باب ستون
”ڪرسٽي“ خوف ۾
جڏهن ”رالف“ ۽ مارٽن“ ڊانرل
ڪئسل ۾ پهتا، تڏهن هنن ڏٺو ته گزن هڻڻ جا نشان اڳي
ئي کتا پيا آهن. ”ڪرسٽيءَ“ ”رالف“ کي ڪن ۾ چيو ته
”رالف، لارڊ گلينلن ٿو چوي ته مون سڀ کان عمدي
ڪمان چونڊي ڪڍي آهي؛ پر اُها مون تنهنجي لاءِ هٿ
ڪئي آهي.“
رالف چيو ته ”ڪرسٽي، تون ڀانئين ٿو ته اُها آءٌ تو
کان کسي وٺندس؟ هن چيو ته ”رالف، اها ضرور تون
وٺندين. ائين چئي اُها ڪمان ڀاءُ کي ڏيئي،
”ڪرسٽي“ ڊوڙي ٻي ڪمان کڻي ٻئي نشان ڏي ويو.
”مارٽن“ هن جي اها محبت وڏي ڀاءُ ڏي ويٺي ڏٺي،
اِنهيءَ ڪري ”رالف“ ڏاڍو خوش ٿيو. ”لارڊ گلينلن“
چڱو نشان چٽيندڙ هو، تنهن رٿ ڪئي ته پاڻ ۽ ”ڪرسٽي“
ڀيچي ٿين ۽ ”رالف“ ۽ ”مارٽن“ پاڻ ۾ ڀيچي ٿين، ۽
پوءِ رکي نشان چٽين، پر مارٽن پيسن جي شرط تي
اعتراض آندو. نيٺ نشان چٽڻ لڳا ۽ ”گلينلن“ ۽ ڪرسٽي“
گوءِ کڻي ويا. چئني ڇوڪرن شام تائين اها راند
هلائي. تان جو سڀيئي ٿڪجي پيا، ۽ پوءِ خوش ٿي موٽڻ
لڳا. ”گلينلن“ به ساڻن گڏجي هليو، جو پنهنجي بئٽ
رستي ۾ ڪنهن گهر ۾ تيل لائڻ جي لاءِ ڏيڻي هيس. هو
”ڪرسٽيءَ“ سان اڳڀرو پئي ويو. اهو وجهه ڏسي ”رالف“
”مارٽن“ کي چيو ته ”مارٽن، آءٌ ڀانيان ٿو ته آءٌ
تنهنجي صلاح وٺندس، ۽ ايندڙ مئچ ۾ شامل نه ٿيندس.“
هن چيو ته ”مارٽن، جي سچي پڇين ته ڏوهه منهنجو به
آهي، پر توکي خبر آهي ته گهر ۾ مون کي ڪابه خوشي
حاصل ٿيڻي ڪانهي. موڪل جا ڏينهن اِجهي اچي پوراٿيا
آهن. آءٌ اسڪول ۾ زياده خوش ٿو گذاريان. جي ڪرسٽي
به مون سان هجي، ته پوءِ مون کي پرواهه ئي ڪانهي.“
”مارٽن“ پڇيو ته ”ڪرسٽي ڇو ته توسان رکبي ڏي ٿو
وڃي؟“
”رالف“ چيو ته ” مون کي خبر ناهي. شايد هو اهڙو
نازڪ طبيعت آهي، جو اسڪول جي محنت ۽ سختي ڪڍي نه
سگهندو. تنهن کان سواءِ، هو بابي بي تعليم هيٺ چڱو
پيو هلي، ۽ بابي جي ساڻس محبت به گهڻي آهي ۽ هو
کيس پاڻئون پاسي ڪرڻ نٿو گهري. امڪان آهي ته بابي
کي اهو ڊپ هجي ته متان آءٌ کيس کاريان، ۽ سستيءَ
جو مثال ڏيکاريان.“
”مارٽن“ چيو ته ”رالف، تون ته سست ناهين!“
رالف چيو ته ”آءٌ ته نٿو ڀانيان ته سست آهيان- مون
کان ڏهوڻا سست ٻيا ڪيترائي ماڻهو آهن- پر ڇا ڪجي
جو بابي جي راءِ آهي ته جيڪو راند جو شوقين هوندو،
سو ضرور سست هوندو ۽ جيتوڻيڪ آءٌ پنهنجي ڪلاس ۾
موچارو چڱو نمبر ٿو رکان ته به هو پنجين يا ڇهين
نمبر کان هيٺ اچڻ ڪري مون تي ڪاوڙيو آهي... سو،
انهيءَ کان مٿي نمبر هميشه آءٌ رکي نٿو سگهان!“
* * * *
اتي اوچتي رڙ ٿي. هو منهن مٿي ڪري ڏسن، ته ”لارڊ
گلينلن“ ڏانهن تمام تکو ڊوڙندو اچي، ۽ پٺيائنس
ٿوري پنڌ تي ”ڪرسٽي“ به ڊوڙندو اچي. ٻئي ڊپ کان
رڙيون ڪندا آيا. جڏهن ”گلينلن“ ويجهو آيو، تڏهن
بيهڻ کان سواءِ سهڪندي چيائين ته ”ڀڄو، ڀڄو...
پنهنجي جان بچايو!“
”رالف“ ۽ مارٽن گڏ پڇيو ته ڇاهي، ٻيو ته خير آهي؟
”گلينلن“ ورندي ڏني ته ”اسان جو ڪتو آهي، پٺيان
ڪاهجي پيو آهي! اجهو ڏسو... ڇتو آهي، ڇتو!“
هنن ڏسڻ سان سهي ڪيو ته ڪهڙو حال آهي. پنهنجي
اڳيان پنجاهي يارڊن تي ڏسن ته ڪتو رستو ڏيو سنئون
ڊوڙندو اچيِ، زبان ٻاهر اٿس؛ اکيون رت جهڙيون
ڳاڙهيون اٿس؛ وات مان گجي پئي وهيس، جا بت تي پيئي
لڳيس ۽ جيڪا شيءِ ٿي رستي ۾ مليس تنهن کي، يا
اُنهيءَ کان سواءِ پنهنجي منهن چڪ پيو هڻي- بلڪ
ڪڏهن ته بيهوشيءَ ۾ پاڻ کي پيو چڪ هڻي!
ننڍڙو ”ڪرسٽي“ هن کان فقط ٻه چار وکون پري هو.
”لارڊ گلينلن“ هن ويچاري کي ڇڏي، پنهنجي جان بچائڻ
لاءِ ڀجي ويو. ”ڪرسٽي“ جي ٽوپي ڊوڙندي ڪري پيئي
هئي ۽ پاڻ مٿي اُگهاڙو، ڊپ ۾ ڏندو اَٿڙندو، ڀڳو
پئي ويو. ”رالف“ وقت نه وڃايو، هڪل ڪري چيائين ته
”بيهه، گلينلن، بيهه.... بئٽ ته مون کي ڏي، بئٽ!“
پر ، ننڍي لارڊ خوف کان پير ئي نه کوڙيو، منهن ئي
نه موڙيو. ”رالف“ لاچار ٿي پٺيانئس ڊوڙيو ۽ وڃي
هٿ مان بئٽ کسيائينس ۽ پوءِ ڊوڙي ڀاءُ کي بچائڻ
لاءِ آيو. ٻنهي هٿن ۾ بئٽ جهلي، ڀاءُ کي هڪل ڪري
چيائين ته ”ڪرسٽي“ وچ، مان گوهي هڻي هيڏي لڙ، هو
تنهنجي پٺيان نه لڙندو، سڌو هليو ويندو“ پر
”ڪرسٽيءَ“ جون متيون منجهي ويون هيون ۽ ”گلينلن“
وانگي ڊپ ۾ وائڙو ٿي ويو هو: رالف“ جي هڪل ٻڌائين
به سهي پر ڊپ کان سڌو ڀڳو ويو، ڦريو ئي ڪين. ڪتو
به اچي ويجهو پيس. ڇوڪر ڊپ کان پئي؛ دانهن ڪري
ڪِري پيئي ۽ ڪتي به کڻي چڪ هنيس پوءِ ته هو بيهوش
ٿي ويو، ۽ ڪو به سماءُ ڪونه پيس. رڳو ”رالف“ جي
بئٽ جي ڌڪ جو آواز سو پڙ لاءِ وانگي ڪن تي پيس، ۽
سمجهائين ٿي ته ڪو مون کي ڀاڪر ۾ وجهيو کنيو ٿو
وڃي.
انهيءَ لحظي ۾ جيڪي ٿي گذريو، سو هي هو ته ”مارٽن“
به ”رالف“ وانگي ڪرسٽيءَ جي مدد لاءِ ڀڳو. ڪتو به
وڃي ڇوڪري تائين پهتو، ته ”مارٽن“ رستو لتاڙي وڃي
ڪرسٽيءَ ۾ هٿ وڌا، ۽ ڀاڪر وجهي کنيائينس. ايتري ۾
”رالف“ به چتائي ٻه – هٿڙي بئٽ ڪتي کي اهڙي هنئي،
جو ڪتي جو ميڄالو ئي نڪري پيو ۽ اتي جو اتي ڪري
مري پيو.
”مارٽن“، ”ڪرسٽيءَ کي بيهوشيءَ جي حالت ۾ ڪڇ ۾
جهلي، گاهه تي رستي جي ڀرسان ويهي رهيو؛ ۽ ”رالف“
ڪتي کي ڦٿڪندو ۽ مرندو ڇڏي. ڊوڙي ”مارٽن“ وٽ آيو.
تڪڙ ۾ هن کان پڇڻ لڳو ته ”مارٽن، مارٽن بچيو ته
آهي؟ ٻيو جو کو ته ڪونهيس! ڌڪ هڻڻ کان اڳي، مون
ڪتي کي جهڙپ ڏيندو ۽ چڪ هڻندو ڏٺو هو. اوجهو، هاءِ
هاءِ، شايد اسين دير ڀرو پهتاسين!“ ڪرسٽيءَ جي سٿڻ
تي رت جا چٽا ڏسي. هن ائين چيو. پوءِ انهيءَ پاسي
جو پاچو مٿي ڪري جوراب هيٺ ڪري ڏٺائون ته بڪيءَ ۾
ٻن ڏندن جا نشان بيٺا هئا. جن مان رت نڪتو هو؛ مگر
زخم رڳو کل تي مٿاڇرو هو ، هيٺ ماس ۾ نه هو. انهيءَ
هوندي به هن کي ڏاڍو ڊپ ٿيو، جو سمجهين ٿي ته ڇتي
ڪتي جو کاڌل ماڻهو ڪهڙن عذابن سان مرندو آهي.
