سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: آمريڪي لوڪ ڪهاڻيون

باب: --

صفحو :18

 

از: جيمس اسٽيونس

نيريءَ برف جو سيارو

 

 

 پال بنيان، قدرت جي حسين نظارن ۽ مشهور واقعن جو تاريخ نويس هو. ٻيا تاريخ نويس صرف خوفناڪ ۽ خطرناڪ واقعن جو ذڪر ڪندا آهن. پال بنيان نه صرف تاريخ نويس، پر هڪ بهادر سپاهي پڻ هو. عمارتي ڪاٺ جي صنعت به هن جي ايجاد ڪيل آهي. ملڪ جي خوفناڪ وحشين جو پڻ هو اڳواڻ هو، ۽ انهن ٻيلن ۽ جهنگلن ۾ اڄ تائين هن جهڙو فصيح مقرر پيدا ٿي نه سگهيو آهي. هن جي بيان ڪيل تاريخي واقعن ۾ پهريائين اسان کي نيريءَ برف جي سياري بابت ڪجهه خبر چار ملي ٿي.

پهريائين نيري برف اتر وارن ملڪن ۾ وسي هئي. موسم جي شروع ٿيڻ کان وٺي اها لڳاتار وسندي رهي هئي.  برف جا نيلم جهڙا ترورا، سياري جي نرم هوا مٿان ترڪندا، سونيءَ مٽيءَ جيان جرڪندا، ساري ملڪ مٿان ڇانئجي ويا هئا. ترورن جي ماٺيڻي ۽ پيلي ڳاڙهاڻ، سفيد ڪو هيري جي آرپار ڏسڻ ۾ اچي رهي هئي. اهڙي حسين وقت جي هر هڪ منٽ ۾ قدرت ڪيئي حسين گيت ڳائي رهي هئي. ڀوري رنگ جي سخت زمين، نيريءَ برف جي غلاف سان ڍڪيل هئي. ملڪ جي سڀني گمنام ڍنڍن ۽ دريائن، خاموش وادين ۽ هوادار ٽڪرين مٿان آسماني رنگ جي برف ڇانيل هئي. جڏهن ڏينهن جا آخرين ڪرڻا به موڪلائي ويا، تڏهن وڻن جون ٽاريون نيريءَ برف جي بوج کان، جا ڪپهه جي تهن جيان انهن مٿان چڙهيل هئي، لرزڻ ۽ ٽٽڻ لڳيون. جيئن ئي تيز هوا لڳڻ شروع ٿي، ته برف وسڻ جي رفتار به تيز ٿي ويئي. برف جا ڳوڙها ۽ ڳتيل ڪرڻا هوا جي ڪلهن تي چڙهي، هڪٻئي کي چنبڙندا، جدا جدا رنگن جا گلدستا ٺاهيندا ساريءَ واديءَ ۾ پکڙجي ويا. ڪرڻا به ڪڪرن جي تقليد ڪندي، ڪڏهن ڪٿ ٿي وسيا، ته ڪڏهن ڪٿ. هوا تنهان پوءِ تيز ٿيندي ويئي، ۽ ٽارين مٿان اهي برف جون ڄميل سرون پگهريل سون جيان هيٺ وهڻ لڳيون، وڻن جي چوڌاري اهڙي پگهريل سون جا ڍڳ ٿي ويا. ڪيتري برف جانورن جي مٿان اچي ڪري، ۽ ان هنن جي مصيبتن ۾ تنهان ئي اضافو ڪيو.

