رِپ وَئن وِنڪـِـل
از: واشنگٽن اِرِوِنگ
رِپ وَئن وِنڪـِـل
جنهن به ”هڊسن“ نديءَ تي اوڀارو سفر ڪيو هوندو، تنهن کي ضرور
”ڪاٽسڪيل“ جبلن جي يادگيري هوندي. اهي جبل آلپس
جبلن جي خاندان مان آهن، ۽ هيڏانهن هوڏانهن نديءَ
جي اولهه پاسي پکڙيا بيٺا آهن. سندن بلنديون
شاندار آهن، ۽ هو ساري ملڪ اڳيان ديوار پناهه
ٺاهيو بيٺا آهن. نه صرف موسم جي هرڪا ڦيرگهير، پر
سچ ته اهو آهي ته، زندگيءَ جي هر گهڙي سندن شڪل و
شبيهه ۾ ڪجهه نه ڪجهه ڦيرو ضرور آڻي ٿي، ۽ گهڻو
ڪري پري اوري جون عورتون هنن جبلن کي موسم ٻڌائڻ
وارو اوزار ڪري ڪتب آڻينديون آهن.
جڏهن آبهوا موافق ۽ وڻندڙ هوندي آهي، تڏهن هنن جو رنگ نيرو ۽
واڱڻائي ٿي پوندو آهي، ۽ اهي رنگين ليڪن وانگر،
شام جي شفاف آسمان مٿان چـِـٽجي ويندا آهن. ڪڏهن
ڪڏهن، هيٺ جڏهن ڌرتي ڪڪرن سان سايي کان خالي هوندي
آهي، تڏهن به هن ڪوهسارن جي قطار جون چوٽيون ڪڪرن
جي هلڪي هلڪي ڌنڌ ۾ ڍڪيون بيٺيون هونديون آهن، ۽
اهو سارو ئي ڪڪرن جو انبار سج جي آخري شعاعن ۾
ڪنهن سونـَـهري تاج جيان سندن پيشانيءَ تي چلڪندو
۽ چمڪندو رهندو آهي.
هنن جادوءَ ڀرين پهاڙن جي دامن ۾، مسافر ضرور پريان ئي ڪارو
ڪارو دونهون، نانگ جي وڪڙن جيان، هڪڙي ڳوٺڙي مان
نڪرندو ڏٺو هوندو. جتي مٿانهين زمين اچي هيٺاهين
زمين سان گڏجي، اتي هن ڳوٺ جي گهرن جون سڀ ڇتيون
اچي پاڻ ۾ ملن. اهو ننڍڙو ڳوٺ تمام پراڻي وقت جو
يادگار آهي ۽ پهريائين ڊچن جي بيٺڪ جو ڪم ڏيندو
هو. ”پيٽر اسٽيويسنٽ“ (خدا کيس بهشت نصيب ڪري) جي
حڪومت جي شروعات ۾، هتي ڪجهه گهر اڳين ڊچ رهاڪن جا
پڻ هئا، جي پيلي رنگ جي سرن مان ٺهيل هئا، ۽ جن جي
ديوارن ۾ روشنائيءَ لاءِ دريون ۽ مٿان لهواريون
ڇتيون هيون.
انهيءَ ڳوٺ جي هڪڙي گهر ۾ (سچ پڇو، ته اهو ”گهر“ سڏڻ جي اصل
قابل ڪين هو، ڇو جو خسته حالت هئڻ سبب پريان ئي
اجڙيل ۽ ويران نظر ايندو هو) هڪ شريف ۽ سادو انسان
رهندو هو، جنهن جو نالو ”رِپِ وَئن وِنـِـڪـِـل“
هو. هيءَ ان زماني جي ڳالهه آهي، جڏهن آمريڪا
برطانيه جي ماتحت هوندي هئي. رپ وئن ونڪل جو ڏاڏو،
پيٽر اسٽيويسنٽ سان ڪرسٽيا قلعي جي محاصري ۾ شامل
هو ۽ ڏاڍي بهادريءَ سان لڙيو هو. پر رپ کي پنهنجن
وڏن وٽان ورثي ۾ جنگجو طبعيت خيرڪا نصيب ٿي هئي.
