ڇپائيندڙ پاران
سنڌي ادب جي محسن ۽ ممتاز عالم شمس العماء مرزا
قليچ بيگ جي مشهور ڪتاب ”ٽي گهر“ جو نئون ڇاپو
شايع ڪندي خوشي محسوس ٿئي ٿي. مرزا صاحب جي ان
ڪتاب جا چار ڇاپا اڳي ئي بورڊ شايع ڪيا هئا ۽ هن
وقت پڙهندڙن جي گهرج جي پيش نظر هيءُ ڪتاب وري
پڌرو ڪرڻ جي فرض ادائي ڪجي ٿي.
هيءُ ڪتاب ايف. ڊبليو. فرار جي انگريزي زبان ۾
لکيل
"Three Homes"
جو ترجمو آهي، جيڪو مرزا صاحب 1912ع واري سال ۾
ڪيو ۽ اُنهيءَ ئي سال شايع ٿيو هو.
بنيادي طرح سان هن ڪتاب جو موضوع ”گهرو سماجيات“
(Domestic Sociology)
آهي جنهن جو مرڪزي نُڪتو ٻارن جو پنهجن وڏڙن ۽
مائٽن سان فرمابنرداري ۽ سعادتمنديءَ سان پيش اچڻ
۽ والدين ۽ بزرگن جو پنهنجن ننڍن ۽ اولاد سان شفقت
۽ تهذيب سان هلت هلڻ آهي.
نصيحت جي سبق سان جُڙيل هيءُ ڪتاب فقط آکاڻي يا
’ڀاشڻ‘جي انداز ۾ لکيل ڪونه آهي، پر هڪ ناول واري
دل کي ڇُهندڙ نوع ۾ بيان ڪيل آهي، جيڪو پڙهندڙ تي
هڪ دل آويز تاثر قائم ڪري ٿو ۽ موضوع جي پيغام کي
پنهنجي تمام تر ڀرپوريت سان پڙهندڙن جي ذهن ۾ نقش
ڪري ٿو. هونئن به مرزا صاحب مغربي ٻولين مان جيڪو
به ادب سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي، اُهو سمورو
انهيءَ تي دلنشين پيرايي ۾ ڪيل آهي. جنهن ڪري هڪ
عام پڙهندڙ وٽ اُن ذخيري جي شروع کان وٺي ”عام
مقبوليت“ رهي آهي.
سندي ٻوليءَ جي قابل صدا احترام خدمتگذار مرزا
قليچ بيگ جي علمي خدمتن مان سندس تصنيفات جي تعداد
جو ذڪر ڪرڻ هت نامناسب ڪونه رهندو. اورچ ۽ اڻٿڪ
عالم جي ڪتابن جو ڪل تعداد، عام طرح سان هڪ وڏي
عرصي کان وٺي ٽي سئو يا ساڍا ٽي سئو ڄاڻايو پئي
ويو. پر تازي ڳڻ مان سُڌ پيئي آهي ته مرزا صاحب جي
ڪتابن جو ڪل تعداد 457 آهي. جيڪو ٻُڌندڙ کي خود
حيرت ۾ محو ڪري ٿو. (اها تحقيق سندس پوٽي مرزا
اعجاز علي بيگ جي آهي). انهيءَ حوالي سان اسان کي
اندر ۾ جهاتي پائڻ کپي ته اسان اديبن مان اُهي ڪُل
ڪيترا لکاري آهن جن سڄي زندگيءَ ۾ رڳو 457 مضمون
لکيا هوندا؟ ۽ اهو به سوچڻ کپي ته اسان مان وري
اهڙا ڪُل ڪيترا ليکڪ آهن، جن 457 ڪتاب پڙهي پورا
ڪيا هوندا؟ 457 ڪتابن جو لائق ۽ فائق مصنف مرزا
صاحب بلاشبه، هر طرح سانه صرف ”لائق صد احترام
هستي“ آهي، پر اُن سان گڏ سندس ادبي پورهيو اها به
تقاضا ڪري ٿو ته اسان وڏي تعداد ۾ سندس لکيل سمورا
ڪتاب پڙهون ۽ هينئين سان هنڊايون. پنهنجي محسن کي
صحيح معنيٰ ۾ عقيدت جو خراج اسان ان طرح سان ئي
پيش ڪري سگهنداسون.
