ھن جڏھن بادشاھھ کي پاڻ تي ھيترو مھربان ڏٺو، تڏھن
عرض ڪيائين، تھ ”خداوندا! ٻگھھ پکي وڻ تي گذاريندو
آھي ۽ قاز پٽ تي، تھ بھ ڪو ٻگھھ پکي مٿي ويھڻ ڪري
ڪو وڏو ڪين ٿي ٿو پوي. حضور جن جا ھاڻوڪا وزير
وزيريءَ جي درجي کي پھتا، تنھنڪري مون کان وڌيڪ
سياڻا ڪين ٿي پيا. حضور جن کي گھرجي، تھ تمام پوري
نياءَ ۽ چوڪس سان سدائين ھنر وارن کي ڳولين، ڇاڪاڻ
تھ ھنر وارا ڪي تمام ٿورڙا ھن دنيا ۾ لڀندا.
ٻيو ھرڻ ڦاڙھا، ۽ چيتا تھ گھڻيئي آھن، پر اھي تھ اجايا سڱ وڌايو
پيا گھمن، ۽ اھڙا آھن، جو ڪم دشمن کان نھ ٿئي، سو
کانئن ٿئي. پر ھي جيڪي اوھان جا امير امراءَ آھن،
سي سڀ مون کي ڌڪاري، اوھان کي چوندا، تھ ھن نادان
ڪمذات گدڙ کي سردار ڪرڻ نھ گھرجي، ۽ منجھانئن ئي
ڪنھن کي لائق ڄاڻي سردار ڪجي، جو ھميشه خدمت ۾
رھي. پر اوھان کي لازم نھ آھي تھ سڀڪنھن کي منھن
ڏيو ۽ سڀڪنھن جي ڳالھھ ٻڌو.
اوھان کي گھرجي، تھ جو جيتري جو لائق ھجي، تنھن جو تيترو قدر
رکو؛ ۽ سدائين سڀڪنھن جو حال احوال پڇندا رھو، ڇو
تھ جو ڌڻي سياڻي ۽ سمجھوءَ سنگتيءَ کي ڌڪاري، لچي
۽ احمق تي ھٿ رکي، تھ اھا ڳالھھ اھڙي ٿيندي، جھڙو
ڪو ماڻھو ٽوپي لاھي پيرن ۾ پائي، ۽ جتي کڻي مٿي تي
رکي، پوءِ جڳ ان ٽوپيءَ يا جتيءَ تان ڪين کلندو،
مگر ان ماڻھوءَ تان کلندو.
تنھنڪري گھرجيو تھ سدائين ھنر ۽ عقل وارن کي پاڻ وٽ جاءِ ڏيو، ۽
انھن کي خوش رکو، تھ ٻيا عقل وارا بھ انھن کي ڏسي
ريس ڪري اوھان وٽ اچن، ۽ ملڪ کي نياءَ ۽ عدل سان
آباد ڪن. نادانن ۽ بيعقلن کي حڪومت جي واڳ ڪڏھن بھ
ھٿ ۾ نھ ڏيو، ڇاڪاڻ تھ ھو فتور ۽ حرفت ڪرڻ ڌاران
رھندائي ڪين، پوءِ ملڪ ۾ ويندي ڦڙڦوٽ پئجي، ۽
ماڻھن ۾ اچي پوندو ٽاڪوڙو، نيٺ سلطنت سڄي اجاڙ ٿي
رھندي.“
تڏھن شينھن چيو، تھ ”اي دوتڪ! من ھيترا ڏينھن رڳو ويرين جي ڊپ
کان نٿي آئين؟ آءٌ سمجھان ٿو، تون نمڪ حلال آھين،
تنھنڪري توکي وري پنھنجو وزير ڪريان ٿو!“
دوتڪ عرض ڪيو تھ ”سائينءَ جي اقبال سان ڊپ تھ مون کي ڪنھن جو بھ
ڪونھ ھو، پر پيادو ھوس، تنھنڪري اچي نٿي سگھيس.“
تڏھن شينھن پڇيس تھ ”تون سواري گھرين ٿو ڇا؟“
ھن جواب ڏنو تھ ”غريب نواز! انھيءَ ڊپ کان تھ سائينءَ ڪڍي مون
کي پري ڪيو ھو.“
تڏھن شينھن مرڪي چيو، تھ ”ھيءَ چترائي سکيو ڪٿان آھين؟“ ۽ موٽي
چوڻ لڳس تھ ”اي دوتڪ! تنھنجا ڏکيا ڏينھن ويا، ھاڻي
سکيا ڏينھن وريا آھن. تون بيشڪ سياڻو ۽ عقل وارو
آھين؛ ۽ آءٌ توتي ڏاڍو راضي ٿيو آھيان. ھاڻي جيڪو
مطلب ھجيئي، سو بي فڪرو ٿي ظاھر ڪر.“
ھن چيو ”اوھين فلاڻي ڏينھن پاڻي پيئڻ لاءِ ٻاھر ويا، پوءِ اڃايل
ئي موٽي آيا، تنھن جو سبب ڪھڙو آھي؟“
تڏھن شينھن چيس، تھ ”مون کي توسان حال ونڊڻ ۾ ڪا حرڪت ڪانھي، پر
چيو اٿن، تھ ڀتين کي بھ ڪن آھن، متان ڪو ٻيو ٻڌي
وٺي، تنھنڪري خلاصو چوندوسانءِ.“
