سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: آمريڪي لوڪ ڪهاڻيون

باب: --

صفحو :16

 

از: ايلسي فارٽيئر

سيهڙ ۽ ڳجهه

 

 

توهان کي خبر آهي ته ڳـِـجهه گنجي ڪيئن ٿي؟ نه! چڱو مان ٿو اوهان کي ٻڌايان.

هڪڙي دفعي، هڪڙي ڳـِـجهه شاهه بلوط جي وڻ تي، پنهنجي آکيري ۾، ويٺي هئي. هن جو مڙس ڪاهل ۽ نڪمو هو، ۽ هوءَ هميشه بکن ۾ پاهه پيئي ٿيندي هئي. وڻ جي پاڙ ۾ هڪ وڏو سوراخ هو، جنهن ۾ هڪڙو سيهڙ رهندو هو. سيهڙ ڪافي متارو ۽ ٿلهو هو. جڏهن به ڳجهه جي نظر هن مٿان پوندي هئي، ته هن جي دل ۾ سيهڙ جي نرم نرم گوشت کائڻ جي تمنا پيدا ٿيندي هئي. هڪڙي ڏينهن جڏهن سيهڙ پنهنجي ڏر ۾ سمهيو پيو هو، ته ڳجهه ڇا ڪيو، جو سرون ۽ گپ کڻي اها ڏرئي پوري ڇڏيائين، ته جيئن سيهڙ ٻاهر نڪري نه سگهي ۽ اندر ئي بکن ۾ مري وڃي.

سيهڙ جڏهن ننڊ مان سجاڳ ٿيو، ته ڇا ڏسي، جو ڏر ئي بند ٿي پيئي آهي. هو سمجهي ويو ته ڳالهه ڇا آهي. هن ڳجهه کي ڏاڍيون آزيون نيزاريون ڪيون، پر ڳجهه هڪ به نه ٻڌيس، ۽ کيس جواب ڏنائين ته: “مون کي ڏاڍي بک لڳي آهي، تنهنڪري تنهنجو نرم نرم گوشت کائي ڍؤُ ڪنديس.” جڏهن سيهڙ ويچاري ڏٺو ته سندس منٿون سڀ اجايون آهن، تڏهن لاچار هن کڻي ماٺ ڪئي. ڳجهه خوشيءَ ۾ ڪڇون ٺوڪي رهي هئي، ته سيهڙ چڱو ڦاٿو آهي، ۽ هر هر هن جي لذيذ گوشت جو خيال ڪندي چپ پئي چٽيائين. ڳجهه، جو ڏٺو ته سيهڙ جي چر پر ئي بند ٿي ويئي آهي، ته هن سمجهيو ته هو مري ويو آهي، ۽ هن ڏر جي منهن مان سرون ۽ گپ پري ڪرڻ شروع ڪيئي، اڃا هن ڏر ۾ اندر گهڙڻ جو سانباهو پئي ڪيو، ته سيهڙ هڪ ئي ٽپ ڏنو، ۽ ”ڌو“ سڌو ٻاهر-. ٿورو پرڀرو وڃي، ڳجهه کي چيائين، ”ڏٺئي مزو، هاڻي پنهنجو بچاءُ ڪجانءِ!“

پوءِ سيهڙ ڀڄي وڃي پنهنجي هڪ دوست وٽ رهيو، ڇو جو پنهنجي ڏر ۾ رهڻ هن لاءِ خطري وارو هو. ٿورن ڏينهن گذرڻ بعد، هڪڙي ڏينهن، ڳجهه پنهنجن ٻچن سميت، جي تازو آنن مان ڦٽا هئا، گهمڻ لاءِ نڪتي. گهمندي گهمندي، هو سڀ سيهڙ جي دوست جي گهر اڳيان اچي پهتا. سيهڙ هنن کي ڏسي ڏاڍو سرهو ٿيو، ۽ سوچڻ لڳو ته ڪيئن ڳجهه کان بدلو وٺجي.

