باب چوٿون
جنگ کان اڳي يا پوءِ دشمن سان ميلاپ ڪيئن ڪجي، تنھنجي بيان ۾
٢٣- قاز ۽ ڪاٺڪٽو بادشاھھ ۽ سندس وزير
پنڊت چوڻ لڳو، ٻڌو اٿم تھ: قاز بادشاھھ ۽ چيھو وزير ٻئي ھڪڙي
وقت پنھنجي لشڪر کان جدا ٿيا بيٺا ھئا. تڏھن قاز
چيھي کان پڇيو تھ ”توکي ڪا خبر آھي تھ قلعي کي
باھھ ڪيئن لڳي؟“
چيھي جواب ڏنو تھ ”اي بادشاھھ! اھو ڪم ڪانءَ جو آھي، جو سدائين
فوج سان رھندو ھو. مون اڳي ئي سائينءَ کي عرض ڪيو
ھو، تھ ڪانءَ جي رھڻ مان ڪڏھن نھ ڪڏھن جوکو
پھچندو.“
تڏھن قاز چيو تھ ”ھن ۾ ھن ڪانءَ جو ڪھڙو ڏوھھ؟ اھو نڀاڳ اسان جو
چئبو. جيئن ڌڻيءَ جي خواھش ھئي تيئن ٿيو.“
چيھي چيو تھ ”جيڪو پنھنجي دوست جي صلاح نھ مڃيندو، تنھنجي اھڙي
حالت ٿيندي، جھڙي ھن ڪڇونءَ جي ٿي ھئي.“
قاز پڇيو تھ ”اھا ڳالھھ ڪيئن آھي؟“
٢٤- ٻھ قاز ۽ ھڪڙو ڪڇؤن
چيھي چيو تھ ”ڪنھن نديءَ تي ٻھ قاز، ھڪڙو ڪڇؤن ڪيترن ڏينھن کان
رھندا ھئا. انھن قازن ۽ ڪڇؤن جي پاڻ ۾ ڏاڍي پريت
ھوندي ھئي. ھڪڙي ڏينھن ھڪڙو مھاڻو ان نديءَ جي
ڪنڌيءَ وٽان چوندو لنگھيو تھ ”سڀاڻي ھن ۾ ڄار وجھي
سڀ مڇيون ڦاسائيندس.“
مھاڻي جي ڳالھھ ٻڌي، ڪڇؤن ۽ قاز ڏاڍا ڊنا، ۽ پاڻ ۾ صلاح ڪرڻ لڳا
تھ ھاڻي ڪا اھڙي رٿ ڪجي، جو ھن مھاڻي جي ھٿن کان
جيئرو بچجي.“
تڏھن قاز چيو تھ ”سڀاڻڪو ڏينھن ڏسي وٺون، پوءِ جون ڳالھيون آھن
پوءِ سان.“
ڪڇؤن چيو تھ ”اي يارو! جيڪڏھن ھو مھاڻو سڀاڻي اچي ٿو سھڙي، تھ
توھين جي اڏامي سگھو ٿا، سي تھ اڏامي بھ ڇٽندؤ، پر
آءٌ پاڻ کي ڪيئن بچائيندس؟ تنھن ڪري ايتري مھرباني
ڪريو، جو مون کي ھتان کڻي ھلي اڳي ئي ڪنھن ٻيءَ
نديءَ تي پھچايو.“
قازن چيو تھ ”تو لاءِ تھ خشڪيءَ تان ھلڻ سلامتي نھ آھي.“
ڪڇؤن وراڻي ڏني تھ ”اي يارو! جيڪڏھن اوھين مون کي جواب ٿا ڏيو،
تھ آءٌ پنڌ ڪري ويندس.“ ھيءَ ڳالھھ ٻڌي ڳڻتيءَ ۾
پئي چيائونس تھ ”جيڪڏھن تون بنا ويچار اوڏانھين
ويندين، تھ تنھنجي حالت بھ ٻگھھ جھڙي ٿيندي.“
ڪڇؤنءَ پڇيو، تھ ”اھا ڳالھھ ڪيئن آھي؟“
٢٥- ٻگھھ ، نور ۽ نانگ
قازن چيو تھ ”ڪنھن نديءَ جي ڪپ تي ھڪڙي وڻ جي پاڙ ۾ ڪو ٻر ھو،
تنھن ۾ ھڪڙو نانگ رھندو ھو. اھو ڏھاڙي ٻر مان
نڪري، گھمندي ڦرندي جيڪا شئي ھٿ لڳندي ھيس، سا کڻي
کائي ڇڏيندو ھو، پر ان وڻ تي رھندڙن کي ڪو ايذاءُ
ڪونھ ڏيندو ھو. انھي وچ ۾ ھڪڙي ٻگھھ پکيءَ ان وڻ
تي اچي آکيرو جوڙي ٻچا ڏنا.
