بيربل پڇيس تھ ”اھو ڪھڙو ڪم آھي؟ ڀڳوان ڪندو، تھ پنھنجي پڄنديءَ
آھر ڪين گھٽائيندس.“
زال چيس تھ ”ھن راجا جي سرڪار ۾ بيربل نالي ھڪڙي نوڪر کي ھڪڙو
سڪيلڌو پٽ، جنھن ۾ سڀاڳائيءَ جا ڇٽيھھ ئي لڇڻ آھن،
تنھنجو جي سر وڍي، منگلا ديويءَ تي سج اڀرڻ کان
اڳي چاڙھين ٿو، تھ سو يقين آھي، جو تنھنجو راجا
بچي پوندو ۽ سؤ ورھھ وڌيڪ جيئندو.“
اھا ڳالھھ چئي ھوءَ زال تھ سندس اکين کان غائب ٿي ويئي. راجا،
جو ھن جي پٺيان بيٺو ھو، تنھن ھي سڀ ڳالھيون
پنھنجي ڪنن سان ٻڌيون پئي.
بيربل جو اتان ڊوڙيو، تنھن ستتئي پنھنجي گھر اچي پنھنجيءَ زال
کي جاڳائي ساري حقيقت ٻڌائي.
زال جواب ڏنس تھ ”جيڪڏھن منھنجي پٽ جي سر ڏني راجا بچي پوي تھ
ٻيو ڇا گھرجي. ڇاڪاڻ تھ اسين ان جو نمڪ ايتري لاءِ
ئي کائون ٿا، تھ ھن کي اھڙيءَ مشڪلات جي وقت ۾ ڪم
اچون.“ ۽ ٻيو چيائينس تھ ”اي بيربل! سيگھھ ڪر،
متان رات نھ وھامي وڃي.“ جيتوڻيڪ مڙس جي دل وٽان
اھا ڳالھھ ڪيائين ٿي، تھ بھ اندر ۾ لڇي، ھڪڙيءَ پل
۾ ايترا ڳوڙھا ڳاڙيائين، جو سڄي ھنج پنھنجي ۽ پٽ
جي ڀڄائي ڇڏيائين.
ھيءَ حالت ڏسي بيربل ڇوڪر کي اتان کڻي، منگلا ديويءَ جي مندر ۾
ويو، ۽ ھن کي سنان ڪرائي، سندس مڃتا گھريائين.
ڇوڪر بھ راضي ٿي، آڪار ڏني. تڏھن بيربل ڇوڪر کي
ھنج ۾ وٺي ڳچيءَ تي سير وھائي چيو ”ھي پرماتما!
ھزار شڪرانا، جو منھنجي پٽ سر ڏيڻ ۾ ڪيٻايو ئي
ڪين.“
ائين چئي ڪنڌ ھيٺ ڪري، دل ۾ چيائين تھ پنھنجي ڌڻي جو بار تھ مٿي
تان لاٿم، پر منھنجو ھوئي دنيا ۾ اھو سڪيلڌو پٽ،
جنھن کي پنھنجن ھٿن سان ماريم. ھاڻي جيڪڏھن جيئرو
ٿو رھان، تھ ڏک کان ڇٽڻ ڪونھي. تنھن ۾ بھتر آھي،
تھ ھھڙي ڪونڌ پٽ پٺيان مان بھ ساھھ ڏيان. نيٺ
ساڳئي ترار سان پنھنجو سر بھ وڍيائين.
بيربل جي جوءِ بھ، جا شروعات کان وٺي سندس پٺيان لڳي آئي ھئي، ۽
پري کان لڪي بيٺي اھا حالت ڏٺائين، سا پنھنجي پٽ
کي ڪسندو ڏسي، يڪدم وسامي بي ھوش ٿي ويئي. وري
ٿوريءَ ويرم کان پوءِ جڏھن سامت ۾ آئي ۽ ڏٺائين تھ
مار! منھنجي پٽ ۽ منھنجي مڙس ٻنھي جون سسيون لٿيون
رکيون آھن، تڏھن نراس ٿي. پنھنجو سر اتي جو اتي
ساڳئي ترار سان ڪپي رکيائين.
راجا اھو حال پري کان ڏسي، انھن ٽنھي لٿل سسين جي ويجھو اچي
اوڇنگار ڏيئي، دل ۾ چيو، ھنن تھ ٽنھي پنھنجا سر
مون تان قربان ڪيا، ھاڻي جيڪڏھن اھڙيءَ حالت ڏسڻ
کان پوءِ جيئندس، تھ مون جھڙو ڪٺور دل دنيا ۾
ليکبوئي ڪونھ. تڏھن ستتئي مندر ۾ گھڙي انھن ٽنھي
جي پيرن تي پيئي اڃا ڀانيائين تھ پنھنجي سسي
لاھيان، تھ ايتري ۾ ديويءَ درشن ڏنس، ۽ ھٿ کان
جھلي چيائينس تھ ”اڙي راجا! بيربل وڌيڪ ڇا ڪيو
آھي، جنھن لاءِ سر ڏيڻ واسطي تيار ٿيو آھين؟ ھن
رڳي نمڪ حلالي ڪئي آھي، تنھن لاءِ توکي سر ڏيڻ
مناسب نھ آھي.“
راجا چيو تھ ”جيڪڏھن اھڙي نمڪ حلال لاءِ پنھنجو سر نھ ڏيان، تھ
منھنجي اھڙي جيئڻ کي حيف آھي.“
ديوي ھيءُ ٻڌي ڏاڍو خوش ٿي، ۽ چيائين تھ ”مان توکان گھڻي پرشن
ٿي آھيان. ھاڻي جيڪي گھرڻو ھجيئي، سو گھر، تھ آءٌ
تنھنجي لاءِ ڀڳوان کان گھران.“
راجا چيو تھ ”ڌڻيءَ جي مھرباني سان مون وٽ سڀ ڪجھھ آھي، ڪنھن
ڳالھھ جي ڪمي ڪانھي. جيڪڏھن ڪا توکي پھچ آھي، تھ
ھيءَ دعا گھر، جو ھي ٽيئي ڄڻا وري پون.“ ھي سوال
ٻڌي ديوي الوپ ٿي ويئي، ۽ ھو ٽيئي اتي وري اٿي کڙا
ٿيا.
