ھٿ ٻڌي عرض ڪيائين، ”خداوندا! ھن جھنگ جي رھاڪن
مون کي وڪيل ڪري اوھان جي خدمت ۾ موڪليو آھي، ۽
ھيءُ عرض ڪيو اٿن، تھ اوھان کي ايترن جانورن کي
مارڻ مان ڪھڙو سود ٿو ٿئي، اسين سرڪار جي حضور ۾
اقرار ٿا ڪريون، تھ ھر روز ھڪڙوجانور توھان کي
پھچائي ڏينداسون، ۽ ان ڳالھھ ۾ ڪو بھ تفاوت نھ
ڪنداسون.“
شينھن اھا ڳالھھ قبول ڪئي. سھو اتان موڪلائي موٽي ان جھنگ ۾ آيو
۽ جيڪا گفتگو ٻنھي جي وچ ۾ ھلي ھئي، سا سربستي اچي
سنگتين کي ٻڌايائين. تنھن کان پوءِ ڏھاڙي ھڪڙو
جانور شينھن کي پھچائيندا رھيا.
ھڪڙي ڏينھن جڏھن خود انھي سھي جي نوبت آئي، تڏھن ويچاري ڊڄي دل
۾ ويچار ڪيو تھ ھاڻي ڪا اھڙ بازي پکيڙيان، جو
ڳالھھ بھ رھجي اچي ۽ شينھن جي چنبي کان بھ ڇٽان.
اِھو خيال ڪري پنھنجن ٻچن کان موڪلائي رئندو شينھن
ڏانھن ھليو. ٿورو ھلي واٽ تي ترسيو ۽ ويچار ڪيائين
تھ جانورن مون کي ڏاڍو سياڻو ۽ ڏاھو سمجھيو ٿي پر
جيڪڏھن منھنجي سياڻپ مون کي ڪم نھ ايندي، تھ ڪا
مئي کان پوءِ ڪم اينديم ڇا؟ ائين ڪري اتان اٿي
اڳتي ھليو.
جڏھن شينھن وٽ آيو، تڏھن ھو جو بک کان ڇتو ٿيو ويٺو ھو، سو
گجندي چوڻ لڳو، ”اڙي منھنجي کاڌي ۾ اڄ ھيتري دير
ڇو پيئي؟ منھنجي نيرن جي مھل ئي ٽري ويئي.“ تڏھن
سھي ويچاري ڏڪي ڪنبي چيو، ”جيڪڏھن مون کي جيئدان
ملي، تھ عرض ڪريان؟“
شينھن چيس، ”سگھو چؤ تھ ڇا آھي؟“
سھي چيو، تھ ”منھنجا خاوند! مان ھيڏاھن ھليو ٿي آيس، تھ واٽ تي
ھڪڙو ٻيو شينھن گڏيم، سو ڏسي منھنجي پٺيان پيو،
تڏھن مان اٿي ڀڳس، ۽ رڙ ڪري چيومانس، تھ ”توکي
بادشاھھ دردانت نٿو سجھي؟“ تڏھن ھو چوڻ لڳو تھ
”اڙي دردانت ڪھڙي شئي آھي، جو مون سان وڙھي، يا ھن
جھنگ ۾ ٽڪي سگھي؟ ھاڻي مان توکي ڇڏيان ٿو، تون وڃي
ھن کي اھا ڳالھھ ٻڌائج. سو غريب پرور! مون اوھان
کي چتايو، اڳتي مالڪ آھيو.“
شينھن اھا ڳالھھ ٻڌي سڙي کامي چيو، تھ ”اڙي، تون مون کي ھلي اھا
جاءِ تھ ڏيکار.“
سھو اڳيان، ۽ شينھن پٺيان، ويندي ويندي اھڙي ڪنھن جھنگ ۾ وٺي
ويس، جنھن ۾ ھڪڙو تمام اونھو کوھھ ھو. ۽ انھي کوھھ
جي ڀر تي بيھي چوڻ لڳس تھ ”سائين! او اجھو.! ھن
کوھ ۾ اوھان جو ويري.“
تڏھن شينھن ان کوھھ ۾ ليئو پائي ڏٺو، ۽ پنھنجو پاڇو پاڻيءَ ۾
ڏسي، سھي جي ڳالھھ سچي ڄاڻي، ڪاوڙجي گجگوڙ ڪيائين
تھ اھڙو ئي آواز موٽي کوھھ مان ٻڌائين، تڏھن
ھيڪاري پڪ ٿيس ۽ غضي ٿي ان کوھھ ۾ ٽپو ڏيئي ڪري
پيو ۽ اتي ئي غوطا کائي مري ويو.“
اھا ڳالھھ پوري ڪري ڪانءُ چوڻ لڳو، ”اي پياري! جھڙيءَ طرح سھي
کيڏ سان شينھن کي ماريو، تھڙي طرح آءٌ بھ ھن نانگ
کي ناس ڪندس.“
مادي پڇڻ لڳيس ”جيڪڏھن توکي اھڙو عقل آھي تھ دير ڇو ٿو ڪرين؟
ڪانءَ چيو تھ عقل وارن چيو آھي تھ تڪڙ ڪم شيطان جو
آھي. سنڌيءَ واري بھ چيو آھي: دير پيا درست ٿيا.
