سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: آمريڪي لوڪ ڪهاڻيون

 

صفحو :7

 

از:  جارج بـَـرڊ گـِـرنيل

جادوءَ جي سلفي

 

 

ديو، جيڪو گجگوڙ ڪندو آهي، ان کي ته اوهان ضرور سڃاڻندا هوندؤ. هو جـِـت ڪـِـٿ حاضر آهي. هو نه صرف جبلن ۾ رڙندو آهي، پر وڏن وڏن ميدان مٿان به هن جو ڌاڪو ڄميل آهي. جبل سندس هڪ ئي وار سان پرزا پرزا ٿي وڃن، ۽ اهي ڊگها ڊگها وڻ سندس هڪ لت سان ڇيهون ڇيهون ٿي وڃن. ماڻهو سندس هڪ رڙ سان دهلجي وڃن، ۽ هو ڏاڍو ظالم آهي. انهن ڊگهن اوچن منارن، سـَـنون سڌن وڻن ۽ ماڻهن جو هو ازلي دشمن آهي. هو هميشه انهن کي زمين ۾ دفن ڪرڻ چاهيندو آهي. هائو! اهو ديو سڀني کان وڌيڪ طاقتور ۽ سڀني کان ڏاڍو آهي. پر مون اڃا اوهان کي هن جي سڀ کان وڌيڪ بڇڙائيءَ بابت ته ٻڌايو ئي ڪونهي: هو ڪڏهن ڪڏهن عورتون به چورائي ويندو آهي.

گهڻو وقت اڳ، جڏهن دنيا جي اڃا شروعات هئي، ته هڪ دفعي هڪ مرد ۽ سندس عورت پنهنجيءَ جهوپڙيءَ ۾ ويٺا هئا ته ايتري ۾ گجندڙ ديو آيو، ۽ اچي هنن کي زور سان ٽڪر هنيائين. پر مرد بچي ويو. پهريائين ته هو صفا ٻوڙو ٿي ويو هو، پر پوءِ آهستي آهستي جڏهن گجگوڙ جو اثر گهٽيو، ته هو وري سمجهڻ ۽ ٻڌڻ لڳو. هو جتي ڪريو پيو هو، اتان اٿيو ۽ هيڏانهن هوڏانهن ڏٺائين، پر پنهنجي زال هن کي ڏسڻ ۾ نه آئي. ”اڙي! ٺهيو،“  هن سوچيو،”هوءَ پاڻي ڀرڻ يا ڪاٺيون ڪرڻ ويئي هوندي!“ هو هن جي انتظار ۾ ويٺو رهيو. جڏهن سج به وڃي ٽڪر ۾ لڪو، پر سندس زال اڃا واپس نه آئي، تڏهن هو اٿي ٻاهر آيو، ۽ ماڻهن کان پڇا ڪيائين، ته ڪنهن سندس زال کي ته نه ڏٺو! ڪنهن به هن کي پورو پتو نه ڏنو. ساري ڳوٺ ۾ هن کي تلاش ڪيائين، پر ڪو به پتو ڪونه پيس. اوچتو هن کي خيال آيو، ته ضرور گجگوڙ جو ديو هن کي کڻي ويو هوندو، ۽ هو اڪيلو ئي اڪيلو ٽڪرين ڏانهن پنهنجي زال جي ماتم ڪرڻ لاءِ هليو.

صبح  جو ننڊ مان اٿي، هو هيڏانهن هوڏانهن رُلي رهيو هو، ۽ جيڪو به پکي يا جانور مليس ٿي، تنهن کان زال جو پڇا ٿي ڪيائين ته گجگوڙ جو ديو ڪٿي رهندو آهي؟ هو صرف کليا ٿي، پر کيس جواب ڪونه ٿي ڏنائون. آخر هڪڙي بگهڙ چيس، ”تون به عجيب مورک آهين. اسان کي ڪهڙيءَ کٽيءَ کنيو آهي، جو وتون پنهنجي دشمن جي گهر جي جاچ ڪندا. ٻين کان ته ڀڄي ڊڪي جان بچائيندا آهيون، پر هيءُ اهڙو ظالم آهي، جو صرف آڱر رکي ته اسين اتي ئي ڍيري ٿي پئجي رهون. چڱو ائين ٿيندءِ ته واپس وڃ. ڪهڙي نه رهزن جي گهر جي تلاش ۾ نڪتو آهين!“

پر هو ماڻهو نه مڙيو، ۽ پنهنجو سفر سٽيندو رهيو، پڇائون ڪندو رهيو. آخر هڪ ڏينهن ڪنهن عجيب مڪان وٽ اچي پهتو. اهو مڪان هو ته ٻين جهڙو، پر ٺهيل ساروئي پٿر جو هو. ان مڪان ۾ سرڻين جو سردار رهندو هو. اهو شخص ان مڪان اندر گهڙي ويو.