راجا اتان لڪي سامھون پنھنجي مڪان تي اچي مس ويٺو، تھ مٿان
بيربل ترار ھٿ ۾ ڪري اچي پھتو. راجا چڙي چيو تھ
”اي بيربل ڏاڍو ارمان آھي، جو جنھن ڪم لاءِ توکي
موڪليم، تنھن جو اڃا تائين جواب ڪونھ آندءِ.“
بيربل چيو تھ ”سائين، ھڪڙيءَ زال رڻ پٽ ۾ ويٺي رنو، ۽ مون کي
ڏٺائين، سو اتي جو اتي غائب ٿي ويئي. پوءِ مون
ھيڏانھن ھوڏانھن گھڻيئي دانھون ڪوڪون ڪيون، پر
ڪابھ ورندي ڪانھ مليم ۽ نڪا سڌ پيم، تھ ھوءَ ڪاڏي
ھلي ويئي.“
راءِ ھي ڳالھھ ٻڌي، اکين ۾ پاڻي آڻي چيو تھ ”ھمٿ ۽ پھلواني ۽ دل
وڏيءَ جا لڇڻ جيڪي بادشاھن ۽ راجائن ۾ ھئڻ گھرجن،
سي سڀ تو ۾ آھن. پوءِ جيڪي نيڪيون ۽ چڱايون رات جو
پنھنجن اکين سان ڏٺيون ھئائين، سي سڀ پنھنجن
صلاحڪارن کي ٻڌايائين.
۽ بيربل کي ڳراٽي پائي سروپاءِ ڍڪائي، ڪيترو سارو
مال ڏيئي، پنھنجي ملڪ جي حڪومت ۾ اڌ ڀائيوار
ڪيائين.
سو، اي چيھا، بيربل نئون نوڪر ھو. تنھن ڏس تھ ڪھڙو نھ ڪم ڪري
ڏيکاريو.“ ھيءَ ڳالھھ ٻڌي چيھي کي تسلي ٿي، تھ
بادشاھھ جي ليٽ ڪانءُ ڏانھن گھڻي آھي، تنھنڪري
پنھنجي ڳالھھ قطع ڪري چيائين تھ ”اي بادشاھھ! سچو
وزير انھي کي چئبو آھي، جو سچ چوي ۽ خوشامد کان
پاسو ڪري. سائين جن سو ھن کي نوازين ٿا، پر ھو
ڊوھھ ڪندي ويرم ئي ڪانھ ڪندو.“
قاز چيو ”جي ڊوھھ ڪندو، تھ پنھنجي لاءِ ڀلو نھ ڪندو، ٻيو مون کي
ڇا ڪندو؟“
چيھي چيس تھ ”جيڪو پاڻ لاءِ ڀلو نھ ڪندو، تنھن کان پر لاءِ ڪھڙو
ڀلو نھ ٿي سگھندو. شايد اوھان ھن ڀٽ جي ڳالھھ نھ
ٻڌي آھي، جنھن پنھنجي بڇڙيءَ خصلت کان سڀني
پاڙيسرين کي تپائي کنيو ھو.“
قاز پڇيس تھ ”اھا ڳالھھ ڪيئن آھي؟“
٢٢- ڀٽ ۽ پاڙي وارا ٻانڀڻ
چيھي چيو ”ڳالھھ ڪندا آھن تھ ڪنھن شھر ۾ ھڪڙو ڀٽ ٻانڀڻ جي پاڙي
۾ رھندو ھو، سو سدائين ھڪڙي نھ ٻي سوسڙي پيو
دکائيندو ھو. ۽ جڏھين ڏسندو ھو تھ ھاڻي پاڙيوارن
فرياد ڪيو آھي، تڏھين ھڪ نھ ٻئي پاسي منھن ڏيئي
ڀڄي ويندو ھو. شھر جو ڪوٽوال جڏھين کيس ڳولڻ لاءِ
ايندو ھو، ۽ گھر ۾ نھ ڏسندو ھوس، تڏھين ويچارن
پاڙيوارن کي ڪوڙو سمجھي ناحق ھنن کي ھٿ ڪڙيون
وجھي، ڪچھريءَ ۾ آڻي ڏھن- ويھن ڄڻن جي اڳيان اھڙي
جٺ ڪندو ھو، جو شل ڪنھن نالائق سان بھ نھ ٿئي. نيٺ
او ٻانڀڻ لاچار ٿي ٿوري گھڻي رشوت باسي. اتان پاڻ
ڇڏائي ايندا ھئا. اھڙيءَ طرح ويچارا پاڙي وارا
ٻانڀڻ ھن ڀٽ جي آھيءَ ۾ اچي ڪيترا ڏينھن ستايا