اڄ مان پنھنجي دل ۾ تجويز ڪندس ۽ سڀاڻي انھيءَ ڪم
کي لڳي پورو ڪندس.“
ماديءَ چيس، تھ ”اي ڀتار! جنھن کي ڪم ڪرڻو آھي، ۽ اھو ٿي سگھيس
ٿو، سو جي چوي تھ مان اڄ نھ سڀاڻي ڪندس، تھ انھيءَ
جھڙو مورک دنيا ۾ ڳوليو ڪونھ لڀندو. تنھنڪري ھاڻي
ستت وڃي ھن جي مارڻ جي ڪا تجويز ڪر.“
تنھن تي ڪانءُ اتان اڏامي، بادشاھھ جي محلات جي مٿان وڃي ويٺو.
انھيءَ مھل بادشاھھ جي ڌيءُ ويٺي اتي وھنتي، ۽
پنھنجو نو لکو موتين جو ھار ڳچيءَ مان لاھي ڪليءَ
۾ ٽنگي ڇڏيو ھئائين. ڪانءُ اھو ڏسي ورتو، ۽ اتان
اڏامندي ان کي پنھنجي چھنب ۾ کڻي، ماڙيءَ جي
چوٽيءَ تي وڃي ويٺو.
انھيءَ وچ ۾ ٻانھين ھل مچايو، تنھن تي بادشاھھ کي خبر پيئي،
جنھن پنھنجي نوڪرن کي بڇي چيو، تھ سرت ڪجو، متان
ھي ڪانءُ اکين کان ٽرڪي نھ وڃيو. جڏھن ڪانءُ
پنھنجي آسپاس ماڻھن جو ميڙ ڏٺو، تڏھن ھري ھري
اڏامندو، پنھنجي آکيري ڏانھن ھليو، ۽ جيڪي ماڻھو
اتي گڏ ٿيا ھئا، سي سڀ ھن جي پٺيئون ڊوڙيا. ڪانءُ
ان ساڳئي وڻ تي وڃي ويٺو، جنھن ۾ اھو نانگ ھو، ۽
اھي ماڻھو بھ سڀيئي وڻ جي ھيٺان ڪانءَ ۾ اکيون
پائي ڪنرو ڪري بھي رھيا.
جڏھن ڪانءُ ھيءُ رنگ ڏٺو، تڏھن اھو ھار نانگ جي ڳچيءَ ۾ وجھي،
پاڻ اڏامي وڃي ٻئي وڻ تي ويٺو. انھن ماڻھن منجھؤن
ٻھ – ٽي ڄڻا نانگ جي ڳچيءَ مان ھار جي لاھڻ لاءِ
وڻ تي چڙھيا؛ پر نانگ انھن ماڻھن کي پاڻ ڏانھن
ايندو ڏسي ڦڻ ڪڍي ڦوڪون ڏيڻ لڳو. تنھن تي انھن
ماڻھن ڊپ کان ھيٺ لھي ھڪڙي واڍي کي گھرايو. پوءِ
انھي وڻ کي پاڙون وڍارائي، نانگ کي ماري، ھار
بادشاھھ وٽ کڻي آندو.“
”سو اي ڪرتڪ! ڪانءَ نانگ کي مارايو، ۽ سھي شينھن کي، ھيءُ ڍڳو
ڪھڙي شئي آھي، جو عقل جي تجويز سان مري نھ سگھبو؟“
تڏھن ڪرتڪ چيو ”اي دوتڪ! جيڪڏھن پاڻ ۾ ٿوم ساري سگھين ٿو تھ وڃ
دير نھ ڪر“.