پوءِ ھن کي پاسي تي ڪري چيائين، تھ ”ھن جھنگ م ڪو اھڙو ھيبت
جھڙو مرون اچي سھڙيو آھي، جنھن جي ڀوائتي آواز
منھنجي رڳ رڳ ڪنبائي ڇڏي آھي ۽ ڀانيان پيو تھ
پنھنجي جاءِ ڇڏي ڀڄي وڃان! تو بھ ان جو آواز ٻڌو
ھوندو؟“
ھن چيو تھ ”خداوند! مون سمجھيو تھ ڪو اڀ ڦاٽو آھي، يا ڪڪرن ڪا
لڙائي کاڌي آھي!“
تڏھن شينھن پڇيو، ”ڀلا تون ھن ڪم ۾ ڪھڙي ٿو صلاح ڏين؟“
ھن جواب ڏنو، تھ ”خاوند! اِھو چڱو نھ آھي، جو پنھنجي جاءِ ڇڏي
ڏجي، يا پنھنجي ويريءَ سان ٺھھ پھھ وڙھي پئجي. رکو
سھي، تھ خبر پوي تھ اوھان جي نوڪرن مان ڪنھن کي ٿي
ٿوم ٿئي ۽ ڪير ٿو ھن ويل ڪم اچي، ڇاڪاڻ تھ نوڪر،
توڻي زال، توڻي سنگتيءَ جي ڪم پيئي ٿي ڪل پوي.“
شينھن چيو، تھ ”جيڪي چوين ٿو سو سچ آھي، پر ھاڻي ڪو اھڙو گھاٽ
گھڙ، جنھنڪري منھنجيءَ دل تي جو ڊپ ويٺو آھي، سو
لھي وڃي.“
تڏھن دوتڪ چيو، تھ ”جھان پناھھ! جيستائين ھي بندو سلامت آھي،
تيستائين توھان جي وار جو بھ نالو ڪو نھ وٺي
سگھندو، ۽ جيڪڏھن حڪم ڪريو، تھ آءٌ پنھنجي ڀاءُ
ڪرتڪ کي بھ سڏائي وٺان، ڇاڪاڻ تھ ھو بھ سياڻو ۽
سگھارو آھي ۽ ھھڙي وقت ۾ ھڪڙي ھٿؤن ٻھ ھونداسون،
تھ پاڻ چڱو آھي.“
بادشاھھ حڪم ڪيو، تنھن تي ڪرتڪ بھ اچي خدمت ۾ حاضر ٿيو. انھيءَ
مھل بادشاھھ دوتڪ کي وزيريءَ جي سروپاءِ ڍڪائي، ۽
ٻنھي تي گھڻي نوازش ڪيائين.
تڏھن ڪرتڪ چيو، تھ ”اي ادا! اِھو امداد تڏھن حلال ٿيندوسون،
جڏھن اسين بھ ڪا حسن خدمتي ڏيکارينداسون.“
ائين چئي ٻنھي بادشاھھ جي شڪر گذاري ڪئي.
تڏھن بادشاھھ پڇين، ”ھاڻي ڇا ٿا چئو، ڪو ٻوٽو ٻاريندؤ يا ڪيئن؟“
ھنن عرض ڪيو، ”خداوند! اسين سڀڪنھن طرح تيار آھيون. رڳو رخصت
وھيڻا آھيون. رخصت ملي، تھ وڃي دريافت ڪريون، تھ
اھا ڪھڙي بلا اھي، جنھن اوھان کي ايترو ڪنبايو
آھي؟“
بادشاھھ ھنن کي موڪل ڏني، تنھن تي ھو ڳولا ڪرڻ نڪتا. واٽ تي
ڪرتڪ چيو تھ ”اي ادا! جنھن کان شينھن ڊنو آھي،
تنھن کان تھ تون بھ ٿو ھاڻيئي ڊڄين، پوءِ ان سان
ڪھڙيءَ ريت سوال جواب ڪندين؟ جا ھاج وت کان ٻاھر
ھجي، تنھن لاءِ دم نھ ھڻجي!“
دوتڪ چيو، ”اھا ڪھڙي ڳالھھ آھي. اھي مرون جنھن کي ڏسي بادشاھھ
ڊنو آھي، اھڙو آھي، جو ڪنھن گدڙ جو بھ نالو نٿو
وٺي سگھي، مگر بادشاھھ جي اڳيان جيڪي ڏاھا شخص
رھندا آھن، سي اڳ پوءِ ڳڻي، واريءَ جي ڪڻي کي جبل
ڪري ڏيکاريندا آھن“.
تڏھن ڪرتڪ چيو، ”ادا، جيڪڏھن ائين آھي، تھ بادشاھھ ھيترا ڏينھن
فڪر ۾ پيو ھو، پوءِ تو اڳڀرو ڇو نٿي چتايس؟“
دوتڪ چيو، تھ ”جيئن شينھن کي ڊپ ھو، تيئن جيڪڏھن وڃي ھن کي
اڳيئي چتايان ھا، تھ جيڪر نڪي مون کي ئي ھو پنھنجو
وزير ڪري ھا، ۽ نڪي ھوند توکي ئي گھرائي ھا. بعضي
وڏن ماڻھن جو اھو ڪم ٿيندو آھي، تھ آفت جي وقت ۾
چاھيندڙ ٿين، نھ تھ پورو سڃاڻن بھ ڪين، ۽ جي سچ
ڪري ڄاڻين تھ غرض ڌاران ڪو ڪنھن کي ڪونھ ٿو پڇي.