پئي. ھڪڙي سال اھڙو اتفاق ٿيو، جو آرڙھھ ۾ پاڻي
کوھن مان سڪي تار کائي ويو، ۽ ٻانڀڻ پاڻ ۾ صلاح
ڪري ھڪڙو نئون کوھھ کوٽڻ لڳا. ايتري ۾ ڀٽ ور ڪري
اچي چوڻ لڳن تھ ”مون کي بھ ھن کوھھ کوٽڻ ۾ پاڻ سان
ھمراھھ ڪريو، تھ آءٌ پاڻ ھن کوھھ جو پاڻي حلال ڪري
پيان.“
تنھن تي سڀني ڄاتو، تھ جيڪس ھن جي گھٽ ۾ ڀڳوان ھاڻي مھر وڌي
آھي، جو بڇڙائيءَ کان پاسو ٿو ڪري، ۽ راضي ٿي کوھھ
کوٽڻ ۾ پاڻ سان شريڪ ڪيائونس. پر ھو ڪميڻو رڳو
نالي جو ڪوڏر کي ھٿ لائي، ماٺ ڪري پري وڃي بيھي
رھندو ھو. جڏھن کوھھ کوٽجي تيار ٿيو، ۽ سڀڪو ان
مان پاڻي ڀرڻ لڳو، تڏھن ڀٽ اچي ڊوھي وجھي چين، تھ
”خبردار، جيستائين کوھھ جي پاڻيءَ جو حساب ڪتاب
مون سان نھ لاٿو اٿو، تيستائين متان ڪو ان کوھھ جو
پاڻي پيئندو ھجي.“
ھنن جواب ڏنس، تھ ”تنھنجو حصو تمام ٿورو ٿيندو، سو وٺي ڪري
پنھنجي ھٿ ڪر، ۽ پوءِ پنھنجي حصي جي پاسي کان
سدائين پاڻي ڀريندو رھج.“
تڏھن ھن چيو، تھ ”چڱو ڀلا، جي توھين پنھنجي حصي جا مختار آھيو،
تھ آءٌ پنھنجي حصي جو مختار ٿي ان ۾ زھر گڏيندس.“
برھمڻ ڏٺو تھ ھيءَ ڳالھھ ھن لچ کان پري نھ آھي، تن
ويچارن ٿورا گھڻا پئسا ڏيئي، کانئس سندس حصو
ڇڏايو.
جڏھن اھي پئسا کائي کپائي رھيو، تڏھن موٽي اچي آرام ڦٽس، تھ
ھاڻي ٻيو ڪھڙو حيلو ڪريان. نيٺ ھڪڙي ڏينھن واچ اچي
ڏاڍي لڳي، تڏھن ھي پنھنجي گھر جي اڱڻ ۾ بيھي سڏ
ڪري چوڻ لڳو، تھ ”ٻڌو ٿا اي پاڙيسريو! آءٌ توھان
کي اڳي ئي ٿو چتايان، تھ منھنجي گھر ۾ نانگ ۽ وڇون
تمام گھڻا ٿيا آھن، تنھنڪري ڀانيان ٿو، تھ ڪري
باھھ ڏيانس. تنھن ۾ اوھين خبردار ٿجو، متان ڪو
سڀاڻي ڏرمائي ڏوراپو ڏئي، تھ ڀٽ پنھنجي پاڙيسرين
کي ساڙي ڇڏيو.“
ھيءَ ڳالھھ ٻڌي
سڀيئي پاڙي وارا پنھنجن گھرن مان نڪري اچي، ڀٽ کي
پيرين پيا، ۽ چيائونس تھ ”اي يار! تو جھڙو پاڙيسري
ڪٿان ملندو، جو باھھ ڏيڻ کان اڳي اسان کي چتائي؟
ھاڻي اسين توکي ڪي پيسا ڏيون ٿا، سي تون وٺ، ۽
باھھ جي پچر ڦٽي ڪر. ۽ جي ٿي سگھي، تھ ڪا ٻي اھڙي
تجويز ڪجانءِ، جنھنڪري تنھنجي گھر مان اھي نانگ
وڇون نڪري وڃن.“
ائين چئي پاڻ ۾ ڦوڙي ڪري ھن کي پيسا ڏنائون ۽ پوءِ گڏ ٿي چوڻ
لڳا، تھ ”اي ڀائرو! اھڙي روبڪار ڏسڻ ۾ اچي ٿي، جو
ڪنھن ڏينھن ھي ڀٽ اسان کي ساڙي ڇڏيندو، يا ڪنھن
ٻيءَ اڙيءَ ۾ ڦاسائيندو. پوءِ جي اسين ان سان مٺو
نھ ٻولينداسون، تھ ھو شايد پاڻ کي ماري ڇڏيندو.