اهو ته مون اوهان کي ٻڌايو آهي ته هو ڏاڍو شريف ۽ سڌو سنئون
انسان هو، پر ان سان گڏ هو هڪ همدرد پاڙيسري پڻ
هو، ۽ سڀ کان زياده، هو هڪ فرمانبردار مڙس هو- بس
ائين کڻي چئجي ته پنهنجي سختگير زال جو بنهه ٻانهن
ٻڌو غلام هو. شايد سندس اها پوئين خوبي ئي هئي،
جنهن هن کي ايڏو نماڻو ۽ نيازمند بنايو هو، جنهن
کيس ايتري گهڻي مشهوري ڏني هئي. ڇو جو جيڪي مرد
عورتن جا مريد هوندا آهن، سي ئي گهڻو ڪري مرد
مجلسن ۾ ياد رهندا آهن ۽ اتي پڻبا آهن، اهڙن مردن
جو مزاج ماٺيڻو ۽ هر ڳالهه جي سهي وڃڻ تي هريل
هوندو آهي. ائين به صحيح آهي ته گهرجون ست
سـَـريون ئي گهڻو ڪري مرد کي چپ چٽيو ۽ ٻاهرين
تڪليفن کي چپ چاپ برداشت ڪرڻ جو عادي بنائينديون
آهن: تنهنڪري اهڙيءَ هڪ اڌ طوفاني زال جو گهر ۾
هجڻ عين خوشنصيبي آهي،- جيڪڏهن واقعي ائين آهي، ته
پوءِ رپ وئن ونڪل سچ پچ سڀني کان زياده خوشنصيب
انسان هو.
ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته ڳوٺ جي ٻين عورتن ۾ هو ڏاڍو مقبول هو. ڇو
جو هو هنن کي هر ڪنهن ڳالهه ۾ ڪم ايندو هو،- ۽ ان
جي بدلي جڏهن به هن بابت ڪا گفتگو ڪنديون هيون، ته
سارو ڏوهه هن جي زال تي مڙهينديون هيون. ڳوٺ جا
ٻار هن کي ڏسندي ئي خوشيءَ ۾ نه ماپندا هئا. هو
هنن کي نيون نيون رانديون سيکاريندو هو. هنن کي
قسمين قسمين رانديڪا ٺاهي ڏيندو هو. لغڙ بنائڻ ۽
اڏائڻ به هن ئي، هنن کي سيکاريا هئا، ۽ چڌن راند
پڻ هن جي بدولت ئي هنن سکي ورتي هئي. ازان سواءِ
هو انهن ننڍڙن ٻارن کي جنن ۽ پرين جون مزيدار
آکاڻيون به ٻڌائيندو هو. جڏهن به هو ڳوٺ ۾ هوندو
هو، ته ٻارن جو هڪ چڱو خاصو لشڪر هن جي پٺيان
هوندو هو. ڪي سندس آڱرين کي وٺي هلندا هئا، ڪي
سندس ڪلهن تي چڙهندا هئا، ڪي سندس پٺيءَ تي هٿن
سان تاڙيون پيا وڃائيندا هئا، ۽ اهڙيءَ طرح هو
ڪيئي حرڪتون ۽ گستاخيون هميشه هن سان ڪندا رهندا
هئا. ٻيو ته ٺهيو، پر ڪتا به هن کي پيار ڪندا هئا،
ساري ڳوٺ ۾ هڪ به ڪتو اهڙو نه هو، جنهن جا هن سان
دوستانه تعلقات نه هجن. هو هن کي پريان ئي ڏسي
خوشيءَ ۾ پڇ لوڏيندا، هڪدم اچي هن جي پيرن کي
چٽيندا هئا.