پر ٿورڙن ڏينھن کان پوءِ اچي ڊپ ورتس، تھ متان ھيءُ نانگ ڪنھن
ڏينھن منھنجي ٻچن کي کائي وڃي، تنھنڪري دل ۾ سٽ
سٽي، ٻين ٻگھن کي چيائين تھ ”اي يارو! اڄ ھڪڙو نور
ھن وڻ ھيٺ گھمندو ڏٺو اٿم، تنھن ۾ جي اوھين نديءَ
مان پنھنجي پنھنجي چھنب ۾ ھڪڙي ھڪڙي مڇي جھلي آڻي،
ھن وڻ ھيٺ ڦٽي ڪريون ٿا، تھ مون کي يقين آھي تھ
انھن مڇين جي کائڻ لاءِ نور ۽ نانگ ٻئي ايندا، ۽
پنھنجي ذاتي عداوت ڪري پاڻ ۾ وڙھندا، پوءِ نانگ
نور جي ھٿان مارجي ويندو.“
ٻگھن اھا ڳالھھ مڃي، ۽ نديءَ مان مڇيون ڪڍي آڻي ان وڻ ھيٺيان
ڦٽيون ڪري، پاڻ ھيٺ اکيون پائي ٽارين تي ويھي
رھيا، تھ اجھا ٿي ھاڻي ھنن ٻنھي جي پاڻ ۾ چٽا ڀيٽي
لڳي، ڏسون تھ ڪير ٿو ڪنھن جي ھٿان مارجي.
ايتري ۾ نور اچي مڇين کي چونڊيندو کائيندو ويو. نانگ بھ انھي
وقت ٻاھر نڪتو، پر نور کي ڏسي وڻ ھيٺ ڪرونڊڙو ٿي
ويھي رھيو، انھي لاءِ تھ ڪيڏانھن ھي نور پاسي ٿئي،
تھ آءٌ بھ ھنن مڇين مان وٽ ڪريان. اتفاقا نور جي
اک نانگ تي پئجي ويئي، ۽ اتي ٻنھي جي وچ ۾ اچي جنگ
لڳي، تان جو نور نانگ کي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيو.
وري جان مٿي ڪنڌ کڻي نھاري، تھ اڇا بگھھ چمڪندا ڏسڻ ۾ آيس، تڏھن
ڄاتائين، اھي بھ مڇيون آھن، سو مٿي چڙھي ويو. ٻگھھ
تھ ھن کي ڏسي اٿي اڏاڻا، باقي جي سندن ٻچا آکيرن ۾
ويٺا ھئا، تن کي نور کائي شي ڪري سڀ آکيرا اڏائي
ڇڏيا.
