سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: سڀا جو سينگار

 

صفحو :11

 

تڏھن ڪاٺڪٽي ڪانءَ کي سڏائي پڇيو تھ ”تو قاز سان اھڙي بڇڙي ھلت ڇو ڪئي؟ ھن تھ توسان ڪا برائي ڪانھ ڪئي ھئي. دنيا ۾ نيڪيءَ جو بدلو اھو آھي ڇا، جو تو ھن کي ڏنو؟“

ڪانءَ جواب ڏنو تھ ”حضرت، غلام سائينءَ جو نمڪ کاڌو ھو، تنھنڪري نمڪ حلالي ڪيم،  نھ تھ قاز جي چڱاين ڪرڻ ۾ ذري جو بھ شڪ نھ آھي: ھو خدا ترس عاقل ۽ عادل آھي، ۽ ڪڏھن بھ ڪنھن کي ھن نھ رنجايو. ھو مون تي ايترو مھربان ھو، جو مان ان جو بيان ڪري نٿو سگھان، ڇاڪاڻ تھ ھن وزير جي صلاح ڪڏھن بھ ڪين ٻڌي، ۽ سڀڪنھن حالت ۾ منھنجي ڳالھھ تي ائين لڳندو ھو، جيئن ھو ملتاني مزور لوٺين جي چوڻ تي لڳو ھو.“

تڏھن ڪاٺڪٽي پڇيو تھ ”اھا ڳالھھ ڪيئن آھي؟“

٢٩- ھڪڙو ملتاني، سندس ٻڪري ۽ چار لوٺيا

ڪانءَ چيو ”ٻڌو اٿم، تھ ھڪڙو ملتاني بازار مان ڪا ٻڪري ڳنھي، ان کي نوڙيءَ کان وٺيو گھر ھليو ٿي آيو. جڏھن پنھنجي گھر جي ويجھو اچي پھتو، تڏھن ڪن لوٺين واٽ تي بيھي پاڻ ۾ صلاح ڪئي، تھ ڪنھن ڇل سان ھن کان ھيءَ ٻڪري ڇڏائجي تھ چڱو، ۽ پاڻ ۾ ٺھراءُ ڪري پکڙجي رستي تي جاءِ بجاءِ بيھي رھيا.

جڏھن ھو ملتاني اڳڀرو آيو، تڏھن ھنن مان ھڪڙي ملاقات ڪري پڇيس تھ ”ادا! ھي نجس ڪتو توکي ڪٿان ھٿ لڳو آھي؟“

جواب ڏنائين تھ ”ھي ڪتو آھي ڪين ٻڪري؟ آءٌ تھ سامھون بازار مان ڳنھيو ٿو اچان.“ ائين چئي دل ۾ شڪ پيس، ۽ منھن ڦيري ٻڪريءَ ڏانھن نھاري معلوم ڪيائين، تھ ھيءَ برابر ٻڪري آھي. تڏھن ڪلھي تي کڻي اٿي ھليس.

اڃا پرڀرو ويو، تھ ٻئي سان ملاقي ٿيو، تنھن چيس تھ ”اي ملتاني ھن ڪتي کي ڪلھي تي کنيو ٿو وڃين، پر جي پيشاب ڪري ڏيئي، تھ سڀ ڪپڙا پليت ٿي پوندءِ.“ ملتانيءَ دل ۾ ويچار ڪيو، تھ اڳي ھڪڙو چئي چڪو، تھ ھيءُ ڪتو آھي، ھاڻي ٻيو بھ چوي ٿو تھ ھيءُ ڪتو آھي، تڏھن ڪلھي تان لاھي، وري نوڙيءَ کان وٺي ھليس.