هو ڊوڙندو بورچيخاني ۾ ويو، ۽ وڏو ٿالهه ڪنڊيءَ جي ٽانڊن جو ڀري بيهي رهيو. جڏهن ڳجهه ۽ سندس ٻچا هن جي گهر وٽان لنگهيا. تڏهن هن سيهڙ اهو ٽانڊن سان ڀريل ٿالهه وٺي هنن مٿان هاريو. پر ڳجهه کي ٿيندا آهن ٿلها کنڀ، تنهنڪري بدن جا ٻيا حصا ته بچي ويس، باقي مٿو سو چمڙيءَ تائين سڙي ويس.

اهڙيءَ طرح ڳجهه هميشه لاءِ گنجي ٿي ويئي، ۽ ان ڏينهن کان وٺي سيهڙ جي گوشت کائڻ کان توبهه ڪيائين، ۽ هاڻي ڳجهه سيهڙ جو گوشت اصل نه کائيندي آهي.

 

”ٽوني بـِـيور“ ۽

 

”پال بنيان“ جون

 

ڪهاڻيون

 

 

از: مارگريٽ پريسڪاٽ مونٽيگ

غيبي راڳ

 

 

ڪاش! ”ٽوني بـِـيور“ پنهنجي طاقت ۽ پورهيو اهڙي نموني ٻنهي هٿن سان خرچ نه ڪندو وتي ها. بعضي ته مان ائين سوچيندو هئس، ته جي دل ۾ اچيس ها ته ڌرتيءَ کي اونڌي ڪرڻ ۾ به ڪڏهن دير ڪانه ڪري ها- صرف انهيءَ لاءِ ته ڏسي ته ان جي هيٺان ڇا آهي! ”اِيل“ درياءَ جي ڪناري تي، ڪيترا دفعا، هن جون اِهي عجيب ڳالهيون ڏسي منهنجا ته هوش ئي خطا ٿـِـي ٿي ويا، ۽ مان سڀ ڪجهه اتي ڇڏي ڀڄي وڃڻ جي منصوبن تيار ڪرڻ ۾ لڳي ويندو هوس، پر جيئن جو هن مون کي ’سچار‘ سڏيو هو ۽ مون تي سندس ايترو ڀروسو هو تنهنڪري مان هن کي ڇڏي ڪيڏانهن وڃي به ڪين سگهندو هوس. هن جون مون ۾ جيڪي اميدون هيون ۽ کيس مون تي جيڪو ڀروسو هو، تن جي مهابي آءٌ پاڻ به، هن سان گڏ، هميشه سچائيءَ ۽ اعليٰ مقصد جي تلاش ۾ رهندو هوس، ۽ انهيءَ تلاش ۽ بي آراميءَ مون کي ڪيترا دفعا عجيب عجيب جڳهن تي نيو ۽ عجيب عجيب تجربن سان روشناس ڪرايو.

مون کي سچ پچ فخر آهي ته ’غيبي راڳ‘ واري دؤر ۾ مان پاڻ اتي حاضر هوس. اهو ڏاڍو عجيب زمانو هو. ۽ ان متعلق ماڻهن ايترا ته سفيد ڪوڙ ويهي گهڙيا آهن، جو مون کي حقيقت جي بيان ڪندي دل ۾ هڪ قسم جي خوشي ٿئي ٿي. ان عجيب واقعي بنسبت مان جو ڪجهه اوهان کي ٻڌايان ٿو، سو سورنهن آنا سچ آهي، ۽ خود ٽوني بيور جي لکيل ياداشت جي عين مطابق آهي. هن ڳالهه ٻڌڻ کان پوءِ انهيءَ لسلي ۾ سڀني خواهه مخواهه مشهور ٿي ويل ڪوڙن جو خاتمو ٿي ويندو.