نيٺ ٻيئي ڀائر سنجوڳھ ڍڳي ڏانھن ھليا. واٽ تي ڪرتڪ ھڪڙي وڻ ھيٺ
حشمت سان ٺھي جڙي ويٺو، ۽ دوتڪ سنجوڳھ وٽ وڃي چوڻ
لڳو، ”اي ڍڳا! تو ۾ وت ڇا، جنھن تي ايتري ٽنڊ ڪئي
اٿئي؟ جيڪڏھن پنھنجي ڀلائي گھرين، تھ اٿي مون سان
گڏجي ڪرتڪ وٽ ھل، جو بادشاھھ جو خاص وزير آھي، نھ
تھ توکي اتي ماري ٿا وجھون.“
سنجوڳھ ويچارو ڊڄي اٿي ھليو، ۽ ڪرتڪ کي اچي سلام ڪيائين. ھن
منھن ۾ گھنڊ پائي چيس، تھ ”ڙي تون ڪير آھين، جو
ايتري ھمت ساري بادشاھھ جي حڪم ڌاران ھن جھنگ ۾
آيو آھين؟ ھاڻي جيڪڏھن رڳو اشارو ڪريان، تھ ھڪڙيءَ
پلڪ ۾ تنھنجي کل لھرائي ڇڏيان.“
اھا ڳالھھ ٻڌي سنجوڳھ ويچارو ڏاڍو وسو ٿيو، ۽ ڏڪندي چيائين تھ
.سائين، اھو مون کان وڏو ڏوھھ ٿيو آھي. ھاڻي ٿي
سگھي، تھ کميا ڪري اھو پھريون گھمرو مون کي معاف
ڪريو، وري اھڙو ڪم پٽيءَ نھ ڪندس.“
ڪرتڪ تڏھن دوتڪ کي ميڇ ڏني. تنھن تي دوتڪ سنجوڳھ کي ڪن کان وٺي
ڪرتڪ جي پيرن تي آڻي نوايو. ڪرتڪ چيو، تھ ”جيڪڏھن
تون پنھنجو ڀلو ٿو چاھين، تھ مون سان گڏجي بادشاھھ
وٽ ھل.“
ڍڳي وراڻي ڏني، تھ ”جيڪڏھن مون کي وٺي ٿا ھلو، تھ مھرباني ڪري
مون کي جيئدان ڏيارجو؟“
تڏھن ڪرتڪ پٺي ٺپڙي چيس، ”تون الڪو نھ ڪر. جي نئڙت سان بادشاھھ
وٽ ھلين ٿو، تھ ھو تنھنجو نالو بھ ڪين ڳنھندو، ڇو
تھ ڪھڙو بھ ڏاڍو واءُ ڪري لڳي تھ به فقط وڻن کي
پاڙؤن پٽيندو، جي ڳاٽ کڻي سامھون ٿيندا، ۽ نھ گاھ
جي سٺن کي، جي منھن ورائي نمي پوندا.“
نيٺ جڏھن بادشاھھ جي دروازي وٽ پھتا، تڏھن ڍڳي کي ٻاھر بيھاري
پاڻ پيھي بادشاھھ وٽ آيا. بادشاھھ پڇين تھ ”ڪو ھن
مرونءَ جو پتو پيو يا نھ؟“
دوتڪ عرض ڪيو تھ ”خداوندا! جيترو توھان فرمايو ٿي، تنھن کان بھ
چار رتيون سرس ئي اسان کي ڏسڻ ۾ آيو، پر اسان ان
کي ريھي ريبي آندو آھي، ۽ ھو ھاڻي حضور جن جي
قدمبوسيءَ لاءِ دروازي تي حاضر آھي.، اھا ڳالھھ
ٻڌي بادشاھھ گھڻو سرھو ٿيو، ۽ جڙي جڪي تخت تي ويھي
ھڪل ڪيائين. تنھن تي ٻيئي گدڙ ويا، ۽ نٿ مان وٺي
آڻي ان ڍڳي کي حاضر ڪيائون، ۽ سلام ڪرايائونس.
بادشاھھ خوش ٿي ان کي سروپاءَ ڍڪائي، ۽ سندس رھڻ
لاءِ ھڪڙي جاءِ رٿيائين، جتي ھو وڃي ٽڪيو؟“
پوءِ بادشاھھ گدڙن کي ڪيترو سارو مال انعام ڏنو، ۽ ڪرتڪ کي
پنھنجو خزانچي ڪيائين ۽ ٻنھي کي پاڻ وٽ سڏي ويھاري
پڇائين تھ ”خبر ڪريو، اوھان ھن کي ڪھڙيءَ ريت
آندو؟“
دوتڪ عرض ڪيو، ”خداوندا! مون پنھنجي عقل جي سئيءَ سان ھن جو نڪ
ٽوپي، ۽ مٺين ڳالھين جي نوڙيءَ سان نٿ وجھي آڻي
حاضر ڪيو آھي. آءٌ اوھان جو ڪم ڪار سدائين دليؤن
جانيؤن ڪندو آھيان، ھن لاءِ، تھ توھين ڏينھون
ڏينھن مون تي مھربانيءَ جي نظر وڌائيندا رھو، ۽
ائين نھ ٿي پوي، جو ڪو دشمن اوھان جي دل تي منھنجي
حق ۾ خصومت جاڳائي، اسان جي وچ ۾ زنگ پيدا ڪري
جيئن ھن پوڙھيءَ زال راڄ ڪنور ۽ ھڪڙي واپاريءَ جي
پٽ جي ياراڻيءَ ۾ ٿورڙيءَ ڳالھھ تان ڀڃڪڙي وجھي
ڏني ھئي.“
شينھن پڇيو تھ ”اھا ڳالھھ ڪيئن آھي؟“
١٠ – پوڙھي زال، راڄ ڪنور ۽ واپاريءَ جو پٽ
دوتڪ چيو ”مون ٻڌو آھي، تھ دولاگر نالي ھڪري جبل جي ھيٺان ڪا
ندي پئي وھي. تنھن جي ڪنڌيءَ تي بوندي نالي ھڪڙي
شھر ۾ ھڪڙو راجا راڄ ڪندو ھو، جنھن جي ڀنڊاري ۾
ڏھاڙي ھڪ سؤ مڻ رڳو لوڻ جا کپندا ھئا، تنھن کان
سواءِ ٻيو سيڌو سامان. ان راجا کي ھڪڙو سڪيلڌو پٽ
ھو، جنھن کي ھو ايترو پيار ڪندو ھو، جو ھڪ پل بھ
اکين کان پاسي ٿيڻ ڪين ڏيندو ھوس، ۽ جيڪڏھن ھن کان
ڪا خطا ٿي ويندي ھئي، تھ بھ ھن جي دل ڪڏھن ڪين