اڃا ٿورو اڳڀرو ٿيو، تھ ٽيون پيرسن وڻ جي ھيٺان چوندو اٿيو، تھ ”اي سائين لوڪ! تون چريو تھ ڪين آھين، ڪي اکين جي نرت گھٽ ٿي اٿئي، جو ڪتي جھڙو پليت جانور ڪاھيو ٿو وڃين؟“

ھي سڀ ڳالھيون ٻڌي يقين ٿيس تھ ”شايد عقل يا نظر ۾ خلل ٿيو اٿم، جو ڪتي کي ٻڪري ڄاڻي ڳنھي اٿي ھليو آھيان.“ تڏھن امالڪ ٻڪريءَ جي نوڙي ھٿن مان ڦٽي ڪري ڪپڙن سوڌو درياءَ ۾ ٽٻي ڏيئي گھر ھليو ويو، ۽ ھنن لوٺين ٻڪري نيئي منجھانئس خوب چڙھھ ڪيا.“

تڏھن ڪاٺڪٽي چيس تھ ”قاز سان تو اھڙي حرڪت ڪئي آھي، جو ورلي ڪنھن سان ڪئي ھوندي.“

ڪانءَ چيو تھ ”اي بادشاھھ عقل وارا پنھنجي مطلب لاءِ دشمن کي وقت تي ٺاھيو ڇڏين، ۽ جڏھن غرض لھي رھين، تڏھن ھن کي ماريندي ويرم ئي ڪانھ ڪن. پر اوھان شايد نانگ ۽ ڏيڏرن جي آکاڻي نھ ٻڌي آھي.“

ڪاٺڪٽي پڇيو تھ ”اھا ڳالھھ ڪيئن آھي؟“

٣٠- نانگ ۽ ڏيڏر

ڪانءَ چيو تھ ”ھڪڙو ٻڍو نانگ، جنھن ۾ گھمڻ ڦرڻ جي توفيق ڪانھ رھي ھئي، سو ھڪڙي ڏينھن ڪنھن ڍنڍ جي ڪپ تي سري اچي نماڻو ٿي ويھي رھيو. ڏيڏرن جي بادشاھھ اھو حال ڏسي پڇيس تھ ”اي نانگ! توکي ڇا ٿيو آھي، جو ايترو دلگير ٿيو ويٺو آھين؟“

ھن چيس تھ ”تنھن ۾ تنھنجو ڙي ڇا! وڃي پنھنجي نبير.“

ڏيڏر وري چيو تھ ”اي نانگ! ناراض ڇاڪاڻ ٿو ٿين؟ جيڪڏھن ڪا شئي پاڻيءَ ۾ ڪري پيئي ھجيئي، تھ آءٌ پنھنجي لشڪر کي حڪم ڪريان تھ توکي ڳولي بجنسي آڻي ڏين؟“

ھن چيو تھ، ”اي ڏيڏر! ھن شھر ۾ ھڪڙي ٻانڀڻ جو ھڪڙو پٽ تمام خوبصورت ھو، تنھن کي مون ڏنگي ماريو ھو، جنھنڪري پڻس ڏک ۾ کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏنو. پر سندس ڀاءُ دڙ دلاسو ڏيئي نيٺ کارايس ۽ نصيحت ڪيائينس تھ ”ادا، سڀني جي واٽ اھا آھي، تنھن ۾ ايترو ارمان نھ ڪر.“

تڏھن برھمڻ اٿي کڙو ٿي چيو تھ ”اي ادا، آءٌ ھن ڳوٺ ۾ ڪين رھندس، ڇو تھ ھڪڙو سڪيلڌو پٽ ھوم، سو بھ مري ويم. ھاڻي منھنجو ھن شھر سان ڪھڙو ڪم آءٌ وڃي بنواسي ٿيندس.“

تڏھن ھن چيس تھ ”ڀائو ڏاڙھي ڪوڙائي ۽ ڪپڙا ڦاڙي جھنگ ۾ رھڻ ڪري ڪو ساڌو ڪونھ ٿو ٿئي، مگر جنھن جا ڪرم چڱا ھوندا، سوئي ٿيندو.“

”تنھن کان سواءِ اي ڏيڏر!“ نانگ چيو ”مون ھن وقت خواب لڌو آھي تھ ھڪڙو پوڙھو ۽ بزرگ ماڻھو مون کي چوي ٿو تھ ”ھن غريب برھمڻ جي ٻار کي تو ناحق ڏنگيو آھي، ۽ سڀاڻي قيامت جي ڏينھن ڏيڏر توتي چڙھندا، ۽ انھيءَ عذاب ۾ تون سدائين گرفتار رھندين. پر جيڪڏھن انھيءَ عذاب کان ڇٽڻ ڀانئين تھ جنھن ڍنڍ ۾ گھڻا ڏيڏر ھجن، تنھن جي ڪنڌيءَ تي وڃي ڏيڏرن جي سردار کي پٺيءَ تي چاڙھي گھماءِ.“

