اهو ننڍڙو نيرو گابو نر هو. هن جا ڪن هيٺ لڙڪي رهيا هئا، ۽ سندس
سنهيون ٽنگون پال بنيان جي ٻانهن مان هيٺ لڙڪي
رهيون هيون. اوچتو هن جو سارو بدن سيءَ کان
سيسراٽي ڀري لرزيو، ۽ سندس بچائيندڙ هن کي لرزندو
ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو، ڇو جو هن کي يقين ٿيو ته هن ۾
زندگيءَ جا آثار اڃا آهن. پال بنيان جي دل ۾ هن
لاءِ همدردي پيدا ٿي، ۽ همدرديءَ سندس مغموم
اڪيلائيءَ کي هميشه لاءِ هڪالي ڇڏيو.
پال بنيان گابي کي کڻي واپس موٽيو، برف جون ڇپون هن جي وزن پوڻ
سبب هيڏانهن هوڏانهن ٿڙڪي رهيون هيون.
ٽيهن سيڪنڊن ۾ هو پنهنجي غار ۾ اچي پهتو. باهه جي اڳيان رضائي
وڇائي گابي کي ان تي ليٽائي ڇڏيائين.
ساري رات پال بنيان ان گابي جي خدمت ۾ مصروف رهيو، ته جيئن هن ۾
وري زندگيءَ جا آثار نمودار ٿين. صبح جو گابو
سولائيءَ سان ساهه کڻي پئي سگهيو. جيئن ئي پال
بنيان هن جي مٿان نـِـوڙي هن جي ساهه کڻڻ جي رفتار
ٻڌي رهيو هو، ته اوچتو هن وات پٽيو ۽ پال بنيان جي
ڳـچيءَ کي زبان سان چٽڻ لڳو. پال بنيان کي ڪتڪتائي
ٿيڻ لڳي، ۽ هو کلڻ لڳو. پال بنيان جهڙو سنجيده
شاگرد جو اڳ ڪڏهن به نه کليو هو، سو اهڙيءَ ڪيفيت
تي دلي سرور محسوس ڪري رهيو هو.
”اڙي، ٻالڪ- او، نيرا ٻالڪ!“ هن گابي کي سڏ ڪرڻ شروع ڪيا. گابي
اهو گجگوڙ جهڙو آواز ٻڌو، ۽ هن پنهنجا ڇپر کوليا.
غار ۾ اندر هن ڪيترا گول گول نيرا چٽ ڏٺا، جي هن
جي سلڪ جهڙن وارن کان به وڌيڪ چمڪندڙ ٿي نظر آيا.
اهو عجيب اسرار گابي جي اکين ۾ پسي پال بنيان
چاهيو ته هن جون اکيون جيڪر کليل ئي هجن، پر جيئن
ته ننڍڙو ٻچڙو ٿڪل ۽ ڪمزور هو، تنهن سبب هن جون
اکيون وري بند ٿي ويون.
پال بنيان خيال ڪيو ته هو ضرور بکيو هوندو، تنهنڪري هو ان جي
کاڌي ڳولڻ لاءِ ٻاهر نڪتو. هن کي بخوبي ڄاڻ هئي ته
اتي ڪوبه جانور ايترو کير نه ڏيئي سگهندو، جو هن
جيتامڙي جي پوري پرورش ٿي سگهي. پر جيئن ته هو
تازو ڄاول هو، تنهنڪري ممڪن هو ته هن جا والدين
ڪٿي نزديڪ ئي هجن. پال بنيان ان چاڙهيءَ تي چڙهيو،
جتان ٽپو ڏيندي گابو ٽونيري اپسمنڊ ۾ ڪريو هو.
هتان کان وٺي اتر وارن اوچن پهاڙن سان لڳو لڳ هڪ
ويڪرو پيچرو ٺهيو پيو هو، جنهن تي ڪيترا وڻ ڪريا
پيا هئا. هن جڳهه تان ئي ڪالهه رات ننڍڙي گابي اها
قلابازي کاڌي هئي.
