نئين ايڊيشن لاءِ ٻھ اکر
قابل احترام چيئرمن سنڌي ادبي بورڊ قبلھ مخدوم محمد زمان ”طالب
الموليٰ“ طرفان ڏنل اصولي فيصلي تحت بورڊ نون
ڪتابن سان گڏوگڏ اڳ ڇپيل ڪتاب، جيڪي ھن وقت اڻ لڀ
آھن، انھن جا ٻيھر وڌيڪ ايڊيشن شايع ڪجن جيئن عام
پڙھندڙن کي سندن ذوق مطابق مواد مھيا ٿي سگھي.
انھيءَ فيصلي تحت سال ٩١ – ١٩٩٢ع لاءِ بورڊ طرفان اڳ ڇپيل ڪتابن
مان جيڪي ھن وقت اڻ لڀ آھن. انھن مان ٥٥ ڪارائتن
ڪتابن جي چونڊ ڪئي وئي جيڪي ترجيحي بنيادن تي شايع
ڪيا ويندا ۽ ڪتاب ”سڀا جو سينگار“ جو ھيءُ ٽيون
ڇاپو پڙھندڙن جي خدمت ۾ پيش ڪري رھيا آھيون.
جيئن تھ زير نظر ڪتاب جي افاديت ۽ گھرج ھن جي ٽئين ايڊيشن جي
اشاعت مان لڳائي سگھجي ٿي. جيئن تھ ھن ڪتاب جا
ترجما دنيا جي سڀني سڌريل ٻولين ۾ شايع ٿي چڪا
آھن، جنھن جو ھيءَ سنڌي ترجمو سنڌ جي ليکڪ سرڳواسي
سوڀراج ھاسارام ڪيو. ھيءُ ڪتاب آسان، عام فھم،
دلچسپ ۽ مختصر ھئڻ سبب شاگردن خواه عام پڙھندڙن کي
گھڻو پسند ايندو ۽ پڙھندڙ منجھانئس فيض حاصل ڪندا.
سنڌي ادبي بورڊ جي اھا روايت رھي آھي تھ اھڙن سٺن ۽ اڻ لڀ ڪتابن
جا نوان ڇاپا شايع ڪري پڙھندڙن تائين پھچائي. ”سڀا
جو سينگار“ جا ٻھ ڇاپا بورڊ ھن کان اڳ شايع ڪيا
ھئا، جيڪي ختم ٿي ويا. ان لاءِ بورڊ ڪتاب جي اھميت
کي نظر ۾ رکندي ھن ڪتاب جو ھي ٽيون ڇاپو شايع ڪري
رھيو آھي جنھن مان عام پڙھندڙ مستفيض ٿيندا.
ڄام شورو سنڌ
١٢ – شوال ١٤١٢ ھھ
١٦ –اپريل ١٩٩٢ع |
پروفيسر محبوب سروري
سيڪريٽري
سنڌي ادبي بورڊ |
ناشر طرفان ٻھ لفظ
ڪتابي ادب جي حفاظت ۽ بقا جو دارومدار ڪتابن جي عام موجودگيءَ
تي آھي. ڪي ڪي مذھبي ڪتاب بر زبان ياد بھ ڪرايا
ويندا آھن، ۽ انھن جي بروقت حفاظت جو اھو بھ ھڪ
طريقو آھي. پر ڪتاب مذھبي ھجن يا خالص علمي ۽
ادبي، ھڪ دفعو جيڪڏھن ڇپيا ۽ پوءِ ائين گم ٿي ويا،
جو عام پڙھندڙن کي وقت سر انھن جو ملڻ ناممڪن ٿي
پوي، تھ چئبو تھ اھي ڪتاب ۽ منجھن جيڪو ادبي
سرمايو موجود ھو، سو ھميشه لاءِ ڄڻ فنا ٿي ويو.
