از : فرئنڪ بي. لنڊرمن
بهار جي چوري
”ڄاڻ برفباري شروع ٿي،“ ٻڍي جهوپڙيءَ ۾ مچ ڏانهن ڏسندي چيو.
”پر سيارو هاڻ ايترو وقت نٿو رهي، جيترو اڳ رهندو
هو. مان اوهان کي ساري ڳالهه ٻڌايان ٿو، ته ائين
ڪيئن ٿيو. بيشڪ بگهڙ موسم بدلائڻ ۾ وڏي مدد ڪئي، ۽
اهو بگهڙ ئي هو، جنهن ان ايڏيءَ ساريءَ مهم ۾
اڳواڻي ڪئي. سچ پچ اها ڏاڍي خوشيءَ جي ڳالهه آهي،
جو ائين ٿيو، ۽ هاڻي اونهارو اسان وٽ سڄا سارا ڇهه
مهينا رهي ٿو.
”ٻڌو ته ٻڌايانوَ، ته اهو سارو قصو ڪيئن ٿيو. ان دفعي ڏاڍي برف
وسي هئي، ۽ وڻ به جهڪي ويا هئا. ڍنڍن مٿان برف
ائين ڇانئجي ويئي هئي. جيئن ٻيلن ۾ گاهه پکڙي
ويندا آهن. هرڪو بکن ۾ ڪمزور ٿي ويو هو، جيڪي
سياري لاءِ کاڌ خوراڪ گڏ ڪري رکندا آهن، اهي به هن
ڀيري ڳري ڳري ڪنڊا ٿي ويا هئا. ايتري ننڍڙي
اونهاري ۾ ڀلا ڪير ٿي ايڏو وڏو ذخيرو کاڌي جو گڏ
ڪري سگهيو، جو اهو سڄو سيارو ساٿ ڏيئي سگهي، ۽ ٻيو
ته کاڌو گڏ ڪرڻ کان سواءِ هر ڪنهن کي ٻيا ڪم به ته
ڪرڻا پوندا هئا!
”تن ڏينهين، هڪ دفعي ڪو بگهڙ برف جا بوٽ پائي هيڏانهن هوڏانهن
ڊوڙي رهيو هو. هو ڏاڍو بکايل هو ۽ هر ڪنهن جي در
تي کاڌي لاءِ سوال ٿي ڪيائين. آخر هڪڙي پوڙهي
نوريئڙي جي ٻر ۾ آيو، جنهن ڪهل کائي هن کي ڪجهه
کائڻ لاءِ ڏنو. کاڌو ڇا هو؟ جهنگلي گلن جا سڪل
ٽڪر، جيڪي هن اونهاري ۾ گڏ ڪري رکيا هئا - اهي به
ڪي هن وٽ گهڻا ڪونه هئا، ۽ پوءِ هن دانهون ڪرڻ
شروع ڪيون، جڏهن بگهڙ هن جو آخري سڪل گل جو ٽڪر به
ڳڙڪائي ڇڏيو.
”اڙي ادا، هاڻ ڇا ٿيندو؟ اونهاري جي اچڻ ۾ به ڪافي وقت پيو آهي،
تيستائين مان ته بک ۾ پاهه ٿي مري ويندس!“ هن
روئڻهارڪي آواز ۾ چيو.
”چوين ڇا ٿو؟“ بگهڙ پنهنجون واڇون چٽيندي چيس. ”مان ٿو چوان ته
هاڻ ته مون وٽ ڪجهه به ڪين بچيو، ۽ اڃا سيارو ڪافي
وقت هلندو. مان ته لنگهڻ ۾ مري ويندس. اڙي! هاڻ ته
مصيبت ٿي!“
”مصيبت! روئين ڇو ٿو؟ چڱو رو“، پر ڏاڍيان روءُ - جيئن سڀ اچي
ڪٺا ٿين، ۽ جڏهن سڀ گڏ ٿي وڃن ۽ توکان روئڻ جو سبب
پڇن، ته هنن کي ڪوبه جواب نه ڏجانءِ، ۽ روئندو
رهجانءِ. جڏهن مان اچان ۽ توکان پڇان ته ”تون کاڌي
لاءِ ٿو روئين ته هاڻ کاڌو الائي ڪڏهن ملي؟“ تڏهن
تون جواب ڏجانءِ ته ”هائو“.