ڏيڏر ھيءَ ڳالھھ ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ پنھنجي دل ۾ چوڻ لڳو تھ ”واه خدا مون کي مفت جي سواري ٿو ڏئي، منھنجو ڀاڳ وريو ٿو ڏسجي.“ ۽ انھيءَ مھل لانگ ورائي نانگ جي پٺيءَ تي چڙھي ويٺو، ۽ چيائينس تھ ”فلاڻي ھنڌ منھنجو ھڪڙو دشمن آھي، اتي جي لشڪر سوڌو کڻي ٿو ھليم، تھ ھلي ٿا ماريونس.“

نانگ ھيءَ ڳالھھ مڃي، ۽ سڀني ڏيڏرن کي کڻي اٿي ھليو. جڏھن ان ڍنڍ کي ڇڏي پرڀرو ٿيو ۽ ڏٺائين تھ ھي ھاڻي ڀڄي تلاءَ ۾ پھچي ڪين سگھندا، تڏھن بھاني ڪبھاني ڏيڏرن کي ڪيرائي وڌائين.

ڏيڏرن جي بادشاھھ پڇيس، تھ تو ھي ڪيو ڇا؟ ھن چيو تھ ”مون کي بک لڳي آھي.“

تڏھن بادشاھھ چيس تھ ”منھنجي ھن فوج مان ٻھ- چار ڏيڏر کڻي کاءُ.“

نانگ چيو تھ ”اي بادشاھھ! لشڪر گھٽ ٿيڻ کان توکي مٺيان لڳندي.“

ھن جواب ڏنو تھ ”تنھنجي کائڻ کان منھنجو لشڪر گھٽ ڪين پوندو.“

تنھن تي نانگ ھر روز ٻھ- ٽي ڏيڏر کائڻ لڳو. نيٺ ٿورن ڏينھن ۾ سڀ کائي چٽ ڪيائين، باقي ھڪڙو بادشاھھ وڃي رھيو، تنھن کان پڇيائين ”سائين! اڄ آءٌ ڇا کان؟ مون کي بک لڳي آھي.“

ڏيڏر چيو تھ ”اي نانگ! ڪنھن ڍنڍ يا تلاءَ تي ھلي پنھنجو پيٽ ڀري وٺ.“

تڏھن ھن چيو تھ ”تنھنجي ساري لشڪر منھنجي پيٽ ۾ ڇانوڻي وڌي آھي، باقي اتي بادشاھھ جي گھرج آھي. اھا ڳالھھ جڳائيندي نھ آھي، جو بادشاھھ لشڪر کان پري رھي، تنھن ۾ جيڪڏھن اوھين بھ ھلي ان ڇانوڻيءَ ۾ داخل ٿيو تھ چڱو آھي.“

تڏھن ھو پنھنجو موت سمجھي ماٺ ڪري ويھي رھيو، ۽ نانگ کيس پٽ تي اڇلائي پڇڙيءَ سان خوب سٽي کائي ڇڏيو.

”سو اي بادشاھھ! جيڪو دشمن جي ڳالھھ تي لڳي ٿو، تنھن کي بڇڙائي آڏو اچي ٿي. تنھنڪري ھاڻي اوھان کي گھرجي، تھ قاز سان ميلاپ ڪريو.“

ڪاٺڪٽي چيو تھ ”اي ڪانءَ! مون ڪيترا ھن جا ڀائر ۽ نوڪر چاڪر ماريا آھن، ۽ مون ھن جو ملڪ ورتو آھي ۽ ھن تي غالب ٿيو آھيان، تنھنڪري ھن کي گھرجي تھ ڪپڙو ڳچيءَ ۾ وجھي، اچي مون کان بخشائي.“ اڃا انھيءَ ڳالھھ جي مھاڙ ۾ ھئا، تھ ھڪڙي جاسوس اچي سلام ڪري عرض ڪيو تھ ”سائين، غافل ڇو ويٺا آھيو، مھاٻل ڪلنگ، چيھي وزير جو ڀاءُ، قاز بادشاھھ جو ڪيترو لشڪر وٺي اوھان جي ملڪ تي چڙھي ڪري اچي ٿو. اھو لشڪر جيڪڏھن ھتي آيو، تھ پنھنجو سڄو ملڪ ۽ رعيت چٽ ڄاڻجو.“ تنھن تي ڪاٺڪٽي وزير کي چيو تھ ”پنھنجي ملڪ کي پشتي ڏيئي ڪنھن بھ صورت ۾ قاز جي ملڪ کي ناس ڪندس.“