انعام الله شيخ
5- مئي 2004ع سيڪريٽري
ڄامشورو سنڌي ادبي بورڊ
ديباچو
هيءُ ڪتاب ف. و. فراز صاحب پادريءَ جي لکيل ٽن
مشهور ڪتابن مان هڪ ڪتاب ”ٿري هومس“ جو ترجمو آهي.
جنهن ۾ لکيل آهي ته ٻارن کي ۽ انهن جي مائٽن کي
گهرن ۾ ڪيئن هلت ڪرڻ گهرجي. اُميد ته ٻارن ۽ سندن
مائٽن کي هن جي پڙهڻ سان گهڻو فائدو پهچندو.
قليج بيگ
1921ع
باب پهريون
ٽي ڪرڪيٽ راند ڪرڻ واران
آڙاهه جا ڏينهن هئا. شام جو وقت هو، سج
ٽٻي ڏني هئي، پر شفق جي ڳاڙهاڻ، جا سج لٿي کان
ٿورو اڳڀرو سون وانگي پيئي چمڪندي آهي. سا اڃا
ڪڪرن تي بيٺي هئي ۽ ٿورو ٿورو ٿي جهڪي ٿيندي ويئي؛
۽ مٿان آسمان، جو سڄو ڏينهن فيروزي وانگي پئي
چمڪيو، سو درجي بدرجي چانديءَ وانگي اڇو ٿيندو
ويو. اُڀرندي کان چنڊ جي ڦڪي رنگ واري ٽڪي نڪري
نروار ٿي هئي، مگر اڃا تاتارا ظاهر نه ٿيا هئا،
اهڙي مزي جهڙي شام جي وقت؛ ”انگلينڊ“ جي هڪڙي ڏکڻ
واري ضلعي ۾ شاهي رستي جي ٻنهي پاسي جيڪي ڪشادا
ساوڪ وارا پٽا هئا، تن مان هڪڙي تي، ٽي ڇوڪرا پنڌ
ڪندا پئي ويا. اُنهن کي ڪرڪيٽ جي راند وارا ڪپڙا
پيل هئا. معلوم پئي ٿيو ته راند ڪري موٽيا آهن. ٻن
کي ته هٿن ۾ بئٽون به هيون. مگر ٽئين، سستيِءَ ڪري
پنهنجي بئٽ هڪڙي چڱي پوشاڪ واري نوڪر کي ڏني هئي،
جو پٺيان ٿوري پنڌ تي اُها کنيو رڙهندو پئي آيو.
جڏهن ڪي ٽي ماڻهو گڏ هلندا آهن، تڏهن منجهن جيڪو
زياده معتبر يا مکيه هوندو آهي، اُهو اڪثر وچ ۾
هلندو آهي: ۽ اُهو وچ وارو ئي ڇوڪر آهي، جنهن جي
حياتيءَ جي احوال ۽ قسمت جي بازيءَ بابت اسان جو
هيءُ قصو خاص طرح ذڪر ڪندو. هو مردانو ڏسڻ ۾ سچو
۽ ايماندار ڇوڪرو آهي. وار ڳوڙهي ڀوري رنگ جا اٿس
۽ اکيون چمڪندڙ نيليون اٿس. اُن جو نالو ”رالف
ڊگلس“ آهي ۽ عمر پندرهن ورهيه اٿس – جهڙي سندس
سنگتين جي آهي. هن جي شڪل تمام چڱي آهي ۽ طبيعت
جو به خوش خلق ٿو ڏسجي. مگر خيال ڪري ڏسڻ سان سندس
منهن ۾ اڻلکي غمگيني ۽ ملولائي پيئي معلوم ٿئي، جا
شايد گذريل وقت جي تڪليفن ۽ ايندڙ وقت جي آزمائش
جي نشاني آهي.
جيڪو ڇوڪر هن جي سڄي پاسي پئي ويو ۽ جنهن سان هن
گهڻي گفتگو پئي ڪئي تنهن جو نالو ”مارٽن آلربي“
هو. هو ننڍي هوندي جا سنگتي هئا ۽ گهڻو ئي خوشيءَ
جو وقت گذاريو هئائون؛ پر هاڻي هو جدا جدا اسڪول ۾
پڙهندا هئا. تنهن ڪري موڪل جي ڏينهن کان سواءِ هنن
جو ملڻ نه ٿيندو هو. ”رالف“ کي ”رگبيءَ“ جي اسڪول
۾ پڙهندي به ٻه ورهيا ٿيا هئا. ”سارٽن ايٽن“ اجي
اسڪول ۾ انهيءَ کان به وڌيڪ عرصو رهيو هو.
