سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: سڀا جو سينگار

 

صفحو :4

 تنھنڪري اي دوست! شوم شاھوڪار پنھنجي ڌن جو رڳو واھي آھي ۽ نھ مالڪ. اھڙي شوم کان بيگاري ڀلو آھي، جنھن کي ٿورو توڙي گھڻو ملي ٿو، سو آڻي پنھنجي ٻچن سان ونڊي کائي، بي اونو ٿي ننڊ ڪري ٿو. بخيل شاھوڪار رات ڏينھن پنھنجي ڌن جي موھھ ۾ ڦاٿل رھي ٿو، ۽ اٺئي پھر اھو ڊپ اٿس تھ متان ڪو پئسن جي لالچ تي مون کي ماري وجھي. پر تو جيڪس ھن لوڀيءَ گدڙ جي ڳالھھ نھ ٻڌي آھي؟“

تڏھن ھرنڪ پڇيو، تھ ”اھا ڳالھھ ڪيئن آھي؟“

٥– لوڀي گدڙ ۽ ڪمان جو زھھ

ڪڇؤنءَ چوڻ لڳو، ”ماڻڪپور نالي ھڪڙو شھر ھو، تنھن ۾ پرمان نالي ھڪڙو حاڪم رھندو ھو. ھڪڙي ڏينھن اھو حاڪم گھوڙي تي چڙھي، ڪنھن جھنگ ۾ شڪار جي ڳولا لاءِ ويو، ۽ ويندي شرط ھرڻ ڏٺائين، تنھن کي ٺھھ پھھ گھوڙي تان لھي سيڱ سنئين ڪري، نشان چٽي تير ڪشيائين. ھرڻ تير لڳندي ڪري پيو، تنھن کي ھو حاڪم ڪلھي تي کڻي گھوڙي ڏانھن ھليو. انھي وچ ۾ جان ڏسي، تھ ھڪڙو سوئر بھ ھليو ٿو وڃي. تڏھن ھرڻ کي ڪلھي تان لاھي پٽ تي رکي ھري ھري ڪري سوئر ڏانھ نوڌيو. جڏھن ويجھو پيس، تڏھن ڪشي ھڪڙو تير ھن کي بھ ھڻي ڪڍيائين. سوئر بھ گھور ڪري موٽ کائي، ان حاڪم کي يڪدم جھلي ماري وڌو، ۽ پاڻ بھ اتي جو اتي مري ويو.

ٿوريءَ ويرم کان پوءِ ھڪڙو لوڀي گدڙ اتي آيو، ۽ ھيترو سارو شڪار ڏسي سرھو ٿي دل ۾ چوڻ لڳو تھ اڄوڪي ڏينھن جيترو شڪار اڳي ڪڏھن بھ ڪونھ ھٿ لڳم، ھاڻي گھڻائي ڏينھن پيو کائيندس ۽ ڪباب لاءِ بھ چڱو چڱو گوشت چونڊي سڪائي رکندس. اھو ويچار ڪري پھريائين ڪمان جي زه کي چٻاڙڻ لڳو. ڪمان تھ ھئي چڙھيل، جھڙو اڃا زه ۾ چڪ ھنيائين، تھڙو ڪمان جو گوشو زور سان اٿلي، سندس ڇاتيءَ ۾ وڃي لڳو ۽ پاڻ اتي ئي ڪري ساھھ ڏنائين.

ھاڻي ڏس، تھ جيڪڏھن گدڙ ايتري ڪنجوسي  نھ ڪري ھا، ۽ گوشت کي اڳتي لاءِ آذقو ڪري زه ۾ وات نھ وجھي ھا، تھ جيڪر ڇو ائين مري ھا؟ تنھنڪري ڌن ميڙڻ واري کي گھرجي، تھ ٿورو بچائي، ٻيو سڀ کائي ۽ خيرات ڪري. پر ھاڻي گذريل ڳالھھ تي ارمان کائڻ اجايو آھي، جيڪڏھن وڃايل ڌن کي ڪڙھندين، تھ شايد ان ڏک ۾ مري ويندين، ۽ خلق بھ پاڻ تان کلائيندين، تنھنڪري ارمان ڪونھ کاءُ، جي سر سلامت آھي تھ ڌن ججھو ئي ٿي پوندو. ڏک ڪرڻ مان ڪي ڪين وٽيندين، اٽلندو پنھنجو ماس ڳاريندين. وڃايل ڌن کي اھڙو سمجھھ، جھڙو ڪپيل وار، يا ننھن، يا ڏند کي سمجھبو آھي. ھڪڙي پروردگار کي ياد ڪر، جو سڀ ڪنھن کي روزي ڏيندڙ آھي. ڏس تھ سھي، تھ ٻار اڃا ماءُ جي پيٽ ۾ ئي آھي، تھ ان لاءِ قوت اڳيئي ٿو تيار ڪري، تنھن ۾ ھي گھر پنھنجو ڪري ڄاڻ ۽ اتي ئي گذار.