نيريءَ برف واري سياري کان اڳ هن ملڪ جا جهنگلي جانور آزاد ۽ بي فڪر زندگي بسر ڪندا هئا. آدم ذات تن ڏينهن اتي هئي ڪونه، جو هنن مٿان بي دخليءَ جو حڪم عائد ڪري، هنن جي بيگناهيءَ کي گناهه ٺهرائي، ۽ هنن جو قتل لازم ٺهرائي. هنن جو مشڪل مسئلو صرف پنهنجي برادريءَ جي روز بروز وڌندڙ آبادي هئي. اهي هرڻن جا وڏا وڏا ڌڻ، جن جهنگل مان هڪ ٻئي لاءِ سفر ئي اڻانگو ڪري وڌو هو، تن گوشت خور جانورن جي کاڌ خوراڪ جو مسئلو ڏاڍو سهنجو ڪري وڌو هو. هرڻ ايترا ته بيشمار هئا، جو ننڍڙن هرڻن جا والدين پنهنجي ڪنهن ٻچي جي نقصان تي هروڀرو ايترو دکي نه ٿيندا هئا. هرڻ پڻ انهن ميدانن واري رسيل گاهه تي، جيڪو برفاني سياري کان اڳ ميدانن مٿان ڇانئيل هوندو هو، سکيو گذران ڪندا هئا. گوشت خور جانورن جي زندگي ڏاڍي چست ۽ جوشيلي گذرندي هئي، ۽ جي هو پنهنجي بهتر زندگيءَ جي ساراهه ڪرڻ جي قابل هجن ها، ته هرڻن جو لذيذ گوشت، جو هنن کي سولو ۽ جهجي انداز ۾ حاصل ٿيندو هو، سو جيڪر هنن جي تعريفي بيان جو پهريون ۽ خاص موضوع هجي ها. اتر جا اهي ڪوئلن جهڙا ڪارا رڇ پڻ پنهنجي طرز زندگيءَ مان هر طرح مطمئن هئا. اونهاري ۾ هنن جي زندگيءَ ۾ آزادانه لاپرواهي اچي ويندي هئي. پاڻ جڏهن واديءَ ۾ ميڙ ڪيو نچندا ۽ ٽپندا هئا، ته سندن ٻچا وڏين وڏين قلابازين ڏيڻ جون شرطون پڄائيندا هئا. جڏهن سيارو ايندو هو، ته هو به هرڻن جي گوشت سان ڍؤ ڪري، مخمور ٿي، وڃي پنهنجن غارن ۾ سمهندا هئا، ۽ اهڙيءَ طرح ساروئي سيارو مٺڙن خوابن ۾ گذاري ڇڏيندا هئا.