دوتڪ ھيءَ ڳالھھ مڃي ۽ سنجوڳھ کي خلاصو نيئي ساڻس اوڀايون
لھواريون ڳالھيون ڪري، چوڻ لڳس تھ، مون کي بادشاھھ
چيو آھي تھ تون سنجوڳھ کي وڃي چؤ تھ سرڪار وٽ لشڪر
گھڻو گھٽ آھي ۽ خزاني جي ڪمي ڪانھي، تنھنڪري لشڪر
رکڻ جي اھڙي تجويز ڪري، جو ڪنھن کي خبر نھ پوي ۽
ڪٽڪ بھ ستتئي تيار ٿئي.“
سنجوڳھ ھن جي ڳالھھ تي اعتبار ڪري ۽ خزانو کولي لشڪر رکڻ لڳو.
جڏھن دوتڪ ڏٺو، تھ ھاڻي لشڪر گڏ ڪرڻ جي پٺيان
سنجوڳھ گھڻو خزانو بادشاھھ جو خرچي چڪو آھي، تڏھن
شينھن وٽ ادب سان سلام ڪري پنھنجيءَ جاءِ تي بيھي
عرض ڪائين تھ ”خداوند! ھنن ڏينھن ۾ مون کي ھڪڙو
عجيب تماشو ڏسڻ ۾ آيو آھي، پر حضور جن جي اڳيان
اھو ظاھر ڪري نٿو سگھان! دانائن جو قول آھي تھ جو
اڻ ڪوٺيو ڪنھن جي گھر وڃي يا بنان پڇئي ڳالھائي
تنھن جھڙو بيوقوف ڪو ڪونھي، ۽ مان ڊڄان ٿو تھ متان
ڳالھھ ڪرڻ مان منھنجو بھ حال اھڙو ٿئي، جھڙو استاد
کان ھڪڙي شاگرد جو ٿيو ھو.“
شينھن پڇيو تھ ”اھا ڳالھھ ڪيئن آھي؟“
١٤ – استاد ۽ شاگرد
دوتڪ چوڻ لڳو، تھ ”مون کي ٻڌڻ ۾ آيو آھي، تھ لکنؤ شھر جي ويجھو
ھڪڙو وسين آھي، اتي ڪو استاد ڇوڪر پاڙھيندو ھو. پر
ان استاد کي آفيم کائڻ جي علت ھوندي ھئي؛ ۽ جڏھن
آفيم جو نشو لھندو ھوس، تڏھن ننڊ اچي ويندي ھيس،
اھڙيءَ حالت ۾ جيڪڏھن ڪو ان کي جاڳائيندو ھو، يا
ڪو شاگرد کانئس سبق جو لفظ پڇندو ھو، تھ ڪاوڙجي ان
کي ماريندو ھو، ۽ چوندو ھو تھ ”اي بيوقوف! مڪتب ۾
پھريائين ادب سکڻ گھرجي“.
اھڙيءَ طرح ڪندي ھڪڙي ڏينھن سڀني شاگردن کي تاڪيد ڪيائين، تھ
”جيڪڏھن بنان پڇئي مون کان ڪا ڳالھھ پڇي اٿو، يا
مون کي ننڊ مان جاڳايو اٿو، تھ اڌ مئو ڪري ڇڏيندو
سانو.“ شاگردن اھا ڳالھھ ٻڌي جاڳائڻ جي پچر ئي ڪري
ڦٽي ڪئي.