”رالف“ هڪدم چيو ته ”مارٽن، جهٽ ڪر، چيڪرس جي هوٽل
ويجهي آهي، اُتي هن کي کڻي هلون- پنج منٽ به ڪين
لڳندا.“
”مارٽن“ چيو ته چڱو ته ”چڱو، پر ذرو ترس. مون کي
پهرين هڪڙي ضروري ڳالهه سجهي ٿي.“
پوءِ ”رالف“ ڪرسٽيءَ کي جهلي ويٺو، ۽ ”مارٽن“ کيسي
مان هڪڙو سٽ جو ڌاڳو ڪڍي، ڦٽ جي مٿان ”ڪرسٽيءَ“ جي
ٽنگ کي ڇڪي ٻڌو. پوءِ هنن ٻنهي گڏجي ويچاري ٻار کي
ٻانهن تي کڻي، رستي جي ڀر واريءَ مهمان سراءِ ۾
آندو. لوڏي تي ”ڪرسٽيءَ“ به اکيون پٽيون. پڇڻ لڳو
ته ”ڪتي مون کي کاڌو آهي ڇا؟“
”رالف“ دلبريءَ مان چيس ته ”نه، ڪو رهنڊو کل تي
آيو آهي. اسين ”چيڪرس“ ۾ آيا آهيون. الا جي گلينلن
کي دل ۾ پوندو يا نه، ته قلعي مان ڪو ماڻهو مدد
لاءِ موڪلي!“
هنن هوٽل جي صفي ۾ ”ڪرسٽيءَ“ کي هڪڙيءَ کٽ تي کڻي
ليٽايو.”رالف“ هوٽل جي مالڪياڻيءَ کي پارت ڪري،
مارٽن کي چيو ته ”مارٽن، تون هتي ترس، ته آءٌ
ڊاڪٽر ”ميسن“ کي پنجن – اٺن منٽن ۾ وٺي اچان. هو
هتان ميل پنڌ تي به ڪين آهي. هن جي گاڏيءَ تي
اّنهيءَ کان به جلد اينداسين.“
”ڪرسٽيءَ“ پيار مان چيو ته ”رالف، مون کي ڇڏي نه
وڃ، تون مون وٽ رهه!“
”رالف“ چيو ته”ڪرسٽي، دلجاءِ ڪر، آءٌ اجهو ٿو اچان.
مارٽن مون جهڙو تکو ڊوڙي نه سگهندو، تنهڪري آءٌ
پاڻ ٿو وڃان.“
پر”ڪرسٽي“ ڀاءٌ جي ٻانهن کي چنبڙي پيو، ۽ هن کي
ڇڏي ئي نه. لاچار، ”رالف“ پنهنجي سنگتيءَ کي ڪم ۾
چيو ته ”ڀڄ، مارٽن، جيترو تکو وڃين سگهين اوترو
تکو وڃ. آءُ ڪرسٽيءَ وٽ ٿو ترسان، متان بي آرام
ٿئي.“
”مارٽن“ جواب ڏيڻ لاءِ به نه ترسيو؛ ڊوڙندو هليو
ويو. ”ڪرسٽي“ ڀاءُ کي ڳچيءَ ۾ ڀاڪر وجهي، هن جي
ڪلهي تي مٿو رکي، نستو ٿي پئجي رهيو.
باب اٺون
مسٽر”ڊگلس“ چوڪ ڪري ٿو
”مارٽن“ اڃا روانو مس ٿيو، ”رالف“ کي هڪڙي ڳالهه
دل ۾ آئي. هوٽل جي مالڪياڻيءَ ۽ سندس نوڪر کي- جي
اتي اچي گڏ ٿيا هئا- چيائين ته ”اوهين ڀلي هليا
وڃو،ته هي ماٺ ۾ آرام ڪري.“ تڏهن هو ويا، تڏهن ڀاءُ
کي لاهي، ڌار سمهاري، زخم جي جاءِ تان رت اگهي،
نئڙي رت ٿي چوسيائين، ته، ڪرسٽي“ سندس ارادو معلوم
ڪري چوڻ لڳو ته ”رالف، پيارا رالف، هي ڇا ٿو ڪرين؟
متان زخم کي چوسيو اٿئي ! اهو رواجي زهر ناهي، جي
تنهنجي زبان يا وات ۾ ڪاٿوري تي ئي رهڙ هوندي. ته
اهو مرض توکي وٺي ويندو؛ منهنجي خاطر ائين متان
ڪرين- جي ائين ڪندين، ته مون کي ماريندين!“ ائين
چئي، روئڻ لڳو.
”رالف“ چيو ته ”ڪرسٽي“ تڏهن آءٌ ڇا ڪريان؟ الاجي
ڊاڪٽر گهر هجي يا نه، يا جيسين اچي، تيسين دير ٿي
وڃي... ڏاهو ٿي، مون کي ڇڏ ته آءٌ زهر چوسي ڪڍان!“
پر هن جي ايتري چوڻ تي ئي، ضعف ڊپ کان، ”ڪرسٽي“
وري ماندو ٿيو ٿي ويو، تنهن ڪري ”رالف“ لاچار کڻي
بس ڪئي. پوءِ ساهه پٽي، ڪرسٽي چوڻ لڳو ته ”ادا،
مون ڪتاب ۾ پڙهيو آهي ته اهڙن وقتن تي ڇا ڪجي؛
هڪڙي سيخ يا ٽَڪ يا ٿلهي سئي يا اهڙي ڪا ٻي لوهه
جي شيءِ تپائي ڳاڙهي ڪري کڻي آءٌ.“
”رالف“ هڪدم هن جو مطلب سمجهيو. جهٽ ۾ وڃي
بورچيخاني مان سنهڙي سيخ تپائي. انهيءَ جو ٻيو
ڀيڙو ڪپڙي سان جهلي کڻي آيو. پوءِ ڀاءُ جي ٽنگ
مضبوط جهلي وري به ڦٽ تان رومال سان رت اُگهي،
اُهو هنڌ چپٽيءَ ۾ جهلي، سيخ جي چهنب ڏندن جي نشان
تي ٻن سيڪنڊن تائين جهليائين ”ڪرٽيءَ کي به ايذاءُ
ڏاڍو آيو، مگر همت جهلي ڪڇيائين ڪين. نڪي چريو
پريو- منهن سو ڦڪو ۽ پيلو ٿي ويس، ۽ مٺيون ۽ ڏند
ڀيڙي جهليا هئائين، جنهن ڪري آسانيءَ سان اهو عذاب
سهي ويو- پر پوءِ سوساڻو ٿي هنڌ تي ليٽي پيو.
”رالف“ به پوءِ ڀاءُ کي ڀاڪر پائي هن جي ڇاتيءَ تي
مٿو رکي روئڻ لڳو.
جڏهن ”ڪرسٽي“ سامت ۾ آيو، تڏهن ضعيف ۽ ڏڪندڙ آواز
سان پاڻ کي چوڻ لڳو ته . رالف، دل نه لاهه، مون
لاءِ نه روءُ. مون کي اُميد آهي ته جيڪي تو هينئر
منهنجي لاءِ ڪيو آهي، تنهن سان تو منهنجو ساهه
بچايو آهي.“
”رالف“ چيو ته ”ڪرسٽي، ڪهڙي ته خوف ۽ ارمان جي
ڳالهه آهي ته توسان ههڙو اتفاق ٿئي! .... مون سان
اهڙو حال ٿئي ها ته بهتر هو!“
”ڪرسٽيءَ، ڀاءُ جي وارن تي هٿ گهمائي، پيار مان
چيو ته ”رالف، آءٌ ڀانيان ٿو ته مون کي گهڻو نقصان
نه پهچندو؛ ڇا لاءِ جو ڪتي جا ڏند منهنجي سٿڻ ۽
جوراب مان لنگهيا ۽ تنهن ڪري اُن جو زهر انهن ۾
اُگهجي ويو. خدا ڪندو ته مون کي ڪو به جوکو نه
رسندو. پر جي ڪا تڪليف کڻي آئي ته به انهيءَ جي
سهڻ جي مون کي همت ڏيندو.“
ٿوريءَ ماٺ کان پوءِ ”رالف چيو ته ”مارٽن ڪيتري نه
دير لاٿي آهي! هن کي ڊاڪٽر ميس ته هٿ آيو هوندو.
هاڻ سگهو اچي ته چڱو.“ ”ڪرسٽيءَ چيو ته ”ادا،
نڪري رستي تي نظر ته ڪرينس ته منجهانئن ڪو اچي به
ٿو.“
”رالف“ نڪري ٻاهر ويو ۽ رستي تي بيهي نظر ڪرڻ لڳو.
ڏاڍي فرحت جي هوا پئي لڳي. سج لٿي جي مهل، پکين
جون ٻوليون ۽ جيتن جو ڀڻڪو پئي آيو. چوڌاري ماٺ
لڳي پيئي هئي- نڪو گاڏيءَ جي ڦيٿن جو آواز، نڪو
پيرن جو دٻڪو پري کان ٻڌڻ ۾ ٿي آيو. اڳڀرو ٿي،
اُنهيءَ هنڌ تائين ويو، جتي ڪرسٽيءَ تي ڪتو ڪاهي
آيو هو، ۽ جتي ڪتو مئو پيو هو. اُن جي پاسي بئٽ
به پيئي هئي، جنهن سان اڌ ڪلاڪ کن اڳي هن ڌڪ هنيو
هوس اُها هن کنئي، انهيءَ لاءِ ته ”لارڊ گلينلن“
کي موٽائي ڏئي. تنهن کان پوءِ، ڊاڪٽر جي دير ڪرڻ
تي خفي ٿي، ”چيڪرس“ جي هوٽل وٽ آيو. گهڙڻ کان اڳي
هو ٻاهر انتظار ۽ فڪر ۾ بيهي رهيو، ۽ ڀاءُ جي لاءِ
دل ۾ خدا کان دعا گهرڻ لڳو.
انهيءَ خيال ۾ بيٺو هو، ته اوچتو سامهون پري کان
پڻس رستو ڏيئي اچي منهن ڪڍيو. هي پنهنجن خيالن ۾
اهڙو محو هو، جو پڻس جي اچڻ جو سماءُ ئي ڪو نه پيس.
