سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: سڀا جو سينگار

 

صفحو :3

ھرنڪ ھيءَ ڳالھھ ٻڌي پڇيس، ”تون ڪير آھين؟ ۽ ڪٿان ٿو اچين؟“

ھن وراڻي ڏني تھ ”لگھپتنگ نالي ڪانءُ آھيان، ۽ توسان ياراڻي پائڻ جو ارادو ڪري آيو آھيان.“

ڪئي چيس، ”خيال ڪر: تون ڪانءُ ۽ آءُ ڪئو، تنھنجي ۽ منھنجي دوستي ڀلا ڪيئن ٺھندي؟ ٻڌو ڪين اٿيئي:

کندھم جنس باھم جنس پرواز:

کبوتر با کبوتر باز با باز.

تنھنڪري بھتر آھي تھ وڃي ڪنھن ڪانءُ سان ياراڻي رک، ڇاڪاڻ تھ جيڪڏھن آءٌ توسان ياراڻي پائيندس تھ اوءَ بھ ھن گدڙ ۽ ھرڻ جي ياراڻيءَ وانگي ٿيندي.“

تڏھن ڪانءَ پڇيس تھ ”اھا ڳالھھ ڪيئن آھي؟“

٣ – گدڙ، ھرڻ ۽ ڪانءُ

ڪئي چيو، ”مون ٻڌو آھي، تھ اڀرندي ڏانھن گنگا نديءَ جي ڪنڌيءَ تي، چنپاوتي نالي ھڪڙو شھر آھي. ان جي ويجھڙائيءَ ۾ ھڪڙو وڏو ۽ گھاٽو جھنگ آھي. اتي ھڪڙو ڪانءُ ۽ ھرڻ ٻھ ڏاڍا گھرا ۽ گھاٽا يار رھندا ھئا. ھرڻ ڏاڍو ٿلھو ۽ متارو ھوندو ھو، تنھن ۾ ھڪڙي گدڙ اچي اک رکي ۽ دل ۾ چيائين تھ واه جو ھيءُ ھرڻ آھي! ھن سان ڪا کيڏ ڪري سندس گوشت جو سواد وٺجي.

اھا نيت رکي ھري ھري ڪري ھرڻ وٽ آيو ۽ چيائينس، ”رام رام، اي ھرڻ! چڱو ڀلو تھ آھين؟“

ھرڻ پڇيس ”تون ڪير آھين؟“

ھن جواب ڏنو ”مان گدڙ آھيان، ۽ منھنجو نالو ڇدر ٻڌ آھي، ۽ ھن جھنگ ۾ ڪيترن ڏينھن کان ويڳاڻو گھمندو وتان ۽ جي جيئرو تھ بھ مئن جي قطار ۾ آھيان. ھاڻي جڏھين توسان اچي اتفاق سان ملاقات ٿي اٿم، تڏھين ڀانيان ٿو تھ گويا ساھھ ئي مون ۾ ھينئر پيو آھي.“

ايتري ۾ رات اچي پيئي. تڏھين ھرڻ پنھنجي مڪان جي واٽ ورتي، ۽ گدڙ بھ سندس پٺيان ڪاھجي پيو. ھرڻ جڏھين پنھنجي مڪان تي اچي پھتو، تڏھين سندس جھوني يار، سٻڌ ڪانءُ جو اتي ھڪڙي وڻ تي گذاريندو ھو، پڇيس ”اي يار! خبر ڪر، ھيءَ ٻيو توسان ڪير آھي؟“

چيائينس، ”ھيءُ گدڙ آھي، ۽ ڏاڍو نيڪ ڏسڻ ۾ اچي ٿو، مون سان ياراڻي رکڻ جي خواھش اٿس.“

تڏھين ڪانءَ چيس، ”جنھن سان اڳي ڄاڻ پڇاڻ نھ ھجي، تنھن جيءَ ڳالھھ تي جھٽ پٽ ڀروسو نھ ڪجي ۽ نڪي تنھن کي پنھنجيءَ جاءِ ۾ ٽڪڻ ڏجي؛ پر تو شايد ڳجھھ پکيءَ جي ڳالھھ ڪين ٻڌي آھي.“

ھرڻ پڇيس تھ ”اِھا ڳالھھ ڪيئن آھي؟“

٤ – ڳجھھ، ٻلي، ۽ ٻيا پکي

ڪانءَ چيو، ”مون ٻڌو آھي تھ ڀاڳيرتي نديءَ جي ڪنڌيءَ تي ھڪڙو وڏو  اتاھون جبل آھي، جنھن کي گرد ڪوٽ ڪري سڏيندا آھن. اتي ھڪڙو ڊگھو ڪيسو ڦلن جو وڻ ھو، جنھن تي ھڪڙي ٻڍي ۽ ھيڻي ڳجھھ گھڻن ڏينھن کان رھندي ھئي، جنھن جي کنڀن ۽ بت ۾ ايترو بھ ست نھ رھيو ھو، جو ڪنھن پاسي اڏامي کائڻ پيئڻ واسطي چري سگھي، ۽ ڪنھن شئي جي درڪار ٿيندي ھيس، تھ ان وڻ تي ٻيا ٽڪندڙ پکي پنھنجن چھنبن ۾ چوڳو کڻي آڻي ڏيندا ھئس. اھڙي طرح ڳجھھ جو پيو گذران ٿيندو ھو.