ٽيو ڇوڪرو- جنهن پنهنجي بئٽ کڻڻ جي به تڪليف نٿي
ورتي- هنن ٻن کان ڪي ٿورا مهينا ننڍو هو ۽ ٿورو
ضعيف ۽ سنهو به هو: طبيعت ۾ به هو ٻئي قسم جو هو.
ڏسڻ ۾ ٽنهي مان خوبصورت هو، ۽ سندس مهانڊا وڏي
گهراڻا نظر ٿي آيا؛ ليڪن حيا ۽ حجاب، جو ننڍيءَ
عمر وارن جو عمدو گڻ آهي؛ سو هن ۾ ڪونه ٿي ڏسڻ ۾
آيو؛ مغروري ۽ خود پسندي هن جي منهن مان پئي بکي.
اهو ”وائڪائونٽ لارڊ گلينلن“ هو ۽ ڊانلرل“ جي وڏي
”ارل“ جو وڏو پٽ هو. هن ۾ سچا اخلاق ۽ طبعي عادتون
ڪي به ڪين نظر ٿي آيون. جڏهن مرضي پيس ٿي تڏهن
ڌارين سان به زور ڪري خوش خلق ٿي ٿيو؛ مگر هن جي
ڪوڙي خوش خلقي، آزمودگار ماڻهوءَ کان لڪل نٿي رهي
سگهي. جيڪڏهن اهي ِٽيئي ڇوڪرا ڪو ڏينهن ڌارين ۾
گذارين ها ته پهرين ”لارڊ گلينلن“ سڀني کان اڳي
آزادگيءَ سان گفتگو شروع ڪري ها؛ پر سج لٿي کان
اڳي جيڪر، سڀني جي راءِ ۾، هو ٻيا ٻه ڇوڪرا بهتر ۽
زياده تعريف جوڳا معلوم ٿين ها. پر انهيءَ وقت
”لارڊ گلينلن“ چڱي پوز ۾ هو، ۽ پنهنجن ٻن سنگتين
کي خوش ڪرڻ جي خواهش ڪانه هيس.
چوڻ لڳو ته ”ڪهڙو نه مزي جهڙو ڏينهن آهي، ڪهڙي نه
لذت جهڙي شام آهي. اچو ته ذري تائين هتي آرام
ڪريون!“ ۽ ڪهڙي جاءِ ڏيکاريائين. جنهن جي چوڌاري
ساوڪ لڳي پيئي هئي، پڪل اَن جي ٻئي پاسي ۾ هتي
رستي کان گوشائتي هئي. جهنگلي گلن جي خوشبوءِ پئي
آئي، پکين پئي مٺيون ٻوليون ڪيون ۽ فرحت جهڙي هير
پئي لڳي.
”مارٽن“ کلي چيس ته گلينلن، ڇا ڪيو اٿيئي جو آرام
گهرجيئي؛ بئٽ نه کڻڻ جي ڪري ٿڪجي پيو آهين ڇا؟“
”لارڊ گلينلن“ مرڪي جواب ڏنو ته ”ڏس چرچو شروع نه
ڪر جي ”رالف“ وانگي مون کي به ڪا انعامي بئٽ
ڏيکارڻي هجي ها ته جيڪو بيشڪ آءٌ به اها کڻي هلان
ها. مارٽن، تنهنجي بئٽ ته مون گهڻا ڀيرا ڏٺي آهي؛
پر رالف، تون مون کي پنهنجي بئٽ نه ڏيکار!“ ائين
چئي؛ اُنهيءَ گاهه واري جاءِ تي پيل هڪڙي ڇپ تي
ويهي رهيو ۽ بئٽ وٺي، انهيءَ تي چانديءَ جي لڳل
پٽي تي جي اکر لکيل هئا. سي پڙهڻ لڳو؛ ”الف ڊگلس
کي گهر جي مئچ ۾ 53 ملڻ لاءِ“ ڪنهن ڏني؟ نالي جي
مهڙ جا اکر آهن. شايد پنهنجي ڪنهن ”رگبي“ جي دوست
کان مليل اٿئي. اسان جي ايندڙ مئچ ۾ به ڪو ايتريون
کڻي ته واه! ڪنهن به طرح، رالف، اڄ جيڪي تو ڊوڙون
پاتيون آهن. تن جي ڪري توکي آرام وٺڻ حق آهي. پر،
مون رڳيون ٻه ٽي ڊوڙون پاتيون آهن، سو آءٌ چئي نٿو
سگهان ته ايترو ڪو ٿڪو آهيان.“
”مارٽن“ چيو ته ”منهنجون به ايتريون نه هيون، جن
تي ڪو فخر ڪريان ڀلا، ڏهه - پندرهن ڇا آهن؟
پهريائين ته اسان جو پاسو اهڙو گهٽ پوندو ويو، جو
مون ڄاتو ته ”آلٽن ڪلب“ وارا وڃي ٻٽاڪ هڻندا ته
اسين عام اسڪول وارن کان کٽي وياسين!“