پڻس نالو وٺي به سڏيس، پر هن ٻڌو ئي ڪين. نيٺ هن
وڏي آواز سان چيو ته ”رالف، هي ڇا- مون ٻه ڀيرا
توکي سڏيو، پر تو الاجي منهنجو سڏ ٻڌو يا ڪوڙ ڪري
ڪنٽار ڪري ڇڏيئي!“
”رالف“ ڇرڪ ڀري چيو ته ”بابا معاف ڪجو، مون کي
خيال ۾ ڪين هو ته اوهين ڪي هتي ايندؤ.“
”مسٽر ڊگلس“ ٽوڪ ڪندي چيو ته آءٌ پاڻ ائين ٿو
ڀانيان؛ جي منهنجي اچڻ جي خبر هجئي ها، ته جيڪر
ههڙي شرابخاني جي در تي ظاهر ظهور ڪين بيهي رهين
ها! ڀانئجي ٿو ته تون هن جاءِ جو خوب واقف آهين:
انهيءَ هوندي به جڏهن انهيءَ ڏينهن مون چيو ته تون
ڪنهن خرابيءَ جي پٺيان هوندي، تڏهن توکي چڙ لڳي
ويئي.... ٻڌاءِ ته شراب پئي پيتئه ڪيئن؟“
”رالف“ ڏاڍيءَ غمگينيءَ سان جواب ڏنو ته ”بابا،
مون ته ڪي ڪين پيتو آهي؛ آءٌ عمر ۾ ڪنهن هوٽل يا
شرابخاني ۾ ڪين ويو آهيان.“
وري ”مسٽر ڊگلس“، سندس هٿ واري بئٽ ڏي اشارو ڪري،
چوڻ لڳو ته ”منهنجي مرضيءَ جي خلاف ڪرڪيٽ جي راند
ته نه پئي ڪئي اٿئي؟“
هن چيو ته ”نه، بابا.“ پر جيتري ۾ هن پيءُ سان پئي
ڳالهايو، تيتري ۾ هن جي منهن ۾، اندر جي خيال ڪري،
ڪيترائي رنگ ظاهر ٿيڻ لڳا. ويچاري کي اهو خيال هو
ته جيڪي ٿي گذريو آهي، تنهن جي بابا کي ڪا به خبر
ڪانهي! ۽ جڏهن خبر پونديس، تڏهن الاجي ڇا ڪندو ۽
ڪهڙو حال ٿيندس. پر پڻس ٿي سمجهيو ته هي سچيءَ
ڳالهه لڪائڻ جي ڪوشش پيو ڪري. انهيءَ سبب منهن
اهڙو ٿو ڪري؛ تنهن ڪري ڪاوڙ مان چيائينس ته ”نه،
تو ضرور شراب پئي پيتو آهي ۽ مون سان ڪوڙ ٿو
ڳالهائين! تنهن جو منهن پيو ڳالهائي. خمار ۾
ڳاڙهو آهي... ۽ هن بئٽ سان وري ٻيو ڇا پئي ڪيو
هوندءِ، جي ڪيو. هوندءِ، جي ڪرڪيٽ نٿي کيڏيئه؟ اڃا
اڄ صبح جو توکي چٽيءَ طرح تازي منع ڪئي هيم. ماڻهو
اڪثر رستن تي لڪڻن جي بدران ڪرڪيٽ جون بئٽون نه
کڻي هلندا آهن! تون ڀانئين ٿو ته ڇا ته آءٌ تو
جيڏي ڇوڪري کي پنهنجي حڪم جي نافرماني ڪرڻ ڏيندس؟“
”رالف“ آهستي چيو ته ”بابا، ذرا آهستي ڳالهايو،
ائين ڪين آهي. اوهين چوڪ ٿا ڪريو. ذرا آهستي
ڳالهايو. متان ويچارو ڪرسٽي اوهان جو ڳالهائڻ ٻڌي!“
هي ٻڌي، مسٽر ”ڊگلس“ ڏاڍي ڪاوڙ مان چيو ته ”ڇا
ڪرسٽي هتي آهي؟- تڏهن تو هن کي هتي آندو هوندو!
”ويچارو ڪرسٽيءَ“ ڇو ٿو چوين؟...انهيءَ کي کاري،
ڪنهن خرابيءَ ۾ آڻي وڌو اٿئي ڪيئن؟ نڪري وڃ منهنجي
منهن تان- تون منهنجي لاءِ شرم ۽ رنج جو سبب آهين“
پر گهوڙي جو چهبڪ جيڪو هٿ ۾ هوس، تنهن سان ”رالف“
کي پٺن تي ٻه ٽي ڌڪ هڻي ڪڍيائين.
هڪڙي لحظي تائين ته ”رالف“ بيحواس ٿي بيهي رهيو؛
پوءِ ڪاوڙ کان اکيون چمڪڻ لڳس، ۽ چڙ جا لفظ زبان
تي اچڻ لڳس. جهٽ ڏيئي پيءُ جي هٿ مان چهبڪ کسي،
لوڙهي تي اڇلائي ڇڏيائين. الاجي انهيءَ مهل وڌيڪ
ڇا ٿي پوي ها، پر دريءَ مان ”اڙي بابا!“ جي ضعيف
دانهن ٻڌڻ ۾ آئي، جنهن تي مسٽر ”ڊگلس“ پنهنجي ڪاوڙ
وساري، ڪاهي اندر هوٽل ۾ ويو. اهو ٻاهريون هل.
ڪرسٽيءَ جي ڪن تي پيو هو، ۽ هن پيءُ جو آواز سڃاتو
هو، تنهن کي هڪدم معلوم ٿيو ته بابو ڀليو آهي، مگر
ضعيف ۽ نستو هو، اُٿي نٿي سگهيو. پر جڏهن پيءُ جي
ڪاوڙ ٻڌائين، تڏهن اُٿڻ جي ڪوشش ڪيائين؛ پر ضعف جي
ڪري ماندو ٿي هنڌ تي ڪري پيو. ۽ جڏهن پڻس اندر
آيو، تڏهن هو پيلو ۽ بيهوش ٿيو پيو هو. انهيءَ وقت
ڊاڪٽر ”ميسن“، ”سرهينري آلربي“ ۽ مارٽن“ به گهڙي
آيا ڊاڪٽر ته بيهوش ڇوڪر کي چڪاسڻ ۾ مشغول ٿيو ۽
”سرهينريءَ“جنهن ڳوٺ ۾ پنهنجي پٽ کان سڄي ڳالهه
ٻڌي هئي، تنهن اُها هينئر مختصر طرح اُتي بيٺي
ٻڌائي. ڊاڪٽر تڪڙ مان پڇيو ته هي ڏندن جا نشان
ڪنهن ساڙيا آهن؟“
هوٽل جي مالڪياڻيءَ جواب ڏنو ته ”سائين، ماسٽر
رالف ڊگلس ساڙيا آهن؟“
ڊاڪٽر چيو ته هان! ۽ ڪتي کي سامهون ٿي ڌڪ هڻي
ماريو به ماسٽر رالف ۽ ڊگلس آهي. اها مون کي اڳئي
خبر آهي. ائين ڪرڻ سان هن ڪيترن ٻين ماڻهن جا ساهه
بچايا آهن. رالف ڊگلس ڏاڍو ڪو مردانو، همت ڀريو ۽
شريف ڇوڪرو آهي! اهي ٻئي ڪم هن اهڙا ڪيا آهن. جو
ٻيو ڪو مڙس ماڻهو به نه ڪري سگهي. ڏندن جي نشانن
تي هن اهڙا چڱا ڏنڀ ڏنا آهن، جو جيڪر آءٌ به انهيءَ
کان بهتر نه ڏيئي سگهان! هن پنهنجي ڀاءُ جي حياتي
بچائي ڇڏي آهي. هاڻ هن کي ٻيو خوف ڪونهي.“ ڊاڪٽر
ائين به پئي چيو، ۽ زخم جي مرهم پٽي به پئي ڪيائين.
”سر هينري آلربيءَ پڇيو ته ”رالف ڪٿي آهي؟ اڳهڻو
ته ٻاهر بيٺو هو.“ سڀني هيڏي هوڏي نهاريو، پر هو
اُتي ڪونه ڏسڻ ۾ آيو. ”مارٽن“ ٻاهر ڳولڻ ويس- ڏسي
ته پري کان رستي تي ور مٽي هليو پيو وڃي. پيءُجي
وڃڻ کان پوءِ، هو ذري تائين ڏک ۽ ڪاوڙ ۾ ماٺ ڪري
بيٺو : ڄاتائين ته هاڻي ”ڪرسٽيءَ“ جي سنڀالڻ لاءِ
بهتر ماڻهو موجود آهن، منهنجي گهرج ڪانهي. رڳو
پنهنجيءَ ماءُ کي تجويز سان انهيءَ خوفناڪ حادثي
جي خبر ڏيڻي آهي. تنهن ڪري پيءُ جي ڳالهه سڀ وساري،
محبت جي جوش کان، گهر ڏي هليو، ۽ رستي ۾ هيءَ دعا
گهرندو ويو ته ”يا خدا، منهنجي ڀاءُ کي بچائي، ۽
هن خوفناڪ آفت کان هن کي رکي وٺ!“
جيئن ڊاڪٽر ۽ سرهينري هوٽل جي مالڪياڻيءَ کان
زياده احوال پئي معلوم ڪيو، تيئن زياده حيرت ۾ ٿي
پيا. ڊاڪٽر ”ميسن“ ڏاڍي شوق مان چوڻ لڳو ته ”آءٌ
ڀانيان ٿو ته هزارن ۾ ڪو هڪڙو ڇوڪرو لڀندو، جو
ههڙو ڪم ڪري سگهندو. هن سان زياده مهرباني ڪرڻ
گهرجي ۽ هن کي ڪنهن طرح سان آفرين ڪرڻ گهرجي.“ اهو
پويون جملو هن مسٽر ”ڊگلس“ ڏي منهن ڪري چيو. جو
ايندي ڏٺو هئائين ته هو پٽ سان ڪاوڙ مان ٿو
ڳالهائي پر مسٽر ”ڊگلس“ ڪرسٽيءَ جي پاسي ۾؛ تصوير
وانگي ماٺ ڪيو ويٺو هو؛ ۽ پٽ کي هوش ۾ آڻڻ لاءِ هن
کي پيار مان هٿ پئي گهمايائين.
سگهوئي ”ڪرسٽيءَ“ اکيون پٽيون، هوش ۾ آيو؛ ۽ هيڏي
هوڏي نهارڻ لڳو. پڻس پڇيو ته ”بابا؛ ڪيئن ٿو
ڀانيئن؟“
هن چيو ته ”بابا آءٌ چڱو ڀلو آهيان، رڳو خوف جي
ڪري دل کي لوڏو آيو اٿم، ٻيو ڪي به ڪين آهي. پر
بابا، رالف ڪٿي آهي؟ ڀانيان ٿو ته اوهان هن سان
ڪاوڙ مان پئي ڳالهايو. انهيءَ ڪري مون کي ڊپ ٿيو ۽
ساڻو ٿي ويس.“
”مارٽن“ چيس ته ”ڪرسٽي، رالف گهر ڏي ويو آهي- شايد
مسز ڊگلس کي خبر ڏيڻ ويو آهي.“
”ڪرسٽيءَ“ چيو ته شاباش، آءٌ ڏاڍو خوش ٿيو آهيان.
رالف وانگي ٻيو ڪو به امان کي اهڙي خبر ڏيئي نه
سگهندو. هن کي ڇرڪ به ڪونه پوندا، ۽ نااُميد به نه
ٿيندي... آءٌ آهيان به چڱو ڀلو، رڳو ڏنڀ ٿورو
ايذاءُ ڏين ٿا. مارٽن مون هيستائين تنهنجي شڪر
گذاري نه ڪئي؛ آءٌ عمر تائين تنهنجو احسانمند
رهندس. باقي، رالف جي لاءِ آءٌ ايترو پيار ڪٿان
آڻيان- منهنجي لاءِ ته ڄڻ هو آسمان مان ملائڪ
وانگي لهي آيو هو! مارٽن، جي هو ۽ تون نه هجو ها
ته ڪتو جيڪر مون کي ڏاري ڦاڙي ڇڏي ها. تنهن کان
پوءِ وري بابا هن اهڙي آرام سان ڏنڀ ڏنا جو ٻئي
ڪنهن جي هٿان جيڪر آءٌ اهو سور سهي نه سگهان ها.“
ڊاڪٽر ”ميسن“ چيو ته ”پيارا ڇوڪرا، گهڻو نه ڳالهاءِ،
ماٺ ۽ آرام تنهن جي لاءِ هينئر چڱو علاج آهي. مسٽر
ڊگلس، بهتر آهي ته اوهين ڪا گاڏي گهرايو ۽ ٻار کي
گهر کڻي وڃي آرام ڪرايو؛ ٻيو فڪر ڪو به نه ڪريو.