ھڪڙي ڏينھن ھڪڙي ٻلي اتي آئي، انھيءَ ارادي سان، تھ جيڪي پکين جا ٻچا ملي سگھنم، سي کان. ٻچن ھن کي ڏسي ايتريقدر ھل مچايو، جو ڳجھھ ويچاري، جا وڏپڻ جي ڪري گھڻو ڏسي ڪين سگھندي ھئي، سا ٻاھر نڪتي ۽ پڇيائين تھ ”تون ڪير آھين؟“

ٻلي ھن جي شڪل ڏسي ڊني، ۽ دل ۾ چوڻ لڳي تھ ”ھيءَ الاجي ڪھڙي بلا آھي؟ شڪار تھ رھيو پنھنجي ماڳ پر اٽلندو پاڻ ٿي شڪار ٿيان. واه بھ ڪانھيم جو ڀڄي ڇٽان، تنھنڪري بھتر آھي تھ اوڏڙو وڃي ڪي اھڙيون مٺيون ڳالھيون ٻڌايانس، جو ”لعل بھ لڀي تھ پريت بھ رھجي اچي.“

نيٺ ھري ھري ڪري وٽس آئي، ۽ ايندي شرط اچي سلام ڪيائينس. ڳجھھ پڇيس، ”تون ڪير آھين؟“

جواب ڏنائين، مان غريب محتاج ٻلي آھيان.“

ڳجھھ چيس، ”جيڪڏھن سچ پچ تون ٻلي آھين، تھ ھتان ٽري پاسو ڪر، نھ تھ آءٌ يڪدم توکي ماري ڇڏينديس.“

ٻليءَ چيو، ”غريب پرور! ھڪڙي ڳالھھ ڪريان ٿي، پوءِ جي مون کي مارڻ جي لائق سمجھو، تھ بھ پري نھ آھيان.“

تڏھين ڳجھھ پڇيس تھ ”اھا ڪھڙي ڳالھھ آھي؟“

چيائين ”چڱو يا بڇڙو شخص ڳالھائڻ ٻولھائڻ، ۽ ھلت چلت مان معلوم ڪري وٺبو آھي، ٻلي سچ پچ پکين کي شڪار ڪندڙ آھي، پر رڳو پڳو اھا ڳالھھ ڳنڍ ٻڌي، مون غريب کي ناحق ماري وجھو، تھ بھ اوھان جي اختيار آھي. ان مان اوھان جي پسورائي ستتئي پڌري ٿي پوندي. پر شايد مون جيڪو پنھنجي دل جو ٺھراءُ ڪيو آھي تنھن جو توھان کي سماءُ ئي ڪونھي؟

آءٌ شناس ڪرڻ کان اڳي ڪو ڪم نھ ڪندي آھيان؛ گوشت کائڻ کان تھ مون پٽيءَ ھٿ ڌوئي ڇڏيو آھي، بلڪ پنھنجو  پرائو ساھھ ھڪ جھڙو ڪري ڄاڻندي آھيان، ۽ ھتي ھاڻي جو آئي آھيان، سو رڳو اوھان جي ديدار لاءِ، ڇاڪاڻ تھ اچڻ کان اڳي اوھان جي واکاڻ ڪن چئن پکين کان ٻڌيم، جي گنگانديءَ ڏي ويا ٿي، ۽ خيال ڪيم تھ اوھان بزرگن جي قدمبوسي حاصل ڪرڻ کان منھنجا پاپ نورت ٿيندا؛ پر ارمان آھي، جو اوھين اٽلندو منھنجي مارڻ لاءِ سنڀرو ٿيون!

وڻ کي ماڻھو ڪھاڙو کڻي اچي ڪپيندا آھن، باوجود ڪپجڻ جي تھ بھ جيستائين بيٺو ھوندو آھي، تيستائين پنھنجي ڇانو ڪپيندڙ کان ڪڏھين بھ ڏور ڪين ڪندو آھي. آءٌ خاص اوھان جي درشن لاءِ ھيترو پنڌ ھڻي آئي آھيان، ۽ توھين ڀانيون پيون تھ ماري وجھونس. مھماندار تي فرض آھي تھ ٿوري ۾ ٿورو، تھ بھ مھمان سان چار مٺيون ڳالھيون ڪري ۽ جي سري سگھيس تھ ٿورو ٿڌو پاڻي بھ پياريس؛ پر اوان وٽ اٽلندو ڪؤڙيون ڳالھيون، ۽ وڌ گھٽ لفظ پيا ٻڌجن! جيڪي سياڻا آھن، سي ھنر مند توڙي بي ھنر ٻنھي تي ھڪ جھڙي نظر رکندا آھن، جيئن سج پنھنجو سوجھرو غريب توڙي شاھوڪار ٻنھي جي گھر تي ھڪ جھڙو ڪندو آھي.“

ھي ڳالھيون ٻڌي ڳجھھ جي من کي البت سانت آئي، ۽ چوڻ لڳي، ”منھنجو چيو چايو تون دل ۾ نھ ڪج؛ ڇو تھ مون رڳو ننڍڙن ٻچن جي پرگھور ٿي ڪئي.“

