فھمائشون
(١) بادشاھھ کي ٻين ماڻھن جي چوڻ تي لڳي، پنھنجن گھرو نوڪرن
چاڪرن کي ڪڏھن بھ ڪڍي ڦٽو ڪرڻ نھ گھرجي، ڇاڪاڻ تھ
جيڪو بادشاھن وٽ حاضر رھندو آھي، تنھن کي اڻسھندڙن
۽ حاسدن جي ڪمي ڪانھي. جڏھن ھو ڏسندا آھن، تھ
بادشاھھ جو مٿس پيار آھي؛ تڏھن جي ٿي سگھندو اٿن،
تھ ھزارين بديون ٺاھي بھ ھن کي ڌڻيءَ وٽ بڇڙي ڪرڻ
کان ڪين رھندا آھن.
(٢) بادشاھن کي گھرجي، تھ خوشامندڙين ۽ گلاخورن کي پاڻ وٽ بيھڻ
بھ نھ ڏين، ڇاڪاڻ تھ ھي ماڻھو سدائين ڦيٽاڙي وجھڻ
جا وجھھ ڳوليندا آھن. اھڙا ماڻھو اِنساني سڀا لاءِ
آزار ٿي پون، تنھن کان بھتر آھي تھ ھنن کي ھن
پرٿويءَ تان تڙي ڪڍجي.
(٣) بادشاھھ کي گھرجي تھ جيترو ٿي سگھي، اوترو پنھنجن وزيرن ۽
اميرن کي ھڪ ٻين سان سلوڪ ۾ رکي؛ انھيءَ مطلب
لاءِ، تھ ھو پاڻ ۾ ھڪ مٺ ٿي، راڄ جي ڀلي ۽ خير
لاءِ پورھيو ڪن.
(٤) پنھنجن دشمنن جي تابعداريءَ تي بادشاھھ کي گھرجي، تھ ڪڏھن
بھ ڀروسو نھ رکي. ھو جيترو گھڻو ڀاءُ ڏيکاريندا ۽
خذمتگاريءَ جون ڊگھيون باسون باسيندا، اوترو ئي
کيڏ بازين ۽ حرفتن جو منجھان ڊپ رکڻ گھرجي. ويريءَ
جي پريت تي ڪو ڀروسو ڪونھي. ھو جڏھن پريتم وانگيان
منھن کڻي اچي، تڏھن ٽاري ڇڏجيس؛ ڇاڪاڻ تھ موھڻي
سينگار ڪندي آھي ئي رڳو ناس ڪرڻ جي ارادي سان.
(٥) جيڪڏھن ڪنھن ماڻھوءَ کي ڪا بھ وستو، جنھن لاءِ ھن دل جان
سان ڪوشش ڪئي ھجي، پراپت ٿئي، تھ ھن کي گھرجي، تھ
ان کي سنڀالي؛ ڇاڪاڻ تھ ڏھاڙي پنھنجن ارادن موجب
فائدن جا وجھھ نٿا ملن. جيڪي اسان کي ھيڪر مليو
آھي، تنھن کي جيڪڏھن اسين نھ سنڀالينداسون، اسان
وٽ ان جي وڃائڻ جي دک کان سواءِ ٻيو ڪي بھ ڪين وڃي
رھندو. جو تير ھيڪر اڇلايوسين، سو موٽي ھٿ ڪري ڪين
سگھنداسون، توڻي ڪري پاڻ ماري پٿون ڪريون.
(٦) ڪم ڪار ۾ ڪڏھين بھ تڪڙو ٿيڻ نھ گھرجي، پر اٽلندو جيڪي ڪرڻو
ھجيئون، تنھن کي تعميل ۾ آڻڻ کان اڳ لازم اٿئون،
تھ ان کي توريون ۽ تپاسيون، جيڪي ڪم تڪڙ ۽ اوچتيءَ
اٻھرائيءَ سان ڪجن ٿا، تن جو نتيجو گھڻو ڪري نقصان
وارو ٿئي ٿو.
(٧) ماڻھوءَ کي گھرجي، تھ چڱيءَ صلاح ۽ سياڻپ کي ڪڏھن بھ حقير
نھ ڄاڻي. جيڪڏھن پاڻ کي دشمنن جي ھٿ کان ڇٽائڻ
لاءِ انھن سان صلح ڪرڻ جو کپ ٿئيس، تھ اھو بنان
دير انھن سان ڪري.
(٨) کوٽن جي سنگت کان پاسو ڪرڻ کپي، ھنن جون مٺيون ڳالھيون
ڪڏھين بھ نھ ٻڌڻ گھرجن، ڇاڪاڻ تھ جڏھن ھنن جي سيني
۾ وير جي وٺڻ ڌاران ٻيو ڪي بھ ڪينھي، تڏھن پريت جو
ڦل منجھان ڪڏھين بھ ڪين ڄمندو.
(٩) دياوان ٿجي. ڪڏھين بھ نوڪرن يا رعيت کي، جن نٻلائيءَ کان ڪو
ڏوھھ ڪيو ھجي، بادشاھھ کان سزا نھ ڏيارجي؛ ڇاڪاڻ
تھ دياوان پرش پرٿويءَ تي اھڙو آھي. جھڙو بھشت ۾
فرشتو. اسان کي اِنسانن جي نٻلائي ڳڻڻ گھرجي؛ ۽
وڏيءَ دل ۽ نيڪ نيتيءَ سان ھنن جا عيب ڍڪڻ گھرجن.