لگھپتنگ ڪانءُ ھي ڳالھيون ٻڌي سرھو ٿي ڪڇؤنءَ جي واکاڻ ڪرڻ لڳو، ۽ چيائين تھ ”جھڙي طرح ھاٿيءَ کي ڌٻڻ مان ھاٿي ڪڍندو آھي، تھڙي طرح ھن خاندان (ھرنڪ) ڪئي کي تنھنجا ئي ھٿ نصيب ٿيندا.“

اھي ڳالھيون ڪري ڪانءُ، ڪڇؤن ۽ ڪئو،  ٽيئي يار پاڻ ۾ گڏجي ھڪ ھنڌ گذارڻ لڳا. ھڪڙي ڏينھن ڇا ڏسن، تھ ڪو ھرڻ ڏانھن ڊوڙندو ٿو اچي، تنھن کي ڏسي ٽيئي اٿي ڀڳا. ڪڇؤن درياھھ ۾ گھڙي ويو، ڪئو ٻِر ۾ پيھي ويو، ۽ ڪانءُ اڏامي وڻ تي وڃي ويٺو. نيٺ جڏھن ڏٺائون، تھ ھرڻ جي پٺيان ڪا بھ پھر ڪانھ ٿي اچي، تڏھن ڪانءُ ھڪل ڪئي، جنھن تي ٽيئي يار اچي گڏ ٿيا. پوءِ ھرڻ کان پڇيائون تھ ”تنھنجي پٺيان تھ ڪو بھ ڪونھ ٿو ڏسجي، تون ڇاڪاڻ سھڪندو ٿو اچين؟“

ھن جواب ڏنو، ”مون کي ڪن شڪارين اچي ورايو ھو، تن جي ڊپ کان ڀڳو آھيان. ھاڻي منھنجو ارادو آھي، تھ باقي عمر جا چار ڏينھن اوھان جي سنگت ۾ گذاريان؟“

تڏھن ڪڇؤن ڪئي ڏي نھارڻ لڳو. ڪئي چيو، ”ھاڻي جي تون ڊڄي اسان وٽ ڀڄي آيو آھين، تھ خاطر جمع ڪر. اسين سڀ پاڻ ۾ نيڪ توڙي بَد ٻنھي ۾ ھڪٻين جا ساٿي آھيون؟“

اھا ڳالھھ ٻڌي ھرڻ گھڻو خوش ٿيو ۽ اچي وڻ ھيٺ يارن سان گڏجي ويٺو. تڏھن ڪڇؤنءَ پڇيس، ”اي يار! اھي شڪاري ڪير ھئا ۽ ڏٺئن ڪٿي؟“

ھن وراڻي ڏني، ”اھي راجا جا پٽ ملڪ جا حاڪم آھن، ۽ پنھنجي لشڪر سوڌو ڀاڳيرتي نديءَ جي ڪنڌيءَ تي اچي لٿا آھن. جي مون ٻڌو تھ سڀاڻي ھن تلاءُ ۾ مڇيءَ جو شڪار ڪرڻ اينا.“

اھا ڳالھھ ٻڌندي ئي ڪڇؤنءَ کي اچي ڊپ ورتو ۽ چوڻ لڳو، تھ سڀاڻي جي اچي مڇيون سڀ ماري کنيو ٿا وڃن، تھ منھنجو ھن تلاءُ ۾ گذران ڪيئن ٿي سگھندو؟ شايد آءٌ بک جي وگھي مري ويندس، تنھنڪري ڇو نھ وڃي ڪو ٻيو تلاءُ وسايان؟“

ڪانءُ ۽ ھرڻ کي اھا ڳالھھ وڻي، پر ھرنڪ خيال ڪري چيو تھ ”خشڪيءَ تان ھلڻ ھن کي ڏاڍو اڻانگو لڳندو، تنھن ۾ جيڪڏھين ترڻ جي واٽ مليس تھ چڱو، نھ تھ اھڙو پڇتائيندو، جھڙو ھن ھاٿيءَ گدڙ جي ڊول ۾ ڦاسي پڇتايو ھو.

تڏھن ھنن پڇيو تھ ”اھا ڳالھھ ڪيئن آھي؟“

٦ – ھاٿي ۽ گدڙ

 ھرنڪ چيو ”ٻڌو اٿم تھ ڊنڊڪارن نالي ھڪڙو جھنگ آھي، تنھن ۾ دولتلڪ ھڪڙو مست ھاٿي رھندو ھو. اڻ کي ڏسي، ڪن گدڙن ھيءُ پھھ ڪيو، تھ ھن سان ڪو ڊول ڪري، سند ماس مان ٻن – ٽن مھينن تائين پيو کائجي.