بگهڙ پوءِ هن جي ٻـِـر مان ٻاهر هليو ويو، ۽ ان پوڙهي نوريئڙي
وٺي روئڻ شروع ڪيو. سڀ سندس روئڻ ٻڌي اچي سندس ٻر
جي چوگرد گڏ ٿيا ۽ هن کان پڇيائون ته ”روئين ڇو
ٿو؟“ پر هن ڪنهن کي به جواب نه ڏنو، ۽ روئندو
رهيو، رڙندو رهيو ۽ دانهون ڪندو رهيو - جيستائين
بگهڙ آيو.
”ڇا جو گوڙ آهي؟“ هن سڀني ڏانهن منهن ڪري چيو.
”هيءُ پوڙهو ويٺو روئي، پر ٻڌائي ئي ڪونه ٿو ته آخر روئي ڇو ٿو،
بس ٻيو ته ڪجهه به ڪونهي.“ باهه جي پرينءَ ڀر کان
ڪنهن جواب ڏنو.
”ٻڌائين ڇو نه ٿو؟“ بگهڙ، نوريئڙي ڏانهن ڏسندي، چيو. ”ڇا انهيءَ
ڪري ٿو روئين، ته هاڻ بهار جي موسم تائين کاڌو ڪين
ملندئي؟“
”هائو،“ پوڙهي چيو، تنهنڪري ته روئان ٿو ته بهار جي موسم کي
ڪيئن واپس آڻجي؟
”چڱو، مان وڃي ان ڳالهه تي سوچيان ٿو، ته ڇا ڪجي.“ ائين چئي
بگهڙ ٻـِـر مان نڪري هليو ويو.
”ڪجهه فاصلي تي هڪڙو ڳوٺ هو، جنهن ۾ نه صرف ڪافي جايون هيون، پر
اهو مضبوط به ڏاڍو هو. اتان جا رهواسي اونهاري کي
ڳوٿريءَ ۾ بند ڪري رکي ڇڏيندا هئا. هو اهڙيءَ طرح
ٻيون به سڀئي موسمون بند ڪري رکندا هئا. ڪڏهن
سياري کي ڇوڙي ڇڏيندا هئا، جو ٻارنهن ٻارنهن مهينا
ساندهه پيو هلندو هو، ڇو جو سيارو هنن کي ڏاڍو
وڻندو هو. پر ايترو وقت سيارو ٻين کي ڏاڍي تڪليف
پهچائيندو هو. اهڙيءَ حالت کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪجهه
نه ڪجهه ڪرڻ ضروري هو.
بگهڙ کي ان ماجرا جي ساري سڌ هئي، ۽ گهمندو رهيو ۽ پنڌ ڪندو
رهيو، جيستائين هن هڪڙي ”بي آواز گهمڻي“ يعني
”ڇپيري“، هڪڙي ”پري اڇلائيندڙ“ يعني ”دور انداز“،
۽ هڪڙي ”پهلوان“ کي وڃي هٿ ڪيو. هن سڀني کي چيو
ته: ”بهار، هرڻ جي کل جي ڳوٿريءَ ۾ بند ٿيو،
هوڏانهن سردار جي ملڪ ۾ ٽنگيو پيو آهي،“ هن اتر
ڏانهن اشارو ڪيو. ”هلو ته هلي اها ڳوٿري چورايون،
۽ ان جو منهن کولي ڇڏيون. پر هڪ ڳالهه جي خبرداري
ڪرڻي آهي ته جيئن غلط ڳوٿري نه کولي ويهون، ڇو جو
اتي اهڙيون ٽي ڳوٿريون ٽنگيل آهن. اسان کي اها
ڳوٿري چورائڻ گهرجي، جنهن ۾ بهار پيل هجي، ۽ جي
اسان کان غلطي ٿي ويئي، ته پوءِ هڪڙيءَ موسم جي
بدران ٻي موسم نڪري ايندي.“
”صلاح ته ٺيڪ آهي،“ پهلوان رڇ چيو. ”جيتوڻيڪ اهو ايڏو سارو سفر
مون کي ڪافي تڪليف پهچائيندو، ڇو جو هاڻي ئي مان
پاڻ کي ننڊاکرو ۽ ڪجهه ٿڪل ٿو محسوس ڪريان. خير،
مان اوهان جي مدد ڪندس. هلو ته هلون.“
”هائو،“ بگهڙ چيس، ”تون اسان جو پهلوان آهين، ۽ تنهنجي مدد تمام
ضروري آهي.“
سو اهڙيءَ طرح، هو چارئي ان عجيب ڳوٺ ڏانهن روانا ٿيا. ٻيا سڀئي
به ان رؤنشي ڪوڏيا سندن پويان لڳا.
