاڪيد ڪيو آهي ته ڪرسٽيءَ جي لاءِ گهوڙي جي سواري فائدي واري آهي. پر، اڪيلو هن ڪيئن گهوڙي تي چڙهي گهمڻ وڃي سگهندو؟“

”رالف“ مرڪي چيو ته ”ڪرسٽي، پنهنجي لاءِ ڪهڙو نه مزو ٿيو- خوب ملڪ گهمنداسين! ڪيئن، امان، بابو اسان کي پاڻ سان ڪتا نيڻ ڏيندؤ.“

ماڻس چيو ته ”آءٌ ڀانيان ٿي ته ڏيندو؛ مون کي ته ڪو اعتراض ڏسڻ ۾ نٿو اچي.“

”ڪرسٽي“ چيو ته ”رالف، مون کي ته شڪار جو اڳ وٺڻ نه ايندو؛ تون مون کي سيکاريندين ۽ سمجهائيندين نه؟“

”رالف“ چيو ته ”پهرين ته آءٌ پاڻ کي سيکاريان! پر، رڳي ٿوري همت گهرجي. مارٽن انهيءَ ۾ هوشيار آهي، اهو پنجن منٽن ۾ مون کي سمجهائي سگهندو. گهوڙي تي چڙهڻ ۾ ڪهڙي نه لذت آهي. امان تنهنجي گهڻي مهرباني.“

مسٽر ”ڊگلس“ چيو ته ”تڏهن، بابا، اچو ته طنبيلي ۾ هلون- ٻئي ٽَٽُون اتي بيٺا آهن. اڃا ڪالهه سانجهن جو آيا آهن- اوهين ٻاهر نڪري ويؤ، تنهن کان پوءِ مون چيو ته اڄ صبح جو اوهان کي مان ماٺ ڪري ٻڌايان ته عجب ۾ پئو ۽ خوش ٿيو.

هو گهوڙا ڏسي ڏاڍا خوش ٿيا. ڪپڙن ۾ ئي نٿي ماپيا. انهيءَ ڏينهن هوڏي انهن کي ٽورون ڏيارڻ لڳا. اهي سهڻا ۽ غريب هئا تنهن ڪري ”مسز ڊگلس“ پيسي جو سانگو بلڪل ڪونه ڪيو- جيتري ملهه ٿي مليا اوتري تي هن ورتا.

* * *

گهوڙن تي گهمندي، ٻنهي ڀائرن پاڻ ۾ اها ڳالهه به ڪئي ته جي ڪٿي گهمندي رستي ۾، يا شڪار ڪندي جهنگ ۾، ”لارڊ گلينلن“ گڏجي وڃي، ته ڇا ڪجي- اهو ڏاڍو مشڪل مسئلو هو. پهرين ته هنن صلاح ڪئي ته ”رالف“ اڳواٽ هن ڏي خط ۾ صفا لکي موڪلي ته مون کي بابي سخت منع ڪئي آهي، تنهن ڪري جي ڪا رکائي يا لاغرضائي ڏسڻ ۾ اچي، ته انهيءَ لاءِ معاف ڪج؛ پر ”آلربيءَ“ جي باغ وٽان لنگهندي. هنن کي ”مارٽن“ مليو. اهو به پنهنجي گهوڙي تي هو. خانگي ناٽڪ واري تماشي جو ذڪر نڪتو. جڏهن  هن ”مارٽن“ کي ٻڌايو ته بابي اسان کي انهيءَ ۾ شامل ٿيڻ کان منع ڪئي آهي. تڏهن هو ڏاڍو نااُميد ٿيو. سڀني اها اُميد رکي ته من هو انهن کي رڳو تماشو ڏسڻ ڏئي.

”مارٽن“ چيو ته ”رالف“ تو کان ۽ ڪرسٽيءَ کانسواءِ  اسان جو ڪم ڪيئن هلندو؟ وڏي ڳالهه، ته اوهان جهڙا راڳن ڳائڻ وارا اسين ٻيا وري ڪٿان آڻينداسين!“

”رالف“ چيو ته ”بس مارٽن، لاچار آهي، اسان کي ڪو ٿورو ارمان هوندو؟ اسان ته انهيءَ تماشي جي لاءِ اڳي ئي رسا پئي ڇنايا؛ پر اسان جو وس نٿو هلي!“

”مارٽن“ چيو ته آءٌ بابي کي چوندس ته اهو مسٽر ”ڊگلس“ کي چوي. جڏهن هو اوهان جي ضرورت ڏيکاريندو، تڏهن ضرور اوهان کي موڪل ڏيندو.“

هن چيو ته ”ڇو، هو خانگي ناٽڪ کي خراب سمجهندو آهي ڇا؟“

”رالف“ چيو ته ”ائين ناهي، پر، مارٽن، ٻيو ٻڌ ته بابي مون کي منع ڪئي آهي ته لارڊ گلينلن سان نه ڳالهاءِ!“

”مارٽن“ چيو ته ”هان! شايد گلينلن جي اسڪول مان نڪرڻ ڪري هن جي بدنامي زياده ٿي آهي. پر هينئر هو ڏاڍو چڱو ۽ غريب ٿي پيو آهي- اڳي مون اهڙو ڪڏهن نه ڏٺو!“

”رالف“ چيو ته  مارٽن، جي گلينلن مليئي، ته اها ڳالهه ٻڌائجينس، ۽ چئجيئينس ته انهيءَ ۾ منهنجو قصور ڪونهي. مون کي ته هو گهڻو وڻندو آهي. ۽ آءٌ ڀانيان ٿو ته آءٌ به هن کي وڻندو آهيان. مون کي ڏاڍو ڏک ٿو ٿئي جو بابو مون کي انهيءَ سان هڪڙو اکر به ڳالهائڻ نه ڏئي.“

”مارٽن“ چيو ته ”رالف، انهيءَ جو فڪر نه ڪر، آءٌ سمجهائي ڇڏيندوسانس؛ مون کي پڪ آهي ته هو توتي ڪين ڪاوڙيو.“

پوءِ ”رالف“  ۽ ”ڪرسٽي“ ”مارٽن“ کان موڪلائي، گهوڙا هڪلي اٿي هليا. رستي ۾ ”رالف“ چيو ته ”هڪ ٻه ڏينهن  آءٌ ڪوشش ڪري گلينلن کي به گڏيس؛ انهيءَ وچ ۾ مارٽن هن کي سڀ هال ڏيندو؛ پوءِ اُميد آهي ته ابو ڪين چوندو ته مون سندس حڪم جي تعميل نه ڪئي.“

ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com