رپ ۾ جيڪڏهن ڪا ڪمزوري هئي، ته اها هئي ته هن کي ڪمائڻ کان نفرت
هئي. ائين نه هو ته هو ڪو نڪمو ۽ ڪاهل هو، ڇو جو
هو ڏينهن جا ڏينهن پاڻيءَ جي تالابن مٿان مڇي
ڦاسائڻ لاءِ ويٺو هوندو هو. جيتوڻيڪ مڇي هڪ به
سندس ڪنڍيءَ ۾ ڪانه ڦاسندي هئي، پر هو ڌيرج ۽
اورچائيءَ سان همٿ ٻڌيو اتي ويٺو رهندو هو. ڪلهي
تي هڪڙي ڊگهي وزني بندوق کڻي، سارو سارو ڏينهن
جبلن ۽ جهنگلن ۾ گهمندو وتندو هو، پوءِ کڻي هڪ به
پکي نه ماري سگهي. پنهنجن پاڙيسرين سان هن ڪڏهن به
ڪنهن ڪم جو انڪار نه ڪيو، پوءِ کڻي ڪهڙو به ڏکيو ۽
گندو ڪم ڇو نه هجي. هو پنهنجي تر ۾ اَن جي وائر
ڪرڻ ۽ مضبوط لوڙهن ٻڌڻ جي ڪم ۾ مشهور هو. عورتون
ڪڏهن ڪڏهن پنهنجين سهيلين ڏانهن نياپا سنيها به هن
جي هٿ موڪلينديون هيون، ۽ ٻيا به ڪيترا اهڙا خسيس
ڪم، جن لاءِ کين پنهنجا مڙس هوند رکو جواب ڏيئي
ڇڏين، هن کان ڪرائينديون هيون. مطلب ته رپ ٻين
لاءِ هر قسم جي ڪم ڪرڻ لاءِ هر دم تيار هوندو هو،
پر پنهنجي ڪنهن ڪم تي دل ئي ڪانه ورندي هيس،-
پنهنجي زمين آباد ڪرڻ ۽ پنهنجي گهر ٻار جي سنڀال
لهڻ کي ته هو بنهه ناممڪن سمجهندو هو.
حقيقت هيءَ هئي ته هو اهو اعلان ڪري چڪو هو ته سندس زمين ٽڪر
صاف بيڪار هو ۽ ان ۾ ڪهڙو به سٺو ٻج وجهبو ته مرڳو
اهو به زيان ٿيندو- جي ڦٽي نڪتو، ته به اَن بنهه
ڪين ڪندو. زمين جي چؤ طرف، جي لوڙها ڏنل هئا، سي
سڀ وڃي زمين سان زمين ٿيا هئا. سندس ڳئون ٻاهر
نڪتي وتندي هئي يـَـلَ چرندي، ۽ هر هر وڃي پراين
گوبين ۾ پوندي هئي، هن جي زمين لاءِ اهو مشهور هو
ته ان ۾ ڪانڊيرن جو فصل ڀلو ٿيندو آهي. زمين کڏهر
ٿي وڃڻ ڪري، مـِـينهن کي به موقعو لڳندو هو ۽ جڏهن
به ايندو هو ته وڃي سندس زمين ۾ بسيرو ڪندو هو.
اهڙيءَ طرح رپ جي اباڻي زمين سڄي جي سڄي برباد ۽
غير آباد ٿي ويئي هئي، جيتوڻيڪ ڪٿي ڪٿي ان ۾ ڪجهه
قدرتي ڀاڄين جا ٻوٽا ائين ساوا ساوا بيٺا هوندا
هئا، جيئن ڪنهن گنجي جي ٽـِـڪڻ ۾ هـِـتي هـُـتي
وارن جا جهڳٽا.