آخر هو ان ڳوٺ وٽ آيا، جو ساروئي برف سان پوريو پيو هو، ۽ ڏاڍو
بدنما ٿي نظر آيو.
”اڙي يارو، اوهان مهرباني ڪري انهن ٽڪرين پويان لڪي وڃو. مون
سان فقط هي ٽي ڄڻا هلندا: پهلوان رڇ، ”ڇپيرو“، ۽
”دور انداز“. مون سان گڏ فقط اهي ٽي گڏ هوندا.“
”هو وڏو مڪان ڏسو ٿا؟“ هڪڙيءَ وڏيءَ جهوپڙيءَ ڏانهن اشارو ڪندي،
جنهن جي چوٽيءَ مان دونهون نڪري رهيو هو، بگهڙ هنن
کان پڇيو.
”هائو، ڏسون ٿا“، پهلوان رڇ، ”ڇپيري“ ۽ ”دور انداز“ ، پنهنجون
ڳچيون ننهن سان کنهندي، چيو.
”بس، اهو اٿو مڪان“، بگهڙ چيو، ”هوشيار ٿـِـجو، اندر هڪڙي پوڙهي
عورت ويٺي هوندي. هوءَ هميشه ڏاڍيان ڳالهائيندي
آهي، ۽ توهان کي خبرداري ڪرڻي پوندي ته جيئن هوءَ
گهڻو نه ڳالهائي. اها ڳالهه ياد رکجو.“
”تون، ڇپيرا، هي ڏامر جو ڳنڍو وٺ، ۽ جڏهن تون اندر پهچين، تڏهن
هٿن سيڪڻ جي بهاني، باهه جي نزديڪ ويهي هن ڏامر کي
هٿن ۾ مهٽجان، ته جيئن نرم ٿئي. جڏهن سمجهين ته
هاڻ اهو يڪدم چنبڙي پوندو، تڏهن تون ان پوڙهيءَ
کان پڇجان“، ته ”بهار ڪٿي آهي؟“ هوءَ جواب ڏينديئه
ته ”هتي ٽنگي پيئي آهي،“ ۽ هوءَ اشارو ڪري
ڏيکارينديئه، ۽ اهو اشارو چڱيءَ طرح ڏسجان”، ۽
پوءِ يڪدم هن جو وات ڏامر سان بند ڪجانءِ ۽ مٿان
زور ڏجانس، ته جيئن سخت چنبڙي پويس. بس پوءِ پوڙهي
ڪجهه به ڪڇڻ جي لائق نه رهندي. گرم ڏامر سندس وات
بند ڪري ڇڏيندو. پوءِ اها ڳوٿري جنهن ۾ بهار جي
موسم بند آهي، کڻي ٻاهر ڦٽي ڪجان”. بس تنهنجو ڪم
اهو آهي. ياد ٿيئي نه؟“
”هائو،“ ڇپيري چيو، ”چڱي طرح ياد اٿم.“
”هاڻي تون ٻڌ، دور انداز!“ بگهڙ تڪڙو ڳالهائيندي چيو، جڏهن هو
ڳوٿري ٻاهر اڇلائي، ته تون يڪدم اها جهپجانءِ ۽
وٺي زور سان پري اڇلجانءِ. ايتري پري، جو تو ڪڏهن
به ڪا چيز ايترو پري نه اڇلي هجي. پر اڇلجانءِ هن
طرف.” هن ٽڪريءَ ڏانهن اشارو ڪيو، جتي ٻيا سڀئي
لڪا ويٺا هئا. “بس، تنهنجو ڪم اهوئي آهي. چڱيءَ
طرح ٻڌءِ نه؟“
”هائو،“ دور انداز جواب ڏنس، ”مون ٻڌو“.
”هاڻي، پهلوان، تون ٻڌ!“ هن پهلوان رڇ ڏانهن منهن ڪري چيو. ”تون
هتي ٽڪريءَ تي وڃ. جڏهن ڳوٿري اتي پهچي، تڏهن اها
جهپي، يڪدم ان کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏجانءِ، پر دير
اصل نه ڪجانءِ! بس تنهنجو ڪم ايترو آهي. ٻڌءِ
پهلوان!“
”هائو،“ پهلوان رڇ جواب ڏنس، ”مون سڀ ڪجهه ٻڌو.“
”چڱو، هاڻي هرڪو وڃي پنهنجي ڪم کي لڳي. مان هتان بيهي، سڀ ڪنهن
تي نظر رکندس. پر اوهان پنهنجو پنهنجو ڪم چڱيءَ
طرح سان ياد رکجو.”
