ڏاکڻي پهاڙي علائقي
جون
لوڪ ڪهاڻيون
از: پرسـَـي مئڪي
خچر جهڙا ماڻهو
ٻارو، ڪڏهن به ’ائمبر واري ڏينهن‘، ڪروڌ يا کٽ پٽ نه ڪندا ڪيو.
ڪڏهن به اهڙي خطري ۾ پوڻ جي ڪوشش نه ڪجو، ڇو جو
اهڙي هوڙهائي، ڪنهن کي اوهان جو دشمن بڻائي ڇڏيندي
۽ اهڙيءَ دشمنيءَ جو اثر ايترو ته خراب آهي، جو
پوءِ اوهان پنهنجو منهن به آئيني ۾ سڃاڻي نه
سگهندؤ.
اهو ’ائمبر ڏينهن‘ ڇا آهي؟ ڇا توهان اڃا سال جا ڏينهن ۽ مهينا
ياد نه ڪيا آهن؟ ’ائمبر ڏينهن‘ اهو خوفناڪ ڏينهن
آهي، جنهن ڏينهن هڪڙو لفظ به، مذهب يا پنهنجي
خلاف، اوهان کي پاراتو ٿي لڳندو، ۽ اوهان جو عزيز
۾ عزيز دوست يا مائٽ به اوهان جو دشمن ٿي پوندو.
ٻڍي ’هارنيءَ‘ ڪيترا اهڙا ڏينهن سال جي ڏينهن ۾
وجهي ڇڏيا آهن، جيئن ڪو ڪڻڪ جي ڍڳ ۾ ڪوئن جا
زهريلا ڪن وجهي ڇڏي، ته جيئن بيوقوف جانور ڪڻڪ سان
گڏ اهي به کائي وڃن ۽ مري وڃن.
اهڙي ڏينهن اوهان جو ساهه ڪونه نڪرندو، پر صرف ايترو ٿيندو، جو
اوهان جيڪا غلط آرزو دل ۾ رکندؤ يا ڪو خراب لفظ
وات مان ڪڍندؤ، ته پوءِ شيطان اوهان جو روح بدلي
ڇڏيندو، ۽ اوهان کي پنهنجي مرضيءَ موجب هڪ ئي ڌڪ
سان ڪو بيزبان وحشي جانور بڻائي ڇڏيندو. تنهنڪري
ته مان ۽ منهنجي ٻڍڙي زال اهڙن ڏينهن تي هميشه
پنهنجي زبان بند رکندا آهيون! اسان نه چاهيندا
آهيون ته جا حالت ’گاڊسي اسڪورسيءَ‘ ۽ سندس زال
سان ٿي گذري، اها اسان سان به ٿئي.
مون کان اوهان اجائي پڇ پڇ نه ڪيو ته اها ڳالهه ڪيئن ٿي. مان
اوهان کي پاڻيهي ساري ماجرا ٻڌايان ٿو.
ڪيترا سال اڳي، گاڊسي اسڪورسي منهنجو پاڙيسري هو. هو ۽ سندس زال
’مونڊي‘ هڪڙي اڪيلي گهر ۾ رهندا هئا.
گاڊسي، ڏاڍو شريف، صابر، سنجيده ۽ محنتي شخص هو، پر سندس زال
ڏاڍي تيز ۽ بڪواسڻ هوندي هئي. صبح کان وٺي رات
تائين، صرف فضول بڪواس ۽ ڪروڌ ڪندي رهندي هئي.
برسات جي موسم ۾ هڪڙي ڏينهن، مان هنن جي گهر اڳيان لنگهيس.
اوچتو غصي جو آواز، جو ڪنهن عورت جو آواز هو، ڪن
تي پيم. مان بيهي رهيس.
”پنهنجا اهي هاٿيءَ جيڏا ڳورا ۽ بي ڊولا پير ته منهنجن پيرن کان
پري ڪر، مون کي چيٿاڙي نه ڇڏين! ڪڏهن آرام سان
سمهڻ به ڏنو اٿئي؟ هميشه منهنجي مٿان ڄميو پيو
آهين. بس، اهي گهوڙي جهڙا سخت پير ۽ ٽنگون هڻندو
رهه! خدا ڄاڻي، چيلهه کان هيٺ انسان آهين الائي
خچر!“
”۽ تون-- ڳچيءَ کان مٿي! پوڙهي رن ڪٿان جي!“ هن جواب ۾ چيس.