”رالف“ چيو؛ ”فڪر ناهي، نيٺ به ته پاڻ کٽي
وياسين!“
”گلينلن“ چيو؛ ”هائو، رالف، توکي شابس آهي- اسين
تنهنجا شڪر گذار آهيون، اجهو، منهنجو نوڪر به بئٽ
کڻي اچي پهتو آهي.“
”رالف“ چيو ته ”انهيءَ کان ته پڇ ته وقت ڪيترو
آهي. اسان مان ڪنهن سان پنهنجي واچ ڪانهي. مون کي
ڊپ ٿو ٿئي ته آءٌ ٿورو دير گهر پهچندس.“
هن چيو ته ”ڇا، مانيءَ لاءِ دير پهچندين، تنهن جو
ڊپ اٿئي؟ اڃا ته اٺ به نه لڳا آهن!“
”رالف“ ورندي ڏني ته ”ماني لاءِ؟ نه انهيءَ لاءِ
ته شايد اڃا گهڻو وقت پيو آهي. اوهين رات جي ماني
دير کائيندا آهيون ڪيئن؟“
”گلينلن“ چيو ته ”هائو، هميشه ساڍين اٺين بجي
کائيندا آهيون.“
”رالف“ چيو ته ”شل اڃا اٺ نه لڳا هجن نه ته ماني
ته ويئي، مورڳو....“ اتي هن پاڻ کي روڪيو ۽
گلينلن“ رڙ ڪري پنهنجي نوڪر کان پڇيو ته ”اڙي،
ڪيترا لڳا آهن؟“ هن وقت ڏسي، ادب سان ورندي ڏني ته
”اٺ لڳي پنج منٽ! مون نٿي ڀانيو ته ايتري دير ٿي
آهي. مون کي هڪدم وڃڻ گهرجي؛ مارٽن، الهه واهي؛
”گلينلن، خدا حافظ!“ ائين چئي هو پهڻ تان ڏيئي
لٿو، ۽ ڊوڙ پائي ٻنيءَ منجهان لنگهي هليو ويو.
”گلينلن“ کلي چيو ته ”هن کي ڪهڙي تڪڙ لڳي! مارٽن،
تون به هڪڙو آهين ڪيئن؟“
هن چيو ته ”آءٌ ڀانيان ٿو ته هلڻ جو وقت آهي.
”رالف“ جي جاءِ ويجهي آهي.“ ۽ وڻن جي جهمٽ ۾ هڪڙو
ساديءَ ڇت وارو گهر ڏيکاري؛ چوڻ لڳو ته اوجهو،
ڏسجي پيو.... پر، آءٌ جي ويجهو پيچرو کڻي وٺان، ته
به پاءُ ميل جو پنڌ اڃا ڪرڻو پئيم؛ بک به لڳي اٿم-
آءٌ وڃان ٿو سلام!“
”گلينلن“ چيو ته ”چڱو، ڀلي وڃ، سلام... پر هيکلو
هلڻ ته جٺ ٿيندي! بهتر آهي ته ننڍي گاڏي هتي
گهرائي وٺان، تنهن تي چڙهي هلان.“
”مارٽن“ کل مان چيو؛ ”ڇا، گاڏي!- فقط ”ڊانرل ڪئسل“
تائين پنڌ جي تڪليف کان بچڻ جي لاءِ؟“
”گلينلن“ چيو ته ”ڇو نه!“ ۽ نوڪر کي سڏي چوڻ لڳو؛
ٻڌين ٿو، ”ڪلارڪ“، اسان جي قلعي ۾ وڃي ننڍي گاڏي
وٺي آءُ.“
مارٽن چيو ته ”تنهن ۾ منهنجو ڇا ٿو وڃي؛ گلينلن،
خدا حافظ.... ڀلي تون گاڏيءَ جون لذتون وٺندو گهر
وڃج!“
’گلينلن‘ ته ’مارٽن‘ جي ٽُڪ جي ورندي ڪانه ڏني،
مگر ڪاوڙ ساپنهنجي نوڪر تي ڇنڊيائين، جنهن کي چڙ
مان چوڻ لڳو ته ”بيوقوف، اڃا پيو جونءِ وانگر
سرين! وڃ، وقت نه وڃاءِ!“
هن چيو ته ”سائين، قلعي تائين فقط ويهن منٽن جو
پنڌ آهي، ۽ جيسين آءُ موٽي هتي ايندس، تيسين اوهين
هلي اُتي رسندو!“
ننڍي لارڊ حڪم سان چيو ته ”اڙي ڪنهن توکان پڇيو ته
پنڌ ڪيترو آهي؟ جيڪو حڪم ڏجئي سو ڪر، ٻي وڌيڪ بڪ
نه ڪر! آءٌ شايد هتي ئي بيٺو هوندس، اڳڀرو نه
هلندس- ۽ ياد ڪجئين ته گاڏيءَ ۾ سُرخي گهوڙي ٻڌن!“
هن چيو ته ”حاضر سائين، پر...“
’گلينلن‘ چڙ مان ڇڙٻ ڏيئي چيو ته ”وري پر- پر!