ڏکوئيندو ھو.“
ھڪڙي ڏينھن ان راڄ ڪنور پنھنجي نوڪرن کان پڇيو تھ ”ھن شھر ۾ ڪو
اوھان کي ھوشيار چؤنپڙ کيڏاري سجھي؟“
ھنن جواب ڏنو تھ ”ھڪڙي واپاريءَ جو پٽ، ڌنٻبت نالي، ڏاڍو ھوشيار
چؤنپڙ جو کيڏاري آھي، جي حڪم ٿئي تھ وٺي اچونس.“
راڄ ڪنور حڪم ڏنو. تنھن تي نوڪرن ان واپاريءَ جي ڏيڍيءَ تي اچي
ڌنپت کي سڏ ڪيو. ڌنپت ٻاھر نڪري، راجا جي نوڪرن کي
آيل ڏسي ڏاڍو ڊنو، ۽ پڇيائين تھ ”ڪيئن آيا آھيو؟“
ھنن وراڻي ڏني تھ ”تون ڪو الڪو نھ ڪر، توکي راڄ ڪنور چؤنپڙ
کيڏڻ واسطي ڪوٺيو آھي.“
تڏھن ڌنپت سونين روپين سارين سان جڙتو چؤنپڙ ۽ ٿورا قيمتي جواھر
پاڻ سان کڻي آيو، راڄ ڪنور جي سوڀيا ڏسي ڏاڍو سرھو
ٿيو ۽ سلام ڪري ٿورا جواھر ان مان ڪڍي ھن جي اڳيان
ڀيٽا رکيائين.
راڄ ڪنور اھا ڀيٽ قبول ڪئي ۽ چؤنپڙ وڇائي ويھي ٻنھي ڄڻن راند
ڪئي.
ڳچ تائين تھ پاڻ ۾ مٽومٽ پئي پيا. نيٺ جڏھن ڌنپت اتان موڪلائي
اٿيو، تڏھن راڄ ڪنور ھڪڙي سيتا رامي (گني) کڻي ھن
کي ھٿ ۾ ڏني، ۽ چيائينس تھ تون ڏھاڙي پيو مون وٽ
ايندو رھج. تنھن تي ھو روز راڄ ڪنور وٽ ويندو ھو،
۽ روز جو روز ساڻس چؤنپڙ کيڏي ھڪڙي سيتا رامي وٺي
گھر ايندو ھو. اھڙيءَ طرح ڪي ڏينھن گذريا تھ اچي
ھنن ٻنھي جي پاڻ ۾ محبت لڳي، تان جو ڪنور بھ ھن جي
گھر اچڻ وڃڻ، ۽ اٺئي پھر ساڻس گڏ گذارڻ لڳو، ۽
ايتريقدر راند ۾ محو ٿي ويو، جو ملڪ، لشڪر ۽ ٻيا
دنيوي ڪم تھ رھيا پنھنجي ماڳ، پر کائڻ پيئڻ بھ ڪن
وقتن ۾ وسري ويندو ھوس.
پيءُ پنھنجي پٽ جا ھي افعال ڏسي ڏاڍي ويچار ۾ پئجي ويو ۽ ھڪڙي
ڏينھن پنھنجي ديوان کي سڏائي چيائين، تھ ”آءٌ
ڀانيان ٿو تھ منھنجو پٽ مون کان پوءِ سڄو خاندان ۽
ملڪ ناس ڪندو، تنھن ۾ ڪو اھڙو اپاءُ سنجھيئي ڪر،
جو ھنن ٻنھي يارن جي پريت ۾ ڀنگ پوي.
ديوان ويچاري ڪيتريون بھ رٿون رٿيون، ۽ گھاٽ گھڙيا، پر ڪو بھ
ڪونھ بيٺو. آخر ھڪڙي ڏينھن ھڪڙيءَ زال اچي بادشاھھ
وٽ عرض ڪيو تھ ”خداوند! جيڪڏھن مون کي حڪم ملي، تھ
آءٌ ٿوريءَ ھڪڙيءَ ڳالھھ سان ٻنھي کي رسائي
ڇڏيان؟“
بادشاھھ چيس ”اھو ڪم ڏاڍو ڏکيو آھي، پر تون سمجھين ٿي، تھ ائين
ڪينھي، تھ چؤ ڪيترن ڏينھن ۾ اھو ڪم پورو ٿي
سگھندو، ۽ ڪيتري محنت ۽ خرچ ڪرڻو پوندو؟“
ان زال وراڻي ڏني تھ ”اي بادشاھھ! دوستي رکڻ ۽ چڱو ڪم ڪرڻ، اھي
ٻيئي ڳالھيون ڏاڍي ڏاکڙي ۽ ڪشالي سان ٿين ٿيون. پر
دوستيءَ ۾ ڀنگ وجھڻ جھڙي ٻي سٿري ڳالھھ ئي ڪانھي،
۽ ھڪڙي پلڪ ۾ اھو ڪم ٿي ٿو پوي.“
اھا ڳالھھ ٻڌي بادشاھھ کي حيرت لڳي، ۽ ھن سان اقرار انجام ڏيئي
وٺي ھن کي روانو ڪيائين. ھوءَ زال بھ ھتان ھلي اتي
آئي، جتي ھي ٻيئي يار ويٺا ھئا ۽ ايندڙي شرط ڌنپت
کي ميڇ ڏيئي ٻاھر اچڻ لاءِ اشارو ڪيائين. تڏھن
ڌنپت ڪنور جي منھن ڏي نھارڻ لڳو. ڪنور ڏسي ھن کي
چيو ”وڃي ٻڌ تھ ڇا ٿي چوي.“
ھو اٿي ٻاھر ويو تھ ايتري ۾ ھوءَ ڌوتي ھن جي ڪن ۾ گڙٻڙ ڪري ھلي
ويئي. ھو ويچارو ڌنپت وسو ٿي موٽي اچي ويٺو. ڪنور
پڇيس تھ ”پوڙھيءَ توکي ڇا چيو؟“
ھن سنھن کڻي چيو تھ ”مون کي ڪي ڪين چيائين.“
انھي ردبدل ڪندي ٻھ – ٽي گھڙيون گذري وييون. تڏھن ڪنور چوڻ لڳو
”اڃا ھاڻي منھنجي اکين اڳيان ھوءَ زال توکي ڪي
ڪجھھ ڪن ۾ چئي ويئي آھي ۽ تون اليو ٿو وڃين؟“
ائين چئي اتان اٿي کڙو ٿيو ۽ پنھنجي گھر ۾ اچي نوڪرن کي
موڪليائين، تھ وڃي فلاڻيءَ پوڙھيءَ زال کي مون وٽ
وٺي اچو. ايتري ۾ ھوءَ ڌوتي ڦري گھران ٿي موٽي اچي
ڌنپت وٽ ويٺي ھئي، نوڪر بھ ڳوليندي وڃي اتان ھٿ
ڪري ڪنور وٽ وٺي آيس.