تڏھين انھن مان ھڪڙي گدڙ چيو، ”اي يارو! توھين ڇٽا آھيو، آءٌ ھن ھاٿيءَ کي پاڻيھي سياڻپ سان ماريندس.“

ائين چئي ٺھھ پھھ اٿي ھليو. جڏھين ھاٿيءَ وٽ آيو، تڏھين سلام ڪري پريؤن ادب سان بيھي رھيو. ھن پڇيس .تون ڪير آھين، ۽ ڪٿان ٿو اچين؟“

عرض ڪيائين تھ ”مون کي گدڙن ۽ ٻين مرن جي بادشاھن توھان جي خدمت ۾ موڪليو آھي، ۽ نياپو ڏنو اٿن، تھ اسان جي مرضي آھي تھ توھان کي ھن جھنگ جو شھنشاھھ ڪريون، سو جيڪڏھن اوھان کي قبول ھجي، تھ دير نھ ڪريو، اٿي ھلو، سڀ بادشاھ جانورن سوڌا توھان لاءِ منتظر ويٺا آھن.“

ھاٿي ھيءَ ڳالھھ ٻڌي بود ۾ اچي اٿي ھليو. گدڙ حرفت ويڙھائي ڍنڍ جي واٽ ورتي، جتان گھڻي ڌٻڻ ھئي ۽ پنھنجي بدن جي ھلڪائيءَ جي سببان اڦونگڙو ڌٻڻ تان لنگھي وڃي پار بيٺو. پوءِ ھاٿيءَ کي سڏ ڪري چيائين ”ھاڻي توھين نڪ سامھون ھليا اچو، پاڻي بلڪل ننڍو آھي.“

ھاٿي تھ تمام ڳورو ھو، سو جھڙو ھن پير رکيو، تھڙو ڌٻڻ ۾ گپي پيو. تڏھن پڇڻ لڳو، ”اي سنگتي! ھاڻي ڪيئن ڪريان؟“

گدڙ چيس، تھ ”ھاڻي منھنجي پڇ کي ڇڪي جھليو، تھ آءٌ توھان کي انھيءَ ڍنڍ مان ڪڍي وٺان.“

تڏھين ھاٿيءَ چيو، ”اي نادان! تنھنجي ڪا ھتي جاءِ آھي، جو مون کي ڪڍندين؟“

گدڙ چيو ”سائين جيڪڏھن حڪم ڪري، تھ آءٌ ٻين گدڙن کي بھ گھرائي وٺان؟“

پوءِ جيئن ٻڏندو ماڻھو ٻوڙا جھلي، تيئن ھاٿي بھ اھڙو اچي ڦاٿو ۽ ورتو جو چيائين، ”چڱو ڀلا، سڏي وٺين.“

گدڙ ڊوڙي ھنن سڀني کي وٺي آيو، ۽ پاڻ ھاٿيءَ جي سامھون بيھي ٻين کي چيائين تھ پٺيان بيھي چڪ ھڻي ماس کائوس.

”تنھن ۾،“ ھرنڪ چيو، ”جيڪڏھين ڪڇؤن سڪي جي واٽ ھلندو، تھ جيئن ھاٿي ڌٻڻ مان ھلي پشيمان ٿيو ھو، تيئن ھي بھ ٿيندو.“

پر ڪڇؤنءَ جي دل کي اھڙي ڀئتا اچي ورتو ھو، جو ھرنڪ جو چوڻ ٻڌو اڻٻڌو ڪري، ھرڻ ۽ ڪانءَ جي صلاح وٺي، اھو تلاءُ ڇڏي اٿي ھليو. ۽ ڪانءُ ۽ ھرڻ ۽ ڪئو ٽيئي سندس پٺيان لڳا.

اڃا ڪوھھ کن پنڌ جو مس ڪيائون، تھ واٽ تي ڇا ٿا ڏسن، جو ھڪڙو شڪاري تير ڪمان ھٿ ۾ کنيو ٿو اچي. تڏھن ھر ڪو اٿي ڀڳو، ھرڻ ڀڄي ويو جھنگ ۾، ڪئو ٻر ڏسي ان ۾ پيھي ويو، ڪانءُ وڻ تي وڃي ويٺو؛ باقي رھيو ڪڇؤن، تنھن کي سڪيءَ تي ڀڄڻ جي واھھ ئي ڪانھ ملي، ۽ ھو اتي جو اتي رھجي ويو. شڪاري ان کي جھلي، ھٿ پير ٻڌي ڪمان جي گوشي ۾ لٽڪائي، ڪلھي تي رکي اٿي گھر ڏي ھليو.

جڏھن ٽنھي يارن ڏٺو تھ مار! ويچارو ڪڇؤن جھلجي پيو، تڏھن بيھي روئڻ پٽڻ لڳا. ڪئو چوي، ”اي يارو! مون تھ اوھان کي اڳي ئي ٻڌايو ھو، تھ خشڪيءَ تان ھلڻ ۾ ڪڇؤنءَ جي سلامتي نھ آھي. ھاڻي ڳڻتيءَ ۽ فڪر مان ڇا وٽيندو. بھتر آھي تھ ڪا تجويز ڪريو، جنھنڪري ويچاري ڪڇؤنءَ جو ڇوٽڪارو ٿئي.“

ڪانءَ ۽ ھرڻ چيو، ”اي ھرنڪ! تنھنجي تجويز ڌاران اسان کي تھ ھن جو ڇٽڻ ڏکيو پيو ڏسڻ ۾ اچي.“

تڏھين ڪئي چيو، .اي ھرڻ! ٿورو اڳڀرو ھلي، جتي تلاءُ ڏسين، تتي منڊڪائي بيھي رھج؛ پوءِ جڏھن ڏسين تھ شڪاري تير کنيو تنھنجي پٺيان اچي ٿو، تڏھين پھريائين ھري ھري منڊڪائي وک کڻج، پوءِ اٿي تکو ڀڄج.“ ھرڻ ھي ڳالھھ قبول ڪئي.

