سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: آمريڪي لوڪ ڪهاڻيون

 

صفحو :8

 

از: فرئنڪ بي. لـِـنڊر مـَـن

نور جو رنگ ناسي ڪيئن ٿيو

 

 

 ”اڄ رات اوهان کي نور جي ڳالهه ٻڌائيندس ته هن جو رنگ ناسي ڪيئن ٿيو،“ ”جنگي عقاب“ چيو. ”ڇوڪرا مسڪراٽ، تون باهه ۾ ٻه ڪاٺيون وجهه، ۽ ڌيان ڏيئي ٻڌ.

”ان ڏينهن ٻيلي ۾ ڏاڍي اداسي ڇانئيل هئي، ڇو جو اڳئين ڏينهن کان وٺي سج جيئن پنهنجي اولهه واري محل ۾ آرامي ٿيو هو، ته اڃا تائين ظاهر نه ٿيو هو. برسات لڳاتار وسندي رهي هئي. جهنگ جا سڀئي جانور وڏي ٻٻر هيٺان اچي ڪٺا ٿيا هئا، ڇو جو اتي هميشه خشڪي هوندي هئي. هوا به خاموش هئي، شايد هوءَ به پنهنجي مڪان ۾ آرامي هئي. هر چيز گهـِـم جي قبضي ۾ هئي، ۽ هر چيز مان گهم جي بوءِ اچي رهي هئي. جانور، جي ڌرتيءَ جي اندر رهندا آهن، جيئن سها، نور ۽ ڪوئا، سي سڀ پنهنجن پنهنجن ٻارن سان ٻـِـرن ۾ لڪا پيا هئا. بگهڙ ۽ ٻيا اهڙا شڪاري جانور پڻ پنهنجن گهرن ۾ لڪا ويٺا هئا، ۽ ويٺي سج اڀرڻ جو انتظار ڪيائون.“

”توهان کي ڪڏهن گمان به نه ٿيندو ته ڪو اهڙي سمي، هڪڙو انسان مسافريءَ تي نڪرندو! پر ٻڍو آدم پنهنجي سفر ۾ لڳو پيو هو. هو اوهان کي ڪنهن نه ڪنهن حرڪت ۾ هميشه مصروف نظر ايندو. هو، هر موسم ۾، هر وقت، هر هنڌ ۽ هميشه، گاهه وانگر، جـِـت ڪـِـٿ حاضر بيٺو آهي. اهو سارو وقت ٻڍو پنهنجي سفر پوري ڪرڻ ۾ مصروف هو، ۽ هن سان گڏ اهو ”وِنٽڪـُـو“ آدم خور، به هلندو ٿي رهيو.

”ٻڍو صنوبر جي وڻ هيٺان، جا ترڪڻ هئي، تنهن مٿان ترڪندو وڃي رهيو هو. ڌرتيءَ مٿان گاهه جو ڪوبه نشان ڪونه هو، ڇو جو اتي وڻن جي ايتري ته ڇانو هوندي هئي، جو ڌرتيءَ تي سج جو تـِـڙڪوئي ڪونه پوندو هو، ۽ انهيءَ سبب اتي ڪنهن به قسم جو گاهه اڀري نه ٿي سگهيو. برسات جون بوندون ٽارين تان ترڪنديون هيٺ انهن وڏن وڏن ٽنگڙن ۾ ڪري رهيون هيون، جي ڪٿي ڪٿي وڻن جي پاڙن کان پٽجي وڃڻ سبب ٿي پيا هئا. ٻڍو آدم ساروئي مينهن ۾ پسي پوڻ سبب سرديءَ ۾ ڏڪي رهيو هو. هن کي خيال آيو ته جيڪر باهه ٻاري ٿورو سيڪ وٺجي. اوچتو وڻن ۾ ڪا چيز هن پاڇي جيان چرندي ڏٺي. اهو پاڇو ته ڪنهن به حالت ۾ ٿي ڪونه پئي سگهيو، ڇو جو پاڇو ان وقت ٿيندو آهي، جڏهن يا ته سج هوندو آهي يا چنڊ. هو بيهي رهيو، جيستائين اهو پاڇو ٻيو دفعو ڏٺائين. اهو هڪڙو ماڻهو هو، پر ڏاڍو خطرناڪ ماڻهو! اهو ”ونٽڪو“ آدم خور هو. ٻڍي هن کي هڪ وڻ پويان چرندو ڏٺو.