ڪنور پڇيس تھ ”ڙي زال، ڊوھي اٿئي، جي سچ نھ چيو اٿئي. ٻڌاءِ تھ
تون ڪير آھين؟ ۽ سوير ڪيئن آئي ھئينءَ؟“
وراڻي ڏنائين ”آءٌ ھن ڇوڪر جي پيءُ جي قديم پورھيت آھيان ۽
منھنجي ڌڻيءَ مون کي چيو، تھ منھنجي پٽ کان پڇي
آڻي ڏي، تھ ڪنور کي تو کارايو يا نھ.“
تڏھن ڪنور پڇيو تھ ”ڇا؟“
ھن وراڻي ڏني تھ ”سائين، اھا مون کي پڪي سڌ نھ آھي تھ ڇا؛ کيرڻي
ٿي چيائين يا ڪا ٻي شئي!“
اھا ڳالھھ ٻڌي ڪنور ھن کي رخصت ڏني، پر دل ۾ چوڻ لڳو تھ جيڪڏھن
چڱي شئي ھجي ھا، تھ ڇاڪاڻ ڌنپت مون کان لڪائي ھا،
۽ ڇو ايترا سنھن کڻي ھا. شايد اھا شئي زھر ھوندي،
تھ بھ شڪ ڪونھي. ائين ڪري نوڪرن کي حڪم ڏنائين، تھ
ڌنپت کي وٺي وڃي فلاڻي پوٺي تي ماري ڇڏيو، جو اھڙي
نالائق جو منھن وري نھ ڏسان. تنھن تي نوڪرن وٺي
وڃي ڌنپت کي ماري ڇڏيو.“
”تنھن ڪري، جھان پناھ! آءُ بھ ڊڄان ٿو، تھ متان ڪو منھنجو بھ
اھڙو ويري جاڳي پوي، جو مون تي ڪوڙي سچي ڇپ رکي
مون کي بي عزتو ڪري. ڏاھو ماڻھو اھو، جو دوست دشمن
کي سڃاڻي ۽ ڪڏھن بھ دشمن جي چوڻ تي لڳي پنھنجي
دوست جي خانھ خرابي نھ ڪري.“
تڏھن شينھن کلي چيو، ”تون ڪو بھ فڪر نھ ڪر، مگر پنھنجي ڪم تي
قابو رھج.“
نيٺ دوتڪ ۽ ڪرتڪ بادشاھھ وٽان امداد وٺي ۽ سروپايون ڍڪي، خوش ٿي
گھر ڏي موٽيا. ۽ ڪيترا ڏينھن ھنن ٻنھي پنھنجا
پنھنجا ڪم بادشاھت جا ھلايا ۽ ڏينھون ڏينھن ويا
اقبال ۾ چڙھندا. پر ويچارو سنجوڳھ درجي بدرجي ويو
گھٽبو، تان جو وڃي نيچ نوڪرن جي قطار ۾ گڏيو، ۽
بادشاھھ جي منھن تي نھ چڙھڻ ڪري سندس نالو ئي گم
ٿي ويو.
ھڪڙي ڏينھن پندڪارڻ نالي بادشاھھ جو ڀاءُ شڪار تي سنبريو.