”ڪهڙو نه چڱو ٿئي ها، جو ڪو سواريءَ جو جانور هجين ها، ته توتي
چڙهي سالومن سان رڍن تي سودو ڪري ڇڏيان ها!“
”۽ مان تنهنجي بدران ڪو سوئر وٺان ها!“
دل ۾ چيم: ”هاڻي مون ڪافي ٻڌو..... گاڊسي ويچاري جو دماغ ئي
خراب ٿي پيو آهي.“ مان گهر ڏانهن روانو ٿيس، ڇو جو
ٽي ميل نهر جي ڪناري سان پنڌ ڪرڻو هوم.
مان ائين ئي دالان ۾ ويٺو هوس ۽ ويٺي ناس ڏنم. ٻاهر اوندهه
ڦهلجي رهي هئي، ۽ منهنجي زال ديڳڙيءَ کي چمچو
گهمائي رهي هئي. اوچتو هن سنجيده ٿي مون کان پڇيو:
”سالومن،“ هن چيو، ”وقت ڪهڙو آهي؟“
”وسڻ جي موسم آهي،“ مون چيو، ”وقت، رات جي ماني کائڻ جو ٿيو
آهي.“
”مان الائي ڇو پريشان ٿي آهيان! سمجهان ٿي ته ڄڻ اڄ ”ائمبر
ڏينهن“ آهي،“ ٻڍيءَ چيو.
ايتري ۾ ٻاهر رستي تي ڄڻ پٿرن جي کڙڪڻ جو آواز ٿيو، ۽ اوچتو
ٻاهران ڪنهن رڙ ڪئي.
”سالومن - او سالومن!“
مون ٻاهر نهاري، ۽ گهرجي ديوار تان مٿان هڪڙو ماڻهوءَ جو مٿو
ڏٺم، جو هيٺ لڙيل هو. مهانڊا ته گاڊسي اسڪورسيءَ
جا هئا. منهن سارو داغ داغ ۽ وات مان گڦ وهي رهي
هيس، ڄڻ ته ڪو جن ڏٺو هئائين. ٻارڙؤ! مون کي ته کل
اچي ويئي.
”سلام، ادا گاڊسي- تون ڇا تي سوار آهين؟“ مون چيو.
” ادا، مان ته ٽنگن تي بيٺو آهيان،“ هن جواب ڏنو.
”ته پوءِ ايترو مٿي ڇو ٿو ڏسڻ ۾ اچين!“ مون پڇيومانس.
”منهنجي هيٺان ڪجهه به ڪونهي،“ هن ساڳيوئي گول آواز ۾ جواب ڏنو.
”مٿي نه آهين!“ مون چيو. ”خير، اچ ته ڪو پاڻ کل چرچو ڪريون.“
”مان اندر اچي نه سگهندس،“ هن چيو. ”۽ وري نه کلي ئي سگهندس.
شايد ڪڏهن به نه.“
”آخر ان جو سبب ڪهڙو؟“ مون چيو.
”منهنجو هيٺيون ڌڙ ٺيڪ نه آهي،“ هن چيو. ”ٻاهر اچ ۽ اچي پاڻ ئي
ڏس.“
مان دروازي کان ٻاهر نڪتس، ۽ اوندهه ۾ به مون چڱيءَ طرح ڏٺو ته
هڪڙو ڇهن عضون وارو جانور بيٺو آهي. مٿيون اڌ-
ٻانهون، سينو ۽ منڍي- ته برابر گاڊسي اسڪورسي جو
آهي، جو تماڪ چٻاڙي رهيو هو، پر هيٺيون اڌ خچر جو
هو، جنهن کي ٽنگون ۽ پڇ هئا!
”رحم، پروردگار!“ منهنجي زبان مان ازخود نڪري ويو.
