سيڪشن؛  ٻاراڻُو ادب

ڪتاب: ٽي گهر

 

صفحو : 4

 

باب ٻارهون

 

بڇڙو اتفاق

 

         انهيءَ وچ ۾ عام اسڪولن وارن جو وارو آيو. پهرين ”مارٽن“ بيٺو، ۽ انهيءَ گهڻن کي ٿڪايو. هن کان پوءِ ٻيا به اچي بيٺا، سي جلد آئوٽ ٿي پيا. پري ”رالف“ کي سڏي بهاريائون؛ پهرين ٻن بالن کي هن اهڙا ڌڪ هنيا، جو اٺ رنسون ڪري ويا. جيڪو ڌڪ ٿي هنيائين، تنهن تي تاڙيون ٿي وڳيون. سگهو ئي راند اهڙو مزو مچايو، جو سڀني جون انهيءَ ۾ اکيون کپي ويون.

اهو وقت هو، ته مسٽر ”ڊگلس“ گهوڙي تي چڙهي ميدان تي آيو. گهڻن سڃاتس، ۽ ڏانهس نهارڻ لڳا. نٿي سمجهين ته هو ڇا ڪندو، جو هن بابت اخبار ۾ پڙهيو هئائون. هو گهوڙي تان لٿو، ۽ گهوڙو هڪڙي ڇوڪري کي جهلڻ لاءِ ڏنائين. پوءِ، راند وارن جي وچان لنگهي، جتي ”رالف“ بيٺو هو اتي آيو. ”رالف“ جي اڃا مٿس نظر نه پئي هئي. ”امپائر“ (يا امين) حيرت ۾ پئي چيس ته ”سائين، ڀلائي ڪري پاسي ٿي بيهو، ته بال ڏيڻ واري کي روڪ نه ٿئي“؛ پر مسٽر ”ڊگلس“ انهيءَ تي ڪو به خيال ڪو نه ڪيو. انهيءَ وقت بال به آيو، تنهن کي ”رالف“ اهڙو ڌڪ هنيو، جو اڏامندو پري پنڌ تي ويو، ۽ هو جيڪر آسانيءَ سان ڇهه ڊوڙون ٻيون به پائي سگهي ها. وري به تاڙين جو آواز اُٿيو. ”مارٽن“ جو وڪيٽ تي هو، سو ڊوڙيو، پر ”رالف“ چريو ئي ڪين، بيٺو رهيو. سڀ ڪنهن کي حيراني لڳي ويئي. بال کي ڌڪ هڻندي، هن جي نظر پيءُ تي پئجي ويئي. هن جي منهن جو ڊول ڏسي، هو انهيءَ دم پهڻ وانگي سڪي بيهي رهيو.

”لارڊ گلينلن“ ۽ پنجن ڇهن ٻين ماڻهن هن کي ڊوڙڻ لاءِ رڙ ڪري چيو. ۽ انهيءَ تي هو بيخياليءَ سان کڙو به ٿيو، پر اوچتو پڻس هڏي ڏيئي چيو ته ”هڪدم بيهي رهه!“

هو وري به بيهي رهيو- ڄڻ ته مٿس جادوءَ جو اثر ٿي ويو. اتي بال به  مٿي اڇلايو ويو، ۽ ”رالف“ جي وچئين وڪيٽ کي وڪيٽ واري ڌڪ هڻي ڪيرائي وڌو. سڀني ماڻهن ۾ مسٽر ”ڊگلس“ تي ڪاوڙ جو ڀنڪو پئجي ويو.

”رالف“ کي پيءَ ڏاڍي چڙ مان چيو ته ”بئٽ ڦٽي ڪر، ۽ هڪدم مون سان گهر هل!“

انهيءَ حڪم جي آواز جادوءَ جو اثر ڀڃي وڌو، ۽ ”رالف“ ڏاڍو شرمندو ٿيو: انهيءَ شرمندگيءَ هن جي اندر ۾ ڪاوڙ جو مچ مچايو، ۽ هن بئٽ ڦيرائي اهڙو زمين سان هنيو جو انهيءَ جو ڳن سندس هٿن ۾ ڀڄي پيو. پوءِ جوش ۽ چڙ مان، چوڻ  لڳو ته آءٌ ڪين هينئر راند ڇڏيندس، آءٌ ڪين هڪدم گهر هلندس!“

پڻس چيو ته ”ڇا، ڪين هلندين؟ خبردار!“

”رالف“ وري به چيو ته ”آءٌ ڪين هلندس!“

پڻس چيو ته ”تڏهن آءٌ ضرور توکي هلائيندس!“

ائين چئي، هن ”رالف“ جي ڳچيءَ ۾ کڻي هٿ وڌو.

”رالف“ چڙ مان بئٽ جو  ڳن هيٺ اڇلائي، پيءُ جو هٿ ڇڪي پري ڪيو، ۽ پاڻ کي آزاد ڪيائين. سڀني حيرت ۽ ارمان مان هيءَ سڀ رنگ بيٺي ڏٺو؛ مگر ”مارٽن“ پنهنجو ڪرسٽيءَ سان ڪيل انجام ياد ڪري، مسٽر ”ڊگلس“ وٽ آيو ۽ ”رالف“ جي ٻانهن ۾ هٿ وجهي، هن کي ڪن ۾ چيائين ته ”رالف، سڀئي پيا ڏسن، خدا جي واسطي هوش رک، تنبوءَ ۾ هلي آءُ.“

”مارٽن“ جي ڳالهائڻ تي ”رالف“ جي اوچتي جاڳيل چڙ جھڪي ٿي. هن پاڻ به سمجهيو ته ذري گهٽ شيطاني چڙ ڪري هن اهڙو گناهه ٿي ڪيو، جو خدا جي رحم کان سواءِ معاف ٿيڻ جو نه هو. هو ڏاڍو لڄي ۽ دل شڪستو ٿي. ڪنڌ هيٺ ڪري، ماٺ ماٺ ۾، ننڍڙي ٻار وانگي، ”مارٽن“ سان گڏجي هليو ويو.

پر مسٽر ”ڊگلس“ جي چڙ اڃا جهڪي نه ٿي هئي. هيترن ماڻهن جي روبرو جو پٽس بي ادب ٿي سندس سامهون ٿيو. ۽ سندس نافرماني ڪيائين، تنهن ڪري پاڻ چڙ زياده ٿيس. ”ڪين“ ”ڪين“ جو آواز اڃا سندس ڪنن تي پئي وڄيو. راند ڇڏي هو به ”مارٽن“ ۽ رالف“ جي پٺيان تنبوءَ ڏي ويو، جتي ”رالف“ ڪنڌ هيٺ ڪيو ڏاڍي ڏک ۽ ارمان ۾ ويٺو هو. وڃڻ سان هن کي اجايو سجايو ڳالهايائين ۽ خراب طعنا هنيائين- ”مارٽن“ جو به ملاحظو ڪونه ڪيائين. وري به هڪدم گهر هلڻ لاءِ حڪم ڏيڻ کان پوءِ، ڏند ڀيڙي ڪاوڙ مان چيائينس ته ”رالف“ جي وري به انڪار ڪندين ته آءٌ چبڪ سان مار ڏيندوسانءِ: ڏسان ته هاڻ ڪيئن منهنجو حڪم نٿو مڃين!“ ائين چئي مسٽر ”ڊگلس“ تنبوءَ مان نڪري اٿي هليو. ان وقت دل ۾ آيس ته هيستائين جيڪي مون پئي ڪيو سو ٻيو اجبي هو. پر، هن کي پنهنجي چڪ قبول ڪرڻ جي عادت نه هئي، سو بيپرواهيءَ سان، ماٺ ڪري گهوڙي تي چڙهي هليو ويو.

”رالف“ ته ڪڇيو ئي ڪين. ماٺ ڪري اکيون زمين ۾ وجهي. ”مارٽن“ سان گڏجي اٿي هليو.

اڳيان سرهنري آلربي“ ملين؛  هو به گهوڙي تان لهي هنن سان گڏجي ”گرينج“ تائين هليو؛ انهيءَ لاءِ ته ”رالف“ کي اڪيلو نه ڇڏي، ۽ جيترو ٿي سگهي اوترو پيءُ ۽ پٽ پاڻ ۾ پرچاءَ ڪري.

هن خراب اتفاق جي ڪري ڪرڪيٽ مئچ جي سڀ رونق هلي ويئي؛ راند ۾ اٽڪاءُ ٿيڻ ڪري، سڀ لذت گم ٿي ويئي. جيتوڻيڪ پڇاڙي ۾ ”گلينلن“ چڱي بيهڪ ڪئي، تڏهن به اسڪولن جي طرف وارن ٻن مکيه رانديگرن جي وڃڻ ڪري، جلدئي شڪست کاڌو، جڏهن راند بند ٿي تڏهن ٻئي طرف تنبوءَ ۾ گڏ ٿيا. جتي هنن ۽ ٻين ڪيترن آبروءَ وارن  تماشي بينن گڏجي کانو کاڌو، جنهن ۾ ”لارڊ ڊانرل“ به مير مجلس ٿي شامل ٿيو؛ پر نڪي ”ارل“ جي مهمان نوازيءَ ۽ نڪي ”لارڊ گلينلن“ جي خوش طبعيءَ ماڻهن جي دلين ۾ اها شروع واري خوشي ۽ سرهائي وڌي. جيڪي ٿي گذريو هو، تنهن تي سڀ ڪنهن پئي گفتگو ڪئي، ۽ هجت هلائي. نيٺ ٺهرايل وقت کان گهڻو اڳي سڀ ماڻهو موڪلائي هليا ويا، جنهن ڪري ”لارڊ گلينلن“ البت رنج ٿيو.

 

 

باب تيرهون

 

’رالف‘ جو پڇتائڻ

 

رستي ۾ ”گرينج“ ڏي ويندي، سرهنيري آلبريءَ“ ”رالف“ کي چيو ته ”رالف، بابا، پيءُ جي حڪم جي برخلاف راند ڪرڻ ڪري تو بلڪل غلط ۽ بڇڙو ڪم ڪيو، تون چڱو ڇوڪر آهين، مون کي حيرت ٿي لڳي ته ڪيئن اهو ڪم ڪيئه!“

”مارٽن“ پيءُ کي آهستي چيو ته ”بابا، هينئر ويچاري کي ڇينڀيو نه، اڳي ئي ڏک ۽ ڳڻتيءَ ۾ آهي.“

”سر هينريءَ“ وڏي سڏ چيو ته ”آءٌ ڇينڀيانس ڪين ٿو؛ ”رالف“ کي خبر آهي ته آءٌ ساڻس ڪيتري همدردي ڪريان ٿو، ۽ سندس ڪيترو نه مون کي ڏک آهي.“

”رالف“ ورندي ڏني ته ”هائو، سر هينري، آءٌ قبول ڪريان ٿو ته مون غلط ۽ خراب ڪم ڪيو آهي. انهيءَ ڪري مون تان اوهين مهربانيءَ جو هٿ نه لاهيو، آءٌ وري ائين ڪين ڪندس، مون کي اوچتو چڙ اچي ويئي.“

”سر هينريءَ“ چيو ته ”پيارا ڇوڪرا، آءٌ توتان مهربانيءَ جو هٿ نه لاهيندس، پر آءٌ توکي سچو دوست ۽ خيرخواهه ٿي سمجهايان ٿو ته ماءُ- پيءُ جو حڪم مڃڻ، اولاد جي پهرين ۽ ضروري فرض مان هڪڙو آهي.“

”رالف“ نماڻائيءَ سان چيو ته ”هيستائين ته آءٌ هميشه حڪم مڃيندو آيو آهيان!“ پوءِ وڌيڪ ڪڇيائين ڪين، ماٺ ڪري ”سر هينريءَ“ جي منهن ڏي نهارڻ لڳو.