رعيت سدائين ڏوھھ ڪيا آھن ۽ بادشاھن سدائين بخشيا
آھن؛ نھ ٻيا، پر اھڙا ڏوھھ، جي انساني سڀاءَ جي
عام ڀلن کان رعيت ڪيا آھن.
(١٠) ڪڏھين بھ ڪنھن جو ھاڃو يا ايذاءُ نھ چاھجي. ھٿئون جيڪي پڄي
سگھي، اوترو پنھنجي پاڙوسيءَ جو ڀلو ڪجي. جيڪڏھن
ڀلو ڪبو، تھ ڀلو ٿيندو؛ ۽ جي برو ڪبو، تھ برو آڏو
ايندو.
(١١) بادشاھھ کي اھڙيءَ شئي لاءِ مٿا ھڻڻ ئي نھ گھرجن، جا سندس
قدر کان گھٽ ھجي؛ يا اھڙيءَ ڳالھھ لاءِ، جا سندس
سڀاءَ ۽ ٻڌ جي ابتڙ ھجي. ڪيترائي ماڻھو آھن، جي
پنھنجا ڪم ڇڏيو، پراون ڪمن ۾ ٽپيو پون؛ جن مان نيٺ
ڪي بھ ڪين کسي. ڪانءَ بھ تتر وانگر اڏامڻ لاءِ مٿا
پٽيا، پر اھو اڏامڻ اھڙو ھو، جو اھو تھ ھٿ ڪين
آيس، اٽلندو پنھنجو بھ وساري ڇڏيائين.
(١٢) ڌيرج وان ۽ ميلاپيءَ سڀاءَ وارو ٿيڻ کپي. سڀا منجھھ ڌيرج
اھڙو آھي، جھڙو کاڌي ۾ لوڻ. جھڙيءَ ريت لوڻ کائڻ
اصل کي سواد ۽ رس ڏئي ٿو، تھڙيءَ ريت ڌيرج ماڻھوءَ
کي سنتوڪ ڏئي ٿو. رڪ جي ترار بھ اھڙي تکي نٿي ٿئي.
جھڙي ڌيرج جي ترار ٿئي ٿي. اھا اھڙي آھي، جو اجيت
سئنائن کي بھ مات ڪيو ڇڏي.
(١٣) بادشاھن کي گھرجي، تھ پنھنجا وزير نمڪ حلال ڳولي رکن. ۽
ڪڏھين بھ پنھنجن سڀائن ۾ لچن ۽ ٺوڳين کي اچڻ نھ
ڏين. وزير جيڪڏھن سياڻا ۽ سچار ھوندا، تھ راڄ
سلامت رھندو، ۽ بادشاھھ جا راز ڪڏھين پڌرا نھ
ٿيندا.
(١٤) دنيا جي اتفاقن کان بي آرام نھ ٿجي. ھڪڙيءَ ڳالھھ ۽ سچيءَ
ھمت وارو ماڻھو سانتيڪيءَ دليريءَ سان سڀ ڏک سھي
ٿو، ۽ ايشور جي ديا جو ڀروسو رکي ٿو؛ باقي مورک کي
رونشي ۽ خوشيءَ کان سواءِ ٻيو ڪو بھ ڪين ٿو اڄھي.
مٿين فھمائشن لاءِ جڳائيندڙ جاءِ ڪتاب جي اندر ارنڀ ۾ ٿيڻ کپندي
ھئي؛ پر ھاڻي جڏھن سڄو ڪتاب ڇاپجي تيار ٿيو آھي،
تڏھن ھن ھنڌ لکڻ ڌاران ٻي ڪا واٽ ٿي نٿي سگھي.
نڌان آءٌ پنھنجي پريتم مسٽر جھامراءُ منگھومل گلراجاڻيءَ جو
گھڻو شڪر گذار آھيان، جنھن مھرباني ڪري نقل ٿيڻ
مھل ھن ڪتاب ۾ ضروري درستين ڪرڻ جي تصديع سموري
پاڻ تي کنئي ھئي.