ھڪڙي ڀيري رات جو ڏئي کي اوڏو رکي، ھڪڙي شاگرد کي ويٺي سبق
ڏنائي، تھ ايتريءَ ۾ پنڪي اچي ويس؛ ۽ سندس پاڳ جو
طرو ڏئي جي لاٽ تي وڃي پيو، ۽ پوڻ شرط اچي پاڳ کي
باھھ لڳي ۽ ان کان مٿي کي جا لھس آيس، سو اڇانگ
ماري پنڪيءَ مان سجاڳ ٿي، ان شاگرد کي چوڻ لڳو تھ
”احمق! ڏٺيئھ تھ منھنجي پڳڙي پيئي سڙي، پوءِ ڇو
نٿي مون کي جاڳايئھ؟“
ائين چئي ھن کي ڀري ٻھ لپاٽون ھنيائين.
تڏھن ھن روئي چيو، ”سائين اوھان جھلي ڇڏيو ھو تھ ننڊ مان مون کي
نھ جاڳائجو ۽ پڇئي ڌاران ورندي نھ ڏجو، ڇو تھ اِھا
بي ادبي آھي؛ تنھنڪري مون اوھان کي نھ جاڳايو.“
استاد چيو، ”نامراد، پر اھا منع تھ ڪانھ ڪئي ھيم،
تھ ڪنھن جي ھاڃ پيئي ٿئي تھ ويٺو ماٺ ڪري ڏسجي، ۽
ٻڌائجيس ئي ڪين!“
تنھنڪري، دوتڪ چيو، ”سائين، مان بھ جي ڪڇان ٿو تھ بي ادبي ٿي
ٿئي، جي نٿو ڪڇان تھ نمڪ حرامي ٿو ليکجان.“
بادشاھھ فرمايو، مون توکي پنھنجو وزير انھيءَ واسطي ڪين ڪيو ھو،
تھ جيڪي ڏسين وائسين، سو مون کان لڪائين. ھاڻي
جيڪڏھن ڪي ڏٺو اٿئي، جنھن جي ظاھر ڪرڻ ۾ سرڪار جو
فائدو آھي تھ سگھو ٻڌاءِ.“
تڏھن دوتڪ وينتي ڪري چوڻ لڳو، ”جيڪڏھن سائينجن ڀروسو ڪن تھ
سموري حقيقت ظاھر ڪريان؟“
بادشاھھ ڪنڌ ڌوڻي چيو ”ھون.“ ھن وراڻي ڏني، تھ جيئن تون؛ سنجوڳھ
ھاڻي سرڪار کان باغي ٿيو آھي، ۽ اوھان جي حڪم
ڌاران لشڪر پيو گڏ ڪري، ھو سگھارو پڻ آھي.“
اھا ڳالھھ ٻڌي بادشاھھ جو منھن ٽامڻي ھڻي ويو ۽ ڪيترائي جاسوس
جھٽ پٽ بڇيائين، تھ ان ڳالھھ جو پتو ڪڍي اچو.
ٻن – چئن ڏينھن کان پوءِ جاسوس موٽيا ۽ اچي عرض ڪيائون تھ
”جيئندا قبلا، سنجوڳھ جي لشڪر گڏ ڪرڻ بابت جيڪي
ٻڌو اٿو، تنھن ۾ ذرو بھ تفاوت ڪونھي.“
تڏھن دوتڪ بادشاھھ کي چيو تھ .سائين، حال اِھو آھي، جو اوھان
ڪنن سان ٻڌو، غلام ڪا ٻي ڳالھھ ڪانھ ٿي ڪئي. اڳتي
تھ مرضيءَ جا مالڪ آھيو.“
شينھن چيو، ”جيڪڏھن سنجوڳھ کي ھاڻي ماري وجھندس، تھ چوندا تھ
ھيءُ ڪھڙو نھ ظالم بادشاھھ آھي، جو جنھن کي پاڻ وٽ
گھرائي سروپاءِ ڍڪائي ٿو، تنھن کي وري مارائيندي
بھ ويرم ئي ڪانھ ٿو ڪري، انھي ڳالھھ مان اٽلندو کل
ٿيندي.“
دوتڪ عرض ڪيو ”غلام جي ناقص عقل ۾ ھيءَ تجويز ٿي اچي، تھ بلفعل
خزانو ھن جي حوالي مان ڪڍي ڪنھن ٻئي کي سونپجي ۽
ھن جو قوت پڻ گھٽائي ڇڏجي، جنھنڪري ڪم – قوت ٿي
پوي.“
بادشاھھ دوتڪ جي ڳالھھ مڃي حڪم ڏنو، تھ خزانو ”سنجوڳھ جي ھٿ مان
کسي وٺو ۽ سندس قوت پڻ گھٽائي ڇڏيو.“ تڏھن دوتڪ
اتان موڪلائي، ٻاھر نڪري، دربان کي چيو، تھ
”بادشاھھ حڪم ڏنو آھي، تھ سنجوڳھ کي اڄ کان وٺي
مون وٽ حڪم ڌاران اچڻ نھ ڏجو.“
ائين چئي پنھنجي گھر آيو، ۽ سنجوڳھ کي اتي گھرائي چيائين تھ
”بادشاھھ توکي چيو آھي، تھ ري ڪوٺيو اڳتي مون وٽ
متان اچين، لشڪر ۽ فوج رکڻ ۾ مشغول رھجانءِ.“ مورک
ڍڳو، ٺڳ وزير جي ڳالھھ تي پت ڪري ۽ خوش ٿي وڌيڪ
لشڪر جي گڏ ڪرڻ ۾ مشغول رھيو، ۽ گھڻي ئي ڏينھن
گذري ويا، تھ بادشاھھ جي سلام تي بھ ڪين ويو.