ڪرسٽي، توکي ڪو به خوف ڪونهي؛ ڪتي جا ڏند ڪپڙن ۾
اٽڪي ڪري گهڻي اثر وارا نه ٿيا آهن، جيڪر اثر هون،
سو به رالف جي ڊاڪٽر هنر لاهي ڇڏيو آهي.“
ڪرسٽيءَ چيو ته ”ڊاڪٽر صاحب اوهان جي گهڻي مهرباني.
مون کي هاڻي ڪو به ڊپ ڪونهي. خدا سڀ خير ڪندو. ۽
منهنجي حال تي رحم ڪندو. آءٌ مارٽن ۽ رالف جو
احسان ڪڏهن به نه وساريندس.“
ڊاڪٽر مهربانيءَ سان چيو ته ”بابا، خدا توکي خوش
رکندو. اُميد آهي ته سڀاڻي وري به توکي اچي ڏسندس،
۽ رالف کي به آفرين ڪندس.“
ڊاڪٽر موڪلائي هليو ويو. هڪدم مسٽر ”ڊگلس“ جي
گاڏي به اچي نڪتي جا ”رالف“ گهر پهچڻ شرط وڃي
موڪلي هئي. ماءُ کي به پوءِ وڃي ڏٺو هئائين.
ڪرسٽيءَ کي کڻي گاڏي ۾ وڌائون. ”مارٽن“ هن کي اُتي
وهاڻا ٺاهي ڏنا، ۽ مسٽر ”ڊگلس“ تيتري ۾ وڃي هوٽل
جي مالڪياڻيءَ کي سندس هلاڪيءَ جي لاءِ خرچي ڏني.
”سر هينري آلربيءَ“ به هن کان موڪلائيندي چيو ته
”مسٽر ڊگلس.، تون ڏاڍو نصيب وارو آهين، جو اهڙا
صالح پٽ توکي خدا ڏنا آهن، ٻئي موتي جا داڻا آهن!
آءٌ ڏاڍو خوش آهيان، جو ”مارٽن“ ۽ ”رالف“ پاڻ ۾
گهاٽا يار آهن.“
مسٽر ”ڊگلس“ چيو ته ”سر هينري، رالف جي تعريف ڪري
مون کي چيڙاءِ نه. خدا خير ڪري، ڪرسٽيءَ کي خدا
وڏي حياتي ڏئي، نه ته رڳي رالف سان منهنجي حياتي
ڪيئن گذري سگهندي!“
سر هينريءَ چيو ته ڇو ٿا اهڙو ڊپ رکو، ڪرسٽيءَ کي
ڪو به خوف ڪونهي، پر رالف به اهڙو پٽ آهي جنهن تي
سڀڪو پيءُ جيڪو فخر ڪري سگهي. اسان هتي ايندي
اوهان کي ڏٺو جو هن سان ڪاوڙ مان پئي ڳالهايو- هن
ڪهڙو قصور ڪيو هو!“
هن ورندي ڏني ته ”اها ته فقط هڪڙي چوڪ هئي؛ مگر
هونئن به رالف هميشه پنهنجي پيءُ کي پنهنجا اوگڻ
پئي ڏيکاريا آهن. رڳو ڌارين کي شايد پنهنجا گڻ ٿو
ڏيکاري.“
”سر هينريءَ“ چيو ته ”وڏي ارمان جي ڳالهه آهي.“
پوءِ مسٽر”ڊگلس“ کان موڪلائي ”مارٽن“ کي ساڻ ڪري
گهر هليو ويو. رستي ۾ ماريل ڪتي وٽان لنگهيا.
”مارٽن“ اهو ڏسي چيو ته ”ويچارو ڪهڙو نه چڱو ڪتو
هو! الائي ڇا ٿيس؟ ڪالهه بي آرام هو ۽ تنهن سان
ڏند پئي رهڙيائين ؛ اڄ صبح جو ڪک ۽ ڪاٺيون پئي
کاڌائين. پوءِ ته ڇتو ٿي پيو.“
پڻس چيو ته جي انهن علامتن جي مون کي خبر پوي ها
ته آءٌ بندوق هڻي ماري ڇڏيانس ها، پر مارٽن توکي
شابش هجي جو تو همت ڪري ڊپ کانسواءِ ڪرسٽيءَ کي
کڻي ورتو!“
”مارٽن“ چيو ته ”ويچارو ڪرسٽي! رالف رڙ ڪري به چيس
ته مڙي پاسيرو نڪري اچ، پر ڊپ کان هو مڙي نه
سگهيو؛ ۽ مون کي خبر هئي ته ته ڇتو ڪتو هميشه
سنئون ڊوڙندو آهي. ڪيڏي مڙندو يا ڦرندو نه آهي،
تنهن ڪري آءٌ هن کي کڻي پاسو ڪرڻ ۽ بچائڻ لاءِ
ڊوڙيس.“
پڻس چيو ته ”مارٽن، تنهنجو پيءُ تو لاءِ فخر ڪندڙ
آهي.“
”مارٽن“ ادب سان چيو ته ”بابا، آءٌ اوهان جو گهڻو
شڪر گذار آهيان، پر جيڪي مون ڪيو، سو رالف جي
بهادريءَ ۽ چالاڪيءَ جي اڳيان ڪي به ڪين آهي؛
گلينلن کان بئٽ کسي اهڙو زور سان هنيائينس جو مغز
ڦيهي رکيائينس!“
”سر هينريءَ“ چيو ته ”آءٌ توکي توڙي هن کي قدرداني
ڏيکارڻ لاءِ ڪو انعام ڏيندس.“
”مارٽن“ چيو ته ”بابا، مهرباني اوهان جي. انهيءَ
صورت ۾ اوهان جي رضامندي مون کي گهڻي وڻندي.“
پڻس چيو ته ”ٻڌايئين ته توکي ڇا انعام ڏيندس؟
”عالم حيوانات جي تاريخ جو تمام عمدو ڪتاب ڏيندس؛
انهيءَ لاءِ ته انهيءَ ۾ تون پڙهين ته ڇتن ڪتن جي
سڃاڻڻ جون ڪهڙيون علامتون آهن. پر رالف کي ڇا ڏيان؟“
”مارٽن“ جواب ڏنو ته ”هن کي ڪا عمدي بئٽ يا ٻيو
ڪرڪيٽ جو سامان وٺي ڏيو.“
”سرهينريءَ“ چيو ته ”چڱو، بابا ائين ڪندس. ڀلا،
تنهن جي ٻئي دوست گلينلن کي ڇا ڏجي؟“
”مارٽن نفرت مان چيو ته ”ڇا جو انعام- ڀڄي وڃڻ جو؟
نه نه هن کي شرطن هڻن جو ڪتاب عمدي جلد سان يا
سگارن چروٽن رکڻ جي پيتي يا خوشبوءَ جي ٻاٽليءَ،
يا ڪا سينگار جي شيءِ وٺي ڏيو.
* * *
”لارڊ گلينلن“ جي حقيقت هيءَ هئي ته جڏهن ڀڄي
پنهنجن سنگيتين جي نظر کان پري ويو، تڏهن ڊپ کان
رستو ڇڏي لڙي ٻنين ۾ پيو. اتان لڪي موٽي ”ڊانسرل
ڪئسل“ ۾ ويو. هونئن ڊڄڻو به ڪين هوندو هو، مگر هن
ڀيري اوچتي خوف اچڻ ڪري اهڙو حال ٿيو هوس. جڏهن
گهر پهتو، تڏهن پهريون ڪم اهو ڪيائين جو پنهنجي
نوڪر ”ڪلارڪ“ کي سڏي شراب گهرايائين. اهو نوڪر
سندس حال ڀائي هو، ۽ هن جي مرضيءَ تي هلندو هو.
”لارڊ ڊانرل“، غفلت ڪري انهيءَ جي نظر ڪانه رکي
هئي.
باب نائون
هٿان ويل وجهه
مسٽر ”ڊگلس“، ”ڪرسٽيءَ“ کي گاڏي ۾ ويهاري اٿي هليو.
ڳچ تائين ته ٻئي ماٺ ڪريو پنهنجن خيالن ۾ ويٺا هئا.
پوءِ ”ڪرسٽي“، پنهنجو هٿ پيءُ جي هٿ ۾ وجهي چوڻ
لڳو ته ”بابا، ههڙيءَ بهادريءَ جي ڪم کانپوءِ
اوهين رالف تي مهربان ٿيندو نه؟“
مسٽر ”ڊگلس“ کي ”ڪرسٽيءَ“ جو هي سوال ڏاڍو ڏکيو
لڳو. چوڌاري ”رالف“ سان نامهربانيءَ جو عتاب پئي
مليس، ۽ هن جي تعريف ۽ سفارش پئي ٻڌائين. ڊاڪٽر
”ميسن“ جي سرهينري آلربيءَ“ جي، ”مارٽن“ جي، هوٽل
جي مالڪياڻيءَ جي-پر سڀ کان وڌيڪ اثرناڪ ”ڪرسٽيءَ“
جي سفارش هئي. ٿوري تائين ته هن کي جواب ڏيئي نه
سگهيو، نيٺ چيائينس ”ڪرسٽي، آءُ پنهنجن پٽن مان
ڪنهن سان نامهربان به ٿيو آهيان، ڪيئن؟“
ڪرسٽي چيوته، ”بابا، مون سان ته نه، باقي....“ هن
وڌيڪ نه چيو.
مسٽر ”ڊگلس“ جواب ڏنوته ”رالف“ سان به ناهيان، پر،
بابا تون اڃا ننڍو آهين، توکي ضروري فهمائش ۽
نامهربانيءَ جي وچ ۾ فرق جي خبر پئجي نه سگهندي.
ڪرسٽي، انهيءَ بابت وري مون کي متان چوين!
”ڪرسٽي “، ٿڌو ساهه کڻي، ماٺ ڪري ويهي رهيو.
سگهوئي گاڏي ”گرينج“ تي اچي رسي. جيسين مسٽر
”ڊگلس“ نوڪرن کي سمجهايو، تيسين ڪرسٽي پاڻ رڙهي
صفي ۾ آيو، جتي ماڻس ۽ رالف ٻئي سندس لاءِ منتظر
ويٺا هئا. ماڻس ته هڪدم ڊوڙي اچي ڀاڪر پاتس. ۽
چميون ڏيڻ لڳيس؛ پيار ۽ ڏک کان اکين مان ڳوڙها به
پئي وهيس. ”ڪرسٽيءَ“ پڇيس ته ”امان توکي حقيقت ته
سڀ معلوم ئي هوندي. ”ماڻس چيوته ”هائو. ابا، سڀ.
پر انهيءَ جو ڪو خيال نه ڪر، الف مون کي سڄي ڳالهه
آرام سان ڪري ٻڌائي آهي؛ مون کي تنهنجي نسبت ۾
ڪوبه ڊپ ڪونه ٿو ٿئي.“
ڪرسٽيءَ چيو ته ”سچ، امان، جي انهيءَ مهل تون رالف
کي ڏسين ها، ته ڏاڍي خوش ٿين ها ۽ فخر ڪرين ها.“
اتي ”رالف“ چيو ته مار، ”ڪرسٽي، ڄڻ ته تون منهنجي
لاءِ ايترو به ڪري نه سگهين ها! انهيءَ ۾ ڇا هو،
سمجهيو ته ڪتي جو مٿو بال آهي، ۽ تون وڪيٽ آهين!“
پوءِ هو خوش ٿي ويٺا. شام جو وقت ڏاڍو مزي جهڙو هو.