ٻلي تڏھين ٻيئي ھٿ گوڏن تي ھڻي چوڻ لڳي، ”توبه، توبه! ھيءَ ڳالھھ جيڪر ٻيو ڪو ڪري ھا، تھ مان ھوند پاڻ کي اِتي گھات ڪريان ھا. مون گھڻا ڪتاب پڙھيا آھن، ۽ گھڻن ودياوانن ۽ پنڊتن، ۽ ڌر ماتمائن کان ٻڌو آھي، تھ ڪنھن جي دل رنجائڻ وڏو پاپ آھي. جيڪو ڪنھن کي ماري سندس ماس کائي ٿو، تنھن کي رڳو ايستائين سواد اچي ٿو، جيستائين اھو لقمو سندس وات ۾ آھي. جڏھين نڙيءَ کان لنگھي ھيٺ ٿيو، تڏھين ڪاڏي ويو اھو سواد، ۽ ڪاڏي ويو اھو جيءُ، جنھن کي ماريائين! اھڙو کائڻ ئي که پيو، جنھن جي لاءِ سڀاڻي ڌڻيءَ وٽ حساب ڏيڻو پوي. سچ، مرڻو تھ سڀ ڪنھن کي آھي پر ڇو نھ جيستائين ٿي سگھي تيستائين ڪنھن کي نھ مارجي؟“

ھنن ٺڳيءَ ڀرين ڳالھين ڳجھھ جي دل آقي باقي اھڙي ڪنئري ڪئي، جو ھن بيوس ٿي ٻليءَ کي اتي ٽڪڻ ڏنو. ٻن – ٽن ڏينھن کان پوءِ ھري ھري وڃي ٻلي ٻھ – چار ٻچا کڻي آئي. انھن جو آواز ٻڌي ڳجھھ پڇيس، ”ھنن کي ڇو آندو اٿئي؟“

وراڻي ڏنائينس، ”سائين! منھنجا بھ ٻھ – ٽي ھنن جيڏا ٻچا آھن، جن کي ڪيترن ڏينھن کان مون نھ ڏٺو آھي، ۽ ھاڻي انھن ڏي ايترو من پيو ڇڪيم، جو ياد ڪيو پيئي رئان، ۽ ھنن ٻچن کي جو مون ھتي آندو آھي سو محض انھيءَ لاءِ، تھ ھنن کي ڏسي پنھنجي من کي پرڀايان.“

ڳجھھ سمجھيو تھ ويچاري ٻلي سچ ٿي چوي، پر ٻليءَ کي تھ ھو من ۾ کوٽ، تنھن تھ ٻچن کي آڻي کائي کپائي ڇڏيو. اِنھيءَ طرح ھڪ ٻھ ڀيري سان آڻيندي ۽ کائيندي ويئي، تان جو ھڪڙو نالي کي بھ نھ ڇڏيائين، نيٺ جتان اصل آئي ھئي، اوڏانھن ھلي ويئي.

سانجھيءَ جو جڏھين سڀ پکي اچي پنھنجي پنھنجي آکيري ۾ گڏ ٿيا، تڏھين جان ڪري ڏسن، تھ سندن ٻچا نھ ھيٺ نھ مٿي، گھڻي ڳولا ڦولا ڪري جڏھن ٿڪا، تڏھين اوچتو وڃي نظر پين ڪن ھڏين تي، جي ھيٺ پٽ تي ۽ ڳجھھ وٽ پيون ھيون، ۽ يقين ٿين، تھ ڳجھھ انھن کي کاڌو آھي. پوءِ اچي آنڊي جي ڄر لڳين، سو الري ڪاھھ ڪري اچي ڳجھھ کي ٺونگي مٿان ٺونگو ھڻي، اتي جو اتي ماري اجھائي رکيائون.“

اھا ڳالھھ پوري ڪري ڪانءَ چيو، ”اي ھرڻ! ڌارين کي پنھنجي گھر جي واٽ ڏيکارڻ مان نتيجو اھو آھي جو  ٻڌءِ.“

تڏھن گدڙ ڏمرجي چوڻ لڳو، ”اڙي ڪانءَ! تنھنجو نالو سو سٻڌ آھي، پر ٻڌ تھ ايتري بھ نھ اٿيئي جو سمجھين ڪري، تھ دوستي ڪو ماءُ جي پيٽان وٺي ڪو نھ ٿو اچي. پھريائين جڏھين ھرڻ ۽ تنھنجي پاڻ ۾ دوستي ٿي ھئي، تڏھين تھ نڪو تون ھن کي سڃاڻندو ھئين، ۽ نڪي ھو توکي، پوءِ جيئن ڏينھن ويا پوندا؛ تيئن اوھان جي دوستي ويئي وڌندي. جيڪي چڱا ماڻھو آھن، سي سڀني کي پنھنجو دوست ڪري سمجھندا آھن، ۽ اِھو ڪم بڇڙن جو آھي، جو ڪنھن کي دوست ڪري ڄاڻن، ۽ ڪنھن کي دشمن. اسين سڀ ھڪڙي خالق جا خلقيل آھيون، تنھن ۾ جھڙو ھرڻ منھنجو دوست آھي، تھڙو تون بھ آھين.

تنھن تي ھرڻ چيو ”اي سٻڌ! اسين سڀ پاڻ ۾ ڀائر آھيون. جيڪڏھن گدڙ کي ھروڀرو اسان جي سنگت ۾ اچي گڏجڻ جي خواھش ٿي آھي تھ سانگو ڪونھي، اچي گڏجي.“ اھا ڳالھھ ٻڌي ڪانءُ چيو ”جيڪڏھن يار جي بھ اچي اِھا مرضي ٿي آھي، تھ چڱو ڀلا.“ ايتري ۾ اچي پرھھ ڦٽي، ۽ ٽيئي يار پنھنجي قوت گذران جي ڳولا ۾ نڪتا. انھيءَ طرح ڏھاڙي صبح جو ھرڪو پنھنجي سر ويندو ھو، ۽ رات جو اچي ٽيئي ھڪ مڪان تي گڏجي ٽڪندا ھئا.