هن جا ٻار به اڌ اگهاڙا ۽ جهنگلي هوندا هئا، ۽ ائين پيو نظر
ايندو هو ته ڄڻ هنن جو ڪو وارث ئي ڪونهي. هن جو
پٽ، ننڍو رِپِ، جو هوبهو هن تي ويو هو، تنهن ۾ سڀ
علامتون هيون ته هو پنهنجي پيءُ جون سڀئي عادتون-
ويندي پوشاڪ پائڻ تائين- ورثي ۾ حاصل ڪندو. هو
گهڻو ڪري پنهنجي ماءُ جي پيرن ۾ ڪنهن وڇڙي جيان
وتندو هو ٺينگ ٽپا ڏيندو. سندس پيرن ۾ پڻس جو ڦاٽل
۽ ڇنل جوتو گيسڙ گيسڙ ڪندو گهلبو وتندو هو. اهو
جوتو هن روئي روئي پيءُ کان حاصل ڪيو هو.
بهرحال رپ انهن انسانن مان هو، جي ٿوري تي راضي رهن، هو انهن
ساده دل آلمستن مان هو جيڪي پيسي جا ڀڳڙا چٻي بکئي
پيٽ سارو ڏينهن سمهي ننڊون ڪندا، پر روپئي روز تي
ڪم ملندن، ته اهو ڪين ڪندا. بس جيڪي ڪجهه مليو، سو
يا بسم الله. سـُـڪو رکو ٽڪر چٻاڙيو ۽ لسيءَ وٽو
ڪٿان پيتو نه پيتي جهڙو. نه ٽڪر جي ڳڻتي، نه
اڳڙيءَ جو فڪر بس جي مليو ته واهه، نه ته سڀ جو
خير! جيڪڏهن هن کي آزاد ڇڏيو وڃي ها، ته جيڪر سڄي
زندگي سيٽيون وڄائي گذاري ڇڏي ها. پر سندس زال کيس
بيڪار ۽ نڪمو سڏي سڏي، هن جا ڪن ئي ڪڙا ڪري ڇڏيا
هئا، ۽ هميشه کيس گهر جي ويراني ۽ بربادي ياد
ڏياري ڏياري، سندس سمورو چين ۽ سڪون ئي کسي ورتو
هئائين. صبح، منجهند ۽ شام، هن جي زبان ڪنئچيءَ
جيان هلندي رهندي هئي، ۽ اها ويچاري رپ جي بي بها
خوشيءَ ۽ بي فڪر اطمينان کي ڪتريندي رهندي هئي.
جيڪي ڪجهه هو ڪندو يا چـَـوندو هو، سو ڄڻ ته باهه
مٿان تيل جو ڪم ڏيندو هو، ۽ هر دفعي هڪ چڱو خاصو
هنگامو پيدا ٿي پوندو هو. رپ غريب وٽ انهن سڀني
ڳالهين جو جواب خاموشي هئي. هو ڪنڌ ڌوڻي، اکيون
ٽمڪائي خاموش ٿي ويندو هو ۽ ڪوبه جواب ڪونه ڏيندو
هو. اها سندس خاموشي تيئن سندس زال کي غصو
ڏياريندي هئي، ۽ هن جي لڳاتار گارين جي برسات هن
کي نيٺ مجبور ڪندي هئي ته هو گهر ڇڏي ٻاهر هليو
وڃي، ۽ پوءِ هيسايل خرگوش جيان سارو ڏينهن هيڏانهن
هوڏانهن لڪندو ڇپندو اتي گذاري ڇڏيندو هو.