”ڀلي آئين دوست!“ سرڻين جي سردار آدر ڀاءُ ڪندي چيس. ”ويهو - ويهو!“ هن جي اڳيان دسترخوان وڇائجي ويو، ۽ کاڌو اچي ويو.

جڏهن هن کائي بس ڪئي، تڏهن سرڻين جي سردار پڇيس، ”هن پاسي ڪيئن اچڻ ٿيو آهي؟“

”گجگوڙ جو ديو منهنجي زال کڻي ويو آهي.“ هن شخص حال احوال ڏيندي ٻڌايس، ”۽ مان هن جي مڪان جي تلاش ۾ نڪتو آهيان“.

”ايتري همت ٿينديئه، جو اهڙي خطرناڪ ديو جي گهر ۾ پير پائي سگهين.“ سردار پڇيس. ”هو هتي ڀرسان ئي رهندو آهي. هن جو مڪان پڻ پٿر جو ٺهيل آهي، ۽ ان ۾ اندر اکيون ٽنگيل آهن. اهي اکيون انهن جون آهن، جن کي هن اڄ ڏينهن تائين ماريو آهي، يا چورايو آهي، ديو هنن جون اکيون ڪڍي ٽنگي ڇڏيون آهن. اڃا به توکي همت ٿيندي، جو هن جي گهر وڃين؟“

”نه“، هن شخص جواب ڏنس، ”ڪير اهڙين خوفناڪ شين ڏانهن ڏسندو، ۽ پوءِ به زنده رهي سگهندو!“

”ڪوبه نه“، سردار هن جي ڳالهه وٺائيندي چيو، ”پر هڪڙو آهي، جنهن کان خود اهو ديو به ڪنبندو آهي. ان کي ديو ڪڏهن به ماري نه سگهندو. اهو مان آهيان-- صرف مان سرڻين جو سردار-- جنهن کان هو ڪنبندو آهي. هاڻي جيئن مان توکي صلاح ڏيان، تون ائين وڃي ڪر: جيئن ئي ان مڪان ۾ گهڙين، ته پهريائين انهن ٽنگيل اکين مان پنهنجي زال جون اکيون ڳولـجا“. جڏهن اهي ڳولي لهين، ته انهن کي پنهنجي هٿن ۾ قابو ڪجان“. جيڪڏهن انهيءَ وچ ۾ ديو توتي حملو ڪري، ته هيءُ مان پنهنجو کنڀ ڏيانءِ ٿو، اهو هن ڏانهن سڌو ڪجان“، ۽ بس هو يڪدم پوئتي هٽي ويندو. پر جيڪڏهن کنڀ جي هو ڪابه پرواهه نه ڪري، ته هي اٿئي تير ڪمان - ڪمان سامبر جي سڱ مان ٺهيل اٿئي - ۽ بس پوءِ ڇڪي هڻجانس تير. تير ڪمان جي ڀت مان ئي پار هليو ويندو.“

”ڇو ٿو مون کي اُلو بڻائين؟“ مظلوم شخص چيس. ”هڪ ته دل اڳيئي کاڌي پيئي اٿم، ٻيو وري تون ٿو لوڻ ٻرڪين. ٺهيو - بس. نه ته مان روئندو سانءِ.“  ان شخص پنهنجو منهن ٻانهن ۾ لڪائي، سڏڪا ڀرڻ شروع ڪيا.

”چئبو ته تنهنجو مون ۾ ڪوبه ويساهه ڪونهي؟“ سردار چيس. ”چڱو ٻاهر هل ته مان توکي ويساهه ڏياريان.“

هو ٻئي ٻاهر آيا. سرڻين جي سردار پڇيس، ”تنهنجو گهر هتان ڪيترو دور آهي؟“

”ڪافي دور آهي،“  هن شخص جواب ڏنس.

”ايترو ٻڌائي سگهندين ته تون گهڻن ڏينهن کان سفر ڪري رهيو آهين؟“ سردار پڇيس.