سنجوڳھ جو ان وقت اوڏڙو بيٺو ھوس، تنھن اھا ڳالھھ
ٻڌي اچي ھن کي عرض ڪيو، ”خداوند، ڪالھھ ھيترو سارو
جو شڪار آيو سو سڀ کتو ڇا؟“
پندڪارڻ جواب ڏنس، تھ ”ان جي دوتڪ ۽ ڪرتڪ کي خبر ھوندي.“
تڏھن موٽي چيائين، تھ .سائين، ھنن کان پڇڻ گھرجي، تھ ان مان ڪي
بچيو يا سمورو ئي کتو؟“
تڏھن پندڪارڻ کلي چيو، تھ ”شڪارن جي ڪا ھتي ڪمي آھي ڇا؟ اھڙا
شڪار گھڻا ئي پيا روز جا روز اچن. جيڪي کائي سگھون
سو کائون، باقي لئي ھو پنھنجو ڪتب لائيندا آھن.“
تڏھن سنجوڳھ چيو، تھ ”اي ڌڻي! ھي خير خواھي ۽ عقل کان ٻاھر آھي،
جو اوھان جي حڪم ڌاران ھو خزاني مان ڪي بھ کڻي
وڃن. بادشاھ پنھنجو خزانو ساھھ وانگي سنڀاليندا
آھن، ڇاڪاڻ تھ جي خزانو نھ ھجي، تھ نڪي لشڪر ڪٺو
ٿي سگھي، ۽ نڪي ڪي بادشاھت ئي جٽاءُ کائي، ۽ خزاني
جي پوري پر گھور نھ لھڻ ھڪڙو وڏو عيب آھي. جيئن تھ
چيو اٿن، تھ خزاني جي حق ۾ ھي چار ڳالھيون ھئڻ نھ
گھرجن: (١) اپت ٿوري کپت گھڻي، (٢) اجايو خرچ، (٣)
ڪم نظري، (٤) ڦر جي مال جو خزاني ۾ گڏجڻ.“
اھا ڳالھھ ٻڌي پندڪارڻ بادشاھھ کي وڃي چيو، ”دوتڪ ۽ ڪرتڪ کي
اوھان ايتري اختياري خزاني تي ڏني آھي، جو يقين
آھي تھ ھڪڙي ڏينھن اوھان سان سامھون ٿيندا، تنھن ۾
صلاح آھي تھ خزانو ھنن جي ھٿان ڪڍي سنجوڳھ جي
حوالي ڪجي، ۽ ھنن کان رڳو وزيريءَ جو ڪم وٺجي،
ڇاڪاڻ تھ سياڻا چئي ويا آھن، تھ ٽن ڄڻن کي پنھنجي
خزاني جو مختيار ڪرڻ نھ گھرجي: (١) پنھنجي عزيز
کي، (٢) جنگي سپاھيءَ کي، (٣) ان کي جو ڪنھن
اوکيءَ مھل ڪم آيو ھجي.
ڇو تھ (١) جيڪڏھن پنھنجي کي ڏبو، تھ او پنھنجا ئي ڄاڻي کائي
کپائي ويندو، ۽ دل ۾ چوندو تھ مون کي ڇا ڪندا ۽
مون کان ڇا ڀرائي وٺندا، ۽ جي ھن کي ستائبو تھ
ماڻھو کلندا ۽ چوندا، تھ واه جي ٿا پنھنجي سان
رھائين. (٢) جيڪڏھن سپاھيءَ جي حوالي ڪبو تھ او
پنھنجي ترار جي زور تي کائي کپائي ڇڏيندو، ۽ جي
وري کانئس گھربو، تھ وڙھڻ ايندو. (٣) جيڪڏھن ان کي
ڏبو، جو اوکيءَ مھل ڪم آيو ھوندو، تھ او مالڪ کي
پنھنجو احسانمند ڄاڻي ھڙئي ڳھي ويندو ۽ پئسن جي
موٽي ملڻ لاءِ ھن تي سختي ڪبي، تھ سڀ ڪنھن کي
چوندو تھ ڏسو، مون ھنن سان ڪھڙيون ڀلايون ڪيون، ۽
ھي انھن جا ڪھڙا ٿا ڀاڙا ڏينم.
سو اي بادشاھھ! انھن ٽنھي شخصن کان سواءِ ٻئي جنھن ۾ ايمان
ٻجھي، تنھن کي خزانچي ڪجي، ۽ ان تي بھ نظر رکجي،
تھ ڪا خيانت تھ ڪانھ ٿو ڪري، پوءِ جي ان کي بھ بي
ايماني ڪندو ڏسجي تھ کانئس وري خزانو کسي، ڪنھن
ٽئين جي حوالي ڪجي، انھيءَ لاءِ تھ ان کي ڏسي ٻيا
عبرت وٺن“.
بادشاھھ چيو، تھ ”اي ادا! جيڪي تون چئين ٿو، سو سچ آھي. آءٌ پڻ
ڄاڻان ٿو تھ دوتڪ ۽ ڪرتڪ منھنجي خزاني تي چڱا ھٿ
رکيا آھن. نھ رڳو ايترو پر بي حيا بھ ٿي پيا آھن.“
پندڪارڻ چيو، تھ ”حڪيمن جو قول آھي تھ سچو وزير اھو آھي، جو سڀ
اسباب ھڪيو رکي، ۽ ھي ڳالھھ خاص مون اوھان جي خير
خواھيءَ لاءِ صلاح طريقي ڪئي آھي.“
بادشاھ اِھا ڳالھھ ٻڌي سنجوڳ کي خزانچي مقرر ڪري، سمورو خزانو
کڻي سندس حوالي ڪيو. پوءِ جڏھن دوتڪ ۽ ڪرتڪ
ڪچھريءَ جو رخ ڦريل ۽ بادشاھھ جو ڳالھائڻ مٽيل
ڏٺو، تڏھن پاڻ ۾ چوڻ لڳا تھ ”ڀلي ٻليءَ شير
پڙھايا، جو ڦر ٻلي ڪون کاوڻ آيا.“
ڍڳو، جنھن کي آڻي اسان بادشاھھ سان ملايو، سو ھاڻي ھٿ ڌوئي اسان
جي پٺيان لڳو آھي. جيڪڏھين اسين ھن کي نھ آڻي
شنيھن سان ملايون ھا، تھ ڇو جيڪر اسان سان اھڙي
ھلت ٿئي ھا. اسان جو ڪيو اسان کي آڏو ڦريو. پر
ھاڻي اھڙي سٽ سٽڻ گھرجي. جو شينھن ۽ ڍڳي جي وچ ۾
جھڙي ڍنگ سان اسان دوستي رکائي، تھڙي ئي ڍنگ سان
وري منجھن زنگ وجھي ڏيون، جيئن سيتا ۽ رام جي وچ ۾
رام جي ڀينرن وڌو ھو.“
ڪرتڪ پڇيو تھ ”اھا ڳالھھ ڪيئن آھي؟“
دوتڪ چيو تھ ”اِھو وستار ڊگھو آھي، پر آءٌ توکي ان جو چٽڪو
ٻڌايان ٿو.“
١١- سيتا، رام ۽ رام جون ڀينرون
”سيتا ۽ رام ۽ ان جي ڀاءُ لڇمڻ، اِنھن ٽنھي ڄڻن
ٻارھن ورھن تائين بنواس ورتو. جڏھن لنڪا ۾ راوڻ
اھا ڳالھھ ٻڌي، تڏھن ھو ان بن مان سيتا کي ڪنھن
تجويز سان کڻي ويو. نيٺ رام گھڻين محنت ۽ مشقتن
کان پوءِ سيتا کي موٽي ھٿ ڪيو.