ھڪڙي ڏينھن ڪميڻو گدڙ جو ھميشه ھرڻ جي گوشت جي سڌ پيو رکندو ھو، سو جون جي ھڪڙي تازي ۽ سائي چھڄ ٻني، جنھن ۾ ڪنھن ماريءَ ھرڻ ڦاسائڻ واسطي ڄار ٽنگي ڇڏيو ھو، ڏسي ڊوڙي آيو؛ ۽ ھرڻ کي اشارو ڏيئي پاسيرو ڪري چيائين، ”اي يار! ڪيترا ڏينھن ٿيا آھن، جو تو رڳو سڪو گاھھ پئي چريو آھي، ڏک بھ گھڻو ئي پئي ٿيو اٿم، پر ڇا ڪريان. نيٺ اڄ ھڪڙي ھري ڀري ٻني تولاءِ ڏسي آيو آھيان، جا اھڙي نويڪلي آھي جو بي ڊپو ٿي ھلي منجھس چر، ۽ پنھنجي گھڻن ڏينھن جي سڪايل دل کي خوش ڪر.“

ڍڪيءَ جو ٻيئي يار گڏجي ھليا. جڏھن ان ٻنيءَ کي ويجھو اچي پھتا، تڏھين گدڙ چيس، ”اجھا ھوءَ ٻني، وڃي کائي ڍؤ ڪر.“

ھرڻ مت جو موڙھل ٻنيءَ کي ڏسندي ئي اتاولو ٿي ڊوڙيو ۽ ايندي شرط بي ڊپو چرڻ لڳو، چرندي چرندي اوچتو ڄار ۾ ڦاسي پيو. تڏھين ڪميڻو گدڙ خوش ٿي ٺينگ ٽپا ڏيڻ لڳو. ھرڻ سمجھيو تھ جيڪس ويچاري کي منھنجي ڦاسڻ جو ارمان ٿيو آھي، تنھنڪري ٿو لڇي، پر ائين نھ ڄاتائين تھ بکايل فقير خونچو ڏسي ٿو ٺري ۽ چيائينس، ”اي يار! ڇو ٿو ارمان کائين؟ توکي خبر نھ آھي تھ تنھنجا ڏند ترار کان بھ تکا آھن، ۽ ھن ڄار جي نوڙيءَ کي ڪتري سگھين ٿو؟“

گدڙ چيس، تھ ”اي پيارا يار! چشمن سان حاضر آھيان، پر اڄ مون و رت رکيو آھي، ۽ ھيءَ ڄاري چم جي آھي، جي مان ڏاٺ سان ڇھندو سانس تھ منھنجو ورت ڀڄي پوندو. مھرباني ڪري اڄوڪي رات رک صبح ٿيڻ ڏي، پوءِ جيڪو منھنجي ذات جو وڙ ھوندو، سو تنھنجي خدمت ۾ ڪندس.

رات تھ بيٺي پير گذري ويئي. جڏھين ڀنڀرڪو ٿيو، تڏھين ھتي ھرڻ کي رات جو نھ آيل ڏسي ويچاري سٻڌ کي دل ۾ اچي بدسوڻ جاڳيو، تھ نڄاڻا ھن کي ڇا ٿيو، ۽ ھي ڪاڏي ويو؟ اِئين ڪري ھيڏانھن ھوڏانھن نھارڻ لڳس، تان جو وڃي نظر پيس تھ ھڪڙي ھنڌ ڄار ۾ ڦاٿو پيو آھي، ۽ ڏسندي سؤن ٻيئي ھٿ ڪرمن تي ھڻي چيائين ”ڙي مورک! مون توکي اڳيئي ٻڌايو ھو تھ اھو گدڙ حرفتي آھي، سچ آھي تھ جو پنھنجي يار جو چوڻ نٿو مڃي سو کاٻارجي ٿو. ھاڻي اھو تنھنجو يار ڪٿي آھي؟”

ھرڻ چيس، ”منھنجي گوشت جو بکايل يار اتي ڪٿي ويٺو ھوندو.“ تڏھن ڪانءَ چيو، ”خير، جيڪي ٿيڻو ھو سو ٿي چڪو، ڏڌو کير وري ٿڻين ڪين پوندو. پر ھاڻي منھنجي صلاح وٺ. تون ساھھ گھٽي پئجي رھھ، جڏھن آءٌ ھڪل ڪريان، تڏھين اٿي ڀڄج.“

ھرڻ اھا ڳالھھ مڃي ائين ڪيو. آخر ماري جڏھين پنھنجي ڄار وٽ آيو ۽ ڏٺائين تھ ھڪڙو ٿلھو متارو ھرڻ آھي، پر ڇا جو مئل آھي ڄار ۾ ڦاٿو پيو آھي، تڏھن گھڻو افسوس کائي دل ۾ چيائين تھ جيڪڏھن ھھڙو ھرڻ جيئرو جاڳندو ھٿ لڳيم ھا، تھ جيڪر الاجي ڇا ڪريان ھا!