ان ڳالهه ۾ ته ڪوبه شڪ ڪونهي ته ان وقت ’ٽوني‘ خطرناڪ کان خطرناڪ ۽ طاقتور کان طاقتور هستيءَ سان هٿ اٽڪائڻ لاءِ ڄڻ اڳي ئي تيار ويٺو هو، پر اهو سارو جهڳڙو سچ پچ رڳو ماڪ جي ننڍڙين نفيس بوندن تان ئي شروع ٿيو،- ماڪ جون بوندون، جن کي هرڪو اونهاري جي موسم ۾ گاهه ۽ پنن مٿان يا ڪوريئڙي جي ڄار مٿان هاڻي به نچندو ٽپڪندو ڏسي سگهي ٿو. بس اهو سارو معاملو انهن بوندن تان شروع ٿيو. اهو به ممڪن هو ته هونءَ جيڪر ٽونيءَ ايتريءَ اٻهرائيءَ کان ڪم نه وٺي ها، پر انهن ڏينهن ۾ هونئن به ڪئمپ جي حالت ڏاڍي خراب هئي. توهان کي اها ته خبر ئي آهي ته ڪڏهن ڪڏهن ڪئمپن جون حالتون واقعي خراب ٿي وينديون آهن. هر ڪو ماڻهو ٻئي سان وڙهيو ويٺو هوندو آهي، ۽ هر ڪنهن جي زبان تي ڪنهن نه ڪنهن جي شڪايت ضرور هوندي آهي. سڀ همراهه ايترا ته چيڙاڪ ٿي ويندا آهن، جو جيڪڏهن ڪو ڪنهن کي ايترو چوي ته: ”بسڪوٽ ته هيڏي ڪر!“ ته بس جهڳڙو شروع ٿي ويندو آهي، ۽ اهڙي معمولي ڳالهه به وڃي مرڻ مارڻ تائين دنگ ڪندي آهي.

ايل دريا ِ واريءَ ڪئمپ ۾ به هڪڙي دفعي اهڙي حالت اچي بڻي. ان زماني ۾ مان اتي هوس. اها ته خبر ڪانهي ته آخر سبب ڪهڙو هو. خدا کي خبر، ڏينهن خراب هئا يا ماڻهن جو دماغ ئي خراب ٿي پيو هو،- بهرحال حالتون ڏاڍيون خراب هيون، هر ماڻهوءَ جي زبان مان گارگند کان سواءِ ڪو لفظ ئي ڪونه نڪرندو هو. کل خوشي، راند چرچو، سڀ ختم ٿي ويا هئا. ڪم بيهجي ويو هو، ۽ ڪو به ڪنهن سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار نه هو.

ٽونيءَ انهن ماڻهن جا ڪروڌ سان ڀريل منهن ۽ ڀيڪوڙيل ڏند ڏسي چيو: ”ڳالهه اها آهي ته ساري ڪئمپ ڄڻ ته مري ويئي آهي. ڪنهن اهڙي انسان جي ضرورت آهي، جو انهن ماڻهن ۾ وري روح ڦوڪي ۽ انهن کي کلڻ سيکاري. ڪڏهن نه ڪڏهن مان ڪنهن اهڙي شخص کي ضرور ڳولي هٿ ڪندس.“

ٻئي ڏينهن صبح جو سج اڀرڻ وقت، هو هڪڙي دڙي تي بيٺو هو، ته اچانڪ هن محسوس ڪيو ته سامهون گلن جي جهڳٽي مٿان ستل هڪڙي ماڪ جي ڦڙي ڄڻ ته هن کي ڏسي اک هنئي. هو ته اڪيلو هو ئي- سو هن به جواب ۾ اک جو اشارو ڪيس.