جڏھن ھو شخص ڪڇؤنءَ کي ڪلھي تي کڻي تلاءَ وٽ آيو تڏھن پريان ڏٺائين تھ ھڪڙو منڊو ھرڻ ھليو ٿو وڃي، ۽ رکندي ئي ڪڇؤنءَ کي پٽ تي، اٿي ھرڻ جي پٺيان پيو. ٿورو پرڀرو ٿيو تھ ڪئي پٺيان اچي ڪڇؤنءَ جي نوڙي ڪتري ھرڻ کي سڏ ڪري چيو، تھ ”اي ھرڻ! ڪڇؤن صحيح سلامت پاڻيءَ ۾ وڃي پھتو، ھاڻي ڀڄڻو ھجيئي، تھ ڀڄ.“

اھو پڙلاءُ ڪن تي پوڻ شرط ھرڻ اٿي ڀڳو ۽ شڪاري نراس ٿي پٺتي موٽيو. جانچي ڏسي، تھ مار! ڪڇؤن بھ ڪونھي،تڏھين پشيمان ٿي چيائين تھ سچ چيو اٿن ”جو اڌ کي ڇڏي سڄيءَ ڏي ڊڪي، تنھن کي سڄي تھ نھ ملي، پر ان اڌ کي بھ سڪي.“

نيٺ ارمان کائيندو کائيندو ھليو ويو ۽ ھو چارئي يار ان مڪان کي سڀاڳو سمجھي اتي گذارڻ لڳا.

جڏھن وشن شرما پنڊت ھيءَ ڳالھھ پوري ڪئي، تڏھين راجا جا پٽ ڏاڍيءَ خوشيءَ سان ھن جا شڪر گذار ۽ احسانمند ٿيا.

 

باب ٻيو

 ]دوستن جي وچ ۾ وڇوڙي پوڻ بابت.[

 

٧– ٻھ ڍڳا، ٻھ گدڙ ۽ ھڪڙو شينھن

پنڊت چيو تھ ”چندر پور شھر ۾ ڀاڳڀريو نالي ھڪڙو شاھوڪار رھندو ھو، اھو جڏھن ڪڏھن پاڻ کان ڪو وڌيڪ دنيادار ڏسندو ھو، تڏھن پاڻ کي کٽل سمجھي، دل ۾ ھيءُ ويچار ڪندو ھو تھ ڪنھن پاسي نڪري وڃي وڻج ڪريان، ڇو تھ سياڻن چيو آھي، تھ ”گھر ويٺي ڌن نٿو مڙي.“ ۽ ھيءَ دنيا بھ ھاڻي اھڙي انڌي ٿي پيئي آھي، جو نڪي ڏسي ذات نڪي ڏسي ڪذات؛ ”ان پلي، ذات ڀلي“، جنھن وٽ چار ڏوڪڙ آھن، تنھن کي سڀڪو پيو آڌرڀاءُ ڪري، تنھنڪري ڪي چار پئسا ھٿ ڪريان تھ چڱو.“

اھو خيال ڪري، ھو شاھوڪار بازار مان ٻھ ڍڳا ڳنھي آيو، تن منجھان ھڪڙي جو نالو رکيائين سنجوڳھ ۽ ٻئي جو نندوڪ. ائين بندوبست ڪري ھر قسم جا جواھر، ۽ طرحين طرحين جا زري زربغت خرزينن ۾ ڀري انھن ٻنھي ڍڳن تي لڏي ڪشمير ڏي اٿي ھليو.“

اڃا اٽڪل ويھھ – ايڪيھھ منزلون مس ڪيائين، تھ ھڪڙي ھنڌ سنجوڳھ ڍڳي جي ٽنگ ٿاٻڙجي ضربجي پيئي ۽ ھو ھلڻ کان چڪي پيو. تڏھن ھن سوداگر کي البت ويچار ٿيو، ۽ چيائين تھ ھيءُ منھنجي چريائي چئبي، جو مايا ميڙڻ واسطي ڪاھي ٻاھر نڪتو آھيان. جيڪي قسمت ۾ لکيل ھوندو، سو اوس ملندو، اندر گذاربو تھ ڇا، جي ٻاھر گذاربو تھ ڇا! وري اھا ڳڻتي اچي لڳيس، تھ ھاڻي ھيءُ مال ۽ اسباب ھتان ھڪڙيءَ ريت نيان. انھيءَ ويچار ۾ ٻھ – ٽي ڏينھن جھنگ ۾ پئجي ويس.