ڪراچي س. ھھ. آڏواڻي
تاريخ ١٨ – جولاءِ ١٨٩٤ع
آرنڀ
ھندستان ۾، گنگانديءَ جي ڪنڌيءَ تي ماڻڪپور شھر ۾ چندرسين راجا
راڄ ڪندو ھو. ھڪڙي ڏينھن راجا ڪچھريءَ ۾ ويٺو ھو،
تھ پٽس سندس سامھون بي ادبيءَ سان اچي بيٺا. ھڪڙو
شخص ھنن کي ڏسي چوڻ لڳو ”سچ آھي، جنھن کي علم نھ
آھي، سو انڌي جي اچار آھي. جيتوڻيڪ ھو اکين سان
ڏسي سگھي ٿو، تھ بھ اندر جو سوجھرو نھ اٿس. علم
اھا شئي آھي، جنھن جي سوجھري سان وڏا وڏا مشڪل ڪم
سھنجا ٿيو پون؛ ۽ ھن دنيا ۾ شاھوڪار بھ اھو آھي،
جنھن کي علم جو ڌن آھي؛ ڇاڪاڻ تھ اھو ڌن اھڙي قسم
جو نھ آھي، جو ان کي چور چورائي سگھي، يا ان تي ڪو
دعويٰ ڪري سگھي؛ ۽ نڪي اھڙو آھي، جو ڪنھن کي ڪل
پوي تھ ڪٿي لڪل آھي. اٽلندو جيترو خرچ ڪجيس، اوترو
وڌي، ۽ ڪنھن بھ طرح گھٽ ٿي نھ سگھي. علم املھھ
ماڻڪ آھي، ماڻھن جو سينگار آھي؛ ۽ مسافرن جو رفيق
آھي. پڙھيل شخص بادشاھن جي درٻارين ۽ بزرگن جي
ڪچھرين ۾ گھڻو آڌر ڀاءُ لھي سگھن ٿا. دنيا ۾ علم ۽
بھادري ٻيئي تمام ضرورائتيون ڳالھيون آھن؛ پر ٻنھي
مان بھ علم وڌيڪ ضرورائتو ليکجي ٿو، ڇو تھ ڇوڪر
توڻي وڏو، جي سکي، تھ ٻنھي کي پيو سونھي؛ ۽ سڀ
ماڻھو انھيءَ جي ساراھھ ۽ واکاڻ پيا ڪن؛ ۽ جي پير
مرد ترار کڻي جنگ تي سنڀري؛ تھ سڀ ماڻھو مٿانئس
کلن ۽ چون تھ اجھو ٻاھتريو اٿيو آھي. تنھنڪري علم
پرائڻ ۾ ڍر ڪرڻ ھرگز نھ گھرجي؛ ۽ اھڙو خيال بھ دل
تي نھ آڻجي، تھ ٿوري جيئڻ واسطي محنت ايتري ڇاڪاڻ
ڪجي؛ ۽ نڪي ھيءُ خيال ڪرڻ گھرجي، تھ ھاڻي اسين
جوان آھيون، علم حاصل ڪرڻ لاءِ گھڻيئي ڏينھن اڳتي
پيا آھن، بالفعل تھ ھن دنيا جا مزا ماڻي وٺون؛ مگر
ياد رکڻ گھرجي تھ ڪچيءَ ۾ پرايل علم وڌيڪ اثر وارو
ٿئي ٿو. تنھن ۾ توھان تي فرض آھي، تھ پنھنجن ٻارن
کي ننڍپڻ ۾ ئي علم سيکاريو، تھ انھن جي دل تي او
ائين ڄمي وڃي، جيئن پھڻ تي ليڪو.“
جڏھن راجا ھيءَ ڳالھھ ٻڌي، تڏھين ڪنڌ ھيٺ ڪري چوڻ لڳو ”افسوس صد
افسوس! منھنجي پٽن ۾ ھڪڙي جواني، ٻي مايا، ٽي
مغروري، ۽ چوٿين بي علميت اھي سڀ اچي گڏيون آھن!“
تنھن تي، ان مجلس ۾ ٻئي شخص چيو، ”اي راجا! ڌڻي اوھان جي پٽن ۾
سگھھ وجھندو، ۽ اميد آھي تھ ھو علم ۽ ھنر وارا ٿي
پوندا. افسوس کائڻ اجايو آھي، ڇاڪاڻ تھ جيئن ڌڻيءَ
جي خواھش ھوندي، تيئن ئي ٿيندو.“
تڏھين راجا چيو ”جيڪي چوين ٿو، سو سڀ سچ آھي؛ پر ڌڻيءَ انسان کي
عضوا ۽ سمجھھ ڏني آھي، تڏھين گھرجيس، تھ انھن جي
اپاءُ سان علم حاصل ڪري وٺي. انسان جي ڪمن کي پورو
ڪرڻ وارو خدا آھي، پر تڏھن بھ چيو اٿن، تھ ھمتِ
مردان مدد خدا: ڪوشش ڪندو تھ وڃي پار پوندو؛ جيئن
تھ: ڪو مٽيءَ جو ٿانو بھ پاڻمرادو ٺھي نٿو پوي؛
اھو بھ تڏھن ٿو جڙي جڏھين ڪنڀار مٽيءَ کي ڳوھي، چڪ
تي رکي، پنھنجي ھٿن سان ان کي جوڙي ٿو بيھاري.
ائين چئي وري راجا چوڻ لڳو ”پريتمو! اوھان ۾ ڪو اھڙو ڏاھو
عقلمند آھي، جو منھنجي پٽن کي علم سيکاري ۽ سنئين
واٽ تي آڻي؟ مثل مشھور آھي، تھ جھڙيءَ طرح ڌاريا
وڻ بھ سر کنڊ جي اوسي پاسي اڀرڻ ڪري سرھا ۽ سڳنڌا
ٿين ٿا، تھڙيءَ طرح نادان ماڻھو بھ ڏاھن جي صحبت ۾
گھڙي سياڻا ۽ عقل وارا ٿي پون ٿا.“
تڏھين وشنو شرمان نالي ھڪڙو پنڊت، جو ان مجلس ۾ ويٺو ھو، سو چوڻ
لڳو ”اي راجا! آءٌ تنھنجن پٽن کي جِھل جي ڪن مان
ڪڍي علم جي ٻيڙيءَ ۾ چاڙھي سگھان ٿو. پکيءَ جي
پٺيان ڪو محنت ڪندو آھي، تھ ان کي بھ پاڙھي وجھندو
آھي. ھي تھ راجا جا پٽ آھن. ڌڻي ڪندو، تھ پورن ڇھن
مھينن ۾ ھنن کي سيکاري قابل ڪندس.“
اھا ڳالھھ ٻڌي راجا ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ چيائين ”سچ آھي، جھڙيءَ طرح
ڪينئون گل جي سنگت ۾ راجائن جي ڇٽ تي چڙھندو آھي،
تھڙيءَ طرح منھنجا پٽ بھ تنھنجي صحبت ۾ رھي، عقل
جي درجي کي پھچندا.“ ائين چئي پنھنجن پٽن کي ان
پنڊت جي حوالي ڪيائين.