اوهان کي ڇا ٻڌايان، صاحبو، پوءِ ته جيئن ئي هن اک ڀڳي، تيئن ئي هن جي دل ۾ ڄڻ ڪا چيز گهڙي ويئي، ۽ ائين معلوم ٿيس ڄڻ ڪو مٿس چٿرون ڪري رهيو هو: ”ماڪ جو ڦڙو- ماڪ جو ڦڙو!- اڙي جهنگلي دودستا جانور، ڇا تو ڪڏهن ماڪ جو ڦڙو نه ڏٺو آهي؟ چڱو هاڻي ڏس- ڀلي ڏس- چڱيءَ طرح سان ڏس.“

ٽونيءَ به ائين ئي ڪيو، ۽ اکيون کپائي ماڪ جي بوند کي ڏسندو رهيو. ان ۾ روشني ته ٿوري هئي، پر ان ٿوريءَ روشنيءَ ۾ به ڪافي چمڪ ۽ رنگيني هئي. سج ماڪ جي بوند جي ڪڏهن هڪڙي پاسي کان ٿي چمڪيو، ته ڪڏهن ٻئي پاسي کان: بوند اهڙي ته خوبصورت ٿي نظر آئي،  ڄڻ ته ساريءَ ڪائنات جو حسن ان ننڍڙيءَ چيز ۾ سمايل هو،- ۽ ائين پئي ڏٺو، ڄڻ ته هيءَ نفيس ۽ ننڍڙي شيءِ ڪافي ڪجهه ٻڌائڻ واري هئي. ٽوني هڪ پتڪڙيءَ جي ايڏي شان کي ڏسي حيران ٿي ويو.

”اڙي او چري، شيطان جي ناني!” هن زور سان رڙ ڪئي. ”توکي خبر آهي ته تون صرف هڪڙيءَ ڦنڊڪ جو کاڄ آهين! پتوئي هوند ڪونه پويئي ته ڪٿان جي هئينءَ ۽ ڪيڏانهن گم ٿي وئينءَ!“

پر ماڪ جي بوندن جواب ۾ ڪجهه به نه ڪڇيو. هوءَ تنهان ئي وڌيڪ زور سان چمڪڻ لڳي. ٽونيءَ جڏهن ان جي چمڪ وڌندي ڏٺي، ته تيئن حيران ٿيو، ۽ هن ائين محسوس ڪيو ڄڻ ته هو ان قدرتي حسن جو جمال پسي، جيئن پوءِ  تيئن ويو ٿي وڌيڪ وائڙو ٿيندو.

ان وقت تائين سج به پکين جي چـُـون چـُـون ٻڌي ڪافي مٿي چڙهي آيو هو. ٽونيءَ کي ان ڊپ اچي ورتو ته ماڪ جي نازڪ بوند سج جي تپش ۾ گرمائجي ختم نه ٿي وڃي. هن يڪدم پن ۽ گل ڇنڻ شروع ڪيا ته جيئن ماڪ جي بوند کي انهن ۾ خبرداريءَ سان لڪائي رکي. ڪم هن ڏاڍو تيز تيز ختم ڪيو، پر فارغ ٿيڻ تائين ساروئي پگهر ۾ شرابور ٿي ويو. سندس ساهه ايترو ته جلد کڄي رهيو هو، جو ڄڻ ته هو ميل کن سانده ڊوڙيو هو. اهو ته توهان کي معلوم ئي آهي ته سج سان سامهون ٿيندڙ آدمي ڪيترو سهڪي پوندو آهي.

ماڪ جي هن هڪڙيءَ بوند سان واقفيت ٿيڻ کان پوءِ، ٽوني ائين سمجهڻ لڳو، ته ڄڻ ٻين ماڪ جي بوندن سان به هن جي اهڙي ئي پراڻي ۽ ويجهي دوستي هئي. سج جي روشنائيءَ ۾ ماڪ جون هي بيشمار بوندون هن کي ڏاڍي ناز انداز سان اکين جا اشارا ڪندي نظر اچي رهيون هيون. ٽوني اهو نظارو ڏسي، بنهه حيران ۽ پريشان، اتي بيٺو رهيو، هو محسوس ڪري رهيو هو ته ڄڻ هر هڪ بوند هن کي ”ادا!....... ادا!“ ڪري پاڻ ڏانهن سڏي رهي هئي.