نيٺ ھري ھري ھن جي سسي ڄار مان ڪڍي ڪري پري اڇلايائينس، ۽ پنھنجو ڄار ويڙھڻ لڳو. ايتري ۾ ڪانءَ ٽان ٽان ڪئي، ۽ ھرڻ اٿي ڀڳو، ائين جيئن تير وڃي ڪمان مان.

جڏھين ماريءَ ڏٺو تھ مار! ھرڻ جيئرو ھو، جو ڀڳو ٿو وڃي، تڏھين وجھندي ئي ھٿ ھڪڙي ڏنڊي ۾ پٺيانس اھڙو زور مان اڇلايائين، جو ان وڃي گدڙ جي ڪاپار ۾ ٺڪاءُ ڪيو.

تڏھن ڪانءَ ھرڻ کي چيو، ”اي يار! دشمن ۽ مڇر ٻنھي جي چال ھڪ جھڙي آھي. مڇر بھ پھريائين پير تي اچي ويھندو، پوءِ پٺيءَ تي، پوءِ ڪن وٽ، ۽ آھستي آھستي ڪندي جيڪڏھن ڪو لڱ اگھاڙو ڏسندو تھ اتي، يا ڪپڙي ۾ ڪو ٽنگ ڏسندو تھ اتي ويھي چڪ ھڻي ڀڄندو آھي. تيئن دشمن بھ جي ڀڄي نھ سگھندو تھ پھريائين اچي پيرن تي ڪرندو، پوءِ مٺيون مٺيون ڳالھيون ڪندو، پوءِ ڪن ڀائي ٿيندو، آخر جڏھين وجھھ ملندس، تڏھين پنھنجو مطلب پورو ڪري ڀڄندو.“

”تنھنڪري“ ھرنڪ چيو، ”منھنجي دل ٿي شاھدي ڏئي، تھ تون بھ ھن گدڙ وانگي منھنجي رت جو اڃايل آھين؟“

ڪانءَ چيو ”اي ھرنڪ، تنھنجي رت پيئڻ، يا ماس کائڻ مان منھنجي عمر وڌي ڪين پوندي. تون جي سچ ڪري ڄاڻين، تھ آءٌ رڳو تنھنجي محبت جو بکيو آھيان، اھڙي محبت، جھڙي چتر گريو ۽ تنھنجي وچ ۾ آھي، ڇو تھ تو جھڙو وفادار يار ڪٿي بھ ڪونھ ڏٺم. چڱن سان دوستي رکڻ بھتر ھن لاءِ آھي تھ ھو درياھھ جھڙي خاصيت رکن ٿا، جھڙيءَ طرح ھو اونھو آھي، تھڙيءَ طرح ھي گنڀير آھن، جھڙي ريت درياھھ ۾ ڪو باھھ وجھي، تھ بھ درياھھ ڪوسو نھ ٿئي، تھڙيءَ ريت چڱن سان ڪو بڇڙائي ڪري، تھ بھ او ھرگز دل ۾ نھ ڪن. آءٌ تنھنجي چال کان گھڻو واقف اھيان. تون نيڪ نيت آھين ۽ تنھنجي چڱن لڇڻڻ منھنجي دل موھي وڌي آھي.“

ڪئي چيو ”مون توکي ڪيترا ڀيرا چيو آھي، تھ آءٌ توسان دوستي ڪين رکندس. منھنجي ۽ تنھنجي ياراڻي پاڻ ۾ اھڙي ٺھي، جھڙي باھھ ۽ پاڻيءَ جي. جيستائين باھھ پاڻيءَ کان جدا اھي، تيستائين ڪو بھ ڊپ ڪونھ اٿس، پر جي ٻيئي گڏجي پون، تھ باھھ اڻپڇو وسامي پوي. تنھنڪري توتي ڪھڙي پت آھي؟ جھڙو ٻاھر جو ڪارو آھين، تھڙو ڪھڙو شڪ آھي، تھ اندر جو بھ ھونين؟ مان تنھنجو کاڄ، تون مون کي جيڪر ڪٿي بھ ڏسين تھ اتي نھ ڇڏين، پوءِ چؤ تھ منھنجي ۽ تنھنجي ياراڻي پاڻ ۾ ڪيئن ٺھي؟“

ڪانءَ چيس ”پر ھاڻي تھ مون پرن ڪيو آھي، تھ جيڪڏھن تون مون کي پنھنجو يار نٿو ڪرين، تھ آءٌ بھ بکون ۽ لنگھڻ ڪڍي تنھنجي در تي ساھھ ڏيندس، تون ڀلو شخص آھين، ۽ جيڪڏھن اسان ٻنھي جي پريت پاڻ ۾ ٿي، تھ اميد آھي تھ ڪڏھين بھ تفاوت ڪين پوندو.