”هاءِ – ها“! ٻڍو پوئتي ڦري، وٺي ڀڳو. تڪڙوئي تڪڙو- جيترو ڇوهو ڊڪي سگهيو، هو ڊڪندو رهيو، ڇو جو هن کي خبر هئي ته آدمخور ڪهڙو نه خطرناڪ آهي! اهو آدمخور به خود ان ٻڍي جو بنايل آهي، ۽ هن کي پوري خبر هئي ته هو ڪيڏو نه ظالم آهي. ٻڍو هن کان ڊڄي رهيو هو، ۽ تنهنڪري هن کان ڀڄندو ٿي ويو.

”آدمخور به ڏاڍو چالاڪ هو ۽ هن به اهڙو ته  مڪر ڪيو، جو ڄڻ ته ٻڍي کي ڀڄندو ڏٺوئي ڪونه هئائين. وڻن جي پويان هن ليئو پائي ڏٺو، ته ٻڍو ٻيلي مان وهندڙ نهر جي ڪناري، جيڪو وڻن جو جهڳٽو هو، تنهن ۾ وڃي لڪو هو. جڏهن ٻڍو لڪي ويو، تڏهن آدمخور طرف ئي ٻيو ورتو، ڄڻ ته هـِـن هـُـن کي لڪندو ڏٺوئي ڪونه هو، ۽ سواءِ ان طرف نهارڻ جي، هو ائين ئي پنڌ ڪندو پئي ويو. جڏهن هو ڪافي هليو ويو. ۽ سمجهيائين ته ٻڍو بيوقوف بڻجي بيخبر ٿي چڪو هوندو، تڏهن مٿان ئي مٿان ڦري، ان وڻن جي جهڳٽي وٽ آيو. هو آهستي آهستي، پير پير ۾ ڏيئي، گهمي رهيو هو. هن کي ٻڍي جي لـِـڪڻ واري جڳهه ته معلوم ئي هئي.“

 

”ٻڍي کي جڏهن خاطري ٿي ويئي، ته آدمخور هن کي ڪونه ڏٺو آهي، تڏهن هن پنهنجي لڪل جاءِ ڇڏي، ۽ آهستي آهستي وک وک ۾ ڏيندو اٿي اڳتي هليو. ايتري ۾، اوچتوئي اوچتو - اڙي! آدمخور کڻي وارن کان ورتس. “ورتو اٿمانءِ - قابو آهين پٽ هاڻي –“

”ڇو، ڇو، ادا؟“ ٻڍي دانهن ڪئي. ”مون کي ته ڏاڍي خوشي ٿي آهي توسان ملي. مان ته سارو ڏينهن توسان ملڻ لاءِ پريشان گهمندو رهيو آهيان.“

”اڙي!“ آدمخور چيس. ”ادو ٿو ڪوٺين؟ هتي تنهنجو ڪو به ڀاءُ ڪونهي، هائو! تون سارو ڏينهن منهنجي پويان پريشان گهمندو رهيو آهين! ڪوڙا - چرب زبان - دغاباز! ائين به هو، ته پوءِ مون کي ڏسي تون صنوبر جي وڻن مان ڇو ڀڳين؟ ٻڌاءِ نه!“

”مون ته اتي رڇ ڏٺو هو، ۽ مون -- مون نه ٿي چاهيو ته هن کي خبر پوي ته مان به اتي هوس.“  ٻڍي ڪوڙ ڳالهائيندي چيس. ”مون توکي ڪونه ڏٺو هو، آدمخور ادا! مون کي اها به خبر ڪانه هئي ته تون به ڪو هن ملڪ ۾ لٿل آهين. وار ته ڇڏ، ڏاڍو ايذاءُ ٿو اچي.“

”تو مون کي ڪونه ڏٺو هو!“ آدمخور کليو. ”پر تو رڇ ڏٺو هو! پر مان به ته اتي هوس، پوءِ مون رڇ ڏٺوئي ڪونه ۽ صرف توکي ڏٺم! ڪيئن، هاڻ ته مون کي ڏسين ٿو نه؟ چوين ڇو نه ٿو ته نه ٿو ڏسين؟“

”هائو، هاڻ ته توکي ڏسان ٿو،“  ٻڍي چيو. ”هاڻ ته بيشڪ مان توکي ڏسان ٿو.“

”ڏاڍو چڱو، چڱيءَ طرح ڏسي ڇڏ، ڇو جو وري ٻيو دفعو شايد تون مون کي ڏسي ڪين سگهندين. مان توکي پچائي ڪباب ڪرڻ چاهيان ٿو. بک به ڏاڍي لڳي اٿم، ۽ ٻيا ته سڀ وڃي برسات جي ڊپ کان پنهنجن گهرن ۾ لڪا آهن، تنهنڪري ٻيو ته ڪجهه به نصيب نه ٿيندم.“