زنده ٻوليون پنھنجي ادبي سرمايي کي ڪڏھن بھ ائين بيدرديءَ سان
فنا ٿيڻ نھ ڏينديون آھن. سندن ادبي شاھڪارن جا
نوان نوان ڇاپا باقاعدگيءَ سان نھايت آب تاب سان
ھميشه نڪرندا ئي رھندا آھن. افسوس آھي، جو اسان جي
سنڌي عالمن ۽ اديبن، ادبي جماعتن ۽ علمي ادارن، ان
طرف اڄ ڏينھن تائين ايترو ڌيان نھ پئي ڏنو آھي،
جيترو کين ڏيڻ گھربو ھو: نتيجو ھي نڪتو آھي، جو اڄ
سون اھڙن بيمثل سنڌي ڪتابن جا نالا وٺي سگھجن ٿا،
جيڪي ڪنھن بھ قيمت تي پڙھندڙن کي ھٿ نٿا اچي سگھن،
۽ ائين پيو ڀانئجي، ڄڻ اھي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾
ڪڏھن لکيا ئي ڪو نھ ويا ھئا. ظاھر آھي تھ پنھنجي
ھن عظيم ادبي ورثي ڏانھن ايتري سرد مھري، ۽ ان کان
ايتري غفلت ۽ لاپرواھي نھ ڪڏھن معافيءَ لائق ٿي
سگھي ٿي، ۽ نھ وري ان جي ڪڏھن ڪا مناسب پورائي ئي
اسان کان ٿي سگھندي. پنھنجن وڏن جي ميڙيل – چونڊيل
املھھ ماڻڪن کي ائين ھٿن جي وٿين مان واريءَ وانگر
جيڪڏھن ھميشه وڃائيندا ئي رھنداسين، تھ آخر ۾
سواءِ خالي ھٿن جي باقي اسان وٽ ڇا وڃي بچندو، سا
ڳالھھ سڀڪو سمجھي سگھي ٿو.
سنڌي ادبي بورڊ، انھن ڳالھين کي محسوس ڪندي، ھڪ بنيادي مقصد
پنھنجي سامھون ھيءُ بھ رکيو آھي تھ پنھنجي ٻوليءَ
جا پراڻا ڇپيل ڪتاب جنھن عزت ۽ احترام جي لائق
آھن، تنھن عزت ۽ احترام سان ٻيھر ڇپائي شايع ڪيا
وڃن تھ جيئن سنڌي ادب ۾ انھن ڪتابن جي ھڪ دائمي
حيثيت باقي رھي سگھي. انھيءَ مقصد جي پوئواريءَ ۾
بورڊ طرفان تيرھن ڪتاب: گل شڪر، حيات النبي، سير
ڪوھستان، بلو کوکر، گل ڦل، جھان آرا، سون ورنيون
دليون، راسيلاس، سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، ھدايت
الانشا، گل، ايسپ جون آکاڻيون ۽ زينت اڳي ئي ڇپجي
پڌرا ٿي چڪا آھن ۽ ھاڻي ساڳئي سلسلي جو ھي چوڏھون
ڪتاب خدمت ۾ پيش ٿي رھيو آھي.
ھن ڪتاب جو تعارف مفصل طرح ”پيش لفظ“ ۾ ڏنل آھي، ھتي ان کي
دھرائڻ جي ضرورت ڪانھي، فقط ايترو چوڻ ضروري
سمجھجي ٿو تھ ”ايسپ جي آکاڻين“ وانگر ھي اسان جي
ملڪ جون تيار ٿيل عوامي آکاڻيون اڳيئي خاص و عام ۾
مقبول آھن ۽ اسان جي نئين ٽھي اڳ بھ انھن کي
پنھنجي وڏن وٽان ٻڌندي رھي ٿي: اسان کي يقين آھي
تھ ھاڻي انھن کي ھيئن يڪجاءِ، ھڪ دلچسپ قصي جي
صورت ۾ ڏسي، اسان جا ٻالڪ توڙي ٻڍڙا زياده خوش
ٿيندا، ۽ طبيعت جي تازگي حاصل ڪندا.
ٿيڻ تھ ائين گھربو ھو تھ ھھڙا لافاني ڪتاب ترت شايع ٿيندا رھن ۽
انعامي، لئبرري ۽ نصابي طور خوب پکڙن، مگر اسان جي
پبلشرن ۽ تعليمي اختياريءَ وارن جي غفلت ۽ عدم
توجھيءَ سبب، افسوس جو اسان جي عام پڙھندڙن کي
ورھين جا ورھيھ انھن جي مطالعي کان محروم رھڻو پوي
ٿو.