هن چيو ته ”هائو، انهيءَ جي مون کي خبر آهي. تو چوڻ ٿي گهريو ته تنهنجو پيءُ تو سان گهڻي سختي ٿو ڪري،  ۽ تنهنجي ڪا به رعايت نه ٿو رکي، بيشڪ، انهيءَ ڪري فرض ادا ڪرڻ مشڪل آهي، مگر، تڏهن به، فرض فرض آهي- ضرور ڪرڻ گهرجي.“ پوءِ هٿ هن جي ڪلهي تي رکي، چوڻ لڳو ته ”رالف منهنجي تو بابت بلڪل چڱي راءِ آهي- متان ڀانئين ته جيڪي اڄ تو ڪيو  آهي، تنهنجي ڪري تنهنجو قدر مون وٽ گهٽ ٿيو آهي- پر توکي سکڻ گهرجي ته فرض جو بار، ڳري هئڻ ڪري مٿي تان اُڇلائي ڇڏڻ نه کپي. بابا ياد رک ته جيئن ڪو فرض زياده مشڪل هوندو، تيئن انهيءَ جي ادا ڪرڻ جي طاقت زياده ڏني ٿي وڃي ۽ انهيءَ جي ڪرڻ ۾ زياده خوشي حاصل ٿي ٿئي.“

”رالف“ جواب ڪو نه ڏنو.، پر ماٺ ڪيو، اکين ۾ پاڻي آڻيو، هليو ٿي هليو. جنهن مان ”سر هينريءَ“ کي معلوم ٿي سگهيو ٿي ته سندس فهمائش اثر واري ٿي رهي هئي.

جيئن ”گرينج“ کي ويجهو ٿيندا ويا، تيئن هن ڏٺو ته ڇوڪر سست ۽ وائڙو ٿيندو وڃي. انهيءَ جو حال ڏسي ”مارٽن“ رحم کائي چيو ته ويچارو رالف! آءٌ سندس لاءِ ڇا ٿو ڪري سگهان؟“ پوءِ هن کي چيائين ته ”اچ ته هتي پل تي ٿورو ترسون جيسين تون ساهه پٽين.“

”سر هينريءَ، چيو ته ”رالف، آءٌ توکي ههڙو ملول  ۽ دل لٿل ڏسڻ نٿو گهُران.“

”رالف“ عذر ڏيئي چيو ته مارٽن، آءٌ ڊڄڻو ناهيان؛ گهر هلي سزا کائيندس، تنهن جو ڊپ ڪونه اٿم- اگرچ پڪ اٿم ته کائيندس- پر ويچاريءَ امان ۽ ڪرسٽيءَ جو گهڻو خيال ٿو ٿئيم.“

”سر هينريءَ“ چيس ته ”رالف، انهيءَ جو ڊپ نه ڪر؛ اُهي ٻئي ڪنهن به طرح تو سان همدردي ڪندا ۽ توکي پيار ڏيکاريندا.“

هن جواب ڏنو ته ”اهو برابر آهي؛ مگر آءٌ هميشه هنن تي هڪڙي نه ٻي خرابي ۽ تڪليف آڻيون وجھان جي بابي کي ڪرسٽيءَ کان سواءِ ٻيو پٽ نه هجي ته جيڪر سڀ خوش گذارين، جي آءٌ گهر ۾ ٿو رهان، ته اُتي رڳو ڏک ۽ رنج آهي!“

”مارٽن“ چيو ته ”رالف، تو کان ڌار ڪرسٽي هميشه حيران ۽ پريشان رهندو آهي. هڪڙي ڀيري، هن پنهنجي شاعراڻيءَ ٻوليءَ ۾ مون کي چيو ته ”رالف“ جو گهر ۾ اچڻ اهڙو آهي جهڙو سج جو بهار جي موسم ۾ اچڻ!“

لحظي تائين ”رالف“ جو منهن سرهو ٿيو، پر وري اڳي وانگي غمگين ٿي ويو، ٿڌو ساهه کڻي، چوڻ لڳو ته ”مارٽن، تو کي ڪا خبر نٿي پوي.... گهر بابت ماڻهوءَ کي پنهنجن دوستن سان به ڳالهه ڪرڻ نه گهرجي.“

اتي ”سر هينري“ چيو ته ڇوڪرؤ، هاڻ وڌيڪ نه ويهو، اُٿو ته هلون. مارٽن، تون اتي ترس، آءٌ رالف سان گڏجيو ٿو سندس گهر وڃان.“

”رالف“ خوش ٿي چيو ته ”سر هينري، اها اوهان جي وڏي مهرباني ٿيندي.“

”سر هينريءَ“ چيو ته ”رالف، تون مارٽن جو گهاٽو دوست آهين، تنهن ڪري تو تي مهرباني ٿيڻ مون کي حق آهي. هاڻ منهنجي ٻانهن وٺ ۽ هليو اچ.“

”رالف“ خوش ٿي چيو ته ”سر هينري، اها اوهان جي وڏي مهرباني ٿيندي.“

”سر هينريءَ“ چيو ته رالف تون مارٽن جو گهاٽو دوست آهين، تنهن ڪري توتي مهرباني ٿيڻ مون کي حق آهي. هان، منهنجي ٻانهن وٺ ۽ هليو اچ.“

هو گهر جي در تي وڃي پهتا. رالف ٻاهر ترسيو ۽ ”سر هينريءَ پنهنجي نالي جو ڪارڊ اندر ڏياري موڪليو. ستت ئي نوڪر اچي پيغام ڏنو ته ”مسٽر ڊگلس سلام ٿو ڏئي، ۽ چوي ٿو ته مون کي افسوس آهي جو آءٌ هينئر اوهان کي ملي نٿو سگهان. مون کي معاف ڪريو“ سڀاڻي آءٌ پاڻ ئي اوهان جي جاءِ تي ايندس.“

”رالف“ جي ڪري ”سر هينريءَ“ کي البت خفو لڳو، پر هن ظاهري داري ڪري ڪڇيو ڪين. ڇوڪر جي ملولئي ڏسي، چوڻ لڳو ته ”ابا، تنهنجو مون کي گهڻو فڪر ۽ ارمان آهي؛ مگر آءٌ ڇا ڪريان، زور ڪري ته تنهنجي پيءُ وٽ اندر ڪاهي ڪين هلندس.“

”رالف“ پڇيو ته ”پوءِ، سر هينري، آءٌ ڇا ڪريان؟“

”سر هينريءَ“ چيو ته ”رالف، مون سان گڏجي ٻاهر هل، جتي مارٽن بيٺو آهي. نه ته اتي بيھ؛ هيءَ ننڍڙو ڪتاب منهنجي کيسي ۾ پيل آهي، اُهو بيهي پڙهه ۽ ترس.“

ائين چئي، کيسي مان هن ننڍڙو ”انجيل“ ڪڍيو، جو هو هميشه پاڻ سان رکندو هو. اُهو پٽي هڪڙي هنڌ پينسل سان نشان ڪري ڏنائينس.

”رالف“ اهو وٺي، نشان ڏنل آيت آهستي پڙهي، اُها هيءَ هئي؛ ”آءٌ اٿندس، ۽ پنهنجي پيءُ وٽ ويندس؛ انهيءَ کي چوندس ته ”بابا، مون گناهه ڪيو آهي!“

”سرهينريءَ“ چيو ته ”هاڻ ٻڌءِ- هاڻ توکي ائين ڪرڻ جي هجت ملي.“

وري ڪتاب وٺي ورق اٿلائي، ٻيءَ آيت تي نشان ڪري ڏنائينس، ۽ چيائين ته ”رالف، هيءُ ڪتاب منهنجو جهونو سنگتي آهي، پر فڪر ناهي، ڀلي تو وٽ رهي. شڪ آهي توکي به اهڙو پيار لڳي، جهڙو مون کي لڳو آهي، جيڪر هينئر هن تي نشان ڪيو اٿم تنهن تي هلڻ لاءِ منهنجي هاڻي توڙي هميشه توکي صلاح آهي. چڱو، خدا کي پرتين؛ اهو تنهنجو نگهبان آهي!“

”مارٽن“ به اچي چيس ته ”رالف، هاڻ خدا حافظ، آءٌ سڀاڻي تو وٽ ايندس، ۽ اچي تنهنجو سماءُ وٺندس.“ ”رالف“ هنجي شڪر گذاري ڪئي. جڏهن هو سندس نظر کان نڪري ويا، تڏهن هن اُهو ننڍڙو ڪتاب پٽيو. ”سر هينريءَ“ هيٺينءَ آيت تي نشان ڪيو هو: ”۽ هو انهن سان گڏجي ”ناصرت“ تائين آيو، ۽ اُنهن جي هٿ هيٺ رهيو.“ ”رالف“ جي دل تي انهن آيتن جو چڱو  اثر ٿيڻ لڳ. ننڍي هوندي کان هن کي چڱي مذهبي تعليم مليل هئي. جڏهن به هو ڪو غلط ڪم ڪندو هو تڏهن هميشه پشيمان ٿيندو ۽ پڇتائيندو هو. جيئن زياده پڙهندو ويو، تيئن پشيمانيءَ ۽ نماڻائيءَ، نهٺائيءَ ۽ فرمانبرداريءَ جو مٿس زياده اثر ٿيندو ويو. نيٺ هن خيال ڏٺو ته مون برابر اهي قصور ڪيا آهن، ۽ سزا جو لائق آهيان، تنهنڪري جيڪا سزا مون کي ملندي سان مون کي صبر ڪري سهڻ گهرجي. ٻيا سڀ سبب وساري، هن زور ڪري پاڻ کي پيءُ جو نافرمان پٽ ثابت ڪيو هو؛ تنهن ڪري پڇتائڻ ۽ معافيءَ گهرڻ جو پڪو ارادو ڪيائين.

اهو خيال ۽ ارادو ڪري، هو اُتان اٿيو ۽ گهر ۾ آيو. پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ راند جي پوشاڪ مٽائي، پوءِ صفي ۾ آيو. ڏسي ته ”ڪرسٽي“ ڪوچ تي ستو پيو آهي ۽ ماڻس آرام ڪرسيءَ تي ويٺي وڏي سڏ پڙهي.

هن وٽن وڃي چيو: ”پيارا ڪرسٽي، تون ڪهڙو نه ڏکارو ۽ ملول ٿو ڏسجين! ۽ امان، تون به. انهيءَ جو ڪهڙو سبب آهي؟“ ائين چئي، هنن جي پاسي ۾ ويهي رهيو.