تنھن ڪري قازن چيو ”اي يار سياڻو اِھو آھي، جو پھريائين پنھنجي
واسطي نئين جاءِ ويچارسان رٿي، پوءِ اوڏانھين
وڃي.“
ڪڇؤنءَ وراڻي ڏني تھ ”توھين رات ڏينھن اوڏاھين اچو وڃو پيا،
پوءِ تھ مون کي ناحق ڇاڪاڻ پيا ڊيڄاريو؟“
قازن ڪيترو ئي سمجھايس، پر ھن ڪا بھ صلاح نھ ورتي. تڏھن لاچار
ٿي چيائونس تھ ”ڀلا، ھاڻي تون ھن ڪاٺيءَ کي وچان
چڪ وجھي جھل، تھ توکي کڻي ھلون. پر تون ايترو ڪج،
جو جيڪڏھن ڪو توکي رستي تي مھڻو ڏئي، تھ پٽيءَ
واتئون نھ ڪڇج.“
ھن جواب ڏنو تھ ”مھڻو تھ بجاءِ خود، پر جي ڪو مون کي ماريندو تھ
بھ آءٌ ڪين ڪڇندس. اھو انجام وٺي، ڪاٺيءَ جا ٻئي
مٿا پنھنجن واتن ۾ جھلي اٿي اڏاڻا. جڏھن ھڪڙي ڳوٺ
جي مٿان اچي لنگھيا، تڏھن اتي جا ڳوٺاڻا مڙي ھن
تماشي ڏسڻ لاءِ ٻاھر نڪتا.
ھڪڙي ڇوڪر منجھانئن چيو تھ ”جيڪڏھن ھيءُ ڪڇؤن ڪري ٿو تھ آءٌ ڀڃي
ٿو کانس.“
ٻئي چيو ”جيڪڏھن منھنجي ور ٿو چڙھي، تھ ڪوڪ ٿو ڪريانس.“
ڪڇؤن بھ ماٺ ڪري پئي ٻڌو. نيٺ جڏھن گھڻا اوڀالا مليس، تڏھن غصي
ٿي چيائين تھ ”پٿر ڇو نھ کائو؟“
اڃا ايترو ڪڇيائين، تھ مٿان ڪري اچي ڌو پٽ تي پيو ۽ ماڻھن کي
شڪار ٿي آيو.
تنھن ڪري چيھي چيو تھ ”اي بادشاھھ! جو پنھنجي سنگتيءَ جو چيو
نٿو مڃي، تنھن کي اھڙيون سختيون آڏو اچن ٿيون.“
اڃا انھيءَ ڳالھھ ٻولھھ ۾ ھئا، تھ ڪوٽوال جي ڀاءُ قاز بادشاھھ
کي اچي سلام ڪري چيو تھ ”غلام اڳيئي چوائي موڪليو
ھو، تھ قلعي جي اندر جو ڪانءُ آھي سو ڪاٺڪٽي جو
موڪليل آھي. ھاڻي ڪاٺڪٽي ھن کي سروپاءِ پھرائي
ھيءُ ملڪ سندس اولاد جي نالي مقرر ڪيو ٿي، پر ڪرگس
وزير ناراض ٿي عرض ڪيو، تھ ”ھيءُ ملڪ ڪانءُ کي ڏيڻ
نھ گھرجي، ڇاڪاڻ تھ کوٽو آھي.“
تنھن تي ڪاٺڪٽي چيس تھ ”جو شخص ھڪڙي دفعي نمڪ حلالي ڪري ڏيکاري،
تنھن سان مھرباني ڪرڻ واجب آھي، تھ او ٻيھر بھ
پنھنجو ڌڻيءَ جو ڪم دل ۽ جان سان ڪري.“
پر ڪرگس وري چيس تھ ”ڪانءُ کوٽي سڀاءَ جو آھي، تنھن سان جيڪو
نيڪي ڪندو، تنھن کي اھڙو ڦل ملندو، جھڙو ھن ٻڍي
جوڳيءَ کي مليو ھو.“
ڪاٺڪٽي پڇيس تھ ”اھا ڳالھھ ڪيئن آھي؟“
٢٦- ٻڍو جوڳي ۽ ڪوئو
ڪرگس چيو تھ ”ڳالھھ ڪندا آھن، تھ سنڌو نديءَ جي ڪپ تي ھڪڙي
جوڳيءَ جو آستان ھوندو ھو. ھڪڙي ڏينھن انھيءَ
جوڳيءَ پنھنجي چائنٺ وٽ ويٺي جپ ڪيو، تھ ھڪڙو
ڪانءُ ڪوئي جو ٻچو چنبي ۾ کڻي اچي وٽانئس لنگھيو.