نيٺ ڪم وڃي ڪوٽوال سان پوندو، ۽ ھو اسان کي
شاھوڪار ڄاڻي ڦريندو. تنھن ۾ بھتر آھي، جو ھي ڳوٺ
ئي ڇڏي، ٻئي ڪنھن ڳوٺ ۾ ھلي رھجي.“
اھا صلاح ڪري سڀيئي ٻانڀڻ راتو واھھ ڀڳا، ۽ پرھھ ڦٽندي سان ڏھھ
ڪوھھ پنڌ ھڻي نڪري ويا، انھيءَ ڊپ کان، تھ متان ھو
ڀٽ پٺيان ڪاھي پوين.
سو (چيھي چيو) ”سائين، ھن بڇڙي ماڻھوءَ جي ڊپ کان چڱا مڙس بھ
ڀڄي پرديسي ٿي پيا.“ تڏھن قاز چيس تھ ”اي چيھا!
ڪانءَ کي ھتان ڪڍڻ کان پوءِ پاڻ جھڙي جا تھڙا رھجي
وينداسون. ڇاڪاڻ تھ ھڪڙو ڪانءُ پنھنجي سڀني سنگتين
سوڌو ھليو ويندو، ٻيو تھ ان جي وڃڻ کان پوءِ
ڪاٺڪٽي جي سپاھين کي ريھي ريبي اسان ڏي آڻڻ لاءِ
سعي ڪندڙ ڪونھ ٿيندو، ۽ ٽيون تھ سڀيئي ڀائيندا تھ
قاز کي لشڪر سان شايد ڪم ئي ڪونھي. تنھنڪري ڀلي تھ
ڪانءُ ھتي پيو گذاري.“
ھيءَ ڳالھھ ٻڌي چيھي لاچار ٿي ڪري ماٺ ڪئي تڏھن وري قاز چيس تھ
”اي وزير! ھاڻي ويريءَ جي ٽارڻ لاءِ ڪو اپاءُ ڪر.
جيئن پوءِ تيئن ھو اچن ويجھو پوندا. ڏسجائين، متان
غافل ٿيو آھين.“
چيھي چيو، ”مون جاسوسن جي واتان ٻڌو آھي، تھ ڪاٺڪٽي جو وزير
ڪرگس، ڏاڍو سياڻو آھي، سو پٽيءَ وڙھڻ ڪين ڏيندس.
پر جي اھڙي ڏاھي وزير جي ڳالھھ کي لنوائي، بادشاھھ
لڙائيءَ تي ايندو تھ ھو وڏو نادان چئبو، ۽ پنھنجو
لشڪر ھٿ وٺي مارائيندو. تنھن ۾ اي بادشاھھ! اڃا
تائين ڪاٺڪٽي جي لشڪر اوھان جي قلعي کي گھيرو ڪونھ
ڪيو آھي، تنھنڪري گھرجيو تھ پنھنجي ڪوٽوال کي
سڏائي حڪم ڏيو، تھ جنھن رستي کان دشمن جي اچڻ جو
ڊپ ھجي تنھن کي ترت وڃي بند ڪري، ۽ جتي جھنگ جھر
ھجي، تتي پنھنجو لشڪر ھڪيو رکي، ۽ جڏھن دشمن جو
اڃايل ۽ بکايل ڪٽڪ ٿڪجي ماندو ٿي اچي ڪاٿي پوي،
تڏھن گھرجيس، تھ ان تي اتي ئي چڙھي ڪري، يا جنھن
وقت ويريءَ جي فوج جھنگ يا جبل جي گھاٽ مان
لنگھندي، يا نديءَ تي لھندي ڏسي، تنھن وقت مٿن
ڪاھھ ڪري يا رات جو جاڳيا ھجن ۽ صبوح جو ننڊاکرا
ٿي ھٿيار پوھار ڇوڙي بي اونا ٿي سمھي پون، تھ ان
حالت ۾ اتي گھٽين. اھڙن ڪمن لاءِ سياڻا اھڙيون
مھلون ڳوليندا آھن.“
جڏھن قاز ھيءَ تجويز ٻڌي تڏھن ڪھنگ ڪوٽوال کي سڏائي، چيھي جي
صلاح پٽاندر حڪم ڪيائين. تنھن تي ڪوٽوال پنھنجو
لشڪر وٺي نڪتو، ۽ نڪرندي شرط ڪاٺڪٽي سان مقابلو ٿي
ويس. ٻنھي جي وچ ۾ اھڙي لڙائي اچي لڳي، جو دشمن جا
انيڪ سپاھي مارجي ويا.
تڏھن ڪاٺڪٽو نراس پنھنجي وزير ڪرگس کي چوڻ لڳو تھ ”اي چڱا مڙس!