ماڻس چيو ته ”رالف، تون اسان کان اهو پڇي سگهين ٿو؟ ڇو ته پنهنجي پيءُ جي نافرماني ڪئي؟ تو ائين نه ڄاتو ته هو ڪيترو ڪاوڙيو!“

”رالف ورندي ڏني ته ”امان، جيجي، اها ڪا نئين ڳالهه ته ناهي، جيڪي به آءٌ ڪريان ٿو، تنهن تي هميشه بابو ڪاوڙيو آهي. آءٌ اوهان سڀني جي لاءِ هڪڙي مصيبت آهيان، جي آءٌ ڪيڏي منهن ڪري هليو  وڃان، ته جيڪر اوهين سڀ سکيا ٿي پئو!“

ڪرسٽيءَ ماءُ کي چيو ته ”امان، هي چرچو ٿو ڪري، ساڀيان نٿو چوي.“

ماڻس ته جواب ڪونه ڏنو، رڳو ”رالف“ جي مٿي تي پيار مان هٿ گهمايائين؛ انهيءَ جي ڏڪڻ مان ”رالف“ سهي ڪيو ته هن کي انهيءَ جو ڊپ ۽ ڏک ٿيو آهي. پڇڻ لڳو ته ”امان، بابي توکي سڀ قصو ٻڌايو آهي؟“

ماڻس چيو ته ”هائو، رالف، سڀ ٻڌايو اٿس، هو ڏاڍو ڪاوڙيل آهي، ۽ بلڪل تنهن جي بر خلاف آهي. بابا، ڇو مون سان يا ڪرسٽيءَ سان اڳواٽ صلاح نه ٿي ڪيئه؟“

هن ورندي ڏني ته ”مون کي خبر هئي ته اوهين مون کي وڃڻ کان جهليندؤ، ۽ مون وڃڻ جو انجام ڪيو هو.“

ماڻس چيو ته ”ڀلا، رالف، تو ڪيئن اهڙو بيعقليءَ جهڙو انجام ڪيو؟ اهو ڪرڻ نه کپندو هو، ۽ جي ڪيو ويو هو ته اهو ڀڃڻ بهتر هو.“

”رالف“ چيو ته ”امان، مون چڙ ۾ ائين ڪيو. مون کان خطا ٿي، آءٌ قبول ڪريان ٿو، ۽ انهيءَ جي آءٌ اڄ رات ئي بابي کان معافي گهرندس.“

”ڪرسٽيءَ“ روئي چيو ته ”رالف، بابو ڏاڍو ڪاوڙيل آهي. خبر اٿئي ته ڇا ٿو چوي؟“

”رالف“ انتظار مان پڇيو ته ”ڇا ٿو چوي؟“

”ڪرسٽيءَ“ چيو ”چوي ٿو ته هن کي اصل اسڪول مان اٿاري ڇڏيندس ۽ وري اوڏي وڃڻ نه ڏيندس!“

”رالف“ بي آرام ٿي چيو ته ”ڇا، هڪدم مون کي اسڪول مان ڪڍندو، ۽ لحظي جو به اطلاع نه ڏيندو؟ اها ڳالهه چڱي ته نه ٿي: سڀڪو چوندو ته هن کي اسڪول مان ڌڪي ڪڍيو اٿن!“

ماڻس چيو ته ”آءٌ ڀانيان ٿي ته آءٌ کيس منٿ ڪنديس ته توکي هڪڙي ٽرم تائين وڌيڪ رکي؛ پر مون کي پڪ آهي ته هن توکي اٿارڻ جو ارادو ڪيو  آهي. چوي ٿو ته اتي رڳو اجايو وقت ٿو وڃائين، ۽ ڪرين ڪي به ڪي ڪين ٿو.“

”رالف“ چيو ته ”امان، تون به ائين ٿي ڄاڻين!“

ماڻس ورندي ڏني ته ”رالف، آءٌ ته ائين نٿي ڄاڻان، ٻيو ته به توکي گهڻو ٿي ڀانيان ۽ پيار ڪريان.“

اتي در تي کڙڪو ٿيو، ۽ نوڪر اچي چيو ته ”ماسٽر رالف صبح جو سبق نه پڙهيو هو، سو هاڻ هلي پڙهي.“

هي ٻڌي، ”رالف“ اٿيو، ۽ پنهنجا ڪتاب کنيائين. ”ڪرسٽيءَ چيو ته آءٌ به هلي پنهنجو سبق ٿو پڙهان.“ پوءِ ٻئي گڏجي وڃي سبق پڙهڻ لڳا. جهٽ ۾ ”رالف“ پنهنجو  سبق پڪو ڪيو. هن کي شڪ پيو ته شايد بابو اڄ رات مون کي سڏي سبق ٻڌي، هميشه جڏهن چڙيل هوندو هو، تڏهن منهن ئي ڏسڻ نه گهرندو هوس. پر سبق ٻڌائڻ لاءِ ته سڏ ڪو نه ٿيو! چاءِ جي مهل مسٽر ڊگلس ميز تي نه آيو، چاءِ گهرائي ڪتبخاني ۾ پيتائين. ڳچ رات تائين هو زال يا ٻارن وٽ صفي ۾ نه آيو. رالف پڙهيو به پئي ۽ سڀني کي پنهنجن  چرچن گهٻن سان خوش به پئي ڪيائين. پوءِ سڀني ويهي راڳ ڳايا، ۽ مسز ”ڊگلس پيانو“ به وڄايو. (اڪثر رات جو ائين ڪندا هئا.)

راڳ ۽ باجي جو آواز مسٽر ”ڊگلس“ جي ڪن تي به پيو، پر هن ۾ خوشي پيدا ڪانه ٿي. هن پاڻ ڄاتو ته ”رالف، بي نڪو ۽ بي ننگو آهي. هن انهيءَ پٽ کي پنهنجي خفي ۽ تڪليف جو سبب ٿي سمجهيو. طبيعت جو شوخ ۽ چيڙاڪ هو، تنهن ڪري جيتوڻيڪ ٻيا گهر جا ڀاتي سڀ خوش مزاج ۽ چڱا هئا ۽ سک جا سڀ اسباب خدا هن کي موجود ڪري ڏنا هو ته به هئا هميشه مونجهاري ۽ خفي ۾ رهندو هو. تنهن ڪري انهيءَ ڏينهن ته پاڻ، جيڪي ٿي گذريو هو، تنهن جي ڪري زياده خفي هو.

هميشه جڏهن پاڻ ڪتبخاني ۾ ويهي پڙهندو لکندو هو، تڏهن ڪو به وٽس ڪونه ايندو هو؛ تنهنڪري انهيءَ رات در تي کڙڪو ٻڌي حيران ٿيو. وري جڏهن ”رالف“ پيءُ کان پيرين پئي معافي گهرڻ لاءِ آيو هو. هن اُنهيءَ ڏينهن پنهنجو نفس ماري پاڻ کي نماڻو ۽ مسڪين ڪيو هو ۽ اُميد هيس ته پڇتائڻ ۽ توبهه ڪرڻ سان وري پيءُ جي محبت ۽ معافي هٿ ڪندو ۽ هڪ دفعي گهر ۾ وري صلح ۽ سانت جو زمانو ايندو.

مسٽر ”ڊگلس“، ”رالف“ ڏي نهاري، چوڻ لڳو ته ”ڇا، تون.... هتي؟ مون کي اُميد هئي ته اڄوڪيءَ بي حيائيءَ ۽ بي شرميءَ کان پوءِ منهنجي منهن تي وري اچڻ نه گهرندين!“

”رالف“ ڏڪندي آواز سان چيو ته ”آءٌ ان ڪري آيس ته...“

مسٽر ”ڊگلس“، پنهنجيءَ هميشه جي حد کان وڌيڪ چڙ ۽ اُٻهرائيءَ ۽ تڪڙ ۽ بيصبريءَ جي عادت موجب، هن کي وڌيڪ ڳالهائڻ نه ڏنو. چوڻ لڳس ته ”ڪهڙي به ڪم لاءِ آيو هئيس، ته به هڪدم ڀلائي ڪري منهنجي روم مان نڪري وڃ! جڏهن تون هاڻ اهڙيءَ نافرمانيءَ ۽ بيحيائي جي حد کي وڃي پهتو آهين، تڏهن ائين نه سمجهه ته انهن لولٽن ڪرڻ ڪري تون منهنجيءَ رٿيل سزا کان ڇٽي ويندين!“

”رالف“ کي ”لولٽن“ جو لفظ ٻڌي دل ۾ گهڻو ئي گهاءُ ٿيو، پر وري به نفس ماري چوڻ لڳو ”بابا، آءٌ رڳو عرض ڪرڻ آيس...“

پڻس وري به وچ ۾ پئي، هن کي روڪي، چيو ته ”هائو، عرض ڪرڻ آئين ته ”مون کي سزا نه ڏيو!“ آءٌ وري به ٿو چوانءِ ته منهنجي روم مان نڪري وڃ!“

هن ويچاري ڏٺو ته وڌيڪ بيهي معافي گهرڻ ناممڪن آهي- ڏاڍي  ڏک ۾، هو هليو ويو. تڏهن به اڃا، در وٽ بيهي بيهي، ٿڌو ساهه کڻي وري چوڻ لڳو ته ”بابا سائين، مون کي ٿورو ڳالهائڻ ڏيو!“

پڻس ڪاوڙ مان ٻوٻڙاٽ ڪري چيو؛ ”ڇوڪرا“ تون ٻڌين نٿو؟ تون ڀانئين ٿو ته هميشه آءٌ پوٺي ٿي تنهنجي اها نافرمانيءَ جي اڍنگي هلت پيو سهندس! هاڻ ٽيو ڀيرو ٿو چوانءِ ته نڪري وڃ، نه ته اُٿي هٿن سان ڌڪي ٿو ڪڍانءِ!“

”رالف“ نا اُميد ٿي چيو ته ”سائين ايتري تڪليف وٺڻ جو ضرور ڪونهي.“

هو اتان هلي، وري صفي ۾ آيو. ”ڪرسٽي“ وڃي سمهي پيو هو، ماڻس اتي ويٺي هئي، ان کي ڪي به ڪين چيائين، ماٺ ڪري ميز تي مٿو اونڌو ڪري ويهي رهيو. انهيءَ مان ماڻس کي سڀ ڪجهه معلوم ٿيو. ٿورو ماٺ ڪري اُٿي ۽ پٽ کي چمي ڏيئي چيائين ته ”پيارا پٽ، هاڻ وڃي سمهه، آءٌ به وڃي ٿي سمهان. خدا تنهنجو نگهبان آهي، گهڻو ارمان نه ڪر. جي زمين وارو پيءُ  توکي معافي نٿو ڏئي ته پنهنجي آسمان واري پيءُ کان معافي گهر. اهو توکي مدد ڪندو.“

”رالف“ چيو ته ”آءٌ ائين ڪندس، پر سمهڻ کان اڳي وري به ڪوشش ڪندس.“

جڏهن ماڻس هلي ويئي، تڏهن ڪاغذ کڻي هي خط لکيائين:”پيارا بابا، مون کي افسوس آهي ته آءٌ اڳهڻو موڪل کان سواءِ اوهان جي پڙهڻ واريءَ جاءِ ۾ آيس، پر آءٌ رڳو ايتري لاءِ آيس ته اڄ جيڪا مون اوهان جي نافرماني ڪئي آهي، تنهن لاءِ معافي گهران. بابا، آءٌ قبول ڪريان ٿو ته جيڪي مون ڪيو سو غلط ڪيو، آءٌ سچيءَ دل سان انهيءَ کان پڇتايان ٿو، ۽ ڪوشش ڪري اوهان جي نافرماني نه ڪندس. مهرباني ڪري مون کي معافي ڏيو ۽ پيار ڪريو. اوهان جو ڪم نصيب پٽ، رالف.“

پوءِ هو بتي اُجهائي اُٿيو. پنهنجيءَ سمهڻ واريءَ جاءِ ڏي ويندي، پيءُ جي ڪتبخاني وٽان لنگهيو ۽ آهستي اُهو خط در جي هيٺيان لنگهائي ڇڏيائين.

مسٽر ”ڊگلس“ پيرن جو دٻڪو ٻڌو به ۽ خط به ڏٺائين. جڏهن ”رالف“ لنگهيو ويو تڏهن هو اُٿيو ۽ اُهو خط پڙهڻ لڳو. هڪ لحظو ته دل اهڙي لُڏي ويس، جو اکين ۾ ڳوڙها به آيس. پهرين ته دل ۾ آيس ته هڪدم مٿي ڏاڪڻ تي چڙهي وڃي پٽ کي معافي ڏئي. جي ائين ٿئي ها ته ڌاڍي  چڱي ڳالهه  هئي. جي رالف نافرماني ڪئي هئي، ته پنهنجي بي انداز سختي به سجهيس ٿي- پر هن اهو وجهه وڃائي ڇڏيو. سندس طبيعت ۽ جملي عادت ذرو لوڏو کائي وري هميشه وانگي زور وٺڻ لڳي. نيٺ ٿوري خيال کان پوءِ پاڻ کي چوڻ لڳو ته هاڻ مون سهي ڪيو آهي: هيءَ سڀ ماڻس جي تجويز آهي، اُنهيءَ ٻڌايو اٿس ته آءٌ هن کي اسڪول مان ڪڍڻ وارو آهيان، تنهن جي ڊپ ۽ شرم  کان هو اڳهڻو معافي گهرڻ آيو هو، ۽ هاڻ وري هي رستو ورتو اٿس، نه ته اڃان هن جي مٿي  مان واءُ ڪين ويو آهي- آءٌ هن تي خيال ئي ڪونه آڻيندس!“ ائين چئي، خط ڦاڙي، پرزا پرزا ڪري، ٽوڪريءَ ۾ اڇلائي ڇڏيائين- پوءِ وري پنهنجي لکڻ جي ڪم ۾ لڳي ويو.