اچانڪ اھو ٻچو سندس چنبي مان ڪري، اچي جوڳيءَ جي
اڳيان پٽ تي پيو. جوڳيءَ ان تي ديا آڻي نيئي اھڙي
پيار سان نپايس، جو ھو اچي وڏو ٿيو.
ھڪڙي ڏينھن ان ڪئي کي ڪنھن ٻليءَ اچي جھٽ ھنيو، پر جوڳيءَ اتان
بچائي ورتس. نيٺ دل ۾ ھيءُ پھھ ڪيائين، تھ ھن ڪئي
کي ٻلي ڪري ڇڏيان، تھ پوءِ ٻيون ٻليون مور سندس
نالو نھ وٺن. ائين چئي ڇوڪارو ھنيائينس، تھ ھو ترت
ڪئي مان مٽجي ٻلي ٿي پيو. پوءِ ڪتن کان لڳو ڊڄڻ.
تڏھن جوڳيءَ منتر پڙھي ڦيري ھن کي ڪتو ڪيو. نيٺ
ھيءَ ڳالھھ دل ۾ آيس، تھ ھن کي اڳوپوءِ شينھن ڪري
ڇڏيان، تھ ڪو بھ جانور نالو نھ ڳنھي. آخر منتر
پڙھي، ھن کي شينھن ڪيائين، جو ڏينھن جو شڪار لاءِ
جھنگ ۾ نڪري ويندو ھو ۽ رات جو اچي جوڳيءَ جي گھر
تي پھرو ڏيندو ھو.
ماڻھو جي جوڳيءَ جي درشن لاءِ ايندا ھئا، سي ھڪڙي ڏينھن پاڻ ۾
چوڻ لڳا تھ ”پھريائين ھيءُ ڪئو ھو، پوءِ ٻلي ٿيو،
تنھن کان پوءِ ڪتو، ۽ ھينئر تھ نيٺ بنجي شينھن ٿيو
آھي!“
ھيءَ ڳالھھ ٻڌي شينھن پنھنجي دل ۾ قياس ڪيو، تھ جيڪي آءٌ اڳي
ھوس، سو جي ھيءُ جوڳي موٽي مون کي ڪري ڇڏيندو، تھ
پوءِ آءٌ ڇا ڪري سگھندوسانس، تنھن ۾ بھتر آھي، تھ
ھن جوڳيءَ کي ماري ڇڏيان، تھ پوءِ سڀني آفتن کان
ڇٽي پوان. اھو خيال دل ۾ آڻي جوڳيءَ کي ماري
ڇڏيائين.
تنھنڪري، اي بادشاھھ! جيڪڏھن ھيءُ ملڪ اوھين ڪانءَ کي ڏيندو، تھ
اوھان جي بھ حالت مٿئين جوڳيءَ جھڙي ٿيندي.“
”انھي جي مون کي تسلي آھي.“ ڪاٺڪٽي چيو ”پر مون کي ڊپ آھي، متان
ھن ملڪ جي لالچ رکان ۽ منھنجو ب حال ھن ٻگھھ جھڙو
ٿي پوي.“
ڪرگس پڇيس تھ ”اھا ڳالھھ ڪيئن آھي؟“
٢٧- ٻگھھ ۽ ڪينڪر
ڪاٺڪٽو چوڻ لڳو تھ ”ھندستان ۾ ھڪڙي وڏي ڍنڍ گرمتي نالي آھي،
جنھن ۾ سياري جي ڏينھن ۾ پاڻي سڪي وڃي تر وٺندو
آھي. ان جي ڪنڌيءَ تي ڪنھن سمي ۾ ھڪڙو ٻڍو ۽ ضعيف
ٻگھھ مايوس ٿيو، ڪنڌ کنڀن ۾ لڪائي ويٺو ھو، تھ
ھڪڙي ڪينڪر ان کي اھڙيءَ طرح ويٺو ڏسي پڇيس تھ ”اڄ
ڳڻتيءَ ۾ ڇو ويٺو آھين؟“
ھن وراڻي ڏنيس تھ ”مون ڪالھھ پنھنجي ھڪڙي دوست کان ٻڌو تھ سڀاڻي