هاڻي سج پنن ۽ ڪوريئڙن جي ڄارن مٿان پکڙيل ماڪ جي بوندن کي چٽڻ شروع ڪيو، ۽ هو به ائين کلنديون ڪڏنديون، نچنديون ٽپنديون هڪ ٻئي پٺيان غائب ٿيڻ لڳيون، ڄڻ ته ڪنهن پيار ڀريءَ مائٽاڻيءَ گود ۾ ويهڻ لاءِ وڃي رهيون هيون.

ان وقت هڪڙي ڏاڍي عجيب ڳالهه ٿي. ڪئمپ ۾ هڪڙو ننڍڙي قد جو آدمي هو، جنهن کي سڀ سرندي وارو ”جمي“ ڪري سڏيندا هئا- ڇو جو هو گهڻو ڪري سرندي تي عجيب عجيب راڳ آلاپيندو رهندو هو. ٽوني حيران ۽ پريشان ويٺو هو، ۽ ويٺي سج جي روشنائيءَ ۾ انهن ننڍڙين گول گول ۽ خوبصورت بوندن جي غائب ٿيڻ جو تماشو ڏٺائين. ايتري ۾ اوچتو هن پنهنجي قريب ئي جميءَ جي سـُـرندي جو آواز ٻڌو. سـُـرندي جو آواز ويجهو ايندو ويو. هن کي سـُـرندي جو آلاپ ائين معلوم ٿيو، جيئن چشمي جي ڪناري تي ڪو لولي ڏيئي هن کي سمهاري رهيو هجي....... ۽ پوءِ هن کي ڄڻ ننڊ کڻي ويئي، ۽ ائين ڀانيائين، ڄڻ هو ڪنهن سانتيڪيءَ نهر مٿان بـُـنڊ تي ويٺو لهوارو ڪيڏانهن لڙهندو وڃي رهيو هو. پوءِ جڏهن ماڪ جون آخري بوندون به غائب ٿي ويون- ڪيڏانهن به ويون هجن، اها ڳالهه ڪانهي- بهرحال، تڏهن ٽوني اتي ئي اڪيلو رهجي ويو، ۽ اکيون کولي، جو نهاريائين، ته پاڻ کي اتي ائين جو ائين ويٺي ڏسي، حيران ٿي ويو.

”واهه واهه! هي ته عجيب لطف آهي!“ هو چوڻ لڳو.”هيءَ رونق ۽ هيءُ مزو ته هتي روز صبح جو ٿيندو هوندو، ۽ مون کي هن وقت تائين هن جي ڪا خبر ئي نه پيئي آهي!“

هن هيٺ جهڪي پنن ۾ لڪائي رکيل ماڪ جي بوند جي چمڪ ڏٺي، ۽ هن ائين محسوس ڪيو ته ڄڻ ان ايڏي ننڍڙي ماڪ جي قطري ۾ سڄي ڪائنات جو روح اچي اٽڪيو هو، ۽ جيڪي ڪجهه ان قطري ۾ سمايل هو، سو هن ۾ به سمايل هو، ۽ ساري مخلوق ۾ سمايل هو، جبلن ۾، ندين ۾، سر سبز کيتن ۾ مطلب ته هر شيءِ ۾ اهو روح سمايل هو. جڏهن اهو انوکو احساس ٽونيءَ جي دل ۾ پيدا ٿيو، تڏهن هو ڏاڍو گهٻرائجي ويو. هن خيال ڪيو ته هن کي ڪيڏانهن ڀڄي وڃڻ گهرجي.... پر ڪيڏانهن؟ اهو خيال، ان وقت، ٽونيءَ جي سمجهه ۾ ئي نه پئي آيو، ۽ سچ پڇو ته مون کي به ان جي ڪا خبر نه آهي. خير، ٽوني ماڪ جي بوند قميص جي پلاند هيٺان لڪائي، تيزيءَ سان وٺي ڪئمپ ڏانهن ڊوڙيو.