سنڌي ادبي بورڊ ھن افسوسناڪ ڪوتاھيءَ کي شروع کان ئي محسوس ڪري،
پنھنجي پروگرام جو ھڪ شعبو خاص اھڙن معياري، مگر
ناياب ڪتابن جي از سر نو طباعت ۽ اشاعت ۾ مصروف
رکيو آھي. نھايت خوشيءَ جي ڳالھھ آھي تھ انھيءَ
پروگرام ماتحت ڇپيل ڪتابن مان ڪن جا تھ ٻيا ۽ ٽيان
ايڊيشن بھ بورڊ کي سال – ٻن جي عرصي ۾ وري وري
شايع ڪرڻا پيا آھن – جنھن مان عوام طرفان بورڊ جي
ھن ڪوشش جي قدردانيءَ جو ثبوت ملي ٿو. مناسب
سمجھجي ٿو تھ ھتي بورڊ جي انھيءَ پروگرام جي سلسلي
۾ ھڪ خاص چيز جو ذڪر ڪجي: بورڊ اھي ناياب ڪتاب محض
جيئن جو تيئن ڇپائي ڪو نھ ٿو پڌرا ڪري، بلڪ انھن
کي لائق اديبن ھٿان نئين سر سڌاري، ۽ طباعت ۽
ڪتابي اشاعت جي جديد تقاضائن موجب حتي الامڪان
ٺاھي سينگاري، پوءِ شايع ٿو ڪري – ايتريقدر، جو
ڪتابن جي ھنن نون ڇاپن جي افاديت ۽ اھميت ئي خاص
پنھنجي ٿيو وڃي ٿي. بورڊ جو ھيءُ پروگرام ڪافي
وسيع آھي ۽ ان ماتحت سردست اٽڪل ٻھ سؤ قديم خواه
جديد – مگر ناياب ٿيل – ڪتاب شايع ڪرڻا آھن. اميد
آھي تھ سنڌي ادب جا بھي خواه، بورڊ جي ھنن ڪوششن
کي ھمٿائيندا ۽ ھن نيڪ مقصد جي تڪميل لاءِ بورڊ کي
پنھنجي گرانقدر مشورن سان ھميشه نوازيندا رھندا.
حيدرآباد سنڌ
٣ – نومبر، ١٩٥٨ع |
سيڪريٽري،
سنڌي ادبي بورڊ، |
پيش لفظ
دنيا ۾ جيڪي بھ آکاڻين جا ڪتاب آھن، تن مان ٻھ سڀ کان وڌيڪ
مشھور آھن: ھڪڙو ”انوار سھيلي“، ٻيو ”ايسپ جون
آکاڻيون“، (جنھن کي اردوءَ وارا ”حڪايات لقمان“
سڏيندا آھن). مگر انھن ٻنھي ۾ بھ ”انوار سھيلي“
وڌيڪ مشھور آھي ۽ دنيا جي ڪا بھ سڌريل زبان مشڪل
ملندي، جنھن ۾ ھن جو ترجمو ٿيل نھ ھجي؛ ۽ اڪثر اھو
ڪتاب ڪورس تي رکيل ھوندو آھي، ڇاڪاڻ تھ ھن ۾ عام
فھم آکاڻين جي وسيلي ڪافي سماجي مسئلا حل ڪيل آھن.
ھي آکاڻيون اسان جون پنھنجيون آھن، ڇاڪاڻ تھ انھن جو بنيادي
ڪتاب اٽڪل ٻھ سؤ ورھيھ عيسوي سنھ کان اڳ ڪشمير ۾
ٺاھيو ويو، سندس اصل ڪاپي تھ بلڪل ھٿ ڪا نھ ٿي
اچي، پر ھٿ آيل معلومات مان سمجھجي ٿو، تھ سندس
نالو ”ڪليلو دمنون“ ھو، ۽ سندس مصنف ”وشنو شرما“
ھو.