”گاڊسي، جيڪڏهن تون خچر مٿان سوار آهين، ته تون هني تان گهڻو
اڳتي سري ويو آهين. واقعي، دوست، تنهنجي هيٺين اڌ
کي کل ڀوڳ جي ڪابه ضرورت ڪانهي. آخر ڪيئن تون ان
خچر جي ڌڙ سان ڳنڍجي وئين؟“
ويچاري گاڊسيءَ، پنهنجون پويون ٽنگون کنهندي ۽ هڪ کر سان مٽي
اڏائيندي، چيو:
”بس، اهو ظاهر ظهور ڪنهن جو جادو آهي.“
”نه ائين نه آهي،“ مون چيو. ”اوهان کي ائمبر ڏينهن جو پاراتو
لڳو آهي. ضرور توکي ڪنهن غصي جي حالت ۾ پٽيو آهي،
جو ٻڍي ’هارنيءَ‘ ٻڌي ورتو هوندو.“
’هائو،‘ هن جواب ڏنو. اها ’مونڊي‘ هئي- منهنجي زال. هن مون کي
پٽيو آهي. هن چيو هو ته شل منهنجو هيٺيون ڌڙ خچر
جهڙو ٿئي، ته هوءَ مون تي چڙهي، تو وٽ اچي، ۽
توسان رڍن جي بدلي ۾ سودو ڪري. مون به موٽ ۾ هن کي
چيو هو ته شال هن جو مٿيون ڌڙ خچر جهڙو ٿئي.
سالومن! ادا، هاڻي پاڙي جو ننگ رک ۽ اسان جي مدد
ڪر، ته جيئن اهو پاراتو اسان تان لهي وڃي.“
”مان ڪهڙي مدد ڪري سگهندس، گاڊسي!“
”مونڊيءَ مون کي توڏانهن موڪليو آهي ته تون جيڪڏهن پنهنجو رڍن
جو ڌڻ هن جانور جي بدلي (هن پاڻ ڏانهن اشارو ڪيو)
ڏيندين، ته پوءِ ممڪن آهي، ته اسان مٿان ان پاراتي
جو اثر دور ٿي وڃي. بس، اهوئي آخري علاج آهي.“
”پر هن خچر جي منڍي ڪٿي آهي؟“
”اها ته گهر آهي نه، مونڊيءَ وٽ،“ هن چيو. ”اها هن لاءِ ڏاڍي
شرم جي ڳالهه هئي، جو هوءَ پنهنجيءَ زالاڻين ٽنگن
تي ايڏي جبل جيڏي منڍي کڻي هيستائين اچي. تون
منهنجي پٺيءَ تي چڙهه، ته مان توکي گهر وٺي هلان.
اتي هلي تون پاڻ هن کي ڏس.“
مان هن جي پٺيءَ واري ڪنڊي جي وچ تي ٿي ويٺس، ۽ هڪ هٿ هن جي ڦڻ
۾ وڌم، جا هن جي پٺيءَ تي ناريل وانگر ٻاهر نڪتي
بيٺي هئي، ۽ ان کي زور ڏنم ته هو هلڻ لڳو. جن به
رات جو ڪا سواري ڪئي هوندي، انهن سڀني کان عجيب
غريب هيءَ منهنجي سواري هئي. ڪنهن به ماڻهوءَ مشڪل
سان اهڙو جاڙو جانور ڏٺو هوندو، جنهن مٿان مون ان
رات سواري ٿي ڪئي. مان هن جي ڪلهن ۾ هٿ وجهي قابو
ٿي ويهي رهيس، پر هڪڙو لوڏو مڙيوئي سخت آيو ۽ هن
منهن ڦيرائي غمگين ٿي چيو:
”سالومن، منهنجيءَ پتلون جي کيسن ۾ پير ڦاسائي ويهه.“
ڪافي پنڌ هو هلندو هليو، ۽ هن هڪ لفظ به مون سان نه ڳالهايو،
باقي ٿڪون سو باقاعدي اڇليندو ٿي هليو. مان قابو
ته ويٺو هوس، پر ڏاڍو ڏکيو ويٺو هوس، سو مون ٿورو
اڳتي وڌي هن جي ڳچيءَ ۾ ڀاڪر وڌو. مينهن جون
تڪڙيون ڦڙيون وسڻ لڳيون. ويچاري گاڊسي جا کر ڪيترا
دفعا پاڻيءَ ۾ ترڪيا. هڪڙو دفعو هن پتلون جي کيسي
۾ هٿ وجهي ٻه ٽي پن تماڪ جا ڪڍي، چٻاڙڻ لاءِ وات ۾
وڌا. تماڪ کائڻ کان پوءِ، هن جي رفتار ۾ ڪجهه تيزي
اچي ويئي، ۽ هو ’چارلي‘ پادريءَ جي گهر تائين ان
ئي رفتار سان هلندو رهيو.
چارلي ان مهل چشمي مان پاڻيءَ جو ڏول ڀري چڪو هو، ۽ گهر ڏانهن
دروازو کولڻ وڃي رهيو هو، ته اسان به اچي پهتاسون.