ڪرگس چيو تھ ”اي بادشاھھ! يڪدم دشمن تي ايتري اٽل ڪري پوڻ صلاح جي ڳالھھ نھ آھي. جيڪڏھن جنگ جي ارادي اوھين وڃي مھاٻل ڪلنگ سان سامھون ٿيندؤ، ۽ قاز وري ھيڏي اسان جي ملڪ تي چڙھي ڪري اچي، تھ دوطرفيءَ جنگ مان اوھين ڪوبھ مطلب پورو ڪري ڪين سگھندو، ۽ اھڙي پشيماني حاصل ٿينديو، جھڙي ھن برھمڻ کي ٿي ھئي.“

ڪاٺڪٽي پڇيو تھ ”اھا ڪيئن آھي؟“

٣١- برھمڻ، سندس ٻار ۽ نور

ڪرگس چيو، ”مون ٻڌو آھي تھ ڪنھن برھمڻ ھڪڙو نور پاليو ھو. ھڪڙي ڏينھن ڇا ٿيو، جو ھن جي گھر ۾ پنج- ست مھمان اچي سھڙيا. ان وقت ھي برھمڻ درياءَ تي اشنان ڪرڻ لاءِ ويو ھو. برھمڻي ويچاري ڏاڍي حيران ٿي چوڻ لڳي تھ ”ھاڻي جيڪڏھن ھن ٻار جي ٿي ڪريان، تھ مھمانن جي خاطرداري نٿي پڄيم، ۽ جي مھمانن جي سڌ ٿي لھان، تھ ٻار ٿو ھيڪلو رھيم. تڏھن خيال ڪري نور کي ٻار وٽ سنڀال لاءِ ڇڏي پاڻ مھمانن جي ڪم ۾ وڃي لڳي.

ھن جي وڃڻ کان پوءِ ٿوري وقت ۾ ھڪڙو ڪارو نانگ ان ٻار کي ڏنگڻ لاءِ آيو. نور ڏسنديئي جھٽ ھڻي نانگ ماري ٽڪر ٽڪر ڪري رت ۾ ڀريل وات سان ٻاھر نڪتو.

برھمڻ اشنان ڪيو لوٽو ھٿ ۾ ۽ انگوڇو ڪلھي تي رکيو ان مھل موٽيو ٿي، ۽ ايندي سان نگاھھ نور تي پيس. ھن جو وات جو رت ۾ ڀريل ڏٺائين، تنھن تي شڪيو، تھ منھنجي ٻار کي ماري، ان جو رت پِي آيو آھي، ۽ اتي جو اتي جھلي ان کي ماري ڇڏيائين، ۽ گھر ۾ اچي وري ڇا ٿو ڏسي، تھ ٻار صحيح سلامت آھي، پر ھڪڙو نانگ ان جي اڳيان مئو ٽڪر ٽڪر ٿيو پيو آھي. تڏھن ڏاڍو ارمان کاڌائين، ۽ ايترو رنائين جو رئندي رئندي بيمار ٿي پيو.

”سو، اي بادشاھھ بنان انديشي ڪم ڪرڻ مان آخر ڦل پشيماني آھي.“ ڪاٺڪٽي چيو، تھ ”اي وزير! ڀلا ڪنھن کي موڪل تھ قازن سان سلوڪ ڪري اچي.“

ھن وراڻي ڏني تھ ”منھنجي وڃڻ ڌاران پٽيءَ ڪنھن سان بھ صلح نھ ٿيندو.“ ڪاٺڪٺي جواب ڏنو تھ ڀلا جئين چڱو لڳئي تئين ڪري“