تڏھن دوتڪ ھڪڙي ڏينھن وجھھ ڏسي ڪچھريءَ ۾ ڪنھن کان پڇيو تھ
”ڪيترن ڏينھن کان سنجوڳھ ھتي نٿو اچي؟“
ھن وراڻي ڏني ”مون کي سڌ نھ آھي.“
تڏھن بادشاھھ چيو تھ ”چئن – پنجن ڏينھن کان ھو حاضر نٿو رھي؟“
دوتڪ چيو تھ ”غلام اڳي ئي حضور ۾ عرض ڪيو ھو تھ ”ھن وٽ روزمره
لشڪر پيو گڏ ٿئي، ۽ پڪ آھي تھ اڄ نھ سڀان حضور جن
سان سامھون ٿيندو.“
بادشاھھ چيو تھ ”اي دوتڪ! ھن جي کپت ۽ بي ايمانيءَ جون ڪي ڪي
ڳالھيون مون چارين جي واتؤن بھ سئيون آھن، تنھن ۾
توکي جاسوس جيڪڏھن ڪو عقل وارو سجھي، تھ جھٽ پٽ
روانو ڪرينس تھ ھن جي منصوبي جو واقف ٿي اچي خبر
ٻڌائي.“
تنھن تي ھڪڙو عقل وارو ڪئو، جو سندس يار ھو، تنھن کي پاڙھي ڀڙ
ڪري آڻي بادشاھھ جي روبرو ڪيائين، ۽ ان کي مٿئين
ڳالھھ جي تحقيقات لاءِ مقرر ڪرايائين.
جڏھن ڪئو سنجوڳھ وٽ ويو، تڏھن سنجوڳھ ھن سان گھڻو آڌر ڀاءُ ڪيو
۽ پنھنجي ڀر ۾ ويھاري گھڻي تسلي وٺي پڇيائينس تھ
”اوھان جو ھتي اڄ ڪيئن اچڻ ٿيو آھي؟“
ڪئي چيو تھ ”دوتڪ وزير مون کي اوھان ڏي موڪليو آھي، ھن لاءِ تھ
بادشاھھ جلد سواريءَ تي نڪرڻ وارو آھي، تنھن ۾
اوھان ڪو لشڪر تيار ڪيو ھجي تھ چڱو، جي نھ تھ
بادشاھھ پڇي تھ ڪھڙي ورندي ڏيونس؟“
سنجوڳھ چيو تھ منھنجي پاران وزير کي سلام ڏيئي چئجو، تھ ”مون
بادشاھھ جي اقبال سان ھڪڙي وڏي فوج گڏ ڪئي آھي، ۽
ٿورو لشڪر ٻيو بھ رکي وٺان، تھ پوءِ خدمت ۾ اچي
حاضر ٿيندس.“ ائين چئي ان کي سوکڙي سڙي ڏيئي روانو
ڪيائين.