”ادا، مون کي پاڻيءَ چڪو ته پيار. پياريندين؟“ گاڊسي سهڪندي
چيو. ”ٽڪريءَ جي چوٽيءَ کان وٺي سالومن کي کنيو
اٿم، ۽ ڏاڍو ٿڪائي وڌو اٿائين.“
چارليءُ ڪنڌ ڦيرائي، هڪ نظر اسان مٿان اڇلائي.
”خواب ۾ آهيان ڇا؟“ هن رڙ ڪئي، ۽ هن وڌيڪ اهو به ٻڌايو ته هن وٽ
پڻ اڳي بلڪل هڪڙي اهڙي قسم جي پر ننڍڙي جهنگلي بدڪ
هوندي هئي. هن پنهنجو پاڻيءَ جو دٻو گاڊسي جي
ڀرسان رکيو، ۽ گاڊسي ساروئي دٻو خلاص ڪري ويو.
اسان اڌ ميل کن اڳتي هليا وياسون، پر تڏهن به
چارليءَ جي ”توبهه، توبهه“ جا آواز اڃا تائين صاف
ٻڌڻ ۾ پئي آيا.
ٻيو گهر، ’جان‘ لنگهي جو، رستي ۾ اچڻو هو، ۽ جڏهن اتي پهتاسون،
ته جان پنهنجيءَ شرناءِ جا ٿنبڻ سان ٽنگڙا بند ڪري
رهيو هو، ۽ راڳ به چئي رهيو هو.
”اڙي جان،“ گاڊسي چيو، ”شراب چڪو ته پيار! مون کان بوتل ڪٿي
وڃائجي ويئي آهي.“
ٻڍي لنگهي پنهنجي شرناءِ ٺاهڻ بند ڪئي، ۽ اسان ڏانهن گهورڻ لڳو.
”جاڙو جانور!“ هن جو آواز نڙيءَ ۾ ڦاسي پيو. ”نه ادا، مان چڪو
به چپن تي نه رکيو آهي. پر جي تون خدائي گهوڙو
آهين ته ٺهيو، نه ته مون کي هي پهريون دفعو آهي،
جو خچر ۽ ماڻهو اڌو اڌ ٿو ڏسان. جيستائين شراب جو
سوال آهي، ته مان توکي بوتل مان ته ڪجهه ڏيئي نه
سگهندس، باقي شرناءِ صفا ڪرڻ واريءَ وٽيءَ مان
ٿورو چڪو ڏيانءِ ٿو“.
شراب جي چڪي پيئڻ کان پو”، ڄڻ ته هن جي ٽنگن ۾ تازي طاقت اچي
ويئي، ۽ هو ڪنهن لوهه جي ڪل جيان تمام تيز رفتار
سان ڊوڙي رهيو هو. هو ساروئي پگهر ۾ ٻڏي ويو هو.
هن جي پيٽ ۽ پٺيءَ مان جا گجي نڪتي هئي، تنهن مون
کي ته صفا وهنجاري ڇڏيو هو. خير، هن جي گهر پهچڻ
تائين مان سندس پگهر ۽ گجي وري به سندس پتلون سان
ئي اگهندو پئي ويس.
گهر ۾ اندر ڪا عورت چادر ڍڪيو ويٺي هئي. سندس ڪنڌ پينگهي جيان
لڏي رهيو هو.
’مونڊي!‘ گاڊسي رڙ ڪئي. ”سالومن آيو اٿئي. هو ته چوي ٿو ته سودو
ڌڙ ۽ ڳچيءَ سان ٿيندو. صرف ڌڙ جو سودو ڪيئن
ٿيندو.“
منهنجي توبهه! ڪهڙو نه خوفناڪ آواز هو هن جو!
”هي- هانڪر!- هي- هانڪر!- هي- هانڪر!“
ائين هينگون ڪندي، هن پنهنجي خچر واريءَ ڳچيءَ تان چادر پري
ڪئي، ۽ هن جو وات فوٽ کن کلي ويو، ۽ هن جي جانڊه
جهڙيون ڀيانڪ هوڙون ڏيکارجي رهيون هيون.