پنڊت ھنن کي وٺي آڻي پنھنجي گھر ويھاريو؛ ۽ نصيحت ڪرڻ لڳن:
”ٻڌو، راج ڪنورؤ! عقلمندن جو وقت لکڻ پڙھڻ ۽ علم
حاصل ڪرڻ ۾ گذرندو آھي؛ ۽ نادانن جو وقت اٺئي پھر
اجاين ڳالھين ڪرڻ، ۽ ڪر موڙڻ يا ننڊ ڪرڻ، ۽
پاڙوسين سان وڙھڻ ۾ وڃي ٿو؛ ۽ ھر ڪو پنھنجي پنھنجي
وندر ۽ ڌنڌي ۾ خوش ٿو رھي. ھاڻي مان اوھان جي
خوشيءَ ۽ فائدي لاءِ ڪي ڳالھيون اوھان کي ٻڌايان
ٿو، جن جي ٻڌڻ کان اميد آھي تھ اوھان جو عقل ۽ ھوش
وڌندو.“
تڏھن راجا جي پٽن چيو ”اسين ڪن ڏيئي اھي ڳالھيون ٻڌنداسون،
اوھين مھرباني ڪري اسان کي ٻڌايو.“
باب پھريون
]جيڪي
نڌر ۽ نٻل آھي، پر ڏاھن ۽ سچن سان سنگت ۽ دوستي
رکڻ ڪري پنھنجا مطلب حاصل ڪن ٿا، تن جي بيان ۾.[
١ – ڪانءُ، ڪڇون ۽ ھرڻ
پنڊت چوڻ لڳو تھ ”گوداوريءَ نديءَ جي ڪنڌيءَ تي ھڪڙو وڏو ڪيسو
ڦلن جو وڻ ھو، جنھن تي آسپاس وارا پکي اچي رات جو
بسرام ڪندا ھئا. ھڪڙي ڏينھن، پرھھ ڦٽڻ سان، ان وڻ
تان ھڪڙو ڪانءُ اک کلڻ شرط ڇا ٿو ڏسي، جو ڪو ماري
پنھنجي ڪلھي تي ڄار کنيو ٿو اچي، تڏھين ڊڄي دل ۾
چوڻ لڳو، تھ اڄ صبح مرداني جو چنڊال جو منھن ڏٺو
اٿم! نڄاڻا ڇا ٿئي. ائين چئي ان شڪاريءَ کي نظر ۾
رکيائين، تھ وڌيڪ ڇا ٿو ڏسي، جو ھن شڪاريءَ اوڏو
اچي، ٿورا چانور پنھنجي جھوليءَ مان ڪڍي، ان وڻ جي
ھيٺان ڇٽيا، ۽ پنھنجي ڪلھي تان ڄار لاھي، انھن تي
وڇائي، پاڻ پري ھڪڙي ڪنڊ ۾ وڃي لڪي ويٺو.
ايتري ۾ چتر گريو نالي پکي، ڪبوترن جو بادشاھھ بھ اڏامندو اچي
اتي سھڙيو. ڪبوتر، جي اصلي ان وڻ تي ويٺا ھئا، سي
جان ھيٺ ڪري نھارين، تھ ڏسن تھ مار! چانورن جا
داڻا پٽ تي پکڙيا پيا آھن، ۽ ھر کيا تھ وڃي چڳون.
پر چتر گريو انھن نادانن جو اھو ارادو ڏسي چوڻ لڳن، تھ ”اي
ڀائرو! ڀلا اوھين ٿورو خيال تھ ڪريو، تھ ھن جھنگ ۾
اھي چانور ڪٿان آيا ھوندا؟ جيڪڏھن ھتان مسافرن
لاءِ رستو ھجي ھا، تھ ھوند قبول ڪجي، تھ انھن جي
کائڻ پيئڻ ڪري ڪريا ھوندا، پر اھڙي تھ ڳالھھ ئي
ڪانھي. تنھنڪري شڪ نيڻ جو سبب آھي تھ انھن چانورن
۾ دغا ھوندي. جيڪڏھن اوھين انھن جي چڳڻ واسطي ھيٺ
لھندا، تھ اوھان جو حال بھ ھن لوڀيءَ مسافر جھڙو
ٿيندو، جو سوني ڪنگڻ جي لالچ رکي، ڌٻڻ ۾ ڦاسي
شينھن جي ور وڃي چڙھيو ھو.
