سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: آمريڪي لوڪ ڪهاڻيون

باب: --

صفحو :14

 

از: جئيل چئنڊلر هئرس

لاٽ ڪندڙ تارو

 

 

ٻيءَ ملاقات ۾ ننڍڙو ڇوڪرو، چاچي ريمس کان ڪجهه ڏانئڻن بابت ٻڌڻ لاءِ ڏاڍو آتو ٿي نظر آيو، پر ٻڍي ريمس عقل کان ڪم وٺندين، اها ڳالهه ئي بدلائي ڇڏي، ڇو جو هن ننڍڙي ٻالڪ جي ذهن ان طرف کان هٽائڻ ٿي چاهيو. چاچي ريمس جي هڪ هٿ ۾ مترڪو هو، ۽ ٻئي ۾ سـِـبڻ جي آر. سندس گود ۾ هڪ ڪاٺ جو تختو هو، جنهن مٿان هو بوٽ رکي، ان کي چتيون هڻي رهيو هو.

”جيئن رات آءٌ ڪسي پار ڪري رهيو هوس، ته هڪڙو لاٽ ڪندڙ تارو ڏٺم. مون ته ان مهل ئي سمجهيو ته ان تاري اها لاٽ صرف ان مقصد سان ڪئي هئي، ته جيئن مان ڀرسان واريءَ ڌٻڻ ۾ ڪرڻ کان بچي وڃان. تو ته ٻچا، اهڙو تارو ڪونه ڏٺو هوندو؟ ڪيئن!“

ننڍڙي ڇوڪري اهڙو تارو ڏٺو ته ڪونه هو، پر هن اهڙن تارن بابت ڪافي ٻڌو هو. آخر چاچي ريمس هن کي اها ساري آکاڻي ٻڌائڻ شروع ڪئي.

”هڪڙي دفعي،“ ٻڍي پنهنجي عينڪ نڪ تان سوري نرڙ تي رکي، ۽ پوءِ پنهنجون ٻانهون گود ۾ پيل تختي مٿان رکندي چيو، ”هڪڙو لوهار هو. اهو لوهار جيترا مترڪن جا ڌڪ هڻندو هو، تنهن کان گهڻا زياده خواب لهندو هو. سومر جي صبح جو هو آرام ڪرڻ شروع ڪندو هو، ۽ وري ورندي سومر تائين آرام ۾ هوندو هو، ۽ اڃا سومر شروع مس ٿيندو هو، ته هن جو آرام به شروع ٿيندو هو. هڪڙي ڏينهن جيئن هو آرام ڪري رهيو هو، ته اوچتو هن دروازي تي ڪجهه کڙڪو ٻڌو. هو ٻاهر نڪري ئي نڪري، ته ايتري ۾ موت جو فرشتو اندر لنگهي آيو.“

”ڪير، چاچا ريمس؟“ ڇوڪري پڇيو.

”موت جو فرشتو.  پٽ، تو ماءُ کان ضرور ان بابت ڪجهه ٻڌو هوندو ته هو ڏاڍو خراب ماڻهو آهي. سڀ ڪنهن کان هو زندگيءَ جهڙي پياري شيءِ ڦري وٺندو آهي. هو هر ڪنهن کان پنهنجو پڇ ۽ سـُـنب لڪائيندو آهي. هو هميشه يورپي لباس ۾ ظاهر ٿيندو آهي.“ فرشتي پنهنجو ٽوپلو لاهي لوهار کي سلام ڪيو. بس لوهار، جو هن کي ڏٺو، سو اچي روئڻ ۾ ڇٽڪيو. هو رڙيون ڪندو، هن جي پيرن تي ڪري پيو. هو ايترو ته روئي رهيو هو، جو موت جي فرشتي جـي سـخت دل پڻ ڀڄي پيئي. هن جي دل ۾ لوهار سان ڪجهه رعايت ڪرڻ جو

خيال پيدا ٿيو. فرشتي آخر هن کي هڪ سال جي مهلت ڏني، ته جيئن هو ايترو ڪجهه ڪمائي وٺي، جو هن جي ٻارن لاءِ ڪجهه وقت جو ثمر ٿئي. فرشتي هن کي ان ڪرسيءَ مٿان جادو ڪري ڏنو، ۽ هن کي سمجهايائين ته جيستائين تون ڪنهن کي پاڻ نه چوندين ته ”اٿي“ تيستائين ڪوبه، هڪ  دفعو ان ڪرسيءَ تي ويهڻ کان پوءِ پنهنجي مرضيءَ سان اٿي نه سگهندو. لوهار کان وڏاڻ وٺي، ان تي به فرشتي ڪي جادوءَ جا الفاظ پڙهيا، ۽ هن کي ٻڌايائين ته تنهنجي مرضيءَ کان سواءِ ڪوبه اهو وڏاڻ، هڪ دفعو هٿ ۾ کڻڻ کان پوءِ، هيٺ رکي نه سگهندو. اهو سڀ ڪجهه لوهار کي سمجهائي، فرشتو هليو ويو.