نيٺ اوچتو ھڪڙي ڏينھن ڪي سوداگر مال وڪڻي، خالي ڍڳا وٺي اچي اتي نڪتا، تن کي ڏسي ھن روئي وڃي پنھنجو سربستو حال ٻڌايو. سوداگرن کي ھن غريب واپاريءَ تي ڪھل آئي ۽ پنھنجن ڍڳن مان ھڪڙو ڇوڙي ڪري ڏنائونس. ھيءُ ان تي خرزين لڏي سنجوڳھ کي ڇڏي پنھنجي واٽ وٺي ھليو ويو.

سنجوڳھ ٻھ – ٽي مھينا ڇيڪ ڇڙيل، نھ نڪ ۾ نٿ نھ پيرن ۾ نوڙي، وتيو خوب چرندو ۽ کائيندو، سرسبز وسڻ جھڙا ساوا گاھھ، جي ڪنھن سپني ۾ مس ڏٺا ھوندا، سو ٿورڙئي ڏينھن ۾ اھڙو متارو ٿيو، جو سڃاڻڻ ۾ نھ پئي آيو.

ھڪڙي ڏينھن نديءَ جي ڪنڌيءَ تي بيٺي چريائين تھ ھڪڙو شينھن، ان جھنگ جو بادشاھھ، بھ اچي اتي پاڻي پيئڻ واسطي پر گھٽيو. سنجوڳھ ھن کي ڏسي مستيءَ ۾ اچي ڪڏڻ ۽ سڱن سان زمين کوٽڻ لڳو، ۽ جيئن اڀ گجي، تيئن رنڀڻ شروع ڪيائين. شينھن ھيءُ روبڪار ڏسي ڊڄي اٿي ڀڳو ۽ اچي پنھنجي چر ۾ لڪو، ۽ دل ۾ چيائين، تھ اڄ ڀڳوان کڻي بچايو اٿم. مون بھ ھيترا ڏينھن ھن جھنگ ۾ بادشاھي ڪئي، پر اھڙي ھيبتناڪ بلا ڪڏھن بھ ڪانھ ڏٺيم!

انھيءَ فڪر ۾ ويٺو ھو، تھ دوتڪ ۽ ڪرتڪ گدڙن، جي ڪن ڏينھن کان اڳي سندس وزير ھئا، پر ڪنھن سبب ڪري وٽانئس موقوف ٿي نڪتا ھئا، شينھن کي پاڻي نھ پيئندو ۽ اڃايل موٽي ويندو ڏسي، پاڻ ۾ صلاح ڪئي، تھ ڇو نھ ھلي شينھن کان سڌ سماءُ لھون، تھ ڇاڪاڻ تھ ائين اڃايل ئي موٽيو، ۽ ڇاڪاڻ اداس ٿيو آھي. امڪان آھي تھ انھيءَ ڳالھھ ۾ ھو خوش ٿيندو، ۽ اسان کي موٽي ڪيئن بھ ڪري ساڳيا عھدا آڇيندو.

ڪرتڪ چيو، ”ڪيترا ڏينھن گذري ويا آھن، جو اسين ھن وٽان موقوف ٿي نڪتا آھيون، پوءِ اسان کي ڪھڙي گتي پيئي آھي، جو ھن وٽ ھلون؟ ھو ڄاڻي، ھن جو ڪم ڄاڻي. ۽ چيو اٿن تھ ”جنھن جي واٽ نھ وڃجي، تنھن جو پنڌ بھ نھ پڇجي.“ ڀڳوان اسان کي بنان منٿ بنان محتاجيءَ پيو سکيو سھنجو ھلائي، پوءِ ڇاڪاڻ ھلي ھن جي ڪاڻ ڪڍون؟ ھن جي نوڪري ڪرڻ تھ ھاڻي پاڻ کي مور ڪين ٿي اجھي، ۽ جو شخص مرضي نھ رکي، تنھن جي نوڪري ڪرڻ تھ نسوري مورکائي آھي، ڇالاءِ تھ پنھنجيءَ دل جھڙو بادشاھھ ڪو ڪونھي، تڏھن پوءِ ڇو ان کي ناراض رکي، ٿورڙيءَ ڳالھھ واسطي وڃي ٻئي جي غرضا ڪڍجي؟ تنھن کان سواءِ نوڪريءَ ۾ پنھنجو ذرو بھ وس نٿو ھلي: سردي توڙي گرمي – مينھن توڙي جھڙ – جھنگ توڙي پٽ – اھي سڀ نوڪرن کي ڏسڻا ٿا پون. ۽ جيتري پنھنجي ڌڻيءَ جي ڪاڻ ڪڍڻي ٿي پوي، اوتري ھوند ڀڳوان جي ڪڍجي، تھ ملائڪن جي درجي کي پھچي وڃجي. ٻيو تھ نوڪري جيئري ئي جنجال آھي، ڇاڪاڻ تھ جيڪڏھن ڌڻي نوڪر کي حڪم ڏئي تھ فلاڻي ھنڌ وڃ، پوءِ توڻي ان رستي تي مارجڻ جو ڊپ ھجي، تھ بھ ھو لاچار ھليو وڃي ٿو.