گلن جي هٻڪار پئي آئي.
”ڪرسٽيءَ“ چيو ته ”امان، اڄ هلو ته هلي ٻيٽ تي
چانهه پيون!“
ماڻس چيوته ”ابا، تو پيءُ کي وساري ڇڏيو آهي! آءٌ
وڃيو ٿي پڇانس.“ ائين چئي، هوءَ مڙس ڏي ويئي. هو
پنهنجي جاءِ ۾ته اڪيلو، ڪنڌ هيٺ ڪيو، ميز وٽ ويٺو
هو. ٿورو چڙيل هو، پر ظاهري شڪل رواجي هيس. زال کي
ڏسي، چوڻ لڳو ته ”ميري، پياري، ڪرسٽيءَ کي خدا
بچايو آهي! اڳتي به اهو بچائيندس.“
هن خوشيءَ مان ورندي ڏني ته ”هائو، اسان کي گهرجي
ته هن کي خوش رکيو اچون، ۽ انهيءَ خوف بابت خيالن
ڪرڻ جو وجهه نه ڏيون.“
هوءَ ترسي ته من هو ”رالف“ بابت ڪي ٻه ٽي اکر
ڳالهائي، پر هن ڪڇيو ئي ڪين. تڏهن پاڻ ڳالهه چوري،
چوڻ لڳي ته ”ڇو، ايوان، رالف بابت تعريف يا شاباش
جو اکر ئي ڪونه چيئه؟“
هن، ڳنڍ وجهي، ٿڌائيءَ سان چيو ته هائو، رالف
برابر چڱو ڪم ڪيو-اها عجب جي ڳالهه آهي.“
پوئين جملي، پهرئين جي خوبي وڃائي ڇڏي. مسز ”ڊگلس“
وڌيڪ ڪين ڪڇي، رڳو ايترو چيائين ته ”ٺهيو، پيارا،
آءٌ توکي رالف جي لاءِ ستائڻ نه آئي هيس، پر پڇڻ
آئي هيس ته اڄ شام جو ٻيٽ تي هلي چانهه پيندين يا
نه-ڇوڪرن جي مرضي آهي ته اُتي هلن.“
هن چيو ته ”مون کي معاف ڪر. منهنجي دل نٿي چوي ته
هلان. مون کانسواءِ پاڻ اوهين خوش گذاريندو. مون
کي اهڙا تماشا ڪين وڻندا آهن تنهن کانسواءِ، اڄ
رات مون کي ڪي ڪجهه ضروري لکڻو آهي، تنهنڪري وقت
ڪونه ٿيندو. آءُ چانهه هتي پيئندس.“
”مسز ڊگلس“ چيو ته ”چڱو، يا هتي هنڌ ۾ رهڻ چڱو.“
هن چيو ته ”نه امان، مون کي ڇڏ ته آءُ هلان؛ آءٌ
بلڪل چڱو ڀلو آهيان.“
جيتري ۾ چانهه تيار ٿي، تيتري ۾ ”رالف“ هنن کي
ٻيڙيءَ تي چاڙهي اٿي هليو. پاڻ ڳن هڻڻ لڳو، ۽ ماڻس
۽ ڀاڻس مڪان تي ويٺا جهٽ ۾ اچي ٻيٽ تي نڪتا. چانهه
به تيار ٿي، ۽ سڀيئي پي خوش ٿيا. چوڌاري فرحت لڳي
پئي هئي. جهنگلي گل ۽ ساوڪ، هنج پکي، گلن جي خوشبو،
نماشام جا رنگ، ۽ انهن جو عڪس پاڻيءَ تي- اهي سڀ
خوشيءَ جا سبب هئا؛ پر اُنهيءَ ڏينهن جي حادثي جي
سڀني جي دلين تي ٿوري گهڻي غمگيني ۽ ڳڻتي هئي-
سڀني کان زياده غمگين ”رالف“ هو.
ماڻس سندس حال ڏسي چيو: ”رالف، ههڙي خوشيءَ ۽ مزي
جهڙي وقت ۾ ڇو ٿو اهڙو غمگين ٿين؟“
هن، زور ڪري خوش ٿي، جواب ڏنو ته ”غمگين؟ نه، آءٌ
غمگين ته ناهيان!“ پوءِ، ماٺ ڪري، آسمان ڏي نهاري
چيائين ته ”ههڙي قسم جي آسمان طوفان جي نشاني ناهي
ڇا؟ مون کي ته هن جي ڏٺي دل ۾ خوف ۽ بد سڳڻي پيدا
ٿي ٿئي!“
”ڪرسٽيءَ “ چيو ته ”آسمان تمام چڱو آهي، ۽ ڳاڙهين
لهرين سان ڀريل آهي- پر جي چانديءَ جهڙين اڇين
لهرين سان ڀريل هجي ها، ته واءَ ۽ طوفان جو ڊپ
چوندا آهن.“
پوءِ هنن ويهي جهنگلي گُل گڏ ڪيا ۽ انهن جا گلدستا
ٻڌائون. انهيءَ طرح، رات پوڻ تائين دل وندرايائون.
نيٺ جڏهن سانجهيءَ جو تارو ظاهر ٿيو ۽ ماڪ ۽ سردي
پوڻ لڳي، تڏهن هو موٽي گهر آيا. سڀ اچي ملاقات
واري صفي ۾ ويٺا. اتي ”مسزڊ گلس“ پٽن کي ڏاڍا مزي
جهرا راڳ ڳائي ٻڌايا.
”رالف“ کي ته اهائي ڳڻتي هئي ته ”الاجي، جيڪي اڄ
مون ڪيو، سو بابي جي ڌيان تي آيو يا نه- جي آيو،
ته پوءِ منهنجي ڪا هاڻ واکاڻ ڪندو ۽ مون کي ڪا
آفرين ڏيندو يا نه- من ايترو چوي ته هن ۾ ناحق غلط
شڪ پيم، ۽ هن کي ناحق ڌڪ هنيم!“ جي پڻس ٿورو ئي
ائين ڪري ها ته ”رالف“ جي محبت پيءُ ڏانهن قائم
رهي ها، ۽ هو وري به وڃي پيرين پئي يا اڳيانئس
گوڏا ڀڃي دعا گهري ها، جو جهڙو بت ۾ مضبوط ۽ دل جي
همت وارو هو، تهڙو سندس طبيعت نرم ۽ محبت واري هئي؛
پر مسٽر ”ڊگلس“ پنهنجي هٺئون هيٺ لهڻ جو به هو- هو
مغرور، هوڏي ۽ بي انصاف هو. جيتوڻيڪ پٽ جي بهادري
۽ هوشياري ذري ذري انهي ڏينهن دل ۾ پئي آيس، ته به
هي خيال ڪيائين ڪيئاين ته ڇوڪر جي اڳيان پاڻ کي
ذليل ڪريان ڇا؛ پٽ کان وڃي معافي گهران ڇا؛ جنهن
هميشه منهنجي مرضيءَ جي برخلاف هلت پئي ڪئي آهي،
تنهنجي اڳيان وڃي قبول ڪريان. ڪيئن ته مون چوڪ ڪئي،
مون قصور ڪيو؟ مون کي برابر ارمان آهي ته ناحق
چهبڪ هنيو مانس، پر حالتون اهڙيون هيون جو ڪوبه
مون وانگي غلط فهمي ڪري ها- پر، پوءِ وري هن
بيحيائي ڪري زور سان منهنجي هٿ مان چهبڪ کسي
اڇلائي ڇڏيو! سڀڪو سندس تعريف ڪري ٿو ۽ مون کي
ڏانهس نا مهربان رهڻ جو عتاب ڏئي ٿو- ايترو سندس
لاءِ بس آهي. ائين مٿو ڦري نه وڃيس- متان ڄاڻي ته
آءُ صحيح، ۽ بابو غلط آهي! آءٌ ڀانيان ٿو ته بهتر
ائين آهي ته اها سڄي ڳالهه وساري ڇڏجي، ۽ انهيءَ
جو وري ڪوبه ذڪر نه ڪجي.
اهي خيال شام کان وٺي مسٽر ”ڊگلس“ جي دل ۾ هئا؛
مگر هن کي اڃا اها خاطري نه ٿي هئي ته انصاف جو
ستو هي آهي. تنهنڪري، جڏهن زال ۽ ٻارن کي صفي ۾
گڏجڻ ويو، تڏهن به دل پئي هنيائين ته ڇا ڪريان. هو
سڀ دريءَ وٽ ويٺا هئا ۽ ٻاهر جو نظارو پئي ڏٺائون.
اڃا بتيون نه ٻاريون هئائون. ”ڪرسٽي“، ماءُ جي
گوڏي تي مٿور کيو، ڪوچ تي ليٽيو پيو هو. ”رالف“،
ماءُ جي پيرن وٽ، ننڍڙي اسٽول تي ويٺي ٻاهر نهاريو
۽ ماءُ جا راڳ ٻڌا. جڏهن مسٽر ”ڊگلس اندر آيوت ڏهن
راڳ بس ٿي ويو، ۽ ماٺ لڳي ويئي. مسٽر ”ڊگلس“
سمجهيو ته هي مون کان سواءِ خوش پيا گذارين، ۽
منهنجي حاضريءَ ڪري دل تي بار ٿو ٿئين، سو خفي مان
چوڻ لڳو ته ”الاجي اڄ اوهان مون کي وساري ڇڏيو آهي،
يا مون کي اوهان ۾ ڪا محبت ڏسڻ ۾ نٿي اچي!“
هنن سڀني به دل ۾ پئي اڳي ئي پهه پچايو ته ڪهڙي
ڳالهه ڪريان مسز ”ڊگلس“ چيو ته ”پيارا، ڪرسٽي
ويچارو ٿڪجي ساڻو ٿي پيو آهي، تنهنجي فڪر ۾ ويٺا
آهيون.“
مسٽر ”ڊگلس“ چيو ته واه! هو ويچارو ته ضرور ٿڪو
هوندو؛ هن کان اڳي هن کي هنڌ ۾ سکيو ٿي سمهڻ گهربو
هو؛ پر اهو ڪو سبب آهي ڇا ته اسين سڀ اونداهيءَ ۾
ويٺا هجون؟“
مسٽر ”ڊگلس“ چيو ته ”رالف، بابا گهنٽي وڄائيندين
ته ڪو نوڪر اچي بتيون ٻاري؟“
”مسٽر ڊگلس“ وري ڪرڪي چيو ته ”اهو ڪوچ ته انهيءَ
دريءَ وٽ نه وجهندا وڃو: سامان برابر رکيل نه
هوندو آهي، ته مون کي بڇان لڳندي آهي!“
”رالف“ چيو ته ”ڪرسٽي، اٿ نه، آءٌ ڪوچ کي تنهنجي
اٿڻ کانسواءِ ئي ڦيٿن تي ريڙهي پاسي ٿو ڪريان.“
انهيءَ وچ ۾ مسٽر ”ڊگلس“ اڃا به بيٺو هو. ويٺو ڪين.