لوهار کي جو هڪ سال زندگي وڌيڪ ملي ويئي، تنهن وري موجون ڪرڻ شروع ڪيون، ۽ عيش عشرت ۾ هن کان اها هڪ سال واري ڳالهه ئي وسري ويئي. هڪڙي ڏينهن، هن ڏٺو ته سڙڪ تان فرشتو اچي رهيو هو، ۽ هن کي يادگيري پيئي ته مار! سارو سال گذري ويو! فرشتو اندر لنگهيو، ته هن ڏٺو ته لوهار گهوڙي جو نعل ٺاهي رهيو هو، ۽ هو ايترو ته ڪم ۾ مشغول هو، جو هن سان آجيان ڪرڻ جو خيال به هن کي نه رهيو. فرشتي لوهار کي چيو ته: ”جلدي تيار ٿي وٺ، مون کي وقت ڪونهي!“ فرشتي کي لوهار منٿ ڪندي چيو ته: ”ڏاڍي مهرباني ٿيندي، جيڪڏهن تون صرف ايترو وقت ترسين، جو آءٌ باقي رهيل ڪم پورو ڪري وٺان.“ لوهار هن کي اوترو وقت ڪرسيءَ تي ويهڻ لاءِ چيو، ۽ فرشتو ڪرسيءَ تي ٿي ويٺو، ۽ غلطيءَ ۾ ان ڪرسيءَ تي ويٺو، جنهن مٿان هن جو پنهنجو جادو ڪيل هو. لوهار کي ته کپندي ئي اها ڳالهه هئي، ۽ هن فرشتي سان شرارت ڪرڻ ٿي چاهي. فرشتو ويٺو رهيو ۽ هن هڪ ٻه دفعو اٿڻ جي ڪوشش به ڪئي پر هو اٿي نه سگهيو. هن لوهار کي منٿون ڪرڻ شروع ڪيون، پر هن ان شرط تي ساڻس ٺاهه ڪرڻ قبول ڪيو ته هن کي هڪ سال وڌيڪ مهلت ڏني وڃي. فرشتي لاچار قبول ڪيو ته جيڪڏهن لوهار هن کي اتان اٿڻ جي اجازت ڏني ته هو وري پوري سال گذرڻ کان پوءِ وٽس ايندو. لوهار هن کان قسم کڻايو، ۽ پڪ ڪري هن کي ان جادوءَ واريءَ ڪرسيءَ تان اٿڻ لاءِ چيائين. فرشتو رستو وٺي ويندو رهيو، ۽ واٽ تي سوچيندو به پئي ويو ته ڪهڙن ڪهڙن ٻين ماڻهن کي هن دفعي ڦاسائجي.

ٻيو سال به ائين ئي پهرئين سال جيان گذري ويو. سال گذرڻ کان پوءِ، فرشتو وري لوهار جو ساهه ڪڍڻ آيو. پر هن دفعي به لوهار کي ڪيترا اهڙا ڪم هئا، جي هن مرڻ کان اڳ پورا ڪرڻ ٿي چاهيا. لوهار، فرشتي کي عرض ڪيو ته هو ٻه چار ڌڪ وڏاڻ جا هڻي، هن کي ڪم پوري ڪرڻ ۾ مدد ڪري. فرشتي ان ايتري رواجيءَ ڳالهه لاءِ هن کي ناراض ڪرڻ نه ٿي چاهيو، ۽ هن اهو سوچي ته ٻن چئن ڌڪن هڻڻ ۾ ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي، وڏاڻ هٿ ۾ کنيو! اهو وڏاڻ جنهن تي هن جادو پڙهيو هو، ته جيڪو هڪ دفعو اهو هٿ ۾ کڻندو، سو وري ان کي هيٺ رکي نه سگهندو، جيستائين لوهار هن کي هيٺ رکڻ لاءِ نه چوي، فرشتو وڏاڻ هڻي هڻي پگهرجي ويو، پر لوهار هن کي وڏاڻ رکڻ لاءِ اصل نه چيو. آخر جڏهن فرشتي هن کي وڌيڪ هڪ سال زنده رهڻ جي اجازت ڏني، تڏهن هن اهو ”وڏاڻ رکڻ“ جو لفظ ڪم آندو ۽ فرشتي جي وڃي جان ڇٽي.