ٻڍو روئڻ لڳو. ”مون کي نه پچا“، مون کي نه کاءُ، آدمخور ادا! جنهن توکي زندگي بخشي ان کي تون کائين ٿو!“

”هائو، توئي برابر مون کي زندگي ڏني،“ آدمخور چيو، ”پر اهو به ته توئي سيکاريو هو ته مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي. وڃ، ۽ وڃي صنوبر جي وڻن هيٺان سـُـڪيون ڪاٺيون ڳولي اچ. ڪاٺيون ميڙي هڪ هنڌ ڍڳ ڪري رک. توکي پچائڻ لاءِ چڱيءَ باهه جي ضرورت ٿيندي. ڀڄڻ جي ڪابه ڪوشش نه ڪجانءِ، ۽ جيڪڏهن ڪندين ته ياد رکجانءِ ڏاڍا عذاب ڏيئي ماريندوسانءِ.“

”ٻڍي کي خبر هئي ته هو آدمخور کان ڪاڏي به ڀڃي نه سگهندو، ڇو جو آدمخور کي هن پاڻ پنهنجن هٿن سان ٺاهيو هو. تنهنڪري هن کان اڳ ڪڍي ڀڄي وڃڻ ناممڪن هو. لاچار هو ڪاٺيون گڏ ڪرڻ لڳو، ۽ پنهنجي حياتيءَ لاءِ پڻ دعائون گهرندو رهيو. ٻه چار ڪاٺيون کڻي آدمخور وٽ آيو، ۽ هن کي چيائين: ”هي سڀ ڪاٺيون آليون آهن، ۽ ٻرنديون ئي ڪونه، تنهنڪري ادا مون کي ڇڏ ته مان وڃان ۽ وڃي دعا ڪريانءِ.“

”وڃ، جلد پچڻ لاءِ تيار ٿيءُ. مان ته تنهنجي سيکاريل سبق تي هلي رهيو آهيان، جلدي ڪندو وڃ، نه ته ڪيائين ٿو--.“ آدمخور چيس.

”بس بس! مان جلدي ٿو ڪندو وڃان، ادا! جيستائين ڪاٺيون گڏ ٿين، تيستائين ته نه مار!“ ٻڍي نماڻو ٿي چيس. ٻڍو خوامخواه دير ڪري رهيو هو. هر هڪ ڪاٺيءَ کڻڻ لاءِ هو نـِـوڙيو ٿي، ۽ ڪافي وقت پئي ضايع ڪيائين. پر آخر ڪيستائين! ايتري ۾ چڱيون ئي ڪاٺيون جمع ٿي ويون هيون، ۽ وڏو ڍڳ پئي نظر آيو.

”بس اهي ايتريون کوڙ آهن،“ آدمخور چيس. هاڻي وڃي سيخ ڪرڻ لاءِ هڪ مضبوط ڪاٺي وڍي اچ. پر ڏسجانءِ، جيئن ڪاٺي مضبوط هجي، جو تنهنجو بار به ته جهلي سگهي! ائين نه ٿئي، جو ڪاٺي ڀڄي پوي ۽ تون وڃي باهه ۾ ڪرين. ڪباب باهه ۾ ڪرڻ سان سڙي ويندو آهي ۽ ان ۾ ڪو مزو نه رهندو آهي.“

”آدمخور باهه ٻارڻ شروع ڪئي، ۽ ٻڍو باهه ڏانهن هيسيل نگاهن سان ڏسي رهيو هو. جڏهن ننڍڙين ڪاٺين ٻڙڻ شروع ڪيو، تڏهن ڊپ ۾ هو هيڏانهن هوڏانهن ڊگهيءَ ۽ مضبوط ڪاٺيءَ لاءِ ڏسڻ لڳو. هن ڪيتريون ڪاٺيون ڏٺيون، جي ڪافي مضبوط ۽ ڊگهيون هيون، پر هو بهانا ڪندو رهيو ته اهي ڪمزور آهن ۽ ڪم نه ڏينديون. هو مڙيوئي وقت وڃائي رهيو هو، ۽ بس بيدليو ڪم ڪري رهيو هو. هو ڪنهن ازغيبي مدد لاءِ واجهه وجهي رهيو هو، ۽ جيئن وڻن جي جهڳٽن مان لنگهي رهيو هو، تيئن سنهڙا سنهڙا سڏ پڻ ڪري رهيو هو.