ان تنگ ماحول ۾ رپ جو دوست ۽ ساٿي صرف سندس هڪڙو ڪتو هو، جنهن
جو نالو ’بگهڙ‘ هو- ۽ هو به پنهنجي مالڪياڻيءَ کان
ايتروئي ڊڄندو هو، جيترو سندس مالڪ. رپ جي زال ان
ڪتي کان به نفرت ڪندي هئي، ڇو جو سمجهندي هئي ته
سندس مڙس جيان اهو پڻ نڪمو ۽ بيڪار آهي، ۽ ان ڪتي
جي سنگت ۾ ئي هو سارو سارو ڏينهن گهر کان ٻاهر
گذاري ٿو. ان ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونهي ته “بگهڙ” ۾ اهي
سڀ خوبيون هيون، جيڪي چڱي نسل وارن ڪتن ۾ هونديون
آهن. هو نه صرف وفادار هو، پر نڊر به هڪ ئي هـو،-
پـر
عورت جي تيز زبان اڳيان انسان جي جرئت به سٽ نه جهلي سگهي، سو
هن ويچاري بيزبان حيوان جي ڇا مجال جو پـُـڄي
سگهي! گهر ۾ گهڙندوئي ڪين هو، ته سندس گردن جهڪي
ويندو هو، ۽ پڇ وڃي ڌرتيءَ سان لڳندو هوس يا ٽنگن
۾ پيو وچڙندو هوس. ساهه سندس ائين کڄندو هو، جو ڄڻ
ته ڦاسيءَ جو ڦندو سندس ڳچيءَ ۾ پيل آهي. اکيون
ٽيڏيون ڪري پيو پنهنجي مالڪياڻيءَ ڏانهن ڏسندو هو.
ڪاٺيءَ جي ٿورڙي کڙڪي تي يا ٻهاريءَ جي سٽڪي تي هو
وٺي ٻاهر ڀڄندو هو.
رپ جي جيئن ئي شادي شده زندگي گذرندي پئي ويئي، تيئن هن لاءِ
عذاب وڌندا ٿي ويا. زود رنج انسان جي فطرت ۾ سالن
جو گذرڻ ڪوبه ڦيرو نه آڻيندو آهي،- سال ته پاڻ
ڪنهن رواتيءَ جيان هن جي زبان کي تنها ئي وڌيڪ تيز
ڪندا آهن. رپ جڏهن گهرجي دوزخ مان ٻاهر ڀڄي نڪرندو
هو، تڏهن گهڻو وقت ته هو انهن ”سياڻن“ ۽ واندن جي
مجلس ۾ ويهي گذاريندو هو، جيڪي ڳوٺ جي مسافر خاني
جي ٻاهران رکيل بينچ تي، ”جارج ٽئين“ جي تصوير
هيٺان پنهنجي ڪچهري لڳائي ويهي رهندا هئا،- ڄمائي
ڇا ويهندا هئا، بس ائين کڻي سمجهو ته ڪچهري ائين
ئي هلندي رهندي هئي. هتي هو سڀ اونهاري جا گرم
ڏينهن ويهي گذاريندا هئا. پنهنجي ڳوٺ بابت حال
احوال ڏيندا وٺندا هئا. ۽ ويهي هڪ ٻئي سان
سٻاجهڙيون ڳالهيون ڪندا هئا. پر ڪڏهن ڪڏهن، جڏهن
هن کي ڪنهن واٽهڙوءَ کان ڪا اخبار هٿ اچي ويندي
هئي، تڏهن سندن ٽيڪا ٽپڻي مزيدار هوندي هئي. ڪوبه
سياستدان سندن مجلس ۾ ويهي جيڪر ڪافي آزمودو پرائي
سگهي ها. ڪيئن نه خاموشيءَ سان هو سڀئي ان پراڻيءَ
اخبار جون خبرون ويهي ٻڌندا هئا،- ”وئن بـِـميل“،
اسڪول ماستر، هر هڪ لفظ تي زور ڏيئي اهي خبرون هنن
کي پڙهي ٻڌائيندو هو. هو ڪيئن نه ويهي انهن عوامي
ڳالهين تي بحث مباحثو ڪندا هئا، جيڪي ڳالهيون
مهينن جا مهينا اڳ گذري چڪيون هيون.
هن سڄي جماعت جو رايو ”نڪولاس ويڊر“ جي رايي سان ٻڌل هوندو هو.
نڪولاس ڳوٺ جو زميندار ۽ معتبر شخص هو ۽ ان مرڪز
جو پاڻ مالڪ هو،- در حقيقت اها سندس ئي اوطاق هئي.