منھنجو سمورو لشڪر مارجي ويو، ۽ توکي ذري جي ڳڻتي
ڪانھ ٿي. رڳي صلاح بھ ڪانھ ڏنئي، تھ قاز جو ملڪ
ڪيئن وٺجي. پر ھاڻي انھي ڳالھھ کي ڦٽو ڪر. مون کي
رڳو ھي اڊڪو آھي، تھ جيڪا فوج سنديم باقي بچي آھي،
سا شل خير سان ھلي وطن سھڙي.“
ھي ٻڌي ڪرگس چيو، تھ ”اي بادشاھھ! سياڻن چيو آھي، تھ اميرن
وزيرن ۽ بادشاھن ۾ ھي عادتون ھئڻ نھ گھرجن: ھڪڙي
شراب خوري، ٻي رات ڏينھن زالن سان صحبت ڪرڻ، ٽين
گھڻو وقت شڪار ۾ گذارڻ، چوٿين جوا ڪرڻ ۽ پنجين
وزير جي مصلحت کان منھن موڙڻ. مون اڳي عرض ڪيو ھو،
تنھن تي سائين جن پورو ڌيان نھ ڏنو. ھاڻي ھتان
پوئتي ورڻ ھلڪائي آھي، تنھن لاءِ اھڙي صلاح ڏيئي
نٿو سگھان، ڇاڪاڻ تھ شاھاڻو دستور آھي، تھ جو
بادشاھھ پنھنجو ملڪ ڇڏي ٻئي جي ملڪ تي چڙھي ڪري
وڃي، سو سواءِ سوڀ يا سلوڪ جي نھ موٽي.“
ڪاٺڪٽي چيو تھ ”منھنجي لشڪر ۾ جيڪي نامدار پھلوان ھئا، تن مان
ھن لڙائيءَ ۾ ڪي مارجي، ۽ ڪي قيد ٿي ويا. ھاڻي وڃي
رھي آھي باقي ھيءَ فوج، سا الاجي ڪھڙو ٻوٽو
ٻاريندي.“
تڏھن ڪرگس چيو ”اي حضور! ڇو انھيءَ ڳالھھ جي ويچار ۾ پيا آھيو.
جي ٻن- ٽن ڏينھن جي عرصي ۾ دشمن جو قلعو کٽي سوڀ
جو نقارو نھ وڄايان، تھ مڙس ئي نھ آھيان، ۽ ٿيڻي
آھي، تھ ويريءَ جو ڪٽڪ قلعي ۾ وڃي داخل ٿيندو.
پوءِ انھن جي رسد راس چئن ئي واٽن کان بند ڪري
سگھبي.“
قاز جي جاسوسن مان ڪنھن ھيءُ ڳالھھ ٻڌي ورتي، جنھن ڊوڙي اچي
پنھنجي بادشاھھ کي چيو تھ ”اي خاوند! ڇو غافل ويٺا
آھيو؟ يقين ڄاڻجو، تھ ڪاٺڪٽو اوھان جي مڪان کي
گھيري ڪرڻ ڌاران ڪين ڇڏيندو.“
قاز ھيءَ ڳالھھ ٻڌي پنھنجي وزير کي چيو تھ ”اٿي وڃي لشڪر جو
شمار ڪر، ۽ ھر ھڪ سپاھي کي انعام ڏي، جيئن تھ
سياڻن چيو آھي، تھ اجائي ھڪڙي ڪوڏي بھ نھ وڃائجي،
پر مھل سر ڏھن ھزارن تي بھ فلڪ نھ آڻجي. اھڙي وقت
۾ جو بادشاھھ لشڪر سان سخاوت ڪندو، سو البت دشمن
کي ماري مڃائيندو، ڇاڪاڻ تھ جي نوڪر پنھنجي ڌڻيءَ
کان راضي ھوندا، تھ ڪنھن بھ حالت ۾ اڪيلو ڇڏي نھ
ويندس، ۽ نڪي تير ترار کان منھن موڙيندا. تنھن کان
سواءِ ڪاٺڪٽي جو وزير ڏاڍو سياڻو ٿو ڏسجي، ڇو تھ
ائين نھ ھجي ھا، تھ ھوند ھن کان اڳي بادشاھھ سارو
لشڪر ناس ڪرائي ڀاڄ کائي ھا.“
اڃا قاز ۽ چيھو انھيءَ صلاح مصلحت ۾ مشغول ھئا، تھ مٿان ڪانءَ
اچي سلام ڪيو، ۽ فريب ڪري چيائين تھ ”سائين،
ڪاٺڪٽي بادشاھھ جي لشڪر ھن قلعي کي چوگرد اچي
گھيرو ڪيو آھي.“ قاز پڇيس تھ ”ان جو لشڪر اٽڪل
ڪيترو ٿيندو؟“ چيائين تھ ”سائين، برسات جي ڪري
تعداد جي پوري خبر پئي نٿي سگھي، پر تڏھين بھ زره
پوش پيادا ۽ سوار ايترا اچي گڏ ٿيا آھن، ۽ ٻيو آڙد
بھ ايترو اچي لٿو آھي، جو اتي پير پائڻ جيتري بھ
جاءِ ڪانھي. ۽ توبن جي شلڪ بھ اھڙي اچي کڙي ٿي
آھي، جو زمين ۽ آسمان انڌوڪار ٿي ويو آھي، ۽ ھاٿين
بھ اھو ڌڪار کڻي شروع ڪيو آھي، جو ڪڪرن جي گجگوڙ
جي بھ جاءِ نھ آھي.“
قاز ھيءَ ڳالھھ ٻڌي ترت وسميءَ ۾ پئجي ويو. تڏھن ڪانءَ چيس تھ