”رالف“، مرندو جهرندو، ڏاڪڻ تان چڙهي، سمهڻ واري جاءِ ۾ ويو. ”ڪرسٽي“ اڃا سمهي نه رهيو هو. ”رالف“ جون اکيون ڳاڙهيون ۽ سڄيل ڏسي پڇيائين ته ”رالف، پوءِ نيٺ بابي ڇا ڪيو؟“

”رالف“ ورندي ڏني ته ”ڪرسٽي“، مون کان نه پڇ: آءٌ پنهنجي پشيماني ظاهر ڪرڻ ويس، پر بابي مون کي ڳالهائڻ ئي نه ڏنو... ڪرسٽي، آءُ ڪهڙو نه ڪمبخت آهيان!“

”ڪرسٽيءَ“ اچي روئڻ ۾ پيو. ”رالف“ ڀاڪر پائي ڳوڙها اُگهيس، ۽ دڙ دلاسو ڏنائينس، پوءِ هن سان ڳچ دير تائين مٺيون مٺيون ڳالهيون ڪيائين، جيسين کيس ننڊ اچي ويئي. پوءِ هن جي پيشانيءَ تي چمي ڏيئي، پاڻ به ڪپڙا بدلائي پنهنجي هنڌ  تي ويو. پهرين گوڏا ڀڃي دعا گهري، ۽ پوءِ وڃي ستو. دل ۾ اهو ڏڍ آيس ته خدا تعاليٰ منهنجي توبهه قبول ڪئي آهي، ۽ مون کي معاف ڪيو آهي؛ تنهن ڪري ڏاڍي آرام سان سمهي پيو ۽ فرحت جي ننڊ اچي ويس.

 

 

باب چوڏهون

 

’رالف‘ ۽ ’گلينلن‘ اسڪول ڇڏين ٿا

 

”رالف“ کي ڏاڍي ڳڻتي هئي ته الاجي بابو منهنجي خط بابت ڇا ڪندو. بلڪ معافيءَ ۽ محبت جي اُميد به رکي هئائين. ٻئي ڏينهن صبح جو جڏهن هيٺ لهي ناشتي لاءِ ويو، تڏهن پيءُ کي اخبار پڙهندو ڏٺائين. هن کيس ڏٺو به، پر ڪو به خيال ڪونه ڏنائين. ناشتي وقت جڏهن سڀ گڏ ٿيا، تڏهن به هيڏي هوڏي جي رواجي گفتگو هلي، مگر ”رالف“ ماٺ ڪيو ويٺو هو. سڀني جي دل تي هڪڙي قسم جو بار هو. سو، جڏهن ناشتو پورو ٿيو، تڏهن سڀ خوش ٿيا. مسٽر ”ڊگلس“ پٽن کي سراسريءَ طرح چيو ته ”اڄ  هي ڪم ڪرڻ ۽ سبق پڙهڻا اٿؤ“، پوءِ پاڻ ڪتبخاني ڏي هليو ويو.

انهيءَ طرح ڏهاڙي ڪم پئي هليو، ۽ جلدئي موڪل جا ڏينهن اچي پورا ٿيا. پر ”رالف“ کي سگهوئي معلوم ٿيو ته بابي مون کي اسڪول مان اٿارڻ جو ارادو ڦيرايو آهي، ۽ ناتال تائين مهمل رکيو اٿس. اها خبر ماڻس کان ملي هيس، پڻس کيس انهيءَ بابت ڪي به ڪين چيو هو؛ پر کيس اهو گهمان گذريو ته اسڪول وارن کي اڳي اطلاع ڏيڻو هو، شايد نه ڏنو ويو آهي، تنهن ڪري بابي لاچار اها رٿ مهم ڪئي آهي. انهيءَ طرح، ”رالف“، ڏکنديءَ دل سان موٽي ”رگبي“ ڏي روانو ٿيو، جو ڄاتائين ٿي ته ڪن ٿورن هفتن کان پوءِ کيس اتان نڪرڻو ٿيندو. اسڪول ۾ هن جو وقت تمام خوش گذريو، جو هو چڱيءَ طيعت جو ۽ محنتي ۽ چڱي چال وارو هو. جيتوڻيڪ هو تمام هوشيار ۽ ذهين نه هو، ته به ماستر منجهانئس گهڻو خوش ۽ راضي هئا. سندس سنگتي ته اڳي مٿانئس قربان پيا ٿيندا هئا. انهيءَ هوندي به هن پنهنجو گهر اصل وساري نه ڇڏيو. ڀلا سندس ماءُ ۽ ڀاءُ اتي هئا، جي کيس گهڻو چائيندا هئا، ۽ جن کي هو پاڻ به گهڻو پيار ڪندو هو. پڻس ڪنهن اتفاق سان ڏاهنس ڪو خط لکندو هو، تنهن ۾ ڪا ٽوڪ يا تنيبهه يا فهمائش هوندي هئي؛ پر ماڻس ۽ ڀاڻس هر هفتي ۾ ڏانهن پيار جا خط  موڪليندا هئا ۽ جيڪي پيو هلندو هو، تنهن جي سڀ خبر چار لکندا هئس. ويچاري ماءُ ۽ پنهنجي منهن، وجهه ڏسي گهڻي ڪوشش ڪندي هئي، پٽ جو طرف وٺي ڳالهائيندي هئي، پر پڻس جو خيال بدلائي نه سگهندي هئي؛ نڪي مڙس جون حجتون ۽ دليل ٻڌي، هن جي نسبت ۾ پنهنجي چڱي راءِ ڦيرائيندي هئي.

”رالف“ پنهنجي دوست ”مارٽن“ سان به لکپڙهه ڪندو هو، ۽ ٻئي هڪٻئي کي پنهنجي پنهنجي اسڪول جو حال احوال ڏيندا وٺندا هئا. خاص هڪڙو خط، جو ”مارٽن“ وٽان ناتال کان ٿورو اڳڀرو هن کي مليو، تنهن البت خفي ۾ وڌس. اهو خط وڏو هو، ۽ انهيءَ ۾ هو ته ”لارڊ گلينلن کي ليٽن مان ڪڍي ڇڏيو اٿن.“ انهيءَ جا سبب ”مارٽن“ جي هيٺئين خط مان معلوم ٿيندا؛

منهنجا پيارا رالف، تو جيڪي اسان جي اسڪول جي برخلاف ۽ پنهنجي اسڪول جي فائدي ۾ لکيو آهي، تنهن بابت آءٌ ڪي به ڪين لکندس- تون ڀلي پيو پنهنجي دل خوش ڪر. هن ڀيري آءٌ لارڊ گلينلن بابت ڪجهه لکان ٿو، جو تون معلوم ڪرڻ گهرندين، تو کي ياد هوندو ته موڪل وارن ڏينهن ۾ -  جڏهن ڪرسٽيءَ کي ڪتي کاڌو هو، پاڻ هن بابت ذڪر ڪيو هو ۽ مون توکي چيو هو ته هو هڪڙي نه ٻي حرڪت يا کونس ڦٽائي ڇڏي نٿو، ۽ ماڻهن سان معاملا ۽ تڪرار ڪندو وتي. نيٺ اهڙيءَ هلت ڪري هن کي ڪڍي ڇڏيو اٿن! انهيءَ جو مون کي گهڻو ارمان آهي، جو آءٌ  هن کي گهڻن ڇوڪرن کان پسند ڪندو هوس ۽ ڀائيندو هوس، جو هو هميشه خوش طبع ۽ کلمک ماڻهو آهي. اسين ٻئي اڪثر ”ايٽن“ ۾ گڏ هوا کائڻ ويندا هئاسين. هن جي ٻين سنگتين جي مون کي به ڪا به خبر ڪانهي، جو اُهي ساڻس گڏ مون وٽ نه ايندا هئا، مگر جيڪي انهن بابت ٻڌندو هوس، تنهن جي نسبت ۾ آءٌ هن کي نصيحت ڪندو هوس، ۽ صلاح ڏيندو هوس- پر آخر، هن جي سنگت ڪري، هو پاڻ به بدنام ٿيڻ لڳو. هن کي ڪيترائي ڀيرا هڪڙي ٽرم جي اندر اسڪول ۾ لکڻ لڳا. هو ماسترن سان اڍنگي هلت ڪرڻ لڳو، جنهنڪري منجهانئس رنج ۽ بيزار ٿي پيا. تنهن کانسواءِ، هو قرض ۾ ڦاسي ويو، ۽ پيءُ جي نالي تي واپارين کان شيون شڪليون وٺڻ لڳو. نيٺ ماسترن خبردار ڪيس ۽ چيائونس ته ٻئي ڀيري وري ڪنهن سان تڪرار ڪيئه تو کي اسڪول مان ڪڍي ڇڏبو. آخر هو رهيو ڪين: هڪڙي ڀيري، رات جي ماني کان پوءِ شراب پي نشي ۾ الوٽ ٿي پيو- تنهن ڪري هن کي اسڪول مان ڪڍي ڇڏيائون! مون کي گهڻو سندس ارمان آهي. آءٌ گهڻو ئي سمجهائيندو هوسانس، پر هن ٻڌو ڪين. هاڻ خبر ناهي ته ڇا ڪندو، ڪيئن گذاريندو! هن جي عمر اڃا پندرهن ورهيه مس آهي. هتان نڪرڻ ڪري ٻئي هنڌ به پڙهي نه سگهي! جي گهر رهيو ته پاڻ زياده کرندو: هو ننڍي کان خودمختيار ۽ بيچيو رهيو آهي، تنهن ڪري هينئر پيءُ جي ڳالهه ڪابه ڪا نه ٿو مڃي، ٻيو وري هو بدمعاش نور، ڪلارڪ، وٽس ٿو رهي، اُهو ته هٿ وٺيو ٿو کاريس.

هاڻ آءٌ پنهنجو خط پورو ڪندس، جو فوٽ بال جي راند تي وڃڻو اٿم، ناتال جي موڪل ۾ باقي ٻه هفتا وڃي بچيا آهن. اُميد آهي ته جلد گڏجاسين پوءِ شڪر ڪنداسين، ۽ گهر ۾ رانديون ۽ تماشا ڪنداسين. اسان هن  ڀيري هڪڙو خانگي ناٽڪ رٿيو آهي، تون ضرور انهيءَ ۾ شامل ٿيندين. هاڻ خدا حافظ. تنهنجو پيارو دوست، مارٽن آلربي.“

هن خط ۾ جيڪو احوال لکيو هو، سو معلوم ڪري ”رالف“ ڏاڍو غگمين ٿيو. هو ”لارڊ گلينلن“ کي ڀائيندو هو ۽ کيس گهڻو گهرندو هو. هن اڪثر ”گلينلن“ جا گڻ ڏٺا هئا، هن جي اوگڻن مان اڌ جيترن جي به هن کي خبر نه هئي: هن کي اها خبر بلڪل نه هئي ته حقيقت ڪري هو کريل ڇوڪر آهي ۽ منجهس ڪي به مذهبي ۽ اخلاقي اصول ڪين آهن.