ڇهن وڏين ٻرانگهن ڀرڻ کان پوءِ، پال بنيان جبل جي چوٽيءَ تي
پهتو. جبل جي هڪڙي چوٽي ته ڀڳي پيئي هئي. پال
بنيان گابي جا پير کڻندو جبل تان هلندو هليو. ٻه
ڪلاڪ سانده هو پيرن جا نشان کڻندو هلندو رهيو، پر
جيئن پوءِ تيئن نشان ويا ٿي ڇڊا ٿيندا، ۽ آخر هو
ان هنڌ اچي سهڙيو، جتي آخري برفاني مينهن اهي نشان
صفا ميساري ڇڏيا هئا. پال بنيان کي هاڻ ان ڳالهه ۾
ڪوبه گمان نه رهيو ته گابي جي ماءُ نيريءَ برف جو
عجيب رنگ ڏسي ڊڄي ويئي هوندي ۽ ان ڊپ ۾ ئي هي
گابڙو ڄائو هوندس. گابي جو نيرو رنگ سندس اهڙي
حقيقت جي تائيد ڪري رهيو هو. ”نائجرا“ ۽ ٻين
جانورن جيان هن جا والدين به هن کي ڇڏي ڀڄي ويا
هوندا، ۽ تنهنڪري انهن جي ڳولا ڪرڻ وقت وڃائڻو هو.
پال بنيان جهنگ جو گول چڪر ڪاٽي، هرڻن واري لسي
گاهه جو ذخيرو کڻي، غار ڏانهن واپس وريو. ”اهو
سڻڀو کاڌو، کير جو ڪم ڏيئي ويندو،“ هن سوچيو. گابو
باهه جي ڀرسان سمهيو پيو هو، ۽ جيستائين پال بنيان
گاهه جو کير ڪڍيو، تيستائين هو پيو رهيو، پر جڏهن
گاهه جي خوشبودار کير جي بالٽي هن جي اڳيان آئي،
تڏهن يڪدم هن اکيون کوليون. اهو پهريون دفعو هو،
جو ڪنهن جانور پنهنجي بک جي شدت جو اهڙي نموني
مظاهرو ڪيو هجي. اهڙو مظاهرو جـو تاريخ تي اثر
انداز ٿيـڻ وارو هـو. بـالٽيءَ
جو اڌ حصو ته هن ٽن ڍڪن ۾ خلاص ڪري ڇڏيو، ۽ بالٽيءَ کي چڪ وجهي
کڻي مٿي جهليائين، ۽ پوءِ ان کي هيٺ رکي ڍڪن مٿان
ڍڪ ڀريندو رهيو، جيستائين آخري ڏهه گئلن به اوتجي
هن جي نڙيءَ اندر نه گهڙيا. سندس پڇ خوشيءَ جي
اظهار ۾ لڏي رهيو هو، پوءِ هن بالٽيءَ کي چڪ وجهي،
کڻي پري اڇلايو.
”اڙي، ٻالڪ!“ پال بنيان زندگيءَ جو ٻيو ٽهڪ ڏيندي چيو. هن
نيريءَ برف جا شڪرانا ادا ڪيا، جنهن هن کي دل
وندرائڻ جو اهڙو وسيلو ميسر ڪري ڏنو هو. هن کي
”نائجرا“ جي جدائيءَ جو ڪوبه ڏک محسوس نه ٿيو، ڇو
جو هن ڪڏهن به هن کي کلايو نه هو. ٻيو دفعو جڏهن
پال بنيان ٽهڪن ۾ اچي ڇٽڪيو، تڏهن گابي به پنهنجي
بدن ۾ ڪافي طاقت محسوس ڪئي، ۽ اٿندي غار جي ڀتين
کي اهڙا ته وٺي ٽڪر هنيائين، جو سموريون ڀتيون ڏڪڻ
لڳيون ۽ سنهڙن پٿرن جو هيڏو سارو ڍڳ اچي پال بنيان
مٿان ڪريو، ۽ هو چيلهه تائين پورجي ويو. پاڻ بنيان
سواءِ ڪنهن رنج جي پاڻ کي اتان ڦٿرائي ٻاهر ڪڍيو.