هو سڀ هاڻ خوابن جي گود ۾ جهولي رهيا هئا، ۽ جيڪڏهن اهي هرڻن جا ڌڻ جهنگل جي وچ ۾ اچي گڏ نه ٿين ها، ته اها نيري برف، هنن جي ڄاڻ کان سواءِ، وسي ۽ وهي وڃي ها. انهن ڏينهن ۾ هرڻن کي ڪابه خبر ڪانه هوندي هئي ته ٽاهه ۽ ڇرڪ ڇا آهي ۽ ڇو ٿيندو آهي، يا ڊپ ڇا آهي ۽ ڪيئن پيدا ٿيندو آهي. نيريءَ برف جا ترورا هنن جي چوڌاري پکڙجي ويا، پر هنن پنهنجن چهرن تي، ڊپ جو ڪوبه نشان ظاهر ٿيڻ نه ڏنو، ۽ پنهنجو رس ڀريو گاهه مزي سان کائيندا رهيا هئا، گاهه کائيندي، جڏهن هو اهي نيرا ترورا به سونگهي ۽ چٽي رهيا هئا، تڏهن هنن جي اکين ۾ ڊپ جا نشان ضرور پيدا ٿي ٿيا، ۽ انهيءَ نيري برف جي ڏهڪاءُ هنن جي دلين جي ڌڙڪن ضرور تيز ڪري ڇڏي هئي، پر هنن به پڪو پرن ڪيو ته هڪجيڏن جي اڳيان هو ان ڊپ کي ڪڏهن به ظاهر ٿيڻ نه ڏيندا. خير، جڏهن ڏينهن جا آخري ڪرڻا به موڪلائڻ لڳا ۽ هوا تنهان ئي تيز ٿي ويئي، ۽ وڻن جي ٽارين تان ڄميل برف جا ڳنڍا ريڙهي هيٺ ڦٽي ڪندي رهي، تڏهن ڪيترن هرڻن جي بدن مان سيءَ جون سيسراٽيون اڀري ويون، ۽ سندن اکيون پڻ ڦري ويون، ۽ اها حالت هو هڪ ٻئي کان پوشيده رکي نه سگهيا هئا. اوچتوئي جيئن ڪو برف جو ڍڳ ڪنهن هرڻ مٿان اچي ٿي ڪريو، ته هو ان عجيب نيري رنگ ڏانهن ڏسندي، ٽپ ڏيندو ٿي رهيو، جيستائين برف جو ڍڳ سندس پٺيءَ تان ڪنهن اڻ گهرئي مهمان جيان هٽي نه ٿي ويو. جڏهن شام جا آخري ڪرڻا وڻن ۾ ڦهلجي ويا، تڏهن سڀني هرڻن جون دليون ڊپ ۾ ڏڪي رهيون هيون،- ۽ بس صرف ڪنهن ٿورڙي اشاري جي دير هئي ۽ هنن ۾ ٿر ٿلو مچي وڃي ها. اهو ٿلهو متارو هرڻ ئي هو، جنهن ڌڻ جي اڳواڻ هوندي به، ٻين ڪمزورن جي خبر گيريءَ جا فرض وساري، ڊپ ۾ وٺي وڏي دانهن ڪئي، ۽ بس هرڻن ۾ اچي ٽاٻڙڪو پيو. نيريءَ برف واري سياري جو اهو پهريون ڪارنامو هو! برف سان دٻيل هڪڙي ڏار اچي هن مٿان ٺڪاءُ ڪيو ۽ هو ڏڪندڙ ڪنن کان وٺي ٿڙڪندڙ ٽنگن تائين پٽ تي پٿارجي ويو، ۽ نيريءَ برف جي ڍڳ هيٺان پورجي ويو. هن رڙ ڪري پاڻ ڇنڊيو، ۽ هن جي ڌڻ پڻ هن جي رڙ جو جواب پڙاڏي ۾ ورايو، ۽ هرڻن جو طوفان ساري جهنگل ۾ اٿي اڳتي وڌڻ شروع ٿيو. رڙيون بند ٿي ويون هيون، پر هنن جي کرن جو آواز، گڏجي ڊڪڻ سبب اڃان به ڪنهن گجگوڙ جيان ٻڌڻ ۾ اچي رهيو هو.

رڇ پنهنجيءَ اگهور ننڊ مان سجاڳ ٿيا ۽ غارن کان ٻاهر نڪتا. ڊپ جي ماريل هرڻن کي اهڙيون ڊگهيون ڇلانگون ماريندي ڏسي، اکيون مهٽڻ لڳا. هرڻن جي ڀاڄ جي زمين شگاف آوازن گهڻو ڪري سڀني رڇن کي ننڊ مان سجاڳ ڪيو، ۽ هو به ان ٿڌيءَ هوا کي شڪ ۽ گمان جي نظرن سان ڏسڻ لڳا. هر هڪ غار جي منهن تي سوين رڇ اچي مڙيا هئا، پر هو اڃا به ننڊ جي نشي ۾ هيڏانهن هوڏانهن ٿاٻڙجي رهيا هئا. کاٻو پير کڻي ٿي ساڄي طرف ليٽيا، ۽ ساڄو پير کڻي ٿي کاٻي طرف ڪريا. هو تعجب خيز ۽ مشڪوڪ نظرن سان ان نيريءَ نيريءَ برف ڏانهن ڏسي رهيا هئا. جڏهن هنن جي دماغ تان ننڊ جو خمار لهي ويو، ۽ هو پوريءَ سامت ۾ آيا، ته هنن به وٺي هرڻن جي پويان ڊڪڻ شروع ڪيو. نيريءَ برف جا ترورا، گهاٽي ڪوهيري جيان، ويا ٿي گهاٽا ٿيندا. رات حو هر هڪ منٽ هوا گهلي رهي هئي. ان ملڪ جا ٻيا جانور ٿڪاوٽ کان بي نياز، نيريءَ برف ۾ اجهي جي تلاش ۾ سرگردان هئا.