تڏھين ڪبوترن پڇيو تھ”اھا ڳالھھ ڪيئن آھي؟“
٢ – شينھن، مسافر، سونو ڪنگڻ
چتر گريو چيو، تھ ”ھڪڙي ڏينھن آءٌ ڏکڻ ڏانھن ڪنھن چوڳي واسطي
ويس، تھ اتي ڏٺم، تھ ھڪڙو ٻڍو شينھن سمانڌ لايو،
ھڪڙي تلاءَ جي ڪنڌيءَ تي ويٺو آھي ۽ جيڪو مسافر
اتان لانگھائو ٿيو ٿي، تنھن کي چيائين ٿي، تھ مون
وٽ ھڪڙو سونو ڪنگڻ آھي، سو خدا جي واٽ ۾ جيڪو
وٺندو، تنھن کي ڏيندس. پر ڀؤ کان ان وٽ ڪو بھ اوڏو
نھ ٿي ويو. اتفاقا ھڪڙي مسافر کي کٽي ٿي کڻي، جو
ھرکي ٿو تھ اھو ڪنگڻ شينھن کان وٺان، ۽ دل ۾ خيال
ڪيائين تھ ھھڙو مال مفت موٽي ڪٿئون ھٿ لڳندم؟ ۽
ڀانيائين تھ اڄ ڀاڳ وريم ٿو، جو ھھڙي شئي مليم ٿي!
ائين سمجھي پھھ ڪيائين، تھ شينھن وٽ وڃان، پر ھمت
ساري نھ سگھيو ۽ خوف کان انديشو ڪري چيائين، تھ
جيتوڻي ھو سونو ڪنگڻ آڇي ٿو، تھ بھ ھڪدم دشمن جي
مٺي ڳالھائڻ تي اعتبار ڪرڻ نھ گھرجي، ڇاڪاڻ تھ
ڪنگڻ وٺڻ جي ڪوشش سان خوف بھ گڏيل آھي، ۽ چيو اٿن،
تھ زھر باوجود ڪيتريءَ بھ ماکيءَ سان گڏيل ھجي، تھ
بھ قاتل آھي، تيئن اھا ڀلائي بھ سالم نھ آھي، جنھن
۾ برائي گڏيل ھجي.
پوءِ موٽي دل ۾ ھيءُ ويچار ڪيائين، تھ جتي ”خزانو آھي، تتي نانگ
بھ گھڻو ڪري رھي ٿو ۽ جتي گل آھي، تتي ساڻس ڪنڊو
بھ آھي“ مطلب تھ ڌن جي لالچيءَ کي جتي ڪٿي ڊپ آھي.
پر ھاڻي جيڪڏھن رڳو پڳو ائين ڊڄي بيھي رھندس، تھ
ستي ٻلي ڪئا ڪين ماريندي. ماڻھو ڌن جي ملڻ واسطي
ڪيتريون محنتون ۽ ڪھڙا ڪھڙا ڏاکڙا پاڻ تي سھن ٿا،
۽ چوڻيءَ ۾ پڻ آھي تھ ”ڏک کان سواءِ سک نٿو ملي.“
نيٺ ٺھراءُ ڪري چيائين ”اي شينھن، اھا شئي جا خيرات ڪندين، سا
ڪٿي آھي؟ مون کي ڏيکار تھ سھي.“
شينھن چنبو ڊگھو ڪري اھو ڪنگڻ ڪڍي ڏيکاريس. تنھن تي ھن واٽھڙوءَ
چيو، ”تون شينھن گوشت کائيندڙ، ۽ آءٌ ماڻھو تنھنجو
شڪار، تنھنڪري ڪيئن منھنجو ڀروسو توتي ڄمي، جو آءٌ
تو وٽ اچان؟“
شينھن وراڻي ڏنيس ”توکي خبر ڪانھي تھ مون ڪيترن ڏينھن کان گوشت
کائڻ ڇڏي ڏنو آھي. جيڪڏھن مون کي ماس کائڻ جي طمع
ھجي تھ ھرڻ ۽ ڦاڙھا جھنگ ۾ کٽا آھن ڇا؟ ۽ جي توکي
کائڻ جي خواھش ھجيم، تھ تون بھ ڪو مون کان پري
آھين ڇا؟ پر مون اھو پڪو پرن ڪيو آھي تھ گوشت کي
ويجھو ئي وڃڻو نھ آھي، ۽ ھي ڪنگڻ جو مون کي ڪنھن
بھ ڪم نٿو اچي، سو ڪنھن غريب کي خيرات ڪري ڇڏيان
تھ اجر ٿئيم. تنھن ۾ تون ڊپ ڊاءُ ڪو نھ ڪر، نرسنسي
ھليو اچ. جھڙو پيارو مون کي پنھنجو ساھھ آھي، تھڙو
پرائو بھ اٿم.“
تڏھين مسافر پڇيس، ”ھتان ڪئين واٽھڙو لنگھيا ھوندا، تن مان ڪنھن
کي ڇو نٿي ڏنھءِ؟“
شينھن ورندي ڏنيس، تھ ”واه سائين واه! شاھوڪار کي ڏيڻ مان مون
کي ڪھڙو ثواب؟ چڱي ڀلي کي دوا ڏيڻ مان، يا ڍاول کي
ماني کارائڻ مان بھ ڪڏھين ڪو ثواب ٿيو آھي؟“
مسافر ھيءَ ڳالھھ ٻڌي وسھي ويو ۽ چوڻ لڳس، ”چڱو ڀلا ڏينم.“
تڏھين شينھن چيس، ”پھريائين ھن تلاءُ مان ٽٻي ڏيئي
پوتر ٿي اچ، تھ پوءِ ڏيانءِ.“
تنھن تي ھو ڀورڙو مسافر ڪاھي تلاءَ ۾ گھڙيو، ۽ گھڙڻ شرط ٻئي پير
ڌٻڻ ۾ ڦاسي پيس. جڏھين شينھن ڏٺو تھ ھاڻي مسافر
سوگھو آھي، تڏھين ڏانھنس ھري ھري وک وجھڻ لڳو.