دوتڪ چيو، ”اي يار! جيستائين نوڪري نھ ڪبي، تيستائين ڪٿان مرتبو ملندو، ڪٿان ھاٿي ۽ گھوڙا ٿيندا، ۽ ڪٿان نالو نڪرندو، ۽ اسان ڪيترا ڏينھن ھن شينھن جو نمڪ کاڌو آھي، تنھنڪري گھرجي تھ ھلي ھن کان حال احوال پڇون.“

ڪرتڪ چيو تھ منھنجي صلاح نھ آھي تھ ڪي اڻ ڪرتيا وٽس ھلون، يا بنان پڇيءَ ڪي ھلي چئونس، ڇو تھ اھو ڪم ھاڻي ٻين جو آھي. جي اسين ان ۾ ھٿ وجھنداسون، تھ اسان سان بھ حال اھڙو ٿيندو، جھڙوھن ڀولڙي سان ٿيو ھو.“

دوتڪ پڇيو تھ ”اھا ڳالھھ ڪيئن آھي؟“

٨– ڀولڙو ۽ ڪارائي

ڪرتڪ چيو، ”مون ٻڌو آھي، تھ مدن ڌرم نالي ھڪڙو جھنگ آھي، تنھن ۾ ھڪڙي واڍي بيٺي ڪا اڀي ڪاٺي چيري، ۽ چيريندي جڏھن ڪارائي ٿي اٽڪي، تڏھن اڳيان چپر ڪڍي پٺيان ڏيئي، وري ٿي چيرڻ لڳو.

اھو حال ھڪڙي ڀولڙي اتي وڻ تان ويٺي ڏٺو؛ اوچتو واڍي کي اچي اڃ کنيو، سو جيتري ۾ تلاءُ تان پاڻي پيئڻ ويو، تيتري ۾ ڀولڙو وڻ تان لھي اچي ان ڪاٺيءَ تي ويٺو، ۽ جھڙيءَ ريت واڍي کي چپر ڪڍندي ۽ وجھندي ڏٺي ھئائين، تھڙيءَ ريت پاڻ بھ ڪرڻ لڳو. ھن جي ائين ڪندي چپر اٿڙي ويئي، ۽ پاڻ ڪاٺ جي ٻن ڦاڪين ۾ ڦاسي چپجي مئو.

تنھن ۾، اي يار! ٻئي جي ڪم ۾ ھٿ وجھڻ مان اٽلندو ڇيھو پائجي ٿو. تنھن کان سواءِ اڄ شينھن وٽ امير امراءَ اچي گڏ ٿيا آھن، سي پاڻ کي آيو ڏسي سرھا ڪين ٿيندا، اٽلندو پاڻ کي اتان لوڌائڻ لاءِ تجويزون ڪندا.“

تڏھن دوتڪ چيو، ”ادا، شينھن اسان جو آڳاتو ڌڻي آھي، تنھن وٽ اسان کي لازم آھي تھ ري ڪوٺيو ھلي، جيڪا خدمت پڄي سگھيئون، تنھن ۾ ڪين گھٽايون.“

ڪرتڪ چيو ”اي پيارا يار! جيڪو پنھنجو ڪم ڦٽو ڪري ٻئي جي ڪم ۾ ٽپي پوندو، تنھن کي اھڙو ڦل حاصل ٿيندو، جھڙو ھن گڏھھ کي ٿيو ھو.“

تڏھن دوتڪ پڇيو تھ ”اھا ڳالھھ ڪيئن آھي؟“

٩ – گڏهه، ڪتو ۽ کٽي

ڪرتڪ چيو، ”ٻڌو اٿم، تھ گنگا نديءَ جي ڪنڌي تي بنارس نالي ھڪڙو شھر آھي، ان ۾ ھڪڙو جوان ۽ شاھوڪار کٽي رھندو ھو. ھڪڙيءَ رات مٺيءَ ننڊ ۾ سگھرو سمھيو پيو ھو، تھ اوچتو چور سندس گھر ۾ اچي گھڙيا. گڏھھ سندس اڱڻ ۾ ٻڌو بيٺو ھو، تنھن سان لڳو لڳ ھڪڙو ڪتو پڻ ويٺو ھو. تڏھين گڏھھ چيو ”ڙي ڪتا! اسان جي ڌڻيءَ جي گھر ۾ چور گھڙيا آھن، تون ٿورو ڀونڪ تھ مالڪ جاڳن.“

ڪتي چيو، ”ڙي گڏھھ! تون منھنجي ڪم ۾ ھٿ نھ وجھھ. توکي ڪھڙي خبر تھ ھن ڌڻيءَ وٽ منھنجو ڪيترو مان آھي. جيستائين ھن کي ڇيھو نھ پھچندو، تيستائين ھو منھنجو قدر ڪين سڃاڻندو.“

تڏھين گڏھھ چيو، ”اي ڪتا! جيڪو پنھنجي ڌڻيءَ جي ھاج کان نٽائي ٿو، سو گلارو ٿئي ٿو.“

ڪتي چيس، ”جيڪڏھين منھنجي ڪم ۾ دخل ڪندين تھ ڏسجانءِ ڪري تھ منھنجي ماٺ توکي ڪيئن ٿي ماري.“

پر گڏھھ ھن جي ڳالھھ ٻڌي اڻٻڌي ڪري، پڇاڙي ڇنائي، جتي سندس ڌڻي سگھرو سمھيو پيو ھو، اتي وڃي ھينگڻ لڳو. ھو جو ننڊ مان ڇرڪ ماري جاڳيو؛ تنھن ڪاوڙجي ڌڪو کڻي گڏھھ کي اھڙو ھنيو، جو او اڦٽ مري پيو.