هو پنهنجيءَ هن عجيب حالت تي عجب ۾ ضرور پئجي ويو.
هن سمجهيو ته هن ننڍڙي جانور ۾ ڪافي طاقت آهي، هن جون مشڪون هاڻ
ئي ايتريون طاقتور آهن، ۽ هن کي اها طاقت ڪنهن وڏي
ڪم ڪرڻ لاءِ مليل آهي. اهو خيال هن کي غار جي پٿرن
ڪـِـرڻ کان پوءِ آيو. هن کي ايتري ته خوشي ٿي، جو
پاڻ کي ويهڻ کان به بيهڻ ۾ سکيو محسوس پئي ڪيائين.
هو بيٺو رهيو ۽ بيٺي ان طاقتور ۽ مضبوط ڍڳي جي دل
ئي دل ۾ ساراهه ڪيائين. گابو پنهنجي پوين ٽنگن تي
خاموش ويٺو هو، ۽ ڪڏهن کاٻي ڪڏهن ساڄي پاسي ڪنڌ
ڦيرائي پنهنجو ڪلهو ٿي چٽيائين. پال بنيان هن کي
دل ۾ ساراهي به رهيو هو ۽ سوچي به رهيو ته ڪيئن نه
ان ننڍڙي جيتامڙي هن کي کلڻ سيکاريو هو، ۽ ان
ايڏڙي ننڍڙي ساهواري هن کي زندگيءَ جي ايڏيءَ
حقيقت سان روشناس ڪرايو هو. هن سمجهيو ته اڄ کان
پوءِ هن جي شاگرديءَ جي زندگيءَ جو دور ختم ٿي
ويو، ڇو جو هن جي سکڻ لاءِ هاڻ ڪجهه به نه بچيو
آهي. هن کي هاڻ عملي زندگي گذارڻي آهي. هن سوچيو
ته جيڪڏهن هي ننڍڙو گابو پاڻ وٽ رکيم ته ان لاءِ
ڪم به لازمي لهڻو پوندم. ننڍڙي گابي اهو ته ثابت
ڪيو هو ته هن جي طاقت نه فقط خطرناڪ هئي، پر ساڳئي
وقت وندرائيندڙ پڻ. اها اڻ ٿڪ طاقت ڪنهن نه ڪنهن
ڪم ۾ صرف ڪرڻي هئي. ڍڳي جي طاقت جو اهو بي انداز
ذخيرو اڃا به وڌائڻو پوندو. پهريائين ان کي اهڙيءَ
ڪنهن ڪارڪرت ۾ آزمائجي، جو منهنجي يعني پال بنيان
جي خوابن جو بهترين تعبير ثابت ٿئي.
جلد ئي ڍاول گابي کي ننڊ وٺي ويئي، ۽ هو آرام سان سمهي پيو، پر
پال بنيان ڪوشش ڪرڻ جي باوجود به سمهي نه سگهيو.