”آدمخور جي باهه دوزخ جي باهه جيان مچي ويئي هئي، ۽ هو پنهنجو بدن ان تي سيڪي رهيو هو. باهه جي گرميءَ هن مٿان ننڊ جو خمار چاڙهي ڇڏيو هو. هن جون اکيون زور سان ٻوٽجي رهيون هيون، ۽ ايتري ۾ هڪ جهوٽو آيس....... وري هڪ وڏو جهوٽو - هن کي باهه جي ڀرسان ئي گهري ننڊ اچي ويئي.

”ٻڍي ڏٺو به ته آدمخور گهريءَ ننڊ ۾ آهي، پر تنهن هوندي به هن کي ڀڄي وڃڻ جي همت نه ٿي. جڏهن به هن جي دل ۾ ڀڄي وڃڻ جو خيال ٿي آيو، ته ڊپ ۾ سندس گوڏائي سڪي ٿي ويا. هو مضبوط ڪاٺي ڳولڻ جي بهاني، پنهنجن مددگارن کي دل ئي دل ۾ سڏيندو رهيو.“

هو جيئن هڪڙي وڻ هيٺان ڪاٺيءَ کڻڻ لاءِ نوڙيو، ته هڪڙو نور، جو پنهنجيءَ ڏر مان هوا خوريءَ لاءِ نڪتو هو، تنهن هن سان ڳالهايو: ”ٻڍا ڪيئن آهين؟“ نور پڇيس. ”ڇا ٿو ڳولين؟ ايڏي برسات ٿي وسي، وڃي پنهنجي گهر ۾ ڇو نٿو لڪين؟“

”اڙي، منهنجا ننڍڙا ڀاءُ!“ ٻڍي کان دانهن نڪري ويئي. ”ادا، مان ڏاڍيءَ مصيبت ۾ اچي ڦاٿو آهيان. جي ٿي سگهئي، ته ڪا واهر ڪر. ان احسان جي بدلي مان به توسان هڪڙي مهرباني ڪندس. جيئن ٻين جانورن کي سهڻو بڻايو اٿم، تيئن توکي به سهڻو بڻائيندس. مان تنهنجي کل کي اهڙو رنگ ڏيندس، جو جهڙي ملڪ ۾ به هوندين، ته اتان جي زمين جو رنگ تنهنجي کل جي رنگ جهڙو هوندو.“

”آخر ڳالهه ڇا آهي؟“ نور پڇيس.

”هوڏانهن هن باهه ڏانهن نظر ڪر. اهو جيڪو سمهيو پيو آهي، سو آدمخور آهي ۽ هو مون کي ڪباب ڪري کائڻ وارو آهي، ۽ آءٌ ڪباب ڪرڻ واري ڪاٺي ڳولي رهيو آهيان. مان ڀڄي به نٿو سگهان، ڇو جو هو مون کان ڀڄڻ ۾ تکو آهي. مون کي چڱيءَ طرح معلوم آهي، ڇو جو مون ئي ته هن کي ٺاهيو آهي.“

”مان دل و جان سان ڪوشش ڪندس، جيڪڏهن ڪجهه ڪري سگهيس ته ڏاڍو چڱو،“ نور چيو. ”تون اتي بيهه، ۽ ڪو آواز نه ڪر. ڪنهن کي به مدد لاءِ نه سڏ، ۽ اتي ترس جيستائين مان واپس اچان.“

”توهان کي ته خبر هوندي ته نور ڏاڍو تڪڙو ۽ ڇپيرو آهي. هو سڌو اوڏانهن ويو، جتي باهه ٻري رهي هئي. آدمخور گهريءَ ننڊ ۾ ستو پيو هو. هن جو وات کليو پيو هو، ۽ سندس کونگهرن جي آواز کان زمين ڌڏي رهي هئي. ان ايڏي پربت جيڏي بدن مان، ساهه کڄڻ سان، جا هوا ٻاهر اچي رهي هئي، تنهن نور جي پشم جهڙن وارن کي اڀو ٿي ڪري ڇڏيو، جيئن هوا گاهه کي اڀو ڪري ڇڏيندي آهي. پر نور بهادر هو ۽ ٿورو مرڪي پوئتي هٽيو، ته جيئن زور سان ڊڪي آدمخور جي نڙيءَ ۾ اندر هليو وڃي. هو زور سان ڊڪيو، ۽ پوءِ ڌو آدمخور جي نڙگهٽ ۾! هن کي صرف اندر لنگهڻو هو، باقي پوءِ هن کي پنهنجي ڪاروائي کان ڪير ٿي روڪي سگهيو. نور نامراد ڪو وڏو بهادر آهي. هن کي پوري پوري ڄاڻ آهي ته وار ڪٿي ڪجي. آدمخور جي دل ئي چٻاڙي کائي ڇڏيائين، ۽ هـُـن اتي جو اتي دم ڏنو.