هوڏي ”رالف“ کي پنهنجا ئي فڪر ۽ خيال گهڻا هئا، هن جو آخرين امتحان تمام نزديڪ هو، تنهن ڪري هن ڏاڍي سخت محنت ٿي ڪئي؛ ٻيو وري سمجهيس ٿي ته وري هتي اچڻو ناهيان، تنهن ڪري پنهنجا سڀ ڪتاب ۽ ٽپڙ ٽاڙي ٻڌڻا هئس. سجهيس ته دنيا ۾ جيڪا خوشي هيس، سا اتي ”رگبيءَ“ ۾ ۽ اتي جي سنگتين جي صحبت ۾ هيس. هن جي وڃڻ ڪري ماسترن کي به ارمان ٿي ٿيو. هنن مسٽر ”ڊگلس“ کي گهڻو ئي سمجهايو ته پنهنجو ارادو بدلائي، پر هو مڙڻ جو نه هو. تنهن ڪري هلڻ کان اڳي، سڀني هن کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. گهڻن ئي ڪتاب ۽ ٻيا تحفا انعام ڏنس. پڇاڙيءَ واري کاني تي هن کي هڪڙو چانديءَ جو پيالو انعام مليو، جو سڀني چندو ڪري ٺهرايو هو ۽ ڇا لاءِ جو هو هميشه  ڪرڪيٽ ۾ ناميارو هوندو هو. انهن پيار ۽ آبرو جي نشانين ڪري هن کي پاڻ زياده ڏک ۽ افسوس ٿيڻ لڳو.

برابر، هن کي گهر جي اها خوشي سجهي ٿي ته پنهنجيءَ پياريءَ ماءُ ۽ پنهنجي ڀاءُ سان گهڻن ڏينهن کان پوءِ ملندو، ۽ شايد گهڻي تائين گڏ رهندو. مگر جڏهن پيءُ جا سور ياد پيس ٿي، تڏهن خوشيءَ ۾ اڏاميو ٿي ويو، ۽ وري غم اچيو ٿي ورايس. انهيءَ هوندي به، جڏهن هو نيٺ گهر آيو، تڏهن پهرين رات هن تمام خوش گذاري، ڇو جو رات جو ڪرسٽيءَ کي پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ هزارين ڳالهيون ٻڌايائين، ۽ آئيندي جي خوشيءَ جي به نااُميدي نه هيس، جو اڃا پڻس سندس لاءِ پوءِ جي ڪا خراب رٿ نه رٿي هئي. پڪ هيس ته منجهن مائٽن کي خدا سڀڪي ڏنو آهي، ۽ آءٌ سکيو پيو گذاريندس، ۽ اهو به يقين هوس ته مون کي ضرو ڪنهن ڌنڌي يا نوڪريءَ ۾ وجهندا. جهاز کاتي جي نوڪريءَ جو اڳي شوق هوندو هوس، پر هاڻ جي لاءِ عمر مٿي چڙهي ويئي هيس. هينئر لشڪر ۾ داخل ٿيڻ جي خواهش هيس؛ مگر پڻس جي خبر هيس ته کيس ”پادري“ ”يارسٽر“ ڪرڻ ٿي گهريائين. شڪ هوس ته ايندڙن ٽن چئن ورهين تائين خانگي طرح ڪنهن ماستر وٽ تعليم وٺندس. پر يقيني  بندوبست جي نڪا ماڻس کي ۽ نڪا ڀاڻس کي خبر هئي.

پيءُ کي ڏسڻ سان، ”رالف“ کي معلوم ٿيو ته اڃا هن جي اڳوڻي ڪاوڙ لهي نه ويئي آهي. پاڻ ڪوشش ڪري هن جي فرمانبرداري ڪندو هو، تڏهن به هن اڃا رخ نٿي ڏنس. هن کي جو چانديءَ جو پيالو انعام ۾ مليو هو، سو ڏسي سندس ماءُ ۽ ڀاءُ ته گهڻو ئي خوش ٿيا هئا، پر جڏهن هڪڙي ڀيري پڻس صفي ۾ اهو پيالو هڪڙي جاري تي رکيل ڏٺو ۽ انهيءَ تي اڪريل هو سو پڙهي ڏٺائين، تڏهن هن نفرت مان ”رالف“ کي چيو ته ”هي کڻي وڃي پنهنجي جاءِ ۾ رک!“

هميشه وانگي، ”رالف“ کان پڻس لکڻ پڙهڻ جو ڪم وٺندو هو؛ رڳو ”مارٽن، سان دل وندرائڻ جي لاءِ به پوري موڪل نه ملندي هيس- فقط ”ڪرسٽي، سندس سنگت ۾ رهندو هو. جيتوڻيڪ هنن ٻنهي جي پاڻ ۾ گهڻي محبت هوندي هئي، تڏهن به هو هن کان گهڻو ننڍو هو، ۽ هن جي صحبت ههڙي همت ڀرئي، مضبوط ۽ عام اسڪول جي پڙهيل ڇوڪري جي لاءِ ڪافي نه هئي. انهيءَ سبب، پڻس جي جا کيس منع هئي ته ڪنهن طرح ”لارڊ گلينلن“ سان نه گڏجي ۽ نه ڪو واسطو رکي تنهن ڪري ”رالف“ کي ڏاڍو خفو لڳندو هو. هن جي نسبت ۾ هن جي راءِ چڱي هوندي هئي، ۽ کيس وڻندو به هو؛ ته به هنيئر لاچار ٿي، هن پيءُ جي حڪم جي بجا آڻڻ جو ارادو ڪيو.

ڳچ وقت تائين ”رالف“ ائين ڪندو رهيو. ”گلينلن“ کي سندس سنگتيءَ جي نه ملڻ جي سچي خبر ڪانه هئي. هن ”مارٽن کي به ٻه ٽي ڀيرا ڏوراپو ڏنو هو ته ”رالف“ ڏاڍو ڪلاڪ ٿيو آهي ۽ منهن ئي نٿو ڏيکاري، ”مارٽن“ کي ”گلينلن“ سان گڏجڻ جي پيءُ جي طرفان روڪ ڪانه هئي. ”سرهينريءَ“ کي پنهنجي پٽ تي پورو ڀروسو هو. اُميد اها هيس ته هو پنهنجيءَ سنگت ۾ ”گلينلن“ کي سڌاريندو، پر پاڻ هن جي صحبت ۾ نه کرندو؛ تنهن کان سواءِ  ”لارڊ ڊانرل“ جو پنهنجي پٽ سان اسڪول مان تڙجي بي آبرو ٿي نڪرڻ ڪري ڪاوڙيل هو، تنهن ”سر هينريءَ“ کي منٿ ڪئي هئي ته پنهنجي ”مارٽن“ کي هن سان گڏ گهمڻ ڦرڻ ڏئي، ته من هو بهتر ٿئي؛ پر ”گلينلن اهڙو ليڪو لنگهيو بيٺو هو، جو ”مارٽن“ جي صحبت هوندي به پنهنجي عادتي حرڪتبازيءَ ۽ نادانيءَ کان رهندو نه هو.

 

 

باب پندرهون

 

”گلينلن“ جون مشڪلاتون ۽ مصيبتون

 

”لارڊ گلينلن“ وڏو خانداني ماڻهو هو؛ وڏي نالي ۽ ورثي ملڻ جي اُميد هيسڍ؛ خوبصورت، تندرس، خوش خلق ۽ چالاڪ هو؛ تنهن ڪري هو پاڻ کي نصيب وارو سمجهندو هو، ۽ زماني جي گردش ۽ دنيا جي آفتن ۽ مصيتبن جو ڪو به ڊپ ڪونه هوندو هوس. خوش گذارڻ ۽ دل وندرائڻ هن پنهنجو فرض ٿي سمجهيو. هن وٽ فرض جي معنى ٻي ڪانه هئي. هن پنهنجي حالت ۾ پڙهڻ، محنت ڪرڻ، علم ۽ هنر حاصل ڪرڻ، عقل ۽ هوش سڌارڻ عير ضروري ٿي سمجهيا؛ هن ڀانيو ٿي ته شريف ۽ خانداني ماڻهو اهو آهي جو سست رهي، جاهل ٿي گذاري، عيش عشرت ڪري، ۽ جيئن دل چويس تيئن ڪري.

پر پندرهن ورهين جي عمر ۾ ئي هن کي ٿورو گهڻو معلوم ٿي رهيو ته اهو سندس خيال برابر ناهي. شڪار مان بيزار ٿي پيو، ۽ بين دل جي خوشين پورين ڪرڻ ۾ هن کي گناهه ۽ نافرماني ڪرڻي ٿي پيئي. اسڪول جي تعليم پوري ٿيڻ کان اڳ ئي هن پنهنجي سنگتيءَ ”مارٽن آرلبيءَ“ جي خوشحالي ۽ نيڪ اخلاقي ڏسي، اڌ پڪو ارادو ڪيو هو ته ٻي خراب سنگت ڇڏي ڏئي ۽ آئيندي لاءِ نئون ۽ بهتر رستو وٺي. پر هن جهڙي ماڻهوءَ جا ارادا خدا جي توفيق ۽ مدد کانسواءِ اهڙا آهن جهڙا پاڻيءَ تي ليڪا، يا واريءَ تي اکر. هو ”مارٽن“ جون نصيحتون ۽ صلاحون ٻڌندو هو، ليڪن انهن تي هلڻ مشڪل لڳندو هوس. آخر هن پنهنجي باطني سڌاري جو وجهه وڃائي ڇڏيو، ۽ اهڙي صورت ۾ اچي بيٺو جو هن کي اوچتو ”ايٽن“ مان نڪرڻو پيو. پوءِ هن کي معلوم ٿيڻ لڳو ته حياتيءَ جو تمام ضروري ڀاڱو خراب طرح گذري ويو ۽ آئيندي لاءِ به روشنائيءَ جي بدران اونداهي ٿي سجهي.

اسڪول مان هڪالجي نڪرڻ جو هن کي ڏاڍو ڏک ۽ شرم ٿيو ۽ ٿورو گهڻو پڇتائڻ لڳو. ماٺ ڪري ٽپڙ ٻڌي، اٿي هليو، اسڪول وارن مان به رڳو ”مارٽن ساڻس گڏجي اسٽيشن تائين اماڻڻ ويس. انهيءَ ڏٺس ته رواني ٿيڻ مهل سندس اکين ۾ پاڻي آيو هو، ۽ انهيءَ جو گهڻو عجب لڳس، جو هن جي عادتي سخت- دليءَ جي خبر هيس پر زياده عجب تڏهن لڳيس ها، جڏهن خبر پويس ها ته جڏهن گاڏي اٿي هلي تڏهن ”گلينلن“، پاڻ کي اڪيلو ڏسي اڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳو. اڳي جڏهن پڻس ڪنهن ڳالهه تي ڪاوڙيو هو ته هي ڪا پرواهه ڪانه ڪندو هو،  جو ڄاڻندو هو ته منهنجو قصور ڪونهي؛ پر هاڻ پڪ هيس ته قصور منهنجو آهي، تنهن ڪري پيءُ جي ڪاوڙ لاهيندس.

هو ”ڊانرل ڪئسل“ تائين وڃي پهتو، ۽ ٿوري گهڻي ڊپ ۽ حجاب سان اندر صفي ۾ پير وڌائين. هن کي ڏسي، نوڪرن کي به سندس حالت تي رحم آيو جو هنن کي اڳي ئي حقيقت معلوم ٿي هئي.