هن کي ڪيترائي خيال آيا: ڌنڌو، هنر ۽ ڪيترا اهڙا
ڪم، جن جي ڪرڻ سان هن جو علم، آزمودو، طاقت ۽ فن
ڪتب اچي ٿي سگهيا، ۽ هن جي ننڍڙي گابي لاءِ ڪافي
ڪم نڪري ٿي سگهيو، پر پال بنيان کي اهڙن سڀني چڱن
خيالن هجڻ جي باوجود به ڪو اهڙو ڌنڌو نه سجهيو، جو
هن جي دلي ڪيفيتن جي پوري ترجماني ڪري سگهي. هن
سوچيو ته هن کي ڪا نئين ايجاد ڪرڻي پوندي. جيئن ئي
ايجاد جو لفظ هن جي ذهن ۾ آيو، ته سندس دماغ ڀڙڪو
کائي اٿيو، جيئن ٻيلي ۾ باهه اٿندي آهي. هو جيئن
ته دماغ جو اهڙين ڪيفيتن سان روشناس نه هو،
تنهنڪري سندس دماغ جي ان دونهين اهڙي خيالن کي
اڀارڻ بدران پاڻ ۾ جذب ڪري ڇڏيو. آخر هو ٿڪجي پاسي
ڀر ڪري پيو، ۽ سمهڻ وقت هن کي بدن تي آيل رهڙون
ياد آيون، ۽ هن ڪجهه تڪليف محسوس ڪئي. خواب ۾ هن
ڪي لفظ ڏٺا، جي پريان ئي چمڪي رهيا هئا. هن چتائي
ڏٺو ته لکيل هو- ”آمريڪا“. هو يڪدم اٿي ويٺو، ۽
زخمن ۾ اهڙو ته سور اڀريس، جو خواب ئي وسري ويس.
صبح ٿيڻ کان اڳ هن وري ٻيو خواب لڌو. ان ٻئي خواب
۾ هن کي لفظ ته نظر ڪونه آيا، پر هن هڪڙو گهاٽو
ٻيلو ڏٺو ۽ هڪڙو ڏاٽي جهڙو تيز اوزار، جو ويو ٿي
وڻن کي ڪپيندو، ۽ وڻ هڪ ٻئي مٿان ڪرندا ٿي ويا.
پال بنيان ان خواب ۾ اهڙيءَ طرح اهو گهاٽو جهنگل
ڏٺو جو ان جا سڀ وڻ ڪنهن تيز اوزار سان ڪپجي هيٺ
اچي ڪريا.
ڪيترا ڏينهن پال بنيان انهن خوابن کي سلجهائڻ جي ڪوشش ڪندو
رهيو. جڏهن به هو گابي لاءِ هرڻن وارو لسو گاهه
پٽڻ ويندو هو يا پنهنجي لاءِ سمنڊ تان مڇي مارڻ
ويندو هو، ته اهي خيال هن جا ساٿي ٿي هن سان ساڻ
هلندا هئا. ڪيتريون راتيون هن ڪوشش ڪئي ته اهو
ساڳيو خواب هو ٻيهر ڏسي، پر هن جي ننڊ هميشه خوابن
کان خالي هوندي هئي.
ڏينهن گذرندي ڪهڙي ويرم! گابو به ڏينهن سان گڏ وڏو ٿيندو ويو.