ھي آکاڻيون سموريون مصنف جون پنھنجيون ٺاھيل نھ آھن، بلڪ
منجھانئن ڪي ان وقت جي عام مشھور آکاڻين تان ورتل
آھن؛ ڪي مھاڀارت، رامائڻ، سيجن واڪيھ سمرتي، شنڪر
سنگيت، چاڻڪيھ ستيڪا ۽ ٻين ڪتابن تان معمولي
تبديلين سان؛ ۽ ڪي مصنف پنھنجي دماغ مان بھ ڪڍيون
آھن. سمجھجي ٿو، تھ ڪجھھ عرصي بعد انھيءَ ڪتاب تان
وري ھڪ ٻيو ڪتاب ”پنچ تنتر“ بھ تصنيف ڪيو ويو، اصل
ڪاپي تھ انھي جي بھ ھٿ ڪا نھ ٿي اچي، پر جيڪي
ڪاپيون ھٿ اچن ٿيون، سي اصل سان گھڻي قدر ملن
ٿيون. انھن کي ڏسي سنھ ١٨٥٩ع ۾ ھڪ جرمن محقق
”بينفي“ ھڪ تحقيقي ڪتاب شايع ڪيو. ١٩١٤ع ۾ ٻئي
جرمن محقق ڊاڪٽر ھرٽل ”ڊاس پنچ تنتر“ ڪتاب لکيو ۽
آمريڪي پروفيسر ”ايڊگرٽن“ بھ اھڙو تحقيقي ڪتاب
لکيو.
پنچ تنتر جا ٽي باب ”برھٿ ڪٿا منجري“ ۽ ”ڪٿا سرت ساگر“ ۾ بھ آيل
آھن ۽ نائين صدي عيسويءَ جي وچ ڌاري بنگال جي طرف
ھڪ راجا ڌول چندر جي درٻاريءَ نارائن ڀٽ ھڪ ڪتاب
”ھتو آپديش“ نالي تيار ڪيو، جنھن ۾ ”پنچ تنتر“ مان
گھڻي قدر ۽ ڪجھھ وري ”ليتي سار“ ۽ ٻين ڪتابن تان
مدد ورتل آھي. ھيءُ ڪتاب مختصر ۽ عام فھم ھجڻ سبب
گھڻو مقبول ٿيو.
ڇھين صدي عيسويءَ ۾ مشھور عادل بادشاھھ نوشيروان جي ڪن تي ھن بي
بھا ڪتاب جي ڀڻڪ پيئي، ۽ ان جي ھٿ ڪرڻ جو نھايت
شوق ٿيس، پر انھيءَ زماني ۾ نڪي اڄوڪي زماني وانگر
ڪتاب عام ھئا، نڪي انھن جا مالڪ کين پاڻ کان سواءِ
ٻين کي پڙھائڻ چاھيندا ھئا؛ ان ڪري نوشيروان ھڪ
ايراني فيلسوف کي انھيءَ مھم لاءِ مقرر ڪيو.
ھن حڪيم جو نالو ”پرڙويھ“ يا ”پزرويھ“ ھو؛ پر جيئن تھ پارسي
زبان کان سواءِ ٻين زبانن ۾ اھا ٽن لفظن واري ي
(ڙ) ٿئي ئي ڪانھ، ان ڪري سنڌيءَ وارا ان کي ”ڙ“ جو
اچار ڏيندا آھن ۽ عربي وارا ”ز“ جو؛ ۽ وري عربيءَ
۾ ”پ“ بھ ڪانھ ٿئي، ان جو اچار ڪڏھين ”ف“ ڪن ڪڏھين
”ب“؛ تنھنڪري ھن حڪيم جي عربيءَ ۾ نالو ”برزويھ“
مشھور ٿي ويو.
ان وقت جا سفر ڏاڍا اڙانگا ھوندا ھئا، حڪيم بروزيھ گھڻن ڏاکڙن
بعد ھندستان پھچي، ان جي ڳولا ڪرڻ شروع ڪئي؛ نيٺ
ھڪ راجا جي خزاني ۾ ان جو پتو پيس ۽ ڳجھيءَ طرح
خزانچيءَ سان دوستي رکي، سندس ترجمو ڪري ورتائين.
نوشيروان سندس ھن ڪارنامي تان اھڙو خوش ٿيو، جو عام دربار ۾
سندس استقبال ڪري، تاج ڍڪائي، پاڻ سان گڏ تخت تي
ويھاريائينس؛ ۽ سندس وزير بزر جمھر کي بھ ترجمي جي
تڪميل لاءِ حڪم ڏنائين. اھڙيءَ طرح ھيءُ املھھ
ماڻڪ ايراني خزاني ۾ بھ داخل ٿيو ۽ اڳتي ھلي ٻئي
لٽ جي مال سان گڏ مسلمانن کي ھٿ آيو.