تڏھن دوتڪ چيو ”اي ڪرتڪ! تون ڄاڻين ڪين ٿو ڇا، تھ جڏھن اسين شينھن جي پٺيان گھمندا ڦرندا ھئاسون، تڏھن ڪيتري ساري اوبر کائڻ واسطي ملندي ھئيسون؟ تنھن کان سواءِ حاڪمن اڳيان گذارڻ ڪري ڪيترا پنھنجا پراوا ڪم درست ٿيو پون. دوستن سان تھ ڀلائي ڪري سگھبي آھي، پر دشمن سان جي برائي ڪرڻي ھوندي آھي، تھ اھا بھ ڪري سگھبي آھي.“

تڏھن ڪرتڪ چيو، ”اي دوتڪ! شينھن ڪيترن ڏينھن کان ڪڪ ٿي اسان کي پنھنجي ڪچھريءَ مان ڪڍي ڇڏيو آھي، ۽ اسان سان ڪو بھ ھاڻي لاڳاپو ڪونھ اٿس؛ تنھن وٽ ھاڻي جيڪڏھن اڻ ڪوٺيا وينداسين، يا ان سان بنا پڇئي ڪي ڪنداسين، تھ ھو ڪن ٽار ڪري ڇڏيندو.“

تڏھين دوتڪ چيو ”ڏٺو ڪين اٿيئي ڇا، تھ حاڪم جيڪڏھن رنج ٿيندا آھن، تھ ذري کاري کان پوءِ وري خوش بھ ٿي پوندا آھن! تنھنڪري رڳو پڳو پنھنجي ڳالھھ مٿي رکي ھھڙي وقت ھن کي ھيڪلو ڇڏي ڏيڻ مناسب نھ آھي. نيڪي ڪرڻ اھڙو ڏکيو ڪم آھي، جھڙو ڳؤرو پھڻ زمين تان کڻي مٿي ڪرڻ؛ ۽ بُرائي ڪرڻ اھڙو سٿرو ڪم آھي، جھڙو پھڻ کي مٿان وٺي ھيٺ اڇلائڻ. جيتوڻيڪ ھو شينھن اسان مان ڪڪ آھي، تھ بھ ھن وقت ھو لاچار آھي. جي پاڻ وٽس نھ ھلنداسون، تھ ھن جي ڪو گلا ڪونھ ڪندو، اٽلندو اسان کي ماڻھو گڻ – چور چوندا. مفت ٿورڙيءَ ڳالھھ لاءِ بدناميءَ جو ٺڪر کڻڻ چڱو نھ آھي تنھنڪري جيڪڏھن تنھنجي صلاح ھجي، تھ مان ئي ھڪڙو ڪري وٽس وڃان؟“

تڏھن ڪرتڪ چيو، ”چڱو ڀلا، آءٌ اھا ڳالھھ مڃان ٿو، پر مون کي ٻڌاءِ تھ بادشاھھ وٽ پريندئي ڇا وڃي چوندين؟“

دوتڪ چيو، ”توکي سڌ ھوندي، تھ ھو ڪنھن کان ڊنل تھ آھي، جنھنڪري غمگين ٿو رھي. پوءِ جيڪا ڳالھھ ھوندي، سا ھن کان پڇي، سندس دل تان ڊپ لاھي ڇڏيندس.“

ڪرتڪ پڇيو ”تون ڪيئن ٿو چئي سگھين، تھ ھن جي دل تي ڊپ برابر ويٺل آھي؟،

دوتڪ ورندي ڏني، تھ ”ڊنل اڻڊنل منھن مان ئي پڌرو ٿيندو اھي. اھو عاقل ئي نھ آھي، جو پڇي ڳاڇي ۽ پوءِ سھي ڪري.“

تڏھن ڪرتڪ چيو، تھ ”ڀلو ماڻھو ان کي چئبو آھي، جو ڪنھن سان نيڪيءَ جي وک ڀري، پر واتؤن نھ ڪڇي، ۽ سدائين پنھنجي ڌڻيءَ کي راضي رکي. جيڪڏھن سندس ڌڻيءَ کانئس منھن بھ ڪري موڙي، تھ بھ کيس مناسب آھي تھ نت پاڻ کي نئون نوڪر ڪري سمجھي، ۽ ڌڻيءَ جو حڪم مڃيندو رھي.“