هرڻن جي لسي گاهه تي پليل گابو ٿورڙن ئي ڏينهن ۾
ٿلهو متارو وهڙو ٿي پيو. مالڪ جي ايڏيءَ
خاطرداريءَ سبب هو ڏاڍو بود ۾ ڀرجي ويو، ۽ هن جي
نيرين اکين ۾ هميشه خوشيءَ جي جهلڪ رقصان هوندي
هئي، جا ٿوري وقت لاءِ به هن جي اکين مان غائب نه
ٿيندي هئي، هن جي رنڀ اڳ ئي ڪنهن پڪي ڏاند جهڙي
پختي ٿي چڪي هئي. ناسون ڦوڪڻ ۽ پڇ کي هوا ۾ لهرائڻ
ّاڳ ئي هن جي جوانيءَ جون ثابتيون هيون. هن جي
چيلهه سنهي ۽ پٺا ويڪرا ٿي ويا هئا. ڪلهي جي هيٺان
مشڪون پيون لٽڪنديون هيس جي چرٻيءَ گهڻي هجڻ سبب
پيون ٿڙڪنديون هيون، خوبصورت برف جون چڪيون ڳري،
نيري پاڻيءَ جون نهرون ٺاهي، هميشه لاءِ ختم ٿي
ويون، ۽ اهو تاريخي سيارو پڻ ختم ٿي ويو، پر
نيريءَ برف جي برسات جي صرف هڪ نشاني رهجي ويئي
هئي. اهي هئا گابي جا نيرا چمڪندڙ وار. هن جي پڇ
جي وارن جو جهڳٽو ڪارو نيرو هو. هن جو پڇ ڪنهن
سرنهن جي نميل ٽاريءَ جيان واڱڻائي رنگ جو ٿي نظر
آيو. گابو، غرور ۾ ڀرجي اهو شاندار پڇ پٺيءَ تي
ورائي ڇڏيندو هو ۽ پنهنجو ڪنڌ ڦيرائي، ڪلاڪن جا
ڪلاڪ ان ڏانهن فخر سان بيٺو ڏسندو هو. جيئن بهار
آيو، ته پال بنيان به پنهنجو ارادو پڪو ڪيو، ۽ ان
ڍڳي کي آزمائي پنهنجن خوابن جي تعبير حاصل ڪرڻ جو
پورو پرن ڪيائين. گرم ۽ چمڪندڙ ڏينهن هن کي بي آرم
ڪري وڌو، ۽ هن جو تصور ڪيترن ملڪن تان گهمندو ۽
هزارين هنر ڏسندو رهيو. واقعي اهو سندس زندگيءَ جي
جدوجهد جو آغاز هو.
روزانو پال بنيان پنهنجن ٻنهي خوابن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو،
پر هن کي اڃا ته ڪو مڪمل تعبير هٿ نه ٿي آيو.
پهريون خواب هن کي اصلي آمريڪا وڃڻ جو ڏس ڏيئي
رهيو هو، ۽ هن به آخر اهوئي فيصلو ڪيو. هن کي يقين
هو ته اتي هن کي اهڙو ڪم ضرور ملي ويندو، جيڪو هن
۽ ڍڳي لاءِ موزون هجي. هن کي اها به خاطري هئي ته
هن کي پنهنجي ملڪ جي ڀيٽ ۾ اتي ڪا خاص تڪليف در
پيش نه ايندي، ڇو جو هن جي پنهنجي ملڪ ۾ خود بهار
جي موسم واپس اچڻ بعد به ڪي تمام ٿورڙا جانور واپس
وريا هئا، ۽ هن اهو به سجهيو پئي ته آخر صرف مڇيءَ
تي هو ڪيترو وقت زنده رهندو. ڍڳي جي روز بروز
وڌندڙ بک پڻ هن کي سفر تي اسرڻ لاءِ مجبور ڪيو، ڇو
جو نيريءَ برف هرڻن وارو لسو گاهه ساڙي ڇڏيو هو، ۽
اونهاري ۾ هونءَ به اهو گاهه خشڪ ٿي وڃڻو هو، جنهن
۾ پوءِ ڪا خاص خوراڪ ڪانه رهندي آهي. جيترو وڌيڪ
پال بنيان سچيءَ پچيءَ آمريڪا ڏانهن وڃڻ لاءِ سوچي
رهيو هو، اوتري وڌيڪ چاهنا هن جي دل ۾ تيئن پيدا
پئي ٿي. هرڻ ۽ گاهه ته آخر اتي به لڀي پئي سگهيا،
۽ ان ۾ ڪهڙو شڪ آهي ته آمريڪا ئي سندس خواب جو سچو
تعبير ثابت ٿئي!
آخر هڪڙي ڏينهن پال بنيان ۽ ڍڳو پنهنجي ملڪ جي سرحد وٽ اچي
پهتا. نيرو ڍڳو خوشيءَ ۾ مالڪ کي چٽڻ لڳو. پريان
آمريڪا جي ٽڪرين تي سائو گاهه ڏسي ڍڳو رنڀڻ لڳو.