نور ٻاهر نڪتو، ۽ ٻڍي کي چيائين، ”هاڻي ته بس نه! اجهو، هو مئو پيو اٿئي. هاڻي تون، پنهنجي انجام کي پاڻي ڏي، ۽ منهنجي احسان جو بدلو چڪاءِ!“

”واه ڙي، واه! منهنجا پهلوان!“ ٻڍي خوش ٿيندي چيس. ”مان ضرور انجام کي پاڻي ڏيندس.“  پوءِ هن ڳائڻ شروع ڪيو:

”واه منهنجا نورڙا!

تنهنجا ڳايان ٿورڙا!

توکي پاڇي جيئن بنايم،

هر شيءِ کان پڻ توکي لڪايم.

ڏسي نه سگهندو توکي ڪوئي،

تون پيو ڏسندين ڳجهه سڀوئي.

مئو متارو هوندين شال،

مون سان ڀلايا تو هـِـن ڀـَـال.

آدمخور کان مون کي بـَـچايـُـئي

عقل سان پنهنجي پاڻ ملهايـُـئي.

عجب عجب ٿو ويس ڍڪايئين،

اڇا، ناسي رنگ لڳايـَـئـَـين.

ملڪ گرم لئي ناسي ڪپڙا،

برف ۾ اڇا آبي ڪپڙا،-

پاءِ پيارا نورڙا!

تنهنجا ڳايان ٿورڙا!

واهه پيارا ڀائڙا!

واهه پيارا ڀائڙا!“

جڏهن هو ڳائي ڳائي ٿڪو، تڏهن نور کي چيائين: ”مان توکي هڪڙو سفيد ويس ٿو ڏيان، جو توکي برف وارن ملڪن ۾ ڪم ايندو. سفيد کان سفيد برف به تنهنجي ويس کان زياده سفيد نه هوندي، پر تنهنجي پڇ جي چوٽي ڪاري هوندي، ته جيئن سياري ۾ ٻين سفيد جانورن کان تون الڳ نظر اچين. مان توکي ناسي رنگ جي پوشاڪ به ڏيان ٿو، جيڪا توکي گرم ملڪن ۾ ڪم ايندي. هن پوشاڪ ۾ تون انهن ملڪن جي وڻن ۽ زمين جهڙو ٿي پوندين، ۽ توکي ڪوبه سولائيءَ سان ڏسي نه سگهندو. اها پوشاڪ هميشه توکي دشمن کان محفوظ رکندي، ۽ تنهنجي شڪار کي ڀـُـلائي، تو وٽ آڻي ڪڍندي.“

بس اهوئي سبب آهي، جو هتي ڇاڪاڻ ته اسان وٽ گرمي آهي، تنهنڪري نور جو رنگ به وڻن ۽ زمين جهڙو ناسي آهي، ۽ برف وارن ملڪن ۾ نور جو رنگ وري برف جهڙو سفيد ٿيندو آهي.

”هاڻي ته اوهان کي خبر پئي ته نور جو رنگ ناسي ڪيئن ٿيو؟ هان!“

 