سگهو وڃ، دير نه ڪر! تنهنجي نوڪر ٿيڻ مان ڪهڙو
فائدو، جو حڪم جي تعميل هڪدم نه ڪندي!“
نوڪر مرڪندو اُٿي ڀڳو، ڄڻ ته ڪاوڙ ۽ بدزباني پئي
وڻيس. پر، جڏهن پر ڀرو ويو ۽ سندس ڌڻيءَ جي ڏانهنس
پٺ ٿي، تڏهن مرڪڻ ڇڏي، غصي مان مٺيون اُلاري،
ڏانهنس منهن ڪري، چوڻ لڳو: ”بيشرم، ڪتو! هينئر ڀلي
مون تي حڪم هلائي، پر ڪنهن ڏينهن منهنجو به وارو
ايندو- پوءِ پاڻيهي خبر پونديس: پاڻ ڀلي ”هائوئرڊ
واڪائونٽ گلينلن“ هجي ۽ ڊانرل“ جي قلعي جو ولي عهد
۽ وارث هجي ته به پاڻيهي ڏسندو ته ”جائلس ڪلارڪ“
ساڻس مٽ پوي ٿو يا نه!“
”لارڊ گلينلن“ ته اتي ئي ٿڌيءَ هير ۾ ويٺو رهيو ۽
جيڪو سندس نوڪر چيو سو نه ٻڌائين- نڪي هن جي ٻن
سنگتين کي ڪو اهڙو خيال آيو ته انهيءَ هڪڙيءَ شام
جي وقت جيڪي ظاهري ڪري خسيس ڳالهين تي گذريون، تن
تي ئي سندن ايندڙ حياتيءَ جا حادثا منحصر رهڻ
وارا هئا.
باب ٻيو
’مارٽن‘ جو گهر
هاڻي اسين ٽن گهرن ۽ گهٽين جو احوال بيان
ڪنداسين، جي ٽيئي انگلنڊ جي سکرن ۽ دولتمندن جا
آهن: انهن جي خاندانن سان واقفيت ڪنداسين، ۽
ڏسنداسين ته هر هڪ جو اندروني ڪارخانو ۽ خانگي
چرخو ڪيئن ٿو هلي.
پهرين ’مارٽن‘ جي گهر تي اچون ٿا هن جو پيءُ، ”سر
هينئري آلربي“، هڪڙي وڏي هاڻوڪي ڊول واري گهر ۾
رهندو هو، جو مٿانهينءَ زمين تي هو، جتان آسپاس جو
نظارو چڱو ڏسڻ ۾ ٿي آيو؛ چوڌاري باغ بستان ۽
ساوڪون لڳيون پيون هيون، جن تي گهر جي درين مان
نظر پيئي پوندي هئي ۽ جتان تندرستيءَ جهڙي هوا
پيئي ايندي هئي. جاءِ جي ورانڊي تي وليون ۽ وڻ
ويڙهيون چڙهيل هيون، جن جي گلن ۽ مکڙين مان انهيءَ
وقت فرحت جهڙي خوشبوءِ پيئي آئي.