سرحدن ٽپڻ لاءِ ڍڳو ڏاڍي اتاولي ڏيکاري رهيو هو،
پر جيئن ته پال بنيان تاريخ جو شاگرد هو، تنهنڪري
هن نئين ملڪ ۾ گهڙڻ کان اڳ ضروري رسمون ۽ رواج
پورا ڪرڻ ٿي چاهيا. جيتوڻيڪ ڍڳي هن کي اهڙيءَ دير
ڪرڻ تي ڪيترائي ٿونا هنيا.
پال بنيان پنهنجا هٿ مٿي کنيا ۽ آمريڪي زبان ۾ هن چيو: ”آمريڪي
شهريت قبول ڪندي، مان واعدو ٿو ڪريان ته مان هن
ملڪ سان وفادار ٿي رهندس، ۽ هي ڍڳو پڻ موت تائين
هن ملڪ ۾ رهندو، ۽ اسان جون دليون ۽ روح هميشه
آمريڪي رهندا.“
دل جي خلوص ۽ سچائيءَ سان مٿيان لفظ اچاريندي، پال بنيان پنهنجي
اندر ۾ ترقيءَ، محنت ۽ دليريءَ جو جذبو محسوس ڪيو،
جو هن اڳ ڪڏهن به محسوس نه ڪيو هو. هن جو ڪنڌ اوچو
ٿي ويو، ۽ سندس اکيون نچڻ ۽ چمڪڻ لڳيون، ۽ هن جا
ڳل گلاب جي گل جيان ڏاڙهيءَ جي ڪاراڻ ۾ چمڪڻ لڳا.
”مون کي آمريڪي ٿيڻ تي فخر آهي!“ هن رڙ ڪئي. ”مون کي قسم آهي هن
ٻٽيءَ ڇاتيءَ واري ڪوٽ جو، مون کي قسم آهي دوزخ ۽
بهشت جو! مون کي سڀني نيڪ ارواحن جو قسم آهي ته
مون کي فخر آهي- انتهائي فخر!“
آمريڪي ملڪ ۾ گهڙڻ جي احساس ۽ آمريڪي باشندي ٿيڻ جي فخر هن جي
دل ۾ هڪ عجيب سرور پيدا ڪيو. هو حيران هو ته صرف
آمريڪي ٿيڻ سان هو ايڏو شان وارو ۽ ايڏو حوصليمند
۽ باعزت ٿي لڳو! هن جي دل فتحمنديءَ جي غرور سان
ڀرجي ويئي. هن محسوس ڪيو ته ان خوشيءَ هن کي
ننڍڙيءَ تيز ٻليءَ کان به وڌيڪ هلڪو ۽ ڦڙت ڪري
ڇڏيو هو. هن پاڻ ايڏي طاقت محسوس ڪئي، جو آسمان
مان ڪڪر به لاهي ٿي سگهيو، ۽ سخت کان سخت پٿر به
پرزا پرزا ڪري ٿي سگهيو، ۽ هو سڄيءَ دنيا جي
مقابلي ۾ ڪجهه به ڪرڻ يا چوڻ کان پوئتي هٽڻ وارو
ڪونه هو.
”هاڻي جو مان آمريڪي ٿيو آهيان،“ هن رڙ ڪئي، ته ”مان پاڻ کي هر
ڪنهن جي برابر ٿو سمجهان. جيڪڏهن ڪوبه منهنجي قد
قامت جو ماڻهو مون کي مليو، ته مان ثابت ڪري
ڏيکاريندس ته مان هن کان ڪنهن به لياقت ۾ گهٽ نه
آهيان. اسان کي ضرور ڪو اهڙو انسان تلاش ڪرڻ
گهرجي، جنهن جي حاضريءَ ۾ اسين اصلي آمريڪي شهري
ٿيڻ جون رسمون ادا ڪريون. اسان اهڙو انسان ضرور
ڳولينداسون. ائين نه، ڍڳا!“
بس، تنهن کان پوءِ هي ٻه وطن پرست آمريڪي سرحد ٽپي هن ڀر ٿيا.