جڏھن ڪئو ڪچھريءَ ۾ اچي حاضر ٿيو، تڏھن بادشاھھ پڇيس تھ ”ڇا
ڏٺيئھ؟“ عرض ڪيائين، تھ ”جيئندا قبلا، آءٌ پنھنجي
اکين سان ڏسي آيو آھيان، تھ ھن بيشمار لشڪر گڏ ڪيو
آھي ۽ سندس ڳالھائڻ ٻولھائڻ، ھلت چلت ۽ سندس نوڪرن
چاڪرن جي چوڻ مان ائين پروڙيو اٿم تھ ھو اڄ نھ
سڀان سائينجن سان سامھون ٿيندو.“
ھيءَ ڳالھھ ٻڌي بادشاھھ کي اھڙي ڪاوڙ لڳي، جو اٿندي ئي وڃي
سنجوڳھ کي ماري وڌائين. مگر موٽي جڏھن ھن جي
وفاداريءَ ۽ ڀلائيءَ جون ڳالھيون اچي ياد پيس،
تڏھن ارمان کائي چيائين، ”الا! ھي ڇا ڪيم، ھو
منھنجو مٺ گھرو نوڪر نھ ھو! مون ڇو اٻھرائي ڪري ھن
کي ماريو! چڱو ٿئي ھا، جو سانھھ ستيءَ سان دريافت
ڪري، پوءِ جيئن مناسب سمجھھ ۾ اچيم ھا، تيئن ڪريان
ھا!“
دوتڪ چيو ”خاوند! ھاڻي پڇتائڻ اجايو آھي، ڇاڪاڻ تھ ھيءَ ڳالھھ
دنيا ۾ مشھور آھي، جو نڪي ڀڳو شيشو وري سڄو ٿئي ۽
نڪي مئي پِراڻي وري جِي پوي. خدا نھ ڪري ھا، پر
جيڪڏھن ھو اوھان سان سامھون ٿئي ھا، تھ مرندي
گھڙيءَ اھو درد اوھان کي نھ وسري ھا، تنھنڪري ويري
ماريو ڀلو آھي. جي اوھان جي ھٿان بچي وڃي ھا، تھ
ڪڏھن نھ ڪڏھن وير وٺي ڇڏي ھا.“
باب ٽيون
]جنگ
جي بيان ۾[
پنڊت چيو ”مون ٻڌو آھي تھ ڪنھن سمي خشڪيءَ ۽ پاڻيءَ تي رھندڙن
جانورن جي وچ ۾ اچي جنگ – جنگاه لڳي. پاڻيءَ وارن
جانورن جو بادشاھھ قاز ھو ۽ خشڪيءَ وارن جو
ڪاٺڪٽو. جيتوڻيڪ قاز جو لشڪر سرس ھو، تڏھن بھ
ڪاٺڪٽي پنھنجي سياڻپ ۽ تجويز سان سوڀ حاصل ڪئي.“
شاھزادن پڇيو تھ ”اھو داستان ڪيئن آھي؟ مھرباني
ڪري ٻڌايو.“
١٥ – قاز، ٻگھھ، ۽ ڪاٺڪٽو
پنڊت چوڻ لڳو تھ، ”ھندستان ۾ ڪرنپور نالي ھڪڙو شھر آھي. ان جي
ويجھو ھڪڙي وڏي ڍنڍ ھوندي ھئي، جنھن تي ڪيترا وڻ
ھئا؛ ڪسيون ڦٽي نڪتيون ھيون. ان ڍنڍ ۾ ھڪڙو قاز
پکي راڄ ڪندو ھو، ۽ سڀ پکي پکڻ سندس حڪم ھيٺ رھندا
ھئا.“
ھڪڙي ڏينھن ھو پنھنجي تخت تي خوشيءَ ۾ ويٺو ھو تھ ايتري ۾ ھڪڙو
ٻگھھ اچي چانئٺ چمي ادب سان ھٿ ٻڌي بيھي رھيو.