ٻارو، مان ته پوءِ ڌرتيءَ تي ويهي رهيس! ”غريب، گگدام جانور!“
گاڊسي چيو. ”غريب مونڊيءَ جي ٻولي ئي اها ٿي ويئي
آهي!“
مونڊيءَ چادر لاهي پري ڦٽي ڪئي، ۽ دورازي جي چائنٺ وٽ اچي بيهي
رهي. غريب جيتامڙي عورت، پيپ جيڏيءَ منڍيءَ کي،
پنهنجي ڪمزور ڪلهن تي خاموش جهلي بيهارڻ جي فضول
ڪوشش ڪري رهي هئي. مون ته سمجهيو ته اها ايڏي ساري
منڍي هن جون ٽنگون ئي چٻيون ڪري ڇڏيندي. آخر هوءَ
اهي ايڏا وڏا ڪن هيڏانهن هوڏانهن سٽيندي، ٻئي
ٻانهون کولي، گاڊسي ڏانهن وڌي آئي.
ڪهڙو نه دردناڪ نظارو هو! هن جي اکين مان ڳوڙها ڳڙي رهيا هئا، ۽
هوءَ چولي جي پلاند سان ڳوڙها اگهي رهي هئي. سندس
اکين مان ايڏا ته ڳوڙها ڪري رهيا هئا، جو نه فقط
سندس قميص آلي ٿي ويئي هئي، پر ڪوٺيءَ جو فرش به
سارو آلو ٿي ويو هو.
گاڊسي چارئي کلي زمين ۾ هڻندو، مٽي اڏائيندو، مونڊيءَ کي ڀاڪر
پائڻ لاءِ اڳتي وڌيو. هن ان خچر جي منڍيءَ کي ڀاڪر
پاتو ۽ ڀاڪر پائڻ کان پوءِ ائين پئي ڏسڻ ۾ آيو ته
ڄڻ سڄو خچر پوري جو پورو سامهون بيٺو هو.
”سالومن، هاڻي ته تون پنهنجو رڍن جو ڌڻ، هن خچر جي بدلي ۾ سودو
ڪندين نه؟“ گاڊسي چيو.
”خدا جي پناهه! مان ڪونه ڪندس،“ مون چيو. ”جوڙ پورو نه آهي. اڃا
وچ وارو حصو کٽل آهي.“
”هائو برابر. خدا پنهنجو رحم ڪري!“ هن ٿڌو ساهه کنيو. ”وچ هميشه
لاءِ ويو، ڇو جو مون صرف هن کي ڳچيءَ کان مٿي جو
پاراتو ڏنو هو.“
انهيءَ تي مونڊي وري اچي ”هي- هانڪر“ ۾ پيئي. گاڊسي هن جي خچر
وارين ناسن کي پيار سان مهٽڻ لڳو، ۽ هوءَ وري
پنهنجا ڪن ڪنهن ساز جيان وڄائي رهي هئي.
”مونڊي پياري، هڪ ڳالهه جو يقين ڪر ته مان بري ۾ بريءَ حالت ۾
به تو سان گڏ هوندس.“ گاڊسي مٿي تي هٿ ٿيريندي
چيس. تنهن کان پوءِ، ويچارو ٿي، هو مون سان مخاطب
ٿيو:
”سالومن، آخر تنهنجي دل ۾ رحم ڇو نه ٿو اڀري! سمجهين به ٿو ته
جيستائين تون رڍن جي ڌڻ جو اسان سان سودو نه
ڪندين، تيستائين اسان تان پاراتي جو اثر دفع ڪونه
ٿيندو.“
”گاڊسي،“ مون چيو، ”چڱو ٻڌ. ڌڻ ته پري رهيو، پر مان هڪڙي رڍ به
ائمبر ڏينهن ڄاول خچرن جي لشڪر لاءِ ڏيڻ پسند نه
ڪندس. پر ڇا به هجي، مان ڪو هرو ڀرو اهڙو نه
آهيان، جو پنهنجي پاڙيسرين جي ڪابه واهر نه ڪريان.
تون ۽ مونڊي پٽيل آهيو، ۽ اهڙيءَ پٽ کان بچڻ لاءِ
صرف هڪڙو ئي رستو آهي.“
”خدا جي خوف کان ڊڄّ! آخر ٻڌائين ڇو نه ٿو ته اهو ڪهڙو رستو
آهي؟“ هن پڇيو.
”رستو ته تو پاڻ ئي هاڻي ٻڌايو،“ مون جواب ڏنومانس. ”اهو خدا جو
خوف ئي آهي، ۽ ٻيو پاڪ ڪتاب جو اثر، ۽ بس. ساريءَ
دنيا ۾ ٻي ڪابه اهڙي دوا نه آهي، جا اوهان تان
پاراتي جو اثر لاهي سگهي. اوهان سڀ ڪجهه ٻڌڻ لاءِ
۽ توبهه ڪرڻ لاءِ تيار آهيو؟“
”هائو،“ هن چيو.