”جيڪڏھن لڙائي ٻاھر ٿي، تھ پوءِ قلعي جوڙائڻ مان
ڪھڙو فائدو ٿيو؟ ھاڻي جيڪڏھن ويريءَ سچ پچ قلعي کي
گھيرو ڪيو آھي، تھ لشڪر سنباھي قلعي تي بيھاري
سندس سامھون ڪريو.“
قاز ھيءَ ڳالھھ ٻڌي يڪدم پنھنجي سموري لشڪر کي قلعي تي کڙو ڪيو،
جنھن جي ڏسڻ کان دشمن جو ھنيون ئي کاڄي ويو. ۽
اھڙو ھل ۽ نقاري جو آواز ڪرايائين جو انھن جي ڪنن
۾ تاڙيون چڙھي وييون. پوءِ قاز ڪاٺڪٽي جي لشڪر جي
سامھون پنھنجو ديرو ڄمائي سڀني سردارن کي سڏائي
چيو تھ ”اڄ اھڙي جنگ جوٽيو ۽ مارا ماري ڪريو، جو
جبل تي رت ريلا ڏيئي وھي.“
ھوڏانھن ڪاٺڪٽي قاز جو لشڪر قلعي تي ڏسي، ۽ سندس ھل ھنگاما ٻڌي،
تپرس ۾ پئجي ڪرگس ڏي نھاري چيو، تھ ”تو چيو ٿي، تھ
آءٌ ڏينھن ٻن ۾ قلعو فتح ڪندس، پر ھتي تھ قاز اھڙي
حشمت ٿو ڏيکاري، جو اسان جي تھ ساڻس دال نھ ڳري.“
ڪرگس وزير چيو تھ ”اي بادشاھھ! خيال ڪري ڏسو، تھ ڪنھن غريب جي
گھر ۾ بھ ڪو ڌاريو ٺھھ پھھ پيھي نٿو سگھي، ۽ پوءِ
ھي وڏو قلعو جو لشڪر سان ڀريل آھي، سو حڪمت ڪرڻ
ڌاران ھٿ ڪيئن ايندو؟ ھاڻي پھريائين ھيءَ تجويز
آھي، تھ جنھن ڏينھن دشمن جي سامھون ڏاڍي واچ لڳي،
تنھن ڏينھن ان واچ جي انڌوڪار ۾ ھزارين ٻاڻ ڇوڙجن،
تن جي پاڇي جي اوٽ ۾ قلعي کي باھھ ڏيئي، ويريءَ جي
ڪٽڪ تي ڪاھھ ڪجي. ٻيو تھ، مورچھ بندي ڪجي جنھن ڪري
ويريءَ کي اڳي وڌڻ لاءِ توفيق نھ ٿئي. ٽيون تھ،
قلعي کي چوڌاري اھڙيءَ طرح گھيرو ڪجي، جو دشمن کي
نڪرڻ پھڻ کان بند رکجي. انھن کان سواءِ ٻيون بھ
تجويزون آھن، پر بلفعل ھنن ٽنھي مان جا اوھان کي
پسند اچي، سا ڪريو.“
تڏھن ڪاٺڪٽي چيو تھ ”اي ڪرگس! ويريءَ جي فوج ڏسي منھنجي ڇاتي ئي
ڏڪجي ويئي آھي ۽ حوصلائي خطا ٿي ويا اٿم. تنھن ڪري
ھاڻي ڪا اھڙي صلاح ڏس، جو منھنجي سوڀ ٿئي.“
ڪرگس چيو، تھ ”ھاڻي سانجھيون ٿيون آھن، راتوڪي رات رکو، سڀاڻي
صبح جو سڀ ڀلي ٿي پوندي.“
ائين چئي ساري رات ويچار ۾ رھيو، تھ ھاڻي ڪھڙيءَ رٿ سان دشمن کي
مات ڪري قلعو وٺجي. نيٺ ڪيترا ھوشيار ڦڙت جاسوس،
جن تي گھڻو ڀروسو ھوس، تن کي گھرائي چيائين تھ
”ھيءُ وقت توھان جي نمڪ حلالي ڏيکارڻ جو آھي، تنھن
ڪري گھرجيو تھ پنھنجا ويس مٽائي قلعي ۾ وڃو، ۽ اتي
ڪان کان سڌ سماءُ وٺو تھ ھن ڪھڙي رٿ ڪئي آھي، ۽
ڪير ڪير ڪھڙي ڪھڙي ڪم تي مقرر ڪيا اٿس. ۽ ھي بھ
خبر لھجو، تھ ڪھڙي پاسي غافل آھن، ڪھڙو مورچو
ڪمزور آھي، ۽ ڪھڙي دروازي کان اسين قلعي جي اندر
گھڙي سگھنداسون. اھي سڀ ڳالھيون دريافت ڪري مون کي
ستت اچي ٻڌايو.“
تڏھين جاسوس ڪانون جھڙو ويس ڪري اونداھيءَ رات جو قلعي ڏي ھليا،
۽ ٻين ڪانون سان گڏجي اندر گھڙي، سڀڪنھن بازار
گھٽيءَ ۽ سڀڪنھن سردار جي تنبوءَ جي آس پاس ڦريا.
خوب ڳولا ڪري ڏٺائون تھ ڪانءَ واري مورچي ۾ غفلت
گھڻي ۽ ماڻھو ٿورا آھن. تڏھن ڏاڍا خوش ٿيا ۽ اڃا
ٿوري رات پيئي ھئي، تھ جتان آيا ھئا، تتان نڪري
ڊوڙي اچي ڪرگس سان اھا خوشخبري ڪيائون.