مسافر پڇيس، ”ڇو ٿو اچين؟“
شينھن جواب ڏنس، ”اچان ٿو توکي ڌٻڻ مان ڇڏائڻ.“ ائين چئي ھن کي
اڀري ڳچيءَ کان ورتائين. تڏھين ويچارو مسافر
پنھنجي ڪرم تي ھٿ ھڻي چوڻ لڳو، ”سچ آھي، ذاتي
سڀاءُ ڪنھن جو مٽجڻ جو نھ آھي!“ ايترو چئي ساھھ
ڏنائين.
مٿين ڳالھھ پوري ڪري چتر گريو ڪبوترن کي چيو، ”اي ڀائرو! جيڪڏھن
اوھين بھ لالچ رکي وڻ تان ھيٺ لھندؤ تھ ھن مسافر
وانگيان پنھنجو ساھھ ڏيندؤ. ٻيو، اي دوستو! مون
ھيترن ڏينھن ۾ ھن وڻ ھيٺ ڪڏھن بھ ڪو داڻو پيل نھ
ڏٺو. سياڻن چيو آھي، تھ ٿوري کائڻ، پڙھيل پٽ، چئي
وان استري، قدر دان ڌڻي، سوچيل ڳالھھ، ۽ جو ڪم
ڏاھن جي صلاح سان ٿيو ھجي، انھن ڇھن ئي ڳالھين مان
ڪڏھين بھ خرابي ڪين ٿيندي، تنھنڪري جيڪڏھن اوھين
پنھنجي ڀلائي گھرو ٿا تھ انھن داڻن جي پچر کڻي
ڇڏيو.“
تڏھين انھن منجھان ھڪڙي نادان ڪبوتر چيو، ”جيڪڏھن اسين اھڙيون
ڳالھيون ٻڌي ڊڄنداسون، تھ ڪاٿون کائينداسون؟ شڪ نھ
آھي، تھ بک جي وگھي مري وڃون، تنھنڪري آءٌ تھ انھن
داڻن کي ڪڏھين ڪين ڇڏيندس.“ ائين چئي ھيٺ لٿو، تھ
پٺيانس ٻيا بھ سڀ لٿا.
چتر گريو، جو ڏاڍو سياڻو ۽ سمجھو ھو، ۽ جنھن کي ڪا بھ ڳالھھ
مشڪل ڪين لڳندي ھئي، جو سڀ ڪنھن کي نصيحت ڪندو ھو،
تنھن ھيءُ رنگ ڏسي دل ۾ ويچار ڪيو تھ ھاڻي سنگت تھ
ڇڏي ويم! سنڌيءَ واري چيو آھي تھ ”جا گھڻن سنئين،
سا وھانو سنئين،“ ھاڻي جيڪي ٿيڻو ھجي سو ڀلي ٿئي،
پر آءٌ سنگت کي ڪين ڇڏيندس. ائين چئي ھو بھ ھيٺ
لھي ٻين سان رفيق ٿيو.
جڏھين ماريءَ ڏٺو تھ ھاڻي سڀ پکي ڄار ۾ اچي رھيا آھن، تڏھن وٺي
ڄار کي ڇڪيائين، تھ جي جتي سي تتي،، سڀ سوگھا ٿي
پيا.
ھي پنھنجو حال ڏسي جنھن ھوڏيءَ ۽ نادان ڪبوتر جي چوڻ تي لٿا
ھئا، تنھن کي سڀني ڀون ڀون ڪري اچي ورتو ۽ طعنن ۽
تنڪن سان اھڙو ڦڪو ۽ بڇڙو ڪيائونس، جو اھا نھ جاءِ
مليس، جتي ڪري منھن لڪائي. سياڻن چيو آھي، تھ
جيڪڏھن ڏھن ماڻھن تي ڪا آفت اچي ڪڙڪي، تھ ڪنھن
ماڻھوءَ کي انھن مان اڳرو ٿيڻ نھ گھرجي ڇو تھ، جي
اھا آفت ٽري ويئي، تھ ھرڪو چوندو تھ آءٌ بھ
انھيءَجي ٽارڻ ۾ ھمراھھ ھوس، پر جي نھ ٽري، تھ
سڀيئي ان ھڪڙي ئي کي پيا مھڻن سان ساڙيندا.
چتر گريو تڏھين چيو، اي يارو! ڏوھھ ڪنھن کي ڇو ٿا ڏيو؟ ”بندي جي
من ۾ ھڪڙي، صاحب جي من ۾ ٻي.“ ڏوھھ ڪنھن جو بھ
ڪونھي، جيڪا ٿيڻي ھئي سا ٿي. ڪڏھن چڱي ڪم منجھان
بھ بڇڙو نتيجو نڪرندو آھي، جيئن تھ، ماءُ پيءُ کان
وڌيڪ سڄڻ پنھنجي اولاد جو ڪو بھ ڪونھي، پر بعضي
اھڙي مھل ٿيندي آھي، جو اھي بھ ڦري پنھنجي اولاد
جا ويري ٿي بيھندا آھن، تنھنڪري اي دوستو! ھل نھ
مچايو، پر اھڙو ڪو گھاٽ گھڙيو، جنھنڪري سڀني جو
ڇوٽڪارو ٿئي. جيڪڏھن ڪنھن تي ڪا اوچتي آفت اچي
پوندي آھي، پوءِ جي ھو ڏک ڪندو آھي تھ ان کي مرد
ڪين ڪوٺبو آھي. مرد اھو آھي، جنھن کي جيڪڏھن ڪا بھ
مشڪلات اچي پوي، تھ دلجاءِ سان ان جي ٽارڻ لاءِ
تجويز ڪري.