”ته پوءِ اها ناريل جهڙي ڦڻ، جا تنهنجي پٺيءَ ۾ کتل آهي، سا مون
کي پٽي ڏي،“ مون چيو.
”ناريل جهڙي ڦڻ!“ هن ائين چئي، پوين ٽنگن سان ٽپو ڏنو، ۽ منهنجي
ڀر ۾ اچي بيٺو. ”پر ان سان تون ڪيئن اسان جو علاج
ڪري سگهندين؟“ هن چيو.
”مان، ان تي ڪي خدائي ڪتاب جون آيتون اچاريندس، ۽ انهن جو نمبر
آهي “ٻه ۽ ويهه، ۽ ستاويهن کان وٺي اڻٽيهن تائين“:
”بالم جو غصو، باهه جيان ڀڙڪو کائي اٿيو، ۽ هن گڏهه کي ڏاڍي مار
ڪڍي.
الله تعاليٰ گڏهه کي ڳالهائڻ جي طاقت بخشي ۽ گڏهه بالم کي چيو:
”منهنجو ڪهڙو قصور آهي، جو هن سال تو مون کي بي
گناهه ٽي دفعا ماريو آهي؟“
”۽ بالم گڏهه کي چيو ته تو مون تي ٺٺولي ڪئي آهي.“
اهي اکر مون ٽي دفعا وڏي آواز پڙهي ناريل جهڙيءَ اڀاميل ڦڻ تي
ڦوڪيا، ۽ پوءِ مونڊيءَ جي ڳچيءَ تي گهمايم، ۽ هن
آخري دفعو ”هي- هانڪر“ ڪئي، ۽ گاڊسي جي ٽوپيءَ کي
چمي ڏني، ۽ بس هوءَ ساڳي ننڍڙي مٿي واري مونڊي ٿي
پيئي، جنهن جا وار اهي ئي ڳاڙها هئا، ۽ هوءَ
پنهنجو نڪ صاف ڪري رهي هئي. ساڳيءَ شڪل ۾ اچڻ کان
پوءِ، هن ساڳيوئي گاڊسي تي ڏند ڪرٽڻ شروع ڪيا. اها
ڦڻ مون وري گاڊسي جي خچر وار ڌڙ مٿان گهمائي، ۽
هو به ساڳيو گاڊسي ٿي پيو، جنهن جون ٽنگون پنهنجي
پتلون ۾ پوريون اچي ويون هيون.
ائمبر ڏينهن وارو خچر اوچتوئي سڄو ٿي پيو. مونڊيءَ واري ڳچي وڃي
گاڊسي واري ڌڙ سان ملي ۽ هن وٺي ٻاهر ٽپو ڏنو. مون
اها ناريل جهڙي سوڻل ڦڻ جي پوئتان ڦٽي ڪئي، هو
تيئن وٺي زور سان ڀڳو. آخري دفعو مون هن کي چنڊ ۾
اٽون هڻندو ڏٺو.
”هيڏانهن ٻڌ، مونڊي،“ مون هنن کي ڊيڄاريندي چيو، ”هن دفعي ته
اوهان تان پاراتي جو اثر لهي سگهيو آهي ۽ اوهان کي
خدائي ڪلام جو شڪر ادا ڪرڻ گهرجي، پر اڄ کان پوءِ،
ان گڏهه کي هميشه ياد ڪندا ڪيو، جنهن ”بالم“ تي
ٺٺولي ڪئي هئي! تون گاڊسي، خبردار ٿجانءِ، ۽ اڳتي
پنهنجي پوڙهيءَ زال جا هڏا نه چيٿاڙجانءِ!“
مونڊيءَ اکيون ڦاڙيندي چيو:
”اهو ته اڄ ثابت ٿيو ته مان جيڪي ڪجهه چوندي هيس، اهو سراسر سچ
آهي. خدا ڄاڻي ٿو ته گاڊسي هڪڙي مئل خچر-“
”زبان بند ڪر، انڌي ڪئي- ائمبر ڏينهن اڃا ختم نه ٿيو آهي.“
گاڊسي رڙ ڪئي.
هاڻي سائين، توهان ئي فيصلو ڪريو ته اهڙا ماڻهو جيڪڏهن جهان ۾
هوندا، ته پوءِ ائمبر ڏينهن جو پاراتو ڪيئن اسان
تان لهندو. |