بڇڙن جي دوستي اھڙي اھي، جھڙو چينيءَ جو باسڻ، اڃان ٿورڙي ٺوڪر اچيس تھ ڇيھون ڇيھون ٿي پوي، مگر چڱن جي دوستي اھڙي اھي، جھڙو ڪنجھي جو ٿانءَ، جھڙي تھڙي ڌڪ سان ڀڄيئي ڪين. چوپايا اڪثر کائڻ پيئڻ جي لالچ تي اچي پنھنجا ٿين ٿا. نادان طمع ۽ حرص کان دوستيءَ  ۾ داخل ٿيندا آھن، مگر سياڻا رڳو چڱمڙسيءَ تي ڦاسن ٿا. آءٌ ڪيترو بھ ملڪ گھميس، تھ بھ تو جھڙو سچو يار ڪٿي بھ ڪونھ ڏٺم، تنھنڪري منھنجي خواھش آھي، تھ تون مون کي پنھنجو يار ڪر.“

ھنن ڳالھين تي ريجھي، ڪئو پنھنجي ٻِر کان ٻاھر نڪتو ۽ ڀاڪر پائي گھڻي پيار سان ھن جي مھماني ڪيائين.

ٿورا گھڻا ڏينھن نبريا، تھ ڪانءَ چيس، ”اي يار! ھاڻي ھن ھنڌ کائڻ پيئڻ جي ڪا شيءِ ڪا بھ ھٿ اچي نٿي سگھي، جيڪڏھن ڪا اچي ٿي تھ اھا بھ گھڻي ڏاکڙي سان، تنھنڪري مرضي اٿم، تھ ھتان لڏي وڃي ڪنھن ٻئي ھنڌ رھان؟“

ھرنڪ چيو، ”اي دوست، ڏسڻ وائسڻ کان اڳي ڪيئن وڃي ٿو ٻئي ھنڌ رھين. سياڻن جو ڪم آھي، تھ جيڪڏھن ڪنھن ٻئي مڪان ۾ رھڻ جي خواھش ڪن، تھ پھريائين نئون مڪان ڳولي ھٿ ڪن، تنھن کان پوءِ اصلوڪي جاءِ ڇڏين، جي نھ تھ اتيئي ڏکيو سکيو پيا شان مان جي رات گذارين.“

ڪانءَ چيو، ”ھڪڙو ھنڌ منھنجو ڏٺل آھي، ۽ اتي رھڻ جو من پنھنجي دل ۾ پڪو پھھ ڪيو آھي.“

ڪئي پڇيس، ”اھو ڪٿي آھي؟“

جواب ڏنائينس، تھ ”گندڪارن جھنگ، جنھن منجھان ڪا ويري ندي پنھنجو رستو وٺيو وھي ٿي، اتي مٿرڪ نالي ڪڇؤن، منھنجو قديم يار، ٻار ھن ورھين کان ٽڪندو آھي. جيڪڏھين اتي ان وٽ وڃي سھڙندس تھ جيڪي مون کان گھربو، سو ھو موجود ڪري پيو ڏيندم.“

تڏھن ڪئي چيس ”جيڪڏھن تنھنجو ھرڀرو اچي ارادو ٿيو آھي، تھ ھي گھر ڇڏي وڃان، تھ آءٌ بھ ھيڪلو ھتي ڪين ٽڪندس، توسان گڏجي ھلندس، ڇاڪاڻ تھ سياڻن چيو آھي، تھ جنھن ملڪ ۾ قدردان ڌڻي، عالم دوست، عاقل ۽ دور انديش ۽ نياءُ ڪندڙ حاڪم، ۽ ھوشيار طبيب نھ آھن، اتي رھڻ نھ گھرجي.

اڳي پڻ منھنجو جھونو يار، چتر گريو، ڪبوترن جو بادشاھھ ھتان ھليو ويو، ۽ آءٌ ڪيلو ئي ھتي رھجي ويس، تنھن کان پوءِ تون منھنجو يار ٿئين، سو تون بھ ھاڻي وڃڻ جون وايون پيو ڪرين. پوءِ اڙيءَ ھيڪلائيءَ ۾ آءٌ ڪيئن گذاريندس؟ تنھنڪري جيڪڏھن تحقيق تون ھتان وڃين ٿو، تھ مون کي بھ ساڻ وٺي ھل.“

ڪانءَ ھيءَ ڳالھھ ٻڌي ڪئي کي بھ پاڻ سان وٺي اننديءَ تي آيو. ڪڇؤن ٻنھي کي پريؤن ايندو ڏسي گھو خوش ٿيو، ۽ ٿورو اڳڀرو وڌي ملاقات ڪري ھنن کان خير عافيت پڇيائين. ڪانءَ خير عافيت ورائي. تڏھن ڪڇونءَ پڇيس، ”ھي ٻيو توسان گڏ  ڪير اھي؟“

ڪانءَ وراڻي ڏني ”ھي ھرنڪ ڪئو آھي، جنھنجي واکاڻ، جيڪڏھن منھنجي ھڪ – ھڪ وار کي زبان ھجي، تھ بھ پوري ٿي نھ سگھي.“ تڏھين ڪڇونءَ اڳي کان بھ وڌيڪ اڪير سان، ھنن کي ٻئي ڀيري ڀاڪر پاتو ۽ گھڻي خوشيءَ سان ھنن کي آڌر ڀاءُ ڪيائين ۽ پڇيائين، ”خبر ڪريو يارو، توھان پنھنجي پراڻي جاءِ ڇو ڇڏي، ۽ ھتي وڏي جھنگ ۾ ڇو آيا آھيو؟“