دوتڪ چيو، تھ ”سچ آھي تھ ڌڻيءَ جي مرضي پٽاندر سدائين ھلڻ، ۽ پنھنجي وت آھر ھميشه ڳالھائڻ سڀڪنھن کان پڄي نٿو سگھي؛ پر آءٌ اھڙيءَ طرح ھلت ڪندس، جو اميد ٿو رکان، تھ شينھن کي پنھنجو ڪري ڇڏيندس.“

ڪرتڪ چيو، ”اي ڀائي! خدمت ڪرڻ ڏاڍي ڏکي آھي؛ جھڙي گھرجي، تھڙي ڪنھن کان بھ پڄي نھ ٿي سگھي.“

دوتڪ چيو، ”نوڪر کي پھريائين ھيءَ ڳالھھ ڌيان ۾ رکڻ گھرجي تھ: جي ڌڻي منھن ۾ سرھو ھجي ۽ جاءِ ويھڻ جي آڇيس، تھ سمجھي تھ مھربان ۽ منھن گھنجائي ٻي پاسي ڪري، تھ ڄاڻي تھ ڪوپ آھي، ۽ اھڙي وقت ۾ ڪو بھ عرض احوال ساڻس نھ ڪري، بلڪ گھرجيس تھ ٽري پاسو ڪري.“

ڪرتڪ چيو، اي يار! جيتوڻي بادشاھھ توکي سنئون منھن ڏئي، تھ بھ تڪڙو ٿي، پاڻ مرادو ساڻس گھڻو نھ ڪڇج، ۽ نڪي ڳالھائج.“

دوتڪ وراڻي ڏني ”تھ انھيءَ ڳالھھ جو تھ تون پٽيءَ الڪو نھ ڪر. آءٌ تڏھن وڌيڪ ڪڇندس، جڏھن ڏسندس تھ ڪو دشمن بادشاھھ جو ڪم کاري ٿو، يا ڪو سندس نقصان ٿو ڪري. ۽ تون ڏسندين تھ صلاح جھڙي ڳالھھ ڌاران آءٌ ٻي ڪا بھ ڳالھھ بادشاھھ سان نھ ڪندس. ۽ اميد ٿو رکان، تھ ٿورن ئي ڏينھن ۾ پنھنجي عقل ۽ ھمت سان پاڻ کي وٽس وزير چوائيندس. تنھن ۾ ھاڻي مون کي تون خوشيءَ اسان موڪل ڏي تھ وڃان، ڇاڪاڻ تھ ھھڙو سھنج ۽ سلو موٽي ڪين ھٿ ايندو.“

ڪرتڪ چيو، تھ ”مون ھاڻي سمجھيو آھي، تھ تون وڃڻ کان سواءِ مور ڪين رھندين، تنھنڪري ڀلي وڃ، توکي منھنجي موڪل آھي ۽ ڌڻي توسان ھمراھھ ٿيندو.

تڏھن دوتڪ اتان موڪلائي بادشاھ وٽ آيو، ۽ اچي ادب سان پريان بيھي رھيو. بادشاھھ مھرباني ڪري ويھڻ لاءِ اشارو ڪيس ۽ چيائينس تھ ”اي دوتڪ! مون اڄ توکي گھڻن ڏينھن کان پوءِ ڏٺو آھي؛ ھيترا ڏينھن ڪٿي ھئين؟،

دوتڪ ھٿ ٻڌي عرض ڪيو، تھ ”جيئندا قبلا! منھنجو نھ اچڻ ڪم بختيءَ جي سببان ھو. ھاڻي ڌن ڀاڳ منھنجا، جو سائينءَ وٽ اچي حاضر ٿيو آھيان.“

تڏھن بادشاھھ چيس تھ ”چڱو، اھا کڻي گذري، پر اڳتي ائين نھ ڪجانءِ“.

تنھن تي ھن وري ھٿ ٻڌي عرض ڪيو، تھ ”مون ٻانھي جو ڇا وس آھي، جو پنھنجي ڌڻيءَ کان پري رھان.“

نيٺ شينھن چيس، تھ ”اي دوتڪ! تون منھنجو جھونو سنگتي آھين، سچ چؤ تھ ڪھڙي سبب کان ھيترا ڏينھن مون کان پاسو پئي ڪيئي؟

ھن عرض ڪيو، ”آءٌ ھن ڪري نٿي سائينجن جي خدمت ۾ آيس، جو سمجھيم ٿي تھ حضور جن جو ڪو بھ ڪم ڪار مون کان سواءِ اٽڪيو ڪين رھندو.“

تڏھن شينھن چيو، ”اي نادان! سڀ ڪنھن کي گھرجي تھ پنھنجي قديم ڌڻيءَ جي نمڪ حلاليءَ ۾ ڪڏھن بھ قصور نھ ڪري، ۽ وٽس ايندو ويندو ۽ ان جو ڪم ڪم ڪار ڪندو رھي. پر ھاڻي جي تون ھيترا ڏينھن مون وٽ نھ آئين، تھ توکي ئي ڇيھو پيو، وري جي آيو آھين تھ پاڻيھي ڏسندين، جو ڪيتري ۾ ٿو ساڄو ٿين.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com