”لارڊ ڊانرل“ شڪار تي ويل هو، تنهن ڪري رڳو رات جي مانيءَ جي وقت پٽ کي ملي سگهيو، اتفاق سان هن انهيءَ ڏينهن ڪيترن ئي ٻين ماڻهن کي مانيءَ جي دعوت ڏني هئي، ۽ اهي اچي گڏ ٿيا هئا، تنهن ڪري هو پٽ کي سواءِ شوخ نگاهن جي ٻيو ڪي چئي نه سگهيو، نڪي وري ٻئي ڏينهن صبح جو ناشتي وقت هن کي خلاصو گڏجي سگهيو؛ انهيءَ ڪري ”گلينلن“ کي همت آئي ۽ جيڪو ارادو نماڻائي۽ فرمانبرداريءَ جو ڪيو هئائين، سو بي بنياد ۽ غير معمولي هئڻ ڪري لڏڻ لڳو. ۽ سندس اڳوڻي طبعي مغروري ۽ عادتي مغز ڦريلائي موٽڻ لڳي. هو پنهنجيءَ دل ۾ حجت، دليل ڪري پاڻ کي بي قصور ٺهرائڻ لڳو، ۽ پاڻ کي بچائڻ لاءِ تيار ٿي بيٺو. انهيءَ هوندي به، جي ”لارڊ ڊانرل“ غصي جي بدران ڏک ۽ نفرت جي بدران افسوس ظاهر ڪري ها ته ڪم ٺهي پوي ها؛ پر هن ائين نه ڪيو، ۽ پٽ کي راه تي آڻڻ جو وجهه وڃائي ڇڏيائين.

صبح جي ماني کائڻ کانپوءِ جڏهن پٽ خلاصو مليس، تڏهن ”لارڊ ڊانرل“ چڙ مان چيس ته ”هائورڊ، تون منهنجيءَ جاءِ ۾ اچ، ته اتي تو سان ڪي ڳالهايان“ گلينلن، پيءَ جي چڙ معلوم ڪري ماٺ ڪري هن جي پٺيان لڳو. ”ارل“ پنهنجي پڙهڻ واري جاءِ ۾ وڃي پنهنجي ڪرسيءَ تي ويٺو، ۽ پٽس به پاڻيهي سواءِ چوڻ جي، ٻيءَ ڪرسيءَ تي ويهي رهيو. لحظي تائين ٻنهي ماٺ ڪئي ۽ ڇوڪر بيڊپائيءَ سان پيءُ جي اکين ۾ اکيون اٽڪائي ويٺو. نيٺ چوڻ لڳو ته ”بابا، ڪهڙي ڪم لاءِ مون کي سڏيؤ؟“

”ارل“ ڪاوڙ مان چيس ته ”ڪهڙو ڪم؟ ايٽن مان هڪالجي، عمر لاءِ رد ٿي، شرمندو ۽ لڄي ٿي آيو آهين، سو بس ناهي جو اهڙيءَ بيحيائيءَ سان ٿو ڳالهائين، جو ٻيو ڪو ڀائيندو ته اتي هي ڪو وڏو انعام کٽي ۽ نالو ڪڍيو آيو آهي!“

”گلينلن“ بيپرواهيءَ سان چيو ته ”مون ڪو اتي اهڙو خراب ڪم ڪونه ڪيو آهي!“ ”لارڊ ڊانرل“ وڏي آواز سان چيو ته ”نشئي ٿيڻ خراب ڪم ناهي؟ يا اسڪول مان تڙجي نڪرڻ ۽ وري ڪنهن به ڌنڌي يا نوڪريءَ جي لائق نه ٿيڻ، يا هن عمر ۾ قرض کڻڻ، اهي خراب ڪم ناهن؟“ ائين چئي ”ارل“ شاپ وارن جي بلن جو بنڊل، جو انهيءَ ڏينهن تازو اچي مليو هوس، سو اڇلائي ڏنس.

”گلينلن“، البت شرمندگيءَ سان، چيو ته ”مون نٿي ڀانيو ته ڪو منهنجا خانگي خطر پرپٺ کوليندؤ.“

”ارل“ چيو ته ”بس ڪر، هاورڊ، مون کي ڳالهائڻ جو اهو ڊول نٿو وڻي! تنهنجن نڪمن خانگي خطن کي آءٌ ڏسندس به ڪين- اهي اٿئي- کڻي، هتان نڪري وڃ!“ ائين چئي سندس خط اڇلائي ڏنائينس، جي فرش تي پکڙجي پيا.

”گلينلن“ اٿي گهنٽيءَ تي هٿ رکيو ۽ چوڻ لڳو ته آءٌ گهنٽي ٿو وڄايان ته نوڪر هي خط چونڊي مون کي پنهنجيءَ جاءِ ۾ آڻي ڏئي.

”ارل“ دهشت مان وڏي آواز سان چيو ته ”خبردار، متان منهنجي روبرو اهڙي ڪا گستخاني ڪئي اٿئي- پاڻيهي پنهنجا خط چونڊي کڻ! اهي تنهنجا اسڪول وارن سنگتين جا آهن. اڳتي توکي سخت منع ٿو ڪريان ته پنهنجي  مرضيءَ پٺيان ڪنهن سان لکپڙهه نه ڪر. تو منهنجو سڀ ويساهه وڃائي ڇڏيو آهي. في الحال جيڪو خط تو وٽ اچي، سو پهرين مون کي ڏيکاري پوءِ وٺ ۽ پڙهه، نه ته نه. آءٌ هيستائين تو سان مروت ۽ مهربانيءَ سان پئي هليو آهيان، پر اڳتي آءٌ توکي پنهنجي مهربانيءَ سان ڪين کاريندس. هاڻ هليو وڃ.“

”گلينلن“ ماٺ ڪري اٿي هليو. جڏهن در وٽ آيو، تڏهن پڻس وري سڏي چيس ته هاؤرڊ، ائين متان ڄاڻين ته اسڪول مان نڪرڻ جي ڪري توکي ڪن هفتن جي موڪل ملي: تنهنجي آئيندي جي تعليم جي مون اڃا ڪا رٿ نه ڪئي آهي، مگر منهنجي مرضي ناهي ته  تون جهنگ ۾ ڪتن جي پٺيان گهوڙو ٽپائيندو وتين. اڳتي منهنجي موڪل کانسواءِ گهوڙي تي به نه چڙهندو وڃ. في الحال توکي اها موڪل ڪانهي. جي تو يا ڪنهن نوڪر منهنجي حڪم جي انحرافي ڪئي آهي، ته توکي نقصان رسندو.“

”لارڊ گلينلن“ چيو ته ”جي آءٌ شڪار نه ڪندس، ته هن سڃيءَ جاءِ ۾ ٻيو آءٌ ڇا ڪري سگهندس. شرم جي ڳالهه آهي!“

”ارل“ چيو ته ”بس ڪر، هاؤرڊ، مون کي وڌيڪ نه چيڙاءِ، نه ته پاڻيهي خبر پونديئه. ٻيو هي به ٻڌي ڇڏ: آءٌ تنهنجن هنن بلن جا پئسا ڪين ڏيندس، جن بيوقفن توتي ويساهه ۽ پت رکي توکي سامان ڏنو آهي، سي جٺ جا لائق آهن. ڀلي ته پنهنجن پيسن جو نقصان سهن!“

”گلينلن“، موڳو ٿي در  تي بيهي رهيو. هن لنڊن جي واپارين کان ڪوڙ ڏيک ڪري، ڪپڙا ۽ جواهر ۽ ٻيو سينگار جو سامان ورتو هو، ۽ اها ڳالهه پسند نٿي آيس ته هو ڄاڻن ته هن کي پيءُ جي موڪل ڪانه هئي، ۽ رڳو ٺڳي ٿي ڪيائين، نڪي ائين وسهيو ٿي ته پڻس اها ڳالهه ساڀيان ٿو چوي. آخر نماڻو ٿي، چوڻ لڳو ته ”بابا، اوهين ڀلائي ڪري ضرور اهي پيسا ڏيئي ڇڏجو!“

”ارل“ ڇوهه مان چيو ته ”هڪڙو شلنگ به ڪين ڏيندس، چڪاس ۽ جانچ کانسواءِ ۽ خاطريءَ ڪرڻ کان اڳ، ڪجهه به ڪين ڏيندس.“

هن چيو: ”پر، بابا مون جو شيون اوهان جي نالي تي ورتيون؟“

”لارڊ ڊانرل“، حيرت ۾ پئجي وڏي آواز سان چيو ته ”منهنجي نالي تي ائين آهي ڇا- تو واپارين کي چيو ته  منهنجي مرضيءَ ۽ منظوريءَ سان سامان ٿو وٺين؟“

هن چيو ته ”هائو.“

”لارڊ ڊانرل“ ڪاوڙ ۽ نفرت مان چيو ته تڏهن تو هيترا ڪوڙ ڳالهايا! نڪما ۽ ڪميڻا ڇوڪرا، شرم جي ڳالهه آهي!“ پوءِ ڪاوڙ مان هن کي پٺي ڏيئي، اٿي دريءَ ڏي هليو ويو.

”گلينلن“ ڏاڍو شرمندو ٿيو، ۽ ڪنڌ هيٺ  ڪري پيءُ وٽ ويو ۽ سندس هٿ وڃي ورتائين. هن ڪاوڙ مان هٿ ڇنڊي ڇڏيس، ۽ چوڻ لڳس ته ”شرم جي ڳالهه آهي- ٿين ”ڊانرل“، ۽ ڳالهائين ڪوڙ! منجهين اکين کان ٽري وڃ، منهنجي اڳيان بيهڻ جو لائق ناهين!“

انهيءَ دم ”گلينلن“ جي شرمندگي ۽ ڦڪائي اُڏامي ويئي، ۽ سندس منهن ڪاوڙ مان ڳاڙهو ٿي ويو. ڦري پيءُ ڏي منهن ڪري، هڏيءَ مان چيائين ته ”اهي پيسا اوهان کي ضرور ڀرڻا ٿيندا!“

”ارل“ وري به چيس ته ”شجھرم! ڊانرل، ۽ ڪوڙو! اڃا پيو ترسين- هڪدم نڪري وڃ! جيڪو حڪم ڏنو اٿمئين، سو ياد رکج.“

ڇوڪر چڙ مان نڪري، زور سان در ڦهڪو ڪرائي، پوري هليو ويو ۽ وڃي پنهنجيءَ جاءِ ۾ ويٺو ۽ جيڪي ٿي گذريو هو، تنهن تي خيال ڪرڻ لڳو. پڪ هيس ته بابو اهي پيسا ضرور ڀري ڏيندو؛ پر هن کي اڃا به ٻيا ڪي قرض سجهيا ٿي، جي زياده بُرا ۽ نازڪ هئا، ۽ جن جي خبر پيءُ کي ڏيئي نٿي سگهيو. هو گهڻن ڏينهن کان ڪن اسڪولن جي کريل شاگردن سان شرطون ٻڌي ڪم ڪندو هو ۽ جوابازي ڪندو هو. انهيءَ جي لاءِ هن کي وڏيون رقمون قرض جون کڻڻيون پيئون هيون ۽ ڄاتائين ٿي ته جيسين پڻس ڪاوڙيل هوندو تيسين اهو بار مٿانئس لهي نه سگهندو.

انهيءَ ڏينهن جيڪي خط آيا هئس، تن مان گهڻن ۾ انهن قرضن جي يادگيري ڏياري ويئي هيس ۽ تاڪيد ڪيو ويو هوس. انهن جو هن جي دل تي جي ٻيو اثر نه ٿيو هو، ته به ايترو ته ٿيو هو جو هاڻي سمجهڻ لڳو هو ته اهڙن ماڻهن جي سنگت خراب ۽ نقصان واري آهي. پر، هو سڄو ئي پنهنجي نوڪر ”ڪلارڪ“ جي هٿ ۾ هو: انهيءَ کي هن جي عيبن ثوابن جي سموري خبر هئي ۽ هِن جون ڳجهيون حرڪ بازيون هن کان لڪل نه هيون. انهيءَ ڪري هو ”گلينلن“ تي غالب ۽ قابض هوندو هو.