خير اهو سال به مهينو مهينو ٿي اڳئين سال جيان گذري ويو، ۽ سال جي ختم ٿيڻ تي فرشتو ساڳيوئي لوهار وٽ آيو. لوهار هن کي ڏسي گهڻيون ئي رڙيون ڪيون، پر فرشتي هن کي نه ڇڏيو. وارن کان وٺي هن کي اهڙو ته سوگهو جهليائين، جو هو ڦٿڪي ڦٿڪي ساڻو ٿي پيو. فرشتي هن کي ڳوٿريءَ ۾ وجهي بند ڪيو، ۽ ڳوٿري ڪلهي تي رکي اٿي  هليو. رستي تي هڪڙي هنڌ فرشتي ڏٺو ته سندس دوست ۽ برادريءَ وارا ساليانو جلسو ملهائي رهيا آهن. هن جي دل ۾ ڪجهه وقت راند ڪرڻ جو خيال آيو، ۽ هو هنن سان وڃي شامل ٿيو. راندين ڪرڻ کان پوءِ هو سياست بابت پاڻ ۾ گفتگو ڪندا رهيا. هن به انهيءَ بحث ۾ ڪافي بهرو ۽ دلچسپي ورتي. هو بحث ۾ اهڙو ته محو ٿي ويا، جو مٿان اچي مانيءَ جي مهل ٿي. فرشتي کي سندس دوستن ماني کائڻ لاءِ زور ڀريو. لاچار هو به هنن سان ماني کائڻ ۾ شريڪ ٿي ويو، ۽ پنهنجي ڳوٿري جنهن ۾ لوهار پيو هو، ٻين ڳوٿرين سان گڏ ٽيبل هيٺان رکي ڇڏيائين.

اڃا ڳوٿري زمين تي مس آئي، ته لوهار ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش شروع ڪري ڏني. آخر گهڻيءَ ڪوشش کان پوءِ، هو ڳوٿريءَ مان ٻاهر نڪتو. ڀرسان رکيل ڳوٿرين مان هڪڙي کڻي پاڻ واريءَ ڳوٿريءَ جي جاءِ تي رکيائين، ۽ اها خالي ڳوٿري اتي ئي لڪائي ڇڏيائين. هو ان گوڙ مان ٻاهر ٽرڪي ويو، ۽ سامهون وڻن جي جهڳٽن ۾ لڪندو لڪندو، ڀڄي ويو.

جڏهن فرشتي جي وڃڻ جو وقت ڀرجي آيو، تڏهن هو ڳوٿري ڪلهي تي رکي، گهر ڏانهن روانو ٿيو. گهر پهچي هن ڳوٿري لاهي هيٺ رکي، ۽ ٻارن کي سڏ ڪيائين. ٻارن، جو پيءُ جو آواز ٻڌو، سي سڀيئي وٺي ڊوڙيا. بک به هنن کي ورايو هو، سي سڀيئي اچي پيءُ جي چوڌاري مڙيا، ۽ رڙيون ڪري چيائون: ”بابا، اسان لاءِ ڇا آندو اٿيئي؟ اسان لاءِ ڇا آندو اٿيئي، بابا!“

ٻارن، جو پريان ڳوٿري ڏٺي، سو وٺي اوڏانهن ڀڳا. تڪڙ ۾ هنن ڳوٿريءَ کي کوليو، ۽- بس- ڳوٿريءَ جو کلڻ ۽ هڪ وڏو خوفناڪ ڪتو ٽپو ڏيئي ٻاهر نڪتو. ٻار ته هن جو خطرناڪ منهن ڏسي وٺي ڀڳا. ڪتي زور زور سان ڀؤنڪڻ شروع ڪيو. آخر تنگ ٿي، فرشتي ڪتي کي در کان ٻاهر هڪالي ڪڍيو.

”لوهار ڪاڏي ويو، چاچا؟“ ڇوڪري پڇيو.

ٻڍي ريمس، آڱر سان ڏئي جو ڦلو پري ڪندي، چيو: ”پٽ، تڪڙ ڇو ٿو ڪرين، مان پاڻيهي ان ڳالهه تي اچان ٿو. ڪجهه وقت گذرڻ کان پوءِ لوهار زندگيءَ مان ڏاڍو بيزار ٿيو، ۽ آخر هڪڙي ڏينهن پاڻيهي مري ويو. هو سڌو بهشت واري فرشتي ڏانهن ويو، پر هو ته لوهار کي سڃاڻندوئي ڪونه هو، تنهنڪري هو اتي وڃي نه سگهيو. لاچار هو موت واري فرشتي ڏانهن ويو، جو دوزخ ۾ رهندو هو. اتي پهچي، هن دروازو کڙڪايو. فرشتو ٻاهر نڪتو ۽ هن کي ڏسڻ سان سڃاڻي ويو ته هيءُ اهو ساڳيو لوهار آهي. هن ڪنڌ سان ناڪار ڪندي چيو: ’ادا لوهار، مهرباني ڪري مون کي معاف ڪر. هتي تو جهڙن جي ضرورت ڪانهي، منهنجي صلاح اٿيئي ته اوڏانهن هليو وڃ، جتي تنهنجون حرڪتون بازيون ڪو سهي سگهي.‘ ائين چئي موت جي فرشتي دروازو بند ڪري ڇڏيو.“

چون ٿا ته ان ڏينهن کان پوءِ، لوهار جو روح وتي ٿو ڌرتيءَ ۽ آسمان جي وچ ۾ ڀٽڪندو. ۽ اونداهين راتين جو هو چمڪندو آهي، تنهنڪري ماڻهو هن کي لاٽ ڪندڙ تارو ڪري چوندا آهن. اها ڳالهه سچي آهي يا ڪوڙي، تنهن لاءِ مان ته ساک ڪونه ڀريندس، پر اها ڳالهه ائين ئي مشهور آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com