”نائجرا“، شڪاري ڪتو، هرڻن جو هميشه شوقين، جيڪو تاريخ جي شاگرد پال بنيان، جي روزيءَ جو واحد وسيلو، ۽ اڪيلائيءَ جو ساٿي هوندو هو، سو پڻ نيريءَ برف جي ڊپ کان، هرڻن سان بي وفائي ڪري هنن جي پويان وٺي ڀڳو.

پال بنيان، ”ٽونيري“ اپسمنڊ ۾ رهندو هو. جنهن غار ۾ هو سڪون پذير هو سو ڏهن ديون جي غار کان به ڪشادو هو. غار جي ڇت ڪنهن مناري يا ٽڪريءَ کان به زياده لهواري هئي. پال بنيان لاءِ هيءُ غار ڪو ايڏو وڏو به ڪونه هو. هـُـو هو ته اڪيلو انسان پر سندس سامان ڪنهن ڀرئي ڀاڳئي گهر کان به زياده هو. غار جو چوٿون حصو ته غاليچن ۽ لوئين والاريو هو، ۽ غار جي ڳچ حـصي ۾ ڪوڙڪيون ۽ جانورن ڦاسائڻ ۽ مارڻ جا جدا جدا اوزار پيا هئا. غار جي باقي حـصي ۾ هن جي بيٺڪ هئي، جتي پنا ۽ ڪتاب، ۽ باهه جي بخاري ڀرسان بسترو رکيل هو.

هو هاڻ هڪ شاگرد هو. ڪو وقت هو، جڏهن هو شڪار ۽ مڇي مارڻ جي موسم ۾ وتندو هو هيڏانهن هوڏانهن گهمندو، ۽ جڏهن هن ڪافي ذخيرو معلومات جو گڏ ڪيو، تڏهن ٻاهر نڪرڻ بند ڪري، ڏينهن رات ڪتابن جي ورق گردانيءَ ۾ گذارڻ لڳو. پال بنيان جو پسنديده طعام هرڻ جو گوشت هو. پر جڏهن کان وٺي هن جي ’نائجرا‘ سان ڏيٺ ٿي هئي، تڏهن کان وٺي هو پاڻ شڪار ڪرڻ جي تڪليف کان ڇٽي پيو هو. هر رات ”نائجرا“ اوندهه ۾ ٻاهر نڪري،هڪڙو هرڻ ماري پنهنجي بک لاهيندو هو، ۽ پنهنجي اڪيلي ساٿيءَ، پال بنيان، لاءِ پڻ ٻه چار گرهه هرڻ جي گوشت جا غار جي منهن وٽ رکي ڇڏيندو هو. ”نائجرا“ اها خبرداري ضرور ڪندو هو ته جيئن هرڻ ٽهي نه وڃن. هو هميشه چپ چاپ ۽ چوريءَ شڪار ڪندو هو. هرڻ صرف هڪڙي ڪاري ڪاري شيءِ ڏسندا هئا، جيڪا رات جي اونداهيءَ ۾ هنن کي پيئي گهوريندي هئي، ۽ تنهن بعد منجهانئن هڪڙو نه ٻيو چپ چاپ غائب ٿي ويندو هو. جيڪڏهن واقعي هرڻن کي حقيقت جي سڌ پئجي وڃي ها، ته سندن وڌندڙ آدمشماريءَ کي ڪنهن قدر ”نائجرا“ ئي اعتدال ۾ رکيو ويٺو هو، ته هو سڀ جيڪر هن جا شڪرانا مڃين ها.

اهڙيءَ طرح پال بنيان پنهنجي زندگيءَ جا ڏينهن، ٽونيري اپسمنڊ جي ڪناري، ”نائجرا“ جي آندل هڪ اڌ هرڻ تي گذران ڪندي، ڏاڍي مزي ۾ ڪاٽي رهيو هو. ڏينهن ڪتابن جا ورق گرداني ڪندي گذاريندو هو، ۽ رات جو تارن جي مدد سان نقشا ويهي ڪڍندو هو. ديال جي ڪاٺيءَ مان ٺهيل ”پينسل“ دونهين ۾ ڪاري ڪري، غار جي فرش کي سليٽ بڻائي، ويٺو شڪليون ڪڍندو هو. ٿوري ئي عرصي ۾ هو هڪ قابل تاريخدان ۽ سٺو نقاش ٿي پيو.