سنھ ٥٧٠ع ۾ ھڪ ايراني پادري ”بود“ ڪنھن طرح ھي ڪتاب ھٿ ڪري،
پراڻي ”سرياني“ (يھودي) زبان ۾ ترجمو ڪيو، ان ۾
پنچ تنتر وارا پنج ئي باب آھن، ۽ ٻيا بھ پنج باب
آھن، پر حڪيم برزويھ جو منجھس ذڪر ئي ڪونھ آھي.
جڏھين عباسي خليفن جي وقت ۾ مغرب خواھھ مشرق جا سٺا ڪتاب عربيءَ
۾ ترجمو ٿيڻ لڳا، تڏھين سنھ ٧٥٠ع ۾ خليفي منصور جي
حڪم سان درٻار جي مير منشي ”عبدالله بن مقفع“ ھن
ڪتاب بھ عربي ترجمو ڪيو. منجھس چوڏھن باب آکاڻين
جا ۽ چار باب ٻيا بھ وڌائين (١) مقدمھ ڪتاب –
ترجمھ علي بن شاد فارسي (٢) برزويھ جي ڪتاب آڻڻ جو
واقعو (٣) ڪتاب جو متن، ترجمو مقفع (٤) حڪيم
برزويھ جو باب ترجمو، بزر جمھر. سندس نالو
”الڪليلھ والدمنھ“ رکيائين، جي ٻيئي ھڪ وڏيءَ
آکاڻيءَ جي گدڙن جا نالا آھن، جيڪي ان آکاڻيءَ جا
ڪردار آھن؛ ۽ ھتو اپديش ۾ ”ڪرتڪ“ ۽ ”دوتڪ“ جي نالن
سان آيل آھن.
اصل پھلوي ترجمو بھ سنسڪرت ڪتابن وانگر صفا اڻ لڀ ٿي چڪو آھي؛
ڇاڪاڻ تھ پھلوي ٻولي خود بھ نئينءَ فارسيءَ سبب
مرده زبانن ۾ داخل ٿي چڪي آھي، باقي عربن پنھنجي
زبان کي دنيا جي عظيم زنده زبانن مان بنائي ڇڏيو؛
ان ڪري اھو عربي ترجمو ھر وقت ملي ٿو. ۽ دنيا ھن
ڪتاب لاءِ عربيءَ جي ئي ممنون آھي، جنھن تان ئي
گھڻين ٻولين ۾ اھو فيض پکڙيل آھي.
ڏھين صديءَ عيسويءَ ۾ ايراني بادشاھھ ابوالحسن نصر بن احمد ھن
کي وري بھ جديد فارسيءَ ۾ ترجمو ڪرايو، ان تان
مشھور شاعر ”رودڪيءَ“ ھن کي نظم ۾ بھ آندو، پر
ھينئر اھي ٻئي ترجما بھ اڻ لڀ آھن.
ڏھين صدي عسيويءَ ۾ علامھ بيروني پنھنجي ”ڪتاب الھند“ ۾ لکيو تھ
مون کي ارادو آھي تھ آءٌ ھن ڪتاب جو وري ترجمو
ڪريان؛ ڇاڪاڻ جو مقفع ھن ۾ ماڻھن جي عقيدي ضعيف
ڪرڻ لاءِ ڄاڻي ٻجھي ڪي ڳالھيون وڌايون آھن، پر ھو
اھو ارادو پورو ڪري نھ سگھيو.
فردوسيءَ جي شاھنامي ۾ بھ ھن ڪتاب جي گھڻي تعريف ٿيل ھئي، شايد
انھي ڪري سلطان محمد غزنويءَ جي پوٽي بھرام شاھھ
جي حڪم سان ٻارھين صدي عيسويءَ ۾ ”نصرالله بن
محمد“ بھ ھن جو ترجمو ڪيو؛ جو عام تھ ناھي، پر ڪن
ڪتبخانن ۾ ملي ٿو. ھن ۾ اول تمھيد آھي، ۽ ڪجھھ
آکاڻيون آھن، پوءِ حڪيم بر زويھ جو باب آھي ۽ ان
بعد چوڏھن باب ڏنل آھن. پر ھو پاڻ بھ لکي ٿو، تھ
اصل ڪتاب ۾ ڏھھ باب ھئا. چار پوءِ ايرانين شامل
ڪيا آھن.