بادشاھھ چيس ”اڄ بلڪل گھڻن ڏينھن کان پوءِ ڏسڻ ۾
آيو آھين؟“
ٻگھھ جواب ڏنو تھ ”سائين، مان ھت خير ڪو ھوس، ھينئر سامھون ھڪڙي
اھڙي ملڪ مان ھليو ٿو اچان، جنھن جي واکاڻ ڪري نٿو
سگھان!“
بادشاھھ پڇيس تھ ”ڇا ڏسي موٽيو آھين؟“
عرض ڪيائين تھ ”سائين ويٺي ويٺي ھڪڙي ڏينھن اچي دل ۾ پور پيم،
تھ ڪو جھان جو سير ڪريان، تنھنڪري وطن ڇڏي ٻاھر
نڪتس، ۽ گھمندي گھمندي وڃي دکن نڪتس. اتي ھڪڙو جبل
ڏسڻ ۾ آيم، جنھن جي چوڌاري طرحين طرحين ميون جا وڻ
ڏٺم، ۽ اتي جي رھاڪن کان معلوم ٿيم، تھ ان ھنڌ
پکين جو بادشاھھ ڪاٺڪٽو آھي.
تڏھن دل ۾ ارادو ڪيم، تھ وڃي بادشاھھ سان ٿوري ملاقات ڪريان.
اڃا انھيءَ ويچار ۾ بيٺو ھوس تھ ايتري ۾ ان
بادشاھھ جا ڏھ – ٻارھن سپاھي اچي مون کي ويڙھي
ويا، ۽ مون سان گھڻي گفتگو ھلايائون. پر اھا گفتگو
اھڙي نھ آھي جو ظاھر ڪريان.“
تڏھن قاز چيس تھ ”ظاھر ڪرڻ ۾ ڇا آھي“ تون بي دپو ٿي ڳالھھ ڪر.“
تڏھن ادب سان چوڻ لڳو تھ ”اي خاوند! ايندڙي شرط ھن
جي سپاھين مون کان پڇيو تھ ”تون ڪير آھين؟ ۽ ھتي
ڪيئن آيو آھين“
مون چيو مان تھ ”قاز باشاھھ جي خاص نوڪرن مان ھڪڙو آھيان، ۽ سير
جي سانگي اچي ھتي نڪتو آھيان، ھاڻي ھتان پنھنجي
ملڪ ڏي ھليو ويندس.“
وري مون پڇيو مان تھ ”توھين ڪير آھيو؟“
چيائون تھ، ”اسين ڪاٺڪٽي بادشاھھ جا نوڪر آھيون، جنھن جھڙو
بادشاھھ ھن قت ۾ ڪٿي بھ ڪونھي.“
تڏھن مون چيو تھ ”ايتريءَ وڏائيءَ ۽ ھٺ ڪرڻ جو ڪھڙو ضرور پيو
اٿو. ڌڻي تعاليٰ جي قدرت اپار آھي، ڏاڍن مٿي ڏاڍا
لٿا پيا آھن.“
تڏھن پڇيائونم، تھ ”ھاڻي سچ چؤ، اسان جو بادشاھھ وڏو ڪي تنھنجو،
۽ ڪنھن جو ملڪ وڌيڪ وسندڙ آھي؟،
مون جواب ڏنو تھ ”اي مورکؤ! ڪاڏي اسان جي بادشاھھ جو منھن، ڪاڏي
اوھان جي بادشاھھ جو منھن! ھڪڙو ڪرنپور شھر ئي
اسان جو اھڙو آباد آھي، جو جھڙس ساري دنيا ۾ ڪو مس
ھوندو، ۽ اسانجي بادشاھھ جو ثاني اڄ تائين نڪو ٿيو
آھي، نڪو ٿيندو، تنھنڪري صلاح ٿو ڏيانو، تھ ھي
جھنگ ڇڏي ھلي اسان جي بادشاھھ جي حد ۾ رھو. توھان
جي بادشاھھ لاءِ ايترو چئبو، تھ جتي وڻ نھ آھي اتي
ڪانڊيرو بھ درخت آھي. جيڪڏھن اسان جي ملڪ جي پکيڙ
۽ آبادي، ۽ بادشاھ جو عدل ۽ انصاف ڏسو، تھ عقل ئي
ھوند چرخ ٿي وڃيو ۽ پنھنجو بادشاھ ۽ ملڪ ٻئي ھوند
وسريو وڃنو.“
ھيءَ ڳالھھ ٻڌندي ئي ھنن کي اھڙي مٺيان لڳي، جو ساڙي ۾ ڀرجي مون
کان وير وٺڻ لاءِ سنڀريا. ۽ آءٌ اِھي ڳالھيون ڪري
ايترو پشيمان ٿيس، جيترو ھڪڙي ڀيري ڪي پکي ھڪڙي
باندر کي نصيحت ڪرڻ ڪري ٿيا ھئا.“
قاز پڇيو تھ ”اھا ڳالھھ ڪيئن آھي؟“
١٦- پکي ۽ ھڪڙو باندر
ٻگھھ چيو، تھ ”ڪنھن جبل جي پاڙ ۾، ھڪڙي واھھ جي ڪپ
تي، ھڪڙو وڏو وڻ ھو، جنھن تي ڀانت ڀانت جا پکي جدا
جدا آکيرا جوڙي رھندا ھئا. ھڪڙي ڏينھن چئن ئي پاسن
کان اچي جھڙ ٿيو وڄ کنوڻ لڳي؛ مينھن بھ چوي تھ اڄ
نھ وسان تھ ڪڏھن وسان! ڏينھن ھئا سياري جا،
تنھنڪري ٿڌ بھ اچي اھڙي پئي، جو ماڻھو پڻ ٽڙڪڻ
لڳا.