*  *  *

پيءُ جي پوئين ملاقات کانپوءِ هڪڙي ڏينهن ”لارڊ گلينلن“ ڪوچ تي ليٽيو ڪو ڪتاب پئي پڙهيو، ته ”ڪلارڪ“ گهڙي آيو. اڳي وانگي هن پنهنجي انهيءَ نوڪر کي پيسن پيدا ڪرڻ جي تجويز بابت چيو هو، پر هن پيسن جي گهڻائيءَ جو عذر پئي ڏنو. هن ڀيري هو انهيءَ بابت ڪا سٽ سٽي آيو هو. ”گلينلن“ غصي ۾ ويٺو هو. شوخيءَ سان پڇيائينس ته ”ڪهڙي ڪم سان آيو آهين؟“ ”ڪلارڪ“ بيحيائي سان جواب ڏنس ته ”سائين، اوهان سان ڪي ڳالهائڻ آيو آهيان. هن چيو ته ”مون سان ڳالهائڻ؟ هان، وٺ انهيءَ بابت ويهي ڳالهاءِ!“ ائين چوڻ کان اڳي، هن هٿ وارو ڪتاب مٿي ۾ اڇلائي هنيس. هن گسائي مٿو ڪڍي ورتو، ۽ ڪتاب کڻي هٿ ۾ ڪيائين. ذري گهٽ موٽائي هن کي ٿي هنيائين، پر پاڻ کي روڪي، هن کي چوڻ لڳو ته ”سائين، اهڙي هلت مون سان نه ڪريو، نه ته پوءِ پشيمان ٿيندؤ.“

”لارڊ گلينلن“ ڪاوڙ مان ٽپ ڏيئي اٿيو، ۽ رڙ ڪري چيائين ته ”ڇا، پشيمان ٿيندؤ! ڪهڙي طاقت آهي توکي اهڙيءَ طرح ڳالهائڻ جي؟“

هن جواب ڪونه ڏنس، ماٺ ڪري مرڪي، کيسي مان ڪاغذن جي ويڙهي ڪڍيائين. اهي قرض خواهن جا ڪاغذ هئا، ۽ سندس رسيدون ۽ اقرار ناما هئا، جي قرضن کي ڏنا هئائين. گهڻين رقمن جي چٺين جي ته هن کي يادگيري به ڪانه هئي، ته ڪڏهن جون آهن ۽ اهي موٽي ڏنيون ويون آهن يا نه. اُهي سڀ. ”ڪلارڪ کولي سندس اڳيان ميز تي کڻي رکيون. پوءِ چوڻ لڳو ته جناب هاڻي مهرباني ڪري هي پيسا ڏيو. اهي مون پنهنجي هڙان ته اوهان کي نه ڏنا آهن. يودي دلالن ۽ وياج خورن کان ورتا هئم. . جي اهي پئسا هڪدم نه ڏيندؤ، ته اوهان کي نه ڇڏيندا، نڪي آءٌ ئي ڇڏيندس. اوهان اڪثر مون کي اجايو سجايو پئي ڳالهايو آهي. اڳتي آءٌ اوهان جي ٽنگاماڻي نه کڻندس!“

”لارڊ گلينلن“ چيو ته ”بيوقوف، اهي پيسا ڪنهن ڏينهن آءٌ توکي پاڻيهي ڏيندس؛ آءٌ ٿورن ورهين ۾ صغيري جي عمر کان مٿي چڙهندس. توکي يا تنهنجي يهودين کي جيترو به وياج گڏ ٿيندو؛ انهيءَ سميت ڏيندس. حرامخور، هاڻي دلجاءِ ٿيئي؟“

”ڪلارڪ“ گستاخيءَ ۽ ڪميڻائيءَ سان چيو ته ”ڀلائي ڪري مون کي گاريون نه ڏيو، سنڀالي ڳالهايو نه ته آءٌ اوهان جو وات بند ڪندس! ڏيڍ سؤ پائونڊ هڪدم ڪڍي هتي رکو، آءٌ وڌيڪ ترسي نٿو سگهان!“

”گلينلن“ حيران ٿي چيو ته ”ڏيڍ سؤ پائونڊ! آءٌ قسم ٿو کڻان ته انهيءَ رقم جي اڌ جيترا پيسا به مون ڪڏهن توکي اڌاري کڻڻ لاءِ نه چيا!“

”لارڊ گلينلن“ اهي ڪاغذ کڻي ڏسڻ ٿي گهريا، پر ”ڪلارڪ“ چالاڪي ڪري اهي کڻي ويڙهي وري کيسي ۾ وجهي ڇڏيا.

”گلينلن“ جو منهن ۾ چڙ ۽ نااُميديءَ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو؛ پر ”ڪلارڪ“ بيحيائيءَ سان ڏند ڪڍي کلڻ لڳو، ۽ چوڻ لڳو ته ”سائين، هاڻ ٻڌو: آءٌ اوهان کي نوڪري ڇڏڻ جو اطلاع ٿو ڏيان، منهنجي مرضي آهي ته آءٌ پنهنجي مالي حالت سڌاريان، ۽ هتان لڏي آسٽريليا ڏي وڃان، انهيءَ ڪم لاءِ مون کي پيسو گهرجي؛ اوهان کان اهي پيسا لهڻان، ۽ جيسين اهي مون کي نه ملندا، تيسين آءٌ هتان نه ويندس.... نه ته آءٌ وڃي ارل کي اوهان جو هڪڙو ٻيو ڳجهه ٻڌائيندس، پوءِ پاڻيهي خبر پوندي! پاڻ وٽ گهڻائي ڳجهه آهن، جي هو ڄاڻڻ گهرندو.“

اهو دڙڪو ڏيئي مُرڪي هو اٿيو، ۽ آهستي جاءِ مان نڪري ويو. وري در مان منهن اندر وجهي چوڻ لڳو ته ”ياد رکجو. مهيني کان اڳي ڏجو، نه ته پاڻيهي خبر پونديو!“

”لارڊ گلينلن“ اڪيلو ٿيو، ۽ نااُميدي ۽ فڪرات آڻي ورايس. اڳي کان گهڻين مشڪلاتن ۾ هو، پر هيءَ نئين مشڪلات انهن سڀني کان ڳري ۽ ڏکي هئي. پڻس جي نفرت ۽ سختي سجهيس ٿي: هو کيس ڏسڻ ئي نه گهرندو هو.

ويتر وري شڪار ۽ ٻيءَ وندر جي به منع ڪئي ڪيائينس، سو وري ڪيئن ههڙو قرض ڀري ڏيندو جو کانئس وڃي پيسا گهري، مورڳو ٻيا ڦڪڙ ڦاٽي پون، جنهن ڪري عمر لاءِ پيءُ جي مهربانيءَ کان رد ۽ نااُميد ٿئي! انهن سڀني ڳالهين تي هو خيال ڪرڻ لڳو ۽ ڪو به  ڇوٽڪاري جو رستو نٿي سجهيس. بي آرام ٿي ڪوچ تي هيڏي هوڏي ليٽيو؛ ڪتاب پڙهڻ وسري ويس؛ وهاڻي تي منهن اونڌو ڪري روئڻ لڳو.

 

باب سورهون

 

گلينلن جو ڪِرڻ

 

گلينلن کي فقط هڪڙو دوست ٿي سجهيو، جنهن تي هن جو ڀروسو هو، ۽ جنهن جي ساڻس همدردي هئي- اهو هو ”مارٽن آلربي“. هو پنهنجي اندر جو حال ڪنهن وڏي مائٽ سان ڪري نٿي سگهيو، نڪي ”سر هينري آلربيءَ“ سان جڍو جيڪو اهڙين مشڪلاتن ۾ خوشيءَ سان صلاح مصلحت جي مدد ڏئيس ها، تنهن ڪري هن خط لکڻ سان، ”مارٽن“ جي صلاح ۽ مدد ڳولي. هن صفا لکيس ته ”ساري حقيقت پنهنجي پيءُ کي ٻڌاءِ، ۽ انهيءَ جي اڳيان پنهنجا ڏوهه قبول ڪري، انهيءَ کان معافي ۽ بچاءُ گهر.“

هن ”مارٽن“ جي صلاح چڱي ڄاتي، ۽ انهيءَ تي هلڻ جو ارادو ڪيائين؛ پر دل ۾ چيائين ته ”جي بابي جي ڪاوڙ گهٽ ڏسان ۽ مهربانيءَ جو رخ ڏسانس، ته پُوءِ کڻي ساڻس سچي ڳالهه ڪريان. لارڊ ڊانلر، وري سمجهيو ٿي ته مون هيستائين مهربانيءَ سان پٽ کي کارايو آهي، تنهنڪري هاڻ هن سان زياده سختي ڪريان، ته هو منهنجو پورو فرمانبردار ٿئي. ڪچيءَ جو کريل ٻار مشڪل وري راهه تي اچي. انهيءَ هوندي به، ”لارڊ گلينلن“، نفس ماري، ارل جي جاءِ وٽ ويو؛ انهيءَ ارادي سان ته هن کان گذريل خطائن جي معافي گهري ۽ آئيندي لاءِ سندس مهرباني ۽ مدد گهري. ڏڪندي ڏڪندي ”گلينلن“ در کڙڪايو پر جواب ڪونه آيو؛ پٽڻ جي ڪوشش ڪيائين، ته معلوم ٿيس ته در کي ڪلف آيل آهي. صفي جي هڪڙيءَ دريءَ کان ڏسڻ ۾ آيس ته گهوڙي تي چڙهيو، ڪنهن پاسي ٻيو وڃي تنهن ڪري هو پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ آيو. صفحي ۾ خانسامان مليس، تنهن کان پڇيائين ته ”بابو ڪڏهن موٽي ايندو؟“

هن وردي ڏني ته ”سائين مون کي خبر ناهي. لارڊ صاحب تڪڙ ۾ هليو ويو آهي. جو ريل تي ڪو خراب اتفاق ٿي پيو آهي. ۽ هڪڙي ماجسٽريٽ جي اتي گهرج هئي، تنهن ڪري سڏيو هئائونس. آءٌ ڀانيان ٿو ته البت اوڏي وقت لڳندس.

پوءِ بورچي ته هليو ويو، پر ”گلينلن“ کي اوچتو هڪڙو شيطاني خيال اچي دل ۾ پيو. ذري تائين ترسيو، دل هڻڻ لڳو، پوءِ نيٺ پنهنجي جاءِ ڏي موٽڻ جي بدران هڪ تڪڙو باغ ڏي ويو، ۽ وري سگهوئي اتان موٽيو. هيڏي هوڏي نهاري ڏٺائين ته ماڻهو نظر ڪونه ٿو اچي؛ نڪو ڪنهن جو آواز ئي ٻڌڻ ۾ ٿو اچي. رڳو وڏي گهڙيال جي ٽڪ ٽڪ پئي آئي، ساهوارن مان رڳو هڪڙو مور سو هو. جو اتي پئي ٽليو.

”لارڊ گلينلن“ کي پنهنجي پيءُ جي عادت جي خبر هئي ته ڏينهن جو جڏهن اوچتو ڪنهن پاسي وڃڻو هوندو هوس. تڏهن ڪاغذ پٽ يا پئسا بند ڪري، جاءِ کي ڪلف ڏيئي، ڪنجي پاڻ سان کڻي ويندو هو؛ پر هن ڀيري جو کيس تڪڙو سڏ هو. تنهن ڪري ”لارڊ ڊانرل“، جو اڪثر غفلت وارو ماڻهو هوندو، سو نڪي جاءِ جي دري بند ڪري ويو، نڪي پنهنجا پئسا بند ڪري ويو.