اوطاق جي ٻاهران دروازي تي سـِـرنهه جي وڏي وڻ
هيٺان هو کٽ تي حقو ٽيڪي ويٺو هوندو هو. جيئن جيئن
اس جا تڙڪا ڦرندا ويندا هئا، تيئن تيئن هو به
پنهنجيءَ کٽ کي ڦيرائيندو ويندو هو، ۽ ڳوٺ جا
ماڻهو سندس کٽ جي ڦير گهير مان گهڙيال جهڙيءَ
خاطريءَ سان چئي سگهندا هئا ته هاڻ ڪيترو وقت ٿيو
آهي. هو ڳالهائيندو تمام ٿورو هو، پر سندس حقي جو
دم مٿان دم لڳندو پيو ايندو هو. هن جي ساٿين کي
چڱيءَ طرح خبر هئي ته هن کان رايو ڪهڙي طريقي حاصل
ڪري سگهجي. جڏهن ڪابه اهڙي ڳالهه پڙهي يا چئي
ويندي هئي، ته هو زور زور سان حقي مان ننڍڙا پر
تڪڙا وزم ڀريندو هو، ۽ پنهنجو ناراضپو دونهي جي
ڪڪرن ۾ لڪائيندو هو، پر جڏهن ڪابه ڳالهه هن جي دل
وٽان هوندي هئي، تڏهن هو ڌيرج سان وزم هڻي آهستي
آهستي دونهون ڪڍندو هو ۽ بعضي وات مان نڙ ڪڍي
ڇڏيندو هو ۽ دونهون وڪڙ کائي سندس نڪ جي گرد پيو
گهمندو هو ۽ پنهنجي ڪنڌ جي خفيف ڌوڻڻ سان ڳالهه تي
پنهنجي راضپي جو اظهار ڪندو هو.
اهڙيءَ پـُـر امن جڳهه تي پڻ رپ پنهنجي زال جي طوفان کان محفوظ
نه هوندو هو. هوءَ اوچتوئي اوچتو اچي ان سانتيڪي
ماحول مٿان ڪڙڪندي هئي، ۽ سڀني جو ٽڪي جو مانُ
ڪندي هئي. نڪو لاس ويڊر جهڙي شريف ۽ عزت واري
انسان جو مان ۽ شان پڻ ان عورت جي زبان جي زد کان
نه بچندو هو.
غريب رپ وٽ سواءِ ڳڻتين جي ٻيو ڪجهه به نه رهيو هو، ۽ ٻنيءَ جي
فضول ڪم کان ۽ زال جي مهڻن ۽ ويڻن کان بچڻ جو هن
وٽ صرف هڪڙو ئي علاج هو ته بندوق سان سارو ڏينهن
ٻيلن ۾ بيسود گهمندو رهي. ٻيلن ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن
وڻ جي ڇانوَ ۾ هو ويهي پنهنجي ڪتي سان ڏک سور
ونڊيندو هو، ڇو جو هو به هن جهڙوئي مصيبت زده ۽
مظلوم هو.
”مظلوم ”بگهڙ“!“ هو دل ئي دل ۾ چوندو هو، ”تنهنجي مالڪياڻيءَ
توکي ڪتي جي زندگي بسر ڪرڻ تي مجبور ڪيو آهي، پر
هڪ ڳالهه جو يقين ڪر ته جيستائين منهنجي جان ۾ جان
آهي، تيسين توکي ڪنهن ٻئي همدرد جي ضرورت ڪانه
پوندي.“ ”بگهڙ“ پنهنجي مالڪ جي دل جو راز سمجهي
ويندو هو ۽ پڇ لٽڪائي پنهنجي مالڪ ڏانهن معصوم
نظرن سان ڏسندو هو. مون کي يقين آهي ته جيڪڏهن ڪتا
همدرديءَ جو جذبو محسوس ڪندا آهن، ته ”بگهڙ“ به دل
۾ پنهنجي مالڪ لاءِ هن جي همدرديءَ کان به زياده
همدردي ۽ خلوص سانڍيو ويٺو هو.