جڏهن هن محسوس ڪيو ته هاڻ هو اهو سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو، جيڪي ڪجهه ڄاڻڻ جي لائق آهي، تڏهن هن جي دل ۾ ڪيئي وڏيون وڏيون خواهشون اڀريون، ۽ هو هاڻ ڪافي وقت تصور جي دنيا ۾ گذارڻ لڳو. اها ته هن کي خاطري هئي ته هو ساري عمر ان غار ۾ بسر ڪرڻ لاءِ پيدا نه ڪيو ويو هو. ڪٿي نه ڪٿي هن لاءِ ضرور ڪو نه ڪو اهڙو اهم فرض رٿيل هو، جو هن کي مستقبل قريب ۾ سرانجام ڪرڻو هو. جيتوڻيڪ ان وقت اها ڳالهه سوچڻ هڪ پريشان خواب جي برابر هئي، پر ڪڏهن نه ڪڏهن اهو پريشان خواب ضرور ڪنهن حقيقي تعبير جو جامو پهرڻ وارو هو. ڪتاب به هاڻ بعضي بعضي سو به تمام ٿوري وقفي لاءِ کلندا هئا، ۽ ديال جي ”پينسل“ پڻ تمام گهٽ ڪم اچڻ لڳي هئي، جيتوڻيڪ هن عرصي ۾ هن ديال جي وڻ جي هڪڙي نئين پينسل پڻ ٺاهي هئي، پر پينسل سان لکڻ بدران، پال بنيان هاڻ پنهنجي ڪاري گهنڊيدار ڏاڙهي ويهي سوئيندو هو. انهن خوابن هوندي به، هو ان نيريءَ برف واري سياري ۾ ڏاڍو راضي ۽ مطمئن هوندو هو، ڇو جو هن جي خوابن اڃا ڪا خاص شڪل اختيار ڪانه ڪئي هئي. برف جي وسڻ واري پهرئين ڏينهن ته پال بنيان ڏاڍو خوش هو، ۽ اهو سارو ڏينهن هو باهه مٿان پاڻ سيڪندو رهيو هو، ۽ خوابي دنيا جي اهڙين بلندين تي پرواز پئي ڪيائين، جو هن جي دل ۾ هڪ دفعو به ٻاهر نڪرڻ جو خيال نه آيو. هن جي رضائي اوڙهي سمهي رهڻ کان گهڻو وقت اڳ، اونده جو راڄ شروع ٿي چڪو هو. پرهه جو هن جي اک کلي، پر ڏٺائين ته ان وقت به اهڙي ئي اوندهه لڳي پيئي هئي، جهڙي رات جي وقت. هن ڏاڍي ٿڌ محسوس ڪئي، ۽ باهه ۾ ڪاٺين وجهڻ لاءِ اٿيو. جيئن ئي هو اٿيو، ته هن جي نظر نيريءَ برف جي ڍڳ تي وڃي پيئي، جو غار جي منهن وٽ ڪٺو ٿي ويو هو، ۽ برفاني ڪوهيرو پڻ پکڙيل ڏٺائين. هن هوا جون خوفناڪ رڙيون ٻڌيون، ۽ هن سمجهيو ته طوفان نه صرف خطرناڪ هو، پر عجيب پڻ. برف جو رنگ نيرو ڏسي، پال بنيان ڏاڍو خوش ٿيو، ڇو جو اهو هڪ عجيب واقعو هو، جنهن بابت هن جي خيال موجب، تاريخ نويس آئيندي ڪيئي عجيب ڪتاب لکندا.