ايتري ۾ ھڪڙو باندر ڏڪندو ۽ ٿڙڪندو، ان وڻ ھيٺ اچي سھڙيو. ھن
جي ھيءَ حالت ڏسي پکين کي ڪھل آئي، تن چيس تھ ”اي
باندر! ڏس تھ سھي، اسين ھيڏڙا پکي بھ پنھنجي بت کي
جفا ڏيئي، ڪک پن چونڊي پنھنجا آکيرا ٺاھي، مينھن
جي مند ۾ فرحت سان پنھنجن ٻچن سان گڏ گذاريون ٿا،
۽ ڌڻي تعاليٰ توکي ھيڏو وڏو جانور اپايو آھي، ۽ ھٿ
پير ڏنا اٿس، تھ بھ توکان ايترو پڄي نٿو سگھي، جو
مينھن جي ڦڙين ۽ ٿڌ جي ٺار کان پاڻ کي ڪري
بچائين؟“
جڏھن باندر ھيءَ ڳالھھ ٻڌي، تڏھن وڻ جي اتاھينءَ ڏي نھاري چوڻ
لڳو ”اي منھنجا خاوند! ڪٿي چور سڃا ڪٿي ڍور سڃا.“
نيٺ جڏھن مينھن وسي بند ٿيو، تڏھن ان وڻ تي چڙھي جيڪي آکيرا
پکين جا ڏٺائين، سي سڀ پٽي سندن ٻچا ڪيرائي
ڇڏيائين.
سو اي بادشاھھ! بيوقوف کي صلاح ڏيڻ ھٿ وٺي پاڻ لاءِ مصيبت وھائڻ
آھي. مون ھنن کي ڀلائيءَ لاءِ نصيحت ڏني، پر ھن
سمجھيو تھ جيڪس اسان جي بادشاھھ جي گلا ٿو ڪري، ۽
ڀانيائون ٿي تھ ھن کي وڍي ماري وجھون. آءٌ تھ
پنھنجي نالي سا ھوس، سو ڪي عقل جي کيڏ ۽ ڪي اوھان
جي اقبال سان بچي ويس، پر منھنجي واتون نڪري ويو
تھ ”اسان جو بادشاھھ چوي ٿو، تھ ڪاٺڪٽي کي ڪنھن
بادشاھھ ڪيو؟ تنھنڪري ھنن کي اھڙي ڪاوڙ لڳي، جو
مون کي چنبن ۽ چھنگن سان ڇني رتورت ڪري رکيائون.
پر مون بھ منجھانئن ٻن – چئن کي پنھنجي جوانيءَ جي
زور سان چڱي پوڄا ڏيئي ڇڏي.“
قاز چيو تھ ”اي مورک! سياڻي کي سڀڪنھن ڪم ۾ ڌيرج ڪرڻ گھرجي:
جيئن حياءُ آھي زال جو سينگار، تيئن ڌيرج آھي مڙس
جو. جيڪو اٻھرو ٿي ڪو ڪم ڪري ٿو، سو اھڙو بڇڙو بي
مانو ٿئي ٿو جھڙو ھو گڏھ ٿيو ھو.“ |