پندرھين صدي عيسوي جي پڇاڙيءَ ۾ خراسان جي بادشاھھ مرزا سلطان
حسين بيگڙي جي ھڪ سردار احمد سھيل جي فرمائش سان
ملا حسين بيگڙي جي ھڪ سردار احمد سھيل جي فرمائش
سان ملا حسين واعظ ڪاشفيءَ، مقفع ۽ نصرالله جي
ڪتابن مان اخذ ڪري، ھڪ نئون ترجمو ٺاھيو، جنھن جو
نالو سردار سھيل جي خوش ڪرڻ لاءِ ”انوار سھيلي“
يعني ”سھيل جا نور“ رکيو. ھن ۾ وري ڪجھھ شروعاتي
حصو پاڻ بھ وڌايائين، ھن ڪتابن ۾ دانشمند برھمڻ جو
نالو ”بيد پاءِ“ ڄاڻايل آھي، جو سمجھجي ٿو تھ اصل
۾ ”ودياپتي“ ھوندو. ھي ڪتاب ئي آھي، جو ھن وقت
دنيا ۾ تمام گھڻو پکڙيل آھي.
ھن ڪتاب تان ترڪيءَ ۾ ”ھمايون نامو“ شايع ٿيو، ١٨١٦ع ۾ ”بيرن
سلواسٽر ڊي ساسي“ مقفع وارو ڪتاب ھڪ عالمانھ فرينچ
مقدمھ سان شايع ڪيو، ھن کي ”پادري بود“ جي ڪيل
آڳاٽي سرياني ترجمي جو علم ڪونھ ھو، ان ڪري ھن
”برزويھ“ ۽ ”بود“ کي ھڪ ئي شخص سمجھيو، ١٨٥٤ع ۾
”ايسٽ وڪ“ انگريزي ترجمو شايع ڪيو، ١٨٧٨ع ۾
واليسٽن ٻيو انگريزي ترجمو شايع ڪيو ۽ اسپيني
ترجمو بھ شايع ٿيو.
١٨٣٦ع ۾ ”ناسخ“ جي شاگرد فقير محمد ”گويا“ سندس اردو ترجمو
”بستان حڪمت“ نالي سان شايع ڪيو ۽ وري ١٨٨٠ع ۾
مومن جي شاگرد عمر علي خان وحشي، شھزاده محمد
ڳڙھھ، نئون ترجمو ڪري، ان جو نالو ”ستاره ھند“ عرف
تاريخي نالو ”ضياءِ حڪمت“ رکيو. ھي ٻيئي ترجما عام
ملن ٿا، پر ”بستان حڪمت“ ھندستان ۾ ڇپيل آھي،
جنھنڪري پاڪستان ۾ گھٽ ملي ٿو؛ باقي ”ستاره ھند“
لاھور جي ٻن – ٽن فرمن ڇپايو آھي ۽ ”انوار سھيلي“
جي نالي سان بھ عام ملي ٿو.
تازو لاھور مان نئون سليس اردو ترجمو ”حڪايات بيدپاءِ“ شايع ٿيل
آھي، جو مرزا محمد رشيد ايم – اي جو لکيل آھي؛ مگر
جيئن تھ اھو خاص شاگردن لاءِ لکيل آھي، انڪري ٻولي
نھايت سليس اٿس ۽ ڪجھھ آکاڻيون ٻارن لاءِ ناموزون
ھجڻ سبب ڪڍي ڇڏيون اٿس.
”انوار سھيلي“ ۾ عربي لفظ گھڻا ھئا، ان ڪري اڪبر بادشاھھ جي حڪم
سان ڪجھھ ڪاٽ ڪوٽ ڪري، ابوالفضل ڪتاب ”عيار دانش“
تيار ڪيو؛ جنھن جو اردو ترجمو ١٨٠٣ع ۾ فورٽ وليم
ڪاليج ۾، حفيظ الدين احمد ھٿان ”خرد افروز“ جي
نالي ۾ شايع ٿيو. جنھن تي وري ١٥١٨ع ۾ ”ڪاظم علي
جوان“ نظرثاني ڪئي.