جڏهن ”لارڊ گلينلن“ لنگهندي ڏٺو ته جاءِ جي دري پٽي پئي آهي، تڏهن خبرداريءَ سان اها زياده پٽي، ٽپ ڏيئي اندر ويو، اتي پورو ڪپت جا خيال دل ۾ اچڻ لڳس جي شايد هڪ هفتو اڳي اچنس ها ته شرمندو ٿئي ها – هينئر ڄاتائين ته خوف ۽ مشڪلات مان نڪرڻ جو چڱو وجهه مليو آهي. اها هن جي لاءِ سخت آزمائش جي گهڙي هئي. انهيءَ هڪڙي ئي گناهه ڪرڻ سان هن جي عمر جي هلت ڦري ٻي ٿي وڃڻي هئي. اهڙن آزمائش جي وقتن تي وڏا وڏا ڏوهاري دهلجي رهيا آهن، جيتوڻيڪ نفس ۽ شيطان وڏن وڏن بزرگن کي به ڀلائي وڌو آهي، تنهن ڪري جڏهن ”لارڊ گلينلن پيسن جي پيتي ميز تي کليل ڏٺي ، تڏهن پهرين ته هٿ لائڻ کان به ڊپ ٿيس، چوريءَ جهڙو ڪم هن کي خوفناڪ ۽ شرم جهڙو نظر آيو، انهيءَ ڪري ٻيو خيال آيس ته چيڪ بوڪ جو ميز تي پيو آهي، تنهن جو ڪو فائدو وٺان- پئسن جي خبر هيس ته غفلت ڪري اڌ کليل چيڪ به ڇڏي ويندو آهي ۽ حساب به پورو نه رکندو آهي، وري اهو خيال به دل ۾ آيس ته ”بابي جا پيسا سي منهنجا آهن- خاص اهڙا جن جي گم ٿيڻ ڪري هن کي خبر به ڪا نه پوندي. نه ڪا تڪليف رسندي يا گهرج ٿيندي، تنهن کان سواءِ وري به اوترا پيسا موٽائي رکي سگهندس- جن ته ٿوري وقت تائين اڌارا ٿو وٺان ۽ اهي به پنهنجي پيءُ کان“. اهي مزي جا خيال انهيءَ مهل هن جي دل ۾ آيا، لالچ ۽ حرص جا خيال هميشه وڻندڙ ٿيندا آهن ۽ انهن جي ٻولي هميشه مٺي ٿيندي آهي، جنهن تي اڪثر ماڻهو موهجي ڀلجي ويندا آهن.

”گلينلن“ جي اکرن جو شان بلڪل پيءُ جي اکرن جهڙو هوندو هو، انهيءَ ساري خاندان جا ماڻهو اڪثر وڏا ڪشادا اکر لکندا هئا ۽ انهيءَ تي فخر ڪندا هئا. ”لارڊ ڊانول“ ننڍي هوندي، پاڻ سعيو ڪري پٽ کي پنهنجي روبرو مشق ڪرائيندو هو. اهو اکرن جو ڊول نقل ڪرڻ به تمام سولو هو. ڪيترا ڀيرا اڳي ”گلينلن“ چرچي يا خوش طبعيءَ ۾، پيءُ کي سندس صحيح وجهي ڏيکاريندو هو، ۽ پڻس سڃاڻي نه سگهندو هو ته سندس صحيح ڪهڙي آهي ۽ هن جي کليل ڪهڙي، تنهن تي هو خوش ٿي پٽ کي چوندو هو ته ”شاباس، هاؤرڊ، هاڻ توکي ڊانول جي خاندان وارن اکرن لکڻ جو ڊول چڱو هٿ آيو آهي!“

ڇوڪر ٿوري دل هڻڻ کان پوءِ ٿيو، ۽ چيڪ- بوڪ کڻي انهيءَ مان هڪڙو چيڪ ڦاڙي ڪڍيائين، جيڪي پيسا قرض لاهڻ ۽ مشڪلات مان نڪرڻ لاءِ گهربا هئس، سي انهيءَ ۾ لکيائين ۽ پنهنجي پيءُ جي صحيح واري هنڌ، جعلسازي ڪري، پيءُ جي صحيح وڌائين پوءِ وري اهو چيڪ- بڪ سنڀالي ساڳيءَ جاءِ تي رکي ڇڏيائين ۽ دريءَ مان ٽپ ڏيئي نڪري آيو. اهو سڀ ڪم هن هڪڙي لحظي ۾ ڪري ورتو، وري به هيڏي هوڏي ڏٺائين ته ماڻهو نظر ڪونه آيس. چوڌاري ماٺ لڳي پئي هئي- رڳو مور سو سندس ساريءَ ڪارگذاري جو شاهد هو، ٻيو ڪو به ساهوارو مٿانئس چاري نه هو. انهيءَ هوندي به هن ڊپ کان ايئن پي ڀانيو ته ڄڻ هزارين اکيون منجهس کتل آهن ۽ هزارين آواز سندس چوريءَ ۽ جعلسازيءَ تي ٻيا خندو ڪن ۽ طعنا هڻڻ، چورن وانگي، لڪي ڇپي، باغ مان لنگهي، ڦري وري صفي ۾ آيو؛ اتي اچي سنئون ساهه کنيائين؛ پر اتي به گهڙيال جي ٽڪ ٽڪ هن کي ڄڻ ته ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ جي آواز يا کڙڪي وانگي پئي لڳي. اتي انهيءَ گهڙيال يارهن وڄايا. ياد هوس ته اڳهڻو جڏهن پهرين صفي ۾ آيو هو، تڏهن يارهن ۾ ڏهه منٽ هئا، پر انهن ڏهن منٽن ۾ هن ڇوڪر جي حياتيءَ جي تاريخ ۽ ڪمبختي مصيبت ۾ پوري ٿي ويئي، هڪڙو چيني پهاڪو آهي ته ”لحظي جي خطا، عمر جو عذاب“ ۽ هيءَ به چوڻي آهي ته ”تر جي گٿي سؤ چوٿون کائي.“

اهو ڪم ڪري، ڇوڪر نه نڪتو پر اهو سڄو ڏينهن اندر جا چڪ پئي لڳس ۽ ذري ذري انهيءَ خراب ڪم جا خيال دل ۾ پئي آيس، اگرچ ڪنهن ڏٺو  به ڪين هوس، ۽ ڏوهه ظاهر ٿيڻ جو به ڊپ ڪونه هوس، ته به آرام ڪونه هوس ۽ پاڻ کي سلامت نٿي سمجهيائين، ڪڏهن وڏو گناهه ماڻهوءَ کي اڳوڻا گهڻا گناهه نئين سر ياد ڏياري اندر جلائي، هن جي دل ۾ سوجهرو پيدا ڪندو آهي، جنهن ڪري بڇڙو ماڻهو به وري عمر لاءِ چڱو ٿي پوندو آهي، ان موجب، ”گلينلن“ جو به انهيءَ گناهه ڪرڻ کان پوءِ اندر جلڻ لڳو، پاڻيهي پئي سمجهائين ته آءٌ هاڻ بلڪل خراب ماڻهو ٿيو آهيان، جو اڳي نه هوس اهڙيءَ حالت ۾، ڪن ماڻهن آرسيءَ ۾ پنهنجي شڪل ڏسي ۽ ڦريل ڄاڻي روئي ڏنو آهي. اهڙي سچ جي آرسي هينئر ”گلينلن“ جي به اڳيان هئي جنهن ڪري پنهنجي صورت ۽ سيرت ڦريل ۽ خراب ٿيل ٿي ڏٺائين. جيڪا ٿوري گهڻي خوشي هيس، ته اها هيس جو ڄاتائين ته هاڻ مشڪلاتن کان ڇٽس ۽ پنهنجي نوڪر جي چنبي مان آزاد ٿيس، پر پوءِ جي عذابن جو دل تان بار نٿي لٿس، دل جو مونجهارو سندس ملول ۽ فڪر واري منهن مان پئي معلوم ٿيو. ”لارڊ ڊانرل“ ۽ ”ڪلارڪ“ جو به انهيءَ ڏي ڌيان ڇڪجي ويو، هنن سمجهيو نٿي ته هي ڪيئن اهڙو پشيمان ٿي ويو آهي.

”گلينلن“ کي هينئر جيڪا ڳڻتي هئي، سا اها ته انهيءَ چيڪ جو پاڻ وٽان نيڪال ڪري، جو اها سندس ڏوهه جي ثابتي اڃا ساڻس لڳي وئي. انهيءَ ڏينهن ته هن انهيءَ جي مٽائڻ لاءِ نوڪر کي نه چيو؛ ٻئي ڏينهن، صبح جو، مس دل جهلي جهلي، نوڪر کي خلاصو ڏسي، چيڪ کيسي مان ڪڍي چوڻ لڳس ته ”لارڪ، مون کي ڏي اهي رسيدون، هان وٺ هي پئسا.“

هن ماٺ ڪري چيڪ ورتو ۽ پوءِ اکيون ڦاڙي، ڪڏهن چيڪ ۾ ۽ ڪڏهن پنهنجي ننڍي ڌڻيءَ ڏي نهارڻ لڳو. ”گلينلن“ جو چهرو ڦري ويو ته به هن ڪڇيو ڪين. هن کي هڪدم دل ۾ شڪ گذريو ۽ سهي ڪيائين ته حقيقت ڪيئن آهي. ٺهراءُ ڪيائين ته ڀلي هي پڪيءَ طرح منهنجي چنبي ۾ ڦاسي، سواءِ اڃا  به هن جي منهن ۽ ڪاغذ ۾ واري سان پئي نهاريائين، ڄڻ ته ٻن دستخطن جو مقابلو ٿو ڪري.

”گلينلن“ همٿ جهلي، وري به چيس ته ”ڏسين ڇا ٿو، بابي مون کي اهي پيسا ڏنا آهن، برابر نه آهن ڇا؟ هاڻ کڻي وڃ، تنهنجو ڪم ٿيو.

نوڪر ڏند ڪڍي، چوڻ لڳو ته ”ها ها ها.... سائين ڪم ٿيو؛ آءٌ وڃان ٿو- پر هيءَ ڏسجي ته ڪا حرڪتبازي ٿي!“ ايئن چوندي، دروازي ڏي هليو.

”گلينلن“ سڏ ڪري چيس ته ”بيهه بيهه، تو مون کي رسيدون موٽائي نه ڏنيون آهن!“

نوڪر، ٽهڪ ڏيئي، چيو ته ”ها ها ها، في الحال ڏيڻ نٿو گهران!“ ائين چئي، در مان نڪري ٻاهر ويو ۽ اتي بيهي چتائي نهارڻ لڳو، پوءِ وري در جا طاق پٽي، سسي اندر لنگهائي ڏٺائين. ”گلينلن“ پنهنجو مٿو هٿن تي رکيو، ڏک ۽ فڪر ۾ ويٺو هو. اهو حال ڏسي، ”ڪلارڪ“ کي پڪ ٿي ته منهنجو شڪ سچو آهي. هن تي قياس به آيس. آهستي، وري در ٻيڪڙي، هليو ويو، ڪڇيائين ڪين، پهه پچائيندو ويو ته هن وجهه جو فائدو وٺجي.

”گلينلن“ کي هينئر ڇا جو ڏک ۽ فڪر هو؟ ڄاتائين ته گناهه به ڪيم، حاصل به ڪين ٿيو؛ ڪتو به کاڌم، ڪک به نه ڀري؛ قرض جو اهو ئي مٿي تي بار رهيو، خلق جي خواري ۽ پيءُ وٽ بي آبروئي؛ لالچ ۽ لوڀ تي، هن پاڻيهي پاڻ کي کوهه ۾ وڌو.

 

ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com