جڏهن بتيون ٻريون، تڏهن هن انهيءَ، ڏينهن جي واقعي
کانپوءِ پهريون ئي دفعو ”رالف“ کي ڏٺو. ٻنهي جي
نظر هٻڪئي تي پيئي. ”رالف“ ڀانيو ته بابو ڪو
مهربانيءَ جو اکر ڳالهائي، ته ڊوڙي وڃي شڪر گذاري
ڪريانس ۽ دعا گهرانس؛ پڻس وري ڀانيو ته هن ڇوڪر جي
منهن ۾ اڃا شور آهي، ۽ چهبڪ جو وير دل ۾ رکيو اچي:
انهيءَ طرح، ٻنهي پيءُ پٽ جي پرچڻ ۽ دل جي ڪس ڪڍڻ
جو وجهه مفت هليو ويو. ڪنهن به خوشيءَ کانسواءِ
ٿوريءَ تائين اتي ويهي. پوءِ سڀئي اٿيا. مسٽر
”ڊگلس“ اهو ارادو ڪري اٿيو ته اڳتي ”رالف“ سان
زياده سختي ڪندس، ته هو هوش ۾ اچي ۽ فرمانبردار
ٿئي. ”رالف“ کي وري خاطري ٿي ته بابو ڪڏهن به مون
سان همدردي ڪانه ڪندو، تنهنڪري زياده غمگين ۽
نااميد ٿيو ۽ ڳوڙها ڳاڙڻ لڳو. ”ڪرسٽيءَ“، هن کي
روئندو ڏسي، دڙ دلاسو ڪيس. پوءِ سڀ وڃي پنهنجين
پنهنجين جاين تي ستا. ”رالف“، ”ڪرسٽيءَ“ جي حق ۾
خدا کان دعا گهري، پوءِ وڃي ستو. سڄي رات ڏک ۽ غم
جا خواب پئي ڏٺائين. هميشه ائين سمجهندو هو ته
انهيءَ ڏينهن کان وٺي پڻس جي محبت ڏانهس گهٽ ٿيندي
ويئي، ۽ سندن وچ ۾ ويڇو زياده پوندو ويو.
\
باب ڏهون
چڙ مان مٽجي، قهر جي ڪاوڙ ٿي ٿئي
انهيءَ کانپوءِ، هڪ ٻه ڏينهن ماٺ ۾ گذريا.
”ڪرسٽيءَ“ ۾ ڪا ڊپ جي نشاني ظاهر نه ٿي. ”رالف“
پاڻ کي وندرائڻ ۽ خوش رکڻ جي ڪوشش پئي ڪئي. ٻئي
ڀائر سڄو ڏينهن گڏ گذاريندا هئا، ۽ پيءُ گهڻو نه
گڏبو هون. ”مارٽن آلربي“، جو کين گهڻوگڏجي ها، سو
به هفتي کن لاءِ ٻاهر ڪن مائٽن کي گڏجڻ لاءِ ويو.
”رالف“ کي اهو خيال هو ته الاجي ڇو وري ”لارڊ
گينلن“ ڪونه اِو- نه مئچ جي ڪا خبر ڏنائين ۽ نه
”ڪرسٽيءَ“ کي اچي پڇيائين- پر حقيقت هي هئي ته اهو
ننڍو لارڊ، اوچتي ڊپ جي ڪري ڀڄي وڃڻ جي شرم کان
نٿي آيو؛ باقي مئچ جي پڪ هيس ته ”رالف“ ضرور عام
اسڪولن جي پاسي بيهندو.
مئچ کان ٻه ڏينهن اڳي، ”لارڊ گلينلن“ ”گرينج“ تي
آيو. ”رالف“ ٻيڙيءَ کي وٺيو، ڍنڍ ۾ ٻيٽ ڏي ٿي ويو،
جو ”ڪرسٽي“ اتي هو؛ پر ”گلينلن“ کي ڏسي ٻيڙي
موٽائي آيو، ۽ اچي پنهنجي دوست کي گڏيو. پڇڻ لڳس
ته ”ڪيئن گلينلن، هفتو کن ٿيندو جو ڪرسٽيءَ کي ڪتي
ڏاڙهيو، تنهن کانپوءِ وري تو منهن ئي ڪونه ڏيکاريو!“
هن چيو ته ”رالف، هاڻي ڪرسٽيءَ جي لاءِ مون کي
ڏوهه نه ڏي؛ آءُ هن بابت هميشه ڊاڪٽر کان پيو
پڇندو هوس. مون کي خبر آهي ته هو هاڻ چڱو ڀلو آهي،
۽ اڳتي ڪوبه ڊپ ڪونه اٿس.“
رالف چيو ته ”مهرباني تنهنجي، جو هن بابت پڇا ڪيئه.“
هن وري چيو ته ”ڏس، مون تي ٽوڪ نه ڪر- تون ڀانئين
ٿو ته هي انهيءَ ڏينهن بي ايمان ٿي ڊپ کان ڀڄي ويو!
آءٌ ڀڳس برابر ۽ انهيءَ لاءِ شرمندو به ايهان، پر
اهڙو نامرد ۽ ڊڄڻو به ناهيان: اسڪول ۾ پاڻان وڏن
سان وڙهندو ۽ زور آزمائيندو آهيان ۽ خوف جي وقت
منهن ڏيڻ کان نٽائيندو به ناهيان، پر، انهيءَ
ڏينهن اوچتو الاجي ڪهڙو سبب ٿيو، جو دل ۾ آيم ته
ڊوڙي قلعي مان ڪا مدد موڪليان. پوءِ ڪيم به ائين،
مگر ويندي رستو ٻنين ۾ وڃائي ويٺس!“
اهو سبب اهڙو واجبي ڏسڻ ۾ آيو، جو ”رالف“ کي انهيءَ
تي اعتبار آيو. وري لارڊ گلينلن“ جي ڳالهائڻ جي
ڊول ۾ سندس شڪل اهڙي هوندي هئي، جو سڀ ڪنهن کي
پنهنجي طرف ڪري ڇڏيندو هو. ”رالف“ وٽ هن جو
”مارٽن“ کان گهٽ قدر هوندو هو، ته به هن جي صحبت ۽
سنگت وڻندي هيس. انهن ظاهري چڱن اخلاقن ڪري، ”لارڊ
گلينلن“ هر دلعزيز هوندو هو- باطن جي ٻي ڳالهه آهي.
ٿورو ماٺ ڪري، وري چوڻ لڳو ”رالف، آءُ ڏسان ٿو ته
تون مون کي معاف ڪيو آهي، ۽ ڪرسٽيءَ به؛ پر هو هاڻ
ڪئين آهي؟“
”رالف“ ورندي ڏني ته ”هائو، ڀلي سڏينس ته ڏسانس.
پر، ذرو بيهه ته توسان هن ايندڙ مئچ جو ذڪر ڪريان.
سڀاڻي خير، پرهينءَ ٿيڻي آهي. ٿيڻي به باغ جي زمين
تي آهي. مون بندوبست ڪيو آهي ته اتي هڪڙو مزي جهڙو
تنبو هڻي ڇڏين؛ ۽ عمدم کاڌو تيار ڪن، جو راند کان
پوءِ شام جو کائينداسين. بابي به اجازت ڏني آهي.“
”رالف“ چيو ته ”وارڊ ڊانرل ڏاڍي مهرباني ڪئي آهي.“
”گلينلن“ چيو ته ”اهو برابر آهي، پر مون کي تجويز
آهي جو بابي کان آسانيءَ سان پنهنجا ڪم ڪڍندو
آهيان. پهرين ته هن کي هميشه اهو شوق آهي ته ڪو
اهڙو سهڻو بندوبست يا ڪم ٿئي، جو ماڻهو انهيءَ جي
تعريف ڪن؛ ٻيو ته هو تڪرار کٽراڳ مان ڄاڻي ئي ڪين،
مون کي ڇڏيندو آهي ته جيئن وڻيم تيئن ڪريان؛ ٽيون
ته آءُ اهڙو غرض تڏهن ڪندو آهيانس، جڏهن هو تڪڙ ۾
هوندو آهي يا خوش ۽ سرهو هوندو آهي- انهيءَ مهل،
وڌيڪ سيڙ نه ٿيڻ ڪري، چوندو آهي ته ”چڱو“ يا ”هائو“.
”رالف“ پڇيو ته ”آڪسفورڊ وارا يارهن ڄڻا هوشيار
آهن ڪيئن؟“
هن چيو ته ”هائو، تمام هوشيار آهن، انهن مان ٻه ته
اڳي ئي هڪڙيءَ مئچ ۾ ڪيمبرج وارن مان لڙيا آهن.“
”رالف“ چيو ته ”اوهان جي لاءِ ڏاڍو مزو ٿيو!“
هن چيو ته ”اوهان جي لاءِ؟- ڇو نه ٿو چئين ته اسان
جي لاءِ!- تون ڪين راند ڪندين ڇا؟
”رالف“ چيو ته گلينلن، آءٌ ڀانيان ٿو ته آءٌ ڪين
ڪري سگهندس.“
هن چيوته ”واه، رالف، ائين ڪو ٿيندو- تنهنجو نالو
اڳي ئي اخبارن ۾ ڇپجي ويو آهي!“
”رالف“ چيو ته ”انهيءَ جي حرڪت ڪانهي. مارٽن
پنهنجو سئوٽ بومانٽ وٺيو ايندو؛ اهو منهنجي بدران
شامل ٿيندو.“
گلينلن چيو ته ”اهو عيوضي ڪهڙي ڪم جو- جيتري ۾ هو
چار ڊوڙون پائيندو، تيتري ۾ تون چاليهه پائيندي!
اڙي ها، رالف، اخبار ۾ پنهنجي تعريف پڙهي اٿئي يا
نه؟ لکيو هئائون، ته تون انگلينڊ جي جوان ۽ چڱن
راند ڪندڙن مان آهين!“
”رالف“ جو منهن خوشيءَ کان ڳاڙهو ٿيو، ۽ راند ڪرڻ
جو شوق به زياده ٿيس، مگر انهيءَ هوندي به ماٺ ڪري
بيٺي پهڻن کي ٿڏا هنيائين. اتي ”لارڊ گلينلن“ وري
به طعنو هڻي چيس ته ”آءٌ ڀانيان ٿو ته تون پيءُ
کان ٿو ڊڄين؛ پر هن جي چڙ کڻي به، ماڻهو جيڪر ههڙي
مزي جهڙي راند نه ڇڏي! تنهن کانسواءِ هو توکي ڪيئن
ڏسي سگهندو: مون کي خبر آهي ته انهيءَ ساڳئي ڏينهن
ماجسٽريٽن جي ڪاميٽي آهي، ۽ ”ارل“ منهنجو پيءُ ۽
مسٽر ”ڊگلس“، گڏجي گهوڙن تي چڙهي اتي وڃڻا آهن- سو
هو توکي ڪٿان ڏسي سگهندو؟ تون سويل ئي موٽي اچي
سگهندين.“
”رالف“ چيو ته ”آءُ سزا کان نٿو ڊڄاڻ. جي وڃڻو
هجان ته لڪان جيڪو ڪونه- پر جيڪي برابر ناهي، سو
ڪرڻ منهنجي دل نٿي چوي.“
ننڍي ”لارڊ“ کلي ڊگهي سيٽ وڄائي، ۽ ڀڻڪي چيوته
”مار، ڏاڍو خدا پرست ۽ حق پسند ٿيو آهي!“ پوءِ
ٿورو صبر ڪري چوڻ لڳو ته ”چڱو“ رالف، پر توکي ائين
ڪرڻ مناسب نه هو: تو انجام ڪيو هوته اءٌ راند ڪندس،
۽ اها ڳالهه مشهور به ٿي ويئي آهي. اسان سڀني جوت
وتي ڀروسو هو، جي تون پنهنجي ڳالهه تي نه بيٺين،
ته راند جو تماشو هليو ويندو، پر...“
مسٽر ”ڊگلس“ جي ويجهي اچڻ ڪري، هن جو دليل پورو نه
ٿي سگهيو. مسٽر ”ڊگلس“ کي منهن ۾ گهمنڊ پيو هو.