غار جي منهن وٽ گڏ ٿيل برف کي هن لتن سان پري هٽايو، پر هميشه جيان اڄ هرڻ جو گوشت ان ڍڳ هيٺان ڪونه ڏٺائين. پال بنيان ڪجهه فڪرمند ٿيو، جڏهن هن سوچيو ته ”نائجرا“ ضرور طوفان ۾ رستو ڀلجي ويو آهي. پر اهو خيال ته طوفان ۽ برف جي عجيب رنگ ڍنگ ’نائجرا‘ ۽ جهنگلي جانورن کي ڊيڄاري ڀڄائي ڇڏيو هوندو، هن جي ذهن ۾ آيوئي ڪين. هن کي خاطري هئي ته طوفان گذرڻ بعد ’نائجرا‘ اڳ کان به زياده هرڻ جو گوشت کڻي واپس ورندو.

پر هرڻ، نيري برف جي ڊپ کان ڀڄي گهڻو پري اتر طرف وڃي پهتا هئا. رڇن به هنن جي  پٺيان ڀاڄ کاڌي هئي. اڃا ڪافي ڏينهن پيو هو، جو ”نائجرا“ رڇن کان اڳتي نڪري وڃي هرڻن کي سوڙهو پيو هو. رات جي شروع ٿيڻ سان هو جهنگ جي ٻين سڀني جانورن کان اڳ ڪڍي ويو هو. پر جيئن ئي آرڪٽڪ جي گهگهه اوندهه ۾ پهتو، ته سندس رفتار ۾ اڳ کان به زياده تيزي اچي ويئي. اوچتو اوندهه ايتري ته گهاٽي ٿي ويئي، جو هن جون تيز اکيون پڻ ڏسي نه ٿي سگهيون.

”نائجرا“ آخر اتر قطب ۾ گهڻو گهڻو پري هليو ويو. سندس بدن ۾ بک کان وٽ پئي پيا، ۽ هو اڃا به تکو تکو ڊوڙندو وڃي رهيو هو. هڪ هنڌ جڏهن اتفاق سان ’نائجرا‘ نوي فوٽن جي اوچائيءَ تان هيٺ ڪري پيو، تڏهن قطبي زمينون ڄڻ ته بارود لڳڻ سان ڦاٽي پيون، ۽ برف جي چڪين هيٺان جو پاڻي هو، اهو پڻ اٿلي پيو. بس هاڻ ان کي فقط هوا جو دکدائڪ آواز پري ئي پري اتر طرف ٻڌڻ ۾ پئي آيو.

سفيد آرڪٽڪ تي پهچڻ تائين هرڻ ويچارا سڀ ٿڪجي پيا هئا. ڌڻن جا ڌڻ برفاني طوفان ۾ دٻجي ويا هئا، ۽ ڪيترا ته ڊپ ۾ ئي مري ويا هئا، ۽ باقي ڪي ٿورا وڃي بچيا هئا. ڪجهه رڇ، جي قطبي خطي ۾ پهچي ويا هئا، سي ان ڏينهن کان وٺي اڄ تائين اتي رهندا ٿا اچن. ڊپ ۾ سندن سڀ وار سفيد ٿي ويا هئا، ۽ انهن جا پويان اڃا تائين پنهنجي وڏن جي ڊپ جي نشاني - اهي سفيد وار- پهريندا پيا اچن. ٻيا، جن کي ڊپ زياده مايوس ڪري نه سگهيو، تن جا وار صرف ڀورا ٿي ويا. اهي جهنگ کان ٻاهر نڪتا ئي ڪونه هئا، تنهنڪري سندن پويان اڄ ڏينهن سوڌو اتر وارن ٻيلن ۾ رهندا اچن. ننڍڙا رڇ وڌڻ کان بيهجي ويا، ۽ انهن جي ڪاري رنگ جو اولاد بگهڙ جي ٻچن جيترو قد مس ڪندو آهي.

ايڏيءَ ساريءَ ماجرا کان بيخبر هئڻ ڪري پال بنيان برفاني طوفان ۾ به خوش پئي رهيو. هن وٽ ڪافي سڪل وڻ پيا هئا، جنهنڪري ايڏيءَ ٿڌ هوندي به هن جو غار هميشه گرم رهندو پئي آيو. پوين ڏينهن ۾ هن کي بک مڙيوئي ستايو پئي، پر بک يا اهڙي قسم جي ٻي ڪا خواهش هرو ڀرو هن تي ڪو خاص اثر ڪونه ڪندي هئي، ڇاڪاڻ جو هو گهڻو وقت خوابي دنيا جي سير ۾ ئي مست رهندو هو. هو وڏن وڏن ڪارنامن بابت خواب لهي رهيو هو، جيتوڻيڪ انهن جي ڪا حقيقت ڪانه هئي، پر بهرحال انهن جي رنگيني هن جي دل ۾ اميد جو سلو سبز پئي رکندي آئي.