سياڻن جوچيو آھي، تھ ماڻھوءَ ۾ ھي ڇھھ ڳالھيون ضرور ھئڻ گھرجن:
(١) جيڪڏھن اوچتيءَ اوه ۾ اچي، تھ وائڙو نھ ٿئي،
(٢) ڪو وڏو ماڻھو وٽس اچي تھ ان جو آڌر ڀاءُ ڪري،
(٣) مجلس ۾ ڳالھھ ڪر،ي سا ڳڻي ڳوتي چترائي سان
ڪري، (٤) جڏھين جنگ تي سنڀري وڃي، تڏھين پوئتي نھ
ھٽي، (٥) پاڻ کي جھان جي گلا غيبت کان بچائي، (٦)
علم سکڻ ۾ دل لائي. ۽ ھي ڇھھ ڳالھيون ماڻھوءَ ۾ نھ
ھئڻ گھرجن:
(١) گھڻو سمھڻ، (٢) ڀڳوان جي ڀڄن ۾ آرس ڪرڻ، (٣) سڀ ڪنھن ڪم ۾
ڊڄڻ، (٤) ڪاوڙ ڪرڻ، (٥) پاڙيوارن کي پاڻ کان گھٽ
سمجھڻ، (٦) ڪنھن جي گلا ڪرڻ ۽ ان تي ٽوڪ ھڻڻ.
تنھن ۾، اي ڀائرو! منھنجي صلاح آھي تھ ڄار کي کڻي اڏامون، پر
اِھو ڪم گھڻن کان ٿي سگھندو، نھ ھڪڙي کان، جيئن تھ
گاھھ جي ھڪڙي ڪک سان ماڪوڙي بھ سوگھي ٿي نھ سگھي،
پر جي اھڙا ڏھھ – ويھھ ڪک گڏي ٽوڙي وٽي ھاٿيءَ کي
ٻڌجي، تھ اھو بھ قابو ٿي پوي: ۽ سنڌيءَ واري بھ
چيو تھ آھي تھ ”گھڻن کنئي ڇپر کڄي پوي“ تنھنڪري،
پاڻ ۾ ٻڌي ڪري ڄار کڻي اڏامون تھ چڱو.“
ھيءَ صلاح سڀني ڪبوترن کي وڻي، ۽ ڄار کڻي اٿي اڏاڻا. ماريءَ
جڏھين ڏٺو تھ مار! منھنجو ڄار ئي کڻي ڀڄن ٿا،
تڏھين ڪاھي پٺيان پين. پر نيٺ جڏھين اھي پکي سندس
نظر کان لنگھي ويا، تڏھين ويچارو نراس ٿي پويان
پير ڪري موٽيو.
ڪبوترن، ھن کي ھٽندو ڏسي، خوش ٿي چيو ”اي بادشاھھ! شڪاريءَ تھ
اسان جي گوشت کائڻ جي آس ڦٽي ڪئي، ھاڻي چؤ تھ ڇا
ڪجي.“ تڏھين چتر گريو چيو ”اي ادا! دنيا ۾ ھڪڙا
ماءُ پيءُ ڏک ڀائي آھن، ڇاکون تھ او دل کان پنھنجي
اولاد کي گھرندا آھن، ٻيا دوست ۽ ٽيان اھي، جيڪي
ڪنھن سانگي سان دک ڀائي اچيو ٿين، پر ھن مھل اھي
ڪٿان اچن. تنھن ڪندي بھ منھنجو ھڪڙو دوست، ھر نڪ
نالي ڪئو، گندڪ نديءَ جي ڪنڌيءَ تي بچتر جھنگ ۾
رھندو آھي، جيڪڏھن اتي ان وٽ ھلي ٿا سھڙون، تھ
پوءِ اميد آھي تھ ھو اسان جو ڄار ڪتريندو.“
اھا ڳالھھ ٻڌي سڀ ڪبوتر ان ڪئي جي گھر ڏانھن ڪاھي اڏاڻا. ڪئي
جڏھين ھنن کي پريان ايندو ڏٺو، تڏھين ڊپ کان وڃي
ھڪڙي ٻِر ۾ لڪي ويھي رھيو. پر پوءِ جڏھين پنھنجي
دوست جو آواز سڃاتائين، تڏھين چوڻ لڳو. ”واه! مان
ڪو وڏي ڀاڳ وارو ٿو ڏسجان، جو اڄ منھنجو دوست چتر
گريو منھنجي گھر آيو آھي!“
موٽي جڏھين ٻاھر نڪري گھڻا ڪبوتر ھڪڙي ڄار ۾ ڦاٿل ڏٺائين، تڏھين
عجب کائي پڇڻ لڳو ”اي دوست! ھي ڇا آھي، سڀ ھن ڄار
۾ ڪيئن ڦاسي آيا آھيو؟“
چتر گريو چيس: ”اي ادا! ڪھڙي ڳالھھ ڪريان، ھي سڀ پنھنجو ڪيتو ٿا
لوڙيون، تون اسان جو ڦورو ڪين ڦولھھ.“
تڏھين ڪئو چوڻ لڳو ”سچ آھي سڀ جيئن ٿيڻو آھي، تيئن ئي ٿئي ٿو.