سيتا جو ست سيل رھجي آيو ھو، تنھن سان رام وري ٺھي ويو، ۽ اڳئين
جيتري ھن سان دل رکيو پئي آيو. پر رام جون ٻھ
ڀينرون جي سيتا جون حاسد ھيون، تن کان اھا ڳالھھ
سٺي نھ ٿي، ۽ ھڪڙي ڏينھن پاڻ ۾ صلاح ڪيائون تھ ڪا
تجويز ڪجي، جو اسان جو ڀاءُ پنھنجيءَ زال کي ايترو
پيار نھ ڏئي.
تڏھن ھڪڙي انھن مان اٿي ٻيءَ کي چوڻ لڳي، تھ ”ھاڻي ڏس تھ آءٌ
توکي مزو ٿي ڏيکاريان.“ ائين چئي پنھنجي ڀاءُ جي
گھر ۾ پيھي ويئي، ۽ ڀاڄائيءَ کان مسخريءَ طور کلي
پڇيائين ”سيتا، توکي ياد آھي تھ راوڻ جي شڪل ڪھڙي
ھئي؟“
سيتا وسوڙيل ھن ھرتالڻ جو مڪر نھ سمجھي، پنھنجي سچائيءَ سان چيو
”ھائو، راوڻ کي ڏھھ سسيون، ويھھ اکيون، ۽ سؤ
آڱريون ھيون.“
تڏھن ھن چيس، تھ ”ڀلائي ڪري مون کي ان جي تصوير ڪڍي نھ
ڏيکارين؟“
سيتا ھن کوٽيءَ ۽ ڪميڻيءَ جي مت تي لڳي، نسنگ ٿي، ويھي آڱر سان
ڌرتيءَ تي راوڻ جي شڪل ڪڍي. ايتري ۾ سندس مڪريلڻ
نڻان اٿي چيو، ”تون جيتري ۾ اھا شڪل ڪڍي پوري
ڪرين، تيتري ۾ آءٌ پنھنجي پٽ کي چڳڙ ڏيئي ٿي
اچان.“
ائين چئي رام، جنھن اوڏي مھل ويٺي چؤنپڙ راند کيڏي، تنھن وٽ
ويئي، ان کي ٻانھن کان وٺي، جنھن ھنڌ سيتا اھا
تصوير ويٺي ڪڍي، ان ھنڌ وٺي آڻي چيائينس تھ، اجھو
ڏس، سيتا کي راوڻ جي ايتري سار آھي، جو نويڪلائيءَ
۾ سندس تصوير ڪڍڻ سان پاڻ کي پيئي وندرائي.“
اھا ڳالھھ ٻڏي ۽ اھا تصوير ڏسي رام کي گمان پيو، ۽ ڪروڌجي چوڻ
لڳو، ”اي سيتا! آءٌ توکي ماريان ڪين ٿو، ڇا کان تھ
استرين کي مارڻ نامردن جو ڪم آھي، پر ھاڻي چڱي
ڳالھھ ھيءَ آھي تھ تون منھنجي گھر مان نڪري وڃ.“
دوتڪ اھا ڳالھھ پوري ڪري چيو ”ڏس، جنھن عورت جي سببان رام سمنڊ
تي ٻنڌ ٻڌي، ۽ لنڪا کي ساڙيو، ۽ سوئي ڪوٽ کي ڀڳو،
۽ راوڻ کي ماريو، تنھن ساڳيءَ ست وادڻ عورت کي وري
ڪوڙيءَ ڳالھھ تي پنھنجي گھر مان لوڌي ڪڍيائين. اھا
ڪھڙي ڳالھھ آھي جا مڪر ۽ کيڏ سان ٿي نھ سگھندي؟“
تڏھن ڪرتڪ چيو تھ ”سنجوڳھ ۽ شينھن جي وچ ۾ تمام گھري ۽ گھاٽي
دوستي آھي سا ڪھڙي ريت ڇٽائيندين؟“
دوتڪ چيو ”اي يار! جيڪو ڪم تجويز سان ٿئي ٿو، سو زور سان نٿو
ٿئي. ھڪڙي ڪانءَ بھ تجويز سان نانگ مارائي وڌو ھو.
سو سنجوڳ ڪھڙي شيءِ آھي، جنھن کي آءٌ ڊاھي نھ
سگھندس.“
تڏھن ڪرتڪ پڇيو تھ ”اھا ڪانءُ واري ڳالھھ ڪيئن آھي؟“
١٢ – ڪانءُ ۽ نانگ
دوتڪ چيو، ”ڪنھن وڻ تي ھڪڙو جوڙو ڪانئن جو گھڻن ڏينھن کان رھندو
ھو. انھيءَ وڻ جي ٿڙ ۾ ھڪڙي ڦوڙ ھئي، تنھن ۾ ھڪڙو
واسينگ نانگ رھندو ھو. ان ڪانءُ جي ماديءَ پنھنجي
آکيري ۾ ڪي آنا لاٿا ھئا، تن مان ٿورڙن ڏينھن کان
پوءِ ٻچا ٿيا.