مھاڻا ھن ڍنڍ مان سڀ مڇيون اچي ماري ويندا،
تنھنڪري فڪر ۾ آھيان تھ منھنجو حال نڄاڻان ڪھڙو
ٿئي، ڇو جو منھنجو جياپو ھن ڍنڍ جي مڇين تي ئي
آھي.“
ڪينڪر ھيءَ ڳالھھ ٻڌي وڃي مڇين کي خبر ڏني، تنھن تي ھو سڀ
وائڙيون ٿي روئڻ لڳيون ۽ ان جي معرفت ٻگھھ کان پڇا
ڪرايائون تھ ڪنھن ريت اسان جو ڇوٽڪارو ٿي سگھندو
يا نھ؟“
تڏھن ٻگھھ ڪينڪر کي چيو تھ ”منھنجي صلاح آھي تھ تون ھڪ- ھڪ مڇي
کڻي آڻي مون کي ڏي، تھ آءٌ ھنن کي پنھنجي چھنب ۾
کڻي ھڪڙيءَ ٻيءَ ڍنڍ ۾ ڇڏي اچان، جا ھتان ڪوھھ- ٻن
تي آھي، ۽ پاڻي بھ منجھس گھڻو آھي.“
ڪينڪر ان جي صلاح تي لڳي، جيڪي مڇيون ان ڍنڍ ۾ ھيون سي سڀ ھڪ –
ھڪ ڪري کڻي آڻي پھچائيندو ويس، ۽ ھو ھڪ- ھڪ کي
حڪمت سان ڪنھن ڪنڊ ۾ نيئي کائيندو ويو. جڏھن ڪينڪر
ڏٺو تھ مڇيون سڀ وڃي رھيون آھن، تڏھن اچي ٻگھھ کي
چيائين تھ ”توھان گھڻي تڪليف ورتي آھي، ۽ وڏو ثواب
جو ڪم ڪيو اٿو، انھي جا ڀاڙا اوھان کي ڀڳوان
ڏيندو.“
ٻگھھ چيس تھ ”ھاڻي منھنجي مراد ھيءَ آھي، تھ جتي مون ٻين مڇين
کي پھچايو آھي، تتي توکي بھ نيئي رسايان، تھ پوءِ
مون کي دلجاءِ ٿئي.“ ھن چيس تھ ”ان ۾ اوھان کي دقت
ٿيندي، تنھنڪري آءٌ پنڌ ڪري ھلندس، ڇو تھ ھري ھري
ڪوھھ اڌ پنڌ ڪرڻ جيتري سگھھ منھنجي لڱن ۾ آھي.؟“
ٻگھھ چيس تھ ”اي يار! آءٌ ڀانيان ٿو تھ توکي پنڌ
ھلڻ کان گھڻي ھلاڪي ٿيندي. جا تنھنجي ھلاڪي سا
منھنجي ھلاڪي، تنھن ۾ بھتر آھي تھ تون منھنجي
پٺيءَ تي چڙھي ويھھ، تھ توکي بھ ھن اوچتي بلا کان
ڪڍي ھلان.“
نيٺ گھڻيءَ رد بدل کان پوءِ ھو قبولدار ٿيو. تڏھن ٻگھھ پٺيءَ تي
چاڙھي نيئي اتي لاٿس، جتي ٻيون مڇيون کاڌيون
ھئائين. ڪينڪر جو ڏٺو، تھ مار! ھتي تھ رڳو سڇ پيئي
واڪا ڪري، پاڻيءَ جو تھ نڪو نالو نڪو نشان، رڳو
مڇين جا ڪنڊا لٿا پيا آھن. سو ڊڄي ٻگھھ کي چوڻ لڳو
تھ ”تو سڀ مڇيون آڻي ھتي کاڌيون آھن، ھاڻي مون کي
بھ کائيندي ڇا؟“
اھا ڳالھھ ڪري اڇانگ ماري ٻگھھ کي نرگھٽ کان جھليائين. ھن
پنھنجي ڇڏائڻ لاءِ گھڻيئي مٿا ھنيا، پر ڇڏائي نھ
سگھيو، ۽ اتي ئي ڦٿڪي ساھھ ڏنائين.