”نه،“ هن شخص وراڻيو. ”منهنجي دل ۾ سواءِ پنهنجيءِ زال جي فراق جي، ٻي ڪابه يادگيري ڪانهي. منهنجو ڪڏهن ڏينهن ڳڻڻ ڏانهن خيال ئي ڪونه ويو آهي. پر ايتري يادگيري اٿم ته جڏهن سفر تي نڪتو هوس، تڏهن ٻيرين ۾ ٻير ڪونه هئا. پر هاڻي ٻيرين ۾ ٻير ٿيا آهن، ۽ اهي پچي به ويا آهن.“

”تون هتان پنهنجو ڳوٺ ڏسي ٿو سگهين؟“ سردار چيس. اهو شخص خاموش رهيو. سردار سندس اکين تي ڪا دوا مهٽي، ۽ کيس چيائين: ”هاڻي ڏس!“ هن شخص اکيون پٽيون ۽ ڇا ڏسي، جو سندس ڳوٺ ڀرسان ئي نظر اچي رهيو، ۽ اتي جيڪي به ماڻهو گهمي ڦري رهيا هئا، تن کي به هو بخوبي سڃاڻي ٿي سگهيو. جاين مان باهه جو دونهون ٻاهر نڪري رهيو هو.

”هاڻي ته اعتبار ڪندين؟“ سردار کلندي چيس. ”تير ڪمان کڻ ۽ وڃ - وڃي پنهنجي زال هٿ ڪر.“

هن شخص اهي شيون کنيون، ۽ ديو جي مڪان ڏانهن راهي ٿيو. مڪان ۾ گهڙي در جي ڀرسان ويهي رهيو. ”تون ڇو آيو آهين؟“........ ديو هن مٿان جلهه ڪئي.

ديو جي جڏهن هن مٿان نظر پيئي، تڏهن غصي ۾ ڳاڙهو لعل ٿي ويو، پر هو شخص مٿي ڏسي رهيو هو، جتي اکيون ٽنگيل هيون. انهن ۾ سندس زال جون اکيون پڻ هيون.

”تون ڇو آيو آهين؟“ ديو رڙ ڪري چيس.

”مان پنهنجي زال جي ڳولا ۾ آيو آهيان، جنهن کي تون چورائي کڻي آيو آهين، ۽ اِجهو سندس اکيون سامهون ٽنگيون پيون آهن.“  هن شخص جواب ڏنس.

”هڪ دفعو منهنجي جاءِ ۾ اندر اچڻ کان پوءِ ڪوبه ٻاهر سلامت نڪري نٿو سگهي،“  ائين چئي، ديو هن مٿان جلهه ڪئي. هن شخص، سرڻين جي سردار وارو ڏنل کنڀ هن ڏانهن سڌو ڪيو، ۽ بس - هو ڌو وڃي پنهنجيءَ کٽ تي ڪريو ۽ ڏڪڻ لڳو. هن پاڻ سنڀاليو ۽ وري اٿيو. هن شخص تير، ڪمان ۾ وجهي، ٺڪاءُ ڪڍايو ڀت کي. پٿر جي ڀت کي چيريندي تير آرپار هليو ويو ۽ ڀت ۾ هڪ وڏو سوراخ ٿي پيو، جتان سج جي روشني اندر ڪاهي پئي.

”بس - بس،“ ديو رڙ ڪئي. ”بس تون مون کان ڏاڍو آهين، تنهنجي طاقت مون کان وڌيڪ آهي. توکي پنهنجي زال واپس ملندي. پنهنجي زال جون اکيون لاهي وٺ.“

هن شخص ڌاڳو وڍيو جنهن ۾ سندس زال جون اکيون ٽنگيل هيون، ۽ ڌاڳي جي وڍجڻ سان سندس زال جيئري جاڳندي اچي هن اڳيان بيٺي.

”چڱو“، گجگوڙ جي ديو چيس، “توکي ته خبر آهي ته مان وڏو پهلوان ۽ طاقتور آهيان. مان اونهاري ۾ هتي رهندو آهيان، ۽ جڏهن سيارو ايندو آهي ته مان ڏکڻ وارن ملڪن ڏانهن هليو ويندو آهيان. جيئن پکي هليا ويندا آهن، تيئن مان به هنن سان گڏ هليو ويندو آهيان. مان توکي هيءَ سلفي ڏيان ٿو، جنهن ۾ وڏو راز سمايل آهي. هيءَ وٺي پاڻ وٽ رک. مان پهريائين بهار ۾ ايندو آهيان، ۽ جڏهن اچان، تڏهن هن سلفيءَ کي ڀري تون ۽ ٻيا سڀ ماڻهو هن مان وزم ڀرجو، ۽ مان اوهان کي اهڙو مينهن ڏيندس، جو اوهان جا ٻيرن جا وڻ ميوي سان ٽمٽار ٿي ويندا، ۽ هر هڪ فصل اوهان جو ٿيندو، پر توهان مينهن لاءِ مون کي ضرور ٻاڏائيندا رهجو.“

اهڙيءَ طرح ماڻهن کي پهرين جادوءَ جي سلفي ملي هئي. پر تنهن کي گهڻو وقت ٿيو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com