ھو ھيءَ ڳالھھ ٻڌي پنھنجي ڪپڙن ۾ ئي نھ ماپيو. ۽ جھٽ پٽ پنھنجي
فوج کي تيار ڪري چيائين تھ ”چئن گھڙين کان پوءِ
جاسوسن کي پاڻ سان اڳيان مھڙ ۾ سونھون ڪري، اھڙيءَ
سانت سان ھري ھري انھن جي پٺيان قلعي ڏي ھلنداسون،
جو ٻيو ڪن بھ نھ ٻڌندو، ۽ جڏھن دروازي کي ويجھو
پھچنداسون، تڏھن ڪنھن اجھي جي آڙ ۾ ويھي رھنداسين،
جيسين دروازو کلي، پوءِ گھڙي اندر ھلنداسون، ۽ ڌڻي
ڪندو تھ قلعو ھٿ اچي ويندو“.
ھيءَ صلاح پنھنجي فوج سان ڪري، ڪاٺڪٽي وٽ اچي عرض ڪيائين تھ
”ھاڻي آءٌ اڳواٽ وڃان ٿو، جڏھن منھنجا قاصد حضور ۾
اچن، تڏھين يڪدم ساري لشڪر سوڌا ھن غلام جي پٺ
ڀرائي لاءِ اچي سھڙجو. ۽ جي چرڪ ڪيو تھ دشمن مون
کي ٿورن سپاھين سان ڏسي چئن ئي پاسن کان ويڙھي
ويندو.“
ڪاٺڪٽو ھيءَ مصلحت ٻڌي ڏاڍو سرھو ٿيو، ۽ پنھنجي وزير کي موڪل
ڏيئي، سڀني سردارن کي سڏي، حڪم ڪيائين، تھ اوھان
مان ھرڪو پنھنجي پنھنجي تنبوءَ ۾ ھٿيارن سوڌو تيار
رھي. جنھن وقت آءٌ سوار ٿيان، تنھن وقت اوھين سڀ
چپ ڪري منھنجي پٺيان ھليا اچجو، ۽ ان ۾ پٽيءَ
ڪاھلي نھ ڪجو. اھو حڪم ٻڌي سردارن ساري لشڪر کي
تيار رکيو.
نيٺ جڏھين ڪرگس جي جاسوسن بادشاھ سان اچي خبر ڪئي، تھ خداوندا،
اوھين ھاڻي جلد سوار ٿيو. تڏھن ڪاٺڪٽو سڄيءَ فوج
سوڌو، جاسوسن کي پاڻ سان گڏ وٺي، جنھن رستي کان
ڪرگس ويو ھو تنھن ساڳئي رستي کان روانو ٿيو.
اڃا ڀنڀرڪوئي پيو ھو، تھ ڪرگس ڪانءَ واري دروازي کان قلعي ۾
پھچي ويو، ۽ ھزارين ٻاڻ ڇوڙي، تن جي پاڇي جي اوٽ ۾
ھڪدم ڪاھھ ڪيائين. ايتري ۾ ڪاٺڪٽو لشڪر سان ھن جي
واھر لاءِ مٿان اچي سھڙيو، ۽ سندس اچڻ شرط ڪرگس ۽
قاز جي اچي چٽاڀيٽي لڳي. نيٺ جنھن وقت سج ڪني ڪڍي
۽ ھڪٻئي کي ڏسي سگھيا، تنھن وقت اھڙي اچي ترار کڙي
ٿي، ۽ ٻنھي جي لشڪرن مان ايترا ويا قتل ٿيندا، جو
قلعي جي بازارين مان رت ريلا ڪري ائين وھي اٿي
ھليو، جو ڄڻ تھ ڪا اوريڪ نئي ھئي. ۽ بندوقن جو
دونھون بھ اھڙو اچي ٿيو، جو ڄڻ تھ ھڪڙو ٻيو آسمان
پلٽجي پيو ھو.
تنھن وچ ۾ ڪانءُ پنھنجا سپاھي گڏ ڪري قلعي کي باھھ ڏيئي واڪا
ڪندو ٻاھر نڪتو. ۽ ڪاٺڪٽي جي لشڪر مان جيڪي سپاھي
بادشاھھ جي سنڀال لاءِ بيٺا ھئا، تن کي اچي چوڻ
لڳو تھ ”ھاڻي قلعي کي باھھ لڳي اٿو ۽ قاز جي فوج
سڄي پکڙجي ويئي آھي، تنھن ۾ ھڪڙو دم ترسو تھ اجھو
ٿو قلعو فتح ٿئي.“ نيٺ جڏھين طرفين جا بي شمار
سپاھي ڀڳڙن وانگي ڀڄي رھيا،تڏھن ڪاٺڪٽي جي لشڪر
جلھھ ڪري قاز جي فوج جا جتي سا تتي ماري، باقي ڪي
ٿورا وڃي بچايا. قاز ڏٺو تھ ھاڻي ٻيلي مون ۾ وڌيڪ
وڙھڻ جي توفيق ڪانھي، فوج جو رخ بھ مٽيل آھي، ۽
موت جي ڊپ کان ڪنھن ۾ بھ سامھون ٿيڻ جي ٿوم ڪانھ
رھي آھي، تڏھين لاچار ٿي ڪھنگ کي سڏائي چيائين تھ
”اي ڪوٽوال! مون جاچي ڏٺو آھي، تھ منھنجي طالع اچي
ھاڻي موٽ کاڌي آھي، ۽ ايتري بھ اميد ساري نٿو
سگھان، تھ ڪي ھتان سلامت نڪري سگھندس. تنھنڪري
منھنجي مرضي آھي، جو منھنجو وڏو پٽ ھن وقت تخت
نشين ٿئي، تھ اسان جي خانداني قائم رھي.