جڏهن ”مارٽن“ اندر گهڙيو، تڏهن گهر جا ڀاتي، ماني
کائي بس ڪري ميوي کائڻ تي ويٺا هئا. هن جو هڪڙو
جوان سئوٽ، ”جارج بومانٽ“ نالي، تازو آيو هو ۽ وٽن
اچي ٽڪيو هو، تنهن سان سندس ننڍي ڀاءُ ۽ ڀيڻ رٿون
ويٺي ڪيون ته موڪل جا ڏينهن ڪهڙين خوشين ۽ وندرن ۾
گذارجن، ۽ ”سر هينري“ ۽ ليڊي آلربي“ به انهن سان
وڏي شوق مان گفتگوءَ ۾ شامل پئي ٿيا.
اُتي پڻس ”سرهينري“ البت شوخيءَ سان چيو ته ”مون
کي حيرت ٿي لڳي ته اُهو ڪير هو، جنهن خاص طرح
انجام ڪيو هو ته آءٌ اسٽيشن تي وڃي پنهنجي سوٽ کي
پنهنجي گهر جو رستو ڏيکاري پاڻ سان وٺي ايندس؛ ۽
اهو ڪير هو، جنهن هن جي لاءِ گاڏي به موڪلڻ نه
ڏني، ۽ چيائين ته ’اسين باغن جي وچان ويجهو چارو
ڏيئي، مزي سان گهمندا اينداسين!‘
هي ٻڌي، ”مارٽن“ چيو ته بابا، اوهين ڇو ٿا اها
ڪاوڙ ڪريو. پر جارج، اُميد آهي ته تو رستو ته
برابر لڌو!
”مارٽن“ جي ننڍي ڀاءُ ”هربرٽ“ چيو ته ”برابر
لڌائين! مارٽن، هن جانڊاهه وارو ورکڻي ورتو ۽ رستو
ڀلجي وڃي ٻيلي جي جهنگ ۾ پيو؛ اهڙي گهاٽ ۾ اچي
ڦاٿو هو، جو ذري گهٽ ٻيلي جي نگهبان هن کي شڪار يا
شڪار جو چور ڄاڻي بندوق ٿي هنئي؛ تنهن کان پوءِ
وري اچي انهيءَ جي ڪتن ورايس!“
’مارٽن‘ ڏاڍي ارمان مان چيو: ”مون کي گهڻو افسوس
آهي.“
اتي ”ليڊي آلربيءَ“ وچ ۾ پئي چيو ته ”افسوس نه ڪر،
جارج ضرور توکي معافي ڏيندو!“
”سر هينريءَ“ چيو ته ”هائو، پهرين ته پاڻ کي انجام
نه پارڻ جي معافي ڏئي!“ ”مارٽن“ جواب ڏيڻ تي هو ته
”هربرٽ، جو جرات وارو ڇوڪر هو، تنهن تڪڙ ڪري ٻي
ڳالهه آڻي وڌي: چوڻ لڳو ته ”هيستائين اسان توکان
پڇيو به ڪين ته راند ڪنهن کٽي! آءُ ڀانيان ٿو ته
شهر وارا کٽي ويا.“
”مارٽن“ ڪن کان وٺي چيس ته ”ماٺ ڪر، ننڍڙا باندر!