سج آخر نيري آسمان تي اڀريو، ۽ اها عجيب برف وري ڪڏهن نه وسي. ٿڌ ڪافي وڌي ويئي هئي. ۽ صنوبر جي وڻن جون ٽاريون، جي برف جي ڪرڻ سبب ڏنگيون ٿي ويون هيون، سي هاڻ نيري رنگ ۾ چمڪي رهيون هيون، ۽ وڻن جي پاڙن ۾ گڏ ٿيل نيري برف پڻ ٽڪر ٽڪر ٿي رهي هئي.

پال بنيان پنهنجو برف جو بوٽ پيرن ۾ پاتو، ۽ ”نائجرا“ کي ڳولڻ لاءِ جهنگل جي طرف روانو ٿيو. هن جو قد شاهاڻو هو، ۽ جيئن ئي هو جهنگ ۾ گهمي رهيو هو، ته سڀئي وڻ هن جي شاندار قد کي ڏسي شرمسار پئي ٿيا. هن جي ڏاڙهيءَ جا چمڪندڙ وار ٽوپيءَ هيٺان ڪجهه ڪارا ٿي نظر آيا، ۽ هن جي ٽوپيءَ جي رنگ سان ملي جلي ٿي ويا. هن جا ڀرون پڻ ڪارا هئا، ۽ هن جي نرڙ جو چوٿون حصو ڍڪي ٿي ڇڏيائون. لوندڙيءَ وٽ جتي هنن گولائي ٿي ڪئي، اتي ڪجهه سنها پئي نظر آيا ۽ اکين جي مٿان هو گهنڊي هڻي ڪنن جي پاڙن وٽ ختم پئي ٿي ويا. هن جي مڇن کي قدرتي وڪڙ هو،- ۽ هن پاڻ انهيءَ وڪڙ ۾ ڪوبه ڦيرو ڪونه آندو هو. اڄوڪي صبح جو هن پيلي رنگ جو مفلر ڏاڙهيءَ هيٺان ويڙهيو هو. هن جي ٻٽيءَ ڇاتيءَ وارو گرم ڪوٽ پيلي رنگ جو هو، ۽ ٻٽي گرم پتلون هلڪي خاڪي رنگ جي هئي. جورابن جو رنگ سائو هو، ۽ اهي بوٽ جي مٿان ڏيکارجي رهيا هئا. بوٽ ۾ ڪيترا ئي ويڪرا سوراخ هئا، جن ۾ هرڻ جي چمڙيءَ جا ڌاڳا پيل هئا. هن جي هٿن ۾ جي پٽاپٽي دستانا پيا هئا، تن جو رنگ سفيد ڊاک جهڙو هو. پال بنيان اڄوڪي صبح جو ڪنهن حسين ۽ دلڪش تصوير جيان نيريءَ برف سان ڇانيل زمين مٿان، جيڪا سج جي زرد سونهري روشنيءَ ۾ چمڪي رهي هئي، گهمي رهيو هو.

اهو ڏينهن ۽ ٻيو ڏينهن ۽ پنج ٻيا وڌيڪ ڏينهن هو ”نائجرا“ جي فضول تلاش ڪندو رهيو. ان ساري عرصي ۾ نه ته وري ڪو هرڻن جو ئي ڌڻ نظر آيس! ڪڏهن ڪڏهن صرف برف جي ٽٽڻ جي آواز جهنگل جي پر سڪون ماحول ۾ رخنو ٿي وڌو. آخر پال بنيان نا اميد ٿي پنهنجي غار ڏانهن واپس وريو. هو پاڻ کي اڪيلو ۽ غمگين محسوس ڪري رهيو هو.  هن اڳ ڪڏهن به محسوس نه ڪيو هو ته ڪو ”نائجرا“ جي رفاقت هن کي ايتري عزيز هوندي. ڏک جي ڪيفيت هن مٿان ايتري ته طاري ٿي ويئي، جو هن کان بک ئي وسري ويئي ۽ هن کاڌي حاصل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ڪابه ڪوشش ڪانه ڪئي.