هڪڙيءَ اخبار ۾ ”ڪرسٽيءَ“ واري اتفاق جو بيان
پڙهيو ۽ هئاين، جنهن ۾ ”رالف“ جي گهڻي تعريف هئي ۽
لکڻ واري مسٽر ”ڊگلس“ تي ڪاوڙ ڇنڊي هئي، جو شايد
انهيءَ جي هن سان ڪن سببن ڪري ناسازي هئي. اخبار
جي عبارت هيءَ هئي: ”اسان کي معلوم ٿيو آهي ته اهو
جوان ۽ بهادر شخص- جنهن جو اسان مٿي ذڪر ڪيو آهي-
ڏاڍو سختيءَ سان گهر ۾ بندش هيٺ رهي ٿو، ۽ انهيءَ
کي انهيءَ مئچ ۾ راند ڪرڻ جي ئي موڪل نٿي ملي، جا
آڪسفورڊ ۽ عام اسڪولن وارن جي وچ ۾ عنقريب ٿيڻي
آهي، ۽ جنهن ۾ ”لارڊ ڊانرل“، مهرباني ڪري، پنهنجي
باغ وارو ميدان راند لاءِ ڏنو آهي. اهو جوان مرد
راند ڪرڻ ۾ ڏاڍو هوشيار آهي- جيئن ”آلٽن“ واريءَ
مئچ جي بيان مان معلوم ٿيندو، جو هن اخبار ۾ ٻئي
هنڌ ڏنو آهي. تنهنڪري، اسين اميد ٿا ڪريون ته جيڪو
افواهه اسان هتي ڏنو آهي، اهو غلط آهي، ڇا لاءِ جو
ٻيءَ هڪڙيءَ اخبار ۾ اسان انهيءَ جوان جو نالو
ايندڙ مئچ کيڏڻ وارن ۾ ڏٺو آهي.“
مسٽر ”ڊگلس“ کي اخبار پڙهندي شڪ پيو ته ڊاڪٽر
”ميسن“ جيڪي ”چيڪرس“ واريءَ هوٽل ۾ ڏٺو، تنهن بابت
ماٺ ڪري نه ويٺو هو؛ پر جڏهن هن مٿيون ڀاڱو پڙهيو،
تڏهن هو نهايت گهڻو ڪاوڙيو. اخبار هيٺ اڇلائي، اها
لتاڙڻ لڳو. خبر هيس ته ماڻهو مون کي پسند نٿا ڪن.
۽ انهيءَ جو هڪڙو سبب ٿورن ڏينهن کان ”رالف“ کي
سمجهڻ لڳو هو، تنهنڪري انهيءَ ڏي پاڻ ڌڪار زياده
ٿي هيس ته ماڻهو مون کي پسند نٿا ڪن، ۽ انهيءَ جو
هڪڙو سبب ٿورن ڏينهن کان ”رالف“ کي سمجهڻ لڳو هو،
تنهنڪري انهيءَ ڏي پاڻ ڌڪار زياده ٿي هيس. عجيب
آهي ته هن ويچاري جا رڳا عيب ۽ اوڳڻ پئي ڏٺائين، ۽
گڻن نظرئي ڪانه ٿي پئيس- جيئن ٻين ڌارين ماڻهن جي
ٿي پيئي. ڪرڪيٽ جي مئچ بابت هن کي خيال ۾ نٿي آيو
ته اخبار واري جي ڳالهه سچي آهي- پڪ هيس ته پٽس
راند ڪرڻ نه ويندو. انهيءَ هوندي به، آزمائش وٺڻ
جو ارادو وٺي، هلي هنن ڇوڪرن وٽ آيو ۽ ”لارڊ
گلينلن“ کي سلام ڪري، پوءِ پٽ کي سڏ ڪيائين- ”رالف!“
هن جواب ڏنو- ”جي بابا.“ چيائينس ته ” منهنجو چهبڪ
ته کڻي آءٌ.“ هن چيو ته ”حاضر، بابا. جيڪي صفي ۾
رکيا آهن، انهن مان هڪڙو آڻيان؟“ هن چيو ته ”نه،
جيڪو آءُ هميشه کڻندو آهيان. توکي سجهندو هوندو ته
اهو ڪٿي رکيو هوندو. عقل هجيئي ها، ته اهو سوال نه
ڪرين ها! هان هڪدم وڃي کڻي اچ!“ ائين چئي، هو
ترسيو ڪين، اٿي هليو.
”رالف“ کي پيءُ جي ڳالهائڻ جو ڊول ڏکيو لڳو، مگر
نفس تي غالب پئي، پنهنجي سنگتيءَ کي چيائين ته
”گلينلن، مون اڳي پڪو ٺهراءُ ڪيو هو ته آءٌ راند ۾
شامل نه ٿيندس؛ پر هاڻ مون پنهنجي راءِ ڦيرائي آهي.
آءٌ ضرور راند ڪندس! هاڻ توکي انجام ڏيئي سگهان ٿو،
جيتوڻيڪ اڳي ڏيئي نٿي سگهيس. مون کي بابي جو چهبڪ
آڻڻو آهي؛ پنڌ پرڀرو آهي، قلعي تائين توسان گڏيو
ٿو هلان، پوءِ پرتي هليو ويندس.“
پوءِ، فڪر ۽ ڳڻتيءَ ۾، ماٺ ڪري پنهنجي سنگتيءَ سان
اٿي هليو.
باب يارهون
”رالف“ جي وڏي چڪ
مارٽن آرلبي ”مئچ کان هڪ ڏينهن اڳي ٻاهران موٽي
آيو هو، ۽ جنهن ڏينهن مئچ هلڻي هئي، تنهنجي صبح جو
هو ”رالف“ وٽ آيو؛ انهيءَ لاءِ ته هن کان پڇي ته
پڻس موڪل ڏني هجيس، ته ٻئي ڄڻا گڏجي ميدان تي وڃن.
جڏهن هو اتي آيو تڏهن ”ڪرسٽي“ گاهه تي ويٺو هو، ۽
ڪتاب پئي پڙهيائين. پهرين هن جي خير عافيت پڇيائين،
۽ پوءِ پنهنجي اچڻ جو سبب ٻڌايائينس. ڪرسٽيءَ کي
مئچ جي ڳالهه ٻڌي حيرت لڳي؛ ڇا لاءِ جو ”رالف“
ساڻس ڳالهه نه ڪئي هئي ته متان ڏکي لڳيس، ائين ماٺ
ڪري ٻاهر هليو ويو هو.
”مارٽن“ پڇيس ته ”:مسٽر ڊگلس“ هن کي راند جي موڪل
ڏني آهي يا نه؟“
ڪرسٽيءَ چيو ته ”نه مون کي پڪ آهي ته جي بابو موڪل
ڏئيس ها، ته مون کي ٻڌائي ها. هو ٻاهر ويو آهي.
ويچارو هميشه هڪڙيءَ نه ٻيءَ مشڪلات ۾ رهي ٿو. پر،
مارٽن هو ڏاڍو چڱو ماڻهو آهي:“
”:مارٽن“ چيو ته ”بيشڪ، ڪرسٽي، توکي خبر آهي ته هو
مون کي سڀ کان وڌيڪ وڻندو آهي. آءٌ ڀانيان ٿو ته
جلد وڃي ملانس، ۽ راند ڪرڻ کان منع ڪريانس-
جيتوڻيڪ هن جي نه هئڻ ڪري اسان جي راند جي لذت هلي
ويندي. مون کي هن جي هوندي اهو ڊپ رهندو ته متان
پڻس اچي اتي ڏسين، ۽ پڪڙيس.“
”ڪرسٽيءَ“ انتظار مان چيو ته ”اميد آهي ته ائين نه
ٿيندو. وڃ، مارٽن، وڃ، متان بابو رالف کي ڏسي، ۽
ڪاوڙجي. رالف به اڪثر چڙندو ڪين آهي؛ پر جڏهن
چوريو اٿس، تڏهن سو خوف جهڙو چڙندو آهي!“
”مارٽن“ چيو ”ڪرسٽي، دلجاءِ ڪر، مون کان جيترو ٿي
سگهيو اوترو ڪندس. تون ڊڄ نه، خدا سڀ خير ڪندو.“
”مارٽن“ ائين چيو سهي، مگر ڊپ هوس ته متان ”ڊگلس“
ميدان تي اچي نڪري، ۽ ”رالف“ تي ڪاوڙجي؛ ڇا لاءِ
جو خبر هيس ته ٻئي طبيعت جا ڪاوڙيل آهن. ڪيترائي
ڀيرا دل ۾ آيو هيس ته جهڙو پاڻ پنهنجي گهر ۾ سکيو
۽ خوش گذاريندو هو، اهڙو ”رالف“ نٿي گذاريو- هن جي
حال تي هيمشه ارمان ڪندو هو.
* * *
هوڏي ڊانرل ڪئسل جي ميدان تي، هزارين ماڻهو اچي گڏ
ٿيا هئا، پاسي کان ندي پئي وهي، ۽ گهاٽن وڻن جون
ڇانئون لڳيون پيئون هيون. انهيءَ هنڌ جي سينگار ۽
پوري بندوسبت ڪرڻ سان ”لارڊگلينلن“ گهٽايو ڪين هو
”رالف“ به اچي اتي نڪتو. سڀ ڪنهن هن جي آڌرڀاءُ
ڪئي. سڀ راند ڪرڻ وارا خوش ٿيا، جو هن جي شامل هئڻ
ڪري هنن کي فتحمنديءَ جي اميد ٿي. ٻيا وري، ڀآءُ
کي ڇتي ڪتي کان بهادريءَ سان بچائڻ جي ڳالهه ڪري
سندس تعريف ڪرڻ لڳا. ”مارٽن“ ٻڌايو هوس ته
”سوهينري آلربي“ کيس هڪڙي بئٽ انعام ڏيڻ وارو آهي،
تنهنڪري ڏاڍو خوش ٿيو؛ پر جڏهن ٻڌائين ته ”مارٽن“
پاڻ ”گرينج“ ڏي ويو هو، ۽ پوءِ اتي آيو هو، تڏهن
وري ملول ۽ غمگين ٿيڻ لڳو. تڪڙ مان پڇڻ لڳس:
”مارٽن، بابو ڪي مليئه!“
هن ورندي ڏني ته ”نه، هو اڳي ئي ”آلٽن“ ڏي ويو هو؛
باقي ڪرسٽي سو ”ڏٺو هوم.“
”رالف“ چيو ته ڏٺو هيئيس؟ ٻڌايئيس ته ڪين ته آءُ
هيڏي اچڻو هوس؟“
هن چيو ته ”مون ڀانيو ته تو اڳي ئي ٻڌايو اٿس،
تنهنڪري مون به ساڻس اهو ذڪر ڪيو.“
رالف، چيو ته ”انهيءَ جو مون کي گهڻو فڪر آهي.“
هو ويچارو سڄو ڏينهن انتظار ۽ ڊپ ۾ رهندو.“
مارٽن چيو ته ”مون دلجاءِ ڏنيمانس. پر، تڏهن به
رالف، جيئن برابر ۽ حق هو، تئين تون ڪرين ها، ۽
راند تي نه اچين ها ته بهتر هو... شايد گلينلن،
توکي ٺڳاري لالچائي، وٺي آيو.“
هن چيو ته ”نه، هن ائين نه ڪيو. مون پهرين انڪار
ڪيو هو، پر پوءِ ڪنهن ڳالهه ڪري مون کي چڙ آئي، ۽
مون راند ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيو، ۽ انجام به ڪيو؛
اگرچ پوءِ پشيمان به ٿيس، مگر انجام ڀڃي نه سگهيس.“
”:مارٽن“ چيو ته ”تڏهن، رالف، هاڻ جيڪي ٿيڻو هو،
سو ٿيو ٻيو ڪين ٿي سگهندو.“ پر، برابر، جي نه اچان
ها ته بهتر هو- انهيءَ جو البت ارمان ٿئيم ٿو.“
اتي ”لارڊ گلينلن“، ڊوڙي، رڙ ڪري اچي چيو ته
”رالف، رالف، سڀ ٿا چون ته تون ڪئپٽن ٿيندين! هاڻ
راند شروع ڪرڻ جو وقت آهي، اٿي کڙو ٿي. پهرين تون
۽ مسٽر ”مين“، داءُ اڇلائي، فيصلو ڪيو ته پهرين
ڪهڙو پاسو بيهي.“
”آڪسفورڊ، وارا پهرين بيٺا. هو ڏاڍا خبردار هئا.