سنھ ١٩١٤ع ڌاري سنڌ جي مشھور جفاڪش اديب ۽ عالم، مرحوم محمد بخش
واصف، انوار سھيلي جي اڌ جو ترجمو ”گلزار چنبيلي“
جي نالي سان تيار ڪيو ۽ پاڻ ئي ڇپايو. پر سندس
ترجمو ھو مشڪل ۽ پارسي نما، سو جيڪي ٿي پڙھي
سگھيا، تن اردوءَ ۾ بھ پڙھيو ھو، پر جيڪي اردو نھ
ڄاڻندا ھئا، تن لاءِ ھي پڙھڻ بھ ڏاڍو مشڪل ھو؛ ان
ڪري تمام ٿورو ھلڻ لڳو. ۽ نتيجو اھو نڪتو، جو اٺن
– ڏھن سالن بعد سندس بچيل ڪاپيون مسٽر ٺاڪر داس
ٿڌاڻيءَ کي سستيون ڏيئي، مرحوم واصف صاحب پنھنجو
ھٿ آجو ڪيو.
مسٽر ٺاڪرداس انھن مان ڪجھھ زوريءَ ”چندراولي“ ناول جي ٻئي حصي
سان گڏي ھلايون، پر نيٺ ڪڪ ٿي سندس پھريون پنو
ڦاڙي، ”سليس سنڌيءَ ۾ لکيل“ جو ليبل ڇپائي لڳائي
ھلايو، تڏھين مس مس ڪن ورھين ۾ جند ڇٽيس ۽ پوءِ
وري اھو ڪتاب بھ اڻلڀ ٿي ويو. تان جو جڏھين سنڌ
يونيورسٽي قائم ٿيڻ تي سنڌي زبان کي فروغ حاصل
ٿيو، تڏھين ھيءُ ڪتاب بھ ڪورس تي رکيو ويو. مترجم
جي اجازت سان کيس محمد يوسف برادرس تاجران ڪتب
حيدرآباد سنڌ ڇپايو ۽ھينئر ان جو بھ ٻيو يعني ٽيون
ڇاپو ڇپيو آھي.
انھيءَ مقبوليت کي ڏسي باقي رھيل حصو ماستر احمد خان آصف
تڪبنديءَ ۾ ترجمو ڪيو، ۽ ان جو نالو وري بھ واصف
صاحب جي ڪتاب جو استعمال ڪيائين يعني ”گلزار
چنبيلي حصو ٻيو“، مگر ان جي تڪبندي سلوڻي ناھي، ان
ڪري سندس عبارت مورڳو بي مزي ٿي ويئي آھي.
تازو بمبئيءَ ۾ ھندستان ساھتيھ مالا وارن پاران ڪتاب ”پنچ تنتر“
جو مڪمل سنڌي ترجمو شايع ٿيو آھي؛ مگر افسوس، جو
ٻولي اھڙي تھ ڏکي ۽ سنسڪرت آميز آھي؛ جو اھو عام
سنڌي مسلمان لاءِ مطالع ڪرڻ تھ مشڪل آھي؛ پر ٿوري
علم وارو ھندو بھ ان کي ڏکيو پڙھي سگھندو.
مرحوم واصف صاحب جو ترجمو مشڪل، آصف صاحب جو اڍنگيءَ تڪبنديءَ ۾
۽ ھندستان وارن جي تھان ئي مشڪل؛ اھي سڀ ڳالھيون
ڏسڻ بعد محسوس ٿئي ٿو تھ انوار سھيلي ۽ پنچ تنتر
جي مڪمل ترجمي جي ضرورت سنڌي زبان ۾ ساڳيءَ طرح
قائم آھي ۽ اميد ڪجي ٿي تھ اھا ضرورت بھ نيٺ سنڌي
ادبي بورڊ ئي پوري ڪندو.
ٻئي طرف وري ”ھتو اپديش“ جو فارسي ترجمو مفتي تاج الدين ”مفرح
القلوب“ جي نالي سان ڪيو، ان تان اردو ترجمو بھ
١٨٠٢ع ۾ فورٽ وليم ڪاليج طرفان ”اخلاق ھندي“ جي
نالي سان ”مير علي بھادر حسينيءَ“ کان لکائي شايع
ڪرايو ويو.