”آلٽن“ ۾ ٿو ٽن چئن ٻهراڙيءَ وارن اسڪولن جو پاسو
جيتجي- ايترو چوندس ته ذري گهٽ جيتا!“
”ليڊي آلربيءَ“ پٽ کي خوش ڪرڻ لاءِ چيو ته ”اسان
کي ته سڄي ڳالهه ڪري ٻڌاءِ.“ ”مارٽن“ جي ڀيڻ ’آلس‘
به چيو ته ”اوهان گهڻيون رنسون کنيون؟“ هربرٽ وري
پڇيو ته ’گلينلن‘ ۽ ’رالف‘ ڪيئن ڪيو؟ بال ڪنهن ٿي
اُڇلايو؟ تو ڪو بال جهٽيو به؟“
”مارٽن“ کلي چيو ته ”هاڻي ڪنهن کي ڪنهن کي جواب
ڏيان؟ پر پهرين ته پاڻ کي ڏسڻ جهڙو ڪريان، ۽ ڪپڙا
بدلايان! آءٌ هتي رڳو سماءُ وٺڻ آيس ته ”جارج“ آيو
آهي يا نه.“
ماڻس چيو ته ”مارٽن، ڪپڙن جي حرڪت ڪانهي، سڄو
ڏينهن ڊوڙيو ۽ هلاڪ ٿيو هوندين، سو بک لڳي هوندءِ
۽ ٿڪو هوندين. ويهي رهه ته ”هربرٽ“ توکي چانهه
گهرائي ڏي. آءٌ ڀانيان ٿي ته ماني کائي آيو
هوندين.“
”مارٽن“ چيو ته ”نه، آءٌ ماني لاءِ ترسيس ئي ڪين.“
”هربرٽ“ چيو ته تڏهن بيهه.“ هن اُٿي نوڪر جي لاء
گھنٽي وڄائي، ۽ ”مارٽن“ پنهنجي سؤٽ جي پاسي ۾ ويهي
رهيو. چوڻ لگٻو؛ ”ڏينهن ڏاڍو چڱو گذريو، ۽ راند
ڏاڍي متي. ”آلٽن ڪلب“ جي جاءِ تمام عمدي آهي. سوين
ماڻهو هئا؛ ڏهه ٻارنهن ليڊيون به هيون. ”آلٽن“
وارن پنهنجا زميندار ۽ لوهار آڻي ڪڍيا؛ تن اسان جي
بال هڻڻ وارن کي ٿڪائي ڇڏيو. خصوصا ”لارڊ ڊانرل“
جي نگهبان، ”جان“ ڏاڍي چالاڪي ڏيکاري. اسان کي هنن
ٻه وجهه ڏنا، ليڪن هن مغرور مٿي ڦريل ڀوڪ ”گلينلن“
سوجهرو ڪونه ڪيو؛ سڄو ڏينهن شراب پيئڻ ۾ مشغول
هو.۽.....“
اتي ”سرهينريءَ“ وچ ۾ پئي چيو ته ”صبرڪر هتي
ليڊيون ويٺيون آهن-اجايا سجايا لفظ واتان متان
ڪڍين!“
”مارٽن“ چيو ته”ڀلا، لارڊ وائڪائونٽ گلينلن“-ائين
ته ٺهيو؟“
پڻس شوخيءَ کان سواءِ چيوته ”مارٽن، هي ڇا؟“
انهئ تي ”مارٽن“ شرمندو ٿي، چڙ وساري ، هوش م آيو،
۽ آرام سان چوڻ لڳو ته ”گلينلن ٻه ڀيرا بال جهٽي
نه سگهيو، پر نيٺ اسين 180 رنسون ڪري وياسين. پوءِ
اسان جي قسمت چڱي نه هئي- فقط120 رنسون کنيونسين.“
”هربرٽ“ پڇيو ته ”تو اهو ته ڪين چيو ته ٻٽاڪي
”مارٽن آلربيءَ“ڪهڙي هوشياري ۽ چالاڪي ڏيکاري؟“
هن مڪ اُلاري چيو ته ”بيحيا هربرٽ، مون فقط ٽي
کنيون!“
”هربرٽ“ چيو ته ”چڱو، پوءِ.“
هن چيو ته ”پوءِ ٻئي ڀيري، اسان سگهوئي ”آلٽن“
وارن کي آئوٽ ڪري ڇڏيو. هنن 82 وڌيڪ رنسون ڪيون ۽
اسان کي اڃا 142 کي مقابلو ڪرڻو هو. ڇهين بجي پوري
بس ڪرڻي هئي. جو ماني کائڻي هئي. مگر سڀني ٺهراءَ
ڪيو ته سوائين ستين تائين راند ڪجي سان ڪوشش ڪئي
پر نيٺ به اڃا اسان کي راند کٽڻ ۾ 60 رنسون گهربل
هيون. تنهن ڪري اسان کي ڏاڍي نااميدي هئي. ”رالف
ڊگلس“ تمام عمدي راند ڪئي، سڀڪو ڌڪ خيال ۽ سنڀال
سان ٿي هنيائين. هن جي ڌڪن تي مون کي ڏاڍو ڊوڙوڻو
پيو. تماشي بين واه واه پئي ڪئي. مون به پنهنجي