ٽوني جڏهن ڪئمپ واپس پهتو، ته سڀني کي پگهر ۾ شرابور ۽ ڪم ۾ رڌل ڏسي، هن کي وڏي دلجاءِ ٿي. پوءِ گهڙي ٻه ساهه پٽي، هيڏانهن هوڏانهن ماڪ جي بوند کي لڪائڻ لا”، هو جڳهه تلاش ڪرڻ لڳو.

نيٺ هن سفيد صنوبر جي پاڙ ۾ ماڪ جي بوند کي محفوظ ڪري رکيو. جيئن ئي اتان واپس موٽڻ لاءِ پوئتي مڙيو، ته هن سـُـرندي واري جميءَ کي اتي بيٺل ڏٺو.

ان ننڍڙي انسان ۾ تمام وڏيون خوبيون پوشيده هيون. هن جون اکيون وڏيون ۽ صاف شفاف هيون، جن کي ڏسي، اهو انديشو پيدا ٿيندو هو ته هو ڄاڻي گهڻو ڪجهه ٿو پر زبان سان بيان ڪرڻ کان قاصر آهي ۽ تنهنڪري هو سڀ ڪجهه ان سرندي جي بدولت بيان ڪري ٿو. توهان کي ياد هوندو ته مون هن جي سرندي بابت اڳ به اوهان کي ٻڌايو آهي.

ٽونيءَ هن کي ڏٺو، پر ائين محسوس ڪيائين ته ڄڻ هن کي ڪو گناهه ڪندي پڪڙي ورتو هئائين. ٽوني هن ڏانهن وڌيو، ۽ چيائينس، ؟ ”ڇو، ڙي، سڀ ماڻهو ڪم ڪري رهيا هئا، ۽ تون مزي سان سرندو وڄائي رهيو هئين؟“

”مان؟“ جميءَ حيرانيءَ مان پڇيو.

”هائو، هائو، تون.... سج اڀرڻ مهل!“

جميءَ جا ڪن ڳاڙها ٿي ويا، ۽ هو ڏاڍي عجب ۾ پئجي ويو، ۽ ٽونيءَ کي چيائين، ”نه ٽوني، مان ڪونه هوس. ڇا، توکي خبر آهي ته اهو ڪير هو؟“

”مون کي ڪهڙي خبر ته ڪير هو؟“  ٽونيءَ جواب ڏنس.

”اهو.... غيبي.... راڳ.... هو....“ جميءَ اهي الفاظ آهستي آهستي ۽ ڏاڍي احترام سان چيا.

”غيبي راڳ!“ ٽونيءَ جو وات ئي ڦاٽي ويو. هن جو سارو جسم ڊپ ۾ ڏڪڻ لڳو.

”ٽوني، توکي سربستي ڳالهه ٻڌائڻي پوندي!“ جميءَ ڏاڍيءَ سنجيدگيءَ سان چيو.

ٽونيءَ هن کي ايڏو سنجيده ڏسي، اهوئي بهتر سمجهيو ته پهريائين هن کي ساري ڳالهه ڪري ٻڌائي. پوءِ هن ساري ماجرا، منڍ کان وٺي پڇاڙيءَ تائين، هن کي ڪري ٻڌائي ته هو ڪيئن ماڪ جي ڦڙي سان روشناس ٿيو، ۽ ڪيئن اهي ماڪ جا ڦڙا ٻين سڀني شين کان هن کي مختلف ڏسڻ ۾ آيا، ۽ ڪيئن راڳ جا آلاپ هن کي بنهه ويجهو ٻڌڻ ۾ آيا، ۽ پوءِ ڪيئن اهو دلڪش راڳ هن جي دل ۽ دماغ تي ڇانئجي ويو.