خزان جي موسم ۾ هڪڙي ڏينهن، رپ بي خياليءَ ۾ گهمندي گهمندي جبلن
جي تمام اتاهين حـصي تي وڃي پهتو. هو نوريئڙن جي
شڪار جي شوق ۾ اوڏانهن وڃي نڪتو هو، ۽ سندس بندوق
جا ٺڪاءَ جبلن جي ماٿرين ۾ پڙاڏو ڪري خالي واپس ٿي
وريا. ٿڪجي ٽٽي، هو شام جو ٽڪريءَ جي ساوڪ تي ليٽي
پيو. ٽڪريءَ جي اها قطار سڄي جي سڄي جابلو ٻوٽين
سان ڇانيل هئي. وڻن جي وٿين مان هو ميلن تائين
هيٺاهين سرسبز زمين ڏسي رهيو هو. هو ايڏي مفاصلي
کان به چٽيءَ طرح هڊسن نديءَ جي پر وقار وهڪ ڏسي
رهيو هو. ائين پئي ڏسڻ ۾ آيو ته ندي پنهنجي شيشي
جي بستري تي ليٽيل هئي، ۽ ليٽندي ليٽندي، آسمان جي
نيري ساگر ۾ وڃي ٿي آرامي ٿي.
هن ٻئي پاسي هيٺ واديءَ ۾ ڏٺو، پر ائين وسهڻ ۾ آيس ڄڻ ته ان
ايڏيءَ ساريءَ واديءَ مٿان اڪيلائي ڇانيل هئي.
واديءَ ۾ ٽڪرين جون پاڙون اچي گڏ ٿيون هيون، جن کي
مشڪل سان سج جا ڪرڻا ڇهي ٿي سگهيا. ڪجهه وقت ته رپ
اهو قدرت جي حسن جو لازوال نغمو ٻڌندو رهيو. شام
آهستي آهستي ڪنهن مريض جيان اڳتي وڌندي پئي آئي.
ٽڪريون پنهنجن نيرن نيرن پاڇن سان واديءَ جي گود
ڀري رهيون هيون. هن سوچيو ته جيستائين هو ڳوٺ
پهچندو، تيستائين ڪافي اونده ڇانئجي ويندي، ۽ دير
جو خيال ايندي ئي هن کي زال جو غصو ياد آيو ۽ هو
سارو ڏڪي ويو. هن جي سيني مان هڪ گرم آهه اڀري
نڪتي ۽ شام جي غمگين ساين مٿان ڦهلجي ويئي.
جيئن ئي هو هيٺ لهي رهيو هو، ته هن ڪجهه پنڌ تان سڏ ٻڌو: ”رپ
وئن ونڪل - رپ وئن ونڪل!“ هن يڪدم هيڏانهن هوڏانهن
نهاريو، پر هن کي ڪجهه به ڏسڻ ۾ نه آيو - سواءِ هڪ
ڪانءُ جي، جو جبلن جي مٿان اڏامندو وڃي رهيو هو.
هن سمجهيو ته شايد هن کي ڪـَـنن ڌوڪو ڏنو آهي، ۽
هن وري لهڻ شروع ڪيو. پر وري ساڳيوئي آواز هوا جي
خاموشيءَ کي چيريندو هن وٽ اچي پهتو: ”رپ وئن ونڪل
- رپ وئن ونڪل!“ ايتري ۾ ڪتو چست ٿي ويو، ۽
ڀؤنڪندو رپ جي پاسي ۾ اچي بيٺو، ۽ تيز نظرن سان
ٽڪرين جي گود ۾ نهارڻ لڳو. رپ جي دل ۾ ڪجهه خطرو
پيدا ٿيو. اوچتو هن کي ڪا ننڍي چيز بار کان
ڊٻجندي، ٽڪرين تي چڙهڻ جي ڪوشش ڪندي نظر آئي. هن
چتائي ڏٺو ۽ ڏٺائين ته اهو هڪ ماڻهو هو، ۽ هن
سمجهيو ته شايد هي هتان ويجهڙائيءَ جو ڪو رهاڪو
آهي ۽ هن کي متان سندس مدد جي ضرورت هجي، تنهنڪري
هو تڪڙو تڪڙو وٽس پهچڻ لاءِ هيٺ لهڻ لڳو.