”ھتو اپديش“ جي ڪنھن ھندي ترجمي تان منشي ھاسارام سنڌيءَ ۾
ترجمو ڪرڻ شروع ڪيو، پر سال ١٨٨٢ع ۾ نامڪمل ڇڏي
وفات ڪري ويو؛ جو وري ١٨٩٤ع ۾ سندس فرزند سوڀراج
ان کي نھ فقط مڪمل ڪيو، بلڪھ پنچ تنتر مان بنيادي
چوڏھن ھدايتون بھ ترجمو ڪري ان ۾ شامل ڪيائين؛
جنھنڪري سندس افاديت وڌي ويئي. ھن صاحب انھي جو
نالو ”سڀا جو سينگار“ يعني ”ڪچھريءَ جي سونھن“
رکي، سنڌ سرڪار جي حوالي ڪيو؛ جنھن کيس پسند ڪري
سھڻي اھتمام سان شايع ڪرايو، سليس، عام فھم، دلچسپ
۽ مختصر ھجڻ سبب ھي ڪتاب شاگردن خواه عوام کي گھڻو
پسند آيو ۽ گھڻنئي پڙھندڙن منجھانئس فيض حاصل ڪيو.
پر پوءِ جڏھن سرڪاري بوڪ ڊيپو، فرض ناشناس تعليمي آفيسرن ھٿان،
وڃي خانگي ڪتب فروشن جي ور چڙھيو، تڏھين ٻين ڪيترن
ئي بھترين ڪتابن سان گڏ ھيءُ عوام پسند ڪتاب بھ
اڻلڀ ٿي ويو.
سنڌي ادبي بورڊ جي بنيادي مقصدن مان ھڪ اھو بھ ھو، تھ سٺا اڻ لڀ
ڪتاب وري شايع ڪجن، ان ڪري ھن انھيءَ جون بيھڪ جون
نشانيون ۽ پئرائون درست ڪري ۽ ٻيا مناسب سڌارا
ڪري، کيس شايع ڪيو، تھ شاگرد ۽ عوام منجھانئس
فائدو حاصل ڪن.
حيدرآباد سنڌ
٢٣ – آڪٽوبر ١٩٥٦ع
پبليڪيشن اسسٽنٽ
سنڌي ادبي بورڊ
ديباچو
ھن ڪتاب ۾ جيڪي آکاڻيون آھن، سي اصلي سنسڪرت ۾ آھن، جنھن مان
پوءِ ٻين سڀني ٻولين ۾ ترجمو ٿيون آھن. اھڙيون ڪي
ورلي آکاڻيون ھونديون، جي مشھوريءَ ۾ ھنن سان مٽ
پونديون؛ ڇاڪاڻ تھ دنيا ۾ اھڙي سڌريل ٻولي آھي ئي
ڪانھ، جنھن ۾ ھنن جو ترجمو نھ آھي.
ھنن آکاڻين جو بنياد سربستو ھيٺ ڏيکاريلن ١٤ فھمائشن تي ٻڌل
آھي، جي بادشاھن کي خزاني کان بھ وڌيڪ ڪمائتيون
آھن. ھر ھڪ فھمائش جي ثبوتيءَ ۾ ڪيترائي قصا ۽ نقل
آھن، پر اھي سڀ ھن ڪتاب ۾ اچي نھ سگھيا آھن؛ ڇاڪاڻ
تھ جنھن ڪتاب تان ھي ترجمو ڪيو ويو آھي، تنھن ۾
خود سڀيئي ڏنل نھ آھن.
منھنجو ھن لکڻ مان خاص مطلب نھ رڳو فھمائشن ڏيکارڻ جو آھي، پر
ھيءُ بھ ڏيکارڻو اٿم، تھ آکاڻيون مڙيئي آکاڻيون
آھن، پر ھنن آکاڻين جي سرسائي ھن ڳالھھ ۾ آھي، تھ
تواريخن وانگر ھلندڙ آھن، ۽ وچ ۾ طرحين طرحين
پنگتي خواھھ راڄ نيتيءَ جا اتفاق ۽ ڳالھيون اچن
ٿيون، جي آکاڻين کي مزو ٿيون وٺائين، ۽ بعضي بعضي
تھ نھايت چڱو تات پرج ڏيکارين ٿيون. |