جميءَ سمجهائيندي چيس، ”ٽوني، خبردار ٿيءُ! صبح جو سج اڀرڻ مهل ماڪ جي بوندن ڏانهن ڏسڻ، ۽ غيبي راڳ جو ٻڌڻ خطري کان خالي نه آهي. ائين نه ٿئي، جو ٿيندي ٿيندي غيبي راڳ جو سيلاب سڀني کي ٻهاري ڪيڏانهن کڻي وڃي!“

ٽونيءَ چيس، ”اڙي ڇڏ يار، غيبي راڳ هلندو، ته پوءِ ڇا؟ هن ڪئمپ ۾ هونئن به هر شيءِ بگڙي خراب ٿي ويئي آهي- ممڪن آهي ته غيبي راڳ جي وارد ٿيڻ سان حالتون ڪجهه بهتر ٿي پون. جڏهن کان وٺي تون هن ڪئمپ ۾ آيو آهين، تڏهن کان وٺي عجيب سر آلاپندو رهيو آهين. ساريءَ فضا ۾ تنهنجي سرندي جا ننڊا کرا سر ته هونئن ئي جذب ٿي ويا آهن.... باقي غيبي راڳ هلي ڇا ڪندو؟“

”هن کي اچڻو هوندو، ته تون ڏسندين ته هو ڪيئن ٿو اچي، خير مون کي ته ڪا پرواهه ڪانهي!“ جميءَ مٿي کي ٻنهي هٿن ۾ جهليندي چيو.

”مون کي وري پرواهه آهي ڇا؟“ ٽونيءَ رڙ ڪري چيو. ”هن ڪئمپ ۾ اهڙيءَ شيءِ جي ضرورت ئي آهي. مان سڀاڻي سج اڀرڻ وقت انهن ماڪ جي ڦڙن سان ضرور ڪانه ڪا رهاڻ ڪندس.“

”سج اڀرڻ مهل!- واهه جي موج ٿيندي!“ جميءَ جي اکين ۾ چمڪ اچي ويئي، ۽ هن جو سڄو جسم حرڪت ۾ اچي ويو.

توهان ته هاڻ سمجهي ويا هوندؤ ته جمي ۽ ٽوني ڪهڙي نه عبرتناڪ چيز جي پٺيان پيا هئا. هن ڳالهه جي هنن ڪنهن کي به سڌ نه ڏني،- مون کي به ڪونه ٻڌايائون.

ٻئي ڏينهن صبح جو ٽونيءَ ڳئون جي سڱ مان ٺهيل نفير کنئي، جيڪا سڀني نفيرن کان وڏي هئي. هو هڪڙي دڙي تي چڙهي ويو، ۽ وٺي زور سان نفير وڄايائين. سڀ ماڻهو ڀڄندا اتي اچي پهتا.

”ڀائرو!“ ٽونيءَ چوڻ شروع ڪيو. هو صبح جو ٿوريءَ روشنيءَ ۾ عجيب بي ڊولو پئي نظر آيو. ”صبح ٿيڻ وارو آهي، ۽ مان چاهيان ٿو ته سج جي روشنائي ڦهلجڻ کان اڳ اوهان سڀ ماڪ جي بوندن کي غور سان ڏسو، ۽ جيستائين سج جي روشني انهن مٿان نه پوي، تيستائين انهن کي ڏسندا رهو. مون کي يقين آهي ته اوهان ايڏيءَ عمر هوندي به هنن ماڪ جي بوندن کي ائين نه ڏٺو هوندو! ائين چئي، ٽونيءَ سڀني کي گول گول ۽ سهڻيون سهڻيون ماڪ جون بوندون ڏيکاريون.“

خيال فرمايو ته هيءُ ڪيڏو نه جوکم جو ڪم هو! ۽ ان وقت ٻڍو پادري ”موسز مٽرز“، جو اهڙين حرڪتن کي يڪدم سڃاڻي ويندو هو، سو رڙ ڪري چوڻ لڳو: “اڙي ٽوني، تون اسان سڀني کي ڀـَـن ۾ وجهندين! خدا جي واسطي ڪجهه خيال ته ڪر!“ 

”اڙي حضرت!” ٽونيءَ هن ڏانهن گهوريندي چيو، “مون اڄ ڏينهن تائين ڪنهن جو خيال ڪيو به آهي ڪيئن؟“

سچي ڳالهه هئي به اها. ڪڏهن به ٽونيءَ کي ڪنهن جو خيال ڪندي ڪنهن ڪين ڏٺو هو،....... ۽ اسان سڀ ٽونيءَ جي چوڻ مطابق ماڪ جي بوندن ڏانهن غور سان ڏسڻ لڳاسون، جيئن جيئن اسان غور سان ماڪ جي بوندن ڏانهن ڏسندا رهياسون، تيئن تيئن اسان جي حيرت وڌندي رهي.