پهرين ”رالف“ بال ٿي اڇلايو، پر ٻئي طرف جي ڪئپٽن
کي ٿڪائي نه سگهيو. ٿوري ساهي کڻي، ڪي ڪجهه کائي
پي، وري بيٺا هاڻ مارٽن بال هڻڻ تي بيٺو.
راند اڃا انهيءَ منزل تي هئي، ته ”لارڊ ڊانرل“
سرهينري آلربي“ ۽ مسٽر ”ڊگلس“- جي ڪاميٽيءَ کان
سويل ئي واندا ٿيا هئا- سي آهستي گهوڙن تي اچي
اتان لنگهيا. ننڍيءَ نديءَ جي هن ڀر هئا، ۽ اڳيان
ٿوري پنڌ تي پل هئي، جتان قلعي ڏي اچڻ جو رستو هو.
هو لغام تاڻي، گهوڙا جهلي، پري کان بيهي راند ڏسڻ
لڳا.
”لارڊ ڊانرل“ پنهنجي پٽ جي نالي چيو ته ”هائوئرڊ
هينئر ڏاڍو خوش هوندو؛ گذريل ڏهن ڏينهن کان ڪرڪيٽ
جي مئچ جو خيال هوس، ۽ انهيءَ جي تياري پئي ڪيائين.
پر، مسٽر ڊگلس، اخبار ۾ جو هو ته اوهان پنهنجي پٽ
رالف کي راند ڪرڻ کان منع ڪئي آهي، سو برابر آهي
ڪيئن؟“
مسٽر ”ڊگلس“ خفي مان ورندي ڏني ته ”بلڪل برابر آهي؛
مون منع ڪئي هئيمانس ته في الحال ڪرڪيٽ جي راند
اصل نه ڪري.“
”سرهينريءَ“ عجب ۾ پئجي چيس ته ”ڇا، ڪرڪيٽ جي راند
اصل نه ڪري! ڇو، ڊگلس، ويچاري ڇوڪر تي اهڙا سخت
ڪيئن ٿي سگهيو؟ جيڪڏهن ڪو اوهان کي منع ڪري ته
هڪڙي مهيني تائين ڪوبه ڪتاب متان پٽيو، ته جيڪر
ڪيئن ڪريو؟“
مسٽر ”ڊگلس“ آرام سان جواب ڏنو ته ”سرهينري“ جيئن
چڱو ۽ مناسب هجي، تئين پنهنجي پٽ کي هلائڻ جي مون
کي موڪل ڏيندو يا نه؟“
هن چيو ته ”منهنجي اوهان کي چيڙائڻ جي مرضي نه هئي؛
پر اوهين نٿا سمجهو ته ائين ڪرڻ سان هن کي پنهنجي
فرضن ادا ڪرڻ ۾ گهڻي روڪ حرڪت ٿيندي؟“
مسٽر ”ڊگلس“ چيو ته ”شايد؛ پر انهيءَ جو موهن کي
ڊپ ڪونهي. آءُ هيمشه پنهنجي گهر ۾ حڪم هلائڻ تي
هريل آهيان، ۽ مون ننڍي هوندي کان پنهنجن پٽن کي
سخت فرمانبرداريءَ جي تعليم ڏني آهي.“
”لارڊ ڊانرل“ ٽوڪ طرح چيو ته ”واه جي تعليم آهي!
ڀلا ڪهڙو رستو وٺندا آهيو؟“
هن چيو ته ”جڏهن هو ڪو قصور ڪندا آهن، تڏهن سخت
سزا ڏيندو آهيان. منهنجو پٽ ٻين جي پٽن وانگيان
حڪم جي انحرافي نه ڪري سگهندو.“
”لارڊ ڊانرل“، اهو اشارو پاڻ ڏي سمجهي چيو ته
”تڏهن هن ڀيري اوهان جي پٽ اوهان جي حڪم جي
انحرافي ڪئي آهي! او هو بيٺو راند ڪري هاڻوڪي نه؟“
ائين چئي، هن رالف ڏي آڱر کڻي اشارو ڪيو، جو پٺڀرو
بيٺو هو.
مسٽر ”ڊگلس اوڏي نهاري چيو ته ”اهو ڇوڪر بيشڪ رالف
جهڙو ٿو ڏسجي“
”سرهينريءَ“ به اوڏي نهاري چيو ته، ”بلڪل انهيءَ
جهڙو آهي؛ اهڙي قد- ڪاٺي، اهڙي ڦڙتائي؛ اهڙي کڙائي،
هن ملڪ ۾ ٻئي ڪنهن ڇوڪري جي مشڪل هوندي!“
مسٽر ”ڊگلس“ چيو ته ”انهيءَ هوندي به سر هينري،
منهنجي دل نٿي چوي ته اهو رالف هوندو. مون راند
ڪرڻ کان منع ڪئي هئيمانس، ۽ هو منهنجي نافرماني نه
ڪندو- نه ڪري سگهندو!“
انهيءَ وقت ”آڪسفورڊ“ وارن جي ڪئپٽن بال کي ڌڪ
هنيو هو، ۽ بال اهڙي مشڪل وٽ سان اڏاڻو هو، جو
جهٽڻ نهايت ڏکيو ڪم هو. ”رالف“ ڄڪ ماري، ڏاڍيءَ
خبرداريءَ سان اهو بال جهٽي، مٿي سنئون هوا ۾ کڻي
اڇلايو. سڀئي تاڙيون وڄائڻ لڳا ۽ اهي رڙيون ٿيڻ
لڳيون ته ”واه، واه، رالف!“ ”واه ڙي ڊگلس، واه!“
اهي رڙيون انهن ٽن سکرن، گهوڙي سوارن، به چٽيون
ٻڌايون. ”لارڊ ڊانرل“ ۽ ”سر هينري آلربيءَ“ مسٽر
ڊگلس جي منهن ڏي چتائي ڏٺو، ۽ انهيءَ ۾ ڪاوڙ ۽
ڌڪار ڏسي ڏاڍا ڏکارا ٿيا.
”سر هينريءَ“، هن جي ٻانهن ۾ هٿ وجهي، چيوته ”مسٽر
ڊگلس، ڇوڪر تي ايتري ڪاوڙ نه ڪريو، هن کي اوهان جي
نافرماني ڪرڻ نه گهربي هئي؛ مگر راند جو حرص بڇڙو
آهي. آخر ٻار آهي، اهڙيءَ حالت ۾ هن کي اوهان جو
حڪم مڃڻ مشڪل نظر آيو. هن ڀيري کيس معافي ڏيو- من
انهيءَ ڪتي واري ڏينهن جي همت ۽ بهادريءَ جي صدقي
معاف ڪريوس آءُ انهيءَ جو ذميدار آهيان ته هو وري
ائين ڪڏهن نه ڪندو.“
مسٽر ”ڊگلس“ چڙ مان چيو ته ”نه، انهيءَ جو ذميدار
آءٌ خود آهيان! جڏهن هن ڄاڻي ٻجهي منهنجو حڪم ڀڳو
آهي، تڏهن آءُ به هن کي اتي جو اتي شرمندو ڪندس- ۽
راند ڇڏي گهر هلئي وڃڻ جو حڪم ڏيندس!“
”سرهينريءَ“ چيو ته ”ڊگلس“ ڀلائي ڪري ائين متان
ڪريو- اها ڳالهه ڇوڪر جي لاءِ تمام ڳري ۽ ظلم جهڙي
ٿيندي. ڏسو ته ڪيتري نه خلق تماشي بين بيٺي آهي-
سڀ ڪنهن کي خبر پوندي ته ڇا ٿيو آهي برابر هو سزا
جوڳو آهي، مگر وقت وقت ڏسڻ گهرجي.“
هن چيو ته ”سرهينري، انهيءَ جو هن کي اڳي ئي خيال
اچڻ کپندو هو.“
”لارڊ ڊانرل“ وچ ۾ پئي چيو ته آءٌ به منٿ ٿو ڪريان.
گلينلن ٻيو سڀ ڪجهه آهي؛ مگر پروو فرمانبردار ناهي،
۽ ڪڏهن ڪڏهن اءٌ ساڻس ڪاوڙيو به آهيان، پر ڪنهن به
طرح هن کي خلق ۾ خوار ڪرڻ نه گهرندس.“
مسٽر ”ڊگلس“ چيو ته ”لارڊ صاحب، مون کي افسوس آهي
ته آءٌ اوهان جي ڳالهه مڃي نٿو سگهان! آءٌ ڀانيان
ته منهنجي ۽ منهنجي پٽن جي وچ ۾ ڪو به ڪونه پوي:
مون کي معاف ڪجو، آءٌ گهوڙو ڦيرائي راند جي ميدان
تي ٿو وڃان.
ائين چئي، ٻنهي صاحب کي سلام ڪري، گهوڙو هڪلي اٿي
هليو. رستي ۾ البت ڪي اٽڪون ۽ رنڊڪون ٿيس، جن ڪري
پاڻ زياده خفي ٿيندو ويو- پهرين ته سوڙهي رستي تي
ڍورن جو وڏو ولر اچي پيو، جن مان نڪري ٻاهر ٿيڻ
مشڪل ٿيس؛ ٻيو ته نديءَ واري پل تان لنگهڻ وارو
ڦاٽڪ بند هو ۽ ڦاٽڪ وارو راند ڏسڻ لاءِ هليو ويو
هو؛ گهڻي دير کان پوءِ انهيءَ اچي در پٽيو، تڏهن
مس هو سڌو ميدان ڏي هلڻ جهڙو ٿيو. |