واري تي ڏهه رنسون ڪيون. پوءِ آئوٽ ٿي پيس. نيٺ
جڏهن ست لڳي ڏهه منٽ ٿيا، تڏهن اسان جون ڪل 136
رنسون ٿيون. اتي ”رالف“ ۽ گلينلن“ ڇهه ٻيون به
کنيون، جنهن ڪري اسان جون هينئر پوريون 143 رنسون
ٿيون، ۽ اسان کٽيو- اگرچ گهڻي اُميد ڪانه هئيسون
اسان تاڙيون وڄايون ۽ ڏاڍو هل ڪيوسين ۽ فتح جي
خوشي ظاهر ڪرڻ لاءِ، ”رالف“ کي ڪرسيءَ تي ويهاري،
اُها کڻي تنبوءَ تائين آيا سين، ڇا لاءِ جو جي اهو
نه هجي ها، ته اسين ضرور هارايون ها. خلاصيون هن
جو 97 رنسون ٿيون ۽ آئوٽ به نه ٿيو. ڪيئن انصاف
ڏيڻ جهڙي ڳالهه آهي يا نه؟“
”سرهينري“ چيو ته ”شاباش، مارٽن مون ڀانيو هو ته
مانيءَ جي لالچ تي تو پنهنجو انجام ڀڳو! توکي ضرور
بک لڳي هوندي. هاڻ گهڻو نه ڳالهاءِ، پنهنجو وقت
سجايو ڪم آڻ.“
”مارٽن“ چيو: ”بک برابر لڳي آهي؛ پر اوهين ته سڀ
اڳي ئي کائي ويٺا آهيو، آءٌ کائي بس ڪريان، ته
پوءِ ٺهراءُ ڪريون ته ايندڙ هفتي ۾ ”جارج“ کي ڪيئن
وندرايون.“
پوءِ ”مارٽن“ اچي پنهنجي مانيءَ کي لڳو،۽ ٻيا سڀ
مانيءَ واري جاءِ مان نڪري ويا. جڏهن ماني کائي بس
ڪيائين، تڏهن پيءُ وٽ ويو، جنهن آرام ڪرسيءَ تي
ليٽي ڪو ڪتاب پئي پڙهيو. نياز سان چوڻ لڳس؛ ”بابا،
اوهين مون تي ڪاوڙيل ته ڪين آهيو؟“
”سر هينريءَ“ پيار مان چيو ته ”بابا، جيڪو احوال
ٻڌم تنهن موجب ڪاوڙ ڪرڻ جو سبب ڪونه هو. توکي خبر
آهي ته آءٌ وقت ۽ انجام جي پورائيءَ تي خاص
خبرداري ڪندو ۽ ڌيان ڏيندو آهيان، پر هينئر آءٌ
سمجهان ٿو ته توکي راند جي پڇاڙيءَ تائين رهڻ
ضروري هو ۽ تنهن ڪري توکي دير ڪرڻ جو واجبي عذر
هو.“
”مارٽن“ چيو ته ”بابا، مون به ائين ٿي ڀانئيو: مون
کي خبر هئي ته آءٌ ائين وچ مان هليو اچان ها، ته
اوهان کي ارمان ٿئي ها، منهنجا سنگتي مون تي خفي
ٿين ها ۽ اسان جي طرف کي گهڻي حرڪت پهچي وڃي ها.“
پڻس چيو ته ”جي راند ڇهين بجي پوري ٿئي ها ته تون
ضرور گهر اچين ها، ۽ ماني لاءِ ڪين ترسين ها؟“
هن چيو ته ”بابا، ضرور ائين ڪريان ها. اوهان کي
خبر آهي ته مون اڳي ڪڏهن انجام ۾ شڪني ڪئي؟“
”سر هينريءَ“ چيو ته ”نه، مارٽن ۽ منهنجي نه
ڪاوڙجڻ جو سبب به اهو آهي ته تون تمام چڱو ڇوڪر
آهين ۽ تو ۾ منهنجو پورو ڀروسو آهي، هاڻ هل ته هلي
گهر جي ٻين ڀاتين سان گفتگو ۽ صلاح مصلحت ۾ شامل
ٿيون.“
ائين چئي، هو پنهنجو هٿ ”مارٽن“ جي ڪلهي تي رکي
باغ ۾ آيو. ظاهر هو ته هو پنهنجي پٽ کان بلڪل راضي
۽ خوش هو، ۽ انهيءَ تي گهڻو فخر ٿي ڪيائين. حقيقت
ڪري ڪي ٿورا پٽ هوندا، جن کي ”سرهينري آلربيءَ“
جهڙو مهربان ۽ عالمي دماغ پيءُ هوندو ۽ ڪي ٿورا
پيءُ هوندا. جن کي ”مارٽن“ جهڙو فرمانبردار،
بيقصور ۽ هر طرح پيار ڪرڻ جي لائق پٽ هوندو. |