ھرنڪ ڪئي وراڻي ڏني ”چندر نالي ھڪڙي جبل جي ھيٺان چنپا پوري وسيءَ ۾، جتي ھڻو ڪري چوراڪرن جوڳيءَ جي گھر ۾ آءُ پنھنجو ٻِر جوڙي رھندو ھوس. اھو جوڳي ڏھاڙي شھر مان بيک ڪري ڪچو پڪو ان آڻي تنھن مان ڪي ڪجھھ کائي باقي ڪوٺي ۾ پڇنڊيءَ تي رکندو ھو. آءٌ پنھنجي ٻِر مان منھن ڪڍي اھو ڏسي ڇڏيندو ھوس. پوءِ جڏھين وجھھ ملندو ھوم، تڏھين جيڪي وڻندو ھوم، سو ان مان کائي، باقي ھيڏاھن ھوڏانھن ھار ويري ڇڏيندو ھوس، ۽ ڪاڏي بھ ڪين ويندو ھوس. انھيءَ ريت پنھنجي عمر جا ڏينھن پئي اتي ڪاٽيم. ھڪڙي ڏينھن چوراڪرن لٺ ھٿ ۾ کڻي منھنجي ٻر تي ٺوڪڻ لڳو.

انھيءَ مھل ھڪڙو بيناڪارن نالي جوڳي سندس جھونو يار بھ اتي آيو. پر ھو لٺ ٺوڪڻ جي ڌيان ۾ اھڙو لڳي ويو ھو، جو ھن ڏانھن نھاريائين بھ ڪين، تڏھين بيناڪرن چيس ”اي دوست! آءٌ تنھنجي ملاقات لاءِ آيو آھيان، تون مون کي ڊيڄارڻ لاءِ لٺ ھٿ ۾ کنيو بيٺو آھين؟،

چوراڪرن جي جوءِ اھو حال ڏسي مڙس کي چيو تھ ”اڄ بيناڪارن گھڻن ڏينھن کان پوءِ آيو آھي، تنھن سان تھ پھريائين گڏج، ۽ خبر چار تھ ھڪٻئي کي ڏيو وٺو.“

تڏھين چوراڪرن چيو، تھ ھن ٻر ۾ ھڪڙو ڪٺو آھي، جو جيڪا کائڻ پيئڻ جي شيءِ پڇنڊيءَ تي رکان ٿو، سا ٽپو ڏيو کائي، باقي ڪرو مرو ڪيو ڇڏي.“

اھا ڳالھھ ٻڌي بيناڪرن پڇيو، تھ اھا پڇنڊي ڪٿي آھي؟“

تڏھين ھن کي وٺي وڃي اھا پڇنڊي ڏيکاريائين، اھا پڇنڊي ڏسندي ئي بيناڪرن چيو تھ ”ھيءَ ايترو مٿي آھي، جو ٻليءَ جي بھ جاءِ نھ آھي جو ھن تي چڙھي، پوءِ ڪئي جو ڇا وت آھي، جو ھن تي ٽپو ڏيندو ھوندو! پر شايد ڪئي وٽ ٻِر ۾ ڪا ماليات ٿي ڏسجي، جنھن جي زور تي ايترو ڪڏي ٿو.“

نيٺ ٻنھي جوڳين پنھنجي پنھنجي کيسي مان اڇيءَ مٽيءَ جي مٺ ڀري ڪڍي، ۽ ان سان ڌرتيءَ تي ليڪا ڪڍي نجوميءَ وانگي ويھي جاچيو، ۽ معلوم ڪيائون تھ درست ھن ڪئي جي ٻِر ۾ ڌن لڪل آھي، جنھنجي زور تي ھي ٺينگ ٽپا پيو ڏئي، ڇو تھ انھيءَ زور کان سواءِ جسمي زور تھ ڪئي ۾ ذرو بھ ڪونھي!“

ائين سمجھي، ڪوڏر ھٿ ۾ کڻي، اچي منھنجي ٻِر کي کوٽڻ بيٺا، ۽ جيڪو ڌن لڪل ھو، سڀ ڪڍي ھٿ ڪيائون. اِھو سڀ ڌن منھنجو ۽ منھنجي وڏن جو ميڙيل ھو، نيٺ جڏھن ڏٺم، تھ منھنجي سڄيءَ عمر جي ميڙي چونڊي ائين لٽجي ويئي، تڏھن بت سموري سگھھ سار ڇڏي ڏني. پر اڃا بھ ڪي چار ڏينھن عمر جا ھئا، جو اڄ تائين تڳندو پيو اچان. ھڪڙي پاسي مال ڦرجي ويم، ٻئي پاسي جوڳين جي مھڻن ساڙيم، تنھنڪري اھا جاءِ تي ڇڏي ڏنيم.“

تڏھين ڪڇونءَ پڇيس ”ھنن توکي ڪھڙا مھڻا ٿي ڏنا؟“ جواب ڏنائين، ”چيائون ٿي، جيڪڏھين ھيترو مال ڪنھن سکر وٽ ھجي ھا، تھ ھو ھوند ايترو ڪنجوس ۽ پرائي مال جو تاڪائو نھ ٿئي ھا، پر ھن مورک ۽ ڏاھريءَ ڪئي پنھنجو زور ستتئي ظاھر ڪري وڌو. سياڻا چئي ويا آھن، تھ جيڪو ڌاڙو ھڻي مال ڪٺو ڪري، يا جيڪو پنھنجن بازن جي پورھيي سان ڪمائي گڏ ڪري، سو جيڪڏھين نڪي پاڻ کائي، ۽ نڪي ٻئي کي کارائي، نڪي پنھنجي ھٿ سان ڏئي، نڪي ٻئي کي ڏيارائي، تنھنجي گڏ ڪرڻ جي محنت اجائي ٿي وڃي، ۽ ان کي شوم ۽ ڪمبخت ڪري ڪوٺبو آھي، ۽ انھيءَ جو صبح جي وقت نالو بھ ڳنھبو آھي. پر جي نالو وٺڻ ۾ اچي، تھ ان جي نالي سان سوين جٺيون ٿينديون آھن.“ ۽ اھڙا ٻيا بھ گھڻا طعنا ھڻي، منھنجو جيءُ اھڙو جلائي ڇڏيائون جو آءٌ ھڪڙو دم بھ وڌيڪ اتي ٽڪي نھ سگھيس.“