آزادي، اتساهه ۽ ترقي ملڪ جي هوا جي ذري ذري ۾
سمائي پيئي هئي. پال بنيان ۽ ڍڳي نئين دنيا ۾ جيڪو
ساهه ٿي کنيو، تنهن سان ڪيئن نوان نوان امنگ ۽
احساس هنن جي اندر ۾ داخل ٿي ٿيا. هنن جي بدني
طاقت اڳ کان ڪئي دفعا زياده ٿي ويئي، ۽ هو ٽڪرين ۽
ماٿرين مٿان خوشيءَ ۾ ٺينگ ٽپا ڏيندا، بي فلڪ
لڏندا لمندا، هوا جا وڏا وڏا ڍڪ ڀريندا، اڳتي وڃي
رهيا هئا.
ڏينهن جي ختم ٿيڻ کان اڳ ئي پال بنيان محسوس ڪيو ته آمريڪا ۾
ٻين چيزن سان گڏ سنجيدگي ۽ اطمينان پڻ هئا. هن کي
ڪنهن سرگوشيءَ جي انداز ۾ چيو: ”ڪم سان لڳ! موقعي
جو فائدو وٺ!“ سر گوشيءَ جو آواز تنهان پوءِ وڏو
ٿيندو ويو، ۽ هر گهڙيءَ هن جي همت ۽ حوصلي کي
وڌائيندو ويو. آخر اهو خيال جو ان سرگوشيءَ ۾
سمايل هو، تنهن پال بنيان کي سوچڻ تي مجبور ڪيو.
ڍڳو ٽڪرين جي ساوڪ تي هيڏانهن هوڏانهن گهمي رهيو
هو.
هاڻ ته اها سرگوشي چڱي خاصي رڙ ٿي پيئي هئي: ”ڪم- ڪم- ڪم!“ پال
بنيان ڪنڌ مٿي کڻي آسمان ڏانهن ڏٺو ۽ هن محسوس ڪيو
ته ڄڻ اهي الفاظ ڪڪرن مان چمڪاٽ ڪندا نڪري رهيا
هئا. هن وري هيٺ ماٿريءَ ڏانهن نظرون ڦيرايون، ۽
هڪ وڏو ٻيلو.... هن جي خواب وارو ٻيلو.... هن جي
سامهون هو! هن کي يڪدم دل ۾ وسي ويو ته سندس
زندگيءَ جو اهم ڪردار هـِـتي ادا ٿيڻو آهي.
ڪيترا ڏينهن ۽ راتيون، ان عظيم خيال اچڻ کان اڳ، هو ٽڪريءَ تي
چڙهي سوچيندو هو. سڀني چڱن خيالن جيان هيءَ خيال
به سادو ۽ سولو هو: ”آمريڪا ٻيلن سان ڇانيل آهي ۽
ٻيلا وڻن سان ڀرپور، هڪڙو ڪريل وڻ عمارتي ڪاٺ ٿي
پوي ٿو،- ۽ ان جي قيمت؟ ڪير- ڪٿي! پال بنيان ديال
جي وڻ جي ڇوڏيءَ کي هيٺ ڦٽو ڪري، وٺي خوشيءَ ۾ رڙ
ڪئي: ”ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو ڪم ٿي سگهي ٿو؟“ هن
پاڻ کان پڇيو. ”ڪاٺ جو ڪم! مان اها صنعت ايجاد
ڪندس ۽ ان کي ايتري ته ترقي وٺائيندس، جو ٻي ڪابه
صنعت ان سان پاسو هڻي نه سگهندي. منهنجو نالو
تاريخ جي ورقن ۾ سونن اکرن ۾ لکيو ويندو- انهن
جيان، جي اڄ کان اڳ ايڏا شاندار ڪارناما ڪري گذريا