تڏھن ڪرگس عرض ڪيو تھ ”آءٌ ڪڏھين بھ اھا صلاح نھ ڏيندس، تھ
اوھين ھيءُ ملڪ ڪانءُ کي ڏيو.“
ھن چيو ”جيڪڏھن ھيءُ ملڪ ڪانءُ جي حوالي ڪنداسين، تھ ھو
احسانمند رھندو ۽ اسين انھيءَ ڪري وقت بوقت پيا
فائدا وٺنداسين.“
ڪرگس وراڻي ڏني تھ ”اھڙي خيال ڪرڻ کان اوھان جي بھ حالت شايد ھن
مزور جھڙي ٿيندي، تھ شڪ نھ آھي.“
ڪاٺڪٽي پڇيو تھ ”اھا ڳالھھ ڪيئن آھي؟“
٢٨- مزور ۽ گيھھ جو دلو
ڪرگس چيو ”ڳالھھ ڪندا آھن تھ ھڪڙو واڻيو بازار مان تيل جو دلو
ڳنھي چوڻ لڳو تھ ”جيڪو ھيءُ دلو منھنجي ھٽ تائين
کڻي ھلندو، تنھن کي ٻھ ڏوڪڙ مزوري ڏيندس.“
ھڪڙو مزور جو اتي بيٺو ھو، سو اھو دلو کڻي ھن جي ھٽ ڏانھن ھليو،
۽ واٽ ھلندي دل ۾ خيال آيس تھ ”ھيءُ ٻھ ڏوڪڙ
مزوريءَ جا جي ملندم، تن جي ھڪڙي ڪڪڙ ڳنھندس. اھا
ويھھ آنا ڏيندي، تن مان ٻاويھن ڏينھن کان پوءِ
ويھھ ٻچا ڦٽي نڪرندا، سي جڏھن وڏا ٿيندا، تڏھن
انھن کي وڪڻي ھڪڙي ٻڪري وٺندس، ۽ ان جي ڦرن ٽڪرن
مان گانءِ، تنھن مان گھوڙي، گھوڙيءَ مان ڏاچي،
تنھن مان ھاٿڻي، ائين ڪري ڳنھندس. جڏھن انھيءَ
واپار مان گھڻا پئسا ڳنڍ ۾ ٿيندم، تڏھن چار زالون
پرڻبس. پوءِ ھڪ ھڪ زال چار پٽ ڄڻيندي، جڏھن اھي
وڏا ٿيندا ۽ تازي گھوڙن تي چڙھي شڪار تي ويندا،
تڏھن ساڻن گڏجي آءٌ بھ ويندس تھ ماڻھو ڏسي انھن کي
آدر ڀاءُ ڪندا.“
ھن اجائي ويچار ۾ دلي جو خيال دل تان لھي ويس، ۽ اھو دلو امالڪ
ڪري پٽ تي ڇيھون ٿي پيو. تڏھن ھن واڻئي ھن کي
ڏاڙھيءَ مان وٺي اھڙيون لپاٽون ۽ لتون ھنيون جو
مرندي گھڙيءَ تائين پئي ياد ڪيائين.“
تنھن تي ڪاٺڪٽي چيو ”جڏھن آءٌ بھ ھن ملڪ جي طمع رکان، تڏھن تون
ائين چؤ. پر جي ھيءُ ملڪ آءٌ ڪانءَ کي ڏيئي
ڇڏيندس، تھ پوءِ ڇاڪاڻ ھن مزور جھڙي حالت ٿيندم!“
وزير چيو تھ ”خداوند، ڪانءَ کي گھرائي پھريائين
پڇيوس تھ سھي، تھ قاز سان ڇو دغا ڪيائين، ۽ ھيتري
مدت ھن جي گھر ۾ رھي لڙائيءَ جي وقت ھن جي قلعي کي
ڇو باھھ ڏنائين، جنھنڪري لڙائيءَ جو رخ ڦري پيو ۽
ھن جو ملڪ ويران ٿي ويو.“ |