تڏھين ڪڇؤنءَ پڇيس، ”اي يار! چڱو ٿيو، جو اِھا ماليات تنھنجي ھٿن مان کسجي ويئي، نھ تھ جيڪر انھيءَ لاءِ توکي پنھنجو ساھھ ڏيڻو پوي ھا. شڪر ڪر، تھ ٿورڙي ئي ۾ ڇٽو آھين. حياتي آھي، تھ ڌن گھڻو ئي ٿي پوندو، پر ياد رکج، تھ ڌنو ٻنو آھي! جنھن وٽ ڌن ھوندو، ۽ ان مان خرچ ذرو بھ نھ ڪندو، تنھن سان حال اھڙو ٿيندو، جھڙو توسان ٿيو آھي.“

تڏھن ھرنڪ چيو، تھ ”ھنن جوڳين مون کي مھڻن ڏيڻ ۾ ڪا گھٽتائي ڪانھ ڪئي ھئي،جو تون ٿو ھاڻي پورائي ڪرين! توکي سڌ نھ آھي ڇا، تھ پئسي وارو جتي وڃي تتي جي اڻ سينڌو ئي ھجي، تھ بھ آڌر ڀاءُ لھي ٿو؟ ۽ سڃو سکڻو، جيتوڻي ڄاڻ پڇاڻ وارو ھجي، تھ بھ پڇيس ئي ڪونھ! پئسو اھڙي تھ چڱي شيءِ آھي، جنھن جي ميڙڻ لاءِ سڀڪو رات ڏينھن مٿا پيو ھڻي، پر مڙندو ڪيئن، جي رڳو پڳو اوھان جي چوڻ پٽاندر ھڙ ڇوڙي ويھبي؟ جي پئسي ميڙڻ جي چوس رکبي، تھ ھڪڙي پاسي خرچ گھٽائبو، ٻئي پاسي پڪي ڳنڍ ڏبي. دنيا ۾ ڌن جھڙي ٻي ڪا بھ پياري شيءِ نھ آھي، ماءُ پيءُ جھڙو ئي چئبو، بلڪ ان کان بھ وڌيڪ ڇاڪاڻ تھ ڌن کان سواءِ ڪوبھ مطلب پورو ٿي نٿو سگھي. نيٺ، اي دوست! جڏھن ڏٺم، تھ منھنجو مال متاع سڀ جوڳي کڻي پڙ پالھو ڪري ويا، تڏھن اتي وڌيڪ ٽڪڻ مناسب نھ ڄاڻي، نڪري وڃي ھڪڙي جھنگ ۾ ٿيس.

جيتوڻيڪ سياڻن چيو آھي تھ انسان کي ٽي ڳالھيون لڪائڻ گھرجن: (١) پنھنجي ڌن جي ھاڃ، (٢) پنھنجي زال جي بدچالي، (٣) پنھنجي دل جي ڳڻتي، تڏھن بھ اوھين منھنجا حالڀائي آھيو، تنھنڪري اوھان کان ذرو بھ ڳجھو ڪين رکيو اٿم. ھاڻي شڪر ڪر تار جو، جنھن تو جھري يار سان آڻي ملايو اٿم. سچ آھي تھ ھيءُ جڳتر ڏک جو گھر آھي، پر ايشور جنھن تي ٻاجھھ ڪري ٿو، تنھن کي ھي پنج ڳالھيون پراپت ٿين ٿيون: (١) علم جو واڌارو، (٢) ڀڳونت جي بندگي، (٣) دل جو سوجھرو، (٤) سچائي، (٥) چڱن سان پريت، تنھنڪري آءٌ نڀاڳن جوڳين جي ظلم کان ڪو دلگير نھ آھي. سر سلامت رھيو، ۽ تودوست جي ملاقات ٿي، تھ ڌن ڪھڙي شيءِ آھيان. مايا تي ڪھڙو ڀروسو آھي، سج ٻھ پاڇا، ڪڏھين اچي پيئي، ڪڏھن وڃي پيئي.“

تڏھين ڪڇؤنءَ چيو، تھ ”اي ادا! جيڪو پنھنجي ڌن مان خيرات ڪندو آھي، تنھن جو ڌن کٽندو ئي ڪين آھي. پر جيڪڏھن خرچ ۽ خيرات ڪندو ئي ڪين، رڳو ويندو ميڙيندو، تھ جيئن پاڻيءَ جو ميڙ غلبو ڪري، ڪھڙو بھ مضبوط بند ھجي تھ ان کي گھارو وجھي، ڇوھھ مان نڪري ٻاھر پوندو آھي، تيئن ڌن بھ جمع ٿيڻ کان پوءِ جلھھ ڪري ميڙيندڙ جي ھٿان نڪري ٻئي جي ور وڃي چڙھي ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com