 ڀاءُ ڀيڻ*

گهڻو وقت اڳ، هڪ ڇوڪرو پنهنجي ڀيڻ سان گڏ هڪ جهوپڙيءَ ۾ رهندو هو. سندن پيءُ ۽ ماءُ هنن جي ننڍي هوندي ئي فوت ٿي ويا هئا. هڪڙي ڏينهن ڇوڪرو ٻاهر وڃي رهيو هو، ته سندس ڀيڻ چيس، ”پاڻيءَ جي ويجهو جيڪو نوريئڙو هجي، ان کي تير نه هڻجانءِ!“ ننڍڙو ڇوڪرو تير ڪمان کڻي ٻاهر نڪري آيو. هو گهمندو گهمندو پئي ويو، ته ايتري ۾ نوريئڙي جو آواز ٻڌائين. ڇوڪري چتائي هن کي تير هنيو، پر هن کي چٽي نه سگهيو. پنهنجي تير ڪرڻ جو ڇـُـپڪو هن پاڻيءَ ۾ ٻڌو. يڪدم ڪپڙا لاهي، هن تير ڪڍڻ لاءِ پاڻيءَ ۾ ٽپو ڏنو. جيئن هو تير جي ويجهو وڃي پهتو، ته هن دل ئي دل ۾ چيو، ”مڇي ڙي مڇي مون کي ڳهي وڃ!“ اوچتو ئي هڪڙي مڇي آئي، ۽ هن کي ڳهي ويئي. ڇوڪري مڇيءَ کي چيو، ”مون کي چڪ نه پاءِ، هڪ ئي ڳيت سان ڳهي وڃ.“ هوڏانهن ڇوڪريءَ کي پنهنجي ڀاءُ جي ڪابه خبر پئجي نه سگهي ته هو ڪٿي آهي. ان ڏينهن کان پوءِ هوءَ ويچاري اڪيلي ٿي پيئي، ۽ ڏاڍي غمگين گذارڻ لڳي. هڪڙي ڏينهن، هن جي مڇي کائڻ تي دل ٿي. هن پاڻيءَ ۾ ڪنڍي وڌي. ننڍڙي ڇوڪريءَ مڇيءَ جي پيٽ مان ڪنڍيءَ کي ڏسي ورتو، ۽ مڇيءَ کي چيائين، ”ان ڪنڍيءَ جي پويان لڳ.“ مڇيءَ ڪنڍيءَ ڏانهن ڪاهه ڪئي، ۽ ڦاسي پيئي. ڇوڪريءَ ڪنڍي ڇڪي مڇيءَ کي قابو ڪيو، پر جيئن ئي هوءَ مڇيءَ کي وڍي رهي هئي، ته اندران آواز آيو: ”مون کي نه وڍ، ادي! مون کي نه وڍ!“ ڇوڪريءَ کي بيحد خوشي ٿي. هن   ڏٺو ته اهو سندس گم ٿيل ڀائڙي جو آواز هو. پوءِ هن مڇيءَ جي پيٽ مان آهستي آهستي پنهنجي ڀاءُ کي ٻاهر ڪڍيو، ۽ بي اختيار سندس ڪلهي تي ڪري پيئي، ۽ هن جي پيشانيءَ تي پيار ڀري مـِـٺي ڏنائين. پوءِ هو ٻئي گهر ڏانهن روانا ٿيا.

ڇوڪرو ماني کائي وري ٻيهر گهمڻ نڪتو، پر سج سندس سامبر جي کل مان ٺهيل ڪوٽ کي ساڙي ڇڏيو. ڇوڪري کي ڏاڍو غصو لڳو، ۽ گهر اچي ڀيڻ کان ٿورا وار ورتائين. وار کڻي هو ٻاهر آيو، ۽ سج کي ڦاسائڻ لاءِ ٻاهر ڪوڙڪي اڏي ڇڏيائين. صبح جو سج اڀريو ئي ڪونه! ڀيڻس چيس، ”مون کي شڪ ٿو پوي ته تو وري ڪا نئين حرڪت ڪئي آهي.“  ننڍي ڇوڪري چيو، ”ٻيو ته ڪجهه نه ڪيو اٿم، صرف ڪالهه ڪوڙڪي اڏي آيو هوس. وڃان ٿو ڏسڻ ته ڇا ٿيو آهي.“  ڇوڪرو ٻاهر ويو، ۽ ڏٺائين ته سج برابر ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاٿو پيو آهي. هن سج کي ٻاهر ڪڍڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر سج ڏاڍو گرم هو، ۽ هن جي ويجهو وڃي نه سگهيو. هن ننڍڙن جيتن کان وارن کي وڍائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر ڪامياب نه ٿيو. هن پوءِ جـُـون به وارن ۾ وڌيون، پر ڪنهن نه ڪم جون . آخر هڪڙو ڪئو ڦاسائي وارن ۾ وڌائين، جنهن وارن کي جهٽ ۾ ڪتري ڇڏيو، ۽ پوءِ سج يڪدم مٿي آسمان ۾ چڙهي آيو. انهيءَ ڏينهن کان پوءِ ڪئو ويچارو انڌو جي انڌو، ساري زندگي ڪجهه به ڏسي نه سگهيو، ڇو جو سج سندس اکيون صفا ساڙي ڇڏيون.


*  Journal of America Folklore.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com