سو انھي ڪم لاءِ چيھي سان پھريائين صلاح ڪري، تون
ڪنھن بھ حيلي سان پنھنجو سر بچائي ھتان نڪري وڃ، ۽
وڃي ان کي تخت نشين ڪر.“
ڪھنگ چيو تھ ”اي بادشاھھ! مون کي ڏاڍو ڏک ٿئي، جو اوھين اِھا
وائي ٿا ڪڍو. جيستائين منھنجي سرير ۾ ساھھ ھوندو،
تيستائين ڪنھن کي بھ مجال نھ ٿيندي، جو اوھان تي
الر ڪندو. آءٌ جيئن توھان کي ھيڪلو نھ ڇڏيندس. جي
منھنجو سر اوھان تان صدقي ٿيو، تھ ٿيڻ ڏينس.“
بادشاھھ چيو تھ ”اي ڪوٽوال! آءٌ توکي جيئن چوان ٿو، تيئن وڃي
ڪر، ڇاڪاڻ تھ مون وٽ ھيئنر تو جھڙو ڪو ڪارائتو ۽
خيرخواھھ ڪونھي، جنھن کي ھھڙي وقت ۾ موڪليان.“
ڪھنگ ڄاتو تھ بادشاھھ مون کي لڙائي جي ميدان کان ٻاھر ڪڍڻ ۾ پاڻ
ڀلائي ٿو، پر آءٌ بادشاھھ کي جنگ جي ميدان ۾ ھيڪلو
ڇڏي وڃان، اھا ڳالھھ نمڪ حلالي کان پري آھي. تنھن
۾ مناسب ھيئن آھي، تھ ڪنھن بھ پر بادشاھھ کي انھي
خيال کان لاھيان. تڏھن چيائين تھ ”خاوند، جيڪڏھن
آءٌ ھن وقت پنھنجي سنگتين کي ڦٽو ڪندس، تھ خلق مون
کي خوار ڪندي ۽ چوندي تھ ھھڙو مشڪل وقت ڏسي،
بادشاھھ ۽ پنھنجي يارن کي رڻ واھي ڪري گيدي ٿي
ڀڳو. تنھنڪري جيستائين جيئرو ھوندس، تيستائين ڪيڏي
ڪين چرندس.“
ھيءَ ڳالھھ ٻڌي قاز چيھي کي چيو تھ ”ڪھنگ ۽ سندس ساٿين جو سڌ پڌ
اھڙو ميل آھي. جھڙو پاڻيءَ ۽ چڪڻ جو، جيستائين
مٿان پاڻي ۽ ھيٺان چڪڻ آھي، تيستائين ٻئي رليا پيا
آھن، پر جڏھن پاڻي سڪو، تڏھن اھا مٽي ڦڪري ٿي
پاڻمرادو ڦٽيو چير چير ٿيو پوي.“
اڃا انھيءَ گفتگو ۾ ھئا، تھ ڪاٺڪٽي جي لشڪر مان ھڪڙو سپاھي وڄ
وانگي اچي مٿان ڪڙڪيو، ۽ ايندڙي شرط قاز تي ترار
الاريائين. تڏھن جھڙو اڃا ڪھنگ پنھنجو نيزو ھن جي
ڇاتيءَ ۾ ھنيو ٿي، تھڙو ھو سپاھي اھو داءُ گسائي،
وري ڪھنگ تي لڙي آيو. ۽ ھنن ٻنھي جي پاڻ ۾ اچي
اھڙي چٽاڀيٽي لڳي، جو ڪوٽوال سپاھيءَ جي ھٿان
مارجي ڪري پيو. بادشاھھ تنھن تي ڏاڍو رنو ۽ ارمان
کاڌائين، ۽ ڪوٽوال کي لک لک آسيسائون ڪري، پاڻ
پرٻھرو پاڻيءَ جي رستي کان ڀڄي، اچي پنھنجي ملڪ
نڪتو.
ڪاٺڪٽو قاز جي ڀاڄ جي خبر ٻڌي، ڏاڍو نھال ٿيو، ۽ سوڀ کي غنيمت
ڄاڻي، ڌڻيءَ جو شڪرانو ڪيائين، ۽ فتح جو نقارو
وڄارائي، شادمانو ڪري چوڻ لڳو، تھ ”ھن ڪھنگ ڪوٽوال
جھڙي نمڪ حلالي ۽ مردانگي ورلي ڪندو. ھن پنھنجي
ڌڻيءَ تان سر صدقي ڪرڻ جو ھڪڙو ئي اھڙو ثواب کٽيو،
جو پنھنجي سڄي پڇاڙي سرھي ڪري ڇڏيائين. ۽ ٻيو بھ
جيڪو ان وانگي ڪندو، سو جوانمرد ليکبو ۽ سپه سالار
ٿيندو.“
وشن سرمان پنڊت ھي داستان پورو ڪري، چوڻ لڳو، تھ ”اي راجا جا
پٽؤ! جيڪو ھن ڳالھھ کي ھنئين سان ھنڊائيندو، سو
بلڪل سياڻو ۽ ڳڻ- ونت ٿيندو ۽ ويرين کي جيتيندو.“
----- |