آهن، ۽ جن لاءِ مون خود به پڙهيو آهي.“
پال بنيان اها پنهنجي پهرين تقرير ڪئي، ۽ ڍڳو سندس اڪيلو ٻڌندڙ
هو. سندس فصاحت جي پهرين ڪوشش، جنهن ۾ سندس
زندگيءَ جو اتساهه ڀريل هو، واقعي هڪ شاندار معجزو
هو. جيتوڻيڪ سندس اصلي الفاظن جي اسان کي ڄاڻ ڪانه
آهي، پر سندس فصيح تقرير جو تـُـت اسان کي معلوم
آهي. سندس تقرير جو گهڻو تعلق عمارتي ڪاٺ واري هنر
سان هو، جو هن ٿورو وقت اڳ ايجاد ڪيو هو، ۽ جنهن
کي پنهنجي صنعت ۾ ڪم آڻڻو هوس. هن پنهنجي رٿ پيش
ڪئي ته وڻ هٿن سان اکيڙي هيٺ ڪيرائبا، ۽ تنهن کان
پوءِ بنڊن جو چـَـٽو ڍڳي جي هڪڙي پاسي کان لٽڪائبو
۽ ٻئي پاسي کان ٽڪرين جا پٿر ڪنهن ڳوڻ ۾ وجهي
لٽڪائبا، ته جيئن بار پورو بيهي. ڪافي عرصي کان
پوءِ هن اها ٻي ايجاد ڪئي ته بار پوري ڪرڻ لاءِ
پٿرن جي بدران ٻئي پاسي کان به بنڊن جو چٽو
لٽڪائجي. ان وقت پال بنيان جي خيال ۾ به نه هو ته
هو ڪو پنهنجي بي انداز عقل ۽ هنر سان، ڪڏهن اهي
بنڊن بڻائڻ جي صنعت ۾ ڪم ايندڙ اوزار ٺاهيندو، يا
اهي ايترا سارا مزور هو فرانس، آئرلينڊ ۽
اسڪاٽلينڊ مان ڀرتي ڪندو، يا هو دريائن ۽ نهرن جي
وهڪرن کان هڪ هنڌان ٻئي هنڌ بنڊن پهچائڻ جو ڪم
وٺندو. سچ پچ هن جي عجب جي حد نه رهي ها، جيڪڏهن
هن کي ان وقت هن حقيقت جي ڄاڻ پوي ها ته ڪم کي
سنڀالڻ لاءِ ڪنهن ڏينهن هن کي پاڻ جهڙي ٻئي ڪنهن
هوشيار همراهه جي به ضرورت پوندي، ۽ اهو خيال ته
هن کي نقشن بڻائڻ لاءِ ڪنهن ٻئي ڪاريگر جي حاجت
درڪار ٿيندي،ان وقت هن کي محض هڪ چرچوئي نظر اچي
ها.
هن پنهنجي پهرينءَ تقرير ۾، جا تصور ۽ فصاحت سان پـُـر هوندي،
صرف ٿورڙي ڪم لاءِ ڳالهايو هوندو، جو هن ۽ سندس
ڍڳي لاءِ ڪافي ٿئي. هو پاڻ به چوي ٿو ته تقرير ڪا
ايڏي لنبي ڪانه هئي، ڇو جو ڪم ڪرڻ جو سڏ سندس اندر
۾ ويو ٿي روز بروز وڏو ٿيندو. آخر هن کي اهڙي سڏ
جو جواب ته ڏيڻو ئي هو. هن آواز ڏنو: ”ڍڳا--- او
ڍڳا!“ پوءِ ڍڳو ۽ پال بنيان بنڊن بڻائڻ جي صنعت
شروع ڪرڻ لاءِ اصلي آمريڪا جي جهنگلن ۾ هيٺ لهي
پيا. |