اڪيلو پال بنيان اڄ رات پنهنجي رضائيءَ ۾ بي خواب پيو هو. هن جون اکيون ڇپرن ۾ اندر ٽمڪي رهيون هيون، ۽ باه جو لال عڪس انهن اکين ۾ تري رهيو هو. غار جون ڀتيون ۽ ڇت پڻ باهه جي شعاع ۾ سرخ ٿي ويون هيون. هن ڪڏهن به نه ٿي ڄاتو ته ڪو هن جا خواب هاڻ حقيقت جو روپ وٺڻ وارا آهن. هو صرف دل ۾ عجيب بي آرامي محسوس ڪري رهيو هو. فضول خيالن کان تنگ ٿي، هو ننڊ جي آغوش ۾ هليو ويو، پر اڄوڪي رات شايد هن جي نيڻن کي ننڊ نصيب نه هئي. هڪ جگر ڏاريندڙ رڙ ٿي..... ڄڻ ته ڪي لکين هزارين وڻ هڪ ئي وقت ٽٽي پيا هئا..... ۽ هو يڪدم سجاڳ ٿي اٿيو. ڪجهه سيڪنڊ خاموشي ٿي ويئي، ۽ وري ٽونيري اپسمنڊ کان هڪ خوفناڪ گجگوڙ ٻڌڻ ۾ آئي. پال بنيان يڪدم غار جي دروازي وٽ اچي بيٺو. پريان ڏٺائين ته چنڊ جي روشنائيءَ ۾ چمڪندي، پاڻيءَ جي هڪ سفيد شريان نيري زمين ٽپندي اچي رهي هئي. غار جي دروازي وٽ پهچندي، ان جو زور ٽٽي پيو، ۽ اتان ئي پاڻيءَ جي اها ڌار پوئتي واپس وري. ان بوٽ پاتو ۽ ٿورن قدمن کڻڻ سان هو اپسمنڊ تي اچي پهتو. سمنڊ ساروئي ستن فوٽن تائين ڄميل هو ۽ برف جون چڪيون سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ هيٺ مٿي ٿي رهيون هيون. اوچتوئي پال بنيان پريان پاڻيءَ ۾ هرڻ جي ڪنن جهڙا ٻه ڪن ڏٺا، جي ڪڏهن پاڻيءَ کان ٻاهر ٿي نڪتا، ته ڪڏهن اندر گم ٿـِـي ٿي ويا. پال بنيان ڇاٻڙ ڇاٻڙ ڪندو، ميل کن پاڻيءَ ۾ اندر هليو ويو، ۽ وڃي انهن ڪنن کي پهتو. هن مضبوطيءَ سان ڪنن کي جهلي مٿي ڇڪيو- ڳچي پاڻيءَ کان ٻاهر نڪتي ۽ اکيون صفا بند هيون- تنهن کان پوءِ ڪلها ۽ اڳيون ٽنگون ٻاهر نڪتيون- ۽ اهڙيءَ طرح وري بدن جو پويون حصو ٻاهر نڪتو. ان جون پويون ٽنگون پيٽ سان لڳيون پيون هيون، ۽ سندس پڇ وڪڙ وڪڙ هو. اهو هڪڙو گابڙو هو، جو ظاهر هو ته تازو ڄائو هو، پر هو ايترو ته وڏو هو، جو پال بنيان کي ٻئي ٻانهون ويڪريون ڪري هن کي کڻڻو پيو.

اهو ننڍڙو گابڙو، چمڪندڙ نيريءَ ماڪ جي رنگ جهڙو هو. اهو رنگ نه نيريءَ برف کان گهاٽو هو، نه وڌيڪ چلڪڻو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com