پوءِ، ”ڇپيرو“ ان مڪان ڏانهن ويو. سندس هٿن ۾ ڏامر جو ڳوڙهو هو،
۽ هو آهستي آهستي اندر گهڙيو. هن جي هلڻ ۽ گهمڻ جو
ٿورڙو آواز به نه ٿيو.
”دور انداز“، در جي ڀرسان جيڪو برف جو ڍڳ لڳو پيو هو، تنهن مٿان
ويهي رهيو. اندر جيڪي ڪجهه ٿي رهيو هو، سو هن
چڱيءَ طرح پئي ٻڌو. هو تيئن ڪن لائي ٻڌڻ لڳو.
”ڇپيرو“ باهه جي نزديڪ وڃي ويٺو ۽ پنهنجا هٿ گرم باهه مٿان
اهڙيءَ طرح جهليائين، جيئن ڏامر وارو ڳوڙهو نرم ٿي
سگهي.
”هوا ڏاڍي ٿڌي آهي، ڪراڙي!“ هن ڳوٿرين ڏانهن ڏسندي چيو، جي
سامهون لٽڪي رهيون هيون.
”هائو ابا، ڪجهه ٿڌي آهي،“ هن جواب ڏنو، ۽ هن ڏانهن نهاريائين
به پورو ڪونه.
”ڏامر ويو ٿي نرم ٿيندو. اڳي ئي اهو ڳوڙهو ڪافي چنبڙڻو ٿي پيو
هو تڏهن ”ڇپيري“ چيس، ”ڪراڙي! بهار ڪٿي آهي؟“
”اها جيڪا ڳوٿري تنهنجي سر مٿان لٽڪي پيئي، تنهن ۾،“ هن ڳوٿريءَ
ڏانهن اشارو ڪندي چيس.
بس، ڪراڙيءَ جو ايترو چوڻ، ۽ هن ڏامر جو نرم ڳوڙهو کڻي سندس وات
۾ ٽنبيو، ۽ هٿ سان زور ڏيئي ان کي جهلي بيهي رهيو.
ڏامر ڪراڙيءَ جي وات کي اهڙو ته بند ڪري ڇڏيو، جو
ٻڙڪ ٻاهر نه نڪتيس. هن ويچاريءَ ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش
ڪئي، پر ”ڇپيري“ ڌڪو ڏيئي، اندر ڪيس، ۽ وڃي
ڳوٿريءَ کي قابو ڪيائين.
هن ڳوٿري ڊوهي کڻي هٿ ۾ کنئي! پوڙهيءَ عورت هن کي ٻانهن کان
جهليو، پر هن ڦٿڙي پنهنجي جان ڇڏائي، ۽ هڪدم ڳوٿري
در کان ٻاهر اڇلائي ڇڏيائين، جتي ”دور انداز“ تيار
ٿيو بيٺو هو.
”واه واه! پوءَ هن اها ڳوٿري کنئي، ۽ ان کي زور سان، پري ئي
پري، مٿي ئي مٿي، جاين جي به مٿان، وٺي کڻي
اڇلايائين.
”ڇپيري“ ۽ ”دور انداز“ - جيئن هو ٻاهر ڀڄي رهيا هئا - ٻنهي ڏٺو
ته اها ڳوٿري سڌو ئي سڌو ان ٽڪريءَ ڏانهن اڏامندي
پئي ويئي. هنن پهلوان رڇ کي ڳوٿري جهپيندي به ڏٺو
۽ ڦاڙيندي به ڏٺو. جيستائين هو ڊوڙي پنهنجن دوستن
وٽ پهچن ئي پهچن، تنهن کان اڳ ئي هنن بهار جي
ٿڌيءَ ٿڌيءَ هير جو جهوٽو محسوس ڪيو.
”اڃا هو پنهنجن دوستن وٽ موٽي رسيائي ڪين، ته ڏٺائون ته برف
پگهرجڻ شروع ڪيو، ۽ هو سڀئي خوشيءَ ۾ وٺي ڊوڙيا.
”واه، واه! بهار آئي - بهار آئي ويو!!“ |