سک توڙي دک، خوشي توڙي رنج، سڀ ڪنھن کي پنھنجي
ثواب ۽ گناھھ سارو ملي ٿو.“
ائين چئي، چتر گريو جي پاسي وارو ڄار ڪترڻ لڳو. تڏھين چتر گريو
چيس ”ائين ڪرڻ نھ گھرجي، پھريائين منھنجي سنگتين
جي پاسي وارو ڄار ڪتر.“
ھرنڪ تڏھين چوڻ لڳو ”ھاڻي منھنجي ڏندن ۾ ايترو ست ڪو نھ رھيو
آھي، جو ھر ڪنھن جو ڄار جدا جدا ڪتريان.“
چتر گريو وري بھ چيس، تھ پھريائين ھنن جو ڪتر. تنھن تي ھرنڪ چيو
”پاڻ کي بند ۾ رکي، سنگتين کي ڇڏائڻ بھ ڪا مناسب
ڳالھھ آھي؟ سياڻن جي چوڻي آھي، تھ ڌن ۽ دوستن کي
ڪنھن اوکي ويل ٽارڻ واسطي رکبو آھي؛ يعني جان اھڙي
پياري شئي آھي، جنھن جي سنڀالڻ واسطي ڌن ۽ دوست
ٻيئي رکبا آھن پوءِ ڇو نھ انھي جان کي پھريائين
بچائجي؟“
تڏھين چتر گريو چيو، ”اي يار! اِھا ڳالھھ سچي آھي، پر مون کان
پنھنجي دوستن جو درد سٺو نٿو وڃي. سياڻا چئي ويا
آھن، تھ ھمدرد ماڻھو اھو آھي، جو پنھنجي مال ۽ جان
مان بھ نٿو ٽري. جتي ڏسي تھ انھن ٻنھي جي خرچڻ مان
ٻين جو ڀلو ٿي ٿو اچي. پوءِ آءُ بھ ائين ڇو نھ
ڪريان؟ ھي سڀيئي ذات جماعت ۾ مون جھڙا آھن، پوءِ
منھنجي مکپڻ مان ھنن کي ڪھڙو فائدو ٿيو، جيڪڏھن
آءٌ رڳو پڳو پنھنجي مطلب ڏي پيو ڏسندس؟ ري ڏني ري
ورتي ھي سڀ منھنجي خدمت ۾ رھن ٿا، ۽ مون کي
پنھنجو پريو مڙس ڪري مڃين ٿا، پوءِ جيڪڏھين منھنجي
جان وڃي، ۽ ھنن جو ڇوٽڪارو ٿئي، تھ بھ مون کي قبول
آھي، ڇو تھ ھن دنيا ۾ نيڪيءَ کان سواءِ ٻيو نيٺ ڇا
وڃي رھندو، حياتيءَ تي تھ پوري ھڪڙي دم جو بھ
ڀروسو ڪونھي.
ھيءَ ڳالھھ ٻڌي ھرنڪ ڏاڍو تپرس ۾ پيو ۽ چوڻ لڳو، اي يار! توکي
شاباس آھي، جو پنھنجن سنگتين تي ھيترو ساھھ ڏين
ٿو!“
آخر ھرنڪ سڀ ڪنھن جو ڄار جدا جدا ڪتريو، گھڻو آڌر ڀاءُ ڪيائين؛
۽ چتر گريو ڏي منھن ڪري چيائين ”اي يار! اوھين ڄار
۾ ڦاسڻ جو ڪو الڪو ڪو نھ ڪجو، ڇو تھ سختيون توڙي
نرميون سڀ ڪنھن تي ٿينديون پيون اچن.“
تڏھين چتر گريو چيو، ”اي ڀائرو! سياڻا ڪين ھئاسون جيڪڏھن ھجون
ھا، تھ ھوندي ماريءَ جي ور قيام نھ چڙھون ھا.“
تنھن تي ھرنڪ چيو، ”ائين نھ آھي، ڪک ھيٺ لک پيو
آھي، ڀڳوان جي ڳجھن ۾ ھن ھيڻيءَ ٻڌ جو ڇا وت آھي،
جو دخل ڪري سگھي! ھي فقط ڏينھن ڏينھن جو ڦير آھي.“
ائين چئي ھرنڪ ھنن کي کارائي پياري خوش ڪري ڪڍيو، ۽ پاڻ پنھنجي
ٻر ۾ پيھي ويو. ھو ڪانءُ، جو ڀنڀرڪي جو ماريءَ جو
منھن ڏسي، ان کي ڌڪاري، ڪبوترن جي پٺيان لڳو آيو
ھو، سو ھيءَ سڄي سر گذشت ڏسي حيران ٿي چوڻ لڳو
”ڏسو تھ سھي، دوستيءَ ۽ محبت مان ڪيترو نھ فائدو
ملي ٿو!“ ۽ ھرنڪ جي ٻر وٽ اچي ھري ھري چوڻ لڳس،
”اي ھرنڪ! آءٌ گھڻا ئي ملڪ گھميو آھيان، پر تو
جھڙو سچو دوست ڪٿي ڪو نھ ڏٺم. ھاڻي منھنجو ھڪڙو
عرض آھي، جيڪڏھن قبول ڪرين، تھ چوان؟“ |