تڏھن ڪرگس حڪم وٺي قاز وٽ آيو ۽ نھايت ادب سان سلام ڪري پيرن تي ڪري پيس. قاز کيس پيار سان ڇاتي سان لاتو ۽ گھڻو آدر ڀاءُ ڪيو. جڏھن خوش ٿي ويٺا، تڏھن قاز ڪرگس کي چيو تھ ”اي ڪرگس! چڱو ٿيو، جو تون مون وٽ آئين، نھ تھ مھاٻل ڪلنگ جو لشڪر اوھان جي بادشاھھ جو سمورو ملڪ اجاڙ ڪري ڇڏي ھا، ۽ منھنجو ملڪ ۽ قلعو جو توھان جي ھٿ ۾ آيو آھي، سو فقط ھن ڪانءَ جي بي ايمانيءَ کان، نھ تھ ڪير منجھس دخل ڪري سگھي ھا. ان فساديءَ جي مڪر ۽ فريب کان آءٌ ڏاڍو رنج آھيان.“

ڪرگس عرض ڪيو تھ ”مون پنھنجي بادشاھھ کي ھر طرح ھيٺ مٿي جون ڳالھيون ٻڌائي، صلح جي ڳالھھ تي آندو آھي.“

قاز بادشاھھ ھن گفتگوءَ کان ڏاڍو خوش ٿيو ۽ راضي ٿيو، ۽ چيائين تھ ”اي ڪرگس! خبر ڏي تھ ڪاٺڪٽي توکي صلح جي لاءِ ڪيئن موڪليو؟“ ھو ھيءَ ڳالھھ ٻڌي ماٺ ۾ رھيو.

بادشاھھ وري چيو تھ ”آءٌ ڄاڻان ٿو تھ تنھنجي بادشاھھ مھاٻل ڪلنگ جي دھشت کان توکي صلح واسطي موڪليو آھي.“

ائين چئي ڪرگس کي انعام اڪرام ڏنائين، تنھن کان سواءِ ڪيترا اٺ جواھرن سان لڏيل، قسمين قسمين ڪپڙا ۽ تازي ترڪي گھوڙا ڪاٺڪٽي واسطي سوغات ڏئي ھن کي موڪل ڏنائين. جڏھن ھي سڀ مال متاع ڪرگس کڻي آڻي ڪاٺڪٽي جي اڳيان رکيو، تڏھن ڪاٺڪٽو اھو ڏسي نھايت خوش ٿيو.

ڪرگس عرض ڪيو تھ ”اي بادشاھھ! آءٌ نھ وڃان ھا تھ ڏاڍي جٺ ٿئي ھا، ڇو جو مھاٻل ڪلنگ جو اٿاھھ لشڪر اوھان جو ملڪ ڦري چٽ ڪري ڇڏي ھا، ھاڻي شڪر ٿيو، جو صلح جو ڪم جلد پورو ٿيو، جيئن اوھان وٽ فوج ۽ رسد گھٽ ھئي، ۽ مھاٻل ڪلنگ جو لشڪر نھايت گھڻو ھو. انھيءَ طرح سان ھن ڏاھي وزيرن جي ڪوشش سان ٻنھي بادشاھن ۾ صلح ٿيو ۽ ٻيئي وري پنھنجي پنھنجي ملڪ کي سنڀالڻ لڳا. ۽ پڻ اھو پڪو پرن ڪيائون تھ اڳتي ٻگھھ جھڙن ٻچاپڙن جي بيوقوفيءَ ۾ اچي ناحق پاڙيسرين سان جنگ ڪانھ ڪبي، ڇاڪاڻ تھ جيڪي امن ۾ آھي ،سو جنگ ۾ ڪونھي.

”ھي داستان پورو ڪري وشنو سرمان چوڻ لڳو تھ ”راجڪمارؤ! اوھين اھي سڀ ڏاھپ جون ڳالھيون دل سان ھنڊائيندؤ ۽ وري وري ياد ڪندا رھندؤ تھ نھايت خوش رھندؤ ۽ اوھان جو اقبال ڏينھون ڏينھن وڌندو ويندو.“

ان کان پوءِ جڏھن راجا پنھنجي پٽن جو امتحان ورتو ۽ کين بار بار پرکيو، تڏھين سندن لڇڻن ۽ سمجھھ ۾ تبديلي آيل ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ وشنو سرمان کي تمام گھڻو انعام اڪرام ڏيئي راضي ڪيائين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com