سرندي وارو جمي ان موقعي تي ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي بيٺو هو. هو ڏاڍي غور سان پرهه ڦٽڻ جو انتظار ڪري رهيو هو. هن جي هٿ ۾ سرندو هو، ۽ هو ائين بيٺو هو، ڄڻ ته ڪنهن جو انتظار ڪري رهيو آهي. بس ان ئي وقت ٽڪريءَ جي چوٽيءَ کان هڪڙو لرزندڙ ڪرڻو نمودار ٿيو، ۽ وڃي ماڪ جي بوند تي پيو. ماڪ جي بوند ننڍڙي شعلي جيان چمڪڻ لڳي. اسان سڀ ان کي حيرت سان ڏسندا رهياسون، تان جو ماڪ جي بوند غائب ٿي ويئي. ان جي غائب ٿي وڃڻ سان اسان مان هر هڪ ائين محسوس ڪري رهيو هو، ڄڻ ته هن جي دل جي مکڙي کلي گل ٿي پيئي هئي ۽ ڄڻ ته ڪا عجيب ڳالهه ٿيڻ واري هئي!

اوچتو ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تان سرندي واري جميءَ رڙ ڪئي: ”اچي ويو- اچي ويو. اڄوڪي عظيم ڏينهن جو غيبي راڳ اچي ويو!“ ائين چئي، هو زور سان سرندو وڄائڻ لڳو، ۽ نچڻ لڳو.

”خدا پيو خير ڪري، ڪا وڏي آفت اچڻ واري آهي!“ ٻڍي پادريءَ رڙ ڪئي، ۽ ڀرسان بيٺل صنوبر جي وڏي وڻ جي ٽارين کي چنبڙي پيو، ته جيئن ايندڙ آفت کان محفوظ رهي سگهي.

ان وقت اسان کي پري کان عجيب سازن جو آواز ويجهو ايندو معلوم ٿيو. ائين پئي وسهڻ ۾ آيو ته ڄڻ جمي ان ٽڪريءَ تان راڳ کي دعوت ڏيئي رهيو هو.

بس پوءِ ته ادا، ٻيلن جا ٻيلا نچندا ٽپندا واديءَ مان وڃي رهيا هئا، ڄڻ ته ڪنهن درياءَ جي اٿل ۾ هو وهي رهيا هئا. ٿورن منٽن گذرڻ بعد، اهي سڀ وڻ ٽڪر ٽڪر ئي پيا ۽ هرڪو ٽڪر جدا جدا نچڻ لڳو ۽ سڀ هڪ  ٻئي جي اڳيان قلابازيون کائڻ لڳا.

”خدا خير ڪري، خدا خير ڪري، ڏسو ته ڪهڙو نه ويل پيو  وهي!“ ويچارو ٻڍو پادري رڙندو رهيو. هن جا وار ڊپ ۾ اڀا ٿي ويا هئا، ۽ هن جون اکيون ٻاهر نڪرڻ تي هيون.

ان کان پوءِ، هڪڙو گاهه جو وڏو ڍير نچندو آيو. اهو ڍير ڪنهن ننڍڙي ناچوءَ جيان گول ڦيرا ڏيئي رهيو هو. توهان کي اعتبار اچي يا نه، پر سڀ ماڻهو هن جي رستي کان هٽي ويا. ان کان پوءِ، هڪڙو ننڍڙو خوبصورت وڻن جو جوڙو نچندو آيو، جن جون شاخون پوئتي ليٽيل هيون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com