جڏھن اھي ٻچا مھيني کن جا ٿيا، تڏھن اھو واسينگ پنھنجي ڦوڙ کان
نڪري، ھري ھري ان وڻ تي چڙھيو. ڪانءُ ان مھل اتي
ھڪيو ڪونھ ھو. نانگ انھن ٻچن کي آکيري مان ڪڍي
کائي کپائي ڇڏيو. ڪانءَ جي مادي جا ٻيءَ ٽاريءَ تي
ويٺي ھئي، تنھن ڪيترو ٽان ٽان ڪئي ۽ گھڻو ئي
واجھايائين، پر ڪنھن بھ ڪونھ اونايس، نڪو داد ڪيس.
نيٺ جڏھن ڪانءُ نانگ جي ظلم ۽ زبردستيءَ جي ڳالھھ
ٻڌي ڏاڍي ڏک ۾ پئجي ويو، ۽ روئڻ پٽڻ وچان کائڻ
پيئڻ ئي ڇڏي ڏنائين. تنھن تي ھيڏي ھوڏي جا ڪانءَ
سڀ پاڻ ۾ گڏجي ان ڏکويل وٽ آيا ۽ ھن کي دڙ دلاسا
ڏيئي کارائي پياري ويس.
ھڪڙي ڏينھن ماديءَ نر کي چيو ”ھاڻي ھتي ٽڪڻ چڱو نھ آھي، صلاح
آھي تھ ھلي ڪنھن ٻيءَ امن جھڙيءَ جاءِ ۾ رھجي، ڇو
تھ سياڻا چوندا آھن تھ ٽن ڳالھين کان انسان کي ڊڄڻ
گھرجي: (١) بي وفا زال کان، (٢) ان گھر ۾ رھڻ کان،
جنھن ۾ نانگ جو واسو ھجي، (٣) جاھل ماڻھوءَ جي
دوستيءَ کان.“
تڏھن ڪانءَ چيو، ”ٿورو ڌيرج ڪر، پاڻيھي ڏسندينءَ، تھ آءٌ پنھنجن
ٻچن جو ڪيئن ٿو ھن نانگ کان وير وٺان.
ماديءَ چيو تھ ”ھن وقت اھي ڪوڙا قصا ڪين ڪر، تو ۾ ايترو وت ڪٿي
آھي، جو ھن کان بدلو وٺي سگھين؟“
تڏھين ڪانءَ وراڻي ڏني، تھ ”اِتي وت جي ڳالھھ ئي ڪانھي. اھڙن
ڪمن ۾ عقل گھرجي. تو جيڪس ھن سھي جي ڳالھھ ڪين ٻڌي
آھي، جنھن پنھنجي عقل جي زور سان شينھن کي بھ ماري
وڌو ھو.
تڏھن ماديءَ چيو، تھ ”اھا بھ ڪوڙي ڳالھھ ھوندي، سھو ڀلا ڪيئن
شينھن کي ماري سگھندو؟“
١٣ – سھو ۽ شينھن
ڪانءَ چيو تھ ”ھڪڙي جھنگ ۾ ڀانت ڀانت جا جانور
رھندا ھئا. اوچتو دردانت نالي ھڪڙو شينھن ڪنھن جبل
مان نڪري، ان جھنگ ۾ اچي ٽڪيو، ۽ ڏھاڙي ڏھھ –
ٻارھن جانور ماري تن مان ھڪڙو کائي، ٻيا سڀ اتي
ڇڏي ھليو ويندو ھو.
اڃا ٿورا ڏينھن انھيءَ ريت نبريا، تھ گھڻا جانور چٽ ٿي ويا.
اِھا روبڪار ڏسي، سڀيئي جانور گڏجي پاڻ ۾ چوڻ لڳا،
تھ جيڪڏھن انھيءَ طرح اسان ۾ ٽاڪڙو پيو پوندو تھ
ڪن ڏينھن کان پوءِ ھن جھنگ ۾ اسان جو بڻ بھ ڪونھ
رھندو. نيٺ گڏجي صلاح ڪيائون، تھ ڪنھن سياڻي کي
شينھن ڏي موڪلجي، جو وڃي ھيءَ ڳالھھ ان جي ڌيان تي
آڻي، تھ جڏھن تنھنجي پيٽ ڀرڻ لاءِ ھڪڙو ئي جانور
بس آھي، تڏھن تون گھڻن کي مارڻ جو پاپ پاڻ تي ڇو
ٿو چاڙھين؟ ھڪڙو جانور جيڪو کپئي سو اسين روز توکي
گھر ويٺي رسائي ڏينداسون.
پوءِ جڏھن ھيءَ صلاح سڀني مڃي، تڏھن انھيءَ نياپي کي پھچائڻ
لاءِ گھڻن جي راءِ ٿي، تھ ھڪڙي گدڙ کي موڪلجي. پر
ھڪڙو سھو، جو ان مجلس ۾ ويٺو ھو، سو اٿي چوڻ لڳو
تھ ”اي يار! ھي ڪم گدڙ کان ڪڏھن ڪين برابر ٿيندو.
اٽلندو ھو وڃي ھڪ جي ٻي ڪري ايندو، ڇو تھ جڏھانڪر
شينھن ھن جھنگ ۾ آيو آھي، تڏھانڪر اسان جي گھرن ۾
ڀنڻ ۽ گدڙن جي گھرن ۾ شادمانو ٿيو آھي.“
ھيءَ ڳالھھ ٻڌي گدڙ ڪاوڙجي چوڻ لڳو تھ ”جيڪڏھن منھنجي وڪالت
توکي قبول نھ آھي ۽ مون کي فتوري ٿو ڄاڻين، تھ چڱو
تون ئي وڃي ڀلي اجر ڪماءِ.“
تنھن تي سھو سنبھي، اٿي شينھن ڏي ھليو. جڏھن اتي
پھتو، تڏھن شينھن پڇيس ”ڙي ڪيئن آيو آھين؟“ |