جيئن هو ان جي ويجهو ايندو ويو، تيئن هن جو اڻ سڃاتل چهرو ڏسي
هن جو عجب وڌندو ويو. هو قد جو ننڍو ۽ بت جو ڀريل
هڪ پـِـير مرد پئي نظر آيو. هن جي بدن تي ڪافي
گهاٽا وار هئا ۽ سندس ڏاڙهي ٿلهي بـُـرش جيان نظر
اچي رهي هئي. هن جي پوشاڪ ڊچن جي پراڻي تهذيب ياد
ڏياري رهي هئي. هن کي ننڍڙو ڪوٽ پيو هو، جو چيلهه
تائين مس پئي آيس، ۽ هيٺ رنگا رنگي گهر گهلي پتلون
پيل هيس. پتلون جي ٻنهي پاسن کان بٽڻن جون قطارون
لڳل هيون، جي گوڏن وٽ ڇڳو ٺاهي ختم پئي ٿي ويون.
هن جي ڪلهي تي هڪ وڏو پيپ رکيل هو، جو شراب سان
ڀريل پئي نظر آيو. هو ماڻهو رپ کي پريان ئي اشارا
ڪندو پئي آيو، ڄڻ چئي رهيو هجيس ته ”يار، ڪجهه
وارو ته اچي وٺائينم!“ جيتوڻيڪ اهڙيءَ نئين واقفيت
۾ رپ جو ڪو ايمان ڪونه هو، پر هميشه جيان هو عادت
کان مجبور هو، ۽ هن کي مدد ڪرڻ کان انڪار ڪري نه
سگهيو. پر رپ هن جي ڪلهي تان پاپ لاهي پاڻ کنيو، ۽
هو ٻئي سوڙهي لڪ تي چڙهڻ لڳا. جيئن ئي هو اهو لڪ
چڙهي رهيا هئا، ته رپ پري کان ڪيترا گجگوڙ جهڙا
آواز ٻڌا، جي ڄڻ ته نئين مان زور سان پاڻيءَ ڪرڻ
سبب پيدا ٿي رهيا هجن، جيڪا انهن نوڪدار جبلن جي
خال مان هيٺ وهندي پئي ايندي هجي. هن ٿورو وقت
ساهي پٽي، ۽ سمجهيائين ته اهي آواز ضرور برسات جي
نئين جا هوندا ۽ جبلن جي پرئين پاسي ضرور برسات
وسي رهي هوندي. پوءِ هو اتان ٽپي، هڪڙي تراکڙي
ميدان ۾ گهڙيا. ميدان جي چئني طرفن کان ٽڪريون
هيون، جن تي وڻن جون قطارون بيٺل هيون، ۽ اهي ننڍا
وڏا ڪنڊن وارا وڻ ايترو ته پاڻ ۾ ڳتيل هئا، جو وڏي
مشڪل سان ڪٿان ڪٿان آسمان جي لالائي ۽ شام جا سرخ
ڪڪر ڏسڻ ۾ اچي ٿي سگهيا.
اهو سارو ئي وقت رپ ۽ سندس ساٿي سواءِ ڪنهن گفتگو جي خاموش ئي
خاموش مٿي چڙهندا رهيا هئا. ڪڏهن ڪڏهن رپ حيران ٿي
پاڻ کان پئي پڇيو ته آخر ان ويران ۽ برباد ٽڪرين ۾
هو اهو شراب سان ڀريل پيپ ڪنهن لاءِ ٿي کڻي ويو؟
پر هن کي ڪوبه موزون جواب نه ٿي سجهيو، ۽ ان عجيب
ڳجهارت هن جي دل ۾ ڪيئي ڊپ پيدا ڪيا. |